سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :8

خليفو محمد امين پلي

 

مرحوم مخدوم ابو محمد عبدالله ولهاري

 

جهڙو اتر جي علماء ڪرام ۾ حضرت همايوني ۽ حضرت ملڪاڻي صاحبن کي علمي تفاخر حاصل هو، اهڙو ئي مُهراڻي ۾ علمائن ۾ حضرت ولهاريءَ جو درجو هو. قديم وقت کان وٺي عمر ڪوٽ جا حاڪم هندو راجپوت هوندا هئا، ۽ هندن جي راڄڌانيءَ ۾ رهڻ سبب مسلمانن ۾ گهڻيون غير شرعي رسمون جاري هيون، جي حضرت ولهاريءَ جي شرعي جدوجهد سبب گهڻي قدر ميٽجي ۽ ميسارجي ويون. ڪفر ۽ الحاد جون پاڙون پٽي، ٿر ريگستان جهڙي ڪفرستان ۾ توحيد جو آواز پهچائڻ؛ حضرت مولانا حبيب الله صاحب سڳوري ۽ مولوي محمد اسماعيل دَل جهڙا مخير عالم پيدا ڪري ٿر ۾ نئين سر شرعي احڪام جاري ڪرڻ- اهو حضرت ولهاريءَ جو ئي ڪم هو. هن مهراڻي جي مجدد کي جيڪڏهن ’قاسم الفيوض‘ چئجي ته بلڪل بجا ٿيندو. هن عالم ابن عالم جي زندگي ۽ خاندان جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو، جو سندن پوٽي ميان هدايت الله صاحب ولهاري، رئيس اعظم ڍورو نارو، کان معلوم ٿيو آهي.

حضرت ولهاريءَ جو اسم مبارڪ هو عبدالله، ڪنيت ابو محمد، لقب حاجي اڪبري، فوم سمان. سندن والد جو نالو هو ميان محمد ابراهيم بن ميان عبدالله. سندن اصل وطن هو ولهار. پاڻ سنڌ جي مشهور بزرگ ”صابر ٻرند“ جي اولاد مان آهن. حضرت ولهاري سن 1241 هه ڌاري تولد ٿيا هئا. سندن تعليم ابتدا کان آخر تائين سندن والد سڳوري وٽ پوري ٿي هئي.

آثار مان معلوم ٿئي ٿو ته سن 1085 هه ڌاري هن خاندان جو ٺٽي جي عالمن سان لکپڙهه جو رستو جاري هو. پراڻن ڪاغذن مان هڪ بوسيده ٽڪر تي هيءَ عبارت ڏسڻ ۾ آئي، جا هيٺ نقل ڪجي ٿي: ”ثم اني نصرت الفاضل الکامل مولانا مخدوم عبدالله ولهاري کما اجازني الشيخ العارف بالله العالم رباني شيخ عبدالغني مجددي دامت برکاتہ- وانا الفقير الي الله الکريم عبدالرحيم بن مخدوم عبدالکريم التتوي سنه الف و خمس، ثمانين، بلده تته“. پڻ هڪ مهر بيضوي شڪل جي لڳل آهي، جنهن ۾ ”الله الغني وانتم الفقراء“ لکيل آهي. هن مان معلوم ٿيندو ته هن خاندان جا فرد گهڻي وقت کان وٺي درس تدريس جو مشغلو جاري رکندا آيا آهن.

ولهار مان نقل مڪان جو پورو وقت معلوم ڪونهي، مگر ميان هدايت الله جي روايت موجب سندن وڏا ولهار مان لڏي وڃي سعيدپور ۾ ويٺا، جتي ٽڪر تي سندن مدرسو هوندو هو. سعيد پور مان نقل مڪان ڪري ڳوٺ سيد غلام نبي شاهه ۾ اچڻ جو به وقت معلوم نه آهي؛ ليڪن گمان غالب آهي ته حضرت ولهاريءَ جو تولد هتي هن ملڪ ۾ ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته هتي جا وڏيءَ عمر وارا پنهنجن وڏن کي ميان محمد ابراهيم جا شاگرد تسليم ڪندا هئا- خصوصاً راقم جو ڏاڏو درس محمد عثمان هاڙه وارو، سندن هم- سبق ۽ رضاعي نسبت رکندڙ صحبتي ۽ معنقد هو، جو مرڻ بعد به سندن آغوش شفقت ۾ آرامي آهي.

حضرت مخدوم ولهاريءَ، پنهنجي والد کان تحصيل علم بعد، درس تدريس جو مشغلو وڏن جي نقش قدم موجب جاري رکيو. اول سندن شاهي مدرسو، شهر حيدرآباد ۾ ڀائيخان جي چاڙهيءَ تي هوندو هو. اڌ عمر ۾ اتان پنهنجي ڳوٺ موٽي آيا ۽ کنڀري شريف ۾ اچي مدرسو جاري ڪيائون، جتان مرحوم مولانا حاجي حبيب الله ريگستاني، مولوي محمد اسماعيل دل ۽ سيد گل حسن شاهه جهڙا مخير عالم، علمي فيض حاصل ڪري، ٿر جا مجدد سڏجڻ لڳا. سندن تصنيفات جو پورو پتو پئجي نه سگهيو آهي. سندن ڪتبخانو به پورو محفوظ نه رهيو آهي. ڪي ڪتاب حضرت شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو کڻي ويو هو. ڪتبخاني کي چڱيءَ طرح جاچي ڪتابن جي لسٽ ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 4-5 ڏينهن جو وقت گهرجي. حضرت مخدوم ولهاريءَ جو وصال سن 1306هه ۾ واقع ٿيو آهي. سندس مقبرو مبارڪ ڳوٺ کنڀرو شريف ۾ موجود آهي.

حضرت مخدوم ولهاريءَ جي فقيري طريقي ۾ بيعت ٽکڙ جي مشهور عالم ۽ برگزيده صفات صوفي حضرت آغا عبدالرحمان جان مجددي ثم سرهندي عليه رحمت سان ٿيل هئي. سندن ٻه صاحبزادا ميون حاجي محمد ۽ ميون حاجي احمد، جي ٻئي نيڪ، پرهيزگار ۽ شب خيز هئا. ميان حاجي محمد جا ٻه صاحبزادا هئا، جن مان صاحبزادو عبدالله ثاني، حضرت مخدوم عثمان قراني جي مدرسي  مان تحصيل علم جي سند حاصل ڪري اچي وڏن جي مصلي درس تدريس تي ويٺو، ۽ سندس چاچي ميان حاجي احمد صاحب سڳوري وڏو خرچ ڪري مدرسي جي عمارت تعمير ڪرائي صاحبزادي جي همت افزائي ڪئي؛ ليڪن تقدير کي اهو منظور نه هو، جو سن 1339 هه ۾ ڦوهه جواني جي وقت اهو نوجوان عالم پنهنجي بزرگ چاچي ۽ ڀائرن کي داغ جدائيءَ جو ڏيئي وڃي اعليٰ عليين ۾ آرامي ٿيو. مدرسو ۽ مسجد ڪسمپريءَ جي حالت ۾ اڄ تائين موجود آهن. صاحبزادي جو ننڍو ڀاءُ ميان عبدالرحمان ان واقع جان گداز بعد سالم دماغ رهي ڪين سگهيو. انهيءَ مستي واري زماني ۾ ڪيترين سنڌي ڪافين سان گڏ هڪ برادر نامو، قديم ”فراق نامي“ جي طرز تي ٺاهيو هئائين، جو ڏاڍو درد انگيز هو. سندن طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ جي ڊپ کان اهو در ناياب سندن چاچي سڳوري ضايع ڪري ڇڏيو. هينئر تازو ساڳئي ڳوٺ ۾ منهنجو وڃڻ ٿيو، جتي سندن هڪ قطعو مليم، جو پاڻ مستيءَ واري زماني ۾ مسجد جي ديوار تي لکيو هئائين ته ”بنا کرده شد مسجدِ دلپذير- به همت ميان شير محمد فقير.“ وڌيڪ سندن ڪلام هٿ ڪرڻ جي جدوجهد جاري آهي. حضرت مخدوم ولهاريءَ جي ٻئي نمبر فرزند ميان حاجي احمد سڳوري جا ٻه فرزند ميان هدايت الله صاحب ۽ ميان عبدالحق موجود آهن* شال رب ڪريم هنن بزرگ زادن کي پنهنجي وڏ جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي- آمين!

-----------

حبيب الله مولا بخش ڀٽو

 

مرحوم مير علي نواز علوي شڪارپوري

مير علي نواز مرحوم، شڪارپور جي مشهور علوي خاندان جو چشم و چراغ، پنهنجي وقت ۾ علم طب جو مشهور ڄاڻو، چڱو خاصو سياستدان ۽ اعليٰ اخلاق جو مالڪ ٿي گذريو آهي. هي صاحب اڄ کان اٽڪل هڪ صدي اڳ، سال 1851ع ۾، شڪارپور ۾ تولد ٿيو هو. سندس والد بزرگوار جو نالو ميان فخرالدين صاحب هو، جو مير علي مراد خان ٽالپر جي عهد حڪومت ۾، ڪيترو عرصو، رياست خيرپور جو وزير اعليٰ ٿي رهيو هو.

علوي خاندان جا وڏا اصل افغانستان جا رهاڪو هئا، جتان هنن جو جدا امجد ميان فقيرالله صاحب علوي مرحوم، جو پنهنجي وقت جو هڪ وڏو جيد بزرگ ۽ اولياء الله ٿي گذريو آهي، سن 1732 مسيعي ڌاري، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي صاحبيءَ وقت، لڏي اچي شڪارپور ۾ رهيو هو. هن خاندان جو حسب نسب جئن ته وڃيو حضرت علي ڪرم الله وجہ سان ملي ٿو، ان ڪري هن خاندان کي ”علوي سادات“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.

ميان علي نواز مرحوم پنهنجي تعليم و تدريس شڪارپور ۾ ئي مڪمل ڪئي هئي، ۽ کيس سنڌي زبان سان گڏ عربي، پارسي ۽ سرائڪي وغيره ٻولين تي پڻ ڪافي دسترس حاصل هوندي هئي. شعر و شاعري ۽ علم و ادب سان مرحوم علويءَ جي خاص دلچسپي هوندي هئي. سندس ٻيو محبوب مشغلو علم طب هوندو هو، جنهن جي ذريعي مرحوم سڄي ڄمار عوام الناس جي چڱي خاصي خدمت انجام ڏني هئي. سندس هٿ- شفا جو اهو عالم هوندو هو، جو پنهنجي ديس کان سواءِ ڏورانهن ڏيهن جا پڻ ڪيترا لا علاج مريض وٽس پهچي، مڪمل صحت حاصل ڪري ويندا هئا.

مرحوم پنهنجي حياتيءَ ۾ علم طب تي ڪيترا ڪتاب لکيا هئا، پر انهن جو هن وقت ملڻ يا دستياب ٿيڻ عنقا مثل آهي. سندس تصنيفات مان هڪ ٻي مشهور تصنيف ”البشارة لاهل بشارة“ نالي هڪ عربي ڪتاب آهي، جو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڇپايو هئائين، ۽ ان جي ضخامت قريباً ٽي سو صفحا آهي. هن ڪتاب کان سواءِ، مرحوم جو ٻيو عالم آشڪار ڪتاب ”ڪليات علوي“ نالي هڪ شعرن جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سندس ڪيترا پارسي قصيدا، سنڌي ڪافيون ۽ دوهرا، هندي ۽ اردو شعر درج ٿيل آهن. مرحوم سرائڪي ٻوليءَ مان پڻ چڱيءَ طرح واقف هو ۽ ان ۾ پڻ سندس ڪيترو سارو شعر چيل آهي، جو فصاحت ۽ بلاغت جي نقطه نگاهه کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

طبي ۽ ادبي مشغولين سان گڏ مرحوم ملڪي سياست سان پڻ گهرو واسطو رکندو هو، ۽ ان حقيقت جي مدنظر، سال 1911ع ۾، کيس شڪارپور ميونسپل جو وائس چئرمين چونڊيو ويو هو. سال 1919ع ۾، سنڌ ۾ جڏهن پهريون دفعو ”بئنچ ڪورٽون“ وجود ۾ آنديون ويئون هيون، تڏهن شڪارپور جي پهرين بئنچ ڪورٽ جو پهريون چئرمين علوي مرحوم ٿيو هو. ان عهدي تي رهندي، هن صاحب پنهنجي انصاف پسنديءَ ۽ منصف مزاجيءَ جو جيڪو مثال پيش ڪيو هو، تنهن جي پيرسن ۽ سن رسيدا ماڻهو اڄ به ساک ڀريندا آهن. مرحوم جي اعليٰ اخلاق متعلق پڻ ڪيتريون ڪهاڻيون مشهور آهن، جن مان هن جي سخا، عفو ۽ مهمان نوازيءَ جي پوري پوري خبر پوي ٿي.

سال 1920ع جي جنوري مهيني ۾، هن عالم فاضل ۽ مشهور معروف اديب، هي فاني جامو لاهي بقا جو ويس ڍڪيو هو، ۽ شڪارپور شهر ۾ سندس مستقل مسڪن اڄ به عوام جي زيارت جو مکيه مرڪز ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

--------------

مولانا عبدالڪريم چشتي

 

مرحوم مولانا عبدالرحمان ميمڻ شڪارپوري

 

حضرت مولانا مولوي عبدالرحمان صاحب ميمڻ، ولد خليفو محمد بچل ميمڻ، تاريخ 23 ذوالحج 1299 هجريءَ ۾ شڪارپور سنڌ ۾ تولد ٿيا، ۽ تاريخ 8 ربيع الاخر 1340هه ۾ شڪارپور ۾ چاليهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون.

حضرت مولانا جي سموري زندگي شڪارپور ۾ گذري. پاڻ ٽيويهن ورهين جي ڄمار ۾ تحصيل علم ڪري دستار فضيلت ٻڌي. ان کان پوءِ لاڳيتو سترهن ورهيه درس و تدريس ۾ مشغول رهيا. مولانا مرحوم جن اساتذهء ڪرام کان فيض حاصل ڪيو، تن ۾ حضرت مولانا مولوي حافظ محمد حيات صاحب قريشي ساڪن شڪارپور، مولانا هماء همايوني ۽ علامه مفتي عبدالغفور صاحب (همايون شريف، ضلعو سکر) جا اسماء گرامي قابل ذڪر آهن.

هيٺيان بزرگ مولانا جي همعصرن مان هئا: (1) مولانا سيد قاضي بهادر علي شاهه چشتي، شڪارپور؛ (2) مولانا مولوي حڪيم عبدالرحيم صاحب قريشي، شڪارپور؛ (3) خليفو يار محمد صاحب، شڪارپور؛ (4) مولانا غلام رسول صاحب چشتي، شڪارپور؛ (5) مولانا مولوي جهان خان صاحب، شڪارپور؛ ۽ (6) حضرت مولانا مير سيد علي نواز شاهه علوي شڪارپور. مير سيد علينواز سان حضرت مولانا عبدالرحمان صاحب مرحوم جا نهايت گهاٽا دوستانه تعلقات هئا. سندن ملاقاتن جو سلسلو هميشہ جاري رهندو هو، ۽ سندن علمي مڪالمات هميشہ ٿيندا رهندا هئا.

حضرت مولانا کان ڪيترائي شاگر عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم وٺي ويا. جملي 24 طالب حضرات، مولانا مرحوم وٽ تحصيل علم ڪري، دستار فضيلت ٻڌي، مولوي ٿي ويا. حضرت مولانا جو طريقهء تدريس بيحد دلنشين ۽ آسان هوندو هو. پاڻ شاگردن تي بيحد شفيق ۽ مهربان هوندا  هئا. فطرتاً حليم مزاج، خوش اخلاق، بلند حوصلي ۽ نرم دل وارا هوندا هئا. صوفي منش ۽ اولياءالله جي ڪمالات ۽ باطني فيوضات جا قائل ۽ عقيدتمند هئا. عملاً عابد، صالح ۽ ذاڪر هئا. عقيدتاً اهل سنت جا پوريءَ ريت پابند هئا. شرڪ ۽ بدعات کان بيحد متنفر هئا، ۽ غير شرعي رسومات جو سختيءَ سان رد ڪندا هئا.

مولانا مرحوم جون سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ هيٺيون تصنيفون مشهور آهن: (1) فضائل سيد المرسلين صلعم (سنڌيءَ ۾)، (2) فضائل خلفاء راشدين رضه، (3) مجموعه فتاويٰ (فارسي مسائل)، ۽ (4) مجموعه رسائل (عربي مسائل).

مولانا مرحوم، بلبل شيراز حافظ خواجه شمس الدين جي ديوان، ۽ طوطيء شيراز حضرت مصلح الدين سعدي شيرازيءَ جي ”گلستان“ جا عاشق هئا، ۽ ٻنهي ڪتابن جي لطائف، نڪات ۽ رموز و اسرار جا جا وڏا ماهر هئا.

حضرت مولانا، قادري طريقي وارا هئا؛ ۽ حضرت پير صاحب پير سيد غلام محي الدين شاهه صاحب راڻيپور شريف واري جا مريد هئا.

سندن شاگردن جو حلقو نهايت وسيع آهي، جن مان اهم شخصيتن جا نالا حسب ذيل آهن: (1)حڪيم مولوي حاجي عبدالڪريم چشتي، شڪارپور؛ (2) حڪيم مولوي حاجي فضل الله سومرو، شڪارپور؛ (3) حڪيم مولوي حاجي رحمت الله ميمڻ، شڪارپور؛ (4) مولوي خدا بخش ميمڻ لاڙڪ، شڪارپور؛ (5) مولوي حافظ عبدالحميد ميمڻ، شڪارپور؛ (6) مولوي حافظ قادر بخش لاڙڪ، شڪارپور؛ (7) مولوي پير حاجي فضل احمد سرهندي، شڪارپور؛ ۽ (8) مولوي حافظ محمد موسيٰ خان مڪراني، بلوچستاني.

مولانا مرحوم 1340 هجريءَ ۾ وصال ڪيو. بيماريءَ جي انهيءَ عرصي ۾، مولانا جو ڀاءُ مولانا رحمت الله ۽ سندس پيارا شاگرد مولوي عبدالڪريم چشتي ۽ مولوي فضل الله خدمت ۾ حاضر رهيا. مرحوم جي نماز جنازه ۾ هزارن ماڻهن شرڪت ڪئي. سندن وفات جو سال هن مصرع مان نڪري ٿو:

”داد حق جنت فردوس به عبدالرحمان“- 1340 هه

-----------

مولانا دين محمد ”ادب“

 

مولانا فيض محمد صاحب ”واعظ“ مرحوم

مولانا فيض محمد صاحب ڏوڪريءَ جو رهاڪو هو. تعليم مولانا عبدالرزاق صاحب کان ورتائين، جو خيرپور ناٿن شاهه جي ڀرسان ونجهي نالي ڳوٺ جو رهاڪو هو، ۽ جان محمد لاکير جي ڳوٺ ۾ سندس مدرسو هو. انهيءَ مدرسي ۾ مولانا فيض محمد، مولانا عبدالرزاق وٽ پڙهيو ۽ فارغ التحصيل ٿيو. دستاربنديءَ بعد مولانا فيض محمد ڏوڪريءَ جي اسڪول ۾ بدلي ٿي ويو، تڏهن اتي مولوي فيض محمد وٽ عربي پڙهي فارغ التحصيل ٿيو؛ ۽ حڪيم صاحب فارسي وري خيرپور ناٿن شاهه ۾ نوڪريءَ جي دوران ۾ ماستر ميان محمد اعظم وٽ  پڙهي.

حڪيم مولوي قادر بخش چيو ته ”مولوي فيض محمد صاحب نهايت مخلص هو ۽ فضول رسمن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهندو هو- ايتريقدر جو ملاکڙو لڳندو هو ته اتي به وڃي ماڻهن کي وعظ ڪندو هو.“

مولانا فيض محمد ۽ مولانا محمد سليمان اڪثر و بيشتر گڏجي وعظ ڪندا هئا. ”هر گُلي را رنگو بوي ديگرست“ جي مضمون موافق ٻنهي جي وعظ جو رنگ جدا هو، پر انهن جي وعظ ۾ فرق ڪرڻ آسان نه هو: ٻنهي مان پورو مزو ايندو هو، جو هڪڙي کي ٻئي تي ترجيح ڏيئي نه سگهبي هئي.

خلافت جي تحريڪ ۾ ڪابل ڏانهن هجرت ڪيائين، ۽ ڪابل ۾ ئي وفات ڪري ويو. پوءِ سندس ٻار موٽي آيا. سندس شايد ٽي پٽ آهن- محمد ادريس، غلام نبي مختيارڪار ۽ ٽيون نامعلوم. پهريان ٻئي پٽ عربي پڙهيل آهن. محمد ادريس هڪڙو  ٻارن سميت وڃي مديني شريف ۾ سڪونت پذير ٿيو آهي.

-----------

سيد محمد حسين شاهه

 

سيد پير شهاب الدين شاهه مرحوم لڪياري

لڪياري خاندان جو بي بها موتي، جيد عالم، اخلاق ۽ اخلاص جو مالڪ، فقير طبيعت، حاتم صفت، منصف مزاج، رحمدل حاڪم، خوش پوشاڪ، خوش گفتار، فرخنده ستاره، حسين، جميل، سيد پير شهاب الدين شاهه رحمت الله عليہ جن هالاڻيءَ جي تاريخي شهر ۾ سال 1868ع ڌاري تولد ٿيا هئا. سندن والد بزرگوار جن اُنهيءَ زماني ۾ مير سَر علي مراد خان ٽالپر رياست خيرپور ميرس جن وٽ دفترداريءَ جي اعليٰ منصب تي فائز هئا، ۽ مير صاحب پاران ماڻهن کان اَنّ جي جنس ۾ ڍل وصول ڪندا هئا؛ مير صاحب طرفان تمام رياست جي حدوداندر فصلن لهڻ بعد ديرن ۾ داڻبندي ڪرائي مير صاحب جي اُڙد وغيره جو انتظام به سندن حوالي هوندو هو. انهيءَ وقت ۾ گويا رياست جا وزيراعظم پاڻ هئا. سندن اسم گرامي سيد فتح علي شاهه هو.

شروعات کان وٺي مرحوم سيد فتح علي شاهه جن جي پنهنجي نينگر سيد شهاب الدين شاهه سان دلي محبت هئي، ۽ پاڻ محبت سبب کين پير شهاب الدين شاهه جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته ”اسان جو هيءُ نينگر وڏي اعليٰ اقبال ۽ نصيب وارو ٿيندو ۽ وقت جو يگانو عالم ٿيندو ۽ اسان جي خاندان جو نالو بلند ڪندو“. الله تبارڪ و تعاليٰ

 

سندن دعا قبول فرمائي، ۽ سيد شهاب الدين شاهه وقت جو هڪ علامه ۽ نهايت بختاور اعليٰ عملدار ٿيو. سيد فتح علي شاهه مرحوم جن پنهنجي هن همه صفت موصوف فرزند کي اعليٰ تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوششش ڪئي، ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي کيس دستاربند مولوي صاحب ڏنائون. مُنڍ ۾ پهريائين پاڻ پارسيءَ ۽ عربيءَ جو مطالعو هالاڻيءَ واري مولوي صاحب مرحوم ميان غلام محمد صاحب مهيسر (ڳوٺ ڪمالديرو، تعلقو گمبٽ، رياست خيرپور ميرس) وٽ عربي ۽ پارسي تعليم جو اڀياس ڪيائون، جنهن بعد مڪمل طور تي علم ۽ ادب پنهنجي اُستاد صاحب مرحوم حاجي قطب الزمان مولانا غلام صديق صاحب مدظلہ (شهدادڪوٽ) جي نگرانيءَ هيٺ حاصل ڪري، باقاعدي دين جي دستار ٻَڌي، پنهنجي وطن مالوف هالاڻيءَ وارد ٿيا. ٿوري ئي وقت ۾ سندن والد مرحوم سيد فتح علي شاهه، مير صاحب جن جي تختگاهه شهر ڪوٽڏجيءَ ۾، تاريخ يارهين محرالحرام جي، حضرت امام حسين عليہ السلام جي نياز ۽ نذر جي ديڳين ونڊرائيندي، داعيء موت کي لبيڪ چئي دارالبقا روانا ٿيا. سندن وفات بعد، سندن ناز پرورده نوجوان نينگر ۽ مولوي صاحب پير شهاب الدين شاهه تي گويا مصيبتن جا پهاڙ ڪِري پيا. هڪ هڪ طرف ههڙي بختاور ۽ مهربان والد جو وڇوڙو ٻئي طرف ٻچڙا ننڍڙا ۽ انهن جي پرورش ۽ قوت گذران جو ثمر ۽ سامان ڪونه: ڇوته سندس ماٽيلي ڀاءُ مرحوم غلام حسين شاهه، جو کانئن عمر ۾ گهڻو وڏو هو، تنهن نهايت جابرانه نموني ۾ مرحوم فتح علي شاهه جي تمام ملڪيت (متحرڪ ۽ غير متحرڪ) تي ايتريقدر ته قبضو ڪيو جو يتيم شهاب الدين شاهه وٽ سواءِ غم و الم جي ٻيو ڪجهه ڪين هو جو ٻچا پالي سگهي. پاڻ هر وقت پنهنجي والد بزرگوار جي تربت تي ڪلام پاڪ پڙهندا ۽ رئندا هئا. آخر چاليهن ڏينهن، هڪ رات جو، خواب ۾ پنهنجي والد مرحوم جن سان همڪلام ٿي پڇيائون ته ”قبلا، هن دنيا ۾ سائين جن يتيمن ۽ غريبن تي مهربان هوندا هئا، هاڻي ڇا حال آهي؟“ يعني، معنوي طرح پڇيائون ته هن دنيا ۾ سائين جن يتيمن ۽ غريبن تي مهربان هوندا هئا، مگر اوهان جي وفات بعد اوهان جي يتيم ۽ غريب نينگر شهاب الدين شاهه جي سنڀال ڪوبه ڪونه ٿو ڪري. جواب آيو ته ”اسان يتيمن ۽ غريبن تي اڳي کان به زياده مهربان آهيون- يعني اسان اوهان کي وساري ڪونه ڇڏيو ، ۽ اڳي کان به زياده ياد آهيو.“ انهيءَ خواب کان پوءِ کين گهڻو دلي سڪون حاصل ٿيو. پوءِ جلد ئي سندن مهربان استاد ڪامل مرحوم ميان غلام صديق صاحب جن، سندن لکيل التجا تي، شهدادڪوٽ کان هالاڻيءَ پهتا ۽ نهايت مجذوبانه نموني ۾ باري تعاليٰ جي درگاهه ۾ عرض گذاري، پير شهاب الدين شاهه کي اهو رنگ لاتائون، جو سڄي حياتي وڏي جاه و جلال سان گذاري پنهنجي خاندان جو نالو بلند ڪيائون. چيو وڃي ٿو ته جناب مولانا صاحب درگاه ايزدي ۾ هيٺين التجا ڪئي: ”اي بارخدايا! يوسف عليہ السلام ڀائرن جي حسد کان کوهه جي تري ۾ ويو، مگر تنهنجي نوازش سان مصر جو بادشاهه ٿيو. سندس مصيبت وقت سندس والد زنده هو، مگر شهاب الدين شاهه جو والد فوت ٿي ويو آهي ۽ سندس ڀاءَ جي حسد جي ڪا حدئي ڪانهي. ڇا، تون پنهنجي محبوب جي اولاد کي اڪيلو ڇڏيندين؛ سندس ماٽيلي ڀاءَ جي مصيبت انگيز مصلحتن جو مصداق بڻائيندين؟  مون کي تنهنجي وفائيءَ جو قسم، ۽ تنهنجي دلخواهيءَ جو قسم، ته ائين هرگز نه ٿيندو- شهاب الدين شاهه جون سڀ مصيبتون معاف معاف... شهاب الدين شاهه حاڪم حڪمران صاف صاف!“ ولين جون وراڻيون تيربهدف آهن. ٻن ٽن ڏينهن اندر مير فيض محمد خان ٽالپر، والي رياست خيرپور  ميرس، پنهنجن پوٽن مير علي نواز خان ۽ مير غلام حسن خان جي پڙهائڻ لاءِ، پير شهاب الدين کي سڏي ماهياني پگهار تي سندن معلم مقرر فرمايو، جتان پوءِ خان قادر داد خان وزير رياست خيرپور ميرس کين مختيارڪار مقرر ڪيو- جتان پوءِ وڌي  رياست جا نائب وزير ٿيا. پهريائين پاڻ خان قادر داد خان وزير صاحب رياست خيرپور ميرس جي وقت ۾ ناري تعلقي رياست خيرپور جا مختيارڪارصاحب مقرر ٿيا، ۽ حضور وزير صاحب بهادر جن جي منظوريءَ سان ناري تعلقي جي هيڊڪوارٽر سوراهه ۾ هڪ کوهه کڻايائون، جو اڃا تائين موجود آهي. اُنهيءَ کوهه جو پاڻي هر موسم ۾ نهايت مٺو ۽ ٿڌو رهندو آهي. منقول مشهور آهي ته جنهن جاءِ تي هينئر سوراهه ۾ کوهه آهي، انهيءَ هنڌ تي پهريائين پير صاحب مرحوم سيد شهاب الدين شاهه ٻه رڪعتون نفل پڙهي، بارگاهه ايزديءَ مان دعا گهري، فرمايو ته ”هن هنڌ کوهه کوٽيو: انشاء الله تعاليٰ ته پاڻي مٺو ۽ ٿڌو نڪرندو“-

الله تبارڪ و تعاليٰ جو شان، ٿيو به ائين! انهيءَ کان اڳ، انهيءَ کوهه جي آسپاس کوهه  کوٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي ته پاڻي کارو ۽ گرم نڪتو هو، مگر هن مرد موليٰ جي برڪت سان پاڻي مٺو ۽ ٿڌو نڪتو. ناري جهڙي تعلقي ۾ پاڻي هڪ غنيمت آهي، جو ريگستان هجڻ سبب اتي رت جي بوءِ ايندي آهي ۽ اهو ئي کوهه آهي، جتان پاڻيءَ جون کليون  ڀري ويچارا ٿرن ۽ بَرن جا پانڌيڙا پنهنجي ڊگهي سفر تي روانا ٿيندا آهن.

پاڻ پوءِ تعلقي فيض گنج جا مختيارڪار صاحب مقرر ٿيا، جتي هيڊڪواٽر پڪن چانگن ۾ پڻ هڪ کوهه کوٽايائون ۽ باغ رکايائون، جي ٻئي اڃا تائين موجود آهن. پڪن چانگن وارو کوهه به اڃا تائين مٺو ۽ ٿڌي پاڻيءَ کان مشهور آهي.

ان کان پوءِ پاڻ تعلقي گمبٽ جا مختيارڪار صاحب مقرر ٿيا ۽ گهڻو وقت اتي مختيارڪاري ڪيائون. انهيءَ وقت پير صالح شاهه سائين جيلاني سجاده نشين درگاهه راڻيپور شريف، پير خميس علي شاهه جيلاني سجادهه نشين درگاهه شريف گمبٽ، سخي قبول محمد سائين سجادهه نشين درگاهه درازا شريف ۽ مخدوم صاحب کهڙن وارن سان سندن تمام گهرو ۽ گهاٽو، ظاهري ۽ روحاني رستو هو، ۽ پاڻ پنهنجي استاد مرحوم ميان غلام محمد صاحب مهيسر جن جي زيارت فيض بشارت لاءِ مهيسرن جي ڳوٺ ۾ به پنهنجي مختيارڪاريءَ گمبٽ جي وقت ۾ گهڻو ويندا هئا. انهيءَ بعد پاڻ تعلقي ميرواهه ڊويزن جا نائب وزير مقرر ٿيا، ۽ سندن هيڊ ڪوارٽر ٺري تعلقو ميرواهه ٿيو.

نوَن ڏهن مهينن بعد پاڻ، فالج جي بيماريءَ سبب، سال 1925ع مطابق 21 ذوالحج 1344 هجريءَ ۾ جان بحق تسليم ڪيائون. اڄ پاڻ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ پنهنجي والد بزرگوار مٿان نهايت اعليٰ نموني ۾ تيار ڪرايل چوڪنڊيءَ ۾ پنهنجي نهايت شفيق والد جي آغوش ۾ خوابيده آهن. اها ڇت سان ڍڪيل چوديواري، هالاڻي شهر ۾، مرحوم فتح علي شاهه جي ايامڪاريءَ ۾، سندن حڪم سان تعمير ٿيل، هڪ وڏي ڪوٽ ٻاهران هالاڻي جي مشهور معروف مسجد شريف، جنهن ۾ مرحو فتح علي شاهه صاحب جن جا والد سيد محمد عاقل شاهه صاحب مفتي اعظم سنڌ پنهنجي شاگردن کي عربي درس ڏيندا هئا، تنهن مسجد شريف ۽ ڪوٽ جي وچ ۾ آهي.

مرحوم پير شهاب الدين شاهه جن جو علمي دائرو ايترو ته وسيع هو، جو جن همعصر برزگن سان سندن خط و ڪتابت جو رستو هو، اهي سڀ متفق راءِ ٿي چوندا هئا ته پاڻ جن ڏانهن پنهنجي زندگيءَ ۾ خط لکيا اٿن ۽ جيترا به خط لکيا اٿن، تن سڀني خطن ۾ عبارت ۽ مضمون علحده علحده آهي: گويا پاڻ علم جي بحر عميق جا خواص هئا ۽ هر هڪ دفعي علم جي اونهي سمنڊ جي نهايت اونهي گهرائيءَ ۾ اونهو وڃي، ناياب دُر ۽ بي بها موتي آندا اٿن، جو ڄاڻ ۽ پڇاڻ وارن پارکن لاءِ عبرت ۽ مسرت جو باعث آهي. ڪلام پاڪ جي آيات، حديث، فقهه ۽ منطق جي باريڪ نڪتن تي ايتريقدر ته ضابطو ۽ دسترس هوندي هُين، جو وقت جا علماء سندن مقابلي ۾ دنگ رهجي ويندا هئا. سندن خوشخطي به اهڙي مشهور هئي جو سندن اکرن کي صدف مان تازن نڪتل نموتين سان مشابهت ڏني ويندي آهي. مير فيض محمد خان والي خيرپور رياست جي ايامڪاريءَ ۾، ملڪه وڪٽوريا قيصر هند جي وفات بعد، ايڊورڊ ستين جي تاجپوشيءَ جي موقعي تي، حسب دستور جڏهن مبارڪباديءَ جي خلعت پيش ڪرڻ جي ضرورت درپيش آئي، ته مير صاحب لکنو جا وڏا وڏا علماء گهرايا ته مضمون نويسي ۽ خوشخطيءَ جي نوع کان مير صاحب والي رياست خيرپور طرفان پيش ڪيل سپاسنامو سڀني راجائن ۽ نوابن کان موڪليل سپاسنامن کان پهريون نمبر شمار ٿئي، مگر هڪ هفتي جي متواتر ڪوشش ۽ قصد ڏيکاريو ته ٻاهران آيل علماء ۽ سندن جدوجهد رائگان ثابت ٿي: جي مضمون سٺو ته اکر خراب، جي وري اکر سٺا ته مضمون بي معنيٰ ۽ نامڪمل. آخر اهو سهرو به مرحوم پير شهاب الدين شاهه جن جي سر تي آيو، جو پاڻ جڏهن بسم الله الرحمٰن الرّحيم ڪري سپاسنامو لکيائون، ته مضمون خواهه خوشخطيءَ ۾ بهترين ثابت ٿيو، ۽ شهنشاهه هند کان مرحوم مير صاحب والي رياست خيرپور ڏانهن هڪ شڪريي جو ڪاغذ پهتو، جنهن ۾ ظاهر ڪيو ويو ته هندستان جي سڀني راجائن ۽ نوابن کان موڪيل سپاسنامن ۾ مير صاحب جن وارو سپاسنامو زياده قابل ذڪر ۽ لائق تعريف آهي. اهو سپاسنامو پارسيءَ ۾ قلمبند ڪيل هو. مضمون ۽ خوشخطيءَ جي نوعيت سبب ”ونڊزر ڪئسل“ جي عجائب خاني ۾ رکايل آهي. مئجسٽريٽي حيثيت ۾ پاڻ جيڪي فيصلا لکيا اٿن، سي قاعدي جي پختگيءَ ۽ علم جي پلٽ کان ناياب آهن، ۽ رياست خيرپور جي رڪارڊ جو زيب ۽ زينت آهن.

مرحوم پير شهاب الدين شاهه جن جو خُلق عظيم ساري رياست ۾ مشهور آهي – ايتريقدر جو جڏهن پاڻ پنهنجي مختيارڪاريءَ واري زماني ۾ هڪ تعلقي کان ٻئي تعلقي ۾ بدلي ٿيندا هئا، ته سندن شيرين زبان جا شائق ۽ سندن قرب جا ڪُٺل زيردست خواهه زميندار، مٿن وڇوڙي ۽ الوداعيءَ جون ڪافيون ۽ راڳڻيون ٺاهي، روئي پٺيان لڳندا هئا ۽ محض محبت سبب آه و فغان مچائيندا هئا.

سنگين ڏوهن جي ڏوهارين کي ڪيسن هلائڻ وقت ۽ فتوائن ڏيڻ وقت حديث ۽ قرآن جي اهڙي ته تلقين ڏيندا هئا، جو هو نهايت متاثر ٿي گناهه کان توبهه تائب ٿي ويندا هئا، ۽ سزا ڀوڳڻ بعد پنهنجي ڏوهاري عادت مٽائي نهايت پرهيزگار ٿي پوندا هئا. پاڻ ايتريقدر ته رحمدل هئا، جو اڪثر ڪري ڏوهارين کي هلڪيون سزائون ڏيئي، پاڻ ڏي رجوع ڪري، کين قرآن ڪريم ۽ صوم و صلواة ڏانهن متوجهه ڪندا هئا، ۽ خوفِ خدا سندن دلين ۾ ويهاري، کين بدعادات کان باز آڻيندا هئا. ماڻهن جو منجهن وڏو ويساهه هوندو هو، ۽ تڪليف جي وقت کانئن اچي تعويذ لکائي ويندا هئا ۽ پاڻ پڙهائي ويندا هئا - ۽ الله تبارڪ و تعاليَ جي لطف و ڪرم سان سندن مشڪل ڪشائي ٿي ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته پاڻ پڙتال ڪندا ڪنهن جهنگل کان اچي لانگهائو ٿيا، ۽ ساڻن همرڪاب ويهن کان گهڻا زميندار گهوڙن تي سوار هئا، ته پاڻ هڪ ننڍڙي ٻار جي رئڻ جو آواز ٻُڌي شترسوار کي حڪم ڪيائون ته ”آواز طرف هل“. پوءِ سڀ گهوڙيسوار به انهيءَ طرف وڌيا. پاڻ ننڍڙي ٻار کي بيگاهه وقت جهنگل ۾ رئندو ڏسي اٺ تان لهي پيا، ۽ پنهنجي پَٽَ جي رومال سان سندس منهن اُگهي کائونس رئڻ جو سبب پڇيائون؛ سندس ورائڻ تي کيس اُٺ تي پاڻ سان ويهاري سندن غريب والد جي جهوپڙيءَ ۾ وٺي ويا، جو ويچارو هڪ عاليشان سينگاريل اُٺ ۽ هيترا سارا گهوڙيسوار ڏسي ڊڄي ويو، ۽ گهر ۾ ڇپي ويو. پاڻ کيس تسلائون ڏيئي ٻاهر ڪڍرايائون، ۽ کيس ويهه رپيا خيرات ڏنائون ته اُهي پيسا اُنهيءَ نينگر جي لَٽن ۽ خوراڪ تي خرچ ڪري. نه فقط ايترو، مگر انهيءَ ڇوڪر کي طهرائي، پڙهائي، روزگار سان لاتائون. هيءُ آهي هڪ رحمدليءَ جو زنده مثال!

پنهنجي آخرين بيماريءَ وقت جڏهن عمرالدين شر، جو فقير نصيرالدين صوفيءَ جا نينگر پڙهائيندو هو، سو وٽن خير عافيت پُرسيءَ لاءِ لنگهي آيو ۽ عرض ڪيائين ته ”قبلهء عالم! ست سؤ روپين جي ضرورت اٿم جو ڍل ۾ ڏيندس“. پاڻ هڪدم عمرالدين شر کي ست سؤ روپين ڏيارڻ جو حڪم ڏنائون، ۽ حاضرين ڏانهن منهن مبارڪ ڪري فرمايائون ته ”سرور ڪائنات جن کي هڪ شخص دعوت ڏيئي گهرايو ۽ کين پنهنجا دُنبا، گهٽا ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ڏيکاري فخر ڪرڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته ’قبله عالم، هي سڀ منهنجا آهن‘. پاڻ فرمايائون ته ’انهن مان ڪو به دنبو يا ڪا به ٻڪري خدا جي راهه ۾ ڏني اٿئي؟‘ جواب ڏنائين ته ’قبلا، هڪ ٻڪري واٽ خدا جي خيرات ڪئي اٿم‘. پاڻ فرمايائون ته ’بس، اها ٻڪري تنهنجي آهي؛ ٻيا سڀ ۽ ٻڪريون پرايون آهن!‘ ائين چئي، مرحوم پير شهاب الدين شاهه جن فرمايو ته ”جيڪي ڪي راهه خدا ۾ خرچ ڪجي ٿو، سو ئي ڪم ايندو؛ باقي ٻيو سڀ ڪجهه پرائو آهي.“

مطلب ته مرحوم پير شهاب الدين شاهه صاحب جن هر قول ۽ فعل ۾ پنهنجي موليٰ ڏانهن رجوع هئا، ۽ تمام حياتي پنهنجي رب ۽ رسول صلعم جن جي حڪمن جي تعميل لاءِ وقف ڪئي هئائون، ۽ خلق خدا جي خدمت سندن نصب العين هئي. الله تبارڪ و تعاليٰ شال طفيل سردار دو جهان ۽ شهنشاهه ڪون و مڪان، انهن کي غريق رحمت فرمائي ۽ سندن اولاد کي سندن نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي – آمين، ثم آمين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com