سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :13

الاهي بخش اعوان

 

مولانا خليفو يار محمد مرحوم شڪارپوري

حضرت مولانا مرحوم جي ولادت جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. مولانا موصوف سموري تعليم شڪارپور سنڌ ۾ ورتي، ۽ سموري عمر شڪارپور ۾ گذاريائون. ابتدا ۾ تعليم پنهنجي ڏاڏي مرحوم حافظ خليفي الهه رکيي صاحب کان ورتائون، ۽ بعد ۾ مولوي ميان عبدالرحيم صاحب مرحوم شڪارپوري ۽ مولانا مولوي حافظ محمد حيات صاحب مرحوم شڪارپوريءَ کان تعليم حاصل ڪيائون.

مولانا يار محمد صاحب مرحوم جي شاگردن ۾ حڪيم مولوي الاهي بخش صاحب اعوان شڪارپوري (فاضل ديوبند ۽ فاضل الطب والجراحت، دهلي)، مولوي پير فضل احمد صاحب سرهندي شڪارپوريءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.

مولانا مرحوم جي همعصرن ۾ هيٺيان بزرگ شمار آهن: حضرت مولانا مولوي عبدالرحمان صاحب ميمڻ مرحوم، شڪارپور؛ حضرت مولانا مولوي قاضي سيد بهادر علي شاهه مرحوم، شڪارپور؛ حضرت مولانا مولوي غلام رسول صاحب چشتي مرحوم، شڪارپور؛ حضرت مولانا مولوي جهان خان دراني نقشبندي مرحوم، شڪارپور؛ حضرت مولانا مولوي حافظ محمد حيات صاحب قريشي، شڪارپور جناب اعوان عبدالحميد صاحب درويشاڻي مرحوم پرنسيپال، خيرپور ميرس؛ حضرت مولانا مرحوم عبدالغفور صاحب همايوني رحه؛ ۽ حضرت قبله مولانا امروٽي رحمة الله عليہ.

حضرت مولانا صاحب مرحوم جو سلسلهء طريقت چشتيه صابريه هو. پاڻ حڪيم الامت مولانا شاهه اشرف علي صاحب ٿانويءَ جا مريد هئا. نهايت عابد، صالح، ذاڪر ۽ پرهيزگار شخص هئا. هميشہ مسجد شريف ۾ درس تدريس جي شغل ۾ مشغول هوندا هئا. هر هڪ ماڻهوءَ کي مولانا مرحوم جي لاءِ هڪ خاص قسم جو حسن ظن هوندو هو، ۽ هر طبقي ۽ هر گروهه جا ماڻهو کين عزت ۽ احترام سان ڏسندا هئا ۽ بزرگ سمجهندا هئا. طبيعت جا بيحد حليم، خوش اخلاق ۽ منڪسر هئا. صوفي منش هئا، ۽ پنهنجي مرشد تي عاشق هئا- هميشہ سندن هدايتن تي عمل ڪندا هئا.

هن بزرگ جي وفات 9 نومبر 1943ع، مطابق 29 شوال 1361 هه، ڏينهن سومر، صبح صادق جي وقت ٿي، ۽ کين شڪارپور ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

 

--------------

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

قاضي عبدالرؤف مرحوم مورائي*

 

قاضي مولوي عبدالرؤف، 1299 هجريءَ ۾ موري (ضلعو نوابشاهه) ۾ تولد ٿيو. مٽارين جي قاضي عبدالڪريم ۽ عبدالرحيم ٺٽويءَ وٽ تعليم حاصل ڪيائين.

قاضي عبدالرؤف تحرير جو وڏو قابل هو. سندس شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي- چند لائق شاگردن جا نالا هي آهن: (1) حافظ ابراهيم نابينا، ڊکڻ، اصل ويٺل دولتپور جي آسپاس جو، پوءِ اچي دودي ڀاڻ پوٽي جي ڳوٺ ۾ ويٺو. هي عالم هو. ۽ پڙهائيندو به هو. هن حافظ صاحب جو پٽ مولوي محمد حسين صاحب به چڱو عالم هو. انهيءَ جو پٽ مولوي محمد عمر صاحب اڄ تائين زنده آهي؛ عربي فارسيءَ کان چڱو واقف آهي، ديندار ۽ نيڪ شخص آهي. (2) مولوي عبدالڪريم ڏاهري، ويٺل سن- هي بزرگ سگهو ئي فوت ٿي ويو. (3) قاضي خدابخش چنيجن وارو: عالم ٿيو، پر پوءِ مجذوب ٿي ويو. (4) حيدرشاهه، مير حسن عليءَ جي ٽنڊي واورو. (5) سيد تاج محمد صاحب امروٽي به ڪجهه وقت پڙهيو؛ اصل مولوي عبدالقادر پنهواري واري وٽ پڙهيو هو. (6) ميان عطاءالله صاحب فيروزشاهي ”شرح ملا“ تائين پڙهيو، ۽ پوءِ شهدادڪوٽ وڃي پڙهيو، ميان عطاءُ الله صاحب جو والد ميان خير محمد وڏو عالم هو.

پير محمد لواريءَ واري، ميان شفيع محمد پاٽائيءَ خواه قاضي عبدالرؤف وارن ڏي چوائي موڪليو ته ’اوهان اهڙا خطبا ٺاهيو، جنهن ۾ وهابيت جو رد هجي؛ جنهن تي هي خطبو جوڙايائين:

نَخصّ اَلحمدلِله ذوالجلال

 

عليٰ ما عمّ فضلا بالنوال

الٰہ واحد فرد قديم

 

تَنزّه عن مشارکہ المثال

لہ ملک و حمد  و هو يُحي

 

يُميت الخلق من غيرالمقال

قدير هُوَ عليٰ ماکل شَيءِ

 

جديرءَ هو باوصاف الکمال

تقدس عن صفات الخلق طُرّاُ

 

و عمّا لا يليق من الخصال

فذاک المصطفيٰ اِختاره الله

 

وَفضّلہ باعلاءِ الکمال

صحابَتہُ نجومُ لاهتداءِ

 

رجوم هم لاِصحاب الضلال

خصوصاً اربع منهم جميعاً

 

تجلَّو بالجلال مع الجمال

تسلّطهم عليٰ اعداءِ دين

 

کضر غامِ تسلّط لاِغتيال

تَرَّحِمُهُم لاَهۡل الدين جمعاً

 

کَرَحمة ربهم کُلّ المَوال

هم الصّديق والفاروق ايضاً

 

و ذوالنّورين اسدالله عالي

و سبطي مصطفيٰ و ابنا بَتول

 

بصُحبة جَدّهم بلغا المعالي

لَهم فضل وراء الفضل هٰذا

 

لما يحويهما مفهوم آل

و عَمَّا مکرم کل احد

 

و صِنوَالاب اعمام الرّجال

صلاة الله کانت مع سلام.

 

عليٰ خيرالبرايا و الزَّلال

ويتبعہ الصابة بعد آلِ

 

ومن تَبع لهم في الاعتدال


 

فکُن في هٰذه الدنيا غريباً

 

تسير مُعجَّلا لِلاِنتِقال

ولا تغتّر مُفتخراً بمال

 

ستبقيٰ مُفلساً من غير مال

ولا تشغل باولاد عن الله

 

ولا تَرکن اليٰ ما في الزّوال

وتُب عَما فعلت من المعاصي

 

وعما قلت من شرّ المقال

ولا تنس الجحيم ولاالقيامہ

 

ولا قبراً و مافي سوءِ حال

من العبدالمضاف اِليٰ رئوُفِ

 

سَيبقيٰ واعظا بعد ارتحال

مولوي محمد صادق صاحب مورائيءَ چيو ته خواجه حسن جان صاحب سرهنديءَ ان کي ٻڌايو ته مولوي فيض الڪريم هڪ نظم عربيءَ ۾ لکي آيو، جنهن ۾ هن قاضي عبدالرؤف جي مٿين نالي واري مصرع کي هن طرح پنهنجو ڪيو:

”من الفيض المضاف الي الڪريم

 

سيبقيٰ واعظا بعد ارتحال“

قاضي عبدالرؤف جون هيٺيون تصنيفون معلوم ٿي سگهيون آهن:

(1) اِراء ارشادالحق اليٰ اهواء افساد المشرک“- هيءُ رسالو وهابيت جي رد ۾ لکيائين؛

(2) ”تنزيہ از تشبيہ – هيءُ ڪتاب فارسي نظم ۾ ’خدائي تشبيهه‘ (يعني ته خدا تعاليٰ جي وجود کي ماڻهوءَ جي جسم سان تشبيهه ڏيڻ) واري عقيدي جي رد ۾ لکيائين. سنڌ ۾ قاضي حاجي عثمان ۽ مولوي عيسيٰ انهيءَ عقيدي جا حامي بنيا هئا. قاضي حاجي عثمان، اسان جي سنڌ جي نامور حڪيم شمس الدين ۽ سياسي اڳواڻ قاضي فضل الله جو ڏاڏو هو. قاضي عثمان ۽ مولوي عيسيٰ ٻئي حج تي ويا، ۽ اتان فارغ ٿي نجد ۽ يمن جو سير ڪيائون. اتي محمد بن عبدالوهاب نجدي جي پوئلڳن کان گهڻو متاثر ٿيا، ۽ مشهور اهل حديث فاضل، علامه شوڪاني، مصنف ”نيل الارطار“، وٽ حديث جو علم پڙهي، سند وٺي، واپس آيا. قاضي حاجي عثمان ”مُشبّہ“ هو، ۽ قاضي محمد عالم نوشهرائي به سندس صحبت ۾ سندس همخيال بنيو. قاضي محمد عالم هڪ وڏو عالم ۽ حڪيم هو*. قاضي حاجي عثمان جي رفيق مولوي عيسيٰ جو فرزند مولوي فيض الڪريم به چڱو عالم ٿيو، ۽ اهل حديث جي مسلڪ تي قائم رهيو. قاضي عبدالرؤف جي ڪتاب ”تنزيہ از تشبيہ“ جي شروعات هن طرح هئي:

هر ثنائي کہ در وجود آيد،

از ورا مرورا همہ شايد؛

ذاتِ خود راکہ خود ستايش کرد،

گشت از عجزِ ما سوايش گرد؛

بينياز است باغنا از غير،

لَيس يُنسب اليہ الالخير؛

هرچہ از کائنات تا ابد است،

بانيازي بدرگہِ صمد است؛

هست ذاتش منزه از تمثيل،

هم صفاتش ز تهمتِ تبديل[1]؛

عرض ”عبدالرؤف“ مي دارد،

غرض از نظم نُصح مي آرد:

کہ همي صنعت اَرچه کادم نيست،

لائق ررزگار زارم نيست:

ليک وهابيہ چو نوع فساد،

در نهادي ز جنسِ خويش نهاد؛

خاص عيسيٰ کہ از فضول فتن.

کرد مز عام را اسيِر محن؛

هر زباني کہ داشتم معلوم،

هم دران نُسخ کرده ام مرقوم؛

سندي و پارسي دگر عربي،

بهتر است از همہ زبانِ نبي؛

تا شود انتفاعِ عام بَدان

شهره گردد بملک نام بدان؛

تا ازين قوم احتراز کنند،

باب بغضا بروش باز کنند؛

پارسي نثر هست گرچہ بس،

فهمِ آن سهل گشت بر هرکس؛

ليک چون نظم هست شيرين خوش،

بس لذيذ است بيشتر دلکش؛

گشت منظوم نسخہء تنزيہ،

نام تننزيہ دارد از تشبيہ.

ميان محمد مسعود چوٽيارن واري، قاضي صاحب جن ڏانهن لکيو ته ”’علم باطن‘ فرض ناهي“؛ قاضي صاحب لکيو ته ”فرض آهي“ اها تحرير ٻن ٽن جزن ۾ هئي، ۽ کنيارين وارن جي معرفت اها لکپڙهه ٿيندي هئي. قاضي عبدالرؤف تحرير جو وڏو قابل هو. مخدوم امير احمد صاحب جن ٻڌايو ته وهابين جي رد ۾ سندس فارسيءَ ۾ لکيل ڪي تحريرون ۽ مسئلا مون سندس شاگرد مولوي فضل محمد مرحوم جي ڪتبخاني (نوشهرو فيروز) ۾ ڏٺا هئا. تحريرن مان موصوف جو علمي تبحر صاف ظاهر هو، ۽ کيس تحرير جي فن ۾ قدرت خاص ملڪو عطا ڪيو هو. قاضي صاحب فارسي زبان ۾ خاص طرح وڏو انشاپرداز هو- ا. هه. فارسي نظم ۾ ڪافي دسترس هئس- جئن مٿئين نظم مان ظاهر آهي. مولانا محمد صادق مورائيءَ چيو ته پير صاحب پاڳارن جي جدامجد حضرت محمد راشد رحه جي سلسله طريقت بابت هيٺيان اشعار هئا:

از مجدد الف ثاني فيض عالمگير شد

وز جناب شان ما را برکت و تاثير شد

شيخ آدم گشت از فيض مجدد کامياب

شيخ سعدالله از و گشتہ منور مستطاب

زو است ايوب ولي و هم جمال الله شاه

زو است مخدوم ”پريالو“ را بقا(1) مانند ماه

زوشده راشد خليفة از فيوضش بهره مند

در طريقہء عاليء حضرت جنابِ نقشبند

- قاضي عبدالرؤف اشعار ٻڌي، آخري شعر جي پهرين مصرع جي هن طرح اصلاح ڪئي:

”شد محمد راشد از فيض فتوحش بهره مند“

قاضي عبدالرؤف صاحب سن 1363 هه ۾ وفات ڪئي.

 

-------------

حافظ ناري محمد

 

مولانا حاجي شفيع محمد ”مسجدي“ مرحوم

 

مولانا صاحب جن هڪ مستند عالم ۽ محقق بزرگ هئا. سندن نالو شفيع محمد بن ولي محمد ۽ تخلص ”مسجدي“ هو. سوڍاري ڳوٺ جا رهاڪو هئا. جنهن کي اڪثر ”مسجد سوڍاري“ چوندا آهن. شهر ٻَڌڻ کان اڳ ۾ مسجد جوڙائي ويئي ۽ ان کان پوءِ ڳوٺ جي تعمير جو سلسلو شروع ٿيو، انهيءَ ڪري ان ڳوٺ جو نالو سوڍاري مسجد پئجي ويو. انهيءَ ڳوٺ ۾ مسجد جو بنياد به مولانا مسجديءَ جي وڏن وڌو. پاڻ انهيءَ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا، سندن تاريخ ولادت معلوم نه ٿي سگهي آهي. مولانا صاحب جن ذات جا ”سوڍر“ هئا، مگر جڏهن ته سندن آبا و اجداد قضا جي منصب تي فائز رهيا هئا، انهيءَ ڪري کين ’قاضي‘ به سڏيندا هئا. انهيءَ خاندان جي ڪوشش سان سنڌ جو مشهور عالم سيد مصري شاهه صاحب خيرپور ناٿن شاهه وارو انهيءَ ڳوٺ ۾ تعليم ڏيندو هو، جنهن جي تعليم ۽ تدريس مان سوين ماڻهو فيضياب ٿيا*.

مولانا مسجدي جن قرآن ۽ فارسي اشرف سوڍر جي ڳوٺ ۾ پڙهيا. انهيءَ ڳوٺ ۾ ٽي ڀائر سوڍر عالم هئا- مولانا غلام محمد، مولانا غلام رسول، ۽ مولانا غلام نبي. اهي ٽيئي عالم عربي ۽ فارسيءَ جا ماهر هئا. انهن مان پويان ٻه شاعر به هئا. مولويه غلام رسول جو عربي خطبو مشهور آهي، جنهن ۾ مطلع ۽ مقطع هي آهن:

ثَنـــاءٌ وَفــــيرُ وَحَــــمدً کـــثيرُ

لِمَن هُـــوَ عـــليٰ ڪُــلِ شَيءِ قديرُ

لَيَدعُو بـــبَابِڪ غُـــلامُ الرسُول

فَانّـــڪَ لَــــہ بِـــــالاجَابَةِ جَديـــرُ

ان کان پوءِ مولانا مسجدي، حافظ عبدالله رضي نابينا پپري (تعلقو ميهڙ) ۾ صرف ۽ ڪجهه نحو پڙهيا. حافظ رضي اگرچ ظاهري بصارت کان معذور هو، مگر خدا جي فضل سان باطني بصارت سان معمور ۽ بر نور هو، ۽ پڻ پُرگو شاگر هو. هيٺين بيت حافظ صاحب جا چيل آهن:

بحمد الله اين ميمون مرقوم،

ز عبدالله رضي گرديد مختوم.

کہ باشد ”واههُ مرزا“ موطنِ آن،

بلاشڪ و ريب، ذاتش ”چانڊيه“ دان.

شد از شهدادپُر* تحصيلِ علش،

خدا بخشاد اورا عزّ حلمش.

ان کان پوءِ مولانا مجسدي، ميهڙ تعلقي ۾ مگسين جي ڀرسان ڳوٺ فيض محمد آگري ۾، مولانا محمد پريل آگري وٽ پڙهڻ ويو. اتي منطق ۽ ڪجهه فقہ ۽ ڪجهه نحو پڙهائين. مولانا محمد پريل جن وڏا فقيهه ۽ نحو جا ماهر هئا، ان هوندي به مولانا مسجدي کانئن رخصت وٺي، وڌيڪ منطق ۽ معقولات وغيره جي تحصيل لاءِ مولانا مير محمد نورنگيءَ جي خدمت ۾ تعلقي قنبر ۾ نورنگ ڳوٺ ۾ آيو، اتي باقي رهيل ڪتاب پڙهي پورا ڪري، اتي ئي دستاربندي ڪيائين. ڳوٺ نورنگ واري زماني ۾، ڪجهه وقت منطق مولانا محمد اسماعيل ابڙن واري وٽ به پڙهيا. اتي ”ميبذي“ وغيره پڙهيائون.

تحصيل علم جي فراغت کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ في سبيل الله متوڪلا علي الله تعليم جو ڪم شروع ڪيائون. شب و روز درس تدريس ۾ مشغول رهيا. گهڻا ماڻهو سندن فيض جي سرچشمي مان سيراب ٿي ويا- خاص ڪري هيٺ ذڪر ڪيل وٽائونِ دستاربند ٿيا: (1) مولانا حاجي الاهي بخش، مدرس ڳوٺ ٻانهو لاکير، تعلقو ميهڙ؛ (2) مولانا محمد عالم سومرو، ويٺل ڀنڀور، تعلقو ميهڙ؛ (3) مولانا الاهي بخش بروهي، ساڪن ملڪ نال؛ (4) مولانا حبيب الله پيرزادو، ويٺل سيد جو ڳوٺ، تعلقو ميهڙ؛ (5) مولانا عبدالرحمان تيوڻو، ساڪن  ڳوٺ باگو، تعلقو ميهڙ؛ (6) مولوي غلام حسين، خلف مولانا الاهي بخش، ٻانهي لاکير وارو؛ (7) مولانا عبدالواحد منگسي، ويٺل ڳوٺ ساهڙ؛ (8) مولانا محمد بروهي، ملڪ خراسان؛ (9) مولوي محمد محسن تيوڻو، ڳوٺ مرزا جو واهه (ميهڙ)؛ ۽ (10) مولانا نظام الدين بلوچ مرڙاڻي، ڳوٺ مرزا جو واهه.

تدريس سان گڏ مولانا صاحب جن تحرير ۽ فتوا نويسيءَ جو ڪم به ڪندا رهيا. سندن فتوائن جي حقانيت ڪري سنڌ ته سنڌ، پر بلوچستان ۽ خراسان کان به استفتائون اينديون هيون- انهيءَ ڪري مقبولِ عام ۽ خاص ٿيا. ڪهڙا به پيچيده مسئلا وٽن ايندا هئا، ته نور بصيرت ۽ خداداد لياقت سان انهن جي عقده ڪشائي جلد ڪندا هئا؛ انهيءَ ڪري وڏين خانگاهن ۽ سردارن جي طرفان ميراث جي مسئلن لاءِ امين مقرر ڪيا ويندا هئا. سندن فتوا ۽ تحرير تي ايتريقدر اعتماد هو، جو جيڪڏهن ڪنهن تحرير تي سندن تصديق نه هوندي هئي، ته اُن تي ڀروسو نه ڪيو ويندو هو: مطلب ته پنهنجي اَبا و اجداد جي پراڻي قضا جي منصب کي اوج ترقيءَ تي پهچايائون.

مولانا صاحب سڀني علمي فنونن ۾ باڪمال ماهر هئا: بالخصوص ادب، منطق، حڪمت، فلسفي ۽ فقہ ۾ ڪمال رکندا هئا؛ نثر ۽ نظم ۾ ماهر هئا؛ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ بيتڪلف پختا شعر چوندا هئا؛ پُرگو ۽ پخته گو هئا. ٽنهي زبانن جي شعر جو نمونو عرض آهي:

لَقَد ضَاقَت عَلَي اَلارضُ طُرّاً،

وَ اَهلُ الارضِ مَا عَرَفوا دَوَائي.

قَدِ اَنقَطعَ الرَّجآءُ فَقُلتُ رَبِي،

رَجآئِي اَنتَ، حَقق لِي رَجَائِي.

*    *    *

خوش قسمت آنکہ شبليء دوران بداو رسيد،

آري جنيدِ وقت حسن جان من بود.

پيوسته باد رونق اسلام اي خدا،

تا آسمان ست ماه درخشانِ من بود.

زين هرج ومرج باد مهون ”مسجدي“ کزان،

مانندِ بيدِ لرزه بايمان من بود.

*  *  *

عمر منهنجي وئي هلي مون ڪونه ڪو توشو ڪيو،

جن ڪمن کان جهل هئي تن کان نه مون گوشو ڪيو.

سڀڪنهن جي ٻار ۾ نيڪيءَ سندو انبار آهه،

ڪم نصيبيءَ کان ميسّر مون نه هڪ خوشو ڪيو.

ڪاميابي ”مسجدي“ توکي اگر منظور آهه،

وٺ روش ۽ راهه تن جي، جن عمل توشو ڪيو.

1942ع ۾ ٻوڏ ٿي هئي، ان بنسبت پڻ سنڌيءَ ۾ هڪ بهترين نظم لکيو اٿن. کين تصوّف سان به گهڻي دلچسپي هُئي. تصوّف جا ڪتاب ”احياء العلوم“، ”فتوحات مڪيہ“ وغيره، سدائين سندن مطالعي ۾ رهندا هئا. اڪثر اوقات سندن گفتگو جو موضوع تصوّف جون ڳالهيون هونديون هيون. هڪ ناقص صوفيءَ سان ظاهري توجهه جي تاثير ڪري (جنهن کي عام طرح ڪمال جي علامت سمجهي ويندي آهي) مُريديءَ جو تعلق پيدا ڪيائون، پر جيئن ته هو بعضي فرضن ۾ قاصر هو، کانئس اهو تعلق ڇِني ڇڏيائون.

مولانا مرحوم سياست ۾ ڪافي دلچسپي رکندا هئا. روزانه اردو اخبار ”مدينه“، جا ان وقت هندوستان ۾ صحافت جي نقطهء نظر کان بلند درجو رکندي هئي، سا پڇاڙيءَ تائين گهرائيندا رهيا. ٻي عظيم جنگ جي وقت، هٽلرشاهيءَ جي فتحن ڪرڻ ڪري دنيا جي ملڪن ۾ جيڪا ردوبدل ٿيندي پئي رهي، ان کي ڄاڻڻ، ۽ وقت ۽ حالتن جي جائزي وٺڻ خاطر سندن اوطاق ۾ ايشيا، يورپ ۽ دنيا جا نقشا ٽنگيل نظر ايندا هئا. هڪ دفعي، پنهنجي عقيدتمند ماستر يار محمد پنهور طرفان جنگ متعلق پڇڻ تي فرمايائون، ”ابا، هي ظالم نازي دنيا مٿان وري ٻيهر غلاميءَ جو دور مڙهڻ ٿا چاهين- خدا کين شڪست ڏئي ۽ برباد ڪري!“

مولانا مرحوم، شاهه ولي الله محدث دهلويءَ کي پنهنجو روحاني امام تسليم ڪندا هئا، ۽ سندن طريقهء فڪر جا پيرو هئا: فرمائيندا هئا ته ’شاهه ولي الله جي فڪر پڙهڻ کان پوءِ قرآن ۽ حديث جي سمجهڻ ۾ ڪا به دقت نه ٿي ٿئي. پاڻ غريبن تي هر وقت مهربان هوندا هئا. ڪوبه ضرورتمند جڏهن وٽن ايندو هو، ته ان جي هر طرح مدد ڪندا هئا.

1938ع ۾ حج کان به مشرف ٿيا. چوندا هئا ته ’حج جي سفر ۾ مصري منهنجي ڏاڙهي چمندا هئا، ۽ چوندا هئا ته مصر ۾ فقط هڪ شيخ الاسلا کي ڏاڙهي آهي، ٻيا مولوي ته ڏاڙهيءَ جو بار گِران کڻي نٿا سگهن‘ چيائون ته ’مصر يا ٻين ملڪن جا چڱا مولوي به قصرِنماز جي احڪامن کان پوريءَ طرح واقف نه هئا (اهي غير مقلد هئا؛) مون انهن کي چيو ته فقہ جو هڪ ڪتاب ”قدوري“ پڙهي ڇڏيو، ته ههڙي معمولي غلطي اوهان کان نه ٿيندي‘.

مولانا جن کي موروثي زرعي زمين ڪافي هئي، مگر شروعات ۾ پاڻيءَ جي قلت ڪري زمينون آباد ڪونه ٿينديون هيون، ته به صبر سان وقت گذاريندا هئا. هڪ دفعي پنهنجي شاگرد، اسان جي استاد الاستاد مولانا اِلاهي بخش، ڏانهن انهيءَ قِسم جو خط لکيائون، ان جي پڇاڙيءَ ۾ هي فقرو لکيائون: ”فَلاَ شکويٰ فاَنَّ خَيرَالزَّادِ التقويٰ“- (تنگدستيءَ جي ڪري شڪايت ڪرڻ نه گهرجي، ڇو ته بهترين توشو تقويٰ آهي). نيٺ انهيءَ تقويٰ جي برڪت ڪري، پوئين وقت، سندن زمينون بيراج جي نڪرڻ ڪري آباد ٿيون، ۽ سندن تنگي خوشحاليءَ ۾ بدلجي ويئي. پاڻ بالڪل سخي ۽ مهمان نواز هئا.

کين ٻه صاحبزادا ٿيا- ميان محمد شافع، ۽ ميان ولي محمد. پويون صاحبزادو گذاري ويو، باقي پهريون ميان محمد شافع سندن نقش قدم تي هلي رهيو آهي. شل خدا کيس وڌيڪ توفيق ڏئي ته عربي مدرسو قائم ڪري ۽ ان جي خدمت ڪري!

مولانا صاحب جن 13 رمضان مبارڪ 1364 هه ۾ وفات ڪئي. اهو ٻوڏ جو زمانو هو، جنهن ۾ زمين وارن تي آسمان جا دروازا کليل هئا: جابجا هر طرف موج در موج هئي، بحرن کي بُحران هو، طوفان کان طغيان هو: اوچتو موت جو سڏ ٿيو، جنهن تي مولانا صاحب جن جان جانان کي سُپاري- انا لله و اِنا اليہ راجعون. سندن آخرين آرامگاهه مسجد جو ڏاکڻيو طرف آهي- شل مٿن رحمت جا مينهن سدائين وسندا رهن، ۽ سندن پوين کي علم ۽ عمل جو ورثو عطا ٿيندو رهي! وفات وقت مولانا صاحب جن جي عمر عزيز سٺ ۽ ستر جي وچ ۾ هئي. مولوي دين محمد صاحب ”اديب“ سندن وفات تي هيٺيون قطعہ تاريخ چيو:

مولويّ معنويّ مسجدي،

 

رفت از دنياي دون سوي خدا:

صاحبِ علم و عمل پرهيزگار،

 

حق پرست و حق نيوش و پارسا؛

در فنِ تدريس و تحرير او فريد،

 

شاعرِ شيرين مقال وخوش لقا؛

صاحبِ سحرِ حلال وباڪمال،

 

صاحبِ صدق و صفاؤ بي ريا:

بست در رمضان بروزِ سيزده،

 

رختِ رحلت بهرِ ديدارِ خدا.

بخشش انعام اي خداي ذوالڪرم،

 

از طفيلِ سرورِ هَر دوسَرا.

آرزو دارد ”اديب“ از لطفِ حق،

 

”باد در محشر شفيعم مصطفيٰ“

 

--------------


*  هڪ مختصر ملاقات (21 آڪٽوبر 56 ء) ۾ مولانا محمد صادق صاحب مورائيءَ کان جيڪي ڪجهه احوال ملي سگهيو، سو پيش ڪجي ٿو. جناب مخدوم امير احمد صاحب جن، قاضي حاجي عثمان ۽ قاضي محمد عالم بابت حوالن جو اضافو ڪيو ۽ پڻ عربي خطبي جي تصحيح ڪئي. - مرتب

*  قاضي محمد عالم کان پوءِ سندس پٽ حافظ عثمان حڪيم ۽ چڱو عالم هو؛ سندس پٽ قاضي احمدي به حڪيم ۽ چڱو عالم هو. قاضي احمديءَ کي ٽي پٽ آهن- قاضي عبدالهادي، جو حڪيم ۽ عالم آهي؛ حافظ عثمان، ۽ قاضي اڪرم. سندن سڪونت نوشهري ۾ آهي.

[1]  اصل: ترتيب.

(1)  يعني، حضرت سيد محمد بقا والد حضرت سيد محد راشد عيلہ الرحمة.

*  مولانا مصري شاهه هالن مان فارغ التحصيل ٿي اچي ”سوڍاري مسجد“ ۾ پڙهائڻ لڳو. شاهه صاحب جو وڏو ڪتبخانو هو، جو پوءِ خورد برد ٿي ويو. سندس ڪيترائي شاگرد ٿيا- مثلا مولوي حبيب الله سولنگي، ويٺل ”شادي دٻي“ لڳ راوت لغاري، جو پوءِ روهڙيءَ لڏي ويو؛ حافظ محمد عيسيٰ ٻوڪ، ساڪن ڳوٺ ٻوڪ، تعلقو دادو، ۽ ٻيا.

*  انهيءَ ”شهدادپُر“ کي هاڻي ”شهدادڪوٽ“چئجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com