سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :29

دين محمد ”اديب“

ماستر امير علي شاهه مرحوم شڪارپوري

 

استاد مولانا حاجي الاهي بخش مرحوم جن ذڪر ڪيو ته:

”شڪارپور ۾ فقير خير محمد نالي ايران جو هڪ درويش رهندو هو، جو سِربنديءَ جو ڪم ڪندو هو. اهو انگريزن جي حڪومت جو ابتدائي زمانو هو، جنهن ۾ اڃا فارسيءَ جو اقتدار هو. فقير صاحب فارسي علم جو گوهر هو، ان ڪري وٽس ڪئين طالب فارسي پڙهڻ لاءِ ايندا هئا. فقير صاحب وٽ جيڪو پڙهڻ لاءِ ايندو هو، ان کي چوندو هو ته ڇهه مهينا نار ڪاهي منهنجي باغيچي کي پاڻي ڏي، ته پوءِ پڙهايائين. ان آزمائش کان گهڻائي طالب ڊڄي ويا؛ پر جن قبوليو، سي وري توڙ نباهي نه سگهيا ۽ ڇهن مهينن کان اڳي ئي ڀڄي ويا. ان ڪري، کانئس ڪو به طالب مستفيض ٿي نه سگهيو.

”سيد امير علي شاهه ۽ ٻيو هڪ هندو – ٻئي، صدق جو سندرو ٻڌي، نار کي گيڙڻ لڳا. ٽن مهينن کان پوءِ هندو ڀڄي ويو، پر شاهه صاحب بدستور اڪيلو نار گيڙيندو رهيو. شاهه صاحب جي صداقت ڏسي، هڪ ڏينهن فقير خير محمد چيس ته ’بابا، مون کي باغ جي ضرورت نه آهي، سچي ۽ ڪوڙي طالب جي پرکا لاءِ اهو نار مقرر ڪيو اٿم. هندو ڀڄي ويو، ته به تون اڪيلو نار پيو ڪاهين: هاڻي تنهنجو امتحان ختم ٿيو، اچ ته فارسيءَ جو فارس ڪريائين‘. فقير صاحب اڳين جا ڪتاب ڪونه پڙهائيندو هو؛ نثر خواهه نظم پنهنجو لکي، شاهه کي پڙهائيندو هو، آخر، شاهه صاحب سندس تعليم جي ذريعي فارسيءَ جو انشا پرداز ۽ شاعر ٿيو. پوءِ شاهه صاحب حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهڻ آيو. تعليم کاتي جو ڪو وڏو آفيسر اتي آيو، ان جي مدح ۾ فارسي قصيدو تصنيف ڪري پيش ڪيائين، جنهن جي صلي ۾ کيس ريشمي لونگي ۽ ٻه سؤ (روپيا( يا وڌ گهٽ) مليا.“

شاهه صاحب خيرپور ناٿن شاهه ۾ هيڊ ماستر ٿي آيو. وٽس گهڻن ئي فارسي شروع ڪئي، پر ڪامياب ڪوبه ڪونه ٿيو؛ باقي صرف مرحوم ماستر ميان محمد اعظم ڪامياب ٿيو، ۽ نثر خواهه نظم ۾ استاد جو نمونو بڻيو- ايتريقدر جو علمي حلقن ۾ نظم ۾ استاد جو پايو، ۽ نثر ۾ شاگرد بلند تسليم ڪيو ويو. پيريءَ ۾، خيرپور ناٿن شاهه ۾، ميان امير علي شاهه، سيد پناهه علي شاهه پوليس انسپيڪٽر وٽ آيو هو، جو ان جو استاد ۽ شايد عزيز به آهي. مون اتي سندس زيارت ڪئي هئي. سندس وضع قطع عالمانه هئي.

سندس هڪ منظوم نسب نامو فارسيءَ ۾ هو، جو قصيدي جي نموني تي لکيل هو، ۽ ان جي قافيه جو پويون حرف ”ل“ آهي. اهو نظم مولانا حاجي الاهي بخش ۽ ماستر ميان محمد اعظم کي ڏيکاريو هئائين. هن بزرگ جو ٻيو ڪلام ڪهڙو آهي، ۽ ڪيترو آهي، ان جي تلاش ڪرڻ گهرجي. اميد ته شڪارپور جا علمي دوست ان گنج جا نشان ڳولي ڪڍندا –

”داديم ترا ز گنج مقصود نشان،       گرما نرسيديم، شايد، تو رسي!“

 

دين محمد ”اديب“

ماستر محمّد اعظم ”اعظم“ مرحوم

هيءُ بزرگ خيرپور ناٿن شاهه جو رهاڪو هو. سنڌي فائينل پڙهيل هو. فارسي معدن جو گرانمايه گوهر، بينظير انشا پرداز ۽ بلند پرواز شاعر هو. طبيعت جو صالح ۽ ديندار هو. مولانا حاجي بخش وٽس اسڪول جي زماني ۾ فارسي سکيو. مولانا صاحب اگرچ عربي پڙهيل هو، ته به هو پنهنجي طرز تحرير کي ان کان وڌيڪ سمجهندو هو.

”اعظم“ جو سنڌي ڪلام گهڻو هو، پر گم ٿي ويو. مون سندس فارسي ديوان پڻ نقل ڪيو هو، پر اهو مون کان گم ٿي ويو؛ ۽ فارسي قصيدا مولوي محمد ابراهيم جماليءَ کان گم ٿي ويا؛ ائين جملي ڪلام پکڙجي گم ٿي ويو.

اسان جي استاد مولانا الاهي بخش ڏي ’عتاب نامو‘ لکيائين ته تون ”اسان ڏي اچين ئي ڪونه ٿو“. طبع جو سخت تيز هوندو هو. مولوي صاحب لکيس ته ’اوهان منهنجي طلب ئي ڪانه ڪئي، نه ته آءٌ اچان ها“؛ ان جواب جي آخر ۾ هي بيت لکيائون:

”بلبل ز ادب پا نه نهد در صفِ گلزار، تا گل بطلبگاريء اولب نکشايد“.

جڏهن محمد اعظم کي اهو خط پهتو، تڏهن ان جو منظوم جواب لکي موڪليائين، جنهن جا ڪي بيت هي آهن:

اي بلبلِ بي شوق! ترا خواند بسي گل،

ني آمدي و از گل بدبوئي تو داري؛

من جاهل و تو عالم و استاد هم عالم،

اين نفرت از جاهل زان روئي تو داري،

صد حيف کہ از ”اعظم“ استاد پريدي،

با اصغر پيوند نجوشخوئي تو داري.

مرحوم محمد اعظم نهايت خوددار ۽ مستغني هوندو هو. نهايت ئي حال – مست ۽ فاقه مست هو. سيد امير علي شاهه راشدي، ٻٽ سرائين واري، ماڻهو موڪليس ۽ لکيس ته مون کي اچي فارسي پڙهايو. ماستر صاحب جواب ۾ لکي موڪليو ’پگهار جو شرط منهنجي طرفان ڪونهي؛ فقط هڪ شرط آهي، اهو پورو ڪري سگهو ته آءٌ اچي پڙهايان. اهو هي آهي ته ’شاگرد ۽ استاد ۾ فرق هجڻ گهرجي، يعني شاگرد هيٺ ويهندو ۽ استاد مٿي‘.“ جڏهن پير صاحب کي اهو خط پهتو، تڏهن فرمايائون ته ”اهو شرط بلڪل واجبي آهي ۽ مون کي ان جي تعميل ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه آهي، پر مريد ائين ڪرڻ ڪونه ڏيندا“. مولوي حڪيم قادر بخش شيخ، پينشنر، سنڌيءَ جو ماستر، ميرپورخاص وارو، به مرحوم ميان محمد اعظم وٽ فارسي پڙهيو، ۽ خيرپور مان بدلي ٿي ڏوڪريءَ ويو ته اتي مولوي فيض محمد صاحب وٽ عربي پڙهي مولوي ٿيو.

ماستر صاحب جي عمر نوي ورهين کان وڌيڪ هئي. اکين کان معذور ٿي ويو هو، تنهنڪري امر تسر مان اکيون ڪرايون هئائين. هڪ دفعي مون لکيو مانس ته ”مون کي تخلص ڏسيو.“ جواب ۾ لکيائين ته ”شعر اهو چوي، جيڪو سو کن شعر چئي وڃي، ۽ پوءِ ويهي لکي. شعر منحوس آهي. اسان کي جيڪي مصيبتون پهتيون آهن، سي ان ”زازخائيءَ“ جو نتيجو آهن. هائو، شعر خدا ۽ رسول جي ساراهه ۾ ڀلي چئجي.“

سندس وصال جي تاريخ 1 رجب المرجب 1333هه برابر 16 مئي 1915ع آهي، ۽ کيس ٻانهي لاکير جي ڀرسان حاجي رحمت الله واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. وفات کان پوءِ، پنهنجي ڀائٽيي محمد عيسيٰ کي خواب ۾ چيائين ته ’وفات وقت مون کي گهل وٺي وئي، نه ته ماجرا موت جي ٻڌايانوَ ها. فرشتن مون کي سوال ڪيو ته مون جواب ۾ چيو،

”يا الاهي، شد پريشان حالِ من،        رحم فرما بر خراب احوال من.“

فرشتا اهو ٻڌي هليا ويا!‘

سندن ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

 

يا رب، من بندهء بدڪارِ تو،

”اعظم“ آلوده گنگهار تو؛

بخش گناهم کہ تو بخشنده اي،

توبہ پذيرم، کہ پزيرنده اي؛

راه نمايم کہ توئي رهنما،

معرفتِ خويش بما کن عطا؛

ظلمتِ شڪ نورِ يقينم ببرد،

گردِ گنہ رونقِ دينم ببرد؛

ساز شڪم دور بعلم اليقين،

پاڪ ز آلايشِ عصيان دين؛

از همہ اوهام دلم پاڪ ساز،

تابابد چشمِ يقين دار باز؛

تابک بينم و يک دانم ترا،

از دل و جان خوب بخوانم ترا؛

سهل سوالات بگورم کني،

گور بانوار چو هورم کني؛

روزِ قيامت کہ بود پر عذاب،

هيچ عذابم ندهي در حساب؛

يا رب، بخشيده مرا بي سخن، خوش بنشانم بحديقہ عدن؛

دعوتِ اين بنده نمائي قبول، ”اعظم“ را بخش بنامِ رسول!

قطعہ تاريخ

 

سلطانِ سخن محمّد اعظم،

در چينِ بيان، بديع فغفور؛

آن خسروِ کشورِ بلاغت،

در ملکِ سخن براند منشور؛

در ملکِ ادب سرير آرا،

بم طرزِ سخنورانِ مشهور؛

آن خازنِ گوهرِ معاني،

کانِ سخنِ بسفتہ منثور؛

استادِ ازل سطور دانش،

بر ناصيہ اش نمود مسطور؛

قسامِ ازل ذکاي عالي،

در قسمتِ او نمود مقدور؛

بافضل عظيم گشت ”اعظم“

حق کرد عطاش سعيء مشکور؛

مسرور بفضلِ علمِ دين بود،

نگريست بجاه و مالِ مغرور.

برداشت دل از مکانِ ويران،

افراشت عَلم بجاي معمور؛

محشور بصالحان بگردد،

در خلد رسد بحورِ مقصور.

داعي ست ”اديب“ بهرِ استاد،

از لطفِ غفور، ”باد مغفور!“

1333هه

احمد علي ولي محمّد قريشي

 

آخوند حاجي فقير محمّد ”عاجز“

آخوند حاجي فقير محمد، بن آخوند موسيٰ، بن آخوند عبدالڪريم، بن آخوند غازي، بن سعد، قريشي صديقي نسل جا آهن. انهن آخوندن جا وڏا، اصل شهر مسقط (عربستان) کان عربن جي دورِ حڪومت ۾ سنڌ ۾ اچي شهر ٺٽي ۾ رهيا. عربي تعليم ڏيڻ سندن خاص ڌنڌو هو. انهن جي اولاد مان ڪي گهر، سنڌ جي جدا جدا هنڌن تي جدا جدا وقتن ۾ آباد ٿيندا رهيا. اهڙيءَ طرح، هڪڙو گهر ڳوٺ سن تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ به اچي رهيو هو. ٽالپر دور حڪومت ۾، جڏهين سنڌ تي مير غلام علي خان حڪمران هو، تڏهين هن ڳوٺ سن مان انهن آخوندن مان هڪ گهر، جنهن جو اڳواڻ غازي بن سعد هو، لڏائي آڻي شهر حيدرآباد جي هاشماڻي گهٽيءَ ۾ (رهڻ لاءِ هڪ خلاصو محلو ڏيئي) رهايو، ۽ ٽالپرن جي ٻارن جي تعليم و تدريس جو ڪم ان جي سپرد ڪيو. اهو محلو ’شيراڻي‘ نالي سان مشهور هو، جنهن تان شيراڻي آخوند مشهور ٿيا. اهو محلو اڃا تائين قائم آهي؛ هن وقت ’عبدالڪريم غازي قريشي محلو‘ سڏجي ٿو. ان وقت کان وٺي، اهي آخوند، مير صاحبن جي ٻارن کي عربي، فارسي ۽ قرآن شريف پڙهائيندا رهيا، ۽ سندن اهل النساءِ وري مير صاحبن جي ديري تي نياڻين کي پڙهائيندا هئا؛ ديرن ۾ جيڪو خزاني جي ڏيتي-ليتيءَ جو ڪم ٿيندو هو، سو پڻ سنڀاليندا رهيا. ڪي دستخط هٿ آيا آهن، جن مان پتو ٿو پوي ته جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ مير صاحب ڪلڪتي ۾ نظربند رهيا، تڏهن ديرن ۽ سندن وچ ۾ جا خط و ڪتابت ٿي، سا آخوند حاجي فقير محمد جي والده صاحبه ڪندي هئي. ان بعد به اهو سلسلو قائم رهيو، جو هز هائينيس مير حسين علي خان جي ديرن جي حياتيءَ تائين اهو ڪم آخوند صاحب جي نياڻي ڪندي هئي، جا حال – حيات (عمر 80 ورهيه) آهي.

”عرب عورتن ۾ نٿ پهرڻ جو رواج ڪونه هو، تيئن آخوندن ۾ به ساڳيو دستور هلندو آيو، پر پوءِ مير صاحبن پنهنجي ڪنهن نياڻيءَ جي قرآن شريف پڙهي پڄائڻ جي خوشيءَ ۾ (جنهن پڙهايو هو، تنهن کي وڏيءَ عمر جي باوجود نٿ پهرائِي ۽ يادگار طور ان جي قائم رکڻ لاءِ چيو) جنهنڪري پوين ۾ نٿ پهرڻ جو رواج پيو. مگر، جيئن مير صاحب حاڪم هئا ۽ انهن اهو يادگار انعام ڏنو، حاڪم ۽ مائٽ هڪ آچار آهن، تيئن آخوندن ۾ انهيءَ يادگار قائم رکڻ لاءِ مائٽ ئي، پنهنجي نياڻيءَ کي ڏاج ۾ نٿ ڏيندا آهن، ۽ نه ساهرا.“

ازانسواءِ، مير صاحبن جي ديرن جو ڪنهن شادي مراديءَ يا ڪنهن ڏينهن وار موقعي تي، پنهنجن ٻين عزيزن ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، ته آخوندن مان ئي ڪو فرد ڪجاون جو مير ڪاروان مقرر ڪيو ويندو هو.

آخوند غازيءَ جو فرزند، آخوند عبدالڪريم، عربستان جي حديده واري درگاهه شريف جي بزرگن پاران سنڌ ملڪ لاءِ خاص خليفو مقرر هوندو هو، ۽ مير ڪرم علي خان جي دور حڪومت ۾ ڪارداريءَ جو عهدو به هوندو هوس.

آخوند حاجي فقير محمد، عربي ۽ فارسيءَ مان واقفيت بعد، مروج سنڌي تعليم به حاصل ڪئي هئي. ان وقت ۾ جيڪو به سنڌي لکي پڙهي ڄاڻندو هو، ان کي سرڪاري نوڪري ملڻ ۾ ڪا به تڪليف ڪانه ٿيندي هئي؛ تنهنڪري هز هائينيس مير حسن علي خان ٽالپر، آخوند کي، باوجود سندس ناخشنوديءَ جي، تپيداري نوڪري وٺي ڏني. پر جيئن ته سندس طبيعت اصل کان ئي فقيريءَ ڏانهن مائل هئي، ۽ تنهن کان سواءِ کيس اهو پورو يقين هو ته انگريزن بي سبب غاصباڻي طريقي سان ٽالپرن کان حڪومت کسي ظلم ڪيو آهي ۽ اسين ٽالپرن جا نمڪ –خوار آهيون، تنهنڪري ظالم جي حڪمرانيءَ ۾ ساٿ ڏيڻ پسند نه آيس ۽ جلد ئي استعيفا ڏيئي ڇڏيائين. ان بعد، هميشہ، لکڻ ۾ پنهنجي نالي ۽ صحيح جي پٺيان ”اصل ملازم مير صاحبان سنڌ“ لکندو هو.

آخوند صاحب کي، اصلوڪي دستور موجب، مير صاحبن کان ماهيانو وظيفو گهر ويٺي پيو ملندو هو. تنهن کان سواءِ، هز هائينس مير عبدالحسين خان ”سانگي“، جو هڪ نيڪ – سيرت درويش، علم – دوست، فقراء طبيعت، شاعر ۽ اديب هو، ۽ آخوند صاحب سان گهڻي دل هوندي هيس، سو هر وقت سندس سار سنڀال پيو لهندو هو، ۽ پڻ خلاصو ساليانو وظيفو به ڏيندو هوس. ان کان سواءِ، آخوند صاحب کي ديهه ٻوچڪي تعلقي حيدرآباد ۾ ٻاويهه ايڪڙ کن زرعي زمين آباد ٿيندڙ هئي؛ تنهنڪري کيس پنهنجي ۽ عيال جي پرورش لاءِ ٻئي ڪنهن ڌنڌي ۾ مشغول رهڻ جو احتياج ڪونه هو. جڏهين عيال ۾ واڌارو ۽ گذران ۾ تڪليف ٿيس، تڏهين هز هائينس مير عبدالحسين خان جي ڪوشش ۽ سفارش سان تعلقي نوابشاهه جي ديهه 89-نصرت ۾ اڍائي سو کن ايڪڙ زمين هلڪي مالڪاڻي تي مليس.

آخوند صاحب جو شغل هر وقت ڪتابن مطالعي ڪرڻ، عالمن ۽ صوفين، شاعرن ۽ اديبن سان صحبت، ۽ فقراء ۽ مستن سان محبت ونڊڻ جو هوندو هو. عبادت ۽ ذڪر فڪر ۾ محو هوندو هو. شعر لکڻ ۽ تصوف بابت فڪر ڪرڻ ۽ ان جا مسئلا حل ڪرڻ ته سندس خاص شيوو ٿي رهيو هو. ان سان گڏ، گذران لاءِ زمين پوکائڻ ۽ چوپايو مال پالڻ جو ڪم به پوريءَ تندهيءَ سان ڪندو هو.

هز هائينيس مير عبدالحسين ”سانگي“، سيد غلام محمد شاهه ”گدا“ ۽ ”حيدري“ سان خصوصاً، ۽ مرزا قليچ بيگ ۽ حافظ حيات شاهه سان به صحبت هوندي هيس. محمد بخش ”واصف“ به وٽس پنهنجا شعر ڏيکارڻ، درست ڪرائڻ ۽ هدايت وٺڻ لاءِ ايندو هو. سندس ڪاغذن مان وڌيڪ قاصي ميان صلاح الدين ”احقر“ متعلوي، ماستر محمد موسيٰ ولد سومار گينگر، آخوند علي محمد صاحب بوبڪائي، ميان پير بخش خانواهڻ واري، ۽ ماستر محمد صديق صاحب ”مسافر“ سان به سندس ملاقات جو سلسلو ملي ٿو.

آخوند صاحب، سلسلي نقشبندي جي امام رباني مجدد الف ثاني رحمةالله عليہ جي اولاد مان خواجه عبدالقيوم عليہ رحمة سرهنديءَ جو مريد هو، ۽ ان بزرگ جي صحبت کان فيضياب هو. ڪعبةالله شريف جي طواف ۽ زيارت روضہ اطهر جي لاءِ پهريون دفعو مرشد پاڻ سان گڏ وٺي ويو هوس؛ ٻيو دفعو مير صاحبن کيس پنهنجن ٻين ماڻهن سان گڏ حرمين شريفين جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. پوئين دفعي پوريءَ جوانيءَ جي وقت، شاديءَ کان ترت بعد ويو هو.

آخوند حاجي فقير محمد هڪ نيڪ سيرت، حليم طبيعت، خوش خلق، علم دوست، عابد، زاهد بي نفس ۽ متوڪل علي الله هو. سندس صحبت جو مٿي ذڪر ڪيل آهي، ان کان سواءِ مستن ۽ لاابالين سان به ويهي صحبت ڪندو هو، جن مان حيدرآباد شهر جي قاضين جي آڪهه مان هڪ بزرگ سيد اسماعيل شاهه سان تمام گهڻي صحبت هوندي هيس. فقير منگواڻي وٽ صدر مارڪيٽ جي ڀرسان به گهڻو ويندو هو. گدوبندر واري چرين جي اسپتال ۾ هڪ مرد مست بالڪل ڪوٺيءَ ۾ بند هوندو هو، ان سان به ڪيترو وقت ويهي ڪچهري ڪندو هو- (راقم الحروف اهي ٽيئي شخص ڏٺا هئا، ۽ آخوند صاحب کيس وٺي ويندو هو).

آخوند صاحب حاجي فقير محمد، پنهنجي وڏي ڀاءُ آخوند حاجي پير محمد ۽ ٻين عزيزن کي براديءَ جي ڳالهين ۾ هڪ ئي نظر سان ڏسندو هو، ۽ هر ڪنهن کي منهن تي بيرياءُ ٿي سچ چئي ڏيندو هو؛ پر جيئن ته سچ ۾ البت مچ آهي، تنهنڪري ڪيترائي ساڻس ڪين ٺهندا هئا. وقت تي ڦرندي گهرندي سياست اصل ڪين ڄاڻندو هو: نڪي خود غرضي ۽ خود مطلبي اختيار ڪيائين، ۽ نڪي اندر هڪڙي ٻاهر ٻي ڳالهه ڪيائين. هيڻن تي ڏاڍائي ڪندڙ جي ڪڏهين به چشم پوشي نه ڪيائين. بي نفسيءَ ۽ در گذر ڪرڻ جي ته کيس اصل ڏات مليل هئي. هڪ دفعي عصر نماز پڙهي گهر ۾ آيو؛ سندس هڪ نهن ڏٺو ته آخوند صاحب جي سٿڻ ابداڻي کان وٺي پير تائين هڪ پاسي اڀي ڦاٽل آهي، جنهن سندن ڌيان ڇڪائي چيو ته ’لاهي ڏيو ته سبي ڏيانوَ؛‘ پاڻ فرمايائون ته ”مائي، منهنجي اندر ۾ جيڪي ڦاٽ ڦاٽل آهن، آءٌ انهن ۾ ئي محو آهيان، مون کي سٿڻ جي ڦاٽڻ جي ڪهڙي خبر!“ ائين چئي، سٿڻ لاهي ڏنائين. هڪ دفعي گڏهه تي سوار ٿي ٻنيءَ تي وڃي رهيو هو؛ ڦليليءَ تي سامهون مرزا قليچ بيگ صاحب گهوڙا گاڏيءَ ۾ سوار ايندو مليس؛ سلام مسنون بعد مرزا صاحب فرمايو ته ”آخوند، واهه واهه، تنهنجي سواري ته عمدي آهي!“ آخوند صاحب جواب ڏنو ته ”الحمدلله! مون جهڙي ناچيز بندي تي بادشاهه پنهنجي ڪرم سان پنهنجن خاص پيارن واري سواري عطا ڪئي آهي، ان نالائق- نوازيءَ تان اگر آءٌ قربان ٿيان ته ڪم ٺهي پوي!“ آخوند صاحب آخر عمر ۾ رات جو ننڊ ۾ ذڪر جَلي ڪندو هو. هڪ دفعي سندس فرزند ميان ولي محمد آواز تي سجاڳ ٿيو. سمجهيائين ته اوٿاري ڪري آواز ٿو نڪري، ان ڪري کيس ننڊ مان جاڳايائين. آخوند صاحب فرمايس ته ”بابا، ڊپ نه ڪر،  ماٺ ڪري سمهي رهه- مون کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو.“

آخوند صاحب تاريخ 28 ربيع الاول سن 1336 هجري، مطابق 16 جنوري 1918ع، جي هن دارفانيءَ کي الوداع ڪري رهي دارالبقا ٿيو- انالله وانا اليه راجعون. وفات وقت سندس وڏي فرزند کان سواءِ ٻيو اولاد ۽ ڪي عزيز حاضر هئا. سڀني کي نيڪيءَ جي هدايت ڪندو رهيو. آخر ۾ پيڻ لاءِ پاڻي گهريائين. جنهن ماڻهوءَ کيس پاڻي ڏنو، تنهن کي پاڻيءَ ۾ ماکي ملائڻ لاءِ چيائين. ان بعد پاڻي ڏيندڙ کي ٽي ڀيرا ڪلمو طيب وڏي آواز سان پڙهڻ لاءِ چيائين، ۽ پاڻ به ڪلمو طيب ٽي ڀيرا چئي، پوءِ پاڻي ڏيندڙ کان ٽي ڀيرا سندس نالو پڇيائين. ان بعد پاڻي وٺي، ٽن ساهين سان پي، ”شڪرالحمدلله“ چئي، ”الله جل شانہ‘“ چيائين، ۽ سندن روح پرواز ڪيو.

آخوند صاحب ٻه نڪاح ڪيا هئا: پهريون تعلقي حيدرآباد جي ٽنڊي غلام محمد ڀرڳڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ گراڻن مان، جنهن مان پنج فرزند ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. انهن مان پهريون فرزند ۽ پهرين نياڻي ننڍيءَ عمر ۾ ئي فوت ٿي ويا هئا؛ باقي چار فرزند- ميان علي احمد، ميان ولي محمد، ميان خير محمد، ۽ ميان محمد الياس- ۽ هڪ نياڻي حيات ڇڏيائين. ميان علي محمد 8 مارچ 1949ع ۾ ايڪهتر ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي؛ فقط هڪ فرزند تاج محمده ڇڏيائين. جو به 13 جولاءِ 1954ع ۾ ڪنوارو وفات ڪري ويو. ميان ولي محمد 29 جنوري 1946ع ۾ 62 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي؛ پوئتان ٻه فرزند- ميان احمد علي، ۽ فقير محمد- ۽ هڪ نياڻي ڇڏيائين، جي حال- حيات آهن. ميان خير محمد تاريخ 20 سپٽمبر 1945ع ۾ 59 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي؛ سندس ٻه فرزند، محمد حسين ۽ گل محمد عرف رمضان، ۽ هڪ نياڻي حال- حيات آهن. هڪ نياڻي آخوند صاحب جي هن وقت اَسي ورهين جي عمر جي حال- حيات آهي. ٻيو نڪاح، پهرين زال جي فوت ٿيڻ بعد، مير صاحبن ڪوشش ڪري جکرا قوم جي پير بخش نالي جي نياڻيءَ سان ڪرايو. اها مائي فقط چار سال جيئري رهي.

آخوند صاحب جي هيءَ تصنيفات موجود آهي:

(1)

”جان عشاق“، هڪ حصو

رباعيون

1323 هه

(2)

”جان عشاق“، ٻه حصا

حضرت بلاشاهه جي ڪافين ”قانون عشق“ جو سنڌيءَ ۾ شرح وار ترجمو

 

1323 هه

(3)

”جان سالڪ“

شاهه باهو سلطان قدس سره جي رسالي ”عين الفقر“ پارسيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو

1323 هه

(4)

”ديوان عاجز“

غزليات

1325 هه

(5)

”نيڪ اخلاق“

”اخلاق محسني“

فارسيءَ جو ترجمو

1325 هه

(6)

”رحمة اللعاشقين“

مثنوي ”تحفة العاشقين“

اردو جو منظوم ترجمو

1325 هه

(7)

”بهار گلشن“

آکاڻين جي طرز تي

1328 هه

(8)

”تفسير ’فاتح الڪتاب‘“

تفسير

1328 هه

 


 

آخوند صاحب جي شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

مناجات بدرگاه قاضي الحاجات

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

ناهيم ڪوئي يار، برحمتڪ استغيث!

مونس نه غمگسار، برحمتڪ استغيث!

دردن کان دلفگار، برحمتڪ استغيث!

دائم در انتظار، برحمتڪ استغيث!

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

شاهن جو شاهه آهين تون سلطان بي وزير،

صانع جميع صنعت خلاّق بينظير،

راحم، رحيم، رازق، داور تون دستگير،

لائق ڪري لطف سان ڪر دل سندم سڌير:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

واهر وسيلو ناهه سندم، آهيان آءٌ دردمند،

ساڻم ثمر نه آهي ڪو، مسڪين و مستند،

درد و فراق رهبر حيرت کان پيم بند،

جيرو جگر جلائي اهو سوز چون سپند:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

معبود عالمن جو تون، مسجود لايزال،

مقصود مومنن جو تون، مطلوب باڪمال،

قادر جميع قدرت، قيوم ذوالجلال،

ڏئِي ڏان دهرا ڏاتر پينار ڪر نهال:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

غمگين، غريب، بيڪس، مفلس ٿيس فقير،

مسڪين، ضعيف، ”عاجز“، محزون ٿيس حقير،

پنجي ۾ ظالمن جي ته ويتر آهيان اسير،

امن و امان ۾ رک، ٿئي سرهو سندم سرير:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

ساجن، سوا تو منهنجي ٿي وئي زهر زندگي،

ڌاران حضور قلب جي بي لطف بندگي،

ناقص ٿيو نفس سکيو ڪين سر فگندگي،

نوسي ٿو نور ڍونڍ، دنيا جي جا گندگي:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

سو ذڪر ڪر عطا، رسي دل کي جنهن سان درد،

بهتر ذڪر اهو جو ڪري مرد کي فرد،

ساڙي خطر مڙئي، ڪري ماسوا کان سرد،

دائم رهي ذڪر سو جنهن سان ٿئي ٿو مرد:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

جانان! سواءِ تنهنجي ناهيم ڪو هوَس،

فرقت ۾ جان پيئي جلي مثل خارخس،

تنهنجي وصال کي ته لهان ڏوري شال ڏَس،

توکان گهران ٿو توکي، ٻي آرزو ئي بس:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

جڳ ۾ سوا تو، جاني، ناهيم ڪائي راهه،

ري رحم تنهنجي منهنجي ٻي ناهي ڪائي واهه،

تون ئي ولهين جي واهر، ڪيڏي ڪريان آءٌ ڪاهه،

رهه ۾ رڙان روئان ٿو، بيسود ٿيم آهه:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

طاقت ٿي طاق منهنجي، ڪيم نفس هن تباهه،

اعمال نامو سارو ڪيو مون آهي سياهه،

لائق نجات فخر سان سرمايو ساڻ ناهه،

ري ٻاجهه هاڻ ٻهڳڻ ڪانهيم ڪائي واهه:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

سڀڪي عيان ٿيو تو وٽ، تون عالم الغيوب،

ڍڪ کوٽ ڪوڙ ڪچ تون، يا ساتر العيوب!

روشن ڪرين تون قلب سندم، ڪاشف القلوب!

ميٽين مدايون منهنجون مڙئي، غافر الذنوب!

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

آگا، ڪرين اولاد سندم صالح ڏئي انعام،

دنيا ۽ دين جا ڪرين مقصد مڙئي تمام،

برڪت ڀلي پئي تن جي منجهه معشيت مدام،

روزي ڪشادگيءَ سان رسائين ڪري لطف عام:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

دنيا ۽ آخرت ۾ ڪر تن کي سرفراز،

سڀ نعمتون عطا ڪر، آهين تون ڪارساز،

حاجت رواي عالم! ڪر تن کي بي نياز،

حسرت کان سندن دشمنن جي دل کي ٿئي گداز:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

آگا! هي عرض منهنجو ڪرين ڪرم سان قبول،

صالح عمل نه منهنجا، رهان هاءِ دل- ملول!

منجهه شوق ذوق تنهنجي وصل ٿئيم وصول،

دهرا ڏيوم دان ته مطلب ٿئي حصول:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

اعمال بد ڪيام، ڪاغذ ڪيم سياهه،

محشر ۾ مُرڪان ڪنهنپر، حالت ٿيم تباهه،

تحفو کنيوم پاڻ سان گهاٽا گهڻا گناهه،

ري رحم تنهنجي، راحم، ڪنهن کان پِنان پناهه؟

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

مفلس غريب آهيان، آهي مٿم قرض،

’حق الاداءِ‘ دين جو رهيل مٿم فرض،

ري رحم تنهنجي، راحم، ناهيم ٻئي جو غرض،

آگا، اگهاءِ ”عاجز“ جو بخشش ڪري عرض:

يَا حَيُّ يَا قَيّومُ، بِرَحۡمَتِڪَ اِسۡتَغِيۡثُ!

 

افسوس، جنين سر تي کنيو بار محبت،

ڇڏرايو انهن کان آهي گهر ٻار محبت!

بازار ۾ الفت جي ٿئي سودو نه سر ري،

دل جان سان جڏهن ٿئي ڪو خريدار محبت.

دڪان محبت جي ۾ هلي ڪونه ٿو پيسو،

تنهن لاءِ چون چهري ٿا بازار محبت.

زلفن کان سڄڻ جي ته ٿيو ڪونه ڪو آجو،

ڦاٿو جو بلا ۾ ٿيو گرفتار محبت.

منصور سٽيو آهه جڏهن سر سندو سانگو،

تنهن بعد ڪيو آهيس اظهار محبت.

تبريزيءَ جيئن جام جفا جو نه پيارين،

هرگز نه ٿج تيسين طلبگار محبت.

الفت ۾ ادا نانءَ زماني ۾ ٻڌون ٿا،

پر آهه مڙئي راز ۽ اسرار محبت.

تاثير ادا آهه ايهو نظم ۾ منهنجي،

تنهن لاءِ مٿم آهه گوهر بار محبت.

دلبر جي طبع تيز ڪجئين آزي نيزاري،

”عاجز“ به ڪري عجز بدربار محبت.

 

زماني تنهنجي ۾ ظاهر ٿيو جفا جو رواج،

ڪٿي وئي رسم محبت جي، پڻ وفا جو رواج.

ڪيائين عاشق جو خون ري پڇا ڳاڇا،

ٿو ڄاڻي ناهه انهيءَ ۾ ڪو خون – بها جو رواج.

ڏسن جي هٿڙا رنڱيل رت مان هن نگار سندا،

ته گلرخن ۾ نه هرگز رهي حنّا جو رواج.

ٻڌاءِ مريض ڪري ڇا؟ جو درد فرقت ۾،

رهي نه رسم دوا جي، نڪو دعا جو رواج.

اگهاڙ آهي ادا ڏس لباس مستن جو،

سبب جنون جو ويو خرقہ و قبا جو رواج.

جهان ۾ ناز ۽ نخري جو چهچٽو ڦهليو،

شروع توکان ٿيو غمزه و ادا جو رواج.

سُڪائين خط مون کي جو هو غبار سان ڀريل،

ڪيو ڪدورت دل جيءَ به گهٽ صفا جو رواج.

ورائي مصرع مطلع سندي چئج ”عاجز“،

زماني تنهنجي ۾ ظاهر ٿيو جفا جو رواج.

 

بخت الٽو ٿيو سندم، منهنجي ڦري ويئي تقدير،

نه رهيم دل ۾ اثر، آهه سنديم بي تاثير.

دل ۾ آهيم تمنا ته ڪريان جان فدا،

جي اچي منهنجي ڏسڻ ۾ ته سڄڻ جي تصوير.

دردِ ليليٰ ۾ پريشان ٿيس مجني جيئن،

دشت غربت جو ادا آهه اسان جي جاگير.

نه غمخوار نڪو مونس ٿيو سندم غم کان سواءِ،

رنج راحت ۾ مددگار ٿي، ناله شبگير!

قتل لءِ منهنجي ٿي هر لحظه گهريائين مضمون،

آءٌ گنهگار جفاڪار، ڪئي مون تقصير.

جنّ انسان ٿيا حيران، لڳي ماٺ مرن کي،

پنهنجي احوال پريشان جي ڪيم ٿي تقرير.

درد الفت جي دوا ناهه مسيحا تو وٽ،

خاڪ دلدار جي در جي ته اَٿم اڪثير.

عمر ”عاجز“ جي ته ويئي تپِ فرقت ۾،

پر ڪڏهن ڪانه ڪيئي پنهنجي ملڻ جي تدبير!

 

سوا حسن تنهنجي نه ٿي دل صفا،

اها دل ٿي ڌاري، نه ٿي آشنا،

لُٽيئي صاف عاشق جي دل جو متاع،

حسينن جي بازار ۾ ناهس بها.

ڏجان دل سان ساقي ڪو جامِ شراب،

جو گل جيان زماني کي ناهي بقا.

لٽي وئينم دلڙي، مون کي ناهه غم،

سندءِ زلف ڌاران نه ٿيس جاءِ ڪا.

سندم آه جو تير ويندو پري،

رسي جنهن کي، ان کي نه پهچي دوا.

مڙئي نعمتون آهن سهڻي کي پر،

عجب آهي اهڙو جو ناهِس وفا.

مثل ماهه منور جي ٿيو ماهرو،

اڃا جان ”عاجز، جي ناهي صفا.

 

زال دنيا سان نه دل رک، ٿيو سندس غمخوار خوار،

عاشقِ قحبه جو ڪهڙو منجهه انهيءَ سرڪار ڪا؟

 

جي ڪرين خواهش وصل جي، تان ته مَڻڪي ڏي نه موٽ،

هُئي اصل ڪاتب لکائي ازل کان منجهه هارَ هار.

 

هِت ملي سودو سهانگو ڪينڪي سر کان سواءِ،

ڪين گِر گپ ۾ گڏهه جيئن، منجهه انهيءَ بازار زار.

’ها وهو‘ ۾ مست ٿيا، جن سُرڪ ساقيءَ کان سَري،

رات ڏينهن ان جي گهٽيءَ ۾ ٿا گهمن گينوار – وار.

 

زلف زنگيءَ ساڻ خوشبوءَ ۾ نه ٿيڙا مُور مٽ،

ڪئي خطا، مشڪِ خطا پڻ ناقهء تاتار تار.

 

ٿيس سائل هڪ چميءَ جو شوخ بيپرواهه کان،

ڇوهه مان چيئين سڪ انهيءَ ۾ ڪئي چڙهيا سردار دار.

 

ٻول ٻيجل ٻوليو، ڳايئن تڏهن ڳڙهه ۾ اچي،

هئي اڳهين ان ڏينهن جي گردش کان منجهه گرنار نار.

 

ڪو ٿيو طاعت جو طالب، آءٌ پيس ساهڙ جي سام،

سَنڍُ سالم سِير ۾ ناهم منجهان پاتار تار.

 

روز و شب عصيان ۾ ضايع ڪيئي عمرِ عزيز،

اهڙي افعالين نه لهندين ان سندي دربار بار.

 

ٿو اَڏائين محل ماڙيون، ساڻ زينت زيب وار،

شوق ۾ اهڙي – گهمين ٿو منجهه چمن گلزار زار.

 

 

’حيدري‘ دل کان گدا ٿيو، ’سانگيءَ‘ جي ۾ لطف،

عجز کان ”عاجز“ اُداسي پيو سندس پيزار زار.

 

ايندو عشاّق، تان ته تڪلف ڪريون رها،

دڪان معرفت جي ٻه گوهر ڪريون بها.

 

سهڻي قبا زريءَ جي ڍڪي غير لاءِ هن،

يارو اچو ته پاڻ صبر جي ڍڪيون قبا.

 

سؤ ذلتن سان خلق کان گهرجي ڪرڻ حجاب،

بهتر عبادتن کان ڪيون مون جي از ريا.

 

طاعت ۽ معرفت کان اڳي ئي ڪيئين انعام،

بخشش سندن ٿي لائق، توڻي ڪريان خطا.

 

اتفاق ڪهين وقت سان سهڻو ملي وڃي،

مشڪل ٿئيم دامن ان جي ڪرڻ رها.

 

تنهنجن چپن کان حاصل دل جي نه ٿيم مراد،

مرڪي چئين صبر ڪر ته مرادون ٿين روا.

 

”عاجز“ وفا کان آهه ڪيو گردون مون کي سست،

هي چار ڏينهن جيئڻ جا اچو تان ڪريون وفا.

 

 

ٿيو ساقي سندم سهڻو، پياريئن پرت پيمانا،

ڪري مخمور مستن کي، ڪيئين آباد ميخانا.

 

سڄڻ جي سونهن صباحت کان مڙئي معمور ٿيا مهرو،

نوازي ناز نيڻن سان، ڪيئين آباد ويرانا.

 

مٺي مهروءَ سندم مرڪي شڪر گفتار ڪئي جنهن دم،

ٿيو فائق فهيمن ۾، پڙهيائين پرت پروانا.

 

پيم پيوند پيرن ۾، هنئين ۾ پيا آهن هن جا،

ڍڪائي عشق جا ڳهڻا، ٻڌايائون ڳچيءَ ڳانا.

 

رقيبن راهه ۾ ريبي رلايم روهه ۾ رهبر،

سهي سختيون سڀئي، سهڻا، سٺم سر تي سندءِ طعنا.

 

ٻڌي گفتا غزل منهنجا ٿئي ڪو غور غمگين جو،

رهن من ياد يارن وٽ اهي ”عاجز“ جا افسانا!

 

کنيو مهروءَ چهري تان نقاب،

ويو لڪي اَبر ۾ رخِ مهتاب.

رخِ زيبا ڏسي پياري جو،

ويو جلي عقل سندم جو تب تاب.

زمزمہء زبان تبار، دل،

سر بسر آهه ٿيو تنم چون برباب.

ڏي ڀري دلبرا بموسمِ گل،

پي به پي ساقيا تون جامِ شراب.

جي ڪري ڪو منادي عالم ۾،

منهنجي دلبر جِهو اَٿوَ ڪمياب.

جي هجي غيرتٖ مہٖ ڪنعان،

حسن ڪنهن جي کي ناهه هرگز تاب.

دُرّ دندانِ او بدرجِ دهن،

واه دُرِ عدن جو نيائون آب!

ٿيو برآمد قمر تڏهن بَشفق،

پير پاتو پرينءَ جڏهن برڪاب.

ڪٿي مشتاق پٺ ۾ پرده نشين،

پڻ حيا عقل کي ڏنائون جواب.

حالتِ نزع آهي ”عاجز“ جي،

مِل مهرو مٺا اچي تون شتاب.

 

مهروءَ جي حُسن سان نه ملي ماهتاب ڪِٿ،

مهتابَ تابُ ناهه، وري آفتاب ڪِٿ!

 

ديوان حسن جي تي رکيئون نقطہء ز خال،

هرگز نه اهڙو فرد ڏٺم انتخاب ڪٿ!

 

هُو بند آڱرين جا ۽ هٿڙا حنا – رتل،

مرجان ڏسي ڦِڪو ٿيو، فندق عناب ڪٿ!

زلفين مُنهن تان کولي دِکائي جي ديد يار،

ايمان فدا ۽ دين ڪريان بي نقاب ڪٿ!

 

پرواني کي ته سوز شمع کان ٿيو نصيب،

جنهن سان جلي هي جان و جگر اضطراب ڪٿ!

 

نازڪ بدن سان ڀيٽ نه سوسن سمن ڪئي،

ٿئي غرق عرق شرم ڏسي گل گلاب ڪٿ!

 

رندؤ، اچو، اي ميڪشو! طبلا ڪري تيار،

سازِ عرق چنگ ۽ ساقي شراب ڪٿ!

 

شاهد شمع شراب مهيا مڙئي، ٿئي عيش،

ساقي ڪنار بوسہء نقل و ڪباب ڪٿ.

 

گهرجي پيڻ شراب، ڪري مهوشن جو ميڙ،

قاضي ڪٿي، ۽ محتسب و شيخ و شاب1 ڪٿ!

 

آهي سدائين سر تي سندم سايہء هما،

اهڙو نه آهي مُور سو ظلِ سحاب ڪٿ!

’عبدالحسين‘ مير ٿيو سر چشمهء فيوض،

جهڙس سخا ۾ ناهه ڪو عاليجناب ڪٿ.

’احمد‘ عطا ڪريس ’خدا يار‘ طول عمر،-

(نالا فرزندن جا)

ناهي سندس عديل ڪو گردون حباب ڪٿ،

’سانگيءَ‘ جو شعر شيرين، موزون ۽ پُر نمڪ،

آهي ’گدا‘ به صاحب فصاحت مآب ڪٿ.

رخش – قلم سان منهنجي مضمون ۾ هم – عنان،

ٿيندو ڪو هم – رديف حريف و شتاب ڪٿ!

”عاجز“ هي شعر ناهه، عطا ڪيائون مون مٿي،

موران ڪو اهڙو نظم ٻُڌئي لاجواب ڪٿ!

 

ٿي طبع منهنجي رسا، ۽ پڻ فصاحت داد داد،

ٿيو قلم منهنجو معاون، پڻ بيان امداد داد.

قدّ رعنا يار جو باغِ جهان ۾ جنهن ڏٺو،

تنهن چيو سروِ بلندش، ڪنهن چيو شمشاد شاد.

عشق جي شطرنج ۾ هسوار ٿي، پيادو نه هل،

ڪشت کان رخ جي سندم، شاهٖ خرد ٿيو ماد ماد.

ماءُ زماني جي نپايو ناهه ڪو جانب جهو،

ني ڏٺائين ٻن اکين سان، ني چُنين آزاد زاد.

ڏينهن ڪالهوڪو اٿئي، جنهن ۾ ڪيائونس منجهه قفس،

گفتگو گوهر سندي، آهم اڃا صياد ياد.

حشر ويلي ٿئي حمايت هاشمي ”عاجز“ سندو،

خانهء دنيا و عقبيٰ دائما آباد باد!

 

(فارسي)

حميده زلفِ تو گوشت ز عشق افسانه مي گويد،

سراسر حالِ زارِ دل منِ مستانه مي گويد.

وصالِ يار گر خواهي، برو شمعِ شبستان شو،

قياماً او قعوداً را چنين جانانه مي گويد؟

برهمن زادهء کافر، بيا با ما بميخانه،

بيک جرّع کني آسان تهي خمخانه مي گويد!

بيا بنگر جمالِ يارِ جانان را بساغرِ دل،

کہ صبحِ دم به مينوشي خوشا پيمانه مي گويد!

بخواني قصهء مجنون بسودا سر بصحرا نہ،

کہ يا بي ناقهء ليليٰ، مگر افسانه مي گويد.

چہ تدبيري کنم دردِ جنون را، چارهء مشفق!

ز سودا سر زني صحرا دلِ ديوانه مي گويد.

هماي اوج چون هستي، بلند پروزا شو ”عاجز“،

جوارِ قربِ او دائم کني کاشانه، مي گويد.


1  - جوان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com