سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :14

مولانا دين محمد ”اديب“

 

مولانا محمد سليمان واعظ مرحوم

 

مولوي محمد سليمان صاحب جي ولادت، ڳوٺ ٿرڙي محبت تعلقي ميهڙ ۾ ٿي. مولوي صاحب پنهنجي ڳوٺ جي هڪ بزرگ مولانا حافظ محمد صادق وٽ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد، رتيديري ۾ مولانا مولوي عبدالله صاحب جن وٽ پڙهڻ لاءِ ويا. تعليم و تدريس ختم ڪرڻ بعد، پاڻ ميهڙ جي ڀرسان ٿيٻن زميندارن کي پڙهايو. پڇاڙيءَ واري عمر ۾ ٿرڙي جي ڀرسان ”جهتيالن“ جي ڳوٺ ۾ ڪيترائي سال تعليم ڏنائون. اتي سندن خدمت، حڪيم محمد موسيٰ جو والد ميان فتح محمد صاحب ڪندو هو.

مولانا صاحب پنهنجي وقت ۾ وعظ جي فن ۾ يڪتا هئا. پاڻ هميشہ بلند آواز ۽ خوش الحانيءَ سان وعظ ڪندا هئا. سندن وعظ ۾ ڏاڍي ڪشش هوندي هئي. آسپاس جا ماڻهو ججهي انداز ۾ سندن واعظ ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا، ۽ سندن وعظ جو اثر عوام تي تمام گهرو پوندو هو. ساڳيءَ طرح سان، خواص به سندن انداز بيان کان بيحد متاثر ٿيندا هئا. مطلب ته مولانا صاحب وقت جو لائق ۽ پُر اثر خطيب هو. رحلت کان پوءِ اڄ تائين ڪنهن به خطيب يا واعظ سندس جاءِ نه ڀري آهي.

مولانا صاحب چوندا هئا ته کين چار پنج سؤ حديثون چڱيءَ طرح ياد آهن. منجهن تمام گهڻو اخلاص هو. وڏن ماڻهن جا خانداني جهيڙا ۽ ضد، جي ڪيتري ئي عرصي کان هلندا ايندا هئا، سي هن بزرگ پنهنجي خداداد قابليت سان لاهي ڇڏيا، ۽ سڀني کي پرچائي سرچائي کير – کنڊ ڪري ڇڏيندو هو.

مولانا صاحب جن شب برات سن 1367هه ۾ وفات ڪئي. چون ٿا ته کين وفات جي اڳي ئي ڄاڻ هئي ۽ قبرستان ۾ پنهنجي قبر لاءِ جاءِ ڏيکاري آيو. سندن رحلت به هوش ۽ حواس جي حالت ۾ ٿي.

مولوي دين محمد ”وفائي“ مون کي چيو ته ”مولانا محمد سليمان جي وفات جو قطعہ تاريخ لک“؛ جنهن تي مون چيومانس ته ”مون پنهنجي بزرگن جا ئي قطعا نه لکيا آهن، سو ٻين لاءِ ڪيئن لکان؟“ ان تي مولوي صاحب جن چيو ته ”جنهن مولانا جي وعظ سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ماڻهو بارگاهه الاهي ۾ گناهن کان توبهه تائب ٿيا آهن، اهڙي شخص لاءِ قطعو ضرور لکڻ گهرجي.“ مولوي ”وفائي“ صاحب جي اخلاص جي برڪت سان هيٺ ذڪر ڪيل قطعہ تاريخ چڱيرو لکجي ويو.

قطعہ تاريخ وفات

مائيم جهان جهان پريشان،

از رحلتِ حضرتِ سليمان.

اي ذاتِ تو بود فيض گستر،

فيَّاض پيء عيالِ يزدان؛

موقوف پيء صلاحِ انسان،

مشغوف پيء فلاحِ انسان؛

از لطفِ لطائفِ تو خلقي،

خندان شده گاه و گاه گريان؛

گشتي ز تو خلق در يکي وقت،

خندان چوگل و چوابر گريان؛

از وعظِ بليغِ تو زن و مرد،

در راهِ حق اند چست پويان؛

از يمنِ مواعظِ تو لاريب،

راجع بحق اند صد هزاران؛

همپايہء تو نديد ديده،

در طرزِ بليغِ خوش بيانان؛

کرده لقبِ تو ’واعظ دين‘،

مخصوص بر اي تو مسلمان؛

مسحور و اسير هم نمودي،

با سحرِ حلال نفس و شيطان.

اي وعظِ تو خاتمِ سليمان،

شد ديو و پري مطيعِ فرمان؛

لفافيء تو حريف کرده،

بي نيلِ مرام ماند حيران؛

در نقلِ تو جهد کرد واعظ،

از عجز شده نديمِ حرمان؛

در نقل کمر بيست ناصح،

در گل چو حمار در بماندآن؛

در صلح اصاغر و اکابر،

حق داد مهارتت فراوان؛

دلهاي بغيض ز اهتمامت،

گرديده حميم و مثل اخوان؛

تو دانشمند و هم خردمند،

دانش بخرد چو مهر تابان؛

جذّابِ جهان بحسنِ دلکش،

نخچيرِ اداي تو عقيلان؛

اي مرگِ تو گشت مرگِ عالَم،

ابن رمز بداند اهلِ عرفان؛

هر خرد و کلان ست ماتر آرا،

صف بستہ بشهر و در بيابان؛

هان، ياد ترا مدام دارد،

نَسلاً مِن نسلِ انسان؛

در ليل برات انتقالت،

فال است بر اي فضل رحمان؛

پر نور خدا کناد گورت،

در خلد برين کناد مهمان!

بخشاد حقت نجاتِ کلّي،

از برکتِ شافعِ اثيمان!

در فکرِ ”اديب“ ماده آمد،

از بهر سَنت – ”بخلد رفت آن“.

1367هه

 

مرحوم مولانا دين محمد ”وفائي“*

 

سنڌ جي سرزمين پنهنجي تاريخ جي مختلف دورن ۾ اهڙين  بزرگ، محبِ وطن ۽ انسان- دوست شخصيتن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن جي پرخلوص ۽ بي انتها ڪوششن سبب سنڌ جو نالو هميشہ روشن ٿيندو رهيو آهي. انهن شخصيتن نه فقط سنڌ جي مخصوص تهذيب ۽ تمدن کي قائم رکيو، بلڪ انساني تهذيب جي ارتقا جو خنده پيشانيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪندي، سنڌ ۽ سنڌين کي به دنيا جي انهن سڌريل ملڪن جي درجي تي پهچائڻ جون اڻٿڪ ڪوششون ڪيون، جن جي ڪري اُهي عزت ۽ وقعت جي نگاهه سان ڏسجڻ لڳا.

جيتوڻيڪ سنڌ جو هر دور ڪنهن نه ڪنهن مذهبي، تهذيبي ۽ علمي اهميت جو حامل آهي، ليڪن ويهين صديءَ وار دور سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي اهميت رکي ٿو، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. نه فقط سنڌ ۾، بلڪ سموريءَ دنيا ۾ هيءُ دور هڪ اهڙي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي شروع ٿيڻ تي دنيا پراڻيون راهون طي ڪري هڪ نئين منزل جي راهه تي قدم رکي ٿي. هن دور ۾ وڏا وڏا انقلاب ٿيا؛ شهنشاهيت جي قصرن جا ڪنگرا ڪري اچي پٽ پيا؛ علم و ادب ۾ نون نون نظرين ۽ اصولن کي قبول ڪيو ويو؛ سائنس جي گوناگون ايجادن ۽ کوجنائن انسان جي روزانه زندگيءَ ۾ اهڙا

ته اثر پيدا ڪيا، جن جو نتيجو زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو. جئن ته سنڌ ۾ انگريزن جو اقتدار هو، تنهنڪري هتي به انهن نون اصولن ۽ نظرين جو تيزيءَ سان چرچو ٿيڻ لڳو، جن جي ڪري دنيا جي مهذب ملڪن ۾ اڳي ئي ٿرٿلو برپا هو: ويهين صديءَ جي شروع ۾ سنڌ کي هڪ ئي وقت اهڙين ديني، علمي، ادبي، سياسي، معاشرتي ۽ اصلاحي تحريڪن مان گذرڻو پيو، جن جو مثال گذريل تاريخ ۾ ملي نٿو سگهي. انهن همه گير تحريڪن  سنڌ ۽ سنڌين تي اُهي نقش ڇڏيا آهن، جيڪي اڄ اسان کان لڪل ڪين آهن، ليڪن انهن عالمگير تحريڪن جي پٺيان جن بزرگن ۽ مخلص شخصن ڪم پئي ڪيو، سي جيڪڏهن نه هجن ها ته سنڌ انهن ڪاميابين کي ڪڏهن به حاصل نه ڪري سگهي ها، جيڪي هن وقت کيس حاصل آهن.

مولانا دين محمد ”وفائي“ به سنڌ جي اهڙين ئي اعليٰ شخصيتن مان هڪ هو، جن جي  بخشيل برڪتن تي جيترو به ناز ڪجي اوترو گهٽ آهي. مرحوم ”الوحيد“ اخبار ۽ ماهوار ”توحيد“ رسالي جو هر هڪ پرچو مولانا جي قومي خذمت ۽ تبحر علمي جو بهترين مثال آهي. انهيءَ اخبار ۽ رسالي جي ذريعي مولانا صاحب سنڌ جي، علمي، تهذيبي ۽ سياسي فلاح و بهبود بابت هر هڪ سڌاري ۽ هر هڪ عملي قدم کان سنڌ جي ٻچي ٻچي کي واقف ۽ سجاڳ ڪرڻ جي لاءِ جيڪا اڻٿڪ ڪوشش ڪئي آهي، انهيءَ کي ڏسي سندس حب الوطني ۽ علمي بزرگيءَ جو ڌاڪو دل تي ڄمي وڃي ٿو. مولانا جو ”الوحيد“ اخبار سان ٽيويهن سالن تائين رشتو قائم رهيو، ۽ انهن ٽيويهن سالن ۾ مولانا جيترو مواد علمي توڙي ادبي، سياسي توڙي ملڪي حالتن تي پيش ڪيو، انهيءَ کي جيڪڏهن گڏ ڪري هڪ هنڌ ڪجي، ته هوند جلدن جا جلد ٺهي پون. ائين نه سمجهڻ گهرجي ته مولانا پنهنجي زندگيءَ جو سمورو عرصو ”الوحيد“ جي ميز تي ويهي گذاريو، بلڪ سندس سڄي حياتي سنڌ ۽ سنڌين جي سڌاري ۽ بهبوديءَ جي تحريڪن ۽ جدوجهد جي نذر ٿي ويئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به ڪا اهڙي خالص ديني، علمي ۽ اصلاحي تحريڪ شروع ٿيندي هئي، ته مولانا پنهنجون خذمتون ان جي حوالي ڪندا هئا، ۽ سواءِ ڪنهن پس و پيش جي ڏاڍي دلچسپي ۽ سچائيءَ سان پنهنجي فرض ادائي ڪندا رهندا هئا.

مولانا دين محمد ”وفائي“ جي ولادت، تاريخ 27 رمضان المبارڪ سن 1311 هه ۾، سندس اباڻي ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ٿي. سندس والد جو نالو خليفو حڪيم گل محمد هو، ۽ پاڻ ذات جو ڀٽي هو. مولانا جي اوائلي تعليم سندس والد صاحب جي نظر هيٺ ٿي، جتي ”پندنامه عطار“ تائين فارسيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. اڃا نَون ورهين جي ڄمار مس هئس ته پيءُ جو سايو سر تان کڄي ويو، ۽ سندس پرورش جو سمورو بار سندس مادر مهربان جي ڪلهن تي پيو. اهڙيءَ حالت ۾ مولانا پنهنجي علمي سلسلي کي ختم ڪرڻ نه ڏنو، ۽ فارسيءَ جي رهيل تعليم پنهنجي عزيز ميانجي محمد عالم وٽ رهي پوري ڪيائين. ان بعد، عربيءَ جي تحصيل واسطي حضرت مولانا ابوالفيض غلام عمر صاحب جتوئيءَ جي شاگردي قبول ڪيائين. مولانا ابوالفيض پنهنجي ڳوٺ سوني جتوئي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو، جنهنڪري مولانا دين محمد پڻ، سال 1325 کان 1330 هجريءَ تائين، اتي رهي، پنجن سالن جي عرصي ۾، عربيءَ جي سڀني ڪتابن، منطق ڪبريٰ جي رسالن ۽ ملاجلال ۽ ميرزا زاهد جي تصنيفات کي پڙهي، تحصيل علم کان فراغت حاصل ڪئي. ان وقت مولانا جي ڄمار اوڻيهه سال هئي، ۽ انهيءَ دوران ۾ سندس شادي سکر جي عزيزن مان ٿي، پر افسوس جو هڪ سال کان پوءِ مولانا جي گهرواريءَ وفات ڪئي. عربيءَ جي تعليم ختم ڪرڻ بعد، مولانا ابوالفيض کيس ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ مشورو ڏنو، ۽ مولانا حڪم جي تعميل ڪري سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ آيا، جتي ٻن سالن تائين تعليم ڏيندا رهيا. انهيءَ وچ ۾ مولانا جي ملاقات مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي رحمة الله عليہ سان ٿي، جنهن جي صحبت مان مولانا کي بيحد فيض حاصل ٿيو. انهيءَ وچ ۾ مولانا جي علمي بزرگيءَ جو چرچو سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي ويو، جنهن کان متاثر ٿي، سن 1332 هه مطابق 1914ع ۾، مولانا کي ڪراچي ڇڏي، جيلاني پير جي صاحبزادن کي تعليم ڏيڻ لاءِ، راڻيپور وڃي رهڻو پيو، پر 1916ع ۾ اهڙو اتفاق ٿيو جو مولانا کي مجبوراً راڻيپور کي ڇڏڻو پيو. راڻيپور ۾ رهائش جي دوران ۾ مولوي صاحب جي سکر مان ٻي شادي ٿي، جنهن مان کيس اولاد پيدا ٿيو. راڻيپور کي ڇڏڻ کان پوءِ مولانا ستت ئي ٺلاهه شريف ڏانهن روانو ٿيو، جتي کيس پير سيد حاجي امام الدين شاهه راشديءَ جي فرزندن کي تعليم ڏيڻ جا فرائض سپرد ڪيا ويا هئا. مولوي صاحب جي هتي رهائش وارو زمانو به بزرگ ۽ علمي شخصيتن جي صحبت فيض اثر ۾ گذريو. انهن بزرگن ۾ قدوة العارفين حضرت پير سيد محمد رشدالله رحمة الله عليه صاحب العَلم (جهنڊي وارو) جو نام گرامي قابل ذڪر آهي.

هي زمانو دنيا جي افراتفريءَ جو زمانو هو. انهيءَ وقت پهرين مهاڀاري لڙائي اوج تي هئي، جنهن جي ڪري دنيا جو هر هڪ ماڻهو حيران ۽ پريشان هو. سنڌ جي حالت به ڪا چڱي ڪانه هئي، پر جنگ جي تباهين کان البت بچاءُ هو؛ ليڪن سياسي ناانصافيءَ جي ڪري جيڪو مواد اندر ئي اندر جمع ٿي رهيو هو، سو جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪدم ڦاٽي پيو. هن سلسلي ۾ جيڪا تحريڪ سڀني کان اڳري هئي، سا هئي ”تحريڪ خلافت“. جئن ته هن تحريڪ جو تعلق خاص طرح مسلمانن جي سياسي آزاديءَ سان هو، تنهنڪري تحريڪ جي شروع ٿيندي ئي مولانا ٺلاهه شريف کي الوداع چئي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. انهيءَ تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ انگريز سرڪار هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هڪ انگريز- دوست مُلي، مولوي فيض الڪريم، ترڪيءَ جي خلافت جي برخلاف حجاز جي شريف حسين جي فائدي ۾ هڪ رسالو لکيو، جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي، ڪن اسلام- دشمن ماڻهن جي اونهين چالاڪين سان، سنڌ جي ڪيترن ئي علمائن ۽ سجاده نشين کان انهيءَ تي صحيحون وٺي، هزارن جي تعداد ۾ ڇپائي، عوام تائين پهچايو ويو، جئن ترڪيءَ جي حڪومت سان ماڻهن جي وڌندڙ همدردي ختم ٿئي ۽ انگريزن جي طرفدار شريف حسين جو بچاءُ ٿي سگهي. انهيءَ رسالي جي ڇپجڻ سبب سنڌ ۾ تحريڪ کي نقصان پهچڻ جو سخت انديشو هو، ليڪن مولانا انهيءَ ڳالهه کي هڪدم محسوس ڪيو، ۽ مولانا شيخ عبدالعزيز (مالڪ اخبار ”الحق“، سکر) سان گڏجي، رسالي جي برخلاف سخت پروپئگنڊا جو ڪم شروع ڪيو. ساڳئي وقت، امروٽ شريف ۾ قدوت السالڪين حضرت مولانا سيد تاج محمود رحمة الله عليه جي نظرداريءَ هيٺ، انهيءَ رسالي ”تحقيق الخلافة“ جي ر ۾ ”اظهار الڪرامت“ نالي رسالو لکي تيار ڪيائين جيڪو مارچ 1920ع ۾ لاڙڪاڻي جي خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپائي تقسيم ڪيو ويو. انهيءَ ڪانفرنس ۾ مولانا ابوالڪلام ”آزاد“، مولانا عبدالباري مرحوم لکنوي ۽ مولانا شوڪت علي شريڪ ٿيا هئا. جلد ئي مولانا کي جمعيت العلماء سنڌ جو ناظم مقرر ڪيو ويو، جنهنڪري پاڻ هميشہ لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائون.

ڪراچيءَ ۾ رهائش وارو مولانا جي زندگيءَ جو حصو خاصي اهميت رکي ٿو- خاص ڪري سنڌي صحافت، صحيح معنيٰ ۾ انهيءَ دور ۾ ئي وجود ۾ آئي. ان وقت نه ڪي سنڌي اخبارون ۽ رسالا گهڻي تعداد ۾ ۽ اعليٰ معيار جا هئا، ۽ نه وري ماڻهن کي صحافت سان حتاڪ پڙهيل طبقي جو به انهيءَ ڏانهن ڪو خاص ڌيان ڪونه هو، اهو ئي دور هو، جڏهن مولانا صاحب سنڌي صحافت کي سنوارڻ جو ڪم پنهنجي سر کنيو. هونئن ته طالب العلميءَ جي زماني کان وٺي ئي مولانا جي صحافت سان دلچسپي هئي، پر انهيءَ دلچسپيءَ کي عملي صورت ۾ آڻڻ جو ڪارڻ – بقول مولانا صاحب- مولوي عبدالله صاحب ميرپوري (جهنڊائي) ئي هو. ٻئي طرف وري شيخ عبدالعزيز محمد سليمان، مالڪ اخبار ”الحق“ سکر، جي همت افزائيءَ مولانا صاحب کي مضمونن لکڻ جي مشق تي آماده ڪيو. راڻيپور واري زماني ۾ قاديانين جي رد ۾ هڪ رسالو ”صحيفهء قادريه“ جي نالي سان شائع ٿيو؛ ۽ ٺلاهه جي رهائش واري دور ۾، پير سيد عبدالغفار شاهه راشديءَ جي سرپرستيءَ هيٺ ”الڪاشف“ ماهوار رسالو وجود ۾ آيو. هنن ٻنهين رسالن ۾ مولانا صاحب پوري دلچسپيءَ ۽ تندهيءَ سان ڪم ڪيو. مارچ سن 1920ع ۾ ڪراچيءَ مان روزانه ”الوحيد“ جو اجراء ٿيو، تڏهن مولانا کي اخبار جو معاون مدر مقرر ڪيو ويو. سال 1923ع ۾ مولانا صاحب پنهنجي ادارت هيٺ ”توحيد“ رسالو جاري ڪيو. انهيءَ زماني ۾ مولانا صاحب جي مصروفيت جو هي عالم هوندو، جو هڪ طرف ”الوحيد“ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سلپ پٺيان سلپ پيو موڪليندو هو، ته ٻئي طرف وري ماهوار ”توحيد“ جي لاءِ علمي ادبي ۽ ديني مباحثا ۽ تاريخي مضمون به پيو قلمبند ڪندو هو. ساڳئي وقت وري بزرگن ۽ عالمن جي ڪچهري جدا پئي هلندي هئي، جنهن ۾ ديني، ادبي ۽ سياسي مسئلن تي زبردست بحث مباحثا ٿيندا هئا. جلد ئي سن 1936ع ۾ سنڌ، بمبئي پرڳڻي کان جدا ٿي، علحدي صوبي جي صورت اختيار ڪئي. انهيءَ مبارڪ موقعي تي، ”الوحيد“ اخبار پنهنجو هڪ خاص نمبر پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي گذريل تاريخ، تهذيب ۽ علم و ادب تي بهترين شهپارا شامل ڪيل هئا. سنڌ جي صحافت ۾ هن وقت تائين ”الوحيد“ جو ”سنڌ – آزاد نمبر“ هڪ زبردست اهميت جو حامل آهي، ۽ ان جهڙو مثال سنڌ جي سموريءَ صحافت ۾ هرگز هرگز ملي نه سگهندو. انهيءَ نمبر ۾ سنڌ جي تاريخ، علم ادب ۽ سنڌي بزرگن ۽ عالمن ۽ سنڌي معاشري جي هر حصي تي  گوناگون مضمون ۽ مقالا موجود آهن، جيڪي گهڻي انداز ۾ مولانا صاحب جي قلم جا مرهون ملت آهن. انهيءَ دوران ۾ مولانا صاحب کي سن 1926 ۾ سنجوڳي شيخن ۾ تبليغي ڪم جي سلسلي ۾ هڪ سال لاءِ ڪراچيءَ کان ٻاهر رهڻو پيو، جنهنڪري ماهوار رسالو ”توحيد“ بند ٿي ويو. سن 1927ع ۾ مولانا صاحب مرحوم، پير سيد حزب الله شاهه عرف جيئل شاهه شهيد جي سرپرستيءَ هيٺ، سکر مان هفتيوار اخبار ”الحزب“ جاري ڪئي- پر اها گهڻو وقت هلي نه سگهي، ۽ ستت ئي مولانا صاحب کي ”الوحيد“ اخبار م ڪم ڪرڻ لاءِ واپس گهرايو ويو.

سن 1934ع ۾ مولانا صاحب ماهوار ”توحيد“ رسالو وري نئين سر جاري ڪيو، جيڪو سندن حياتيءَ جي آخرين گهڙين تائين  برابر ظاهر ٿيندو رهيو. سن 1939ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي صاحب سنڌ ۾ واپس موٽي آيو، ۽ سنڌ ۾ عبيدالاهي تحريڪ  شروع ڪيائين. مولانا صاحب انهيءَ تحريڪ جو هڪ سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو- ايتريقدر جو، سال 1943ع ۾، تحريڪ سان والهانه محبت هئڻ سبب کيس ”الوحيد“ سان لاڳيتن ٽيويهن سالن جي پراڻن رشتن کي به ٽوڙڻو پيو. ”الوحيد“ کان علحده ٿي، مولانا صاحب، مرحوم الله بخش سومري جي جاري ڪيل روزاني اخبار ”آزاد“ جي اداري ۾ شريڪ ٿيو.

مولانا صاحب پنهنجي حياتيءَ جي انهيءَ عرصي ۾، اخباري زندگيءَ ۾ سخت مصروف رهڻ کان پوءِ به، ڪيترائي ڪتاب مذهبي، علمي ۽ ادبي تصنيف ڪيا، جن ۾ هيٺيان ڪتاب قابل قدر آهن: 1- تاريخ محمد مصطفيٰ، 2- صديق اڪبر، 3- فاروق اعظم، 4- سيرت عثمان، 5- حيدرِڪرار، 6- خاتون جنت، 7- غوث اعظم، 8- نو مسلم هندو راڻيون، 9- راحت الروح تذڪره مخدوم نوح هالائي، 10- توحيد اسلام ترجمه تقوية الايمان، 11- اعتقاد صحيح (مذهب اهل حديث)، 12- مقصد زندگي (فلسفهء علم نفس)، 13- الختم علي فم الخصم (رد قادياني)، 14- لاجواب تحرير، 15- قرآني صداقت، هندو ڌرم ۽ قرباني (رد آريه و هنود)، 17- الهام الباري ترجمه تجريد البخاري، پنج جلد، 18- ترجمه فتوح الغيب (تصوف – نامڪمل)، 19- تذڪره مشاهير سنڌ، (نامڪمل)، 20- اظهار الڪرامة في مسئله الخلافة والامامته (اسلامي سياست)، 21- اذڪار حسين (رد شيعه).

مٿين ڪتابن مان گهڻا ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي ناياب به ٿي ويا آهن. انهن کان سواءِ گهڻا ئي ڪتاب اڃا مسودن جي صورت ۾ هئا، جن مان گهڻو تعداد ضايع ٿي ويو. مولانا صاحب جي سڀ کان اهم تصنيف ”تذڪره مشاهير سنڌ“ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي اعليٰ ۽ مقتدر شخصيتن جي زندگيءَ جو احوال هڪ هنڌ جمع ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب، مسودي جي صورت ۾، سال 1944ع ۾ چورائجي ويو. مولانا صاحب کي انهيءَ تصنيف جي ضايع ٿيڻ جو سخت صدمو پهتو، ليڪن مولانا صاحب جنوري 1945ع ۾ انهيءَ ڪتاب کي وري نئين سر لکڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ 1946ع تائين اوائل اسلام کان وٺي سنڌ جي ڏيڍ سؤ بزرگن، صوفين، عالمن ۽ شاعرن جا احوال جمع ڪيا هئائين. انهيءَ کان سواءِ اڃا به ٽن سون کان وڌيڪ سنڌي بزرگن جا حالات منتشر حالات ۾ وٽس موجود هئا، جن کي هٿ ڪرڻ لاءِ مولانا صاحب سنڌ جي ڪيترن ئي قديم ڪتبخانن جي خاڪ ڇاڻي هئي. هنن ڪتابن کان سواءِ، مولانا صاحب جا اهي بيشمار علمي ۽ تحقيقي متفرق مقالات وغيره علحده آهن، جيڪي ماهوار ”توحيد“ جي ويهن سالن جي پرچن ۾ پکڙيا پيا آهن. مولانا صاحب فارسي ۽ عربيءَ جو جيد عالم، ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ماهر هو. سندس لکڻيءَ جي هڪ خاص خوبي هيءَ آهي، جو هر پڙهيل توڙي اڻپڙهيل ان مان هڪجيترو فائدو وٺي ٿو سگهي. فارسيءَ ۽ عربيءَ جا اکر به اهڙيءَ طرح ته استعمال ڪيا اٿس، جو سنڌيءَ جي سونهن ويتر وڌي ويئي آهي. مولانا صاحب نثر نويسيءَ سان گڏ شاعريءَ جو به هڪ سهڻو مذاق رکندو هو. سندس تخلص ”وفائي“ هو. اوائلي دور ۾ ڪجهه شعر و شاعري به ڪيائون. سندس پهريون شعر ڪراچيءَ مان نڪرندڙ قديم سنڌي ماهوار رسالي ”الاسلام“ ۾، 1913ع ۾، شائع ٿيو. ”امداد يتيمان“ جي عنوان سان نظم به مولانا صاحب جي تصنيف آهي. اخباري ۽ قومي مصروفيت سبب، شاعريءَ جو شغل گهڻو وقت رهي نه سگهيو؛ انهيءَ هوندي به جيڪا شاعري ڪئي اٿن، ان ۾ گهڻي قدر قومي رنگ موجود آهي. البت، رسالي ”توحيد“ ۾ جابجا تاريخي قطعات نظر اچن ٿا، جيڪي مولانا صاحب پنهنجي دوستن ۽ عزيزن جي وفات تي قلمبند ڪيا هئا. مولانا صاحب جي آخرين تصنيف ”لطف اللطيف“ آهي. اهو ڪتاب مولانا صاحب پنهنجي وفات کان اڳ، ٽن مهينن جي مختصر عرصي ۾- ماهه سپٽمبر کان نومبر 1949ع تائين- لکي ختم ڪيو، ۽ سندس حياتيءَ ۾ ئي ڇپجڻ شروع ٿي ويو؛ ليڪن ڪتاب جي مڪمل ڇپجڻ کان اڳي ئي مولانا صاحب وفات ڪري ويو.

سن 1942ع ۾، سنڌ سرڪار سنڌي ادب جي سڌاري ۽ وڌاري لاءِ هڪ ”سنڌي مرڪزي بورڊ“ قائم ڪيو، جنهن سنڌي لغت ٺاهڻ لاءِ هڪ رٿ پيش ڪئي. انهيءَ رٿ کي پايهء تڪميل تي پهچائڻ لاءِ، ڇهن ميمبرن جي هڪ لغت- ڪميٽي ٺاهي ويئي: انهيءَ ڪميٽيءَ جو هڪ ميمبر مولانا صاحب به هو. ايتري ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ سنڌ سرڪار اسڪولي سنڌي ڪتابن کي نئين سر جوڙڻ لاءِ جنوري 1949ع ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ پڻ مولانا صاحب کي شامل ڪيو ويو. هن ڪميٽيءَ کي حيدرآباد ۾ رهي ڪم ڪرڻو هو، پر حيدرآباد ۾ پهچڻ کان پوءِ مولانا ڊبل نمونيا ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ ڪميٽيءَ ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو. مولانا  صاحب کي گهڻي عرصي تائين هيءَ بيماري هلي، پر انهيءَ مان به اُٿي کڙو ٿيو- ليڪن اچانڪ کيس سندس دل گهرئي دوست رئيس حاجي علي محمد خان مريءَ جي اوچتي وفات جو اطلاع پهتو، جنهن جي صدمي مولانا صاحب جي صحت کي وري سڌرڻ نه ڏنو، ۽ آخر 22 جمادي الاخر 1369هه ، برابر 18 اپريل 1950ع، اڱاري رات، هن دارفاني مان دارالبقا ڏانهن لاڏاڻو ڪيائين- انالله و انا اِليہ راجعون.

قطعہ تاريخ وفات

(از دين محمد ”اديب“ فيروزشاهي)

اڄ هاءِ لڏي ويو ”وفائي“،

سنڌيءَ جي سَنَد، اديبِ دوران!

اي هاءِ، حبيب ٿي جدا ويو،

دنيا مان ويو- ويو وڃڻ ڪان!

دل چُور هئي اڳي غمن کان،

زخمن تي لڳو هي زهري پڪان.

موٽي نه وري، وڃي هتان جو،

ٿئي ان جو ملڻ مرڻ پڄاڻان.

دنياوي ادب ۾ حادثو آهه،

ناقابل جبر آهه نقصان.

اڄ ڪير ڪري ادب جي خدمت،

هَي باغ ٿيو ادب جو ويران!

مشاطہ عروسِ فڪر ماهر،

هو سحر نگار سنڌي سبحان؛

منجهه نثر انهيءَ جو پايو عالي،

همپايه نه ان جو ڪو نمايان؛

تاريخ نويس، علم- جويا،

ان نڪتي سموهيا پريشان؛

تازي و دَري ۾ دُرفشان هو،

هو دُرِ ادب جو بحر عمّان؛

هي باغِ ادب جو باغبان هو،

هو باغِ سخن جو ابرِ نيسان؛

ان شاهه لطيف جو لکيو حال،

ان ڪار کي شاهڪار ڄاڻان؛

جرات سان چيائين حق جو ڪلمو،

جرات تي سندس، جريءَ حيران؛

منجهه وقت ’خلافت‘ جي ڪئي جنگ،

ان جنگ جي لاءِ مرد ميدان؛

پروا نه ڪيائين جيل جي ڪا،

پروانه جان باهه ۾ وڌئين جان؛

هن، طرز تي پانهنجي ڪيو ڪم،

ورچيو نه ڪڏهن هو پنهنجي ڪم کان؛

هو محڪمِ عزم، عالي همت،

مَٽ ان جو هجي ڪو ورلي انسان.

مردن جو هو ڪال اڳ گهڻوئي،

هيڪاري وڌيو سندس وڃڻ کان؛

اميدون هيون منجهس گهڻيئي،

سڀ خاڪ ٿيون- دريغ، ارمان!

ماتم ٿيو محفلِ ادب ۾،

ماتم ڪده آهه بزمِ عرفان.

بيگاني يگاني کي سندس غم،

ان درد کان اهلِ ذوق لرزان.

دلِ ديده رُئن، جگر ٿيو داغ،

هن سوز کان صاف سينو سوزان.

مشرب ۾ عميق فرق هوندي،

ٿيا دل جا وسيع، تنگ غم کان.

بخشيس قصور ٻاجهه وارو،

بخشيس قصور، حور غلمان؛

ڪر لطف جو پاڇو قائم ان تي،

نِت ان تي وساءِ ابر احسان؛

آغوش ڪرم ۾ وٺ، ڪريما!

بديوڻ بدلاءِ نيڪين سان.

ٿئي حڪم نجات لاءِ جاري،

منجهه خلد برين وڃي خرامان؛

سال آهه- ”باغهاي فردوس“،

فردوس ۾ ڏينس باغ بستان.

مقبول ”اديب“ جي دعا ڪر،

ايمان سان لڏاءِ هن جهان مان!

 

ابوبڪر شبلي

 

مولانا عبدالعزيز مرحوم ٿريچاڻوي

 

اسان جي سونهاريءَ سنڌ ۾ تازو جيڪي علمي ۽ ديني شخصيتون ٿي گذريون آهن، انهن ۾ مولانا عبدالعزيز صاحب ٿريچاڻوي رحمة الله عليہ جي هستي به شامل آهي. پاڻ تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر جي هڪ ڳوٺ ”ٿريچاڻيءَ“ ۾ پيدا ٿيا، ۽ اتي ئي وفات ڪيائون. سنڌ ۽ ان کان ٻاهر، علمي ۽ ديني حلقن ۾، جيڪا شهرت ان ڳوٺ کي حاصل آهي، سا سندن وجود مبارڪ جي ڪري ئي آهي.

هن ڳوٺ تي ”مهراڻ“ جي مهربانين ڪري ڪيترائي انقلاب ۽ ڦيرا آيا. جنهن ”ٿريچاڻيءَ“ ۾ مولانا موصوف جي ولادت ٿي، سا شهر روهڙيءَ جي ويجهو هئي: درياءَ جي پائڻ ڪري، وري پندرهن ميل پري اوڀر ۾ اَڏائي ويئي؛ اتي به جڏهن درياءَ کيس نه ڇڏيو، ته پوءِ سانگي اسٽيشن جي ڀرسان (تعلقي پني عاقل ۾)، آباد ڪئي ويئي: اڄ تائين اتي ئي قائم آهي ۽ ان ۾ ئي مولانا موصوف جن پنهنجي رب ڏانهن لاڏاڻو فرمايو.

مولانا موصوف جو خاندان شيخ جي نالي سان مشهور آهي، پر تحقيق مطابق پاڻ قريشي آهن، ۽ سندن سلسه نسب حضرت ابوبڪر صديق سان وڃي ملي ٿو. عربستان ۾ وڏي ماڻهوءَ کي ”شيخ“ سڏيو ويندو آهي: سندن وڏا جي عربستان کان آيا، سي اتي به ”شيخ“ جي لقب سان مشهور هئا، انهيءَ ڪري هت به ’شيخ‘ جي نالي سان مشهور ٿيا - ۽ اڳتي هلي اهو سندن خاندان جو خاص نالو بنجي ويو. چون ٿا ته سندن نسبي سلسلي جو شجرو تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ ”شيخاڻيءَ“ ۾ سندن ڪن عزيزن وٽ موجود آهي.

مولانا مرحوم جي ڄمڻ جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. پاڻ شروعاتي تعليم پنهنجي والد ماجد مولوي محمد حيات صاحب وٽ ورتائون، جو خود روحانيت جو مالڪ ۽ دين جو وڏو ڄائو هو. ڪجهه وڏا ٿيا، ته ڳوٺ ”پنهواري“ تعلقي پني عاقل جي هڪ ديني مدرسي ۾ داخل ٿيا، جتي مولانا عبدالقادر صاحب انڍڙ درس ڏيندا هئا. پاڻ ظاهري علم کان سواءِ طريقت جو به سلسلو رکندا هئا. سندن ئي صحبت ۾ مولانا عبدالعزيز صاحب جن کي به طريقت ڏانهن لاڙو ٿيو. ان وقت ۾ مولانا تاج محمود صاحب امروٽيءَ جي روحانيت جي شهرت هئي. مولانا عبدالعزيز صاحب جي وڏن جي، مولانا تاج محمود صاحب جي وڏن سان عقيدت هئي. انهيءَ ڳانڍاپي جي ڪري، پاڻ ديني تعليم جي تڪميل کان اڳ ۾ ئي پنهواري ڇڏي امروٽ هليا آيا، ۽ درگاهه ۾ هڪ خادم جي حيثيت سان رهڻ لڳا. ان عرصي ۾ مولانا عبيدالله صاحب سنڌي جن ديوبند کان موٽي امروٽ شريف ۾ هڪ ديني مدرسو ۽ هڪ اسلامي اشاعت – گهر کوليو. مولانا عبدالعزيز صاحب جن ان مدرسي ۾، مولانا سنڌيءَ کان شاهه ولي الله جو فلسفو پڙهيو، ۽ اشاعت – گهر ۾ به خاص دلچسپي ورتائون. قرآن شريف جو سنڌي ترجمو، جو مولانا امروٽي صاحب ڪيو آهي، ان ۾ به پاڻ گهڻو ڀاڱو ورتائون. جيئن جيئن علم تصوف جا مختلف درجا طئه ڪندا ويا، تيئن تيئن ذڪر فڪر ۾ وڌيڪ مشغول ٿيندا ويا. ترت ئي کين خلافت جي خلعت عطا ٿي. پاڻ پنهنجي مرشد سان انتهائي عقيدت ۽ محبت رکندا هئا. سندن مرشد جي به مٿن خاص شفقت هوندي هئي. انهيءَ ڪري، مولانا امروٽي رحمة الله جن کين پنهنجو سجاده نشين به مقرر ڪيو هو، پر ڪن مجبورين سبب سندن وفات کان پوءِ ان تي عمل نه ٿي سگهيو.

پاڻ مولانا امروٽيءَ جي حياتيءَ ۾ ڪافي عرصو امروٽ شريف ۾ رهيا. ننگر جي خدمت کان علاوه، پنهنجي مرشد سان گڏ مذهبي، تبليغي، سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ به بهرو وٺندا هئا. ”خلافت تحريڪ“ ۾ پاڻ خاص بهرو ورتائون. پاڻ انگريزن سان سخت مخالف هئا – ان ڪري سندن خلاف سخت تقريرون ڪندا هئا. انهيءَ سببان کين جيل به وڃڻو پيو. مولانا امروٽيءَ جي وفات کان پوءِ، بادلِ نخواسته، امروٽ شريف ڇڏي ٿريچاڻي آيا، ۽ اچڻ سان اشاعتِ اسلام ۽ علم تصوف جي تعليم جو سلسلو شروع ڪري ڏنائون. ٿوري ئي  وقت ۾ سندن مريدن جو تعداد هزارن تائين پهچي ويو. ان کان سواءِ سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ به بهرو وٺندا رهيا. پاڻ ڪيترن ديني مدرسن جي سرپرستي فرمايائون، ۽ مختلف سياسي جماعتن ۾ حصو وٺندا رهيا.

پاڻ هندو – مسلم اتحاد جا وڏا حامي هئا، پر مسجد منزلگاهه جي هلچل ۾ الائجي ڇو هندن کي کانئن غلط فهميون ٿيون ۽ سندن خلاف حڪومت کي شڪايتون ڪيائون. حڪومت کين گرفتار ڪري رياست بهاولپور جي شهر خانپور ۾ نظربند رکيو، پر جيئن ته اهي شڪايتون بي بنياد هيون،ان ڪري ترت ئي کين آزاد ڪيو ويو.

پاڻ مهمان نواز، خوش اخلاق، همدرد ۽ خوش مذاق هئا. ڏهن ويهن مهمانن کي روزانو پنهنجي هٿن سان پاڻ کاڌو کارائيندا هئا. مهمانن ۽ غريب مسافرن جي خدمت ڪندي ڏاڍا خوش ٿيندا هئا. ڪُمهلن مسافرن لاءِ، جيڪڏهن گهر ۾ ڪجهه نه هوندو هونِ، ته ٻين درن تي وڃي به ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري ايندا هئا. هزارين سندن مريد هئا، پر پنهنجي لاءِ ڪا خاص مسند نه بنايائون. کٽون هجن يا فرش – سڀني سان ساڳيءَ جاءِ تي گڏ ويهندا هئا؛ گهڻو ڪري مريدن سان گڏ ويهي کاڌو کائيندا هئا، ۽ پنهنجي لاءِ ڪو به خاص امتيازي نشان نه رکندا هئا. سنت رسول ۽ خدا جي هيڪڙائيءَ تي خاص زور ڏيندا هئا. بدعتن ۽ شرڪ جا سخت مخالف هئا.

سندن سلسلو قادري هو، جو هن طرح آهي: عبدالعزيز، تاج محمد، امروٽي؛ مولانا محمد صديق، شاهه حسن (سوئي شريف)؛ شاهه محمد راشد (پير ڳوٺ)؛ سيد محمد بقا (پير ڳوٺ)؛ سيد عبدالقادر جيلاني، خامس (پير ڪوٽ سڌانه)؛ سيد محمد صالح (اُچ شريف)؛ سيد شمس الدن ثاني (اچ شريف)؛ سيد حامد گنج بخش، (اچ شريف)؛ سيد عبدالقادر، رابع (اچ شريف)؛ سيد عبدالقادر، ثالث (اچ شريف)؛ سيد حامد گنج بخش، ڪلان (اچ شريف)؛ سيد عبدالرزاق (اچ شريف)؛ سيد عبدالقادر، ثاني (اچ شريف)؛ محمد غوث گيلاني حلبي (اچ شريف)؛ سيد شمس الدين جيلاني، بغدادي (حلب شريف – شام)؛ شاهه مير (حلب)؛ سيد علي (حلب)؛ سيد مسعود (حلب)؛ سيد ابوالعباس احمد (حلب)؛ سيد صفي الدين صوفي (بغداد)؛ شيخ سيف الدين عبدالوهاب (بغداد)؛ سيد عبدالقادر جيلاني اول (بغداد)؛ ابو سعيد مبارڪ مخزومي (بغداد)؛ شيخ ابوالحسن هنڪاري (بغداد) ابوالفرح طوسي (اندلس) عبدالواحد تميمي (بغداد)، شيخ ابوبڪر شبلي (بغداد)؛ شيخ جنيد بغدادي (بغداد)؛ شيخ سري مسقطي (بغداد)؛ معروف ڪرخي (بغداد)؛ خواجه حبيب عجمي (بصرو)؛ داؤد طائي (بغداد)؛ خواجه حسن بصري (بصرو)؛ ۽ حضرت علي ڪرم الله وجہ، خليفة المسلمين الرابع.

سندن همعصرن جو تعداد نهايت گهڻو آهي: جيئن ته حضرت مولانا حمادالله صاحب هاليجوي؛ حضرت مولانا احمد علي صاحب لاهوري؛ حضرت مولانا عبدالڪريم صاحب چشتي؛ حضرت مولانا عبدالڪريم صاحب ڪهاڙو؛ سندن ڪي خليفا به آهن – جن ۾ حاجي حضرت شفيع محمد صاحب پهوڙ، مقيم ڳوٺ جونگل، تعلقو ٺل، جو نالو قابل ذڪر آهي.

سندن چار پٽ آهن – هر هڪ مولوي محمد صاحب، مولوي محمد حسين صاحب، مولوي محمد يحيٰ صاحب، ۽ مولوي محمد هارون صاحب. سندن چارئي پٽ پنهنجي والد وانگر دين جي تبليغ، اسلام جي اشاعت ۽ روحانيت جي تعليم ۾ همه تن مصروف آهن. سندن ادارت ۾ هڪ ديني مدرسو به آهي، جو حضرت مولانا موصوف جو زنده يادگار آهي. سندن پوري خاندان جو ماحول مذهبي آهي. اپر سنڌ ۾ ديني هلچل ۾ هن خاندان جو وڏو هٿ آهي.

سنڌ جي هن عالم ۽ صوفيءَ، 6 آگسٽ 1950ع، آچر ڏينهن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. خدا شل مٿس لک لک رحمتون تا ابد نازل فرمائي – آمين!


*  علامه ”وفائي“ مرحوم جي سوانح عمريءَ جو مواد، مولانا جي خود نوشت سوانح عمريءَ ۽ سرشار جي مضمون تان ورتل آهي.     - مرتب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com