سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :27

متان وڃنئي راند کڻي

ملهه وڙهين ته محڪم هٿ وجهه، متان کس ڪري وڃنئي راند کڻي

ترڙئي ساڻ تڪڙ نه ڪر، متان هوڏجي وڃنئي راند هڻي،

وچين به هڻندءِ ويسرا، جيئن لاباري کي لڻي،

ڪلها به ڏيندين ”ڪيهر“ فقير چئي، اڃا اٿئي گهرج گهڻي،

وڏيرن کي تڏهن وڻي، جڏهن مشاهدو کٽين ميدان ۾.

 

براج

براج بيشڪ وَههُ، توکي ڏيهه سنڀاري سارو،

سلا سڪائي سانوڻ ۾، متان ڪڙمين اڳيان ٿين ڪارو،

انجنيئر به ايندئي اوچتو، جو مٿي آهي مارو،

تار – بابو ترن ڪينڪي، سڌ ڏين سوارو،

واهه به وڍجي ويا، ”ڪيهر“ چئي، چلي نه چارو،

لهرين ڪئين لهوارا ڪيا، اڳيان انڌارو،

وڄائي ويا وارو، سوين انهيءَ سمنڊ ۾.

*              *              *

سوين انهيءَ سمنڊ ۾، پيدا نه ٿئي پائي،

ڪڙڪا ڪيو ڪُنن ۾ پون، جتي وري نه وائي،

سامونڊي تن سڄڻن جي، مون کي ڳالهه به ياد آئي،

لهرين سان لڙائي، تون ”ڪيهر“ ڪندين ڪيتري.

 

 

نت نوان رنگ

 

ڪڏهن عاشق، ڪڏنهن معشوق،

ڪڏنهن خوشي ۽ خيال ڏسان ٿو،

ڪڏنهن محبوب، ڪڏنهن مجلس،

ڪڏنهن ڪلفت ڪال ڏسان ٿو،

ڪڏنهن بادشاهه، ڪڏنهن وزير،

ڪڏهن تنبو تنبيلا تال ڏسان ٿو،

ڪڏنهن گهوٽ، ڪڏنهن ڪنوار،

ڪڏنهن واپسي وصال ڏسان ٿو،

ڪڏنهن دنيا، ڪڏنهن دولت،

ڪڏنهن مطلب وري مال ڏسان ٿو،

ڪڏنهن ڪچهري، ڪڏنهن هڪڙو،

ڪڏنهن هيڻو وري حال ڏسان ٿو،

ڪڏنهن گدائي، ڪڏنهن غريبت،

ڪڏنهن سور ۽ سوال ڏسان ٿو،

پل پل پور سان ٿو، ”ڪيهر“ پنهنجي ڪريم جا.

 

ماستر

ماستر سڏايئِي، علم پڙهايئِي، پر ياد نه آيئي حساب ميان،

امتحان به ضرور اچڻو اڃا، هلندين حيدرآباد ميان،

جيڪي چوندءِ سو سڀ ٻڌندين، هو به کولي بيهندا ڪتاب ميان،

حاضري انهيءَ هزار ڪيرايا، لک سڪندر نواب ميان،

اکر ياد نه آيئي، سبق وڃايئي، يڪدم ڏيندا ڪتاب ميان،

”ڪيهر“ ڪهڙو ڏيندين جواب ميان، جو اچي بيهندا اسڪول ۾!

فائينل ۾ فساد گهڻو، جو ست ئي ڪتاب سامهان ٿين،

هڪڙي جلد منجهان جند ڇڏائي، ته ٻئي ۾ روڪين،

سبق پڙهن سوز فراق جا، ٻولي مٽائين،

جي ڏسن داڻا دفتر ۾، ته کنيو کيڪارين،

ڪُوڙي جي ڪمائي، ”ڪيهر“ چئي، هو قبولِن ڪين،

ڪاليج جي ڪمپائونڊ تي، ماستر به منجهيو پين،

ڀيٽ تي ڏيٺ گهڻو، اچيو بيهن امين،

هٿ جا اکر آڻيو ڏين، متان اڙجي وڃن انهيءَ اسڪول ۾!

قادر جا ڪم

جڏنهن آدم و حوا کي ڌار ڪيائين، ته به حڪم هلايائين،

نوح نبيءَ تي طوفان چاڙهيائين، ته به حڪم هلايائين،

معذور ڪري يعقوب کي ڏک ڏيکاريائين، ته به حڪم هلايائين،

قيدي بنائي يوسف کي بازار منجهه کپايائين، ته به حڪم هلايائين،

بيمار ذڪريا تي ڪرٽ وهايائين، ته به حڪم هلايائين،

موسيٰ طور تجّلي، عيسيٰ عرش تي گهرايائين، ته به حڪم هلايائين،

مصطفيٰ جا ڏهٽا ڪربل ۾ ڪهايائين، ته به حڪم هلايائين،

بيمثال ٿي بازي بنايائين، ”ڪيهر“ اهي ڪم سڀ قادر جا.

ڪانهي دريافت ديس ۾

ڪانهي دريافت ديس ۾، ڪورٽ منجهه ڏسان ڪاروبار،

جي ڀاڳيو وڃي ٿاڻي تي، ته جٺيون ڏئي جمعدار،

’پئسا ڏي ته پوءِ چڙهنداسون، اسين آهيون عملدار،

’گاهه داڻو وڃي گڏ ڪر، سرڪش اٿئي صوبيدار،

رسائيءَ ۾ متان رولو وجهين، پٽي ڏاڙهي ڪڍنداسون ئي مار‘،

انهيءَ حڪومت کي هار، جو وجهي رولا رعيت ۾!

*      *      *

چالان ٿيو ته چور ڇٽي ويو، ڀاڳئي تي هنيائون ڀَري،

شاهد گواهه ڦري ويا، وليد جي پيري وٺڻ لاءِ پيو وري،

بجي هيٺ ڏيئي، بلوچ چئي، اڄ ڪورٽ ائين ٿو ڪري،

ڏاند به ويا، ڏوهي به ٿيو، اچي ويو منجهه اري،

وڏيرا به چون ته ونگار نٿي ڏنائين، ڀلي ٻه ٽي ڏينهن جيل ۾ مري،

ڍورن پنهنجن ۾ ڍڪجي پيو، ٻارڻ پيو ٻري،

”ڪيهر“ عاشق ڳڻتين ۾ ڳري، ڏسي حال حڪومت جو!

چوري ٿي وئي، ڀاڳيو ڦريو،

ويو وڏيري وٽ، تنهن ڀنگ گهريو،

پَٽ سَٽ ڪري پيسا آڻ، متان ٿين چريو،

’ڪچي وارا اسان کان ڪين لڪندا، وهٽ تنهنجو ڄاڻ وريو‘،

”ڪيهر“ ائين ڪريو، ڦريو وڃن ڦڏائي.

*      *      *

پوليس پڪڙيو جوابدار جهليو، رجوع ڪري چالان ڀريو،

ماني ملي مئجسٽريٽ کي، ضامن ڏيئي ڳوٺ وريو،

ڀاڳيو اڃان بازار ۾، سندس سور به نه پليو،

انهيءَ دريافت کي دانگي مَليو، ”ڪيهر“ ڏس ڪم ڪورٽ جا!

موالي

هڪڙا ”ڇيڪو“، ٻيا ”ٽيڪو“، ٽيان ”ڦوڪ ڀاڙيا“، جي موالين کي مارين،

دکائيندين ته دم نه سهندا، ٻئي جو وزم کارين،

تيلي هڻ ته ترسن ڪين ڪي، پن تي پيٽ پارين،

ماچيس مور نه ڌارين، چوت مرن چلهه تي.

*      *      *

موالي سڏائين، ته پنهنجون ٻيڙيون وٺ،

پَڪو نه ٿيءُ، پَٽ کيسو، هينئر کليا اٿئي هَٽ،

وٺ تماڪ، تڏو ڪر، سڀڪو سلامي تو وَٽ،

ٻِلي وانگر ويٺو نهارين، کيسا سنگتين جا نه پَٽ،

”ڪيهر“ عاشق ڪاغذ تنهين جا ڪَٽ، جو سڄو ڏينهن وتن سوال تي!

*      *      *

موالي سڏائين، ته پنهنجو حُقو ڌار،

سوگهو ٿي سُلفيءَ تي، ٽوپي ٽانڊا نه هار،

انهيءَ تماڪ تان ڪئين تڙجي ويا، سڏايائون ٿي سرڪار،

ڦوڪ به ايندءِ ڦري، واري تي آهي وار،

”ڪيهر“ ٻئي پاسي نه نهار، انهيءَ نڙ ڪئين نقصان ڪيا!

ٻيڙين جي ٻاڙ ۽ موالين سان مصيبت

’نِهُرو‘ ناس ٿيو، ’جواهر‘ کي پيا جائون،

پَن روڪي پليد ڇڏيا، سڀڪو ڪري دانهون،

ٻيڙيءَ لاءِ ٻروچ چئي، اسان جون عرش تي ويون آهون،

تماڪ سين آهن لائون، حُقي وارن سان حال ونڊيان.

حُقي وارن سان حال ونڊيان، پر ڇڪيندڙ ويا ڇڏي،

چلم جن جي چپن تي، ناس به ڏيندا هئا گڏي،

تماڪ به چٻاڙيائون ٿي چلهه تي، سي لاکيڻا ويا لڏي،

ادا انهيءَ ’جواهر‘ جڏي، اسان جا موالي کڻي ماريا!

*      *      *

موالي کڻي ماريا، پر تن جو اٿم ڏک،

’جناح‘ جاءِ ڇڏي ويو، ڏيئي ويو ڏک،

’لياقت علي‘ لاڏاڻو ڪيو، جو مڙني سندو هو مُک،

ڦُٽين اسان جا ڦرها ڪڍيا، ٻول نيا آهن ٻُڪ،

جنس ڪري ڏنائون، ”جمالي“ چئي، ساهيئن ويا سک،

ستين ڏينهن وڃن سعدآباد، رات جو ويڙهين نُک،

هڪڙا پيچ پيٽ ۾، ٻيا خالي ٿي پيا ڪُک،

ٽئين ڏينهن پڄاڻا ٽورو ڪن، اٺين پهر هڻن چُڪ،

ليکو ڪن ته ڪونه ٿو بچي، ڪٽين پيا لُڪ،

”ڪيهر“ تنهنجو تُڪ، هوند ڪاغذ ڏجي ڪمشنر کي!

*      *      *

ڪاغذ ڏجي ڪمشنر کي، تڏهن سُلفيءَ ڇڏيا اندر ساڙي،

کانگهارن کلم مچايو، ڦڦڙ ڇڏيائون ڦاڙي،

حُقي اسان جا حال وڃايا، چرشن ڇڏيا ڪنڌ لاڙي،

پن جهليو وير پاڙي، اسان جا اَملي وڃن ٿا اسپتال ۾!

*      *      *

املي وڃن ٿا اسپتال ۾، جن جو وزم ناهي پُورو،

ڏوڏيءَ ڏند کائي ڇڏيا، ڪُٽي کائين چُورو،

جي دم گهڙي دير ٿئي، ته ٽپڙن سوڌو ٿئي ٽُورو،

وات انهن جا ويڪرا ٿيا، جيئن پٺاڻن جو کورو،

”ڪيهر“ عاشق تنهنجي اجورو، آهي ذات زميندار تي!

تريناڪ

لامارا ڏيو لوڪڙ وانگر، پير نه کوڙين،

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، آڻيو ڪوڙ ٽوڙين،

بگهڙ به هئي بر ۾، متان نيت لوڙين،

”ڪيهر“ وڻڪار ووڙين، ڪنڊا به اٿئي انهي ڪنڊ ۾.

چالاڪ درزي

درزي سڏائين، مشين هلائين، هٿ ڪينچي ڪرين ڪور،

انهي ڪرسيءَ ڪئين ڪيرايا، سمجهي پيرڙا چور،

وڍ-ڪپ ڪندي انهيءَ واٽ سين، مرد ڇڏي ويا مور،

کاري مٿان خميسون هلين، اڳيان تَڪ اٿئي تور،

جڏنهن ٽٽي پوندءِ ڏور، تڏهن ٽوٽا وري ٽپ کارائيندءِ.

*      *      *

ٽوٽا وري ٽپ کارائيندءِ، درزي هڻي ٿو دم،

انهيءَ مشن ڪئين موهي جهليا، ڏس ڪمپنيءَ جا ڪم،

ڪئين وال وڃايئي، ويسر ۾، ويچار نه ڪيئي وهم،

”جمالي“ ڏيندءِ جم، جڏهن سُئي سڳا سڀ سُرندا.

ڪورٽ ڏي ٿيو هلڻو

سمن مليا، شنوائي کلي، ڪورٽ ٿيو هلڻو،

پڃري منجهه بيهاري پڇندءِ، مئجسٽريٽ کي منهن ڏيڻو،

سوال وٺندءِ سرڪاري، اتي حال به ٿيندو هيڻو،

هو سبق پڇندءِ ٽيڻو، متان ”ڪيهر“ ڪنڌ هيٺ ڪرين.

ڪڏهن ڪيئن، ڪڏهن ڪيئن

ڪڏنهن سک، ڪڏنهن ڏک، ڪڏنهن بک بيزاري،

ڪڏنهن ڌار، ڪڏنهن گڏ، ڪڏنهن عشق اوساري،

ڪڏنهن وڇوڙا، ڪڏنهن ڏک ڏوڙا، ڪڏنهن موت مٿي تي ماري؛

ڪڏنهن تخت، ڪڏنهن بخت، ڪڏنهن مجيري، ڪڏنهن هاري،

ڪڏنهن حاڪم، ڪڏنهن حڪومت، ڪڏنهن وڇاڻا واري،

ڪڏنهن سيج، ڪڏنهن پلنگ، ڪڏنهن قبرستان ڪاري،

ڪڏنهن مدينو، ڪڏنهن محمد، ڪڏنهن علي دلدل سواري،

ڪڏنهن حسن، ڪڏنهن حسين، ڪڏنهن ڪربلا خنجر تياري؛

ڪڏنهن يعقوب، ڪڏنهن يوسف، ڪڏنهن مصر بازاران خريداري،

”ڪيهر“ عاشق سڌ ساري، تنهنجا وڇوڙي سڀ واقف ڪيا.

مارئي جي روح رهاڻ

ڪريان روح رهاڻ، منهنجا ويڙا ڏوٿيئڙا ڏاڏاڻ،

جهڙ جهوري آهيان، کِوڻن لڳي کاڻ،

وسن اباڻي پار ڏي، مِينهن ڪيا مانڊاڻ،

جي مِلان سنگهارن ساڻ، ته اولا لهن اکين جا.

 

ڪاغذ لکيو ڪونه ڪو، هت اباڻن هئي اپر،

وٺا مينهن ملير ۾، منهنجا ڇڄي ويا ڇپر،

ماروئڙن مٿي چڙهي، وڃي ڀٽن ورتي ڀر،

ڪڏنهن ملندا ”ڪيهر“ چئي، ڪين لڌائون ڪر،

گنگهر تن گهيٽڙين لاءِ، ويٺي وجهان ور،

ويهي پَٽ پڌر، پڇايان پهنوارن کي.

پڇايان پنهوارن کي، مٿي ڪوٽ چڙهي،

ويڙهيچا ويڙا ڏيئي، ڪارنهن جي به ڪڙي،

گنگهر گهاريان، سانگي ساريان، هر گهڙي،

مهڻا ڏيندم ماروئڙا، ملير منجهه مڙي،

جر هاريندي ”جمالي“ چئي، ويم سج لڙي،

سولي ڪج ساڻيهه ڌڻي، ويڙهه وڃڻي آهيان!

*      *      *

ويڙهه وڃڻي آهيان، ملير منهنجو ملڪ،

بيوس آهيان بند ۾، ساريان نٿي سک،

عمر آهين ڀاءُ منهنجو، پنوهارن اٿئي پک،

شرع مڃ تون محمدي، ظلم نه هلندءِ رک،

جر هاريان ”جمالي“ چئي، اٿم ڏوٿئيڙن جو ڏک،

وطن واريان وک، کيت به بخشيندو خطائون.

*      *      *

کيت به خطائون بخشيندم، آسروندي آهيان،

رهنديس ڏينهن ٻه ٽي، لوئي ڪين لاهيان،

سيج پلنگ تنهنجا سومرا، وهه وٽيون ڀانيان،

وينديس وطن سامهين، روح سندي اٿم رايا،

پکن تن پنهوارن ڏانهن، قرب منجهان ڪاهيان،

جيڏين ساڻ ”جمالي“ چئي، وڃي ملير ميندي لايان،

ٻاهر پير نه پايان، مقابلو ٿيندو مارن ۾.

*      *      *

 

مقابلو ٿيندو مارن ۾، اچي ملندم پنوهار،

ڏوهه به رکندا ڏکيءَ تي، ڀيڙي تان به ڀتار،

ڪوٽن ڪئي آهيان ڪانهري، ماريس مونجهه ميار،

ڪوڙي آهيان ڪڙم ۾، مون ۾ عيب هزار،

جکان روز ”جمالي“ چئي، منهنجي سيد لهجان سار،

پوءِ ڪلمي جي آڌار، معافي ڏيندم ماڙيچا.

چڱا مڙس ۽ ڪتا

چوڏهين زماني ۾، چڱا مڙس ڪتا ڌارين،

سڄو ڏينهن سنگر هٿ ۾، وڏيرا پاڻ وهنجارين،

’موتي‘، ’مانگر‘، نالا جن جا، هيرا پهلوان پارين،

ڪتن جي ڪم هاج ۾، نماز به وسارين،

رکن شوق شراب تي، ٻين کي به پيارين،

پنهنجو پير اوَتڙ ۾، خلق کي به کارين،

اسلام ياد ناهي، حرام تي پيسا هارين،

سڄو ڏينهن سورن ۾، پٺيان مال بک مارين،

نوڪر جن جا ڪتا چارين، ”ڪيهر“ ڪهڙا آچار تن جا!

هن زماني جو عشق

عشق هن زماني جو، سڄو ئي آزار،

ڳڻتين جا ڳوٺ ٻڌجن، دل تي گهڻو بار،

رات ڏينهن روح ۾ رولو، ’متان ڪري ٻيو يار‘،

ننڊ ڦٽائي پاڻ ڳالهائي، اهي آهن عشق جا پار،

عشق عقل وڃائي ان جا، پنهنجا آهن آچار،

ڪئين لک هزار، انهيءَ قرب قرضي ڪيا!

عشق هن زماني جو، آهي ڏهن وارو نوٽ،

کوليندين ته خوش ٿيندا، نه ته منهن تي چوندءِ ’موٽ‘،

پيسي بنان پير نه ڀريندا، اڳيان ٿيندءِ اوٽ،

دنيا آهي ته دير ڪانهي، نه ته چڪر کائيندين چوٽ،

انهيءَ ڪنوار ڪئين قابو ڪيا، گهڻا ويچارا گهوٽ،

جي کيسي اٿئي کوٽ، ته قرب نه ڏسندين ”ڪيهر“ چوي!

شادي ٿيندي خبر پوندي

ساهريجن ٿو سنڀرين، اڃا شادي تو ٿيندئي،

متان کڻي قرض ”ڪيهر“ چئي، گهڻن ۾ گهرندئي،

ڏيئي ڇرڪ ڇني ۾، وڪالت وٺندئي،

پوندين ڪَڇ ڪنوار جي، چوڙيلي چوڙيندئي،

خبر تڏهن پوندئي، جڏهن گهوٽ ويندين گهر انهن جي!

*      *      *

گهوٽ تون ويندين گهر انهن جي، پر ٿيندين پرائي وس،

هو ٻوليندئي ٻه ڄڻا، تِر نه ڪندا ترس،

ڪمپٽ گهڙايئي ڪنوار لاءِ، دم دهريون هس،

”ڪيهر“ لڳئي ڪس، ڏاج ڏسي متان ڏک ڀرجين!

*      *      *

جلدي ڇڏي جوءِ کي، تون مايڙي ملندين،

ڪَڇ ۾ قريب جي بُبو به پيئندين،

ڪپڙا پائي قيمت ڀريا، وٿاڻ تي ويندين،

ٻڌي ٻول ٻروچ چوي، تون ”ڪيهر“ ڇا ڪڇندين،

وڃي پينگهي ۾ پوندين، انهيءَ منهن – ڍڪڻيءَ ڪئين موهيا!

منهن – ڍڪڻيءَ موهي جهليا، جيجي وٽ نه جاڳيا،

قربيتيءَ قابو ڪيا، وڃي وٿاڻ وسايائون ساڳيا،

ڪاغذ به آيو ڪينڪي، وڏڙيءَ سين واڳيا،

دوستن دل داڳيا، سي ڇاپا رهيا ڇاتيءَ تي!

*      *      *

ڇاپا رهيا ڇاتيءَ تي، اکر ڪين ڊهن،

ڪاتب قلم وهائي ويا، لکيا ڪين لهن،

قرب وارا ”ڪيهر“ فقير چئي، پاتار ۾ پهن،

نيڻن نار وهن، پڙ تي پاڻي گهڻو!

 

فولاد علي فقير شر*

 

منهنجي ولادت 10 ماه محرم، رات جو، سن 1282هه مطابق 1867ع جي ٿي. ننڍائيءَ ۾ قرآن شريف ملان ’دولت‘ وٽ پڙهڻ ٿيو، بلوغت جي اثر منجهه، ڪنهن عزيز وٽئون پارسي بيت ٻڌا ويا، جنهنڪري پارسي علم جي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڇهه مهينا کُهڙن جي شهر ۾ ميان خدا دوست اُڄڻ فقير وٽ پڙهڻ ڪاڻ رهڻ ٿيو. ملا خدا بخش اُڄڻ وٽ ڪجهه پارسي علم حاصل ڪيو ويو. اُتاهون وري درياهون پار وڃڻ ٿيو، ۽ شاهه پنجي جي ڀرسان، آڳرن جي ڳوٺ ۾ مولوي محمد ۽ پريل ۽ غلام نبي آڳرن وٽ علم پڙهيو ويو، جو اتي خيراتي مدرسو هو. ٻارهن مهينا تنهن کؤن بعد، ”آباد“ جي ڳوٺ، لطف الله ڪلهوڙي جي ڀر ۾، مخدوم حبيب الله جي پٽ مخدوم غلام محمد وٽ پڙهڻ ٿيو. مولوي مصري، قاضي ڊکڻ پڳرن جو ويٺل ۽ مولوي عبدالقدوس مسجد ۾ مخدومن صاحبن وٽ وعظ ڪندا هيا. مخدوم صاحب نقشبندي طريقو رکندا هيا. وقتي فقط صبح ۽ شام جو ذڪر ڪندا هُيا. اٺئي پهر ذڪر ۾ شامل نه هيا؛ ڪجهه دنيا ته ڪجهه امرسان، ڪجهه روڪ ڪجهه روٽيءَ سان خيال هئن. جنهن وقت پارسيءَ جو ”سڪندرنامه“ پڙهي پورو ڪيوسي ته ڳوٺ آياسي. وري جلد ئي صوڀي ديري جي شهر ۾، مير صاحب مرحوم خدا بخش خان جنت مڪان جي بنگلي ۾ مولوي محمد عظيم وٽ (جو مير صاحب جي صاحبزادن کي پڙهائيندو هو) مرحوم مير مٺل خان عرف خير محمد خان مرحوم مير محمد خان ۽ مرحوم مير امام بخش خان جنت مڪان جن سان گڏ پڙهڻ ٿيو، کاڌي پيتي جي خدمت مير صاحب مرحوم ڪندو هو. ٻه سال اُتي رهڻ ٿيو.

پڙهي انتها ڪئي سي. ٻه چار سال ڳوٺ اچي رهياسي. ٻاهر پري وڃي پڙهڻ جو سبب اهو هيو، جو عام طرح رياست ۾ علم پارسي ڪونه هيو. علم رڳو مير صاحبن جي شاهي خاندان ۾ هيو- رعايا ۾ ڪونه هيو. ڪاٿي ڪاٿي خاندانن ۾ نوشت- خواند پارسي ٿيندي هئي. سنڌي علم بلڪل ڪونه هيو. حڪومت ۾ لکپڙهه سڀ پارسي هئي.

جلد ئي مير صاحب مرحوم جنت مڪان مير عليمراد خان وفات ڪئي. مير صاحب مرحوم فيض محمد خان جنت مڪان تخت نشين ٿيو. انهيءَ صاحب پنهنجو وزير خانبهادر مسٽر قادر داد خان مقرر ڪيو، جنهن ڪورٽون، آفيسون، اسپتالون، اسڪول، پوليس کاتا، انگريزي دستور تي کوليا، ۽ اسان کي سرڪاري پگهار سان فيض گنج تعلقي ۾ ماستر مقرر ڪيائون. اُتي مٺي چانگ، گل محمد چانگ ۽ بکاني وٽ اسڪول سرڪاري نئون پيو. اُتي يارهن سال نوڪري ڪئيسي. اُتي اسان جي اها چال هئي جو پنج وقت نماز ۽ ٽيهه ئي روزا رکندا هياسي. مذهب سُني هيو. روزاني پهر رات کان پوءِ ”اغثني“ مدح ميان صاحبڏني فقير واري بيهي پڙهبي هئي. هڪڙيءَ رات جو پڙهندي اکيون ٻوٽجي ويون، ۽ خمار پئجي ويو. خمار ۾ پڙهندو وڃان، ڏسان ته حضرت رسول ڪريم صلعم جن سنڌو درياءَ جي ڪپ تي بيٺا آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ چيائين، ”آيس! آيس! آيس“ انهن لفظن ٻڌڻ کئون پوءِ هوشياري ٿي. صبح تي اچي خيال ويٺو ته نوڪري ڦٽي ڪري جيڪر طلب الله جِي ڪنهن مرشد ڪامل کؤن وٺان، الله جي ڳولا ڪيان. نوڪريءَ جي پابنديءَ ۾ الله جي ڳولا نه ڪري سگهندس. تنهنڪري ستت ئي ٻن ٽن ڏينهن ۾ نوڪري ڇڏيم، ۽ سن 1905ع ۾ اچي ڳوٺ رهيس.

ڇهه مهينا گذريا، ته لقمان شهر جو هڪڙو زاهد عابد ڳوٺ ۾ آيو. انهيءَ جي زهد جي نيڪي ٻُڌل هئي. پوءِ دعوت ڪري، وٺي آيو مانس. ٽپهريءَ جي نماز اُن فقير زاهد سان گڏ پڙهيم. پوءِ چيومانس ته ”ڪجهه الله جو رستو ڏَس“، جنهن تي ’هائو‘ ڪيائين. اسان چيس ته ’تو کؤن طلب ڪانه وٺبي، مگر ڪنهن مرشد ڪامل جو ڏس ڏي‘؛ جنهن تي هڪ وظيفو ڏسيائين ته ’ست ڏينهن پڙهبو ته پاڻيهي جنهن جي بلي تنهنجي ٻانهن هوندي، سو خواب ۾ ڏسندين پوءِ اهو تنهنجو مرشد آهي: باطن ۾ جنهن جي بلي تنهنجي ٻانهن هوندي، اُهو ڏسندين‘. پوءِ هُن زبان سان ڏسيو، مگر پاڻيهي دم سان هلڻ لڳو. الله جي محبت ڪري ست ڪوهه پنڌ جا اسٽيشن راڻيپور رائين اونداهيءَ رات جو هُن سان سونهون ٿي گڏجي ويس. موسم اونهاري جي هئي. ٽن راتين کؤن پوءِ، قلندر سلطان ڏٺم. اُنهيءَ سان هڪ آدمي سفيد ريش گيڙو. ويس سان ڏٺم. قلندر سلطان چيو ته ”فولادَ، غير ڪڍيو اٿئي؟“ مان چيو ته ”نه“. پوءِ چيائين ته ”وات ڦاڙي ’ها‘ ته ڪر“. مان جو اُلٽيءَ جي نموني آت ڏني، ته جيئن ڳئون مينهن کؤن پردي ۾ ڦر نڪرندو آهي، ائين منهنجي وات مؤن ايڏو ڦر وانگي کوڙ نڪري پيو. پوءِ قلندر شهباز چيو ته ”تنهنجو غير ڪڍيوسي“، اُٿي هلي هڪ تڏي تي ويٺو. پوءِ هوءَ ’صورت‘ به هلي ويٺي. پوءِ ذڪر ذاتي مان کي ڀاڪر وجهي سمجهايائين. پر اها صورت سفيد ريش نه پئِي سُڃاپي. پوءِ قلندر ائين چيو ته ”هتؤن درياءَ ٿيندا، سمنڊ ٿيندو، ۽ لهريون ٿينديون!“ هڪ رات ۾ ٽي دفعا سجاڳي ٿي، ۽ ساڳيءَ طرح قلندر سلطان ڏٺوسي.

پوءِ روز روشن ٿيو، ۽ بيقراري ٿي پئي. چئن ڏينهن کان پوءِ گهوڙي تي چڙهي کڻي اُتر منهن ڪيم، ۽ پير ڳوٺ جي اترؤن ڪچي ۾ ويس. اُتي ڪن ماڻهن ڳالهه ڪئي ته ’هت هڪڙو سيد مست سالڪ آهي، جو ماڻهن کي اچڻ نٿو ڏئي، جيڪو وڃيس ٿو ته ڏَڦو کڻي ڪڍ ٿو پويس.‘ نالو پڇيوسي، چيائون ته ’نالو سيد محمد علي شاهه اٿس، مگر ڳوٺ ۾ ويٺو آهي.“ اها حقيقت ماني کائيندي ٻڌم. اڳي ٻه دفعا شاهه صاحب جو نالو ٻڌو هيم ته مير عليمراد خان جي حاضر ملازمت ڦٽي ڪري، ابراهيم ادهم وانگي تخت هزاري ڇڏي فقير ٿي ويهي رهيو آهي، مگر خبر نه هئي ته ڪاٿؤن جو ويٺل آهي. جڏهن اُنهيءَ مهل نالو ٻڌم، ته مان بس ڪري اٿي کڙو ٿيس. اُنهن آدمين ڏس ڏنو ته هتؤن ويجهو ويٺو آهي. شاهه صاحب جي بنگلي ۾ ويس، ڏٺم ۽ سڃاتم ته هيءَ صورت اُها آهي جا قلندر سلطان سان گڏ هئي! ويجهو ويس، سلام ورايم، مان کي ڏسي چيائين ته ”بلوچ تون اهو ته ناهين جنهن جي ٻانهن ڇهون ڏينهن رسول الله ۽ مولا عليءَ ڏني آهي ته هن جي رهبري ڪر؟“ اِتي عرض ڪيو ته ”مان کي به ڇهون ڏينهن اوهان کي ڏٺي ٿيو آهي: برابر اُهو مان آهيان.“ شاهه صاحب کي گيڙو ويس هيو. پوءِ بيت فرمايائون:

”چُوڻ چڳندي تتر ڦاٿا، تئين ڪيون ڦاٿين سها،

مئين به تساڏي جهٽ پٽ سڻي، اساڏا روح به نه رها.“

”بلوچ تنهنجو روح به نه رهيو؟“ پوءِ چار راتيون صحبت ۾ رهياسي، پنجين رات ئي گهُر ڪئي سي ته اسان تي به رهبري ڪيو.. پاڻ چيائون ته ”تون آيو حڪم سان هُئين، پر جي زبان سان اقرار ڪري گهُرين نه ها، ته موٽيو وڃين ها: زبان قلب جي تصديق آهي، حديث آهي ته ’اقرار باللسان‘ تصديق بالقلب‘.“ پوءِ اسان کي سمجهايائون ته ”هيءُ فڪر اسان کي خير محمد فقير هيسباڻيءَ ڏسيو هو، سو توکي ڏسيون ٿا.“ اڌ رات جو ذڪر سمجهايائون، صبح جو نقشو ذڪر جو لکي ڏنائون، مگر ذڪر روبرو مرشد جي نه هليو: اهو باطني قاعدو آهي جو ذڪر جي صورت، باطن ۾ مرشد واري آهي. جان جو موڪلائي، ته ذڪر هلڻ لڳو: نشو پئجي ويو، ڪا خبر نه پئي پوي! جاٿي ٽڪيل هُيس، اُتي مس مس پهتس. ذڪر ڪري بيهوشي سخت ٿي پئي.

عشق دي مڪتب جوئي ويندا،

بيهوشي دي مشق لکيندا.“

نماز پڙهندڙ هُيس، خيال ٿيم ته نماز پڙهان. ٻپهريءَ جو وقت هُيو. نماز ۾ بيٺس، ته ’الحمد‘ ۽ ’قل‘ جي خبر نه پئي؛ ذڪر وارو ئي پيو پڙهان! ”لا تقربوالصلواة وانتم سُکارا“ جي مهل هئي. رڪعتن جي خبر ڪانه پئي. ٻٽي سجدا ڏيئي، سلام ڏنم. گهڻائي حيلا ڪيم، نماز پوري نه بيٺي. پوءِ اُٿي قرآن ڪڍيم، ته قرآن پڙهڻ ۾ ئي نه آيو: سٽ به پڙهي نه سگهيس، آخر بس ڪيم!

سبق پڙهئي کؤن پوءِ، ٻئي ڏينهن تي هڪ شخص چيو ته پير ڳوٺ ڏي گڏجي هلون. گهمندي گهمندي، پير جي مسجد ۾ وياسين. اُتي پير جي جماعت هئي. هڪ زائفان ۽ مرد، زير بم آواز گڏي، عبدالله فقير جو ڪلام چيو. ڪلام ٻڌڻ سان روح کي معنيٰ جي سڌ پوندي وڃي ٿڙڪو جسم ۾ اچي پيو. آخرٿڙڪي ٿڙڪي ٻڌي نه سگهيس، ۽ وڃي ٻاهر ڪريس. جڏهن ڪلامن کؤن بس ٿي، ته هوش ۾ آيس. اُنهيءَ سنگتيءَ اُٿاريو، اُهو جو وجد پهرئين ڏينهن پيو آهي، سو اڄ ڏينهن تائين آهي. بيحاصل صوفيءَ جي صحبت ۾ وياسي، ته اُنهيءَ جي صحبت ۾ وجد، حال، درد- سڀ بند ٿي ويو: ٻه ٽي ورهيه جڏهن اُنهيءَ جي صحبت قدرت ٽوڙائي، ته وري ساڳيو حال ٿيو.

ٻارهين مهيني گذرڻ بعد قلندر شهباز ۽ صوفي شاهه عنايت جي ديدار تي سوَ ڪوهه پيرين پيادو ڪري وياسي. پنڌ ڪڏهن ڪيل نه هو، پر عشق شاهنشاهه جي پنڌ ڪرايو. ٻه راتيون قلندر تي، ۽ ايڪيهه راتيون صوفي شاهه عنايت تي رهياسون. هڪ دفعي، مراقبي ۾ شاهه عنايت جي سيرانديءَ کؤن ويٺاسي، ته محويت ۾ صوفي شاهه عنايت هٿ هٿ ۾ ڏيئي مرحبا ڪئي، ۽ تاج فقيري منهنجي مٿي ۾ وڌائين. سجاده نشين غوث بخش فقير اسان کي تاج آڻي ڏني. پوءِ وري پيادا موٽياسي. وري ٻيو دفعو ميرانپور ڏي ريل ۾ وياسي، ۽ حيدرآباد کؤن پري ٽيهه ڪوهه پنڌ ڪيوسي. ٻه ٽي راتيون ٽڪياسي، ته سنگتين منجهؤن هڪ فقير، شاهه شهيد جي روضي ۾ مراقبي سان ويٺو، محويت ۾ ڏٺائين ته هڪ سفيد ريش مرد آيو، جنهن اچي نيزو مٿؤن اُولاريس، ۽ چيائينس ته ”منهنجي فقير کي ڇو وٺي آيا آهيو؟“ روضي مؤن اُهو فقير ڀڄندو ڏڪندو آيو. مان سان ڳالهه ڪيائين. مان کي پارن پتن مؤن معلوم ٿيو ته منهنجو مرشد هو! جنهنڪري، اٺ پهر پئي مان رنس. ميلي ختم کؤن پوءِ محمد خان جي ٽنڊي تائين ميان غوث بخش فقير اُٺ ڏنو، جنهن تي سواري ڪري ڦليلي مؤن ٻيڙي تي حيدرآباد پهتس. وري حيدرآباد کؤن سڌو لقمان جي ٽڪس ورتيم، ۽ شاهه صاحب وٽ آيس. شاهه صاحب تمام ڪاوڙيو ته ”تون ڇو ويو هئين؟ تنهنجو ڪم ڪهڙو هيو؟ جن سان گڏجي ويو هئين، انهن جي فقيريءَ کي مان ڪونه سڃاڻندو آهيان!“ پوءِ هيءَ مصرع ٻڌايائون:

”جيڪي در در لائن دوستي، سي چلوليون چئجن!“

مرشد اسان جو، طلب ورتي کؤن پوءِ ٽي سال دنيا ۾ حيات هيو سال سال ۾، ٽي راتيون ٽي ڏينهن- جملي نو ڏينهن صحبت ڪئيسي. شاهه صاحب جي صحبت نفس جي برخلاف هوندي هئي، جو هر وقت نفس جي برخلافيءَ جي زبان مؤن ڳالهه نڪرندي هين. در حقيقت ساري خدائيءَ کي الله کؤن برگشتو ڪيو آهي، سو نفس آهي، جو آدميءَ جو سخت ساراهيل دشمن آهي. نفس ڇا آهي؟ اهو معدو کائڻ وارو آهي، جنهن ساري جهان کي گمراهه ڪيو آهي، ۽ الله جو دشمن: جيڪو هن وجود ۾ ’ونحن اقرب‘ الله ويٺو آهي، اُنهيءَ جو سخت دشمن آهي. اسان کي اُنهيءَ وقت ۾ نفس جي دشمنيءَ جي خبر نه پئي پيئي، پوءِ وڃي پيئي.

هڪ دفعو شاهه صاحب مرشد شاهنشاهه وٽ وياسي، ته عبدالله ڪوري به طالب هيو. ڀِت کي ڀر ڏيو ويٺو هو، ۽ ننڊ جون ڦوڪان ۽ گهوگهرا هڻڻ لڳو. سائين صحبت ويٺي ڪئي. عبدالله جي ننڊ ڏسي، سائينءَ چيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن رن جو انجام هجيس ته شوشاڪو هوشيار ٿيو ويٺو هجي؛ هت وحدانيت جي ڳالهه ۾ ننڊ ٿو ڪري!“ اُنهيءَ زماني ۾ علي بخش فقير انصاري پير ڳوٺ جي، صحبت شاهه صاحب جي ٻڌي شاديءَ کي ترڪ ڪيو، ۽ عمر ساري نه پرڻيو، جيڪي ڪمائيندو هو، ته اهل فقر جي خدمت ڪندو هو. هميشہ توحيد جي گفتار هن وٽؤن نڪرندي هئي. جنهن وقت گفتگو ڪندو هو، ته ڄاڻبو هو ته عالم دُر ٿو ڳالهائي. ظاهر جو علم فقير توڙي نه ڄاڻندو هو، پر حضرت رسول ڪريم جو فقير کي حضور ٿيندڙ هو.

جڏهن سائينءَ کؤن سبق وحدانيت جو پڙهي ڳوٺ آياسي، ته صبر اهڙو هيو جو ڳالهائڻ بس ٿي ويو. دوستن جي دوستيءَ ۽ مائٽن جي مائٽيءَ کؤن بيزار ٿي وياسي. يارهين ڏينهن، منجهند جو، ڪجهه نشو وحدت جو پيتوسي، ته ڏٺوسي ته ستين آسمان تي نور جلال سمونڊ ڏسڻ ۾ آيو، جو ڇوليون پئي ڏنائين: اهڙو نور هيو، جو سج چنڊ ۽ وڄون هن جي اڳتؤن شرمسار هيون! پوءِ شوق زور ڀريو، ۽ گريو ٿيو، جو جهنگ ۾ روئندو وتان؛ ذڪر اهڙو زور ڀريو، جو سيني ۾ سمائجي نه سگهي!پوءِ ڄاتوسي ته هن حضور جي ڳالهه ته ڪنهن ملان قاضيءَ ڪانه ٻڌائي. ملان قاضي سڀڪو چوندو آهي ته فقيرن کي مڪي مديني جو حضور ٿيندو آهي، پر اهو حضور ته چار ڏوڪڙ ڏيئي ماڻهو ڪري ٿا اچن. ”حضور“ انهيءَ جو نالو آهي، جنهن کي ’معراج‘ ڪوٺبو آهي. هو وحدتي حضور آهي؛ هو ڪثرتي حضور آهي، جو ڪنهن ڀاڳواري کي ٿيندو. هي وحدتي حضور ڪن نڀاڳن ٿيندو. اهو ملڪ نڀاڳ جو اهڙو آهي، جو پاڻيءَ جي ڍُڪ ڪاڻ سسي پيا وڍن. انهن يارنهن ڏينهن جي اندر ۾، ٽي ڏينهن ٽي راتيون، وڻن جي برابر هڪ آواز اهڙو پيدا ٿيو، جنهن بي انداز فراق پيدا ڪيو، جو پاڻ ماري وجهي ها. اهڙو آواز ساريءَ ڄمار ۾ ڪونه ٻڌوسي. ويتر انهيءَ آواز ٻڌڻ سان شوق پيدا ٿيو، جو بيحد ڪمال!

وري ٻارهين مهيني ”سچل“ فقير جي چوڏهينءَ جي ميلي تي وياسي. تڏهين ريل ڪانه هئي. سڄي ميلي ۾ ٽيهه آدمي هيا. ماڻهن جي آمدني ريل کؤن پوءِ ٿي صرف ”سچل“ جي درٻار هئي. ٻيو سڀ پڌرو هو، مگر هڪ نانڪ يوسف فقير جي لانڍي ٺهيل هئي. هينئر واريون عمارتون اصل ڪونه هيون؛ رڳو گاديءَ وارو بنگلو ٺهيل هو. ڪافيءَ ڪلام جو شغل ڪونه هو. مان کي اصلي ارادو هو مرشد ڏي وڃڻ جو، واٽ تي ميلي جي ڪري وڃي ٽڪيس. سيارو هو، تنهنڪري سنجهي مان ئي فقير صاحب جي روضي ۾ مراقبو ڪري ويهي رهيس. ويهڻ سان ذڪر وحدانيت جو نشو پئجي ويو، ته اتي سچل فقير آيو. هٿ ۾ خنجر هجيس ترار جي نموني، ڊيگهه هٿ کن، خنجر جو مٺيو ڳاڙهو هجي. ڀِرن جي مٿؤن ۽ ڪنن جي مٿؤن خنجر وهايائين؛ ڪوپري ڪياڙيءَ جي طرف ڳنڍيل ڇڏيائين؛ ڪوپري اُٿلائي، ڪياڙيءَ ڏي رکيائين: وٺي جو رت ڌڌڪو ڏنو، پيرن کؤن اَڏان وهن، ۽ فرش تي رت وهڻ لڳو، ۽ مان رت وهندي پيو ڏسان! پوءِ ورائي ڪوپري سچل فقير مٿي تي رکي، تيستائين بيٺو هو. گيڙؤ جي دستار وڍيل ۽ ڦٽن واريءَ جاءِ سموري مٿي ٻڌائين، ۽ ڪجهه پڙهيائين، سو سمجهڻ ۾ نه آيو. دستار ٻڌائي، فقير چپ ڪري بيٺو، ته ايتري ۾ هڪڙو مست نمونو ڏسڻ ۾ آيو، جو سچل فقير جي تربت جي سيرانديءَ کؤن بيٺو هو. هو مست تربت جي الهندي بيٺو هو. مان سچل فقير کؤن پڇيو ته ”هيءُ ڪير آهي؟“ ورندي ڏنائين ته ”هي صوڀو فقير، عاشق، مَڏ جو ويٺل آهي، جو ڦاپل زائفان تي مجنونءَ وانگي مست هو- هي اُهو آهي.“ ساڍا ٽي پهر رات جا اندر روضي ۾ ويٺل هيس، باقي اڌ پهر رات نشو لٿو. سنڀار ٿيم ته مان چڱو ڀلو آهيان. لَٽا پيو ڳوليان- ’لٽن کي ته رت ڪانهي!‘ وري فرش ڏي نهاريم، ته اُتي رت ڪانه هئي. پوءِ اُٿيس، ته به اَٺ پهر محويت هئي. پوءِ مرشد وٽ وڃي پهتس ۽ احوال سچل فقير جي روضي وارو سڄو ڪيومانس. تنهن تي شاهه صاحب چپ ڪئي ڪونه ڪڇيو. جڏهن مان موٽيس، ته سائينءَ پنهنجي طالبن سان صحبت ڪئي ته ”مان آيو به بلوچن ڏانهن هيس؛ ڪورين اسان کي نه سڃاتو؛ اسان بلوچن مؤن هياسي، وري به ڏکڻ بلوچن ڏي اسان جي وڃڻ جو راز آهي، اسان اوڏانهين وينداسي“- يعني پاڻ خير محمد فقير هيسباڻي بلوچ کؤن فيض ورتو هئائين.)

سائينءَ هڪ دفعي حقيقت ڪئي ته ”’بيدل‘ فقير وٽ وياسي، تڏهن اسان کي نوڪري هئي. فقير صاحب وٽ اَٺ ڇوڪر ٿلهي تي ويٺا هيا، جو انهن کي پڙهائيندو هيو. اسان فقير کي پيرين پئي، نياز ڪري، ٿلهي تي ڇوڪرن سان گڏ ويٺاسي، ته فقير صاحب مان ۾ کڻي نظر وڌي. ڏسي، چيائين ته ’هڪڙو ڏينهن ٿيندو ته هن وَهٽ کي ڇڏينداسي، ۽ انهيءَ وهٽ تي سواري ڪنداسي، ۽ گڏ اوطاقي ٿينداسي.“ پوءِ ”بيدل“ فقير جڏهن دنيا منجهؤن چالاڻو ڪيو، ته شاهه صاحب چيو ته ”بيدل“ فقير اچي ٻڌايو ته ’محمد علي کي ڪڍيوسي، هاڻي اسان جي سواري وهٽ تي آهي.“

اسان کي به طلب ورتي کؤن پوءِ، نائين ورهيه، شاهه صاحب آسمانن تي وٺي معراج ڪرايو، جنهن جي اڳتي ڳالهه ايندي. پوئين دفعي جڏهن سائينءَ وٽ وياسي، ته سائينءَ اسان کي ٽي مهينا اڳي ٻڌايو ته ”فولاد اسان ڏي ’بيدل‘ فقير پيغام قوت علي شاهه جي هٿئون موڪليو آهي ته اسان دنيا منجهؤن جلد وينداسي“. اسان عرض ڪيو ته ”ڪهڙو پيغام آهي؟“ پاڻ فرمايائين ته ”اُهو هي آهي:

”دُ والي ٽوڙ ڪثرت ڪي، جسم سي اب جدائي ڪر،

تخت پر لا مڪان ڪي بيٺ، ’بيدل‘ بادشاهي ڪر.“

اسان کي ڏاڍو غم ٿيو. ٽئين مهيني هادي شاهنشاهه لا مڪان پرواز ڪيو. سائينءَ جي وفات کان پوءِ مينهن واءُ ۽ طوفان ٿي ويو، جو هت اسان جي ڳوٺ ۾ ائين به ٿيو. علي اڪبر شاهه صاحب جو سوٽ، شراڪت ۽ شريعت جي ڪري، سائينءَ کؤن برطرف رهندو هو. سائينءَ جو طريقو رندي مشرب هو. اهو واءُ، مينهن ۽ طوفان ڏسي، علي اڪبر شاهه رُئڻ لڳو، ۽ چيائين ته ”ارمان جو اسان کي اها خبر نه هئي، جو عاشق عارف اسان جي ڀر ۾ هيو، ۽ اسان نه سڃاتو!“ هيءُ واءُ ۽ مينهن جو سبب هي آهي، جو عاشق جي دنيا جي جهان مون ڇڏڻ ڪري زمين آسمان رئندا آهن، زمين ڌوڙ وسائيندي آهي. اها خبر سائينءَ جي رحلت جي مشهور ٿي، اسان به وياسي. الله بخش ڪانهر، جو سائينءَ جو طالب هيو، تنهن ڳالهه ڪئي ته ”اڱاري جي ڏينهن، ستين تاريخ صفر جي، سائينءَ چيو ته ’ورندي منگل تائين هت ميخاني ۾ صفائي هوندي، ۽ اسان ڪونه هونداسي‘ پاڻ خوشباش ويٺا هئا. وحدانيت توحيد جي ڳالهه پئي ڪيائون. آخر تاريخ 13 صفر سڀ طالب گهرايائون. لعل ۽ ٻيا سڀ پيا روئن. پاڻ فرمايائون ته ”هن مهل نه روئو، جڏهن طوفان ۽ مينهن ٿئي، تنهن مهل روئجو.“ آخر 13 ماهه صفر سن 1326 هه جي رحلت ڪيائون. اسان جا سائينءَ جي وفات کؤن آسرا ٻيا سڀ پلجي ويا. ڪاڏهن دل رجوع نه پئي ٿئي، نه وري صحبت اهڙي ڪاٿؤن ٻڌڻ ۾ آئي جو دل ريجهي- مثال جئن زائفان جو مڙس مري وڃي، ۽ هڪ پُٽڙو هجيس، ۽ انهيءَ تي آرو رکي ٻيو نڪاح به نه ڪري ته اهو ڇوڪر مڙس ٿيندو ۽ مان کي کٽي کارائيندو. پوءِ، اسان تيئن ذڪر الاهي اسم اعظم کي کڻي ڀاڪر وڌوسي: پوءِ انهيءَ مؤن سڀڪجهه ٿيو!

سائينءَ جي وفات کؤن پوءِ اسان جو مستن عاشقن ڏي ارادو ٿي پيو- ڇو ته سائين پاڻ ڳالهه ڪندو هو ته ”اسان سان مهرباني مستن ڪئي.“ نو ورهيه برابر ست پهر اوجاڳو هيو، ۽ هڪ پهر ننڊ ڪبي هئي، ڏينهن جو اصل ننڊ نه ڪبي هئي؛ مگر ٻه دفعا- هڪ دفعو يارهين ڏينهن ستين آسمان تؤن سمنڊ نور جلال الله جو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي ڳالهه ڪري آيا آهيون، ٻئي دفعي وري اٺين سال، منجهند ٿورڙي گهِل ٿي ته فقير نانڪ يوسف آيو: ٻيا فقير به پويان هجنس، ۽ هٿ کڻي هن ڪلام جو مصرعو ٻڌايائين:

”رک عاشق خبرداري،

اَٿي دمدم جي هُشياري،

اَٿي مرشد ڳالهه موچاري،

ٻيو سڀ پنڌ اجايو.“

هن مصرع ٻڌڻ سان، ڦٿڪي ڦٿڪي کٽ تؤن هيٺ ڪري پيس، ۽ هشياري ٿي ۽ سجاڳ ٿيس. اهي ٻه دفعا، ننڊ به ننڊ نه هئي- اها ننڊ سجائي هئي. کائڻ اسان جو، طلب ورتي کؤن پوءِ،- ٽي سال برابر اٺين پهر کائيندا هاسي، صبح جي وقت ۾.

شاهه صاحب کؤن پوءِ ڇهه ورهيه برابر نه ڪنهن جي ميلي تي ويندا هياسي، نه ڪنهن وٽ صحبت ڪاڻ. هڪ دفعي هڪ مست وٽ عشق الاهيءَ ڪاڻ سوالي وياسي، جنهن جاءِ جي پٽيءَ سان، ٻن هٿن سان، کٻي ڪُلهي تي اٺ ڏهه ڌڪ زور سان هنيا، جو ٻين اچي مست کي جهليو، ۽ مان کي ٻانهن کؤن وٺي اُٿاري ڪڍي ويا ته ’فقير هڻ پوليسان نه اچي لهن، تون پاڻ کي خون ٿو ڪرائين!‘ اهو 2 تاريخ صفر 1332 هه ۾ مست وڙهيو. وري نائين صفر 1332 هه جي، هادي شاهنشاهه جي ميلي تي وڃڻ جو ارادو ٿيو، ۽ ڳوٺئون سنبري نڪتاسي. آخر کُهڙن جي شهر ۾ مست سيد الهه اوباهيو شاهه ٻُڌبو هيو، انهيءَ جي پُڇا ڪري، کهڙن جي اُترؤن، مقام واري مسجد ۾، مست سيد کي لڌوسي. مسيت کؤن ٻاهر آڳر تي بيٺو هو؛ لَٺ ڪڇ ۾ هيس، ۽ مٿي تي کوهه جي سِر هيس؛ سُٿڻ جو چندو ڳريل هوس. مان گهوڙي ٻڌي، مسيت جي در وٽ وڃي بيٺس، ته سڏ ڪيائين ته ”هيڏي آءُ“. مان ويس، چيائين ته ”ڇا ٿو چوين؟ تعويذ لکي ڏيانءِ؟“ نهاري ڏٺم ته سالڪي اهڙي هيس جو جارا ڪاغذن ۽ مس قلم سان ڀريا پيا هئا! جيڪو ايندو هو، تنهن کي تعويذ لکي، مٿي جي سور جا ڦيڻا رکندو هو. مان عرض ڪيو ته ”تعويذ مان پاڻ لکندو آهيان، باقي حال سمورو معلوم اٿئي.“ جنهن تي ’اقراراُٗ بالّلسان وتصديقاً بالقلب‘ جي حديث پڙهيائين، ۽ چيائين ته “زباني اقرار ڏي ته ڇا ٿو چوين؟“ مان عرض ڪيو ته ”عشق جي ڪنايات ۽ عشق جو امداد ٿئي.“ پاڻ ڦيريون ڏنائين- اهڙيون ڦيريون، جو جيڪا سِر مٿي تي هيس، سا ڪِري پيس! چوڻ لڳو، ”بيشڪ ٿيندو!“ ائين ٻه ٽي گهمرا چيائين، ”وڃ، وڃ، وڃ!“ (گهوڙيءَ جي نالي چيائين).

رات جو ڀٽين ۾ شهمير فقير ڀٽيءَ وٽ وڃي ٽڪيس. رات جو توحيدي ڪلام شهمير فقير ٻڌايا، جنهن تي وجد حال سخت ٿي پيو. صبح اتاهون مگرجي ۾ ميلي تي وڃي نڪتس. اتي به توحيد جا ڪلام ٿيا. ڪچهري خلق بنگلي جي صفحي ۾ هئي؛ مان سامهون آواز جي ويهي نه پئي سگهيس، تنهن جي ورانڊي ۾ پُٺي خلق کي ڏيئي ويهي رهيس. مدهوشي هجي، جوش جي حالت، ذڪر خيال ڪلامن سان هڪ ٿي پيو وڃي! ميلو گذريو. ڪجهه خلق هلي ڪجهه هجي. 13 صفر جي پيشيُن تي، نالي عبدالرحيم ڪوري، جو سائينءَ جو طالب هيو، تنهن کي چيم، ”دل کي حباب آهي سخت، روبرو ڪلام ته نٿو ٻُڌي سگهان: هن مهل آواز گهڻي جي ڍرائي ٿي آهي، هاڻي ڪلام ڪو تون ٻُڌاءِ.“ جنهن تي عبدالرحيم يڪتارو کڻي آيو- (خلق صفحي ۾ هئي، مان اڪيلو ورانڊي ۾ ويٺو هئس). روبرو منهنجي ڪلام اچي چيائين ”بيدل“ فقير جو.

”رخ رانجهن دا ڪعبا قبلا، عشق دا ٻڌ احرام،

لؤن لؤن دي وچ لبيڪ دي وائي، هُو هُو هل هنگام“.

اهي مصرع چيائين ته مان بيحال ٿي زمين تي ڪِري پيس، ۽ بيحاليءَ ۾ پيو هيس ته مٿؤن سيد الهه اوباهيو شاهه اچي بيٺو. بيهوشيءَ ۾ چيائين ته ”هيڏي هوڏي ته نهار!“ ڏسان ته مڪو، مدينو، ڪربلا ۽ نجف جا روضا ڏسڻ ۾ آيا: هر هڪ روضي جي چوٽيءَ ۾ وڄ جهڙي نور جي رسي آسمان سان ڳنڍيل هئي.

چوڏهينءَ جي رات سڄي بيحالي هئي. صبح جو اٿي هلياسي. ميلي جي خلق سڀ اُٿي پويؤن لڳي، خاندان، مير، سيد- سڀ پئي آيا، ڪنهن تي به نظر ڪانه هجي. گهڻي تائين ڪجهه پنڌ ڪيوسي، ته ٻيو فقير جيڪو ساڻ هيو، انهيءَ چيو ته ”مرشد! خاندان ۽ سيد پويؤن اچن ٿا، انهن کان ته موڪلايو!“ جنهن تي بيٺاسي. سڀني ڊوڙ ڪئي ته ڀاڪر پائي موڪلايون، مگر ان وقت وجود ئي پاڪ ٿيل هو، جو انسانن جو هٿ لڳڻ به نه پئي وڻيو! تنهنڪري، چيوسين ته ”پري کؤن موڪلايو، ۽ هٿ نه لايو“- ڇاڪاڻ ته هٿ لائڻ سان سخت وجد حال ٿئي ها. پوءِ گهوڙيءَ تي چڙهي اُٿي هلياسي. مست الهه اوباهيو شاهه اٿي گهوڙيءَ جي اڳ ۾ هليو. يڪو ڳوٺ تائين گڏ هليو. اسان سلام سو پئي ڪيس. جسڪاڻين ۾ اچي واٽ تي ٽڪياسي. اڳي گڏ کائڻ رسم هئي، هينئر جيڪو سنگتي هيو سو هن حال کؤن نا محرم هيو. اڳ ۾ کير کي اوبر ڪري، ڍُڪ ڀري، مان ڏي سڃيائين. تنهن تي باطل مؤن هڪل آئي ته ”متان اهو کير اوبر وارو کائيندو هجين،... ۽ اڳتي اوبر ڪنهن جي نه کائجانءِ!“ انهيءَ ڏينهن کؤن وٺي اڄ تائين، اسان اوبر ڪنهن جي نه کاڏي آهي. هلندڙ طالب کي به حق نه آهي جو ٻئي جي اوبر کائي. جي کائيندو، ته ذڪر بيهي ويندس ۽ ڌوڪو ايندس. مرشد فنا في الله جي درجي وارو اوبر ڏئي، يا مست عاشق ڏئي، ته اها وٺجي- اها پاڪ آهي. زماني واري ماڻهوءَ- دنيائي، زميندار، پير بزرگ، شيخ مشائخ- جي اوبر کائڻ ائين آهي، جو ڄڻ ڪتي جي اوبر کاڌائين: دل ڪاري ٿي پوندس، ۽ ذڪر نه هلندس! سڀڪنهن انسان جي وجود ۾ ٻيو ’وجود حقيقي‘ آهي. انسان تڏهن گهمن ٿا؛ پهلوانيون ڪري، لکي، پڙهي، اُٺ ڪتابن جا ياد ڪري، ته به اُهو- هي بوتو ته مٽيءَ جو گهوڙو آهي! حساب ڪتاب، ويڙهيون، تراريون، هڻڻ قرآن جو حافظ ٿيڻ به ’اُهو‘ آهي؛ ولايت جو صاحب به ’اُهو‘ آهي. جڏهن وجود ڇنڊ جي اسم اعظم سان نڪرندو، ته ذات نسوري آهي. جيڪو هن مؤن ڇنڊجي نڪتو، سو معنيٰ جو جبرائيل آهي. ماڻهن جي نظر هن بوتي تي آهي. ماڻهو پاڻ جي انڌا آهن. ته انهيءَ وجود ذاتيءَ کي نٿا سڃاڻن ۽ نٿا ڏسي سگهن. انڌي کؤن دڳ ڪير پڇندو؟ هو وجود ذاتي هن بوتي ۾ ائين پيل آهي، جئن کير ۾ مکڻ. جڏهن فقير طالب، سَباهڻ اسم اعظم جو دل جي چاڏيءَ ۾ مرشد هٿؤن وجهرائيندو، ته پوءِ محڪم ويهي ’دم‘ جي منڌيئڙي سان ولوڙيندو. جيڪڏهن وٿي ڏنائين، ته کير ٺري ويندس: وري ٻيڻي تڪليف اوجاڳي ۽ بُکن جي ڪندو، تڏهن تپندو! روح جو مکڻ، سِيني جي کير مؤن نڪرندو بنا سباهڻ جي کير نه ڄمندو، ۽ نه مکڻ نڪرندو. وڌيڪ وقت پيس، ته ڪَوڙو ٿي پوندو، ۽ خراب ٿي ويندو. جيڪو نه ولوڙيندو، ته مکڻ نه نڪرندس. ڏسو ته ساري جهان کي ’دم‘ جي منڌيئڙي جي خبر ناهي: نه ولوڙيائون، کير هنن جو کري پيو!

ضميمو

 ] فقير صاحب جي حال ۽ قال جي خبر سندس خطن مان پڻ پئجي سگهي ٿي، جي هن وقت بوقت ڪن دوستن احبابن ڏانهن پڻ لکيا آهن. هيٺ اسين انهن خطن مان ڪي اقتباس ڏيون ٿا- مرتب[

- ”بعد از حق موجود، واضح هجي ته هتي ڪلي خيريت، اوهان ڏانهن به بفضل- حق عافيت. اسان جو احوال هيٺينءَ ريت آهي: ’پرين جان، پرين جي پچار- انهيءَ ٻنهي کؤن ڌار قادر نه ڪري ڪنهن کي! توحيد اهو نه آهي، جيئن عام ڄاڻن ٿا ته ’اسان به آهيون ۽ الله به آهي.‘ دوئي انهيءَ جو نالو آهي، مشرڪي يا بت پرستي اها ڄاڻجي. توحيد اهو آهي ته ’هي نه هجي، رڳو الله هجي.‘آسمانن تي هڪ شهر آهي، جو ستين طبقي ان جو دروازو. حديث ان لاءِ آهي ته ’انا مدينة العلم وعليً بابها‘. عشق جو اهو مڪتب آهي، جو توحيد اتان پڙهبو آهي.

”عشق دي مڪتب جوئي ويندا، مدهوشي دي مشق لکيندا؛

ڇوڙ ڪي سوال جواب، مرڻ ڪنون سو اڳي مرجاوي- (بيدل).

”انهيءَ ملڪ ۾، انهيءَ شمع حقيقت جي ٻاهرون طواف ڪندي، پرواني وانگي سڙي، عين ’شمع‘ ٿي ويندو. توحيد جي خبر اُنهيءَ کي پوندي، اهو توحيد پاڻ ٿي پوندو. بيت رومي صاحب:

”چيست توحيد خدا آ موختن،

خويش را پيشِ واحد سوختن“ الخ

*    *    *

- ”بعد از السلام عليڪم ورحمةالله وبرکاتہ، مزاج اعليٰ بخيريت بالا! ’من احب شئياً فاڪثر ذڪره‘ جي ڪري اسان کي ٻي گفتار ڇا ڪري ڏيندي؟ بيت:

”پرين جان، پرين جي پچار-

انهن ٻنهي کؤن ڌار، قادر ڪري نه ڪنهن کي.

”آدمي ٽي قسم آهن: اول جنس بهايم، دوم جنس ملايڪ، سوم جنس انبياء.

اول جنس بهايم جي حالات: کائڻ پيئڻ، عيش، ننڊ، بغير عبادت، هر وقت بدگفتار دنيا؛

دوم جنس ملايڪ جي حالات: تسبيح تهليل، صوم وصلوات، خيرات، زڪوات، عبادت بيريا؛

سوم جنس انبياء جي حالات: هر وقت شوق معرفت الله تعاليٰ، هردم ذڪر اسم اعظم جو شغل.

”قال الله تعاليٰ في القران المجيد. ’ان السمع والبصروالفواد کُلّ اولٰئڪ کان عنہ مسئولا“.

”چشم و گوش و قلب گوهر هاي عرش، خرچ کردي تو خريدي چہ ز فرش؟

حج کردن زيارتِ خانہ بود، حج رب البيت مردانه بود“. الخ

(6 فيبروري 1956ع)

*   *    *

- ”پيغا عرش اعظم:

”بهر جائيکہ باشي باخدا باش،

ز خود بيگانه، باحق آشنا باش.

”بعد از حق موجود جي واضح لائح؛ والحمد لله عليٰ کل حين؛ مزاج عاليه باطن شما تنومند بالا، دائم بتوحيد الاهي دل خورسند بالا؛ از خويش جدا، بحق پيوند بالا!“

] هن خط ۾ ڪيترا مسئلا سمجهائيندي لکن ٿا[

” 1. فلسفه توحيد- جنهن آدمي حق جو وصل نه ڪيو، اهو ڄمندي مري ويو آهي.

” 2. ماڻهو مال، دنيا، پگهارون گڏ ڪن ٿا، مگر مثل آهن: مئي کي مال دنيا ڪهڙي ڪم ايندو؟ جيڪڏهن حياتي گڏ ڪن، ته تاقيامت ڪين مرن!

” 3 . اَٺن پهرن ۾ هڪ دفعو، ڪوبه واپاري دنيا ۾ نقصان ۽ نفعي جو ليکو ضرور ڪندو ته ڪيترو فائدو يا گهاٽو پهتو؛ ڪاغذ نه هوندس ته چيچن تي ڳڻندو: انصاف زماني جي ماڻهن جو آهي، ته هڪ سال ۾ يا عمر ۾ پنهنجي عمر ۽ گناهن جو ليکو ڪونه ڪن!

” 4. رڍ جي نئين ڄاول گهٽي جي کل ويهه روپيا ۽ ٻڪريءَ جي کل ٻه اڍائي روپيا قيمت ڪري ٿي؛ آدميءَ جي کل هڪ ٽڪي ۾ به ڪانه وڪامي: پوءِ هي آدمي ڇا تي مغرور ٿئي ٿو؟ هن جو ملهه نئين ڄاول گهٽي جيترو به نه آهي. تمثيلاً، جي آدميءَ جي کل لاهجي، ته عفونت کؤن ڳوٺ ماري وجهي!

” 5. اشرف المخلوقات، ’ولقد ڪَرَّمنا بني آدم‘ جو حقدار به هي انسان آهي؛ فيل تا مور، هن جي حڪمراني: پوءِ صرف ڪِول ڪَن ۾ گهڙيس، ته ڪهڙو پريشان ڪريس؛ مڇر گهڙيس ته ماري وجهيس!

”هاڻي ٻڌايو ته هت دنيا جي جمع ڪرڻ ۾ اوهان جو ڇاهي؟ ڪهڙا دانشمند آهيو! اها دانائي، حق جي معرفت سواءِ، ڇا ڪري ڏيندي؟ اوهان جو ڏاڏا صاحب ڪيترو نه تارڪ الدنيا هو. اوهان کي شمس العلماءُ باطني ظاهري ڪري لکيو ويو آهي، ڇا لاءِ؟ مسٽر جناح صاحب کي بادشاهيءَ جو ارادو ٿيو، آخر ۾ پاڪستان جي بادشاهي مليس؟ ’من طلب شيئاً‘- جدوجد شمس العلمائي به هٿ ڪرڻ ۾ اها دير آهي.“ الخ

(3 سيپٽمبر 1956ع)

*     *     *

] هڪ طول طويل خط ۾ فقير صاحب ڪي فلسفا ۽ نڪتا بحث سميت ٻڌائيندي، پڇاڙيءَ ۾ هي نقل ٻڌائيندي خط پورو ڪري ٿو.[

- ”شاهه محمود حسن پرست سنڌي غلام خريديو، گڏ تخت تي وهاريائينس. روئي، ڍاڍ ڪري، تخت تان ڪري پيو. شاهه محمود، عبرت ۾، ايڏي بلند اقباليءَ جي موقعي تي روئڻ جو سوال ڪيس. غلام چيو ته 1مون کي امڙ ياد پيئي هئي‘! مطلب: ذات ذوالجلال، ماڻهن کي شاهه محمود وانگر گهڻو ئي غلام مثال گڏ ويهاري ٿو؛ مگر ’امڙ‘ – نفس – هنن کي ڪيرايو وجهي.

”وحدت گر بگويم تا قيام، صد قيامت بگذرد دين نا تمام.

”اوهان کي جيڪڏهن اسان وٽ اچڻ کؤن نفس روڪيو آهي، ته پاڻ ڄاڻو؛ اسان کي اشتياق، ته ’جيڪر ملاقات ٿئي!‘

(7 آڪٽوبر 1956ع)

*    *    *

- ”سڄڻ ساعت هڪڙي جي ٿئي اکيان ڌار،

ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهين!

”هوالمقصد ته ’احسن التقويم‘، جيڪو قرآن مجيد ۾ اشارو آهي ’خلق الانسان في احسن التقويم‘، انهيءَ آيت جي تقرير جيڪڏهن ڪجي، ته عرش عظيم کؤن اَٺوڻ مفاصلي تي پري تقرير وڃي نڪري: انهيءَ جاءِ بيجا ۾ بي جهات ’ملکاً ڪبيرا‘ ۾ رسي، جتي نه عرش ڪرسي، نه سج نه چنڊ، نه آسمان نه مقرب ملائڪ، نه جن آدمي هماء جي رسد؛ تنهنڪري انهيءَ حقيقت کي کولڻ ’العاقل تڪفيہ بالاشارة‘ جي لحاظ سان ڪئي ويئي.“

]اڳتي هلندي فقير صاحب هنن اکرن سان خط بند ڪيو آهي[

”عشق جو شرح ۽ توحيد جي حالات سان کڻي دفتر ڀرجن، ته به ٿورا، ليڪن اوهان اڪثر انگريزي خواندا طوالت کؤن ڪاڍائيندا آهيو: ناچار ’تطويل الڪلام‘ کي ’قليل القال‘ جو جامو پهرايو ويو.“     (21 جون 1956ع)

 

 

-----------------


*  هيءَ سوانح فقير صاحب جي پنهنجي زباني لکيل مواد تان ورتي ويئي آهي- مرتب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com