سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :33

محمّد عالم ڪولاچي بلوچ

 

مولوي ماستر لطف علي ”مسڪين“

 

ماستر لطف علي ”مسڪين“ حاجي خان محمد ڪولاچيءَ جو وڏو پٽ هو. سندس جنم سومر جي رات، تاريخ 1 جولائي 1889ع“ مطابق سنه 1307هه، ڳوٺ ”بهشتي ڪامل“ تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو، مولوي بهاؤالدين ”بهائي“ سندس تولد ٿيڻ جو سال هيٺين قطعي ۾ منظوم ڪيو آهي.

سالِ توليد نيڪ لطف علي،

باتو گويدڪ هست نيڪ جلي:

يڪ هزار وسہ صد گذشت و هفت،

ڪ چون خور در جهان طلوع گرفت؛

اي ”بهائي“ چنانڪ مي داني،

بارخِ مثل مهر نوراني،

”مسڪين“ جو شجرهء نسب، هيٺينءَ طرح بلوچن جي خاندان سان ملي ٿو: ماستر لطف علي، بن حاجي خان محمد، بن لطف علي، بن غلام علي، بن سونهارو، بن بکر خان ڪولاچي، - جو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾، پنهنجي ڪٽنب ۽ ڀائرن سميت، سري کان لڏي، ميرپور ماٿيلي شهر جي اتر طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي کوهارن جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو هو. اهو بکر خان، دودائي بلوچن جي خاندان جو هڪ فرد هو، جي شهنشاهه اڪبر جي زماني ۾ بلوچستان کان لڏي سريءَ ۾ اچي ويٺا هئا، ۽ سلطان محمود بکريءَ جي زماني ۾ سنڌ ۾ ٻين بلوچن سان گڏ وارد ٿيا هئا.

ننڍڙو لطف علي اڃا ڇهن ورهين جو ئي مس ٿيو ته پڻس قرآن مجيد پڙهڻ ۽ پارسي سکڻ لاءِ کيس ’بهشتيءَ‘ ۾ مولوي سيد ڪرم الله شاهه وٽ وهاريو، جو هڪ وقت جو وڏو عالم ۽ اهل الله هو. ننڍڙي لطف عليءَ جي پڙهائي اتي گهڻو وقت ڪانه هلي، ڇاڪاڻ ته سندس والد بزرگوار زماني جي گردش سبب اهو ڳوٺ ڇڏي پنهنجي جَدي وطن، ڳوٺ ڪولاچن، ۾ لڏي اچي ويٺو. هن پنهنجي پٽ کي سال 1903ع ۾ وري ميرپور ماٿيلي جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، ۽ سندس رهڻ جو بندوبست مائي دادلي سميجاڻيءَ وٽ ڪري ڏنو. ڇوڪري کي علم پرائڻ جو ڏاڍو شوق هو، جنهن ٿوري ئي عرصي اندر سنڌيءَ ۾ چڱو اڀياس ڪري ورتو. سن 1907ع ۾ سنڌي فائينل امتحان پاس ڪري، ميرپور جي اسڪول ۾ نائب ماستريءَ جي عهدي تي مقرر ٿيو. انهيءَ کان پوءِ، يڪي بعد ديگري، جدا جدا اسڪولن ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو. اسلام لغاري ۽ پير بخش شجراهه جي اسڪولن ۾ گهڻو وقت گذاريائين. ننڍپڻ کان ئي کيس علم پڙهڻ ۽ ٻين کي پڙهائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. نوڪريءَ مان ڪنهن به وقت ڪا فرصت ملندي هيس، ته ڪتاب کولي ويهي پڙهندو هو. آچر جي ڏينهن ته خاص ڪري، ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري، استادن کان پارسي ۽ عربي ڪتابن جا سبق وٺي ايندو هو. انهيءَ دستور، سنڌي، اردو، پارسي ۽ عربي علمن ۾ چڱي حاصلات ڪيائين. ”شاهه جو رسالو“ گهڻي قدر ياد هوندو هوس. هڪڙي دفعي جو ذڪر آهي ته ٽانٽن صاحب، جو سکر ضلع جو ڪليڪٽر هو، تنهن کي سنڌي امتحان ڏيڻ لاءِ شاهه صاحب جي رسالي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو ضرور ٿيو؛ مگر هن کي رسالي ۾ گهڻيون ئي مشڪلاتون درپيش آيون، جن کي ڪو به عالم حل ڪري نٿي سگهيو؛ ماستر صاحب اهي سڀ دقيقا کيس هڪدم سمجهائي ۽ ذهن نشين ڪرائي ڇڏيا. انهيءَ کان پوءِ، ٽانٽن صاحب کي جڏهن به ڪا ضرورت پوندي هئي ته وٽس حاضر ٿي ضروري هدايتون وٺي ويندو هو. صاحب موصوف، ماستر صاحب جي وسيع علم ۽ ذهن جي هر هنڌ تعريف ڪندو هو. کيس زمين گرانٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترا دفعا آڇون ڪيائين، مگر هن مرد خدا کي زمين جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ پارسي ٻوليءَ ۾ ته وري اهڙو هوشيار هو جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي! علم عروض ۾ کيس استاد چئجي، ته به ٺهي. سندس استاد، مولوي بهاؤالدين ”بهائي“، انهن علمن ۾ کيس داد ڏيندو هو. حديث شريف ۽ قرآن ڪريم جي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو ڏاڍو شوق رکندو هو. نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ بعد به پنهنجي علمي شغل کي اهڙو زنده رکيائين، جو سال جو گهڻو حصو علم پڙهڻ خاطر مولوي محمد ابراهيم ڳڙهي ياسيني، مولوي قمرالدين شهدادڪوٽي ۽ مولوي عبدالقيوم حيدرآباديءَ وٽ وڃي رهندو ۽ سبق سکندو هو. علم جو شوق پنهنجي مرڻ گهڙيءَ تائين انهيءَ دستور قائم رکيائين. بيمار ٿيڻ واري ڏينهن به پڙهڻ لاءِ حيدرآباد وڃڻ لاءِ تيار هو، پر قدرت کيس روڪي وڌو.

زماني جي ڏيتي ليتيءَ ۾ صاف رهندو هو. هٿ جو ڇوٽ ۽ خيرات جو ڪوڏيو هوندو هو. سخاوت گويا هن جي سرشت ۾ پيل هئي: جيڪي به پنهنجي عمر ڀر ۾ ڪمايائين، سو سڀ پنهنجي محتاج مائٽن کي في سبيل الله کارائي ڇڏيائين.

ڪتابن جي گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هوس، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ شاندار ڪتبخانو ٺاهي وڌائين، جو اڄ به سندس پسماندن جو مايہء ناز خزانو آهي. نه فقط ڪتابن گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ جو شوق هوس، پر ان سان گڏ پاڻ به چڱو مصنف ۽ شاعر هو. شعر ۾ ”مسڪين“، سندس تخلص هو. سندس شعر گهڻو ڪري پارسيءَ ۾ آهي. نموني طور سندس هڪڙو غزل هن هيٺ ڏجي ٿو، جو تاريخ 6 نومبر 1938ع تي، شڪارپور شهر ۾، ڪنهن ماهرو ڪج – ابرو، جو ان وقت بيماريءَ جي بستري تي کانئس منهن لڪائي رهيوهو، تنهن جي بيرخيءَ کان بيزار ٿي لکيو هئائين:

هست محبوبيت، دلبر! چند روز،

روي رخشانت منور چند روز.

عاقبت خوبي پذيرد دان زوال،

رونقِ چشمانِ انور چند روز.

جملہ عالم فاني، الاَّ وجهہُ،

صبر ڪن ز افعالِ ابتر چند روز.

عشقِ معشوقانِ فاني را گذار،

ياد ڪن مولاي اڪبر چند روز.

عمرِ ”مسڪين“ رفت در عشقِ بتان،

ذڪرِ مولا هست بهتر چند روز.

”مسڪين“ جي پارسي تصنيف مان ”عروض گلستان“ هڪ قابل ديد ڪتاب آهي. سنڌيءَ جا به ٻه ٽي ڪتاب لکيا اٿس، جي اڃا تائين ڇاپي هيٺ نه اچي سگهيا آهن.

مذهبي لحاظ سان هو وڏو ديندار ۽ صاحب تقويَ هو. زماني جي ماڻهن کان دور رهڻ پسندو ڪندو هو. خدا واسطي دعوتون کائڻ به قبول نه ڪندو هو. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو نڪاح پڙهڻ يا ٻيءَ حالت ۾ خيرات ڏيندو هوس، ته اها به نه وٺندو هو، ۽ چوندو هو ته ’مستحق ماڻهن کي خيرات وڃي ڏيو، ڇاڪاڻ ته مان خيرات جو حقدار نه آهيان‘. راشي ڪامورن جي ماني ٽِڪي کائڻ ته ڇڏيو، پر انهن جي گهر جو پاڻي به نه پيئندو هو. اهڙيءَ طرح، پنهنجي سڳي سوٽ حاجي خير محمد جي گهر جو پاڻي پيڻ به ڇڏي ڏنائين. نماز جو ته پنهنجي والد بزرگوار وانگر ڏاڍو شوقين هو. هڪ نماز پڙهي پوري ڪندو هو، ته ٻيءَ لاءِ تياري ڪندو هو. اهڙيءَ طرح، پنهنجي سڄيءَ عمر ۾ نمازون قائم ڪندو رهيو، ۽ ڪا هڪ نماز به کانئس نه گُٿي. سندس خصلتن مان هيءَ ڳالهه قابل تعريف آهي ته هو پنهنجي سڄيءَ ڄمار ۾ بيت الله شريف کي پٺي ڏيئي نه ويٺو. خواجه حسن جان سرهنديءَ جو خاص مريد هو، ۽ هميشہ ان جي هدايتن موجب هلندو هو.

سندس هلڻي چلڻي، اٿڻي ويهڻي اهڙي سادي هئي، جو جو سرڪاري نوڪريءَ هوندي به کاڌيءَ جي ڪپڙن کان سواءِ ٻيو لٽو نه پائيندو هو. طبيعت ۾ حليم، ڏاڍو نهٺو، کل – مک رلڻو ملڻو ۽ نهايت خوشمزاج هوندو هو. سندس خوشطبعيءَ جو اندازو سندس هيٺئين ڏوهڙي مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو.

”خدو“ خر خواب ٿيو ڪمينو ڪيڏو،

ڏنگو ڏاڍو ڏيهه جو، حرڪتي هڪڙو،

وڏو ڪڃر ڪيچ جو، اڙٻنگ اڙانگو،

ڀاڙي ڀڙوو، بيحيا، کاهيءَ جو کدڙو،

مڙس قداور قد جو، مثل اڪ – مڪڙو.

’ڪلُّ قصيرُٗ فتنة‘ رسول رب جو چيو،

پر پڙهڻ ۾ تڪڙو، تيلان سونهين سڪول ۾!

ماستر صاحب پاڻ مرزا قليچ بيگ کي خط پٽ لکندو هو، ۽ کانئس هدايتون وغيره وٺندو هو. ملان ميهر ۽ حاجي محمد عظيم ميرپورين سان خاص رستو هوس. فقيرن، درويش، عالمن ۽ ٻين چڱن ماڻهن سان ملڻ ۽ انهن جي صحبت ۾ رهڻ پسند ڪندو هو. پاڻ به ڪامل هو، ۽ صاحب ڪرامت جو هو. سندس ڪرامتن مان هيٺ ذڪر ڪيل ڪرامت پوئين ۾ پوئين آهي. تاريخ 10 مارچ 1943ع جي، سندس ماروٽ مرحوم ملان جعفر جي قضيي ٿيڻ سبب، قبرستان وڃڻ ٿيس. سڀئي ماڻهو فوتيءَ جي دفن ڪرڻ جي خيال ۾ محو هئا، پر هن کي هڪ اونو ئي اورهو: سڄو قبرستان گهمي رهيو هو، ۽ آخر گهمندي گهمندي هڪڙي هنڌ اچي بيٺو ۽ ڪاٺي کڻي، ڌرتيءَ تي انهيءَ هنڌ ليڪو ڪڍي، پنهنجي عزيزن کي سڏي چوڻ لڳو ته ’اڄ کان وڍي پنجين ڏينهن اسان جي منزل هت ٿيندي، انهيءَ ڪري اوهان کي استدعا آهي ته مون کي هيءَ جاءِ ڏجو.‘ سندس عزيزن کي اها ڳالهه ذرا ناخوشگوار گذري، ۽ چوڻ لڳا ”ته شل الله تعاليٰ اوهان کي وڏي حياتي بخشيندو. اوهين ائين ڇو ٿا چئو!“ جواب ڏنائين ته ”مرڻ کان ميهڻو نه آهي‘“۾ انهيءَ ڏينهن شام جو ئي مرحوم ماستر صاحب بيمار ٿي پيو، ۽ سومر رات، اڌ رات کان پوءِ، تاريخ 15 مارچ 1943ع جي، 54 ورهين جي عمر ۾، جان بحق تسليم ڪيائين. سندس انتقال پرملال تي مون هيٺيون مرثيو لکيو:

’لطف علي‘ صاحبِ علم و ڪمال،

دور دنيا مان ڪيو جنهن دم وصال،

خلق جي هئي وات ۾ وائي اها،

’شهر-آرا جو ٿيو آ انتقال‘؛

غم جو بادل جابجا ويو ڇانئجي،

سڀ جي دل تي ٿي وٺو ابر ملال؛

سال تيرهن سو ۽ ٽيهٺ ۾ اهو،

قضيو ٿيو آهي، برابر پُرملال؛

آب اکڙين مان وهائن ٿا سڀي

ٿي رواري سڀ کي ان جي نيڪ چال؛

خلق خالق جي اها حالت ڏسي،

نام زد ”عالم“ ڀي روئي ٿو زلال.

 

اسدالله شاهه ”اسد“ ٽکڙائي

حافظ محمد عبدالله ”بسمل“

علامه حافظ محمد يوسف جو ٽيون نمبر فرزند، حافظ محمد عبدالله ”بسمل“، 1306هه ۾ موجود ٽکڙ ۾ تولد ٿيو. تعليم ۽ تربيت وٺڻ لاءِ پنهنجي والد جو مڪتب ڪافي هوس. سنڌي، پارسي ۽ فقهه سان گڏ قرآن ڪريم به ياد ڪيائين. اتان فارغ ٿيڻ بعد، علامه اسدالله شاهه وٽ عربي پڙهڻ لاءِ ويٺو، مگر جلد ئي پنهنجي والد جي وفات ڪري، تعليم ڇڏي، گهر جي ڪم ڪار ۾ ڀاءُ سان ٻانهن – ٻيلي ٿيڻو پيس.

حافظ محمد هارون کان پوءِ، پارسيءَ ۾ ماهر حافظ عبدالله ئي هو. ٽکڙ جي عالمن جي آخري نشاني به حافظ صاحب ئي هو. سندس زندگي جو وڏو عرصو درس ۽ تدريس ۾ گذريو، پر جيئن ته ٽکڙ ۾ ڪا ايڏي آمدني نه هيس، انهيءَ ڪري 1935ع ڌاري حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، ۽ ذريعه معاش لاءِ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن خاندان جي افراد کي خدا تعاليَ علم جي دولت سان ته سرفراز ڪيو، باقي مال ۽ زر کان بلڪل محروم رهيا. سندن ذريعه آمدني فقط ’علم‘ هو، جنهن مان کين ايڏو اپراسو نه ٿيندو هو، جو اگوندري زندگي گذاري سگهن.

ڪجهه عرصو، حيدرآباد ڇڏي، وري ٽکڙ ۾ آيو، جتي آغا حسن جان، حضرت صاحب جي درگاهه (مقبره شريف) واري مڪتب ۾ کيس معلم ڪري رکيو، جتي آءٌ به ساڻس گڏ روزانو پنڌ ڪري درگاهه تي ويندو هوس؛ وري شام جو موٽي ڳوٺ ايندا هئاسون. مگر، اتي به حافظ صاحب جي آزاد طبيعت کي چين نه آيو؛ انهيءَ ملازمت کي ڇڏي ڏنائين.

پاڪستان کان ڪجهه عرصو اڳ، منشي عبدالشڪور جي زير نگراني، حيدرآباد مان روزانه ”هلال پاڪستان“ شايع ٿيڻ لڳي، ته انهيءَ اخبار ۾ حافظ صاحب کي ’شاعر خاص‘ ڪري رکيو ويو. ”هلال پاڪستان“ ۾ روزانو حافظ صاحب جو بي بها ڪلام شايع ٿيندو هو. انهن شعرن ۾، حافظ صاحب فرزندانِ توحيد جي منتشر شيرازي کي يڪجا ڪرڻ جي بي انتها ڪوشش ڪئي آهي. گهڻن محوِ خواب سنڌين ۾، حافظ صاحب جي پُراثر شعرن جي ڪري، آزادي ۽ يڪجهتيءَ جا جذبا بيدار ٿيا.

حافظ صاحب پڇاڙيءَ جا ڏينهن ڪنجِ غم ۾ گذاريا. بيمارين جي هڪٻئي پويان حملن کيس نحيف ۽ لاغر بنائي ڇڏيو. ايڏي رقم ته هيس ڪانه جو ترت علاج ڪرائي سگهي، نه ئي اسان جي سڳوري گورنمينٽ سندس علاج معالجي ڏانهن ڪو توجهه ڏنو. کيس خود به پنهنجي بچڻ جو آسرو گهٽ هو. هڪڙي غزل ۾ انهيءَ حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو اٿس، جنهن ۾ پنهنجي بيماري، مفلسي ۽ سنڌين جي بيقدريءَ جو نقشو نمايان نظر اچي ٿو-

هڪ ته پيري، ٻيو وري مرضن ڪيو آهي هجوم،

هاڻي ڏسجي ڪيئن ٿو .بسمل“ ناتوان زنده رهي!

افسوس، صد افسوس، حافظ صاحب، 20 آڪٽوبر 1950ع تي پنهنجي عمر جون اٽڪل 64 خزان – آميز بهارون ڪاٽي، هن جهان فانيءَ مان هميشه لاءِ منهن موڙي ويو! کيس ڪو نرينو اولاد ڪونهي. هن خاندان جو حافظ صاحب آخري شاعر هو. سندس ڀائيٽيو حافظ الهڏنو، زماني جي مجبورين ڪري، شاعريءَ کان بلڪل ناآشنا آهي. هاڻ ائين کڻي چئجي ته هن قديمي خاندان جي شاعريءَ جو سلسلو حال في الحال ته منقطع ٿي ويو.

حافظ صاحب جي شاعريءَ جي ابتدا اٽڪل يارهن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ ٿي. سندس استاد پهرين سندس والد حافظ يوسف هو. هي اهو زمانو هو، جڏهين ٽکڙ جي شاعريءَ جو ستارو بام عروج تي پهتل هو. ٽکڙ جي هر ذي فهم عقلمند انسان کي شعر چوڻ بلڪل سڻائو ٿي لڳو. شاعرن جي صحبت مان حافظ صاحب چڱو فيض پرايو، ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ اسپِ خيال کي خوب ڪڏايائين. ان وقت ٽکڙ مان نڪرندڙ رسالن ”بهار اخلاق“ ۽ ”الاصلاح“، ۾ سندس ڪلام شايع ٿيندو هو. انهيءَ دور جي ختم ٿيڻ کان پوءِ، حافظ صاحب جي ڪلام کي اڃا به وڌيڪ وسعت ملي. سنڌ جي عموماً هر اخبار ۾ سندس ڪلام شايع ٿيندو هو. ڪيتريون اخبارون سندس نالي جي اڳيان ”استاد الشعراء“ لکنديون هيون.

حافظ صحب جو ڪلام نهايت پختو، سهڻن لفظن، بلند خيالن، چست بندشن ۽ محاورن وغيره سان سينگاريل آهي. پنهنجي اوائلي ڪلام کان وٺي وچئين دور تائين، صاف سنڌي تجنيس حرفي وغيره چڱي ڪم آندي اٿس؛ غزل به انهيءَ دور ۾ چيو اٿس؛ پوءِ خال خط جي خرخسي کي ڇڏي، پنهنجي قوم کي بيدار ڪرڻ خاطر نظم لکيا اٿس:

خال خط جو مشغلو .بسمل“ جوانيءَ ساڻ هو،

بند پيريءَ ۾ اها پنهنجي سخنداني ڪيمَ

حافظ صاحب جو اوائلي ڪلام، اڪثر صاف سنڌي ۽ تجنيس حرفيءَ سان سنگاريل آهي- جيئن هڪڙي غزل ۾ چوي ٿو:

اکين کي اوهان جي اپر ٿي اداس،

پرين، پرت وارن جي لاهيو پياس.

محبت ۾ ماتام من تي متو،

اٿم عشق ۾ ائين، وجهل ۽ وماس.

نه هڻ تيغ ابروءَ جي بهرِ خدا،

ڪٺن تي ڪريو نيٺ ڪامل قياس!

باڪمال  شاعر، هميشه پنهنجي ٻوليءَ جي روز مرهه استعمال ٿيندڙ محاون سان پنهنجو ڪلام پُر ڪندو آهي:

ورڻ جي ڪا وائي وري وار تون،

نه ڪر مون کي نرمل تون هنپر نراس.

(هتي حافظ صاحب ”وائي وارڻ“ جو مشهور محاورو ڪم آندو آهي.)

حافظ صاحب پنهنجي ڪلام ۾ هروڀرو دقيق ۽ ثقيل لفظ نٿو ٽنبي، جيئن پڙهندڙ جي دماغ تي بار ٿي پوي مگر ڪوشش ڪري سليس لفظ استعمال ڪري ٿو، جن جي ڪري ڪلام ۾ چڱي قدر رواني پيدا ٿئي ٿي:

ناهه باغ و بهار جي خواهش،

صرف هڪ گلعذار جي خواهش.

تيغِ ابرو کڻي ٿي يار چيو،

عاشقِ جان نثار جي خواهش.

راهِ دلبر ۾ مثل خاڪ آهيان،

ٿي وري من – قرار جي خواهش.

حافظ صاحب جي ڪلام ۾ تشبيهات ۽ تلميحات به گهڻيون ملن ٿيون:

حوصلو تنهنجو ته اي ديدهء گريان نڪتو،

آب اکين مان ٿي هڪ نوح جو طوفان نڪتو.

(هتي طوفان نوح کي تلميحاً ڪم آندو ويو آهي، ۽ پنهنجي اکين جي لڙڪن کي نوح جي طوفان سان ڀيٽيو ويو آهي.)

شاعر ڪنهن معمولي ڳالهه کي اهڙي طريقي سان ادا ڪندو آهي، جو عام ماڻهو نه ڪري سگهي؛ ۽ پوءِ انهيءَ جي ادائگيءَ ۾ هن خيال جو گهوڙو زمين ۽ آسمان جو اک – ڇنڀ ۾ سير ڪريو اچي. حافظ صاحب جي تخيل جي بلند پروازي ملاحظه ڪريو:

هاڻي ڏسنداسون وري ذوق جگر سوزيءَ جو،

زخم جي واسطي اڄ شورِ نمڪدان نڪتو.

آخرين دم ۾ ڪيم عشق جي حالت معلوم،

جان ويئي، دم ويو، پر دل جو نه ارمان نڪتو.

ابرويء يار تي ڪيم حيف گمانِ قبله،

طاق محراب جو هو دشمنِ ايمان نڪتو!

معامله بندي هر عاليمقام شاعر جو پهريون فرض آهي. هو جنهن ڳالهه کي چوي ٿو، انهيءَ جي تلازمي لاءِ هن کي ٻي به اهڙي شي آڻڻي آهي. ”بسمل“ جو هيٺيون غزل ملاحظه ڪريو: تلوار جو مضمون آندو اٿس، ته انهيءَ لاءِ عاشق جو ڦٽجڻ، يا جنگ و جدل جو آڻڻ، يا يار جي نازڪ هٿ جو ذڪر ڪرڻ وغيره سان تلوار جو مضمون نڀائجي سگهندو.

يار ڪئي زيب ڪمر اڄ وري تلوار نئين،

حسن ۽ عشق ڪندا پاڻ ۾ پيڪار نئين.

حسن پنهنجي ته وري آهه ڪئي بازار نئين،

شوخ شاهد ٿو هلي ناز سان رفتار نئين.

شورش عشق ترقي ڪي دگربار نئين،

حسن نئون، ناز نئون، شوخي گفتار نئين!

 

يار آغوش ۾، اڄ بخت ٿيو بالا منهنجو،

مرحبا هٿ ۾ رهي دولت بيدار نئين!

باده نوشيءَ جي ئي آ منع ۾ جاري فتوا،

شيخ جي آهه ڪئي ڳالهه ڪا اظهار نئين.

حافظ صاحب پنهنجي ڪلام ۾ منظر چڱو پيش ٿو ڪري-

آئي نسيم رحمتِ فضلِ خدا سندي،

سرسبز لطف سان ته وري لاله زار ٿيو؛

مکڙين جي منهن جو بادِ صبا بند کوليو،

باغِ جهان جو صحن ڦري مشڪبار ٿيو؛

ڪيڏا ڪرم ڪريم ڪيا ڀال بيشمار،

بارش ۾ ابرِ رحمتِ پروردگار ٿيو!

نرگس جي ناز مان نه کڄي ڪنهن ڏي چشم ٿي،

هي ڪيف حسن جي کان گهڻو پرخمار ٿيو؛

سنبل سنواري سينڌ لطافت سان ٿو لُڏي،

ڇا شان دلبريءَ سان ٽڙي آشڪار ٿيو!

حافظ صاحب نظمن ۽ غزلن کان سواءِ ٽي مثنويون – ”مثنوي محمّدي“ جنهن ۾ رسولصه ڪريم جي اسوه حسنه آهي، ٻي ”مثنوي سسئي پنهون“، ۽ ٽي ”مثنوي دودو چنيسر“- لکيون. ”مثنوي محمدي“ سندس وفات کان پوءِ محترم ڏيپلائي صاحب جي ڪوشش سان شايع ٿي چڪي آهي، ۽ گورنمينٽ جي ادبي بورڊ ڪرمفرمائي ڪري حافظ صاحب جي يتيم نياڻين کي ٻه سو رپيا انعام ڏنو؛ ٻي مثنوي ’سسئي پنهون‘ قلمي حالت ۾ موجود آهي؛ ٽين ’دود چنيسر‘ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته ڪو حريف وٽانئس ڪنهن رمز سان تڳائي ويو.

افسوس آهي ته اهڙي اعليٰ شاعر جي حيثيت مطابق سندس شعر جا ڪيترائي مجموعا ملڻ گهربا هئا، سي سڀ حوادثِ زمانه جي مجبورين ڪري اڄ ڪن ٻين بوالهوس شاعرن جي نالن سان دنيا جي سامهون اچي رهيا آهن! جستجو بعد جو ڪجهه هٿ آيو آهي، سو به ڪافي آهي. سندس هڪ غزلن جو ديوان محمد خان ”غني“ صاحب کي هٿ چڙهيو آهي، جو اميد آهي ته جلد شايع ٿي پوندو.

انتخاب

آيو نه ڪڏهن حرف شڪايت جو دهن ۾،

نڪتو جي اندر مان، ته ويو گهٽجي گهٽن ۾.

ڪير آهي ڇڏي پنهنجو ويو عڪس گلن ۾،

هنگامو متو شوق جو مرغانِ چمن ۾.

رک پنهنجي شهيدن تي قدم، تيغ سنڀالي،

ڏسجان، نه متان جان اچي موٽي مئن ۾!

صياد منڊيو دام ته گلچين ٿو چئي گل،

بلبل لئه بهار آئِي، ٿي افتاد چمن ۾.

اي دشت عدم، ڏسج اُڏائي نه سندءِ خاڪ،

وحشي ڪو اچي اڄ ٿو وجهو چاڪ ڪفن ۾.

موٽي ٿو وڃي موت، رسي گر ٿو ستمگر،

تقدير به ڇا آهه ٿي قاتل جي هٿن ۾!

پهلو ۾ جي ويٺو ته ٺهي درد ٿي ويٺو،

اُٿيو ته اُٿيا سور نوان جان ۽ تن ۾!

غم مون کي ته ڪجهه ناه، مگر گهر ٿو ڦٽائين،

دل منهنجي ڀڳِئي، ڏس ته پوين يار ڏکن ۾!

مقتل ۾ بهار آهه، زارا هل ته ٿئي سير،

گل تنهنجي شهيدن جي ڪڍيا خون پَٽن ۾!

اڻڄاڻ ٿي لاشي تي وٺي غير کي آيو،

بيرحم ستا سور ٿو جاڳائي سُتن ۾!

ڇو دستِ حنائي کي ڊڄين يار ٿو رکندي،

تنهنجا ئي آهن تير انهن دل جي ڦٽن ۾.

هن اهڙيءَ ادا ساڻ ڇڪيو پاڻ تي مون کي،

دل وس مان وئي، تاب رهيو ڪجهه نه بدن ۾.

معلوم نه ٿيو عرضِ تمنا تي چيئين ڇا،

هان، هوس اثر نيم – تبسم جو چپن ۾.

ڪنهن شوخ جي اکين کان هي ماتام متو آهه،

ساغر پيو ڦري خون جو اڄ بزمِ چمن ۾!

نادر جي سندس نظم، ته هر شعر ٿيو شيرين،

وه طبع ’عزيز‘ آيو وٺي شعر جي فن ۾!

ديوانو ڪٿان آيو ڪرڻ سمع خراشي؟

.بسمل“ کي ڏجو داد نه هن طرزِ سخن ۾!

عالم به ٿي، امام ٿي، آفاق گير ٿي

عنقا جي طرح ويهه نه لڪي گوشه گير ٿي،

نڪري اڏام صورتِ شاهين مسير ٿي.

يا سر وڍائي لائقِ تاج و سرير ٿي،

يا ڏيئي تخت و تاج کي، آرام گير ٿي.

ماضي جي آهه شان تي گر توکي افتخار،

غافل! سنواري حال کي تون بينظير ٿي.

هو پرتوو جو واديء يثرب مان چمڪيو،

ڪر تنهن مان اقتباس ۽ روشن – ضمير ٿي.

بطحا جي پيشوا جو مليو آهه ڪاروان،

وٺ نقشِ پا انهيءَ جو اٿي راهگير ٿي.

سمجهيم ته آهين مسلم، پر تنهنجو ڪٿ ڪمال،

نادان پنهنجي حال تي حسرت پذير ٿي.

اسلاف جي اچي ٿي اها قبر مان صدا:

اي ناخلف! نه ڪاهل، عاجز اسير ٿي.

جوجهر قلم جو، تيغ جو ڏيکار آب تاب،

”عالم به ٿي، امام ٿي، آفاق گير ٿي“.

مسند سنوار پنهنجي علومِ قديم جي،

’رازي‘ به ٿي، ’ڪمال‘ ٿي، ’ابنِ جرير‘ ٿي.

چمڙو جهليندو تاب نه هن پرتوي سندو،

اسلام جي تون نور جو مهرِ منير ٿي.

سمجهي اڃا نه قوتِ ايمان جي تو آهه،

مخدومِ روزگار ۽ پيرن جو پير ٿي.

تقدير کي وسار، قلم تون به ٿو رکين،

قسمت جي سرنوشت جو خود ئي دبير ٿي.

اڳيون نه جوش ”بسمل“ تنهنجي سخن ۾ آهه،

خاموش هن چوڻ کان اي شاعر شهمير ٿي.

سنڌ جي آزاديءَ تي

شرابِ ارغوانيءَ جو ڀري ڏي جام، اي ساقي،

خدارا ميڪشن تي ڪر ڪو اڄ انعام، اي ساقي!

پيارج پرت مان اهڙو ميء گلفام، اي ساقي،

رهي باقي نه مون ۾ هوش جو ڪو نام، اي ساقي!

مدامي شل رهي آباد ساقي تنهنجو ميخانو،

اچي معمور ڪر هڪ جامِ مي سان دل جو ويرانو!

خزان ويئي، بهار آئي، چمن ٿيو گلفشان آهي،

قباي نو بغل ۾ ڪئي سمن ۽ ارغوان آهي،

خوشيءَ کان دهنِ غنچه اڄ ٿيو خنده زنان آهي،

ترنم تهنيت جو بلبلن ڪيو برزبان آهي:

بنائيون قابلِ نظّاره اڄ اجلال گلشن جو،

نه اهڙو ڪنهن ڏٺو هرگز ڪڏهين اقبال گلشن جو.

شبِ غم وئي وهامي، نيٺ ٿيو رنگِ سحر پيدا،

نمودِ صبحِ صادق ۾ ٿيو خورشيدِ ظفر پيدا،

ڏسو باغِ وطن ۾ ٿيو صداقت جو ثمر پيدا،

نهالِ آرزوي قوم ۾ ٿيو باربر پيدا:

عملدارانِ آزادي کي نصرت جي ندا آئي،

”جدا ڪيؤن سنڌ بمبئي کان“ اها دلڪش صدا آئي!

جدا ڪيؤن سنڌ کي صوبو ڪري اڄ ڌار بمبئي کان،

وٺي هٿ ۾ حڪومت کي، ٿي خود مختيار بمبئي کان.

عزيزانِ وطن آباد ٿيا سرڪار بمبئي کان،

نه رهندو ملڪ کي خطرو، لٿو آزار بمبئي کان:

ٻڌايو تار- برقيءَ ملڪ کي فرمانِ آزادي،

مسرت سان پڙهيو هر ڪنهن اهو عنوانِ آزادي.

درِ آزادگي کولي ڏنائون سنڌ وارن کي،

ڪيائون دلدهيءَ سان شاد سڀني بيقرارن کي،

مسرت جو مليو پيغام اڄ اميدوارن کي،

ڏنائون مرهمِ جان بخش قومي دلفگارن کي،

زمانو نڪبت و ادبار جو انجام تي آيو،

مہِ اقبال چمڪي اڄ وطن جي بام تي آيو!

نويدِ زندگي مضمر هو ان پيغامِ شاهي ۾،

دم عيسيٰ ڏٺو هر ڪنهن انهيءَ اڪرام شاهي ۾،

رهياسون منتظر مدت کان جنهن انعام شاهي ۾،

مليو آخر اهو اڄ آهه هن اعلامِ شاهي ۾:

ورق گردان وري تاريخ ٿي سنڌي تمدن جي،

بهار افزاي دليا، هيِر ٿي پنهنجي ئي گلشن جي!

نظر ۾ پيو اچي ساڳيو اڳيون اقبال سنڌين جو،

خدا گهريو ته ٿيندو جلد بهتر حال سنڌين جو،

فلڪ تي بدڪ ٿيندو ڪوڪبِ اجلال سنڌين جو،

قرينِ ڪامراني ٿيندو ماه و سال سنڌين جو:

زمانو ٿيندو حيرت ۾ ڏسي سنڌي جلالت کي،

سِگهو ڳائيندي دنيا هن اسان جي عز و عظمت کي!

نظر اڳيان اسان جي منظرِ علم و فضيلت آهه،

اها ارزانيء دولت، اها صنعت ۽ حرفت آهه،

ڪشايش جو وسيلو هٿ ۾ دنيا جي تجارت آهه،

ڏسون ٿا هاڻ قبضي ۾ سڄو سامان راحت آهه:

نه بيڪاريءَ کان نالان ٿين افرادِ وطن هرگز،

نڪو افلاس کان ڏسجي ڪٿي رنج و محن هرگز!

نشانِ عظمت قومي ڏسون پيا پنهنجي صحرا ۾،

ترقيءَ جو نظارو ٿو ڦري هن چشم بينا ۾،

ڏسون پيا موجِ گوهر ريز پيدا آهه دريا ۾،

عجائب دلفريب آهه هن جي روي زيبا ۾:

صلايءِ عام، يارو، آهه ٿيو آباد ميخانو،

ڀري بيٺو هٿن ۾ آهه ساقي صاف پيمانو!

اٿو، هل وطن! ٿي هاڻ يڪدل يڪزبان بنجي،

وڌو اڳتي زماني ۾ دليلِ ڪاروان بنجي،

ڪريو ميدان کي سر فاتحِ همت- نشان بنجي،

رسو هڪدم بلنديءَ تي مثالِ آسمان بنجي!

اڃا اهنجي اڳيان هڪ ڪشمڪش جو امتحان آهي،

اوهان جي تاڪ ۾ دشمن اڃا تائين نهان آهي!

ڇڏيو، اهلِ وطن سڀ باهمي بغض وعداوت کي،

ملي تازو ڪريو هڪوار پيمانِ محبت کي،

ڏسو ٿا خانه جنگيءَ مان وڃي پهتا مذلت کي،

کڻي ويٺا مٿي تي دائمي بارِ مصيبت کي:

نه ايندو ڪم اوهان کي ڪو ٻيو هن هيڪلائيءَ ۾،

رهو يڪمشت ٿي لِله هن قومي لڙائيءَ ۾!

الٰہ العالمين! نئين سر اسان کي ڪامگاري ڏي،

مقيد ٿياسون ذلت ۾، انهيءَ کان رستگاري ڏي،

اسان جي باغِ اجڙيل کي وري جوشِ بهاري ڏي،

ٿئي سرسبز ساري سنڌ اهڙي آبياري ڏي:

اجابت، جو کلي در عاجزن جي التجائن تي،

اُٿي اي جوشِ رحمت، هاڻ ”بسمل“ جي صدائن تي!

 

 

-------------

نيڪ محمّد بلوچستاني

مرحوم سيد احمد شاهه ”خاڪي“

مرحوم سيد احمد شاهه ”خاڪي“، ولد سيد طالب شاهه، لڪياري، ڳوٺ اَبل جي وسي لڳ لنواري،، تعلقو بدين، ضلعو حيدرآباد، سنڌ- جو ويٺل هو. سندن جنم جي تاريخ جي پوري خبر پئجي نه سگهي آهي؛ البت اندازي موجب ٻڌائي سگهجي ٿو ته سن 1908ع ڌاري تولد ٿيو هو. اَبل جي وسيءَ ۾، ملان عبدالرحيم ميمڻ جي مدرسي ۾ قرآن شريف جي تعليم وٺڻ شروع ڪئي هئائين. ملان عبدالرحيم ڪجهه وقت بعد درس و تدريس جو ڪم ڇڏي ڏنو؛ پوءِ وري حافظ علي جوڻيجي وٽ قرآن شريف جو ختمو پورو ڪيائين. ذريعه معاش ۽ پيري- مريدي جي سهوليت ڪري، مرحوم جا والدين، اَبل جي وسيءَ مان هجرت ڪري، احمد ٻرڙي جي ڳوٺ ۾ وڃي رهڻ لڳا. اهو ڳوٺ نندي شهر تعلقي ٽنڊي باگي کان هڪ ميل اوڀر طرف آهي. نندي شهر ۾ نور محمد شيخ نالي هڪ نو مسلم عالم ۽ بزرگ شخص مڪتب ۾ پڙهائيندو هو: شاهه صاحب ان وٽ به ٻارهن مهينا کن پڙهيو. ڪن مجبورين سبب، شاهه صاحب جا مائٽ ڳوٺ احمد ٻرڙي مان وري ساڳئي ڳوٺ ابل جي وسيءَ ۾ اچي رهڻ لڳا. مرحوم ”خاڪي“، پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري رکندي، مولوي ڪريمداد نُهڙيي وٽ پڙهڻ لڳو. مولوي صاحب ڪڇ جو ويٺل هڪ جيد عالم ۽ فارسيءَ جو يگانو هو. مرحوم ”خاڪي“ هڪ سال تائين وٽس فارسي پڙهيو، ۽ پڙهڻ جي زماني کان وٺي ئي شعر چوڻ لڳو. ڏاڍو تيز فهم ۽ حاضر جواب هوندو هو. ڪوبه خيال اچي ويندو هوس، ته ٺهه پهه شعر ٺاهي ويندو هو. هڪ سال بعد، مولوي ڪريمداد به ڇڏي ويو؛ پوءِ مرحوم ”خاڪي“، حافظ قاسم شيديءَ وٽ چار درجا سنڌي پڙهي پورا ڪيا. مولوي جان محمد ”جاني“ ٽالپر، ساڪن ٽنڊو جان محمد، مرحوم ”خاڪي“ سان گڏ ساڳئي مڪتب ۾ پڙهندو هو. مولوي صاحب جن صاحبِ علم ۽ باڪمال شاعر آهن.

مرحوم حاجي پير بخش فاروقيءَ جي پٽ عبدالڪريم فاروقيءَ سان به ”خاڪيءَ“ جي تمام گهڻي دوستي هئي. هڪٻئي ڏانهن خط اڪثري شعر ۾ لکندا هئا. مرحوم حاجي پير بخش فاروقي به شاعر هو. قاضي گل محمد ”گل“ عباسي، (ويٺل ڳوٺ پنهنجو، لڳ لنواري، تعلقو بدين) به هڪ وڏو شاعر هو، ۽ لنواريءَ جي بزرگن وٽ عام مختار هو؛ قاضي عرس جهڙي زبردست شاعر جو شاگرد هو؛ سو مرحوم ”خاڪيءَ“ جو همعصر ۽ دوست هو. مولوي حاجي احمد ملاح (ساڪن بدين) سان به ”خاڪي“ جون ڪچهريون ٿينديون هيون.

سنڌي چوٿين درجي پاس ڪرڻ بعد، مرحوم ”خاڪي“ جي والد بزرگوار رحلت فرمائي، جنهنڪري ”خاڪي“، پڙهڻ جي ڪم کي خيرباد چئي، پنهنجي خانگي ڪمن ۽ زمينداريءَ ۾ مشغول رهيو. قابل، هوشيار ۽ ايماندار ماڻهو هئڻ ڪري، مرحوم مير محمد خان ٽالپر (ويٺل راڄوخاناڻي: خاناڻي ميرن جي اولاد مان) کيس گهرائي پنهنجي جاگيرداري ۽ زمينداريءَ جو ڪم حوالي ڪيو. مرحوم نوڪري ملڻ ڪري پنهنجي اَباڻي وطن کي ڇڏي، اچي شهر راڄي خاناڻي ۾ دائمي سڪونت اختيار ڪئي، جتي به ڪيترن ئي قابل ۽ علم دوست شخصن سان سندس دوستي ٿي- جهڙوڪ مرحوم حڪيم مولوي تاج محمد افغان ”مشتاق“ (راڄو خاناڻي)، رئيس لياري خان ”ليار“ نظاماڻي (ويٺل ٻيڏيرو، نزد راڄو خاناڻي)، رئيس جيئل خان ”جيئل“، ڇلگري (ڳوٺ گلڻ ڇلگري، لڳ راڄو خاناڻي)، وغيره. مٿن سڀني شخصن سان مرحوم جي شعر و شاعري ٿيندي هئي، مگر مرحوم ”خاڪي“ سڀني کان گوءِ کڻي ويندو هو.

”خاڪيءَ“ پنهنجي عمر جو گهڻو حصو مير صاحبن جي ملازمت ۾ گذاريو. آخرڪار مير صاحبن جو پاڻ ۾ موروثي ملڪيت تان تڪرار ٿي پيو، جنهنڪري مرحوم ”خاڪي“ ملازمت تان استعيفا ڏني. سن 1943ع ۾ غشيءَ جي ڪري، مرحوم دارالفنا کي ڇڏي دارالبقا ڏي راهي ٿيو- انا لله وانا اليہ راجعون. سندس جنازي کي فتح محمد شاهه جي مقام، ڳوٺ دودي ڪوريءَ ۾ دفن ڪيو ويو، جو ڳوٺ راڄي خاناڻيءَ کان اٽڪل ڏيڍ ميل اوڀر طرف، مولچند واهه جي کاٻي ڪپ تي واقع آهي.

مرحوم ”خاڪي“ نهايت نهٺو، هر دلعزيز، خوش اخلاق، يڪ- سخن، راستباز، وعدي جو پورو، مستقل مزاج، ايماندار، محنتي ۽ صوم و صلوات جو سختيءَ سان پابند هوندو هو. سن بلوغت کان وٺي آخر تائين تهجد گذار ٿي رهيو. مرحوم پنهنجي شعر جو ذخيرو پاڻ گڏ ڪيو هو. سندس مرضي ڇپائڻ جي هئي، مگر اها پوري نه ٿي. سندس قلمي بياض، جيڪو پاڻ لکيو هئائين، گم ٿي ويل آهي؛ باقي موجود شعر سندس ڀاءُ سيد غلام حيدر شاهه جي بندين ۽ سنديس هڪ ننڍي قلمي بنديءَ تان اتاريو ويو آهي. سندس شعر ۾ نوڙت ۽ انڪساري تمام گهڻي آهي.

مرحوم شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ٿيو، جو سندس حياتيءَ ۾ ئي ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. مرحوم، جا ٻه ڀائر، هر هڪ سيد غلام حيدر شاهه ۽ سيد وڏل شاهه، زنده آهن، جي پنهنجو خانگي ڪم ۽ زمينداري سنڀالين ٿا.

ڪلام

منداتا مينهن مارن ڏي، وٺا اڄ، سي وسون ساريم،

اچن ات عام اوهيرا، ڪڪر ڪارا ڪسون ساريم.

سدا ساڻيهه ۾ ساوا سنڀاريان ساڳ سرهاڻيون،

کنڀيون کاٽونبڙا کٽڙا، چڀڙ چونرا چسون ساريم.

نه وسرن وير هڪ وانڍون، پکا ۽ پرس پاڙيچا،

سڪي سڀ وقت ساهيليون، پنهوارن جا پسون ساريم.

پٽڻ ڏٿ لاءِ ڏوٿاڻيون، ولر ڪيو وانڍ لڳ وڙڪن،

جٿا منجهه جوءِ جيڏين جا، سدائين سرگسون ساريم.

ستي جي سيل سالم سان وڃي موٽي وطن پنهنجي،

اباڻا آفرين ڏيندا، شبانن شابسون ساريم.

خدايا، مانَ ”خاڪي“ اڄ، پسي پاڙا پنهوارن جا،

وڏا جِت ڍير واريءَ جا، ڍٽن جون سي ڊسون ساريم.

*

جَس جتن کي جي ڏسان جهاڳي ٽَڪ مان ٽولِڙي،

بس بلوچن جي ٻڌان من ٻاجهه واري ٻولڙي!

ڪيئن پڄان پيرين پيادي، پنڌ گهڻو آڏا پهاڙ،

ڇو نه ڏونگر تو ڏني ڏک ۾ ڏکيءَ کي ڏولڙي؟

هڪ زخم ظاهر ڏنا، جيءَ ۾ جرح ٻيا پڻ جتن،

درد جي داور ڏنا، پاڻي جهليم منجهه جهولڙي!

سور جو ورتم سبق، آيل! ازل جي روز کان،

ماءُ مون کي ڪا ڏني هئي- لنؤن لڳيءَ جي لولڙي!

پيچ دل ۾ هڪ پنهونءَ جو، ٻيو جبل جاڙون ڪيون،

حال تي حيرت ڪري، ڪوئي نه آيو ڪو لڙي!

خوش گهڻون ”خاڪي“ ٿيان، ڪيچي ملن جي ڪاف ۾،

سوز ۾ سيد سندن، گهايل سڏايان گولڙي!

*

مٿي انگور اوڀڙ جي پون بوندون بهاريءَ جون،

سدائين ساوڪون سونهن، ڀلايون ڀال باريءَ جون.

پيو پاڻي، پٽن پهريو پلر پوٺن مٿي پلٽي،

برن ۾ باس خوشبوءِ جي، فرحتون غمگساريءَ جون.

تراريون تڙ ڀريا تهدل، مٿن تاڙن تنوارون ٿيون،

وهن واٽو ولهارن ۾، مٺي جر پاڪ جاريءَ جون.

وٺا مينهڙا، وطن ويران ٿيو سرسبز شاد آهي،

گلن جا هار گلشن جيئن، ولهيون پائين واريءَ جون.

گسن ۾ گرڙ ٿيون گولون، للر ۽ لنب لاڻيون نت،

مريڙا مرٽ مکڻيون ٿيون، مندون موٽيون ملهاريءَ جون.

سدا سرها ٿيا سانگي، ولر تن وانڍ لڳ وڙڪن،

پنهوارن مال پهرايا، چُرن چڙيون چؤياريءَ جون.

سنڀارن جون سنجهي مان نت، سُيم لارون مٺيون لڳندي،

نماڻي ساز ننڊ نيئي، گهڙيون ساريندي گهاريءَ جون.

نه سيد سان سنگهارن ڪو هجي ويڇو وجهڻ واجب،

جڏهن ”خاڪي“، خداوند ڪيون سڻايون خلق ساريءَ جون.

*

وفا ويئي، ويا وعدا، نه يارن ۾ رهي ياري،

قضا هيءُ راز ڪهه ڄاڻان، پيئي گڏجڻ ڪنان گهاري!

جتي هو ماڳ محبت جو، اتي دورو عداوت جو،

ويا اوقات فرحت جا، جدائي ٿي جڏهين جاري.

مَٽيو هي ملڪ محبوبن، ڇڏيو خوش واس وڻڪارن،

گلن جي بوءِ منجهه گلشن، گلستان ۾ نه گلڪاري.

هميشہ دل نه حب ماڻي، سدا جا ساهه سيباڻي،

رئن اکيون رتا پاڻي، سنڀاريو سا سنگت ساري.

نه بلبل- بات منجهه باغن، تلخ طوطا تنوارون ڪن،

پڄاڻي ٿي، نه سڏ پهچن، پرين کي ڪاڻ پوئواري.

خليلن کي ڏسان ”خاڪي“م ته گهٽجي گهوٽ غمناڪي،

ڪري سيد مٿي ساقي، وصل ساغر جي سرداري!

*

اچين جي تون اڱڻ منهنجي، ته ڪريان يار ڪل قربان،

سندم سامان، توڻي ساهه ۽ سينگار ڪل قربان.

قدم جو باقدم ڪامل کڻي تون قرب پنهنجي سان،

صفت سهڻي هلڻ جيءَ تان ڪبڪ رفتار ڪل قربان.

مبارڪ منهن منور هن چمڪ چهري مٿان چاهؤن،

شمع ۽ شمس ٿيا شوقاً قمر انوار ڪل قربان.

لياقت لعل لب جي تان گلابي گل ڇڏيان گهوري،

نزاڪت ناز تنهنجي تان گل و گلزار ڪل قربان.

سرو توڻي صنوبر کي سڌائي تان ڪريان صدقو،

نما نرگس سندي نيڻن مٿان نروار ڪل قربان.

دهن کان دوست جي ڀانيان نه چڙهتو چاهه زمزم کي،

عجب ابرو مٿان تنهن تيغ نت تلوار ڪل قربان.

گهڻان غب غب مٿان گهوريان، ڪري هي صوف سڀ صدقو،

بلڪ منجهه رُوءِ بينيءَ تان مٺو منقار ڪل قربان.

خوشيءَ مان ڪر خنده دلبر ته گهوريان گهوٽ هي سڀ گهر،

کلڻ تان خوبرو تنهنجي دُر و دينار ڪل قربان.

نه خوشبوء ساڻ خيرو گل هجي محبوب موتيو مَٽ،

پگهر پِريَنم مٿان ڪريان عطر هٻڪار ڪل قربان.

*

اڱڻ منهنجي مٿي البت، پيارا! پيرڙا پايو،

ڏهاڻي ڏينهن هڪڙي، ۾ ڀلي لک ڀيرڙا پيو!

مبارڪ پير محبت جا، اڱڻ پارا اکين تي ڏيو،

مٽيءَ سين مر ڀريل منهن تي مدامي ميرڙا پايو!

ڪري من خاڪ قدمن تان، لڳل نعلين ۾ جا لَٽ،

ڪريان سر مون سا سڪ مان، جي سڄڻ ساجهيرڙا پايو!

حبيبن سان حياتي گڏ گذاريان سڀ غلاميءَ ۾،

اکين اڳيان دريون ديواريون ۽ ديرڙا پايو!

پَسايو پاڪ صورت جو مٺا جيئري اچي جلوو،

مرڻ کان ماڳ منهنجي تي قدم منهنديرڙا پايو!

ملازم کي مٺا جاني ڪرايو اڄ قدمبوسي،

ڇنڻ جون ڪِيم ڇاتيءَ ڇُريون ۽ چِيرڙا پايو!

خدا ڪارڻ اچو خدمت خلاصو ٿي ڪري ”خاڪي“،

رقيبن جو رکي رايو، نه ويهي ويرڙا پايو!

*

قلب منهنجو ٿو ڪنبي، تنهنجون ڀِتيون بُرجا ڏسي،

خوش ڪنديس خود حال ۾ دل، ٿوڪ شل ٿر جا ڏسي!

ڪوٽ تنهنجي منجهه ڪَٽڻ، آهي حويلين ۾ حراس،

ڇو ته پکڙا هو پنهوارن نت نبي سر جا ڏسي.

محل ماڙيون مِڙ ڇڏي، بيزار بنگلن کان ٿيس،

وانڍ ويڙهيچن سندي وڻڪار ويتر جا ڏسي.

لنؤن لذيذن سين نه لايان، جي هجن تازا طعام،

ساٿ ۾ سرها سنواريان، ساڳ هو سر جا ڏسي.

مير! ميوا ماڻيان ڪيئن، هي انجيرن تان انار؟

بوند بادل جي وسي، پوءِ باغ هو بَر جا ڏسي.

ٿي شڪايت شاهه تنهنجي، شربتن شيرين گلاب،

پاڪ پاڻي پڻ پلر، پالار پوور جا ڏسي.

ڪيئن قبولي مان ڪريان تنهنجي عمر! الفت پسند؟

ڪانڌ مون تي ڪرم ڪيا وهنوار سي ور جا ڏسي.

ساهه ”سيد“ ساڻ سانگين سلڪ ۾ پوتو سندم،

سو دفعا صدقو ٿيان، احسان سرور جا ڏسي!

*

قرب تنهنجي ري قريبا، ڪاڪ ساري ٿي ڪَڙي،

گهوٽ توکي غم ڏسي، گهارڻ هتي گهرجي گهڙي!

 

روڄ ۾ ڪل راتيون ۽ روز گذرن منجهه رنجس،

ڳالهه جي ڳڻتي ڪري، پيا ڳل مٿان ڳوڙها ڳڙي!

 

مُلڪ توڻي مِٽ، مگر هن مهل ۾ ڌارين مثل،

روح کي راحت نه ڏي ڪا ديس جي هڪڙي دڙي!

 

کاڄ خاصاري خوشيءَ کائڻ اندر ڀانيان خراب،

جام پي جنهن وقت جانب سان رکي مون جيءَ – جڙي!

 

ڏيل سارو ٿيو ڏکويل، ڏاج ۾ مون ڏک مليا،

باب منهنجي هئي بني هيءَ بخت ۾ تهمت بڙي!

 

 

نينهن جي ناسور کي هي ڇا ڪندا حاذق حڪيم،

سِير ڇوڙڻ کان اڳي سڀ سوز ۾ ويو رت سڙي!

 

ڪو سنيهو من سڻائي سربسر مون کي صبا،

هيءُ وطن ويران وانجهي، هو وٺان مان واٽڙي!

 

سڏ سواليءَ جا سڻي، ڪو سار صاحب- دل ڪري،

آسرو آهيم. من آزاد ٿئي منهنجي آڙي!

 

خلق ۾ ”خاڪي“ نه کوليان، حال خاطر جو هلي،

راز راءِ سان ڪنديس مان، رمز هيءَ روئي رڙي!

*

ڄام! ڄاري رڇ ڏسي، محبت ملاحن سين نه مٽ،

تون سمون سردار، آءٌ گولڙي مسڪين گهٽ!

 

مانُ منهنجو ملڪ ۾ تنهنجي محابي سان مٿي،

نام تنهنجي سين نهايت ڪَيم نخرا ناز نٽ!

 

راڄ ۾ راڻيون جي اينديون، سڀ سميون ساري سهاڳ،

عيبوند آءٌ اتي خوش ٿي منگان ڪيئن خاص کٽ؟

 

راءِ! تنهنجي راز سين، راڻي سڏايان راڄ ۾،

نت ڪُڙهيءَ سين ڪم اسان، ڄرڪا جهليون منجهه ڄار ڄٽ!

 

اڳ مٿي تي مون مڇيءَ جون جي کِکيون کاريون کنيون،

سو اڃا ناهي سُڪو، ڪُرڙين ڪِنين جو ڪڻٺ ڪٽ!

 

عيب جي مون ۾ اصل، سي سڀ نه ساري ڪو صحيح،

لطف پنهنجي ساڻ هيءُ، منهنجي لنڱن تان لاهه لٽ!

 

عيب جي ٿيندم اگهاڙا، ڪيئن سونهان سرتين اڳيان؟

شاهزادين سين شراڪت جو مون کي ماري ٿو مٽ!

 

خاص ”خاڪي“ جون خطائون، بخش بديون بادشاهه،

مئي مديون آنديون مگر، ڏاتار! منهنجا ڏوهه ڏٽ!

*

دنيا جو دور دم ساعت، هميشہ ڪل هلڻ وارا،

مَٽي ويا مرد محلاتون، ڇڏي هي ماڳ موچارا.

 

صغيريءَ جي ڪڏهين منجهه سن، جوانيءَ جو ڪڏهين جوڀن،

ڪڏنهن پيريءَ ۾ پروس تن، مٿي ڪيا موت پوءِ مارا.

 

سڃان اڳ شهر پر پسجن، ڀتين کان باز ٿي بسجن،

نشان منجهه ڏيهه نت ڏسجن، ڀڳل جاين سندا جارا.

 

 

ڇڏي اقبال ويا عالي، وڏي وڻجار جا والي،

خلاصا گهر ڪري خالي، اڱڻ ايوان اوتارا.

 

جنين خانن مليون کيرون، ڇڏيون تن جلد جاگيرون،

هميشہ جن لڳيون هيرون، ڪلر تن لاءِ تتا ڪارا.

 

ڪري ضايع زمينداري، وطن تن ڪيو وڃي واري،

هليا هرڪار کان هاري، ٻنيون ۽ ٻج ڇڏي ٻارا.

 

ڪيا جن گشت گهوڙن تي، چڙهي بيحد ڀلوڙن تي،

لٽيا تن لنڱ لتوڙن تي، مٿن وارن ڪيا وارا.

 

هلايا جن حڪم هيڪر، ولاتن تي وڌي ويتر،

ڪيئون املاڪ گڏ آخر، سي سڀ سمان تن سارا.

 

سنڀاريو جن سڄر سوکي، لياقت ساڻ لشڪر کي،

سپاري ڪم سڪندر کي، ڇڏي دامان ويو دارا.

 

سڪندر پڻ ڇڏي ساري، حڪومت تنهن سندي ساري،

اکيون پوري نه پوئواري، ڪيائين پانهنجي پاران.

 

تبع جو تخت ٿيو تابان سليمان ويو ڇڏي سامان،

ڏني جمشيد جهٽ پٽ جان، چڪا تنهن جا جڏنهن چارا.

عدالت کان ٽٽو اڪبر، نڪو ڪسريٰ نه اڄ قيصر،

پڄائيون وقت پنهنجي پر، انگل تن جا لٿا آرا.

 

قلعا خالي ڪلهوڙن جا، اتي اڄ ڍڳ اڌوڙن جا،

ٽٽل ٽڪرن ۽ ٽوڙهن جا، نست نليون منجهس نارا.

 

مٽيو هن ملڪ کي ميرن، نه دولت نيئي دلگيرن،

وڄا ويئي سندي ويرن، رکي من ساڻ مونجهارا.

 

ڇڏي عالم ويا عاقل، نه عالم ۾ رهيا عادل،

وڃي واحد سين ٿيا واصل، پڄائي پير پاڳارا.

 

رکيا گلزار جن گلشن، بني باغات اڳ بنگلن،

نه ماڻهو پاس محلاتن، صحن جي پيش سانڀارا.

 

وڇايئون گل مٿي گادي، ڪيئون شب روز ٿي شادي،

نه تن جي آهه آبادي، وطن ۾ يار وسڪارا.

 

جتي بنيا جشن باري، حڪومت ڪيا حڪم جاري،

چٻون اڄ تن جي چوڌاري، ڪڏيو ڪن ڪوڏڪو ڪارا.

 

ڏٺيون جي ساوڪون سايون، اهي آيون مٿي آيون،

پڪيون سي نيٺ پٽ پايون، لڻيو ڪن تن ۾ لابارا.

ادا انسان وٺ عبرت، حڪايت سڻ سندي حيرت،

ته قادر جا ڪئي قسمت، ٽري ڪيئن سا ڪري ٽارا.

 

سي ”سيد“ نصيحت نت، رکج من تي مدامي مت،

ته ”خاڪي“ خاڪ ۾ خوش خط، ملي ٿيندين مٽي يارا،

*

سنيها ڪي صبا مون کي، سنگهارن جا سڻايا اڄ،

ڏمر جي خاص ڏوراپا، هتان جيڏين هلايا اڄ،

 

وٺا مينهڙا مندون وريون، ابر ڏسندي اکيون ٺريون،

سنڀاريو سو وڃن سريون، اکين مان لڙڪ آيا اڄ.

 

وٺا مينهڙا مندون موٽيون، پلر ڪن جام پالوٽون،

لوهارين سر کنيون لوٽيون، لسي ڏڌ لاڳ لايا اڄ.

 

وٺا مينهڙا ولر وڙڪن، کهن ۾ هل ٻڌو کرڪن،

نه دهلي دل ڪنان دڙڪن، قضا هي دم ڪٽايا اڄ.

 

وسي هت مينهن ڪيون موڪون، لٿيون ساڻيهه تان سوڪون،

ٽليو ڪن ٽهڪ ڏيو ٽوڪون، مزا مارن ملهايا اڄ.

 

سنڀارن جون سيم لارون، چڙهيم ڪن چاڳ چونگهارون،

وڻن وهه واهه وڻڪارون، ته مارن دک مٽايا اڄ.

سنڀاريم ساڳ سر ساوا، جتي جيڏين ڪيا جاوا،

ڳنڍيرن تي چرن ڳاوا، ڳنوارن ڳيت ڳايا اڄ.

 

ڳنوارن جون ٻڌي ڳاهون، اندر مان ٿيون بدر آهون،

روان ساريون سندن راهون، ڌڻولين ڌڻ سنڀايا اڄ.

 

چرن ڇانگن پٺيان ڇلڙو، وڻي مون واهه ولولڙو،

نه جوشن جو گهٽي جلڙو، جگر جيڏين جلايا اڄ.

 

سدا ”سيد“ سنڀارينديس، پنهوارن کي پچارينديس،

ڪري آهون اڏارينديس، عمر جي بند اڏيا اڄ.

*

 

منجهه سڌائي جيئن صنوبر، منهن سندس ڪر ’ميم- هي‘- (مہ)

روح ۾ مون کي رهيو، هر روز تنهنجو ’ري –خي‘-(رخ)

 

تاب ڏس تلوار وانگي، ’الف-بي-ري-واو‘ جو،-(ابرو)

ناز نرگس جي مثل آهي عجب منجهه ’لاف – کي‘.-(اک)

 

محب جو منقار طوطيءَ جيئن نهايت ’نون-ڪاف‘،-(نڪ)

گل گلابيءَ جي مثل لعلائي بوسين ’لام-بي‘.-(لب)

 

’ميم‘ سان سمجهايل مقابل، ’دال-هي‘ ۽ ’نون‘ کي، - (دهن)

آب زمزم جي مثل تنهن ’لام-عين ۽ الف – بي‘. (لعاب)

 

شوق سان شامل ڪري منجهه ’شين – بي‘ مون کي شريڪ، - (شب)

گهور ڪري گهوري ڪريان سهڻي مٿان هيءَ ’سين-ري’.-(سر)

راز اوريان روز شب، ٿي روبرو راڻي اڳيان،

منجهه اکين آڻي الم، جو ’الف‘ سان گڏ ’الف-بي‘.-(آب)

هي سڻي منهنجون صدائون، ’سين-يي ۽ دال‘ کي،-(سيد)

خادميءَ ۾ من کڻي اڄ ”خاءِ – الف ۽ ڪاف – يي“! (خاڪي)

*

اڄ اکين ساريا سڄڻ، بيٺون ڀِڄي بر ۾ وسڻ،

روح ۾ روئي رئڻ، ڏيهه ڏونگر ۾ وسڻ.

 

دل مٿي دهشت ڪري، هي عشق جو آڙنگ تتو،

منجهه ٽڪر لاتون ٽمڻ ۽ ڪاف جي ڪر ۾ وسڻ.

 

نيڻ رويو ڪن نهارون، من ڪٿان ڪيچي اچن!

وڏ – ڦڙا واهي هليون، هن واٽ جي ور ۾ وسڻ.

 

پنڌ ڏسيو هي پيچرا، ڳوڙها ڳلن تان نت ڳڙن،

ان طرح عينن ڪيو، گس گام گوندر ۾ وسڻ.

 

لعل لڙڪن جون تنين لؤڻن مٿان لارون لٿيون،

بوند بادل جي مگر منجهه جهنگ جبل جهر ۾ وسڻ.

 

پيچ پائي پنهونءَ سين، اکڙيون رکيو آرو عجب،

درد ۾ دکڙا ڏسي، پاڻان لڳيون پر ۾ وسڻ.

 

بس نه آئي ري بلوچن، راهه ۾ تن روڄ ڪيو،

هوت هينئڙي ۾ جهلي، هڪدم لڳيون هر ۾ وسڻ.

 

اوچتو هي عشق ڪو ”خاڪي“ خليلن سان ٿيو،

جا رکي جهوري اندر، اکيون لڳيون لر ۾ وسڻ.

ادا قاصد، اباڻن ڏي نياپو ڏج نماڻيءَ جو،

سنيهو سربسر ساري، ڏکن جي دم ڏهاڻيءَ جو.

 

بنيا منجهه ڀاڳ بند باري، قضا هي قيد ڪيا جاري،

وجهي وارن اندر واري، پڇايم پهه پڄاڻيءَ جو.

 

نه جهانگين مان ڏٺم جوئي، نه قاصد ڪو مڪؤن ڪوئي،

رندن تي رت – ڦڙا روئي، قصو جوڙيم ڪهاڻيءَ جو.

 

سنگهارون ٿيون سڪن سر ۾، ڀٽن ۾ ڪي ته ڪي بر ۾،

مگر منهنجون اکيون در ۾، وري من ڪو وهاڻيءَ جو.

 

نه ”خاڪي“ کاڄ خوش کايان، پڄڻ لءِ پاند لک پايان،

شاديءَ تي شرم لاهيان، عمر لوئي اياڻيءَ جو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com