سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :36

”علي حسين مرتضائي“

 

غلام حسين ”ملنگ“

 

سنڌ جو گمنام مرثيي گو شاعر مرحوم غلام حسين ”ملنگ“، سن 1904ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ نندي شهر تعلقي بدين ۾ ڄائو. شروع کان واپار تي وريو، ان ڪري تعليم ۾ ترقي ڪانه ٿيس: پنج درجا سنڌيءَ جا پڙهڻ بعد، ڳوٺ جي هڪ مولوي صاحب کان ٽن سالن تائين فارسيءَ جي تحصيل ڪيائين. سندس والد مرحوم، سيٺ حاجي غلام علي، پنهنجي وقت جي هڪ ناليرو واپاري ۽ چڱو مڙس هو. بدين، ڪڍڻ، جهڏي گدام، ميرپور ۽ ٻين گهڻن شهرن ۾ سندس چمڙي جون ڪوٺيون قائم هيون. ڳچ جيتري زمين به هيس. پنهنجي خواجا قوم جو چڱو مڙس هو. لاڙ ۾ پهرين پهرين جن چئن مک ماڻهن سر آغا خان جي بيعت ٽوڙي اسماعيلي عقيدي کان بيزاري ڏيکاري، سيٺ حاجي غلام علي انهن مان هڪ هو. انهن پوءِ اثناعشري عقيدو اختيار ڪيو. هن وقت لاڙ ۾ جيتريقدر انهيءَ عقيدي جي خواجه قوم موجود آهي، سا انهن چئن بزرگن جو اولاد آهي. مرحوم غلام حسين تي انهن اوائلي سرگرمين جو گهڻو اثر پيو، ۽ اهلبيت سان عقيدت جي اظهار ۾ هن پاڻ کي ”ملنگ“ مشهور ڪيو. 1928ع کان شاعري شروع ڪيائين. مدح، نعت، سلام، نوحا ۽ مرثيا گهڻي انداز ۾ چيا اٿس. آواز ۾ سوز بيحد هوس. سوز خوانيءَ جي مجلسن ۾ ماڻهو ”ملنگ“ کي اوس ساريندا هئا. هن وقت به لاڙ جي اڪثر شهرن ۾ سندن ڪلام، سوز خوانيءَ جي مجلسن ۾ پڙهيو ويندو آهي. پرڻي مرڻي ۽ ٻين مختلف تقريبن لاءِ سندس چيل سهرا ۽ ڳيچ، انهيءَ پاسي ڪافي مقبول ۽ عام آهن. نظم ۽ نثر ۾ ذاڪريءَ جون ٽي چار سؤ مجلسون سندس تصنيف آهن. سنڌي ۽ ملتانيءَ ۾ سندس چيل سمورو ڪلام کانئس ننڍي ڀاءُ نذير حسين حيدريءَ وٽ محفوظ آهي، جو مشهور هاري اڳواڻ ۽ خود به سنڌيءَ جو سٺو اديب ۽ افسانه نويس آهي. پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي ”ملنگ“ پنهنجي زمين ۽ واپار ۾ ساڻس مددگار رهيو. والد جي وفات کان پوءِ سڄو ئي ڪاروبار سندس اڪيلي سر تي اچي پيو. پاڻ چئن ڀائرن ۾ وڏو هو. آخر ٻاهر جون ڪوٺيون بند ڪري، نندي شهر جي ڪوٺي ۽ زمينات جو ڪم سنڀالڻو پيس. سڀ کان ننڍو ڀاءُ محمد حسن پور جوانيءَ ۾ گذاري ويو. جلد ئي پاڻ ٽِي. بِي. ۾ مبتلا ٿي پيو، ۽ انهيءَ عارضي کان 1953ع ۾ وفات ڪيائين. اهڙيءَ طرح، کانئس پوءِ نندي شهر واري ڪوٺي به بند ٿي ويئي. باقي ٻن ڀائرن مان آءٌ زمينات جو ڪم سنڀاليان ٿو، ۽ وڏو ڀاءُ نذير حسين حڪمت ۽ ٺيڪيداري ڪري ٿو.

 

ڪلام جو نمونو

پون ياد پل پل اباڻا اندر ۾، ويئي راهه ڳوليان مارُن جي مهر ۾.

ڏسيو محل ماڙيون، سُڃيون ساريون جايون،

ٻرن ٿيون اندر ۾ ڀڙڪ ڏيئي باهيون:

سڄو جڳ انڌارو اچي ٿو نظر ۾.

مُڪو مون جو قاصد، وري ڪو نه آيو،

ڪو ڄاڻان قريبن نه ورندو ورايو:

انهيءَ سور سرتيون وڌو آ گوندر ۾.

ڏٺم ڪلهه ڪبوتر، مٿي ماڙي ويٺل،

پڇيو مون خبر ڏي اباڻن جي پلپل:

چيائين، ابي ساڻ ملندينءَ حشر ۾.

”ملنگ“ مرتضيٰ جي، توتي ٻاجهه ٿيندي،

حُسينڻ جي مادر اجر توکي ڏيندي:

حامي ٿيندءِ حيدر انڌاري قبر ۾.

*

مهند محبن جي ملڻ کان موت مون مارين متان!

سڪ اٿم، شهزادهء ڪولين جي قدمن ڊهِي،

پُر ضيا پيرن مٿي منهن کي مَلي بوسو ڏيان.......

فاطمہ جي لال کي عباس جو پُرسو ڏئي،

هٿ ٻڌي حضرت ڪنان هڪ جام ڪوثر جو پيان.......

هو ڪريم ابن الڪريم آهه جنت جو قسيم،

پاند پائي ڳل ڳچيءَ ۾ پاس جنت جي ڳنان.......

آهيان گناهن ۾ غرق، منهن سياهه منهنجو ٿيو،

’يُطَهِرُ ڪُم تَطهِيرا‘ جي دامن لڳي اُجرو ٿيان.......

ٻي تمنا هيءَ اٿم جو روبرو ڪربل وڃي،

دلربا جي در سندي مان چانٺ چشمن سان چمان.......

واسطو توکي ڏيان ٿو حيدرِ ڪرار جو،

عرض ملنگاڻو اگهائج يا خدا رب المنان!

عبدالقيوم ”صائب“

 

حيات شاهه ”حافظ“

”داستانِ غم“، ”وڇڙيلن جو ميلو“، ”ديوان حافظ“، ”گلستانِ حيات“، ۽ ٻين ڪيترن ئي پر اثر ۽ عقيدتمدانه مولودن، مدحن، نعتن ۽ قومي نظمن جو خالق، سنڌ جو ”حافظ“، سيد محمد حيات شاهه، سن 1875ع ڌاري، ضلعي جهنگ پنجاب ۾ پنهنجي ناناڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. کيس سيد غلام حيات النبي پڻ چوندا هئا. سندس والد جو نالو سيد مير عالم شاهه هو. جو حسيني ساداتن جي پُري مان هو. سندن خاندان جو سلسلو حضرت امام تقي عليه السلام سان وڃي ٿو ملي، ۽ پاڻ حضرت جن جي صاحبزادي محمد عارج جي اولاد مان آهن.

حافظ صاحب ناناڻي ڳوٺ ۾ ڄائو، نپنو ۽ سمجهه ڀريو ٿيو. ننڍي هونديئي سندس والده ماجده سرداران بيبي – جا پڻ هڪ نيڪ نيت، نيڪ سيرت، سمجهو ۽ دور انديش عورت هئي – ان جي گذاري وڃڻ بعد، کيس ڏاڏاڻي ڳوٺ سعيد پور ڏانهن (جو اتان 40 ميل پري، رانجهي واري تخت هزارا جي ڀرسان، ضلعي گجرات ۾ واقع هو) وڃڻو پيو. سڄي ڳوٺ ۾ سندن گهراڻو عزت ڀريو، سرند ۽ مڇي – مانيءَ وارو هو. سندس والد کي ”وڏو سائين“، والده کي ”بيبي سائڻ“، ۽ کيس ”صاحبزادو پير“ ڪري ڪوٺيو ويندو هو. حافظ صاحب جي والده پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي سڪيلڌي پُٽڙي جي ٻانهن پنهنجي ڀيڻ عظيمان بيبيءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ويئي، جنهن کيس حتي الوسع سکيو رکيو، ۽ پنهنجي نياڻيءَ سلطانه بيگم جو مڱڻو ساڻس ڪرايو، سلطانه بيگم ۽ پاڻ – ٻنهي ڄڻن ننڍي هوندي کان وٺي هڪٻئي سان گڏ گذاريو ۽ رانديون رونديون ڪيون هيون. ٻنهي کي هڪٻئي سان پيار ته ڇا، بلڪ عشق ٿي ويو هو. انهيءَ سلطانه بيگم جو پلؤ، لکئي جي ليک ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي اڙايو، ۽ حافظ صاحب پنهنجي ڪمزوري ۽ ناداريءَ جو شڪار ٿي، ناڪام عاشق وانگر، سڄي عمر شاديءَ لاءِ سڪندي سڪندي، وطن کان بيوطن ٿي، مجازيءَ کان حقيقيءَ ڏانهن وک وڌائيندي، نيٺ 26 ڊسمبر 1955ع تي، حيدرآباد شهر ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو.

حافظ صاحب ”داستان غم“ نالي ڪتاب ۾ پنهنجي حياتيءَ جي اوائلي چند ورهين جو احوال قلمبند ڪرايو آهي. انهن ابتدائي ورهين ۾ هو ڳوٺ کان نڪري، ڪجهه ڏينهن ٻاهر رهي، پنهنجي والد بزرگوار جي قدمبوسيءَ ۽ مڱ ۽ محبوبه جي سڪ ۾ پوئتي وري، اچي ساڻن ملي ٿو. هو پنهنجي محبوبه سان صرف ڏهه ڏينهن گذاري ٿو، جنهن بعد سڄيءَ ڄمار لاءِ وڃڙي وڃي ٿو: وري کيس پنهنجي جيئري هن جو منور منهن ڏسڻ جو موقعو ڪين ٿو ملي، ۽ حافظ صاحب انهيءَ خواهش جي تڪميل لاءِ ائين چوندو رهجي ٿو وڃي ته

ملي جي خواب ۾ سا حور، ”حافظ“ سر ڪريان صدقو

ڇڏايو جنهن وطن ۽ اقربا، گهڙ تڙ ٻنيون ٻارا.

هو پنهنجيءَ محبوبه کي ڇا ڪري سمجهندو هو ۽ کيس ڪهڙي عزت ڏيندو هو، تنهن بابت سندس ئي قلم مان نڪتل چند لفظن جي ذريعي اظهار ڪرڻ بهتر ٿيندو. لکي ٿو:

”سلطانه بيگم هڪ نيڪ بخت، نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت زال هئي. سندس منهن چنڊ جهڙو هو. سندس آواز، يعني زبان، ماکيءَ ۽ مصريءَ کان مٺي هئي. هوءَ طبيعت جي بلڪل سادي هئي، مگر سندس اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ – هر فعل مون لاءِ ناز ثابت ٿيندو هو، ۽ اهو ناز، تير بڻجي، منهنجي جگر ۾ آرپار ٿي ويندو هو. هوءَ هر منٽ ۾ پنهنجي نظر جي تير سان مون کي ماريندي هئي، پر وري مٺيءَ زبان جي ٻول سان جياريندي هئي“.

حافظ صاحب، ماضيءَ کي ياد ڪندي، پنهنجو داستادن دهرائيندي ٻڌايو آهي ته جڏهن ناناڻي ڳوٺ کي الوداع چئي، اباڻي ڀونءِ ۾ آيو ته اُتي پهريائين ماحول ۽ فضا سان ٺهڪي نٿي آيو، پنهنجن ۾ اوپرو پئي لڳو، پر جلدي هتي وارن سان ٺهي ويو ۽ رلي ملي هلڻ لڳو. سندس ماسات سلطانه بيگم کانئس عمر ۾ پنج سال وڏي هئي، جنهن سان مڱڻو ٿيس. هوءَ لکي پڙهي ڄاڻندي هئي. سلطانه، سلطانه جو ڀاءُ انوار احمد ۽ حافظ صاحب، پاڻ ۾ گڏجي رانديون رونديون ڪندا ۽ کير ۽ کنڊ ٿي هلندا هئا.

چوندا آهن ته ”لکيو منجهه نراڙ قلم ڪياڙيءَ نه وهي“ – ”رڌيون پڪيون به يانصيب!“ آسمان ڪج رفتار، هونئن ئي ڪنهن سان ڪين ٺهي ۽ ٻن ٺهڪندڙ دلين جو ته هميشہ کان ويري آهي – سو ڇا ٿيو جو سندن شريڪن ۾، شمس الدين نالي هڪڙو ڇورو ڇنو ڇوڪرو هو، جنهن جا مائٽ مٽ گهڻو تڻو مري کپي ويا هئا؛ پر وڏو مائٽ ’پئسو‘ وٽس ڌرڻو ماريو ويٺو هو. شمس الدين، پنهنجي پئسي جي زور تي، نيٺ ٻن پيار ڀريل دلين ۾ وڇوڙي وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هڪ ٻوٽي جي ٻن مکڙين، کِڙي ۽ کلي اڃا هڪٻئي سان پوريءَ طرح مرڪي ڳالهين جا چار چونڪ ئي ڪين ڪيا هئا، ته اهڙي ڪا هوا لڳي، جو مکڙيون هڪٻئي کان ائين پري رهجي ويون؛ ڄڻ ته هوا جي لهرن تي ڪي ٽاريون هڪٻئي سان ملي پوءِ جدا ٿي ويون هجن. مجبوري ۽ حسرت ڏسندي رهجي ويئي ۽ اميدون دل ۾ ئي ڪر موڙي رهجي ويون. هاڻي سلطانه جو سڱ، حيات شاهه جي بدران شمس الدين کي ملڻو ٿيو. اهو سارو جادو، ’ڪاڪ روپي‘ ناڻي جو هو، پر اها ڳالهه سلطانه جي ماءُ کي نه وڻي، جنهن حيات  شاهه کي سڏائي پنهنجيءَ پَر ۾ چيو ته ”سلطانه ننڍي ڪانه آهي، وات وڪيل آهي، تنهنڪري تون، انوار ۽ سلطانه، ٽيئي گڏجي هتان چپ چاپ فلاڻي ڳوٺ ۾ فلاڻي قاضيءَ وٽ وڃو ۽ نڪاح پڙهائي موٽي اچو، پوءِ جيڪي ٿيندو تنهن کي آءٌ پاڻيهي منهن ڏينديس.“ سلطانه ۽ انوار ته اڳيئي انهيءَ ڳالهه لاءِ تيار ڪيا ويا هئا. ’ونيون ۽ ٻنيون مڙسن ڪين ڇڏيون.‘ پر حيات شاهه، جنهن کي چاچن جي مار موچڙي ۽ سختيءَ اڳيئي ڪڙهائي ڇڏيو هو، تنهن هام نه ڀري ۽ ڊڄي ويو. ’نما نما‘(نه مان، نه مان) ڪرڻ لڳو. نيٺ جڏهين سلطانه ڏٺو ته هن کي سندس

مرضيءَ جي خلاف شمس الدين جي حوالي ڪيو پيو وڃي، تڏهين همت ڪري پنهنجي خاندان جي هڪ ٻئي فرد سان وڃي نڪاح وجهائي آئي.

حافظ صاحب پنهنجي برباديءَ جو هي نقشو اکين سان ڏسي، راتو واهه ڳوٺ ڇڏي هليو ويو. ۽ ان وقت پنهنجي ناڪام تمنائن جي هن ريت تصوير چٽيائين:

 

ڏٺي شادي جي بدران مون اکين سان ٿيندي بربادي،

ٿيا ويران سي ويڙها، جتي هئي زور آبادي.

 

پوءِ، مير عالم شاهه به پٽ جي غم، ڀائرن جي بي قياسي ۽ پئسي پرستيءَ کان تنگ اچي، پنهنجو ڳوٺڙو ڇڏي، ڪن مريدن جي چوڻ تي وٽن وڃي رهيو؛ جن سندس مرضيءَ موجب، ڳوٺ جي ڀرسان هڪ نهر جي ڪناري تي، هڪڙي خلاصي جاءِ اڏي ڏنس. هن بزرگ شخص پنهنجا پويان ڏينهن انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ ئي، الله جي عبادت ۽ خلق جي خدمت ڪندي هي جهان ڇڏيو.

حيات شاهه جي راتوواهه ڳوٺ ڇڏي وڃڻ بعد، جنهن وقت سندس مائٽ کيس ڳولي واپس آڻڻ لاءِ سنڀريا، ته ان وقت هڪ بيوس پيءُ جي اندر مان جي لفظ نڪرن ٿا سي هن جي ذهني ڪشمڪش جو بهترين خاڪو پيش ڪن ٿا. هو چوي ٿو:”منهنجي پٽ جي پويان ڪو به نه وڃي. جڏهن مظلوم سان ظلم ۽ بيدادي ٿي ٿئي، تڏهين ڪنهن به سندس مدد ۽ حمايت نه ڪئي. هاڻي جڏهين هو مون کي جدائيءَ جو داغ ڏيئي، پنهنجي قسمت پاڻ سان وٺي هليو ويو آهي، تڏهين کيس موٽائڻ جو ڪو به ضرور نه آهي. هو ڄاڻي ۽ سندس قسمت ڄاڻي“.

هيڏانهن حيات شاهه ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ، وري ڳوٺ ڏانهن واپس وريو ۽ پنهنجي والد کي انهيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ اچي ڏٺائين؛ جنهن وٽ ڪجهه ڏينهڙا گذاري، سور روئي، ٿوري گهڻي خدمت ڪري، موڪلائي اُٿي هليو، هلي اچي جيجل ماءُ جي قبر تان ٿي، ناناڻي ڳوٺ ۾ گهڙيو ۽ وڏي حرفت سان، ساهيڙين جي بهاني تي، سلطانه بيگم کي گهرايائين، جا انوار احمد کي پاڻ سان گڏ وٺي آئي ۽ ڏهه ڏينهن حيات شاهه سان گڏ گهاريائين. ان بعد، حيات شاهه وري به هتان ڀڄي نڪتو. سلطانه بيگم، هي اوچتو ڌڪ سهي ڪانه سگهي، ٻئي ڏينهن تي دم ڏنائين ۽ پنهنجي ناناڻي ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪئي ويئي؛ جنهن جي سُڌ، حافظ صاحب کي پوءِ پئي، جڏهن هو وري پنهنجي ماءُ جي مقام تي ويو ۽ پنهنجي محبوبه جي قبر تي، جنون جي حالت ۾ سڄا سارا ٽي ڏينهن بيهوش پيو هو. هن واقعي جي ياد ۾ پاڻ ٿو چوي:

مٺي سلطانه بيگم کي ڏئي دعوت سهيلين جي،

مرڻ لئه ڳوٺ ناناڻي، گهرايو ڪنهن؟ ازل جي انگ.

حيات شاهه، ڏهين ڏينهن سلطانه بيگم جي هٿ مان هڪ سوني منڊي ۽ چانديءَ جا ٻه ڇلا لاٿا هئا، جن مان منڊي نشانيءَ طور واپس سلطانه جي آڱر ۾ وڌائين ۽ ڇلا پاڻ وٽ رکيائين. جي 1912ع تائين وٽس موجود هئا ۽ پوءِ ڪيڏانهن ويا، يا انهن ڇلن سان سندس زندگيءَ جي ڪهڙن ڪهڙن مٺڙن ۽ ڏکين ڏينهن جي حڪايت وابسته آهي؛ تنهن لاءِ سندس خيال هو ته ”داستانِ غم“ جي ٻئي ڀاڱي ۾ اهو احوال ڏيندو، پر حالتن ايتري فرصت نه ڏني جو ٻيو ڀاڱو تيار ٿئي ۽ سندس حياتيءَ جو مڪمل داستان سنڌ وارن تائين پهچي. سندس چوڻ موجب انهن ڇلن جي سرگذشت به عجيب آهي.

واديء غربت ۾ من ”حافظ“ اچي آرام ڪبو،

ٿو ڇڏيان هاڻي وطن، اي بزمِ ياران، الوداع!

هن ڀيري ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ، هيءُ قسمت جو ماريل ۽ تقدير جو ڳاريل پنجاب، يو، پي. بنگال، مدراس، دکن، ملبار، گجرات، ڪاٺياواڙ، مارواڙ ۽ ٻين صوبن جو سير سفر ڪندي، 28 ورهين جي ڄمار ۾، سن 1903ع ڌاري، مارواڙ جي بالوترا نالي ڳوٺ ۾ سخت بخار ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري نيڻن جي نور کان هميشہ هميشہ لاءِ محروم ٿي ويو.

سن 1910ع ڌاري سنڌ ۾ پير پاتائين. سنڌ جي مختلف ڳوٺڙن ۽ واهڻن ۾ گذاريائين، ۽ سنڌ جهڙي مهمان نواز ملڪ کي پنهنجو وطن بڻايائين. هو سنڌ ۾ گهمي ڦري، ڪوٽڙيءَ جي مِيَن وٽ جامع مسجد ۾ اچي ٽڪيو ۽ سنڌونديءَ سان حال اوريندو رهيو. هن کي سنڌو دريا سان ڏاڍو پاٻوهه ۽ پيار هو. دريا جي ڪنڌيءَ تي ويهي جڏهين اُن ۾ پير لڙڪائي پاڻيءَ جي ٿڌڪار محسوس ڪندو هو، ته ڳوٺ واري چناب نديءَ جو ساءُ پيو ايندو هوس، ۽ پراڻا ڦٽ چڪڻ لڳندا هئس –

لٽڪائي پير سنڌوءَ ۾ جنهن دم ويهان ٿو مان،

ڪنهن نينهن جو نشو ٿو ٿئي مون تي طاري.

هلي اي سنڌوندي صدقي وڃان تو تان سدا،

تو ۾ گڏجي ٿو اچي مٺڙي وطن منهنجي جو آب.

آبِ حيوان، آبِ چشم و خونِ دل قربان ڪنم،

دست آيد گر مرا يڪ قطره از آبِ چناب!

مِيَن وٽ مولودين جون محفلون عام جام ٿينديون هيون، جن مان حافظ صاحب کي ڏاڍو رس ايندو هو. سندس چوڻ موجب کيس انهن مولودن منجهان پنجاب جي ڳوٺاڻن گيتن وارو سوز ۽ ساز محسوس ٿيندو هو. هي وطن کان وڇڙيل، اهي مدحون ۽ مولود وڏي چاهه ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌڻ ۽ سکڻ لڳو.

سن 1913ع ڌاري حيات شاهه جي حيدرآباد ۾ ”خواب“ صاحب جن جي والد بزرگوار ميان علي بخش سان ڏيٺ ٿي، جنهن جي اوطاق تي ٻارهو ئي مولودين جي محفل متل هوندي هئي. پاڻ به مولودين جي مجلس جو مور هو، ۽ انهيءَ ڏس ۾ سندس نالو سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هو. ممڪن آهي ته حافظ صاحب پڻ انهيءَ رس ٻڌڻ جي لاءِ حيدرآباد ۾ آيو هجي. وقت گذرندو ويو، ميان علي بخش ۽ حيات شاهه هڪٻئي کي ويجها ٿيندا ويا – تان جو ميان صاحب، حيات شاهه کي هميشہ جي لاءِ پاڻ وٽ اچي رهڻ لاءِ زور ڀريو: پوءِ هو به جلدي اچي حيدرآباد ۾ رهيو، ۽ سدا لاءِ اتيئي رهي پيو. انهيءَ وچ ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿي پيون هيون، جو پاڻ ٿو چوي:

اهڙو ڪو واءُ سخت وريو آهه ديس ۾،

واڳون وطن ڏي جيئري ته واري نٿو سگهان؛

’سلطانه‘ منهنجي ساهه جي بيگم وئي لڏي،

تربت تي تنهنجي منهن به ڏيکاري نٿو سگهان!

نيٺ سڻائو واءُ لڳو، حالتون سڌريون، ۽ حافظ صاحب پنهنجي وطن ڏي اچڻ وڃڻ لڳو. گهڻو ڪري سال بسال، ماڻهو ساڻ ڪري، مائٽن جي مقام تي ويندو هو، جتي جيجل ماءُ، پياري ماسي، محبوبه سلطانه بيگم ۽ ٻين عزيزن ۽ پيارن جي مقام تان ٿي، نيڻن مان نير وهائي، اکين مان آب اوتي، اندر جي تپش ۽ دل جو بخار ڍرو ڪري، واپس موٽي ايندو هو. سلطانه کي اڪثر خواب ۾ پيو ڏسندو هو، ۽ چوندو هو:

خدا رحمت ڪري، ماسات! تنهنجي روح تربت تي،

”حيات“ آهي ڪو پل جڳ ۾، گهَڙي گهايل سان گهاري وڃ.

پڇاڙيءَ ۾ هن مجازي عاشق جي دل تي فراق ۽ وڇوڙي، دنيا جي بيوفائي ۽ ڏاڍائي، ۽ زماني جي واقعن ۽ تجربي، حقيقت جو رنگ چاڙهڻ شروع ڪيو. هن جي دل ۾ حب رسول (صلعم) پيدا ٿي، ۽ سرڪار دو عالم جي چانئٺ چمڻ لاءِ سڪ ۽ خواهش ۾ گهر ڪري ويس –

بدلجي ويو بس طبيعت جو رنگ،

مجازيءَ تي آيو حقيقت جو رنگ.

*

روزي رسول پاڪ تي روئي چئج صبا،

”حافظ“ سڏايو سنڌ مان هيڪر حجاز ۾.

 

اوهان وٽ جو ايندو، نه موٽي سو ويندو،

اهو قول ”حافظ“ کان بيشڪ لکايو.

*

پهنچونگا روضه پاک په يا آئي گي اجل،

کهڻکا لڳا يه رهتا هي شام و سحر مجهي.

جلد ئي اهڙا به سبب پيدا ٿيا جو سندس اها آرزو به پوري ٿئي ها؛ پر پاڻ چوندو هو ته ’آءٌ گهران ٿو ته اُتي وڃان ۽ وري موٽي نه اچان: سدائين پاڻ سڳورن جي چانئٺ تي پيو هجان!‘ هو اهڙا وفا جا پيمان ۽ پلاند پاڻيهي پيو ٻَڌندو هو. نيٺ سيد حاجي علي اڪبر شاهه کيس چيو ته ’آءٌ سڄو بندوبست ڪري ٿو ڏيان، توهان وڃي حضرت جن جي مقدس مزار جي زيارت ڪريو‘- پر پاڻ نه ويو. عبدالله ”خواب“ انهيءَ تي کانئن پڇيو ته ’آخر ههڙي وجهه هوندي به اوهان ڇو نٿا وڃو؟“ ان تي جواب ڏنائين ته ’عبدالله، آءٌ وڃان ته سهي، پر حضرت جن سان ڪوڙو ٿي پوندس ۽ هميشہ لاءِ اتي رهي ڪو نه سگهندس: سلطانه جي سڪ وري به مون کي موٽائي آڻيندي!‘

”حافظ“، سردارِ دوجهان جي شان مبارڪ ۾ گهڻو ئي ڪلام چيو آهي، - پر بي پهچ بندو الله جي پاڪ ۽ پياري ٻانهي جي ڪيتري ساراهه ڪري سگهندو!

زبان عاجز، قلم قاصر، خرد وهم و گمان گم شد،

محمّد مصطفيٰ صلي عليٰ جي ڇا ثنا ڪريان!

 

ڪي واقعا.

حيدرآباد ۾ اچڻ تائين به هن شخص جي دماغ تي ديوانگي ۽ جنون جو عالم طاري هو. جڏهن پاڙي جا ڇوڪرا کيس انڌو انڌو ڪري چيڙائيندا هئا، ته هو انهن جي پويان اچي پوندو هو ۽ ڌڪا ڌوما کائيندو هو. پهچي نه سگهندو هو، ته سڄي ڪاوڙ ۽ چڙ پاڻ تي ڇنڊيندي، پنهنجا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيندو هو.

*              *              *

هو هڪ لا غرض ۽ بي طمع شخص هو، ۽ جيڪي ملندو هوس سو گهرج هوندي به ڪنهن غريب غربي يا گهرجائوءَ کي ماٺ ميٺ ۾ ڏيئي ڇڏڻ ۾ ويرم ئي ڪين ڪندو هو. هڪڙي ڀيري جو ذڪر آهي ته پاڻ بيمار ٿي پيو هو، دوا لاءِ پئسو به ڪين هوس: رکي رکي ٿي چيائين ته’پئسو ڪو هجي ته جيڪر فلاڻي دوا وٺي ڪتب آڻي سگهجي.‘ اوچتو ئي ٽپالي آيو، جنهن پنجن روپين جو مني آرڊر آڻي ڏنو. ٽپاليءَ جي وڃڻ بعد، پاڙي جو هڪ شخص وٽس آيو ۽ پنهنجي حال زار جو ذڪر حافظ صاحب سان ڪيائين. حافظ صاحب کي پنهنجي بيماري ۽ دوا ته ويئي وسري، جيڪي پئسا مليا هئس سي ان شخص کي ڏيئي ڇڏيائين.

*              *              *

عبدالله ”خواب“ جي چوڻ موجب، سندن خاندان جي ننڍڙن جي پڙهائيءَ تي به هن بزرگ شخص گهڻو ئي خرچ ڪيو، ۽ ”حيات ادب“ لئبرريءَ ۾ به ڳچ جيترو پئسو هن جو ئي لڳل آهي. کيس ”پاڙي جي پهر“ ڪري چيو ويندو هو، ۽ کيس جيڪي به ملندو هو، ٻئي ڏينهن يا مينهن وسندي لاءِ بچائي هرگز ڪين رکندو هو. ٻئي طعام سان گڏ کيس نان – ڪباب سان ڏاڍي پوندي هئي: شل نه ڪو ڪباب جو نالو اچي، پوءِ ته يڪدم گهرائڻ لاءِ چوندو هو ۽ بيچينيءَ سان ان جو انتظار ڪندو هو.

*              *              *

هڪ ڀيري، فجر جي نماز لاءِ ماڙيءَ تان لهي مسجد ۾ ٿي ويو، ته هڪ سائيڪل وارو کير جا دٻا کڻي تکو تکو پئي ويو؛ تک ۾ اچي، حافظ صاحب سان ٽڪريو؛ هيءُ ضعيف شخص وڃي پٽ تي پيو؛ ان وقت گهٽيءَ ۾ ڪيو ٻيو شخص موجود نه هو؛ سائيڪل واري، ڪجهه غلطيءَ جي احساس ۽ ڪجهه انساني همدرديءَ جي لحاظ کان، لهي اچي حافظ صاحب کي کنيو، تاڪ کيس سندس گهر وارن جي حوالي ڪري پوءِ وڃي؛ مگر پاڻ کيس چيائون ته ’ابا، اسان کي جيڪي دک پهچڻو هو سو پهتو، تون ڀڄي وڃ، متان اها همدردي ڳچيءَ کان نه وٺئي. آءٌ ته سورن جو ساڙيل ۽ دنيا جي دردن جو ڏکويل انهن تڪليفن سهڻ تي هري مري ويل آهيان، پر ٻيا توکي ڪو نه ڇڏيندا ۽ پوليس جي حوالي ڪندا، جي نه ته به چڱي ريارامي ڪندءِ‘. سائيڪل واري به موقعو غنيمت سمجهي، لانگ ورائي، واءُ ٿي وڃڻ مناسب سمجهيو.

هن مان ڏسبو ته شاهه صاحب جو ڪردار ڪيتري قدر نه بلند هو: منجهس صبر سان رب جي رضا تي راضي ۽ قدرت جي ڪئي تي شاڪر رهڻ جو ڪيترو نه مادو هو!

سندس مهربانن ۾ هالن وارا مخدوم به خاصي اهميت رکن ٿا، جي پڇاڙيءَ تائين هن جي سار سنڀال لهندا آيا. وچ ۾ شايد منجهن ڪا شڪر رنجي پيدا ٿيل ٿي ڏسجي، جو چئي ڏنو اٿس:

’عشق ڪيو انڌو اَدي کي، پر اديءَ کي جن نه ڪن‘-

هيءُ مثل ”حافظ“ سان لاڳو، ۽ سندس مخدوم سان.

 

علمي اڀياس.

حافظ صاحب ڪيتري تعليم پرائي، تنهن جي پوري پڪ ڪانهي، پر ايترو سو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سندس اڀياس اونهو، مشاهدو گهرو، ۽ تجربو ڪافي هو. ڪيترائي علمي ۽ ادبي ڪتاب ٻين کان پڙهائي ويهي ٻڌندو هو. جتي اڳلو منجهي پوندو هو، اتي پاڻ سمجهاڻي  ڏيندو هو. انهيءَ علمي اڀياس جو اثر ۽ رنگ سندس تصنيفن ۾ صاف ۽ چٽو پيو ڏسجي. دراصل حافظ صاحب کي اهي ڪتاب ٻڌڻ جي ضرورت ڪا نه هئي، پر هن بزرگ اهو شغل ان ڪري جاري رکيو ته جيئن ننڍڙن ۾ به علمي ذوق شوق جاڳي – ورنه جڏهين به کانئس ڪنهن ڪنهن ڪتاب جي باري ۾ پڇا ۽ ڳاڇا ڪئي ويئي، تڏهين يڪدم ان جي مصنف، مواد ۽ ناشر تائين گهڻو ڪجهه ٻڌائي ويندو هو. سندس حافظو پڻ عجيب هو: ايڏيون پراڻيون ڳالهيون ياد هيس جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر!

 

يادگيريون.

انسان پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪندو ۽ ورجائيندو ٿو رهي – خاص ڪري اهڙن موقعن تي، جن تي هن جي طبيعت جي خلاف ڪو واقعو درپيش ٿو اچي. حافظ صاحب کي پيءُ جيڪي سک ڏنا، ۽ ان بعد هن جيڪي تڪليفون ڏٺيون ۽ ڏک سٺا، تن کي ياد ڪندي چوي ٿو:

تباهيءَ جو ته اڻکٽ آهه پُر غم داستان منهنجو،

مگر شاهي به ننڍپڻ ۾ ڪئي مون ڪجهه مثل دارا.

*

نڌڻڪو هو نه ”حافظ“، ڪو نه هئي ماني کُٽي گهر ۾،

مگر تنهن کي تڙي، سنڌ ۾ رلايو ڪنهن؟ - ازل جي انگ!

*

پسايو پرديس قيد قسمت جي، پر انهيءَ جو پڻ سبب آهي،

پري قرابت ۾ باهه جنهن کان، اسان کي دوزخ وطن ٿيو اڄ.

*

آهيان غريب هاڻ غريب الوطن هستي،

ٻارا ٻنيون مڪانن ۽ ويٺس ڦرائي باغ.

*

هاءِ، والد ريءَ جا غربت ۾ مصيبت مون ڏٺي،

مان ڪٿي ۽ ڪٿ وطن، ننڍپڻ جا مٺڙا ڏينهڙا!

 

ٻاراڻي وهي به دل تي تري ٿي اچيس، ۽ جيڪو راز سيني ۾ سانڍي رکيو هئائين، تنهن کي کولي پڇتائي به ٿو، پر نيٺ چوي ٿو ته ان راز جي کولڻ ڪري جو مهڻيهاب ٿيس، ۽ جي طعنا تنڪا سٺم، تن مان ممتاز به ٿيو آهيان ۽ سرخروئي به نصيب ٿي اٿم –

ڪنهن کي ’هائو‘، ڪنهن کي ’وڃ‘ ڪنهن سان رسڻ، ڪنهن سان کلڻ،

هي مزا اڪثر وٺن، ننڍپڻ جا مٺڙا ڏينهڙا!

*

”حافظا“! دل جِي هئي دل ۾، ته رسوائي نه هئي،

عام ڍنڍورو ڦيرائي هاءِ پڇتايان پيو!

*

هڻي طعنا چيائون ٿي ڪميڻو،

مگر مهڻن منجهائي ٿياسون ممتاز.

 

وطن.

هن ذيفهم شاعر ۽ حساس طبع انسان کي نه رڳو پنهنجو ناناڻو ۽ ڏاڏاڻو وطن پنجاب رکي رکي ياد پوندو هو، ۽ اندر ۾ ان لاءِ اُڪير ۽ حب پيدا ٿيندي هيس، پر هو چوندو هو ته ’اباڻو وطن پنجاب آهي، ته منهنجو وطن سنڌ‘:

پنجاب ۽ برار ڏي دل ٿي ڇڪي مگر،

توکي ڇڏي مان ڪيڏي وڃان، اي دلاري سنڌ!

*

ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد اڄ ڪري پنهنجو وطن،

ڏيهه ڏاڏاڻو ڀُلائي، هاءِ پڇتايان پيو.

 

آخرين آرزو:

حافظ صاحب جي ڀاڳ ۾ رڳيون ناڪاميون ۽ نامراديون لکيل هيون؛ سندس زندگيءَ ۾ شادڪامي ۽ ڪامرانيءَ جو نالو به ڪو نه هو. انهيءَ هوندي به، هن جي آخري آرزو اها هئي ته سندس موت اباڻي وطن ۾ ٿئي، ۽ لاش مائٽاڻي مقام ۾ سلطانه بيگم ۽ جيجل ماءُ جي ڀر ۾ پورجي. پاڻ لکي ٿو –

”منهنجي آخري خواهش هيءَ آهي ته خداوند ڪريم پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان منهنجي مرضيءَ مطابق مون کي پنهنجي وطن ۾ ماري، ۽ مائٽاڻي مقام ۾ دفن ڪرائي، جيئن مرڻ کان پوءِ منهنجا هڏا پرديس ۾ پراون جي هٿ ۾ نه رلن، ۽ منهنجو روح وطن لاءِ نه پيو سڪي:الا ماشاءَ الله!“

پر، افسوس جو زماني کيس اهڙا رنگ ڏيکاريا جو انهيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جا آثار نٿي نظر آيس، بلڪ اها به اميد ڪا نه هئس ته هو ڪو موٽي ملڪ ويندو. پوءِ، جڏهين مجاز تي حقيقت جو رنگ چڙهڻ لڳو، ته سدا جي لاءِ پنهنجي مسڪن مديني طيبه کي بڻائڻ ٿي گهريائين، ۽ خواهش هيس ته حياتيءَ جو پيالو به اتي ئي ڀرجي اچي ۽ ڇلڪي پوي:

مديني پاڪ جي مارڳ تي مرسلؐ جي محبت ۾،

وڃي نڪري جي دم، ”حافظ“، ته بس شڪرِ خدا ڪريان.

پر، جڏهين سلطانه جي يادگيري، سڪ ۽ حب اوڏانهن به نه ڇڏيس، ته لاچار چيائين ته ٻئي هنڌ نه، ته به پڇاڙيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڪفن دفن ٿئي:

مديني سوا جي ٿئي تا ٿئي،

ڪفن ۽ دفن، حيدرآباد سنڌ!

 

نثر نويسي:

حافظ صاحب نه رڳو شاعريءَ جي ميدان ۾ ڪؤنتل ڪڏايو آهي، پر نثر جي ميدان ۾ پڻ پوئتي نه پيو آهي. ”داستان غم“ ۽ ”وڇڙيلن جو ميلو“ سندس نثري تصنيفون آهن. جن ۾ هن پنهنجي قلم کان چڱو ڪم ورتو آهي. سندس نثر سادو، مگر دل لڀائيندڙ آهي؛ جملا مهلائتا ۽ دل ۾ چڀندڙ آهن. ائين شڪ ئي ڪو نه ٿو پوي ته اهو نثر ڪنهن قلمڪار جي زبان دانيءَ جو عڪس آهي، يا ماءُ پيٽان مليل ڏات واري اهل زبان جي اهليت جو اولڙو. انهيءَ نقطئه نظر سان جيڪڏهين پرک ڪبي، ته چئي سگهبو ته حافظ صاحب سنڌي ٻوليءَ سان ڀال ڀلائڻ کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي.

”داستانِ غم“:

هن ڪتاب ۾ حافظ صاحب انهن ڏهن ڏينهن، جن ۾ پنهنجي محبوبه ۽ مڱ سان اچي مليو هو، تن ۾ مٿس جا واردات ٿي، تنهن جو مڪمل بيان ڏيئي، پنهنجي ماضيءَ جي اها مصوري ڪئي آهي، جا سڀ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. مصنف جو قلم پختو، ۽ تجربو ڪامل آهي. ٻوليءَ تي به ڪافي دسترس اٿس. جملا ننڍا مگر مائيدار، ٻولي سادي مگر بامحاوري، ڪردار نگاري اهڙي جهڙي منڊيءَ تي ٽڪ، سماج تي لاشعوري ليڪن ضروري ۽ پر لطف نڪتي چيني، بيان الوڻو ۽ رکو نه، بلڪ سلوڻو ۽ دلچسپ. البت، ائين ضرور آهي ته جيڪڏهن ڌيان ڏيئي عبارتن جو اڀياس ڪبو ته ڪٿي ڪٿي محسوس ٿيندو ته مصنف اهل زبان ڪو نه ٿو ڏسجي. نيٺ به ته جيڪا ٻولي سکجي ٿي تنهن جي تمام اوڻاين ۽ پوراين جو پتو پوڻ ذرا مشڪل ڳالهه آهي: پر چوڻ خاطر ائين چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن هڪڙي کي ماءُ جي هنج ۾ ڪا ٻولي نصيب ٿئي ٿي، ته ٻيو ان تي ڪامل دسترس حاصل ڪري سگهي ٿو. هتي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته حيات شاهه سنڌي ٻوليءَ کي اهڙو وچڙيو، جو گهڻي ڀاڱي پنجابي به وسري ويس.

هاڻي ’داستان غم‘ مان چند مثالي ٽڪرا پيش ڪجن ٿا، جن مان مٿي ڪيل دعوا جي ثابتي ملي ويندي. پنهنجي پيءُ ۽ چاچن جي ڪردار متعلق لکي ٿو:

”منهنجو ننڍو چاچا زمينداري ۽ سرڪاري ڪمن ۾ رهندو هو، ۽ وڏو چاچا راڄوڻي ڇيڙي نبيري ۽ غريبن جي مار ڪُٽ ۽ صلح ۾ وڳوڙ ۽ ٺهيلن کي ڦٽائڻ ۾، ڪنهن به طرح دولت حاصل ڪرڻ ۾ مشغول هوندو هو؛ باقي منهنجو والد مرحوم هڪ سڌو سپاٽو خدا پرست انسان هو، سو معبود حقيقي جي عبادت ۽ نيڪن جي زيارت ۽ مريدن جي دعوت ۽ تعويذ لکڻ ۽ دعائن ڪرڻ ۾ وقت پورو ڪندو هو.“

”بابا الهه لوڪ ۽ پرمتڙيو هو. وڏي چاچِي منهنجي رت – پياڪ دشمن ۽ شمس الدين جي مائٽياڻي هئي، ۽ وڏو چاچو زن – مريد ۽ پئسي جو پُٽ هو. گهر ۾ ننڍي چاچي منهنجي خير خواهه ضرور هئي، پر اها پاڻ تيرهن چوڏهن ورهين جي ڇوڪري هئي. منهنجو ننڍو چاچو هيءُ ٻيو گهر پرڻيو هو، تنهنڪري اها مائي به وڏن ويٺي ڪا دست اندازي ڪري نٿي سگهي؛ باقي ننڍو چاچو ننڍپڻ کان ئي وڏي ڀاءُ جو موچڙي – ڪُٽيو ۽ دٻايل هو، تنهنڪري اهو به ڪڇي نٿي سگهيو“.

جنهن وقت ماسيس حيات شاهه کي سلطانه بيگم ۽ انوار احمد کي ساڻ ڪري وڃي نڪاح ڪري اچڻ لاءِ چوي ٿي، ۽ هو چاچي جي مار موچڙي کان ڊڄي، اهڙو دليري جهڙو ڪم ڪرڻ کان انڪاري ٿئي ٿو، ان وقت سلطانه بيگم جي جذبات جو پيالو ڀرجي ڪنارن کان اٿلڻ لڳي ٿو: هوءَ حيات شاهه کي مخاطب ٿي چوي ٿي:

”جيڪڏهين وڏا بيغيرت ٿيا آهن، ته تون بيغيرت نه ٿيءُ. منهنجي زندگيءَ تي ٽڪو نه لاءِ، مون کي خوار ۽ بدنام نه ڪر: پاڻ کي تباهه ۽ برباد نه ڪر، جيئن امان چوي ٿي تيئن جلد ڪر ۽ دير نه ڪر، نه ته پڇتائيندين.“

سماج جي خلاف ههڙي دليري ۽ شجاعت سان بغاوت – سا به هڪ عورت اٿي ڪري، ۽ اڄ کان سٺ ستر سال اڳ، جڏهين مشرق جي عورت جي زبان تي تالو ۽ وات تي واقعي مهر لڳل هئي – ڏيکاري ٿي ته سماج جي ڪڌن ڪرتوتن ۽ اجاين زورين ۽ رواجن خلاف هميشہ کان آواز اٿندا رهيا آهن. شاباس هجي ان عورت جي دليريءَ تي، کيرون لهڻيون ان پاڪدامن جي ڪردار: خدا شل سندس روح کي راحت رسائي، ۽ مٿس رحمتون نازل فرمائي!

اها ئي ساڳي عورت جا سماج جي خلاف بغاوت ٿي ڪري، سا ڏسو ته پنهنجيءَ پهاڄ سان ڪهڙي نه اخلاق ۽ بردباريءَ سان پيش ٿي اچي: دنيا مان تجربو پرائي، ڪهڙيءَ طرح هلڻ ٿي سيکاري، ۽ هوءَ اهو سڀڪجهه ڪٿان ٿي حاصل ڪري، ۽ اهو ڪهڙو سرچشمو آهي، جنهن مان هوءَ فيضياب ٿي پاڻ کي هڪ طرف گناهه کان ٿي بچائي ته مقصد جو موتي حاصل ڪرڻ جي ٻئي طرف ڪوشش ٿي ڪري.هوءَ حافظ صاحب کي ٿي چوي:

”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي: جيڪڏهن شمس الدين ۽ ماڻس اسان سان بڇڙائي ڪئي ته سندن عزت به وئي، دولت به وئي ۽ کين ذلت حاصل ٿي؛ جيڪڏهين منهنجو پيءُ ۽ تنهنجو والد بيغيرت ٿيا، ته پنهنجو اهل اولاد رلائي ڇڏيائون؛ ۽ جيڪڏهن مان پنهنجي والد جي رضا تي ۽ قادر جي قضا تي راضي نه رهيس، ته مون تي ڀاڄوڪڙن جو نالو پيو؛ ۽ جيڪڏهن تو امان مرحوم جو ۽ منهنجو چيو نه مڃيو، ته هميشہ لاءِ برباد ۽ تباهه ٿي وئين ۽ پاڻ سان گڏ مون کي به خوار ۽ بدنام ڪيئي.

”هاڻي بهتر آهي ته سڀاڻي پاڻ ٽيئي گڏجي موٽي ڳوٺ هلون، هميشہ گڏ گذاريون. ڪريم ڪارساز آهي، ڪجهه تون ڪوشش ڪج، مان به ڪنديس، اميد آهي ته منهنجو مڙس مون کي طلاق ڏيندو، پوءِ مان تنهنجي ۽ تون منهنجو.

”پر، مڱڻي کان اڳ به تنهنجو منهنجو قرب هو! اها ڪهڙي انسانيت آهي جو نفساني خواهش تي محبت جو پاڪ ۽ مٺو نالو رکجي؟ طمع جي محبت اڄ آهي، سڀاڻي نه آهي: بيغرضيءَ واري محبت، لازوال محبت آهي. انهيءَ محبت کي هميشہ بهار آهي، ڪڏهين به خزان نه آهي. سچيءَ محبت جو گل هميشہ تازو ۽ سرهو آهي.

”زماني جو عجيب رواج آهي جو مڙس ڪهڙو به بد چال ۽ بڇڙو هجي، ته به جوان ليکجڻ ۾ اچي؛ پر ويچاري زال شرم ۽ حيا، مروت ۽ وفا جو پتلو هوندي به جيڪڏهن ڪنهن سان کلي ڳالهائي، ته کيس چلولي چيو ٿو وڃي، ۽ جيڪڏهين اک کڻي ڪنهن ڏي نهاري ويٺي، ته پوءِ مٿس جهٽ عشقباز جو نالو پيو!

”مون نڪاح خوشيءَ سان نه ڪيو آهي، بلڪ تنهنجي نادانيءَ انهيءَ نڪاح ڪرڻ تي مون کي مجبور ڪيو، ۽ مون شمسوءَ جو ۽ ماڻس جو ڪارو منهن ڪرڻ لاءِ انهيءَ نڪاح جي پناهه ورتي – پر هاڻي ته انهيءَ نادانيءَ سببان زود پشيمان وانگر پاڻ به پڇتايان پيئي، ويٺي هٿڙا هڻان! مون کي تڪڙ ڪري نڪاح ڪرڻ وارو قدم ڪنهن به حالت ۾ نه کڻڻ کپندو هو. مان جوان زال هيس، وات وڪيل هيس، شرع شريف مون کي سڀڪا اختياري ڏني هئي: انهيءَ خواريءَ ۽ انتظاريءَ کان، ڀرئي راڄ ۾، ظاهر ظهور، مون کي شمسوءَ سان نڪاح پڙهائڻ کان انڪار ڪرڻ کپندو هو – پوءِ بابا جي ڇا مجال هئي جو منهنجو نڪاح شمسوءَ سان ڪري ها! انهيءَ مان مون جهڙيون مظلوم نياڻيون ۽ منهنجن مائٽن جهڙا ظالم مائٽ به سبق وٺن ها. نياڻيون آخر ماڻهو آهن، ڍور ڍڳا نه آهن جو سندن مائٽ جتان چار پئسا وٺي کين وڪڻي ڇڏين، اتي وات بند ڪري هليون وڃن ۽ پاڻ کي ڪتي ٻلي جي وات ۾ وجهن. پر، زال ذات کي بروقت عقل نٿو اچي: پنهنجا هٿ وڍائي، پنهنجا وار ٻين جي هٿ ۾ ڏيئي، هاڻي ويٺي سور سهان!

”اڪثر ڪري هڪ مڙس جي ٻن زالن ۾، مڙس جي قرب ۽ پيار تان جهيڙو رهندو آهي، پر مون اها طمع ئي ڇڏي ڏني آهي؛ تنهنڪري منهنجي پهاڄ به منهنجي خادم ٿي پيئي، ۽ گهر ٻاهر جو ڪو به ڪم منهنجي پڇڻ کان سواءِ نٿي ڪري. مان پنهنجي مڙس کي عزت جي نگاهه سان ڏسندي آهيان؛ هو به مون کي نيڪ نيتي ۽ خيرخواهيءَ جي نظر سان ڏسي ٿو.“

هڪ واهڻ ۾ نپنيل زال هيترا سارا نقطا بيان ڪري، ايڏي سمجهه، شعور ۽ ذهن جي مالڪ ٿي پوي! اهو ڪهڙو سرچشمو آهي، جنهن مان هوءَ فيض پرائي ههڙي معلم اخلاق سلڇڻي، دلير ۽ پاڪدامن بڻجي ٿي، سو به هن ظاهر ڪيو آهي:

”مان واندڪائيءَ وقت ڪتابن جو مطالعو ڪندي آهيان، ۽ هڪ وڏي تختيءَ سان مترجم اردو ڪلام الله شريف به مون وٽ آهي، اهو ڏسندي آهيان.“

اهو سڀ ڪجهه قرآن شريف جي تعليم ۽ علم جو اڀياس هو – مگر سنڌ وارا زالن کي پڙهائڻ عيب سمجهن ٿا، ان کي ڇا ڪجي! سلطانه کي حيات شاهه لاءِ بيپناهه محبت هئي – آخر ڇو، سو به ٻڌو:

”تون مون کي سهڻيءَ شڪل يا ڳوري منهن يا خوني نيڻن يا ڏنگيندڙ وارن جي ڪري ياد ڪندو هوندين،........ پر مان انهيءَ ڪري ٿي ياد ڪريان ته تون منهنجي ماسيءَ جو پٽ آهين، ۽ ماڻهين مون کي ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ سيني سان لائي پيار ڪندي هئي؛ مون کي پاڻ کان پري هڪ گهڙي به ڪين رهڻ ڏيندي هئي.“

حافظ صاحب اڳتي هلي هڪ تقليد جوڳو ۽ بهترين ڪردار پيش ڪيو آهي. هو لکي ٿو:

”جڏهين اٽڪل ڏهن ڏينهن کان پوءِ سلطانه بيگم موٽي آئي، تڏهين معلوم ٿيو ته هن پنهنجي هڪ سوٽاڻي سوٽ سان نڪاح ڪيو، جو اڃا تازو هڪ گهر اڳي ئي پرڻيو هو. هو هڪ نوجوان ۽ پهلوان مڙس هو. هو اڻپڙهه ضرور هو، مگر بي ايمان پڙهيل کان سؤ ڀيرا چڱو هو. هو ساده طبيعت ۽ نيڪ نيت شخص هو. لوح قلم جو لکيل انگ ضرور پري ٿو، ۽ ڪنهن تان به ڪين ٿو ٽري، اهو انگ ائين پرڻو هو سو پريو، ۽ جيڪا ٿيڻي هئي سا ٿي، مگر انهيءَ واقعي کان سواءِ وري منهنجي والد مرحوم جي منهن تي يا منهنجي منهن تي ڪڏهين به ڪين چڙهيو.“

هن قسم جو ڪردار پيش ڪري، مصنف ڄڻ ته درس ڏنو آهي ته جڏهين ڪو اهڙو واقعو پيش اچي، جنهن ۾ اڳلي جي جذبات کي ڪا لهس آئي هجي، ته ان وقت هلڪڙو نه ٿجي. بلڪ بارگير ۽ ڳنڀير ٿي ڪري، اڳلي جي جذبات جو احترام ڪري، اجاين سجاين حرڪتن ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

مصنف عورت جي قلبي واردات جو اڀياس ڪري گهڻو ڪجهه پرايو آهي، ۽ چوي ٿو:

”مڙس جي ڪُهڻ لاءِ عورت وٽ فقط قرب ۽ محبت جي ڪاتي نه آهي، پر غضب ۽ قهر جي تکي تلوار به وٽس موجود آهي. زال ذات جيڪڏهين محبت ڪري سگهي ٿي، ته عداوت ڪرڻ ۾ به هوءَ اول نمبر آهي؛ جيڪڏهن حلم يا برباديءَ وقت هوءَ معاف يا درگذر ڪري سگهي ٿي، ته انتقام وٺڻ جي به کيس زبردست طاقت آهي: صنف نازڪ ڪنهن وقت نازڪ کان نازڪ ۽ نرم کان نرم آهي، مگر ڪنهن وقت پهڻ کان به سخت آهي.“

نه رڳو ايترو، پر هن اهو به ڏيکاريو آهي ته ان وقت ۾ ويساهه، وسُوڙل ۽ ساده دل ڳوٺاڻا، سيدن جي ڪيتري نه عزت ڪندا هئا. هن هڪ ڪردار جي واتان چَورايو آهي،

”واڃاڻيءَ چيو ته ’بيبي‘ ڳوٺ جي زميندار جي زال به هيٺ ويٺي آهي، منهنجي ڇا مجال جو مان تنهنجي منجيءَ تي ويهان! اسان کي جيڪڏهين تنهنجي جتيءَ وٽ ويهڻ لاءِ جاءِ ملي وڃي ته اسان جا وڏا ڀاڳ!“

هن ڪتاب ۾ نه رڳو هروقت سنجيده گفتگو ۽ نصيحت ڀريا نڪتا ڀريل آهن، پر طنز ۽ بذله سنجيءَ جو عنصر به موجود آهي.

”انهن ڏينهن ۾ انگريزي راڄ جو پورو پورو اقبال ۽ دٻدٻو هو، تنهنڪري حڪومت جي طرفان، نهايت پوريءَ واقفيت سان، امتحان بعد خطاب ٿي مليا. اڄڪلهه ٿورڙي گهڻي ملڪ ۽ قوم سان غداري ۽ سرڪار سان وفاداري ڪرڻ سان هرڪو ڄٽ ڄاموٽ خطاب حاصل ڪري ٿو، ۽ اهو ئي سبب آهي جو ’خان بهادر‘ جي لفظ کي چرچو ڪري ”ڪانءُ باندر“ پيا چون؛ ۽ انهيءَ لفظ جي مخفف لفظ ’ڪي.بي‘ کي ’ڪمبخت‘ چيو ٿو وڃي.“

ان ريت، ڏسبو ته”داستان غم“ نه رڳو تذڪري نويسن لاءِ ڪجهه مواد پيش ڪري ٿو، پر ادب جي ميدان ۾ ان جي ڪافي اهميت آهي. داستان گوئي ۽ طنز، سو به حال جي حال مطابق انهيءَ ڪري ٿي آهي، جو مصنف اهو احوال 1948ع ۾ قلمبند ڪرايو آهي.

”وڇڙيلن جو ميلو“:

هي هڪ قصو آهي، جنهن ۾ هڪ شريف گهراڻي جي خداپرستي، محنت، ڏک ڏولائن، اولاد جي تربيت، ٻچڙي جي وڇوڙي ۽ وصال جو دلگداز داستان سمايل آهي. هن ۾ چتونءَ جهڙي مٺي لات لنوڻ واري پکيئڙي جي وفاداري ۽ پيار جو پڻ نقشو چٽيو ويو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ هڪ سرنديءَ واري جي پاليل پٽ کي سکيا ڏيڻ، ۽ ان فرزند ارجمند جي سعادتمندي پڻ ڏيکاري آهي. رب جي رضا تي راضي رهڻ واري ماءُ – پيءُ کي پنهنجو وڇڙيل ٻچڙو ڪهڙيءَ طرح ٿو موٽي ملي، ۽ هنن جا ڏک ڪيئن ٿا سکن ۾ بدلجن، تنهن جو به نهايت مؤثر طريقي سان خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتابڙي ۾ حافظ صاحب جي اسلوب بيان بابت ائين چئي سگهجي ٿو ته هي قصو داستادن گوئيءَ جي نموني تي لکيل آهي، مگر منجهس عشق جي چاٽ نه هوندي به ايڏو اٿاهه پيار ۽ سوز گداز سمايل آهي، جو پڙهندڙ جي دل ڀرجيو اچي. دل جي پيالي مان خوشيءَ ۽ ڏک جا گڏيل سڏيل جذبا ائين ٿا اڀرن، ڄڻڪ ڪڪر ڪارونڀار ڪري اچي، وسِي، سڪل سرزمين کي سائو ڪري، اڃايلن جي تاس مٽائي، پنهنجو دائمي اثر ڇڏي ٿا وڃن. ماءُ جا محبت ڀريا جذبا، پيءُ جا پيار ڀريا اُڌما ۽ نيپاڄ لاءِ نپائيندڙ جي دل جي ڪيفيت اهڙي ته ترغيب ڏيندڙ آهي، جو دل ٿي گهري ته هن معاشري ۾ شال اهڙا ئي ماءُ پيءُ ۽ اهڙا ئي نيڪ – نفس نپائيندڙ هڪ طرف هجن، ۽ اهڙا ئي سعادتمند، چئيوان ۽ احسان – شناس فرزند، ٻئي طرف. جيڪڏهين سچ پچ اهڙي قسم جا نثري داستان دنيا جي جنهن به ادب ۾ هوندا، سو ادب مرڻ جو نه آهي، بلڪ معاشري کي سڌارڻ جو ضامن رهندو. اسان جا ترقي پسند مصنف دعوا ته اهڙي ئي ڪن ٿا، پر سندن تصنيفن ۾ اهڙو نيڪيءَ ڏانهن مائل ڪندڙ عنصر گهڻو گهٽ آهي، جهڙو هن داستان ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

”وڇڙيلن جو ميلو“، داستادن هوندي به، اڄ به اهڙو ته دل – ڀِڄائيندڙ آهي، جنهن مان جيءُ به خوش ته جهان به خوش ٿئي ٿو. مصنف ٻوڏ جو نظارو چٽيندي لکي ٿو:

”رات اونداهي هئي، چنڊ لهي ويو هو، باقي تارن کي به ڪڪرن ڍڪي ڇڏيو هو. موسمي برسات شروع هئي. هوا نهايت سرد هئي. پاڻي منٽ منٽ ۾ پئي چڙهيو. گوڙ جو زور شور ۽ وڄ جا ڪڙڪاٽ – سخت ڊيڄاريندڙ سامان هو. ڪنهن گهٽيءَ يا ڪنهن رستي جو نشان ڏسڻ ۾ نٿي آيو. ننڍڙا ننڍڙا ٻار، جي اوچتو ڪچيءَ ننڊ مان اٿيا هئا، سي مائٽن جي ڪلهن تي ۽ هنجن ۾ ڪيهون ڪري پئي رنا: مطلب ته حيرانيءَ جو وقت هو. موت جي شڪل اکين سان ٿي ڏٺائون، ۽ ان جا سڏ ڪنن سان ٿي ٻڌائون. ڪي نيڪ – نيت مرد، ضعيفن کي بچائڻ لاءِ تيار هئا. هر طرف شمعدان پئي ٻريا. هزارين ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ ۾ عاجز هئا. چوطرف ’گهوڙا گهوڙا‘، ’هاءِ هاءِ‘ ۽ ’واويلا‘ جن دانهون ۽ ڪوڪون هيون. اهڙي مصيبت جي وقت ۾ هڪ غريب زال پنهنجي ننڍي اولاد سان گڏ پنهنجي جهوپڙي جي ٻاهران بيهي پئي رنو، ۽ آسپاس جي ماڻهن کي پنهنجي مدد لاءِ زاري نيزاري ڪري ليلايائين ٿي“. ان قسم جي منظر نگاري، هن داستان ۾ چپي چپي تي نظر ايندي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته داستان گو جو مشاهدو ڪيتريقدر نه قوي ۽ حقيقت تي مبني آهي. پڙهندي پڙهندي ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ ته اها سموري واردات مصنف پاڻ اکين سان ڏٺي آهي، يا سندس تصور جي طاقت ايتري ته زور ڀري آهي جو هن پنهنجي نگارش وسيلي پنهنجي جذبن کي ٻين تائين منتقل ڪرڻ ۾ صحيح معنيٰ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اڳتي هلي مصنف لکي ٿو:

”انهيءَ چريائيءَ جي حالت ۾ مريم به پٺيان ڊوڙي، پر ٻين زالن کيس ٻانهن کان وٺي يڪدم جهلي ويهاري ڇڏيو. انهن دلاسو ڏيئي چيو ته ’ادي، صبر ڪر ۽ خدا تي ڀروسو رک. زال ماڻهوءَ جو اهڙي طوفان مان لنگهڻ اجايو آهي، بلڪ پٽ جي پٺيان پنهنجي جان به وڃائيندينءَ. جيڪڏهن خدا صاحب گهريو هوندو، ته تنهنجو مڙس ۽ اهي ٻئي نيڪ بهادر نوجوان، تنهنجي پٽ کي سلامت وٺي اجهي ٿا موٽن.“

هيءَ آهي مصيبت جي وقت جڏهين انسان پنهنجي وس مان نڪري ٿو وڃي، تنهن وقت صبر ۽ رب جي ڪئي تي راضي رهڻ جي تلقين ۽ تصوير، جنهن جو اثر هنن جملن ۾ ڏيکاريل آهي:

”زال مڙس صابر ۽ شاڪر هئا. هنن هي لفظ چئي دل کي تسلي ڏني ته ”خدا ڏنو هو ۽ وري خدا صاحب پنهنجي امانت گهرائي ورتي. خدا صاحب جو نالو مبارڪ هجي.“ اهڙي دل ڏکوئيندڙ ۽ غم – افزا داستان ۾ به مصنف، پڙهندڙن کي وندرائڻ جي ڪوشش ڪندي، سماج تي ڪڙي نقطه چيني ڪئي آهي.

خانصاحب حبيب الله کي جڏهين درياهه ۾ لڙهندڙ ٻار هٿ اچي ٿو ۽ ان ٻار تي نالي رکڻ جو مسئلو درپيش اچي ٿو، ته هو پاڙي واري ساجن مُلي وٽ ٻار کڻي وڃي ٿو، ۽ ان سان ان باري ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي، تنهن مان مانين جي پيناڪ مُلن جي خيالات تي روشني پوي ٿي:

”آخوند ساجن چيو ته جنهن صورت ۾ هي ڇوڪرو اوهان کي دريا مان لڙهندو مليو آهي، تنهن صورت ۾ سندس نالو ’درياهه ڏنو خان‘ چڱو ٿيندو.

”خانصاحب: نه سائين، هي خانو خان جي اکر کان سواءِ گهڻو ڪري هندو رکندا آهن، ۽ مسلمانن لاءِ گهڻو ڪري اهو نالو چڱو نه آهي.

مُلو ساجن: چڱو، جيڪڏهين اوهان کي اهو نالو نٿو وڻي ته ’موج دريا‘ سندس نالو رکو.

خانصاحب: اهو نالو به اڪثر ڪري جاهل رکندا آهن.

مُلو ساجن (منهن ۾ ڪجهه گهنڊ وجهي): واه سائين واه، سيدن ۽ پيرن جي نالي کي جاهلن جو نالو ٿا سڏيو! ڏسو، ٽنڊي الهيار واري سائينءَ جو نالو ’موجِ دريا‘ نه هو؟

خانصاحب (دل ۾ ڪجهه ويچار ڪري):سائين، اسين اُمتي ماڻهو، اسان جي سيدن پيرن سان ڇا مجال آهي جو انهن جهڙو نالو رکي ساڻن برابري ڪريون!“

وقت جي سيدن، پيرن ۽ مالي – ٽوڙ مُلن ۾ جهالت جي عنصرکي ڏسي، مصنف جي دل کي جهٻي آئي آهي، جنهن جو اظهار شعوري يا غير شعوري طور تي ٿي ويل آهي. انهيءَ ڪري چيو ويو آهي ته ”تصنيف، مصنف جي خيالات جو آئنو ٿئي ٿي.“ نه رڳو ايتري تائين، بلڪ اڃا به اڳتي هلي هو پنهنجي دلي خواهش جو اظهار، پيش ڪيل ڪردار ”خانصاحب“ جي واتان ڪرائي ٿو، پر ان جي تائيد به خانصاحب جي اهليه کان ڪرائي، پنهنجي بيان کي زور وٺائي ٿو:

”خان صاحب چيو ته ”ظاهري خوبصورتيءَ جي سينگار سان گڏ، هن ڇوڪري کي ديني خواهه دنيوي تعليم جي سينگار سان به سينگارڻ گهرجي.‘ سندس اهليه جواب ڏنو ته’اسين ان راءِ ۾ اوهان سان شامل آهيون.“

پکيءَ جي پيار ۽ وفاداريءَ جو نظارو هن طرح ڏيکاريو ويو آهي:

”جڏهين عبدالرحمان اسٽيشن کان ٻاهر نڪري، هن مسافر کي ڪجهه خيرات ڏيئي، کانئس موڪلائڻ لڳو، تڏهين اوچتو مٿن طوطي جي نظر پئجي ويئي. طوطو وٽجي سٽجي، لڇي ڦٿڪي، اچي مسافر جي پيرن ۾ ڪري پيو، ۽ بابا! بابا ڪري دانهون ڪرڻ لڳو. مسافر حيران ٿي دانهن ڪري چوڻ لڳو ته ’اڙي مٺو، تون! تون ڪٿي هئين ۽ هتي ڪيئن آئين؟ ڇا سچ پچ مان هيتريءَ مدت کان پوءِ به توکي اڄ جيئرو ٿو ڏسان؟“

”ٻئي طرف عبدالرحمان ايترو چئي، مسافر کان موڪلائي، ساڻس هٿ ملائي چيو ته ’هاڻي مان وڌيڪ ترسي نٿو سگهان‘ ۽ پوءِ وڃي گاڏيءَ تي چڙهيو؛ پر هن ڏٺو ته طوطو مسافر کي به ڇڏڻ نٿو گهري، ۽ کانئس به جدا ٿيڻ نٿو گهري. ايتري به طوط اڏامي اچي عبدالرحمان جي هٿ تي ويٺو، ۽ چيائين ته ’نه مان اوهان کي ڇڏيندس، ۽ نه بابا کي ڇڏيندس.‘ اهڙيءَ طرح، طوطو ڪيترا دفعا ٻنهي جي وچ ۾ پئي آيو ويو.“

اهڙيءَ طرح، مصنف هر هڪ موقعي تي مناسب ترڪيبون ۽ الفاظ ڪم آندا آهن، ۽ پنهنجي اندر جي اُڌمن کي ڪاغذ جي مٿاڇري تي آڻڻ ۾ ڪاميابيءَ سان ويو آهي قلم جي نوڪ کي وهائيندو. هن بعد، عبدالرحمان، مسافر کي ساڻ ڪري، خان صاحب وٽ آڻي ٿو، جتي ڳجهه ظاهر ٿئي ٿو ۽ راز کلي پوي ٿو. ان بعد، خانصاحب جنهن نموني ۾ مسافر سان – جو حقيقت ۾ عبدالرحمان جو اصل پيءُ آهي – پيش اچي ٿو، تنهن جو مؤثر نموني ۾ نقش چٽيو ويو آهي. آخر ۾ مصنف لکي ٿو:

”نور محمّد ۽ مريم (يعني عبدالرحمان جا اصل ماءُ ۽ پيءُ) جي پيريءَ جي وقت ۾ سندن اولاد چڱي خدمت ڪئي، ۽ نيڪ ماءُ پيءُ اولاد مان خوش ٿي ويا. عبدالرحمان ۽ سندس ڀائر ڀينرون، ماءُ پيءُ جي دعا سان دم بدم وڌندا ويا، ۽ ترقي ڪري وڏي اوج تي وڃي رسيا. عبدالرحمان، خانصاحب ۽ سندس اهليه جي خدمت اهڙيءَ طرح ڪئي، جهڙي هڪ لائق سعادتمند فرزند کي ڪرڻ گهرجي. حاصل مطلب ته سڀني ڀينرن ڀائرن پاڻ ۾ محبت سان ۽ ڌارين ۾ عزت آبرو سان گذارڻ ۾ وڏو مرتبو حاصل ڪيو، ۽ خدا صاحب به کين برڪت تي برڪت عطا فرمائي“.

ڪيترا مسڪين بيوارث، وڏن ماڻهن کڻي.

پُٽ ڪيا پنهنجا، رسيا دولت کي سي، خاطر ادب.

آءٌ ته ائين چوندس ته هيءُ داستان نه آهي، بلڪ اصلاح ۽ سعادتمنديءَ جي ترغيب آهي.

شاعري:

شاعري ڏات آهي، ۽ ذات تي مدار نٿي رکي، جيستائين ڪسبِ ڪمال نه ڪبو، تيستائين جهان کي عزيز ۽ مِٺو نه لڳبو. حافظ صاحب جيڪڏهين ايڏي رياضت ڪري ادبي دنيا کي ايترو ڪجهه نه ڏئي ها، ته جيڪر سنڌ وارا ڏانهس نهارين به ڪين ها. هونئن ته کيس ظاهري نور وڃائي ورهيه ٿيا، پر پنهنجي زندگيءَ ۾ مسافريون ڪري، ڏاکڙا سهي، ماڻهن سان ملاقاتون ڪري، رلي ملي، هلي چلي، ڏيئي وٺي واقعات ۽ حالات جو جيڪو اونهو اڀياس ڪيو هئائين، تنهنجا چٽا ۽ صاف نقش سندس شعر ۾ اڀري آيا آهن. سندس غزليه شاعري ته پنهنجي ئي گذريل رومانٽڪ حياتيءَ جو هڪ خاڪو آهي، پر سندس اخلاقي، قومي ۽ نعتيه ڪلام مان به ساڳيو رس پيو اچي. ان مان ظاهر آهي ته جيڪي ڪجهه چيو اٿس، تنهن ۾ شاعراڻي تعلي گهڻي قدر گهٽ آهي.

”بلبل ۽ گل جو ذڪر ڪندا واندا مل ويهي،

پِٽڻون اسين ٿا پِٽيون، هاءِ سا بهار!“

 

تغزّل:

اردو جي ممتاز نقاد حسين پنهنجي ڪتاب ”نئي قدرين“ ۾ هڪڙي هنڌ لکيو آهي:”شاعريءَ جي هيءَ وڏي سگهاري نشاني آهي جو ان جا تجربا حِس جي قوت جي ويجها هجن؛ ڇو جو ان وقت شعر جو اثر سڌو سنئون، قوي ۽ تيز ٿئي ٿو“. حافظ صاحب جي ڪلام سان اها ڳالهه ٺهڪي ڦهڪي ٿي اچي. اهو ئي سبب آهي جو هن جو ڪلام ايترو اثرائتو ٿئي ٿو، جو دل ۾ گهڙيو، اندر ۾ پيهيو وڃي.

غزليه شاعريءَ جي روح کي ”تغزل“ چئجي ٿو، ۽ اهو روح حافظ صاحب وٽ بدرجه اُتم موجود آهي. اهو رڳو انهيءَ ڪري، جو غزل ۾ سندس نجي حياتيءَ جا اهي احساس ۽ تجربا قلمبند ٿيل آهن، جن سندس حِس جي قوت کي چڱي خاصي جهٻي رسائي، درمنديءَ کي اُڀاري، سوز و گداز جي ساز کي ڇيڙي، رڳن کي رباب بڻائي ڇڏيو آهي.

اٿي پرڀات جو مون مارئيءَ وانگر ڪيون آهون،

ڪيم سسئي مثل سڏڙا، وندر ۾ سڀ ويون واهون،

اُڏايم ڪانگ روئي ڪاڪ تان ڍٽ ڏي ڪري ڪاهون،

وجهي ڀاڪر وڻن کي رت رنس، رڻ ۾ ڪيم دانهون،

انهن جملن جي جملي شاهدي وقتِ سحر کان پڇ،

وهاڻِي جا سندم سر تي، اها منهنجي اندر کان پڇ.

*

ڪين ڄاتم، پيچ پاتم، نينهن لاتم، لهءِ سُکن،

پر اهو ڪو اوچتو آيو ازل کان هو عتاب.

*

وڃائي اُٺ ڪو چاڪي جيئن، گهمي گهاڻي جي پاسي ۾.

ڦُرائي دل انهيءَ پَر مان، ڦِران ٿو يار جي در وٽ.

*

ننڍپڻ جي نينهن ۾ جي ٻَڌل ٻول بيخبر،

وڏ پڻ ۾ سي وَچن به ته پاري نٿو سگهان؛

ڪنهن ڏينهن جيئري خواب ۾ ماسات من ملي،

هن آسري ۾ پاڻ کي ماري نٿو سگهان؛

ڪوسو لڳي ڪو واءُ متان قبر يار کي،

هڪ آهَ جي به باهه مان ٻاري نٿو سگهان!

*

الفت جي تار آهي ڪچي، تند کان ڪچي،

گهر جي وڃڻ نه يار جي در تي وري وري.

 

نعت. قصيدو انهيءَ نظم کي چئجي ٿو، جنهن ۾ ساراهه يا گِلا، وعظ يا نصيحت، حڪايت يا شڪايت قلمبند ڪجي. هن نظم جا ٽي حصا ٿين ٿا: پهرئين مطلعو يا تشبيب، ٻئي کي تخلص يا مخلص يا گريز، ۽ ٽئين کي مقطعو ڪوٺجي ٿو. قصيدي جي شروعاتي حصي، ”تشبيب“، جدا ٿي غزل جي صورت ورتي؛ ۽ وچئين حصي، ”تخلص“، ڌار ٿي مختلف صورتون اختيار ڪيون، ڇاڪاڻ جو اصل ۾ قصيدي جو هي حصو ئي آهي، جنهن ۾ ڪنهن شخص جي اوصاف حميده يا ڪبيده جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. هن حصي ۾ جيڪڏهين شڪايت ڪئي ويئي، ته انهيءَ کي ”هَجو“ چيو ويو، جيڪڏهين ڪنهن شهنشاهه يا ڪنهن ٻئي شخص جي شان شوڪت، علميت ۽ وڏائي بيان ڪئي ويئي، ته ”قصيدو“؛ جيڪڏهين بزرگانِ دين جي صفت ڪئي ويئي، ته ”منقبت“، ۽ جيڪڏهين سرورِ ڪائنات صلعم جي شانِ اقدس ۾ عقيدت جا ڦل چونڊيندي ۽ گل نڇاور ڪندي واردات قلبي بيان ڪئي ويئي، ته ان کي ”نعمت“ جي نالي سان سڏيو ويو.

اسلام جي پکڙجڻ سان، عرب توڙي عجم ۽ هند توڙي سنڌ وارن، سردارِ دوجهان صلعم جن جي حضور ۾ نذرانہء عقيدت کي نعت جي سلڪ ۾ پوئي، وقت بوقت پئي پيش ڪيو آهي. سنڌيءَ شاعريءَ ۾ نعت جي جڳهه مولود ۽ مدح والاري هئي، پر عروضي شاعريءَ جي ارتقا ڪري هاڻي نعت جو به رواج پئجي چڪو آهي. مولود، مدح ۽ نعت – ٽنهي صورتن ۾ حافظ صاحب پنهنجي قلبي واردات پيش ڪئي آهي. جيئن ته سندس مولود ۽ مدح وارو ڪتاب چورائجي ويو، تنهنڪري هتي سندس چيل نعتن مان چند ٽڪرا نموني طور پيش ڪن ٿا:

 

يا محمّد! مظهرِ نورِ خدا آهيو اوهين،

برگزيده حق نبي خيرالوريٰ آهيو اوهين؛

ڪُل ملائڪ حورون ۽ جن و بشر جنهن لهءِ سڪن،

سي حبيب الله مستانه ادا آهيو اوهين؛

سيّدا! ”لولاڪ“ مان ظاهر اوهان جو شان ٿيون،

وجہِ خلقت خواجهء هر دوسرا آهيو اوهين؛

هو فقط اخلاص تو ”الفقر فخري“ جو چوڻ،

ورنه وارث دولتِ دارين جا آهيو اوهين،

ڄام! ڄاپڻ سان اوهان جي واسيو عرب و عجم،

سوجهرو ظلمت ۾ ٿيو ڪشف الدجيٰ آهيو اوهين؛

”قاب قوسين“ آهه بس رتبو اوهان جي قرب جو،

قول موجب شيخ جي ’بعد از خدا‘ آهيو اوهين؛

خاص محبوبِ خدا، مطلوب ڪل مخلوق جا،

آرزو ”حافظ“ جي من جي مدعا آهيو اوهين.

جهڙيءَ طرح ڀٽائي صاحب سُر ’سارنگ‘ ۾ اسلام جي پکڙجڻ کي برسات جي رنگ ۾ پيش ڪندي ٻڌايو آهي ته حضور پرنور جن جي ظهور کان پوءِ اسلام ملڪان ملڪ ويو پکڙبو، تهڙيءَ طرح حافظ صاحب پڻ هڪ نعت ۾ چوي ٿو:

کنوڻ سان گوڙ ٿي، غارِ حرا ۽ ڪوهِ فاران ۾،

عرب کان تان عجم ڍڪجي ويو رحمت جي باران ۾؛

چڙهيو مڪي کان طائف ڏي، وڃي وسيو مديني تي،

وٺو بغداد روم و شام، بصري مصر ايران ۾؛

ڪري گلزار پر انوار چوڏس چين تبت کي،

حبش البانيه مان آيو غرطانه خراسان ۾؛

سهي سنڀري جو سسلي اندلس کان هند ڏي وريو،

ٿيو سيراب هندستان، ٿيو جڳ امن ايمان ۾؛

کليو گل يثرب و بطحا، ٽڙيو مٿرا ۽ بندرا بن،

ڪئي پالوٽ تنهن دير و حرم، هندو مسلمان ۾؛

وهاڻي ڪفر جي شب، روز ٿيو اسلام جو روشن،

صدا الله اڪبر جي پئي ماڻهن ۽ مرغان ۾!

ٻئي هنڌ چوي ٿو:

رس، مير مرسل!ور، نور نرمل!

هاڻي ٿڪس مان ڏک ڏيهه ڏوري.

گهائل گهرائين جي هي منهنجا سائين،

سر ساهه توتان ڇڏيان مان گهوري؛

هت منهنجو ڇاهي، خواهش هي آهي،

لاڳاپا لاهي، پهچان هندوري؛

بيزر ۽ بيپر ”حافظ“ گدَاگر،

ڪوٺاءِ ڪنهنپر، يا آءُ اوري.

قوميت ۽ سياست. حافظ صاحب جي سياسي بصيرت ۽ معلومات به گهٽ ڪانه هئي. هن جيڪي ٻڌو، ان تي ويچاريو؛ ۽ وقت بوقت جن نتيجن تي پهتو، سي قلمبند ڪندو ويو. هن جنهن نموني ۾ نتائج جو اظهار ڪيو آهي، سو جرئتمندانه ۽ رندانه آهي. سڀڪو شاعر يا اديب اهڙيءَ اخلاقي همٿ وارو ڪو نه ٿو ٿئي. دل ۾ سمجهڻ ۽ اها ئي ڳالهه زبان تي آڻڻ، يا عليٰ لاعلان چوندي نه هٻڪڻ، دليريءَ ۽ ايمان جي نشاني آهي. خانبهادر الهه بخش سومري جي وزارت جي ڊهڻ ۽ ٺهڻ تي چيو اٿس:

رهيو نادر، نه تنهن جي نادري ظالم حڪومت، بس،

ويو الهه بخش آخر وڄائي ظلم جو وارو؛

نه انگريزن ڪيو، پنهنجو، ڇڏيو هندن به ٿوڪاري،

نه هيڏانهن جو نه هوڏانهن جو رهيو هي يار، اي يارو!

سکر جا ظلم، سانگهڙ جا ستم، جٺ ’مارشل لا‘ جي،

مصيبت ٻوڏ جي پٺتي ڇڏي ويو هي پڇڙ تارو!

خانبهادر الهه بخش جي پهرين وزارت ٺهڻ وقت چيائين:

ملڪ ۽ قوم جي سر تي ڪِري جو ڪمبختي،

امن جو دور ويو، ظلم وڌيو روزانه؛

ويڙهه ٿي زور جِي هندن مسلمانن ۾،

ظلم ظالم جي ڪيا بند عبادتخانه؛

ڪي ويا قيد ۾، ڪن ڏنڊ ڀريو، ڪن ڦاسي،

شمع اسلام جا قربان ٿيا پروانه؛

قطعهء سال وجهي فال چيو هاتف هي:

ٿي ويو سارو سکر باهه کا ”آتشخانه“،-(1357 هه)

ٻيو ڀيرو وزارت ٺهڻ مهل چيائين:

وري صياد پنهنجو دام منڊيو،

وري خطري ۾ ٿي جانِ عنادل.

وري جيري جي خاطري ٻڪري ڪسبي،

وري تياّر ٿي سِيري جي پاتل.

وري حق کي دٻائڻ جي ٿي ڪوشش،

وري ڪيو بزدليءَ جو حملو باطل.

گلو مسلم جو ڪاٽڻ لءِ وري اڄ،

چيو هاتف:تکي ٿي ”تيغ قاتل“. – (1941ع)

”حافظ“ نه رڳو خانبهادر سومري تي ڇوهه ڇنڊيا آهن، پر خانبهادر کُهڙي کي به ڪين ڇڏيو اٿس:

اچي کهڙي جي آئيءَ ۾ اهو شل،

ڪيو جنهن خون مان آزاد کهڙو!

نبيءَؐ  جي آلؑ سان مغرور سرڪش،

وڃي دنيا مان بي اولاد کهڙو!

تڪبر ۽ ريا جو آهه فرزند،

نه آهي اصل آدمزاد کهڙو!

ٻلي حج تي هلي کائي ڪوئا ست،

وڃي ٿو حج تي بي بنياد کهڙو!

(هي نظم لکي کهڙي صاحب جي موٽر ۾ اڇلايو ويو هو.)

وري ون يونٽ ڀيري لکيائين:

ڀڄو منحوس جي پاڇي کان پاسي،

اوهان کي نه ته ڪندو برباد کهڙو!

کڏي ۾ ٿو ڪري مغرور سرڪش،

پٽي ٿو سنڌ جو بنياد کهڙو!

ڪانگريز بابت سندس خيال هو:

سربسر هندو جي ياور يار آهي ڪانگريس،

تِر طرفداريءَ ۾ مسلم جي نه آهي ڪانگريس،

ڪن کي ڪن ۾ دم دلاسا، ڪن کي دڙڪا تاب پڻ،

ڪن جي ڳالهين سان سچارن کي ٿي ٺاهي ڪانگريس.

واٽ هيءَ ڪعبي جي ناهي، ۽ نه ڪاشيءِ جو هي گس،

ديده دانسته پئي اوجهڙ ۾ ڪاهي ڪانگريس.

 

وري وزارت جي شيدائيءَ جو چئلينج ٻُڌو:

مسلمان ۽ عمل ۽ اتفاق؟ - اي خيالِ خام آهي؛

اڳئين اسلام کي پنهنجو پري کان ئي سلام آهي؛

ايها جي ڪانگريس آهي، ايها جي رام رام آهي؛

ته رهندي هت ضرورت ڪا نه ايماني حرارت جي،

ڇڏيندس مان نه مسلم ليگيو، ڪرسي وزارت جي!

ڀلي ٽانڊه ۾ مسلم قوم جو دشمن وهائن رت،

ڀلي پامال ڪن خانهء خدا جي عزت و حرمت؛

ڀلي دشمن کي منهن تي ڌڪ هڻن يا يار پٺن ۾ لٺ،

ڀلي تن مائرن ۽ ڀينرن کي ڪن ڪي بيعزت:

ڪريان مان تن جو ماتم ڇو، خوشي آهم صدارت جي!

ڇڏيندس مان نه، مسلم ليگيو، ڪرسي وزارت جي،

ڇڏيو يُو. پيءَ. کي، مان خود سنڌ ۾ ماتم مچائيندس،

سکر ۾ بندشِ مسجد جو فتنو هڪ اٿاريندس،

سوين سيد ۽ مرشد رهنما قيدي ڪرائيندس،

مسلمانن سندي ٻارن ٻچن کي رت رئاڙيندس:

مون کي آهي نه خواهش ڪا شفاعت يا زيارت جي،

ڇڏيندس مان نه، مسلم ليگيو، ڪرسي وزارت جي!

ضرورت ٿي ته ’گانڌيءَ‘ وٽ هلي سنڌ مان ته دانهيندس،

رکي ’آزاد‘ جي پيرن تي پَٽڪو پِٽ مچائيندس،

سسي سر ’ساپروءَ‘ جي نيٺ چرنن ۾ نمائيندس،

غرض هر ڪانگريسيءَ کي ڀري جانا مڃائيندس:

ڪري ڀل پاس مسلم ليگ مون تي رٿ حقارت جي،

ڇڏيندس مان نه، مسلم ليگيو، ڪرسي وزارت جي!

هن شاعر نه رڳو ايترو ئي لکيو آهي، پر اڃا به اڳتي قدم وڌائي، حڪومت ۽ ان جي ڪارپردازن ۽ پرستارن ۽ چونڊجي ويل عوضين کي به ڪين ڇڏيو اٿس: مطلب ته جيڪي به محسوس ڪيو اٿس. سو ويو آهي بلا لحاظ ۽ بنا ڪنهن خوف و خطر جي لکندو.

هتي ڇا آهي گورن جو، مگر ڪارا ٿيا ڀورا،

اگهاڙا ۽ بکيا ديسي، ۽ پرديسي ڀرين نورا،

گهڻو ڪم ۽ اُجورو گهٽ، اهي هندن مٿي ٿورا،

سڏائن سي هتي صاحب، جي لنڊن جا لنگها لورا:

اها آهي بغاوت جي، ته مان آهيان وڏو باغي!

اسان جن کي حفاظت لهءِ مُڪو سي چور ٿيا چاري،

اسان جن کي مڪو انصاف لهءِ تن ظلم ڪيا زاري،

اسان کنڊ سان ڪيو پُر وات جن جو، تن وڌي واري،

’قلم ڪارو‘ ٿئي جهٽ سچ چوڻ وارن مٿي جاري:

اها آهي بغاوت جي، ته مان آهيان وڏو باغي!

حافظ صاحب ”گلستان سعدي“ جي ڪن بيتن جو ترجمو به ڪيو آهي. هنن بيتن جي اڀياس مان سنڌي ٻوليءَ جي وسعت جو پتو پوي ٿو. چند بيت پيش ڪجن ٿا.

اصل:

ابلهي کو روزِ روشن شمعِ کافوري نهد

زود بيني کش بشب روغن نباشد در چراغ.

ترجمو:

شمع ڪافوري جي ٻاريندو اجائي ڏينهن جو،

جلد ئي ڏسبو اجهاڻل رات جو تنهن جو ڏيو.

 

*

اصل:

او فتاد ست درجهان بسيار،

بي تميز ارجمند، عاقل خوارا!

ترجمو:

آهه قدرت جو هي عجب وهنوار،

بيوقوف آهه خوش، ته عاقل خوار.

 

*

اصل:

راستي موجبِ رضاي خدا ست،

کس نه ديدم کہ گم از رهِ راست.

ترجمو:

سچائيءَ ۾ آهي رضا ۽ خدا،

سنئين واٽ ويندڙ نه ٿيندو خطا.

هڪ مخمس ۾ مجهول مسلمانن جي عام روش جو ڪهڙو نه سهڻو خاڪو ڪڍيو اٿس!

آهيون کٽل ته ڇا ٿيو، آخر ته خان آهيون،

پائيءَ تي ڪو نه ليکي، ته به خاندان آهيون!

منهن پنهنجو ڌڪ ٻين جا، پر پهلوان آهيون،

محتاجِ نان آهيون، بي خانمان آهيون:

پنهنجو ئي سينو ساڙي ٿو اشتعال پنهنجو!

شاديءَ غميءَ ۾ دولت پاڻيءَ مثل ٿا هاريون،

توڙي نه پيٽ پاريون، ته به سؤ ڪتا ٿا ڌاريون،

سڌرڻ جو ذڪر ڪهڙو، پاڻان ٻين کي کاريون،

آخر ڏيو کٽڻ جو بس ڏينهن جو ٿا ٻاريون:

مسجد جي در تي ويٺو آهي عيال پنهنجو!

اڳتي هلي چوي ٿو:

پير صاحب جي مٺائي، بيبي اربعه جي ڪُٽي،

نذر غيرالله کاڌي، قلب ڪارو ٿي ويو!

راڄ وارا هڪ ٻه ويلو ست – رڇي کائي ويا،

ڪاڄ واري تي گهڻي مدت خسارو ٿي ويو!

جي رکيائين جاءِ گروي، ۽ وڌيو تنهن تي وياج،

سال ٻن ۾ جاءِ واڻين جي، وڌارو ٿي ويو!

پير صاحب! پاڻ سڌرو ۽ سڌاريو قوم کي،

ورنه نالو خاندانيءَ جو لڄارو ٿي ويو!

بدتهذيب سيد کي تنبيهه ڪندي چيائين:

ٻڌن عرض منهنجو ۽ ڪن غور سيد،

نه ڪاوڙ ٿئين ۽ نه ڪن شور سيد:

اڳوڻا ڏسو، ۽ اڄوڪا به جاچيو،

اُهي اور سيد ۽ هي اور سيد:

اڳوڻا هئا خاص رحمت خدا جي،

اڄوڪا ته زحمت ۽ پر جور سيد!

عبادت رياضت امانت جي بدران،

هڻن کاٽ ڌاڙا، ممون ڳور سيد!

شريعت کان باغي، شرافت کان عاري،

تون مغرور ٽوٽن سندي ٽور سيد!

چڱا توکان ڪوري ۽ موچي ۽ ڏهري،

رکن ٿا جي تقوا سندي اور سيد!

مسلمانيءَ جي ٺلهي دعوا ڪندڙ کي خطاب ڪندي چوي ٿو:

ياد ڪر تن ڀائرن کي، جي وگهي بک جي مئا،

ياد ڪر تن ڀائرن کي، جي ڪفن ڌاران ويا،

ياد ڪر تن جي رنن زالن يتيمن جا ڏجها،

انگ ڍڪ ۽ پيٽ ڀر تن جا ۽ تن کي ڏي اجها:

جي ڪرين هن پر ته آهين صاحبِ ايمان تون،

ورنه ڇڏ دعوا مسلمانيءَ جي اي نادان تون!

”حافظ“ چوي ٿو ته ’اي انسان، دنيا ۽ دولت تي موهجي نه وڃ، پنهنجو ڪو ذاتي جوهر ڏيکار، اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه وجهه، پنهنجي ۽ پرائي کي سڃاڻ، وڏن جي عزت ڪر ۽ ننڍن تي شفقت جو هٿ ڦير، سچ چوڻ کان نه ڪيٻاءِ، ۽ اهو خيال ئي نه ڪر ته ٻيا پرپٺ ڇا چوندا؛ ڇاڪاڻ جو شينهن جي پويان ڦيڪاري جي ڪِر ڪِر، ۽ قلندر جي پٺيان ڪتن جي ڀؤنڪ بس ٿيڻي ڪانهي:

دنيا تي ٿي نه مست، نه موتي عدن مان آڻ،

گوهر ڪو ڪانِ علم جو سلڪِ سخن مان آڻ.

نااهل ۾ اميد چڱائيءَ جي پوءِ رک،

اول انهيءَ کان انب وڃي ڪي اَڪن مان آڻ.

پهڻن جي مثل خلق ۾ سرڪش نه سخت ٿي،

نوڙت جو ڪو سبق ته ڪکن ۽ پنن مان آڻ!

*

ڪم اڄ جو سڀاڻي تي رکڻ گهرجي نه هرگز،

ڇا دخل فرائض ۾ ’اگر‘ کي ۽ ’مگر‘ کي؟

گل ساڻ ڏنگو خار به گڏ آهه سدائين،

وڃ کاڻ ۾ جي سمجهين گهُر کي ۽ پٿر کي.

*

جي گهرين ٿو سرخرو ئي، ”حافظا“، دارين ۾،

ڪر تڏهن شفقت ننڍن جي، ۽ وڏن جو ڪر ادب.

دام کي جاچي نه جو ۽ اک ۾ داڻي کي رکي،

ڦاسجي ڦاهي ۾ سو، توڻي هجي منجهه عقل وير.

*

کائين هڪڙي جو، ٻين جو ڳائين،

توکي ”حافظ“ اهو حيا نه ٿيو!

*

هجي جي سچ ته بيٺو نچ، ڀلي سچ مان لڳي ڪنهن مچ.

نه ڪر تون ڪو انهيءَ جو ڊپ، ته چوندا يار ڇا پرپٺ!

شريفن سان ڪميڻا، شينهن جي پٺيان ٿي ڦيڪاري،

قلندر کي ڪتا جڳ جا ڀلي ڀؤنڪن پيا پرپٺ!

سنڌي ٻوليءَ بابت هن شاعر ڇا چيو آهي، پڇاڙي ۾ اهو به ٻڌو:

چنڊ تاري جو سدا قومي نشان زنده رهي!

سنڌ ۾ سنڌي هجي، جيسين جهان زنده رهي!

سنڌ جي ٻولي مٺي، لولِي صبا جي هِير جيئن،

منهنجي دل، منٺار منهنجي، حرف جان زنده رهي!

سنڌيو! جاڳو، پڪاري ٿو توهان کي انقلاب،

قوم زنده ٿي رهي، پر جي زبان زنده رهي!

 

--------------------


 

ماستر غلام رسول جتوئي

خليفو غلام الله

خليفو غلام الله، ذات جو ڪلهوڙو، ڳوٺ چؤدرو شريف، تعلقي وارهه جو رهاڪو هو. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو همعصر هو. سندس عمر هڪ سؤ ڏهه ورهيه کن هئي. تازو سيپٽمبر 1956ع ۾ فوت ٿيو آهي.

خليفو صاحب هڪ سنجيدو شاعر هو. فارسيءَ ۾ ڪافي دسترس هيس. وڏي عمر هوندي به پنهنجي همت سان گهمندو ڦرندو هو. صوم و صلوات جو نهايت پابند هوندو هو. سنڌي ادب ۾ سندس ٻه ابتدائي ڪتاب، نظم ۾، ”نقش سليماني“ ۽ ”يوسف زليخا“، ويڙهي مل کٽڻ مل، تاجر ڪتب لاڙڪاڻو، ليٿو پريس ۾ شايع ڪرايا هئا. جي اڄ به ان پراڻي ليٿو ڇپائيءَ ۾ موجود آهن. ان کان سواءِ ٻيو به شعر چيو اٿس. تازو هڪ قصيدي جو ٽڪر هٿ آيو آهي، جنهن جي مٿان حسب ذيل تعاف لکيل آهي:

”دعا نامه در شان مرزا قليچ بيگ صاحب، تنهن وقت مختيارڪار تعلقو وارهه“.

هيءُ شعر، خليفي صاحب ميان غلام الله، مرزا قليچ بيگ جي چؤدري (تعلقو وارهه) ۾ منزل انداز ٿيڻ وقت ٺاهي کيس ڏنو هو، جو مرزا مرحوم نهايت خوشيءَ سان قبول ڪيو، خليفي صاحب جي شعر گوئيءَ جو داد ڏنو هو، ۽ کيس دعا ڪئي هئي ته خدا پاڪ سندس شعر ۾ رواني ۽ تاثير پيدا ڪري. قدرت جو شان، ان بعد خليفي صاحب جي شعر گوئيءَ ۾ طبع اهڙي کلي، جو ڪيترا ڪتاب شعر ۾ تصنيف ڪيائين. هي قصيدو مون کي تاريخ 11 سيپٽمبر 1941ع تي خليفي صاحب وٽان جهوني پني تي لکيل مليو هو، پتو نه آهي ته مٿيان اکر ڪنهن جا آهن. ممڪن آهي ته سندس هڪ پٽ، جو واسو ڪلهوڙي ڳوٺ ۾ رهندو آهي، ان جا هجن. هن وقت کيس ٽي پٽ آهن، تنهن مان ننڍو ميان عبدالباقي سندس گاديءَ تي ويٺل آهي. نهايت شريف، اديب ۽ لائق آهي. منهنجو شاگرد آهي. کانئس خليفي صاحب جو مختصر بياض قلمي هٿ آيو آهي، جنهن مان ڪجهه چيزون عرض رکان ٿو.

دعانامو درشان مرزا قليچ بيگ

بخدمت فيض درجت شان اعليٰ،

هوندو راضي مٿن رب جل و عليٰ!

مٿانهين مرتبي ۽ شان شاهي،

بلند هوندن سدا هيءَ بادشاهي!

دارا جي دٻدٻي، حاتم سخاوت،

سڪندر مثل ٿيا باري بخاوت؛

سليماني آهي هيءَ ڪامراني،

عدل ثاني نه ٿئي، نوشيرواني؛

هنرمند، هوشور، داناء حاذق،

جو جالينوس جان بيدار فائق؛

صورت يوسف مثل ٿن لامثالي،

مثالي لامثالي، لامثالي؛

جهڙي صورت تهڙا منجهه فهم فائق،

بردباريءَ ڪري بهلول لائق؛

آهن هڪ شمس ۽ پاڇو خدائي،

ناهي هن ڳالهه ۾ فرق ۽ جدائي:

ٿئي پاڇي اندر هرڪو آرامي،

هجي شل هي سدا هر دم خرامي!

ڏسون تان بخت جي نادر نشاني،

پڙهي هن اسم جي پرتؤن پيشاني:

(ق) اکر جو ”قاف“ ٽن مان، لفظ قادر،

ٿيو ظاهر ظهورون صحيح صادر؛

(ل) – لطيف جو ’لام‘ مون آ اسم صاحب

سڻج ڄاڻج تون، اي موليٰ مصاحب –

هميشہ تا لطيفي مهرباني،

جتي هوندا تتي هوندن نه ثاني؛

(ي) – جا آهي درميان ۾ ’ي‘ ندا جي،

اسم سڀ ۾ ٿئي شامل ادا جي؛

(ج) – وري ٿيو ’جيم‘ سان جبار جاري،

حقيقت سڻ تنهين جي صاف ساري:

ڏيندن جبار اڃا ڏاڍو جبرني،

ويٺو ڏس تون ڪر ڏينهن ڪي صبر ني؟

 

ابيات

پاڻ نه ڀانئج پير، متان خادم ڏسي خوش ٿئين،

تکا اٿي تير، صاحب جي سرڪار جا.

ڇا چيو ٿو ڇا چوين، ڀلا تنهنجي ڀت،

ڏنهءِ مون کي مت، ٻيا بي ڪانڌ ڪنبائيندي ڪيترا.

جي اوٻر اڀري اندر جو، ته ٻيا اوٻر اڀرن ڪين،

سمنڊ سڀ سڪي وڃن، ڪين رهي هوند زمين،

طالبن جي تحسين، پورب ٿيندي پڌري.

مومل راڻو

راڻي کي رسڻ جو اتو ڪنهن آهي؛

مون کي تنهنجو ميان مينڌرا ڳاراڻو ڳاري،

اڃان مون آهي، اچڻ سندو آسرو.

لعل نه هئي لائقي، راڻا رسڻ تو،

جاچ ڪريو ها جانبا، هي هي جيڪو هو،

ڇا کان وئين ڇو، ڪانڌ ڪاڻيارو مون ڪري.

مون کي گهوٽ گهڻا وڌا، تنهنجي رسڻ ريش،

ڪوڙي لڳي ڪاڪ ٿي، مٽ مائٽ خويش،

نينهن لڳايم نيش، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

تارا تڪيندي وئي گذري رات،

اجهو ايندم سپرين، وائي اٿم وات،

هي هي ڪري هيهات، پرهه پيدا ٿي پئي.

غرض نه هيم غير جي، سوڍي بنا ساهه،

رسڻ پڄاڻا راءَ جي، ڪيان آنهن مٿان آهه،

ملائيم الله، ته سوڍا سور سوين سليان.

سوڍا سو ۽ لک، پر راڻي جهڙو ڪونه،

قرب قرارو ڪارڻي، ههڙو ٻيو هو ڪو نه،

ڇاکون روئي ڇو نه، مومل ڪارڻ مينڌري.

مومل ڏي ميار، وڏي تنهنجي وير،

سوڍا سو وٺي اچان، جي پرين پر چين پير،

جانب جلدي آءُ تون، وارث وڍي وير،

کلي پيءُ تون کير، پارس پورهيت سان.

راڻا تنهنجو رس، مون کان وير نه وسري،

ڏکيءَ کي ڏي ڏس، ته ڪاٿون ولها وڏ ريين؟

راڻا ڏسان رڃ، سوڍا توريءَ سڀئي،

اچي لاهج اِڃ، تان مران ٿي مينڌرا.

راڻا تنهنجي رنج جو، ٿم اُڻتڻ اوراتو،

ماڙيَون محلا مڙئي، بر ڀانيان ٿي سو،

پرين اچي پوءِ، پرچ هن پورهيت سان.

راڻا تنهنجي رسڻ جا، سهسين اُڀرن سور،

اُٿن جي اوٿر ڪيون، پلپل وڏا پور،

ڪري قهر ڪهي وئين، ماريس تنهن مذڪور،

سڄي ڪاڪ سڃي ڏسان، نيڻي ويم نور،

اهڙو ڪيس ڪلور، قادر ڪنهن سان نه ڪري!

سوڍا سرچي آء، ڇڏ رسامو راوَ،

دوست! منهنجي دل ۾، گهڙيءَ گهڙيءَ جا گهاو،

پوءِ تان پري ڀانئيان، مور نه وڻي ماء،

سوڍا تنهنجو ساء، ساهه اندر ۾ ساريان.

راڻا تنهنجي رنج جو، مون کي وڏو ڏک،

ساري عمر جو سک، وٺي وئين ولها.

لولي

احمد عرب عزيز الله، وارث وير ولي الله – لا اِلٰہ اِلا الله!

اول نور نبي الله، حضرت مير حبيب الله – لا اِلٰہ اِلا الله!

سرور سيد صفي الله، ڪامل قرب ڪليم الله – لا اِلٰہ اِلا الله!

رحمت ربِ رسول الله، اعليٰ اتم امين الله – لا اِلٰہ اِلا الله!

احسن عرش عظيم الله، نائب نور نبي الله – لا اِلٰہ اِلا الله!

الف صلواة سلام الله، عليہ غلام غلام الله – لا اِلٰہ اِلا الله!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com