سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :30

 

اسد الله شاه ”اسد“ ٽکڙائي

 

سيد حاجي محمّد حافظ شاهه

سيد الهه بخش شاهه جو چوٿون نمبر فرزند، ۽ علامه اسد الله شاهه ”فدا“ جو ڀاءُ، سيد حاجي محمد حافظ شاهه، 20 شوال المڪرم 1287هه ۾ اڳيين ٽکڙ ۾ ڄائو. کيس حافظ يوسف جي مڪتب ۾ وهاريو ويو، جتي قرآن جي پڙهڻ سان گڏ پارسي ۽ سنڌيءَ جي به چڱيءَ طرح تعليم حاصل ڪيائين. عربي، ”تسراجيءَ“ تائين پڙهيو.

ٻين ساداتن سان گڏ، حضرت صاحب جن جي مريد ٿيڻ جو به شرف حاصل هوس. نه رڳو مريد، پر حضرت صاحب جن جي مٿس هميشه مهر جي نظر هوندي هئي. ساڻن گڏ ڪيترا دفعا ڪوئيٽا، ڪابل، قنڌار، وغيره جي سفر تي به ويو هو. حافظ شاهه جيتوڻيڪ نقشبندي هو، ۽ نقشبندي طريقي ۾ راڳ رباب حرام آهي، مگر پاڻ راڳ کي روح جي راحت سمجهيائين ٿي. اهو ئي سبب هو، جو سندس اوطاق هميشه راڳيندڙن، سگهڙن، مَلهن ۽ پُتلين وارن سان ڀريل رهندي هئي. ڳوٺ جا ماڻهو گهڻو ڪري سندس ئي اوطاق ۾ ڏسبا هئا. ڪڏهين مداري، ڪڏهين ڏور ڏيندڙ ۽ بيت چوندڙ، ۽ ڪڏهين راڳيندڙ، هميشه سندس اوطاق کي رونق بخشيندا رهيا. پرديسي ڳائڻا ۽ سگهڙ ايندا هئا، ته گهڻو ڪري سندس اوطاق ۾ اچي رهندا هئا. پنهنجي هم مجلسين سان ايتري قدر انس ۽ محبت هوندي هيس، جو جيڪڏهن ڪو به سيد سندس ڪنهن به ساٿيءَ کي ڪم ڪار چوندو هو ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو هو، ۽ پاڻ انهيءَ سيد کي چوندو هو ته ”ادا، آئون ٿو تنهنجو ڪم ڪريو اچان، باقي منهنجي ڪچهريءَ وارن کي تڪليف نه ڏي“. جيڪڏهن وٽس روزانو ايندڙ ماڻهو ڪڏهين ڪچهريءَ تي نه آيو، ته صبح جو پاڻ انهيءَ جي گهر وڃي سندس خبر چار لهندو هو.

کيس بدن جي صفائيءَ جو ڏاڍو خيال رهندو هو. نهايت نازڪ ۽ نفيس لباس پهريندو هو. خوشبوءِ لڳائڻ سان خاص شوق هوس. خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو به اهڙو هو، جو جيڪڏهين ڪنهن ماڻهوءَ سان هڪ دفعو ڳالهايائين ته اهو شخص سڄي عمر سندس دوست ٿي رهندو هو. خوش طبعيءَ کي پسند ڪندو هو. جنن ڀوتن جي اجاين ڳالهين تي اعتبار ڪونه ڪندو هو. جڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ٻڌندو هو ته جيسين انهيءَ ڳالهه جي پڪ نه ڪري، تيسين سک ٿي نه سمهندو هو - ۽ اهڙيون ڳالهيون سندس کوجنا ۾ هميشه ڪوڙيون نڪرنديون هيون. ٽکڙ ۾ راندين روندين کي حافظ شاهه ئي زور وٺايو هو. انهيءَ وقت ٽکڙ جا اٽي – ڏڪر، ونجهوٽيءَ ۽ وڏ ڪٻل جا رانديگر ٻين سڀني ڳوٺن جي رانديگرن کان سٺا هئا. ٽکڙ ۾ انهيءَ وقت زبردست ملاکڙا لڳندا هئا. خود ٽکڙ ۾ جمعدار ستارو ميمڻ هڪ سٺو ملهه هو، جو حافظ شاهه جو خاص ماڻهو هو. حافظ شاهه جي ئي دم قدم سان اهي ملاکڙا لڳندا هئا.

اها ڳالهه مشهور آهي ته جڏهن به ٽکڙ ۾ سخت برساتون پونديون هيون، تڏهين هڪ شخص انهيءَ سخت برسات ۾، لٺ هٿ ۾ کڻي، هر هڪ غريب جي گهر وڃي، انهيءَ جي خبر گيري ڪندو هو، ۽ پنهنجي پڄنديءَ آهر هر ڪنهن جي مدد ڪندو هو. اهو هو حافظ شاهه، جنهن جي دل ۾ غريبن ۽ مسڪينن لاءِ ايڏي همدردي هئي.

حافظ شاهه 5 صفر 1337هه ۾ وفات ڪئي. کيس حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو.

حافظ حامد کان پوءِ جيڪڏهين ڪو ٽکڙ جو شاعر پنهنجي ڪلام ۾ سوز ۽ درد پيدا ڪري سگهيو آهي، يا جنهن جي ڪلام ٻڌڻ يا پڙهڻ سان دل جذب ۽ ڪيف جو مزو ماڻي ٿي، ته اهو حافظ شاهه ئي آهي.

حافظ شاهه جي شاعريءَ جي شروعات بابت چيو وڃي ٿو ته هڪ ڏينهن سير و تفريح ڪندي، ’حون‘ واهه جي ڪناري تي اچي نڪتو، ۽ اتي ئي هڪ نازنين دوشيزه، ڪپڙن ڌوئيندي، سندس دل کي ڌتاري ورتو. سڄڻ جي سڪ ساڻ ڪري، روئندو رهيو. برهه جي بي انداز باهه سندس اندر کي آٽي، ۽ محبت من مڃاٽي رهي هئي. لنؤن لڳائڻ لاءِ ته لِڪ ضروري هئي، مگر ماٺ ڪرڻ مان به ڪو درد جو درمان ٿي نٿي سگهيو! حد چاڪ گريبان تائين پهچي چڪي هئي. کيس ڪنهن سياڻي صلاح ڏني ته تنهنجي مرض جي ڦَڪي سُتي حضرت صاحب جن جي هٿان ئي ٿيندي. آخرڪار، پنهنجي عشق جو احوال پيرِ طريقت اڳيان پيش ڪيائين. حضرت صاحب جن کيس دعا ڪئي، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي سوزِ درون شعر جي صورت اختيار ڪئي. عشق ته اڳي ئي سندس همراهه هو، باقي جو مرشد مٿي تان هٿ ڦيريس، تنهن سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو. غزل تمام گهٽ، ۽ باقي پنهنجي جهوني سنڌي رنگ – مداحن ۽ ڪافين – ڏي تمام گهڻو توجهه ڏنو اٿس. جڏهين عشق جي اندرين آگ سندس صبر جو پيمانو لبريز ڪري وجهدي هئي، تڏهن اها آتش، هزارين ارمان کڻيو، شعر جي شڪل ۾ سندس زبان مان ٻاهر نڪرندي هئي. موٽيو، عيسو ۽ لونگ شيدي ساڻ هوندا هئس، پاڻ شعر چوندو ويندو هو ۽ انهن کي ياد به ڪرائيندو ويندو هو. ڪافين جون راڳڻيون: پهريائين پاڻ ڪڍندو هو، ۽ اول ڪافي به پاڻ ڳائيندو هو، پوءِ هو سندس پٺيان ڳائيندا هئا.

سندس ڪافين ۾ ايتري ڇڪ هوندي هئي، جو جيڪڏهين هڪڙيءَ شام جو سندس اوطاق ۾ ڪا نئين ڪافي ڳائي ويئي، ته صبح جو انهيءَ ڪافيءَ جو هڪ يا ٻه بند ڳوٺ جي ٻار ٻچي، پير و جوان جي زبان تي ورد هوندو هو. هاري ناري، ڪمي ۽ ڪاري، کٽي ۽ ڪوري، مزدور ۽ پورهيت – سڀ پنهنجو ڪم ڪار لاهي اچيو شاهه جي اوطاق ڀيڙا ٿيندا هئا. عشاء  جي نماز کان پوءِ مجلس شروع ٿيندي هئي. عيسو، موٽيو، ۽ لونگ، واري واري تي، يا گڏجي، ڳائڻ شروع ڪندا هئا. شاهه صاحب پاڻ به هنجون پيو هاريندو هو، ته ٻڌندڙن جي به نيڻن مان نار پيا وهندا هئا.

حافظ شاهه پنهنجي وقت جو هڪ مقبول عام شاعر هو. انهيءَ جو ثبوت اهو ئي ڪافي آهي ته جڏهين سندس ۽ سندس همعصرن جو دور گذريو، ۽ ٽکڙ مان اها بهار جي بوءِ ختم ٿي ۽ ٻين شاعرن جا بياض سندس بياض وانگي گم ٿي ويا، ۽ جڏهين پوئين دور جي اديبن سندن ڪلام جي ڳولا ڪئي، تڏهين ماڻهن کي سواءِ حافظ شاهه جي ڪافين جي ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام مان هڪ يا ٻه بند به پوريءَ طرح ياد ڪونه هئا. اهو ئي سبب هو، جو ماڻهن جي ساڻس ۽ سندس ماڻهن سان محبت هئي. اڄ به سندس صحبتي، سندس ڳڻن ڀريون ڳالهيون ڳڻيو، اکين مان آب هارين ٿا.

حافظ شاهه جو ڪلام گهڻو ڪري ڪافين جي صورت ۾ آهي، صبا ۽ قبا، گل ۽ بلبل جا خيالا فسانا سندس ڪلام ۾ گهٽ نظر اچن ٿا. سندس شعر ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ محاورا، ۽ تجنيس حرفي گهڻي قدر موجود آهي. شاهه صاحب ڪوشش ڪري پنهنجي شعر ۾ اهي لفظ استعمال ڪيا آهن جي بلڪل عام فهم آهن. هيٺين ڪافي ملاحظه فرمايو:

حال نه مون هاڙي هلڻ جو،

هوت هلي آ، آرِي!

ڇو ڇپر ۾ ڇڏيئي ڇولي،

ڪانه ڪيئي پؤ واري.

روهه رندن ۾ رس رُليءَ کي،

موٽ آءٌ منزل ماري.

”حافظ شاهه“ جي حجت نه هوت آ،

زور ناهي توسان زاري.

شاهه صاحب جو سمورو ڪلام سنڌي محاورن سان ڀرپور آهي-

تارا تڪيندي رات گذاريم،

ڏينهن ڏکن ۾ پيهي پچاريم.

سور سٺم سال پيارا،

واريون وِره جون مون ورهيه وَسايون.

(هن مصرع ۾ ”تارا تڪڻ“، ”سور سهڻ“، ”واريون وسائڻ“، محاورا آهن.)

شاهه صاحب جي اهڙي ڪا به ڪافي يا غزل ڪونهي، جو تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل هجي. تجنيس جي خوبي ڏسو:

اي عجيبا، اوچتي توسان سندم دلڙي اڙي،

قلب ۾ ڪنهنپر ڪا اٽڪي قرب جي قابو ڪڙي.

سور توکي ڇا سڻايان، درد دل ۾ ٿيا هزار،

ڏسڪندي ڏينهڙا گذاريم، راتيون روئي رڙي.

*

پيچ ۾ پيچ پائي زلف سينگاريئي، سهڻا،

ور وجهي ور ۾ وار سنوارئي، سهڻا.

سر ڏيان سَٽِ، سندم صدقي ساهه سي،

اي وٽم گڏجي گهڙي پل جي گذارين، سهڻا!

شاهه صاحب جو ڪلام گهڻو ڪري منظر نگاريءَ تي ٻڌل آهي. جنهن به شي جي ڳالهه ڪري ٿو، هڪدم اکين اڳيان اهو نقشو ڦريو اچي. مثلاً، سهڻيءَ جو ساهڙ کي سڏ ڪري دريا جي ڪيفيت ٻڌائڻ مهل ڏسو ته واقعي درياءَ جو دم ۽ دهشت، ڪنن جا ڪڙڪا، لهريون ۽ لوڏا، مڇ ۽ مانگر، ۽ خود سهڻي آهُن ۽ دانهن ڪندي، اوهان جي اڳيان اچي ويندي:

سگهو ڏي سِير ۾ ساهڙ ميهر مددگاري!

نه ٻوڙو ٻيٽ ڪو ٻانڊي، تنبو ترهو نه تڙ تانگهو،

ڇني ڇولين ڇڏيس ڇولي، لڙهيس لهرن ۾ لهواري.

سوين سينسار ٿيا سامهون، ڪُڏيو ڪن ڪاهه مڇ مانگر،

وڌايو وات ڪن واڳو، چيهٽ چرڙاٽ چوڌاري.

وري سندس محبوب هار سينگار ڪري اڳيائنس اچي ٿو، انهيءَ جو نقشو ڏسو!

دلبر جو ديدار ڏٺم، وه واهه عجب رنگي رخسار ڏٺم!

ڪنگڻ ڪڙيون، بيني بينسر، نازڪ نورا جهومڪ جهالر؛

وه واهه ڇيرن سان ڇمڪار ڏٺم!

ياس ۽ حرمان، شاهه جي ڪلام جي خاص خصوصيت آهي. هو هر وقت نهٺو، نماڻو ۽ غمگين نظر اچي ٿو. هر وقت محبوب کي سڏيندو رهي ٿو. محبوب کي سدائين ’ٻاجهارا‘، ’پرين‘،، ’دلبر‘، ’عجيب‘، وغيره سان سڏي ٿو؛ نه ڪي ’قاتل‘، ’بيرحم‘، ’چنگيز‘، ۽ ’ڪافر‘ وغيره.

آءُ عجيبا اوراهون وي، ڏينهن ڏکيا هيءَ گهايل گهاري.

*

آ مل يار پياري وي، برهه بيمار ڪيس آئون بلڪل.

*

آ تون شال جئين پيارا، جوڙي ڏيئن يار جيءَ ۾ جايون.

يا ته وري ڪانگ پيو اڏائي، محبوب ڏانهن نياپا پيو موڪلي، ۽ ڪانگ کان پرينءَ جون خبرون چارون پيو وٺي:

ڪر ڪا خبرچار ڪانگڙا، چئو تان چيئي ڇا پرينءَ پياري؟

ڪانگ هسيءَ ٿي پانڌ پايئن، جلد لهي آءُ مٿان لام.

کول کيانتا خوشيءَ مان، پرينءَ ڏنئي جي پيغام.

سڄڻ لڌي سار ڪانگڙا، ياد هيس، ڪي ويٺا وساري؟

*

ڪانگا ڪهي هيءَ ڪيفيت، نئي پرين جي پيش ڪر!

بعد بيحد بندگين جي ڪج ادب آزيون اپر،

سو سلامن سوکڙيون ڏئي، چئج خاطو هيءَ خبر:

عشق جو آڙاهه بي انداز منجهه اَٽي اندر،

ٿا جدائيءَ کان جلن ان جوش ۾ جيرا جگر.

ڪانگ تون هي عرض منهنجو ڪج ٻڌي ٻانهون ٻيهر:

هاڻ ”حافظ شاهه“ سان ڇڏ ڏوٺ ڏاڍايون ڏمر.

شاهه صاحب جو بياض سندن وفات کان پوءِ گم ٿي ويو. سندن ڪافيون صرف اهي هٿ آيون آهن، جيڪي ڳائڻن يا عام ماڻهن کي ياد هيون. پاڻ مداحون، مولود، سي حرفيون ۽ مرثيا به چيا اٿس؛ مگر سواءِ هڪ مارئيءَ جي مداح، هڪ مرثيي ۽ ٽيهن ڪافين جي ٻيو سڀ ڪلام ناپيد ٿي ويو. مون سندس اهو رهيل کهيل ڪلام ”پيام غمگسار“ جي نالي سان 13 ڊسمبر 1954ع تي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

 

 

انتخاب

(مداح ماروئي)

اول الله عليم، عليّ اعليَ عزّ عظيم،

رازق راحم رب رحيم،

قادر! قدرت جو تون ڪريم،

مير محمّد ڪيئي مهندار،

صاحب آهين ربّ ستار،

سانگي ميڙيين سيڻ سنگهار!

ساهه سڪي ٿو جيڏين ڪاڻ،

سري نه ساعت هت مون هاڻ،

شال ملان وڃي مارن ساڻ،

هُرن هِنئين منجهه ويڙهه وٿاڻ،

ساريان سرتين ريجهه رهاڻ،

اٿم اندر ۾ اڪنڊ اپار.

 

 

هر دم سيڻ سڄڻ ٿي ساريان،

سرتين ري ڪيئن سينڌ سنواريان،

مشڪل ماڻهن منجهه گذاريان،

ڏينهن ڏکيا هت گهنگهر گهاريان،

وطن ويڙهيچا ڪيئن وساريان،

ڏسان وري شل ويڙهه ولهار!

 

 

موٽي لايون مينهن ملهاريون،

بادل برسيا، ٿيون بهاريون،

پل ڀريا، ٻيون پلٽيون پاريون،

ٽوهه ٽڙيا، ٽيون ٽهڪن ٽاريون،

ساين لوئين ساڻ سنگهاريون،

پر تؤن پويو پائن هار.

 

 

هت سڀ سرتيون گڏ گهمن،

چال چڱيءَ سان چهت چلن،

هيڻيون حيّا ساڻ هلن،

ولر ڪيو منجهه ويڙهه وطن،

آءٌ هت قابو منجهه ڪڙن،

پل پل پونم ياد پنوهار!

 

 

شال م وسران ويڙهيچن،

مون کي مور نٿا وسرن،

من ۾ تن لءِ مچ مچن،

دم دم دل تي ياد اچن،

ڳوڙها ڳاڙيان روز ڳلن،

روئان تنهين لءِ زار و زار.

 

 

عمر اسان جو ٿاڻو ٿر،

ساريم ساهه پاڪ پٿر،

مرٽ مريڙو ڦوڳن ڦر،

پهون پهرائن ات پنوهر؛

چست چونڊن ٿيون ڀرٽ ڀتر،

اهڙا ساڻيهه منجهه سڪار!

 

 

عمر؛ اباڻا ڪيئن لڄايان؟

ڪوهه لڱن تان لوئي لاهيان؟

کهه سڀ ويس، وڳا سڀ کايان،

پر نه پنوهارن آءُ ڪيئن پايان؟

آخر آءٌ انهن جي آهيان،

سانگي لهندم سگهڙي سار!

عمر ادا هي محلا ماڙيون،

ڪرسيون ڪوچ کٽون هي ڳاڙهيون،

باري بنگلا طاق ۽ تاڙيون،

مورؤن ڪين پکن سان پاڙيون.

واه ويڙيچن جون هت واڙيون،

رکون ته پيهڻ ساڻ پچار!

 

 

عمر سياڻو ٿيءُ سڌير،

عاقل عادل ٿيءُ، امير!

لاهي ڪڙيون، زور زنجير،

حاڪم هيڻِي ڇڏ حمير!

موڪل واري منجهه ملير،

ڀيڙي ٿيان وڃي ساڻ ڀتار!

 

 

عمر اباڻي اٿم اڪير،

ساري منهنجو ساهه سرير!

اڄ پڻ وٺڙا مينهن ملير،

گل ڦل کليا ڳوپ ڳنڍير،

پين پنوهاريون، پاڪ پنير،

کِين کِليو ٿيون لال ليار!

 

 

هيڻو ”حافظ شاهه“ حقير،

مرسل منهنجا محمد مير،

مهڙ مديني ماهه منير،

ور وسيلا والي وير،

اوکي لاهين وقت اخير،

قادر ڪلمي ساڻ اُڪار!

 

(ڪافيون)

دل دلربا ڌتاريئي،

نازن سان ناز وارا!

 

مشڪي سيهي مسلسل،

ڪن پيچ پيچ پلپل،

قابو ڪمند ڪاڪل،

 

بانڪا بڇي بهاريئي،

ونگيو وٺن ويچارا.

 

سرمي سوا سَهائين،

لک گهور ساڻ گهائين،

ڪريو ڪيس ڪُهائين،

 

هيڪر جتي نهاريئي،

کڻي نيڻ ٻئي خمارا،

 

ياقوت لعل مرجان،

لالي لبن تان قربان،

حورون حسن تي حيران،

 

شرمند شمس ڪاريئي،

ڪتيون قمر ستارا.

 

”حافظ شاهه“ جون نيازيون،

مڃ التجا ۽ آزيون،

ڪر دوست دل نوازيون،

 

ڇو مفت مئي کي ماريئي،

ڏس پاڻ ڏي پيارا!

 

 

آمل يار پيارا وي، برهه بيمار ڪيس آءٌ بلڪل!

زلف زوراور، وار وسيهر، ڳاٽ کنيو ڏين ڳارا وي،

ور ورن ۾ ڳوڙها ڳتيل، ڪر ڪاريهر ڪارا وي،

-اٽڪن لٽڪن ڪنڊڙا ڪاڪل!

مزگان جا ڪن تير تيزيءَ سان، مشتاقن تي مارا وي،

اچن اوراٽيو سورهيه سامهون، سينا ڏين سچارا وي،

ور ورن ۾ ڳوڙها ڳتيل، ڪر ڪاريهر ڪارا وي،

- تل نه ترسن، ڪن نه تامل!

ابروءَ جي ان سيف سين سهسين، وڌئي واڍوڙي ويچارا وي،

چور ٿيو سي چهڪ چڪائن، ويا چڪين جا چارا وي،

- دردن ان جون دارون نه درمل!

کنيو نقاب کليو جي نهارين،کڙيا کٽڻهارا وي،

کليا گل گلابي گلشن، گهر يا گل هزارا وي،

- سرو صنوبر، سوسن سنبل!

هرجا هر هنڌ هر دو جهان ۾، جلوي ڪيا جهلڪارا وي،

ڪيا جهڪا سڀ جوڀن تنهنجي، سج ڪتيون چنڊ تارا وي،

حسن تنهنجي جو هرجا هل هل!

”حافظ شاهه“ کي آهي هردم، پرينيم تنهنجي پچارا وي،

آءٌ ويهي جوڙي جيءَ ۾ جايون، جانب جيءَ جيارا وي،

- نازن ڀريا نوري نرمل!

 

سيد ضياءُ احمد

مرحوم عبدالله شاهه فتاحي

 

هن اعليٰ ۽ بلند پايي هستيءَ جي نالي کان رياست خيرپور جو هر هڪ باشندو عموماً ۽ سنڌ جا باشندا خصوصاً، چڱيءَ طرح واقف هوندا. سندس ٻيو نالو سيد عبدالفتاح به چيو وڃي ٿو. سندس شجري مان معلوم ٿو ٿئي ته اڳ به هڪ اعليٰ هستي سيد عبدالفتاح جي نالي سان ٿي گذري آهي؛ اهو ئي سبب آهي جو پاڻ هميشہ پنهنجو نالو سيد عبدالفتاح شاهه ”فتاحي“ لکندا هئا. هينئر سندن اولاد پڻ پنهنجي نالي جي پٺيان ”فتاحي“ لفظ لکندا آهن. سندن عمر جو ڳچ جيترو حصو دين جي تبليغ ۾ گذريو ايتريقدر جو پنهنجو آخري دم پڻ تبليغ جو فرض پورو ڪندي ڏنائون.

سندن خانداني سلسلو هن ريت آهي:

(1) سيد عبدالله شاهه، (2) سيد محمد شاهه، (3) سيد محسن عرف محسن علي شاهه، (4) سيد علي بخش شاهه عرف مير حسن شاهه، (5) سيد محمد شاهه، (6) سيد حسن الثاني، (7) سيد محمد شاهه، (8) سيد مير محمد لاعقب، (9) سيد محسن، (10) سيد حسن علي، (11) سيد نورالله، (12) سيد محمد علي، (13) سيد عبدالفتاح – المخاطب من الرسول الامين في الرؤيا بعد المصافحت بخواجه عبدالله نمکين، (14) ......* (15) سيد باقي باالله بيرنگ، (16) سيد خواجه عبدالخالق، (17) سيد خواجه عبدالباقي، (18) سيد خواجه آفاق خورد، (19) سيد خواجه مجدد، (20) سيد آفاق ڪلان، (21) سيد شيخ ضياءُالدين، (22) سيد شيخ عبدالواهب، (23) سيد شيخ خواجه ناصر الدين، (24)سيد شيخ فخرالدين، (25) سيد شمس الدين، (26) سيد ابوالمعالي، (27) سيد علاءُالملڪ الشهيد، (28) سيد شمس الدين، (29) سيد ضياءُ الملڪ، (30) سيد ابوالمعالي، (31) سيد شمس الدين ابو جعفر، (32) سيد ضياءُ الدين، (33) سيد عمادالدين، (34) سيد الامير عبدالله ماهرو، (35) سيد امير ابوالحسن، (36) سيد امير ابوالقاسم، (37) سيد عبدالله رضا، (38) سيد موسيٰ الثاني، (39) سيد داورالمتين، (40) امام ابو محمد العسڪري، (41) امام علي الهادي التقي، (42) امام ابوالحسن محمد خواجه التقي، (43) امام ابو محمد موسيٰ رضا، (44) امام موسيٰ ڪاظم، (45) امام محمد جعفر، (46) امام محمد باقر، (47) امام زين العابدين، (48) امام ابو عبدالله الحسين، (49) امام اميرالمؤمنين علي المرتضيٰ عليہ السلام.

سندن اصل سڪونت جي جاءِ دهلي چئي وڃي ٿي. سندن آباواجداد وڏا حڪيم تسليم ڪيا ويندا هئا. سندن خاندان مان هڪ اعليٰ هستي، سيد عبدالفتاح، جو هڪ نقل هن ريت بيان ڪيو وڃي ٿو ته شاهه صاحب جن وٽ هڪ شخص خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين. ”قبلا هڪ مريض جي هلي نبض ڏسڻ فرمايو.“ پاڻ اٿيا، ۽ اُن عرضدار جي گهر ڏانهن قدم رنج فرمايائون. گهر پهچڻ تي عرضدار عرض ڪيو ته ”قبلا، پردي هئڻ سبب اوهان مريض جي نبض ڏسي نه سگهندا.“ ان تي بزرگ فرمايو، ”چڱو، اوهين ڌاڳو سندن هٿ ۾ ڏيو ته آءٌ سندن نبض سڃاڻي وٺندس.“ آخر سيد صاحب جن ڌاڳو وٺي نبض ڏسڻ فرمائي، ۽ فرمايائون ته کيس چيڇڙا کارايا وڃن ته مريض چاق ٿي ويندو. هيءُ ته هڪ امتحان هو: اُن شخص فقط شاهه صاحب جن جو امتحان وٺڻ ٿي چاهيو، بلڪ حقيقت ۾ مريض ته اُن جي گهر ۾ هوئي ڪونه: اُن شخص ته فقط ڌاڳو هڪ ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي، بزرگ کان نبض شناسي ٿي ڪرائي!

سندن خاندان سيد مير محمد لاعقب صاحب کي مير فيض محمد خان (پهريون) والي رياست خيرپور دهليءَ مان خيرپور ۾ وٺي آيو، ۽ اُن وقت کان وٺي سندن خاندان هميشہ لاءِ خيرپور رياست ۾ ئي سڪونت اختيار ڪئي. اُن بعد انهيءَ خاندان رياست ۾ ملازمت ڪرڻ شروع ڪري ڏني. سيد عبدالله شاهه صاحب فتاحيءَ جو ڏاڏو، سيد محسن علي شاهه، رياست خيرپور ۾ مختيارڪاريءَ جي عهدي تي فائز هو. سيد عبدالله شاهه جن جو والد صاحب گهڻو وقت رياست خيرپور ميرس ۾ سب انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز رهيو.

صحيح معلومات مان خبر ٿي پوي ته پاڻ احمد پور تعلقي خيرپور ۾ ڄاوا هئا، ۽ ابتدائي تعليم ڳوٺ اڳڙا تعلقي گنبٽ ۾ ورتائون. انگريزي تعليم خيرپور جي ناز هاءِ اسڪول ۾ ورتائون، ۽ اُتان مئٽرڪ پاس ڪيائون. اسڪول کي خيرباد چوڻ بعد، پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جي تحصيل ڪيائون. کين ٻنهي ٻولين ۾ ڪافي عبور حاصل هو. ننڍي هوندي کان ئي سندن رجحان اسلامي تبليغ ڏانهن زياده هو. ازان سواءِ، ننڍي هوندي کان ئي کين شعر چوڻ جو پڻ شوق هو. سندن تخلص پهريائين ”عبد“ هو، پر پوءِ همايونءَ واري مشهور بزرگ سندن تخلص ”شوق“ رکيو، ۽ پڇاڙيءَ تائين سندن تخلص اهو ئي رهيو. پاڻ قادري طريقي جا پير هئا. همايوني بزرگن جي فيض صحبت کان پڻ مستفيد ٿيا. اُن کان پوءِ حضرت مولانا قطب الاقطاب سيد تاج محمود صاحب امروٽي رحه کان ذڪر وٺي سندن عقيدتمندن جي حلقي ۾ شريڪ ٿيا. سندن وفات بعد، شيخ المشائخ قطب الوقت حضرت مولانا حمادالله صاحب هاليجوي دام برکاته جن جي عقيدتمندن جي حلقي ۾ شامل ٿيا.

خلافت هلچل ۾ پڻ پاڻ ڪافي بهرو ورتائون. ايتريقدر، جو پير ڳوٺ جي نزديڪ ڳوٺ شاهپور ۾ تبليغ ڪندي گرفتار ڪيا ويا هئا، ۽ کين سکر سينٽرل جيل ۾ نطربند ڪيو ويو، جتي پڻ تبليغ جو ڪم چالو رکيائون، ۽ ڪيترائي قيدي سندن حلقهء ارادت ۾ اچي ويا. آخر حڪومت کين جيل مان ڪڍي ڇڏيو.

خلافت تحريڪ واري وقت ۾ پاڻ خلافت جي هڪ ڪاميٽيءَ جي سرڪردگيءَ هيٺ حرمين شريفين پڻ ويا، ۽ اُن سان پاڻ حج جا فرائض پڻ بجا آندائون. مڪي شريف ۽ مديني منوره ۾ ڪيترن ئي زبردست عالمن سان سندن ملاقات ٿي. پاڻ حج جو سمورو احوال قلمبند ڪرڻ فرمايائون، جو اڄ پڻ سندن اولاد وٽ موجود آهي، ۽ ان ۾ ڪيئي حڪمت جا موتي سمايل آهن.

سال 34-1933ع ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ عربي ٽيچر مقرر ٿيا. ان دوران ۾ پڻ تبليغ جو سلسلو جاري رکيائون. ڪيترائي غير مسلم سندن فيض نظر سان مسلمان ٿيا. شهر ڳڙان ۾ هڪ ”مدرسه دارالصلاح“ جو بنياد وڌائون، ۽ هڪ انجمن تبليغ اسلام جو پڻ پايو وڌائون. اُن انجمن جي سهاري هيٺ، شهر اڳڙن ۾، ميلادالنبيءَ جي موقعي تي جلسو ڪرائڻ لڳا، جو اڄ ڏينهن تائين سندن يادگار هليو اچي. آهستي آهستي ان ميلاد جي سڄيءَ سنڌ ۾ مشهوري ٿي ويئي، ۽ پري پري کان علماء دين اچي ان مجلس کي پنهنجي فيض سان مستفيد ڪرڻ لڳا.

آخر، ڳوٺ مير محمد جي ڪوٽ ۾ (لڳ پير ڳوٺ)، الله تعاليٰ جي امر سان، ڪن شاهينگن هٿان شهيد ٿيا.

شاهه صاحب چڱا شاعر ۽ اديب هئا. ڪيترائي ڪتاب سندن هٿ جا لکيل هئا، جي سندس اولاد جي لاغرضيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ سببان ٻين جي هٿ چڙهي ويا. سندن هڪ ڪتاب ”اوچتو عشق“ ڇپايل آهي، جنهن جي تصحيح مرزا قليچ بيگ صاحب ڪئي هئي. پاڻ مولود گهڻي تعداد ۾ چيا اٿن، جن مان هڪ ڪتاب سندن ڇپايل پڻ موجود آهي. سندن ڪي سنڌي مولود توڙي عربي ۽ پارسي ۾ چيل اشعار اڻڇپيل حالت ۾ موجود آهن.

 

ڪلام جو نمونو

مولود شريف

پاڻ پساءِ سهڻا نبي، مرحبا جئرا نبي، مرحبا اعليٰ نبي!

تولئي روز سڪان سرور، روئي هنجون هاريان هر هر،

- من ترس پئي توکي ڏسي.

مديني جيتر ٿئي قسمت، خواب ۾ تنهنجي ٿئي زيارت،

- اهو عرض اگهاءِ سخي.

مير، مديني گهراءِ مون کي، عمر منهنجي گذري جتي،

- ۽ پڻ اتي ٿئيم بُٺي.

قيامت ۾ اي شاهه شفيع، وقت شفاعت جي عربي،

- شل ياد هجي هي اُمتي.

”شوق“ سان توتي مان پڙهان، لک صلواتون سوز منجهان،

- مرڻ تائين شل مَڪي!

(2)

صل عليٰ، صل عليٰ، صل عليٰ!

الله پڻ ملائڪ سندن، درود نبيءَ تي ٿا دائم پڙهن،

اوهين به پڙهو ڇو نه هر هر مٺا! ...

نالو محمد جيڪو ٻڌي، لازم پڙهڻ صلوات ٿئي،

پڙهي ڀَل پوءِ هڪدم ته هر هڪ ادا ...

درود پڙهڻ کان جنهن نفرت ڪئي، منافق ٿيو تنهن ته غفلت ڪئي.

ڪر توبهه دل سان پڙهي سو ادا ....

درودپڙهڻ آهي دردن دوا، جو ڪثرت ڪري، لهي آخر شفا،

ٿين دل جا مطلب تنهن کان سوا....

”شوق“ سان پڙهه تون فتاحي درود، آهي قبر ۾ حامي درود،

راضي پوءِ توتي ٿئي خود خدا ...

 

 

(مولود عربي)

الحمدلله الذي خلق السماءلمحمدِ، اعطي ڪمالاً ڪاملاً في الانبياء لمحمد.

من وجهہ‘ شمس الضحيٰ، من خدّه‘ بدر الَّدُجيٰ،

من ذاتہ‘ نورالهديٰ، ملڪ العليٰ لمُحمّدي.

 

والشمس في تعريفہ، اليل في توصيفہ،

يٰس في تشريفہ، نزل الضّحيٰ لمحمد.

 

لولاڪ کان خطابہ‘، ام الکتاب ڪتابہ‘

خيرالمآب مآبہ‘، سعد العُليٰ لمحمد.

 

صديق في تصديقہ، فاروق في توفيقہ،

عثمان في ترفيقہ، حيدر فتيٰ لمحمد.

 

(سهرو سندس پٽ جي شاديءَ وقت)

وه واهه، بَنا! تنهنجي شادي، ٿي شادي خانه آبادي!

تنهنجي شاديءَ ۾ مائٽ گڏ ٿيا، تنهنجا دوست پيارا اچي ويا،

ڏيــــــــن  تو کـــي مــــبارڪـــبادي!

تنهنجي شاديءَ ۾ ڪيئي ٿيا طعام، ٻوڙ پلاهه حلوا جام،

ماني سڀڪنهن ڊوءَ تي کاڌي!

تنهنجي شاديءَ ۾ ساراهه نبيءَ جي، ٿئي مزمت ٿي دشمن گندي جي،

ٿي وئي بدعت جي بربادي!

تنهنجي شاديءَ ۾ قرآن پڙهجي، ٿو وعظ نصيحت ٻڌجي،

سي ابليس سان آهه تعدي!

پهريون توکي ڏين ٿا مبارڪ، پوءِ پڻهين ۽ ماڻهين کي مبارڪ،

ٿي وئي مست خوشيءَ ۾ ماءُ دادي!

تنهنجو ”شوق“ مان دعاگو ’فتاحي‘، توکي بخشص حياتي الاهي،

شل ماڻين پنهنجي سهري زادي!


*  نمبر نالو شجري مان اُڏوهيءَ کائي ڇڏيو آهي، اُن ڪري خالي ڇڏيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com