سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :39

ماستر عبدالرزاق

 

منشي عبدالڪريم دائود پوٽو

جڏهن سيد پير حضرت بنگلي ڌڻيءَ، پير علي گوهر شاهه صاحب (تخلص ”اصغر“)، پير جو نئون ڳوٺ ٻڌايو ۽ اتي اچي سڪونت پذير ٿيا، تڏهين منشي عبدالڪريم جي ڏاڏي کي – جو اصل ۾ روهڙيءَ جو باشندو هو – گهرائي پاڻ وٽ خدمتگاريءَ ۾ رکيائون، درگاهه جي نزديڪ جايون ڏيئي درگاهه جو باشندو بنايائون. ان بعد منشي عبدالڪريم جو والد بزرگ، خليفو محمد صالح، پير صاحبن جو خليفو ٿي رهيو، ۽ ساري عمر انهيءَ شغل ۾ صرف ڪيائين: خاص ڪري رسول ڪريم جون مداحون ۽ مولود شريف پير صاحب جن کي ٻڌائيندو هو؛ ٻي ڪا خاص ڊيوٽي مٿس مقرر ڪانه هئي.

منشي عبدالڪريم، خليفي ميان محمد صالح جو پهريون نمبر فرزند آهي. هن جڏهن قرآن شريف جي تعليم پوري ڪئي، تڏهين هن کي ۽ مرحوم ميان حسين علي شاهه ولد پير شاهه مردان شاهه اول کي حضرت پير سائين علي گوهر بادشاهه محافي ڌڻيءَ جن آخوند موسيٰ ڪاڪيپوٽي وٽ تعليم لاءِ داخل ڪيو، جتي پارسي تعليم حاصل ڪيائون. پير سائين شاهه مردان شاهه اول جن، منشي عبدالڪريم کي 1315هه ۾ ڪيٽيءَ جي ٻنين بٽئي ڪرڻ لاءِ منشي مقرر ڪيو. اهڙيءَ طرح، عبدالڪريم درگاهه جو منشي ٿيو، ۽ اڄ تائين انهيءَ نالي سان منشي عبداڪريم سڏبو اچي ٿو. مرحوم پير حسين علي شاهه جن جڏهين پنهنجي والد بزرگ جي وقت ۾ درگاهه جي ساري ڪاروبار جا عام مختيار هئا، تڏهن منشي عبدالڪريم وري صاحبزادي پير حسين علي شاهه مرحوم جو پيش – نويس هوندو هو. حساب ڪتاب ۽ دفتر جو سمورو ڪم منشي عبدالڪريم جي حوالي هوندو هو.

سال 1919ع ۾، پير صاحب پير شاهه مردان شاهه جن جي رحلت بعد، منشي عبدالڪريم وڃي رياست خيرپور ۾ منشگيري ڪئي. گهڻو ڪري سڀ آفيسون ڏٺائين، پر خاص طرح سان جڊيشنل منشي ٿي رهيو، ۽ ويندي واليءَ رياست جي منشگيريءَ تائين پهتو. ان بعد، زماني ۾ ڦيري اچڻ سبب ۽ رياست خيرپور جي انتظام ۾ تبديلي اچڻ سبب، هو جهنگلات جو سنڀاليندڙ رينجر مقرر ٿيو، جتان 1951ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، ۽ اڃا تائين کيس پينشن ملندڙ آهي.

رٽائرڊ ٿيڻ بعد منشي عبدالڪريم درگاهه شريف تي عريضي نويس جو ڪم ڪري ٿو. درگاهه شريف تي حضرت پير صاحب پاڳاري جن کي جيڪي درخواستون ٿينديون آهن، سي هيءُ لکندو آهي، جتان گذر معاش ڪندو رهي ٿو. درگاهه جي نزديڪ برج وٽ کيس هڪ دڪان آهي، جتي ڏينهن جو ٻه ٽي ڪلاڪ اچي ويهندو آهي. درخواستن لکڻ کان وڌيڪ جيڪو وقت بچت ٿيندو اٿس، اهو شعرگوئيءَ ۾ صرف ڪري ٿو. هينئر به اڃا شعرگوئيءَ جو شوق رکيو اچي ٿو. شعر ۾ سندس تخلص ”عبد“ توڙي ”سيف“ آيل آهن. هن وقت سندس عمر 61 ورهيه آهي. منشي صاحب گفتگو جو فصيح، ميٺاج وارو، ۽ قابل شخص آهي، اڃا تائين پوشاڪ لٽي جو شوقين آهي.

منشي صاحب هر قسم جو شعر چيو آهي – جيئن ته توحيد، نعت خواني، زماني جي حالات تي افسوس يا راءِ زنيءَ جا شعر، مجازي عشق جا شعر، امامن جي تعريف ۾ شعر، راشدي خاندان جي تعريف جا شعر، ٻيا طرحي ۽ غير طرحي شعر، سنڌي توڙي فارسي زبان ۾ چيا اٿس. هڪ ٻه سي حرفيون به چيل اٿس. افسوس جو هن صاحب پنهنجي شعر کي پاڻ وٽ باترتيب محفوظ نه رکيو آهي، ۽ نه هڪ هنڌ ڪنهن ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو اٿس؛ فقط ڪي پنا آهن، جي هينئر ٿورا ٿورا ڪري ڏيندو وڃي ٿو، جن کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ ڪوشش هلندڙ آهي.

ڪلام

جنابِ بارگہ باري خدا وٽ خواستگاريءَ جو،

حضورِ پاڪ پرور ۾ اسان جي آه زاريءَ جو،

آزاريل اهنج ايذاون ستايل ستگماريءَ جو،

ظلم زور زور و زبردستي ڪوڙن جي ڪار زاريءَ جو:

کڻي بادِ صبا وڃ هي عريضو انتظاريءَ جو،

چئج’آ ڀروسو بلڪل رهائي رستگاريءَ جو‘.

’بليڪي‘ بات بدتر کان غريبن لاءِ غمگيني،

سقيمي حال وارن کي بکن ۾ آهه بيچيني،

ريا رشوت کان راشن کي بيچارن لاءِ بدبيني،

گراني گرم بازر کان ميسر مام مسڪيني:

گهرون ٿا داد يا داور! دکن جي دل فگاريءَ جو،

سڻائو سبب ٿئي سارو سهولت سازگاريءَ جو.

اچن انصاف کي آڏو طبع جي لوڀ کان لوسي،

پڇا پئسن سندي پهه ۾ ٿيا مفتون منحوسي،

رياڪاريءَ جي رمزن ۾ رليا رهزن ٿيا رت – چوسي،

آهن افتان و خيزان ايئن جيئن ڦٿڪي ڦٽيل ڦوسي:

ستارا سبب ڪر سولو پنهنجي جودش جباريءَ جو،

اجهو آ آسرو عربي مدامي مددگاريءَ جو!

*              *              *

ساقيا ڏي سيگهه ۾ اڄ ڪو ڀري جامِ شراب،

سرڪ نوشيءَ سان عيان اشواق ٿئي شوق شتاب؛

دور ٿئي دل مان دوئيءَ جو ماسوالله جو مثال،

غير جي غلطيءَ جو گم ٿئي اندر مان سڀ اضطراب؛

آب نوشي مي جي مون کي سرڪ صافي صاف ڏي،

حال وارن همنشين ٿيان، برهه وارن بارياب؛

غوطه خور ٿيان بحر بيخود موجزن مهراڻ ۾،

بي سرو سامان بيخود نينهن جو بڻجان نواب؛

مام منصوري رکان ٿو، خوف جو خطرو نه آهه،

دار جو دلخواهه بنجي، سر ڏيڻ سمجهان ثواب؛

شور شر فتنا کڙا ٿيا آخري سر زد سوين،

مي ملي مستي نما، جو دفع ٿئي خيالِ خراب؛

”نحن اقرب“ جو اشارو سيگهه ۾ پاڙيو، پرين!

دلربا کان دور دم هڪ عاشقن لءِ آ عذاب؛

درد دوريءَ ۾ دلاسو مس مليو ميلاپ جو،

سوز جو سرندو کڻي اچ، مطربا! چنگ  و رباب؛

مال توڙي حال همگي هوت حاضر هم بهم،

سر صدق سارو سرار، جسم جان ڪلي ڪباب؛

دير ري ديوانگيءَ جي سرڪ صافي جي ملي،

عشق کان ارزان ٿئي مجنون مثل خاصو خطاب؛

”عبد“ کي آهي اول کان خمر خوشتر جو خيال،

لا ابالي رند. تي ڇا حرف گيريءَ جو حساب!

*              *              *

مرحبا صد مرحبا، يا شاهه مردان، مرحبا!

شاهه مردان، شير يزدان، مرحبا صد مرحبا!

 

اچڻ سان دک دور ٿي ويا، غم غريبان، مرحبا!

قدم تان جند جان ساري صدق قربان، مرحبا!

 

اڄ سدورو ڏينهن آهي، ۽ آهي ساعت سعيد،

فضل ٿيو فائق سندو ۽ راض رحمان، مرحبا!

 

ثانيء شهه شاهمردان جي آهي تشريف اڄ،

لک ڀلايون ڀال ڀانيان شڪر سبحان، مرحبا!

 

مرحبا جي وات وائي جن بشر انسان کي،

ملڪ فلڪي اڄ چون ٿا حور غلمان، مرحبا!

 

سڀ درختن جي پنن مان ٿو اچي آواز اڄ،

ٿا چون تڪريم ۾ برگِ درختان مرحبا!

 

بلبلانِ باغ ٿا هي غزلخوانيءَ ۾ چون:

مرحبا صد مرحبا، يا شاهه شاهان، مرحبا!

 

جهنگلي جي جانور سي پڻ خوشيءَ ۾ ٿي نچيا،

چاهه مان چوندا رهن هر هنڌ حيوان مرحبا!

 

حسن کان حيرت ۾ پئجي، قمر ويو ڪومائجي،

آفتابِ آسمان جو شمس شر مان مرحبا!

 

نين کان نرگس هڄِي حيران حالت کي پڳو،

چشم کان آهو وتي آ ڀر بيابان، مرحبا!

 

رهنما و رهبرِ راهِ صراط المستقيم،

سر گروهِ سالڪان و اهلِ عرفان، مرحبا!

 

پِير جو آهي پروڙيل، السخرّ جو سرّ سڀ،

جود اجود کان چون ٿا عجم ايران مرحبا!

 

خاندانِ راشدي قائم قيامت يا خدا،

جيسين آهي آسمان گردونِ گردان، مرحبا!

 

”عبد“ جهڙا لک هزارين در سخيءَ جا داد خواهه،

هي به آ هڪڙو غلام ابن غلامان، مرحبا!

*              *             *

طلبگار مان تڪرار هان حبدار مدينه،

اکين سان پسان پار نئين هڪوار مدينه،

اشتياق مون کي آهه پائدار مدينه،

سڪ سار دل افگار آ سردار مدينه،

يڪبار ڏسان يار شرفدار مدينه،

اکڙين ۾ سدا آس آ ديدار مدينه!

’لولاڪ لما‘ لفظ ۾ مذڪور مڪمل،

سارهه ۾ صفت ثابت ’ياسين‘ ’مزمل‘،

قدرت جي ڪاروبار جو جنسار مجمل،

اسرار خدا جي جو سڄو راز آ رلمل؛

سنسار سموري جو سماچار مدينه،

اکڙين ۾ سدا آس آ ديدار مدينه!

محبوب خداپاڪ جو سردار صنم آهه،

بالا يا بلند برتر اعزاز اتم آهه،

جنهن جاءِ وئين ات نه ويو ڪنهن جو وهم آهه،

اظهار رکيل عرش تي اقدام نرم آهه:

اسرار جو اظهار آ انوار مدينه،

اکڙين ۾ سدا آس آ ديدار مدينه!

سڪ سار برهه بار ڪيو بيتاب اکين کي،

ڏينهان رات وائي وات جاري آب اکين کي،

روئڻ روڄ شب روز آ خون ناب اکين کي،

طلب تات ڪيو بيتاب نڪو خواب اکين کي:

محبوب خدا خالق منٺار مدينه،

اکڙين کي سدا آس آ ديدار مدينه!

مٽ خاڪ مديني نه آهي مشڪ ختن جو،

ثاني نه صحن سهڻي جي جنات عدن جو،

بينائي بصر لاءِ سٺو سرمون اکين جو،

مٽ جوءِ نه جنات جي صحرائي صحن جو:

سازش ۾ سٺو سهڻو صد بار مدينه،

اکڙين کي سدا آس آ ديدار مدينه!

صحراي مدينه جو سماچار سٺو آهه،

الله جي الطاف سندو نور اٺو آهه،

عاصين جو اجهو عربي پائدار پٺو آهه،

صد بار مبارڪ آ جنهين ڏيهه ڏٺو آهه:

ذڪرن ۾ سٺو ذڪر آ اذڪار مدينه،

اکڙين کي سدا آس آ ديدار مدينه!

سڪ سار ۾، سردار! منهنجو ساهه سڪي ٿو،

اشتياق جو اظهار مون کي شوق ڇڪي ٿو،

اندوهه الم دره سندو دور رکي ٿو،

فرقت جو ڦٽيل ڏک ۾ منهنجو ڏيل ڏکي ٿو:

ڏيکار خدا ”عبد“ کي اظهار مدينه،

اکڙين کي سدا آس آ ديدار مدينه!
*              *             *

(ڪافي)

خوش وسن اهي شال، مارو منهنجا سيال، عمر ماڙين ۾ ڪيئن وساريان!

ٿوهر ٿر ۾ ٿيا للر لاڻا، سڱر سڱريون ڇڻ ڇڻ ڇاڻا،

مارن ڇوڙيا مال، کارائڻ جي خيال، تن سانگين جي مان سنگت ساريان!

سور سانگين جي جيءَ ۾ جهوري، راتو ڏينهان لڇ لڇ لوري،

هيڻان ٿيان هت حال، جالڻ آهه جنجال، غم گوندر ۾ گهڙيون گهاريان!

ڪڍ بندياڻي بند مان بلڪل، روح مارن سان ڪريان رلمل،

اوريان نئين احوال، ڪريان قيل مقال، هنجون هردم تن لءِ هاريان!

وطن وڃڻ جي آس اندر ۾، وڃان وري شل پلڪ پهر ۾،

الله جل جلال، ڪر ڀلايون ڀال، نت انهن جون راهون نهاريان!

درد مان دمدم ڪريان دانهون، اگهن اهي شل ”عبد“ جون آهون،

سڪندي ٿيا هن سال، وري ورق وصال، وڃي مارن سان گڏ گذاريان!

 

شمشيرالحيدري

 

محمّد عثمان ”ڏيپلائي“

هونئن ته هر ڏيپلي جي رهاڪوءَ کي ’ڏيپلائي‘ چئجي، پر اوهين يقين ڪريو ته سنڌ جي هر پڙهيي لکيي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هيءُ لفظ هڪ خاص شخصي اصطلاح جي حيثيت سان ورهين کان وٺي اهڙو ته مڪمل تعارف پيدا ڪري چڪو آهي، جو هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ ”ڏيپلائي“ جي فقط هڪ ئي معنيٰ آهي – ”محمد عثمان ولد حبيب الله، ميمڻ، اصل ڳوٺ ڏيپلو، حال ساڪن حيدرآباد سنڌ“، جنهن جا لکيل ناول سڄيءَ سنڌ ۾ ”ڏيپلائيءَ جا ناول“ جي نالي سان مشهور آهن: ۽ اها ئي چيز ڏيپلائيءَ جي هڪ غير معمولي شخصيت هجڻ جو ثبوت پڻ آهي. سنڌ جي هن غير معمولي شخصيت جو جيڪڏهن معمولي تعارف به پيش ڪجي، ته ان لاءِ جيتريقدر عنوانن جي ضرورت ٿيندي، سي به هڪ الڳ تصنيف جي ضخامت وٺي بيهندا. ڏيپلائيءَ جي مجاهدانه زندگيءَ جو تصور ڪرڻ سان هڪ وڏي تاريخي جدوجهد جو منظر اکين اڳيان اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جو ستايل ۽ اٻوجهه عوام، رفتي رفتي، هرقسم جي شخصي، خانداني، ۽ طبقاتي پرستش جي ڄار کي ٽوڙيندو، مڃتا ۽ عقيدت جي انڌن بتن کي ڀڃندو، وهم ۽ ويساهه جي مڪارين مان نڪرندو، انسانيت جي روشنيءَ ۾، ڪاميابيءَ سان زندگيءَ جي آزاد راهن تي ايندو نظر اچي ٿو. سمجهدارن جي هڪ وڏي اڪثريت انهيءَ عمل ۾ ڏيپلائيءَ جي هن مبارڪ مهم کي قبول ڪري چڪي آهي. سنڌ جي خوشحاليءَ جي انهيءَ جدوجهد جي ترجمان جي حيثيت سان، ”ڏيپلائي“ هاڻي هڪ فرد نه بلڪ جماعت، هڪ شخصيت نه بلڪ نظريو آهي.

محمد عثمان ڏيپلائي، 1908ع ۾، ٿر جهڙي بي بندوبست علائقي ۾ پيدا ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو ذهين هو – ايتريقدر جو ٻاراڻي درجي ۾ به ڇهين درجي جا سبق لس پڙهي ويندو هو، ۽ سندس استاد خود مٿس حيران هوندا هئا. سندس پيءُ هڪ ننڍڙو واپاري هو. ان وقت ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم ڪانه هئي، ۽ بدقسمتيءَ سان ستن ڀيڻن جي هڪڙي ڀاءُ هجڻ ڪري مائٽ کيس اکين کان پري ڪرڻ نه چاهيندا هئا، ان ڪري پاڻ ست ڪوهه پري مِٺيءَ وڃي انگريزي پڙهي نه سگهيو. ڏيپلي ۾ رهي سنڌيءَ جا ست درجا پاس ڪيائين، ۽ پوءِ واپار ڪرڻ لڳو. انهيءَ ۾ هڪ مولوي صاحب کان ”زليخا“ تائين پارسي جي تحصيل ڪيائين. ذاتي صلاحيتون ته منجهس ڄمندي ئي ڄميل هيون، ان ڪري گجراتي، هندي، گرمکي، اردو ۽ انگريزيءَ مان به پوري پني واقفيت ورتائين. عربيءَ جي تعليم باقاعدي ته ڪانه ورتل اٿس، پر قرآن شريف جو با ترجمي مطالعو سو ايترو ته گهڻو ڪيو اٿس، جو ڪنهن به آيت جو ترجمو بنا هٻڪ جي ڪري سگهندو آهي – بلڪ عربيءَ جي ڪا به عبارت يا شعر وغيره به سمجهي سگهندو آهي. تازو سنڌيءَ ۾ ”اديب“ پاس ڪيو اٿس.

ٿر جي ”ڏڪاريل“ حالتن ڏيپلائيءَ کي آخر ڏيپلو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، ۽ پوءِ هو واپار جي سانگي سان لاڙ ۾ وڃي رهيو. اتي، ڪن زميندارن جي آڇ تي، واپار ڇڏي ملازمت اختيار ڪيائين: پنجويهن ورهين تائين ٽنڊي باگي، بدين، کپري، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ تعلقن ۾ مختلف زميندارن وٽ نوڪري ڪندو رهيو. ملازمت جي فرصت واري وقت ۾ کيس اخبارن ۽ رسالن پڙهڻ جو ڪافي موقعو مليو. آکاڻين سان ته ننڍپڻ کان شوق هوس، انهيءَ زماني ۾ رسالن کي به ’اخبار‘ سڏيو ويندو هو. مسٽر خوشيرام ۽ تيجسنگهه پنهنجي ماهوار ڪتابي سلسلي کي به ”ماهوار ناول اخبار“ ڪري چوندا هئا - ۽ اڄ به ڪي نشر و اشاعت ۾ مشغول رهندڙ اهڙي سلسلي کي ائين ئي سڏيندا آهن. ڏيپلائيءَ جو آکاڻين سان اهو شوق چوٿين درجي پڙهڻ وقت ان حد تائين وڃي پهتو جو پاڻ هڪ ”هفتيوار ناول اخبار“ کڻي ڪڍيائين، جنهن جو نالو رکيائين ”فرحت آثار“! اخبار وري ڪهڙي؟ سڄي هفتي ۾ هٿ سان ويهي هڪڙي ڪاپي لکندو هو، ۽ وري پنهنجي ڪلاسي دوستن کي پڙهي به پاڻ ٻڌائيندو هو! ان ۾ ’نيلوفر پَري، قسم جون آکاڻيون ۽ ٻاراڻا چٽڪا، جيڪي اُٿي ويٺي ٻين کان ٻڌندو هو، سي گڏ ڪري ’شايع‘ ڪندو هو. انهيءَ شوق جي سهاري، هيءُ ننڍڙو ايڊيٽر ۽ پبلشر، اڳتي هلي سچ پچ ته وڏو ايڊيٽر ۽ پريس جو مالڪ بڻجي ويو.

مطالعي جي شوق، ڏيپلائيءَ کي آخر لکڻ جو ڏانءُ ڏنو. سندس پهريون مضمون، اردو ۾، دهليءَ جي اخبار ”منادي“ ۾ شايع ٿيو. دراصل هيءُ هڪ خط هو، جو خواجه حسن نظاميءَ ڏانهن محمد بن قاسم جي سوانح بابت ”مناديءَ“ ۾ شايع ٿيل ڪن غلطين جي درستين بنسبت هو، پر خواجه صاحب اهو شايع ڪري ڇڏيو. ڏيپلائيءَ کي پنهنجي پهرئين مضمون جي شايع ٿيڻ تي بيحد خوشي ٿي، ۽ کيس وڌيڪ مضمون لکڻ جو شوق جاڳيو. انهيءَ زماني ۾ مولانا عبدالرزاق ۽ حڪيم عبدالخالق ”خليق“ مورائي گڏجي رسالو”ترقي“ ڪڍندا هئا. حڪيم عبدالخالق جي طرز تحرير ڏيپلائيءَ تي گهرو اثر ڪيو، ۽ کيس انهيءَ رنگ ۾ لکڻ جو اشتياق پيدا ٿيو. حڪيم صاحب پوءِ رسالو ”علمي دنيا“ جاري ڪيو، جنهن ۾ ڏيپلائيءَ جو پهريون افسانو ”چنڊ سهڻو يا انسان“ شايع ٿيو. انهيءَ همت افزائيءَ جي آڌار تي هن پنهنجو ٻيو افسانو ”ڪتو به کاڌو، ڪُک به نه ڀري“ لکيو، جو پڻ ”علمي دنيا“ ۾ ”فريبي دنيا“ جي بدليل عنوان سان شايع ٿيو. پوءِ ته ڏيپلائيءَ کي لکڻ جي اهڙي لهر لڳي ويئي، جو مضمون نويس مان ڪتابن جو مصنف بنجي ويو.

1934ع ۾، حيدرآباد ۾، حڪيم عبدالخالق سان ڏيپلائيءَ جي روبرو ملاقات ٿي ويئي. ان جي ئي فرمائش تي هن ”قرآني دعائون“ ڪتاب لکيو، جو ”مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ شايع ڪيو. اهو ئي پهريون ڪتاب هو، جنهن تي لفظ ”ڏيپلائي“ ڇپيو، ۽ اڄ تائين اهو ’ٽريڊ مارڪ‘ نه صرف سندس هر تصنيف جو تعارف بنيل آهي، بلڪ ائڊريس طور به فقط ”ڏيپلائي“ جو لفظي حوالو ئي ڪافي آهي.

ڏيپلائيءَ کي جيڪا عام شهرت حاصل ٿي، سا ”ڏيپلائيءَ جا اسلامي تاريخي ناول“ واري سلسلي ذريعي. شروع شروع ۾ کيس جاسوسي ناول پڙهڻ جو گهڻو شوق هو. مشهور ضخيم ناول ”چندر ڪانتا“، بمع ’ڀوتناٿ‘، هضم ڪرڻ جي حد تائين پڙهيو هئائين. بليڪ، شرلاڪ هومز ۽ آرسين لوپن وارا جاسوسي ناول سندس خاص پسند هئا. ان بعد جڏهن مولانا عبدالحليم ”شرر“ جا تاريخي ناول نظر چڙهيس، ته تاريخي ناولن پڙهڻ جو شوق جاڳيس. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جڏهن حڪيم عبدالخالق جو ناول ”سندري“ پڙهيائين، تڏهن سندس دل ۾ هيءُ خواهش پيدا ٿي ته سنڌيءَ ۾ اهڙا ئي اسلامي تاريخي ناول گهڻي تعداد ۾ شايع ٿيڻ گهرجن – پر حڪيم صاحب اهڙن وڌيڪ ڪتابن لکڻ بغير وفات ڪري ويو. البت مولانا شرر ۽ علامه راشد الخيريءَ جي ڪجهه تاريخي ناولن جا ترجما شايع ٿيا، پر پوءِ اهي سلسلا به خاموش ٿي ويا. ٻئي طرف اردو ۾ اهڙا ناول ڌڙا ڌڙ ڇپجي رهيا هئا. ”ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو“ جي اصول پٽاندر، انگريزن کي سخت ضرورت هئي ته هندستان جا مسلمان ”مجاهد قوم“ بنجي هندن جو مقابلو ڪن: ”الناس عليٰ دين ملو ڪهم“ جي مصداق، مسلمانن ۾ اهي خيال ائين پکڙجي ويا جو از خود اهڙا ڪتاب لکندڙ مصنف پئي پيدا ٿيا. منشي صادق صديقي، نسيم حجازي ۽ ايم. اسلم جا ناول تيزيءَ سان شايع ٿي رهيا هئا، جن کي پڙهڻ ڏيپلائيءَ جو محبوب مشغلو هو. 1938ع ۾، جڏهن ڏيپلائي ميرپورخاص ۾ ملازم هو، مولوي خير محمد نظاماڻي به اتي ئي رهندو هو. ٻئي اڪثر ملندا رهندا هئا. هڪ دفعي گفتگو ٿي ته ’جئن اردو ۾ ”مجاهدانه اسپرٽ“ وارا ”اسلامي تاريخي ناول“ شايع ٿين ٿا، تئن سنڌيءَ ۾ به ٿيڻ گهرجن‘. مولوي صاحب انهيءَ تي ڏيپلائيءَ کي چيو ته ”لکي تون ڏي، شايع آءٌ ڪرائيندس“. چنانچه ڏيپلائيءَ پهريون اسلامي تاريخي ناول ”سنگدل شهزادي“ لکيو، جنهن جو پلاٽ منشي صادق صديقيءَ جي ڪتاب ”آرمينيا ڪا چاند“ تان ورتل هو، ۽ منشي صاحب وري اهو پلاٽ عربي تاريخ ”فتوح العجم“ تان ورتو هو. مولوي صاحب ته مالي مشڪلاتن سبب اهو ڪتاب شايع ڪرائي نه سگهيو، ان ڪري ڏيپلائيءَ پنهنجو ڪتاب پاڻ ڇپائڻ جو ارادو ڪيو. پنجاهه روپين جي اوڌر کڻي، ”سنگدل شهزاديءَ“ کي پريس ۾ پهچائڻ بعد کيس خيال آيو ته اهو سلسلو اڳتي به هلڻ گهرجي. ائين ئي هن سماهي ڪتابن جي سلسلي جو اعلان ڪري ڇڏيو. انهيءَ اعلان کي عمل ۾ آڻيندي، ”اسلاميه دارالاشاعت“ جي نالي سان، ڏيپلائيءَ پهريون مرتبو ميرپورخاص ۾ هڪ ننڍڙو ادارو قائم ڪري ورتو. ان طرح، شوق ئي شوق ۾، پنجاهه رپين جي اُڌاريءَ رقم سان شروع ڪيل انهيءَ اداري کي هن وقت هزارن روپين جي وهنوار تي پهچائي چڪو آهي!

سڀ کان وڏي خصوصيت، جيڪا ڏيپلائيءَ کي سنڌ جي ٻين مڙني شخصيتن تي امتياز ۽ فوقيت ٿي بخشي، سا آهي ڏيپلائيءَ جي پيري – مرشديءَ خلاف بغاوت ۽ مسلسل جهاد. هن مجاهد جي سڄي عمر انهيءَ جدوجهد کي منظم ڪرڻ ۾ گذري آهي، ۽ سچ پچ ته سندس هن شاندار ڪارنامي کي جيڪڏهن اسين سنڌ جي سر زمين تي ”آب حيات“ جي جُوءِ جاري ڪرڻ جي استعاري سان ياد ڪريون ته اهو بلڪل بجا ٿيندو. سنڌ ۾ ورهين کان وٺي جيڪا عام جهالت ۽ ذهني پست حاليءَ جي حالت قائم آهي. تنهن اسان کي قومي ترقيءَ جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ کان روڪي رکيو آهي. تعليم، هنر، معاش، اقتصاد، سياست، اخلاق – مطلب ته اسين زندگيءَ جي هر مرحلي ۾ پست هئاسون، ۽ پست آهيون. اڄ جڏهن دنيا جا سمورا ملڪ ۽ قومون اجتماعي طرح، ۽ انفرادي طرح اسان جي بنهه ويجهيون ٻيون پاڪستاني قوميتون، پنهنجي پنهنجي حال کي بهتر کان بهتر بنائڻ ۾ اڳريون آهن، ۽ ٻئي طرف جڏهن جديد سائنس جي تازه ترين انڪشافن، زندگيءَ جي سمورن قديم تصوراتي نظرين تان پردو هٽائي، انسان جي عملي ڪردار کي ڪائنات جي وسيع اختيارين سان همڪنار ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن اسان جي ”سنڌي سٻاجهڙي“ جو هيڻو حال اجهو هيءُ آهي جو اڃا به وتي ٿو ’خاڪ چپٽيءَ‘ لاءِ ڀِٽون ڀيٽيندو ۽ ٽوڻن ڦيڻن کي دردن جو دارون سمجهندو!

ڏيپلائيءَ جي طبيعت ۾ اوهام پرستيءَ جي خلاف بغاوت سڀ کان اول علامه شرر جي ڪتاب ”فردوس برين“ پڙهڻ سان پيدا ٿي. اهو ڪتاب کيس مشهور مبلغ توحيد مولانا عبدالرحيم پڇمي مرحوم سن 1922ع ۾ پڙهايو هو، جڏهن ڏيپلائي اڃا چوڏهن ورهين جو هو. مولانا پڇميءَ جي پراثر تبليغ لاڙ ۽ ڪڇ جي لکها ماڻهن کي پير پرستيءَ جي جهنم مان ڪڍي توحيد جي راهه تي آندو. جئن ته انهيءَ پٽَ ۾ اهو پهريون شخص هو، جنهن شرڪ جهڙي زبردست ڪوٽ کي ٽَڪرون هنيون، ان ڪري کيس بيحد سخت تڪليفون درپيش آيون؛ ليڪن سٺ سالن جي لڳاتار تبليغ آخر اهڙو اثر پيدا ڪيو، جنهن جي ڪا حد ئي ڪا نه آهي. ڏيپلائيءَ پوءِ ”فردوس برين“ جو ڳچ جيترو ترجمو، ”گلستان حسن“ جي نالي سان شايع ڪيو، جنهن ۾ حسن بن صباح جي بهشي باغ جو ذڪر آندو اٿس. اهو ڪتاب پوءِ ضبط ڪيو ويو – حالانڪ اردوءَ ۾ ساڳيو ڪتاب ڪاليج جي ڪورس تي رکيل آهي. ڪتابن جو اهو سلسلو ٻه سال سماهي هليو، پوءِ ماهوار ٿيو، ۽ اڄ تائين جاري آهي. انهيءَ سلسلي جي ذريعي ڏيپلائي ”مرشد“ جي پوئتان ائين ته هٿ ڌوئي لڳو آهي، جو مرشد جي ٽنگ ٻانهن به سلامت ڪا نه ڇڏي اٿس: مرشد جي درگاهه ۽ ان جي ڪرامت ته خير، پر مرشد جي گڏهه ۽ گهوڙي، بلڪ مرشد جي ڪِياڙي ۽ ڪن جي پاپڙيءَ تي به ويهي ناول جوڙيا اٿس! ان طرح، سنڌ جي ويساهه جي وسوڙل عوام کي تهه در تهه فريبن ۽ مڪارين کان واقف بنائڻ لاءِ ڏيپلائيءَ جيڪا جاکوڙ ورتي آهي، اسان جي آئيندي جي خوشحاليءَ جي حق ۾ ان جي اهميت، بنيادي طرح، نهايت ئي بلند آهي.

ڏيپلائيءَ جي ذهني ارتقا جي باب ۾ آريه سماجي هِندن سان سندس مقابلي بازيءَ وارو دور خاصي اهميت رکي ٿو. آريه سماجين طرفان ڊزن کن اهڙا ناول شايع ڪيا ويا، جن ۾ مسلمان بادشاهن جي خانگي حالات کي نهايت تلخ ۽ سخت انداز ۾ پيش ڪيو ويو هو. انهن مان هڪ ڪتاب ”مغل رنگ – محل“ ته جنسي چئلينج هو، جنهن ۾ مغل شهنشاهن جي اخلاقي ڪردار تي بريءَ طرح حملا ڪيا ويا هئا. ظاهر آهي ته سخت تعصب جي هوا هلندي، باهمي ڪاهش جي ڪا معمولي چڻنگ به وڏي ڀنڀٽ جو باعث بڻجي سگهي ٿي. مسلمانن ۾ هن قسم جي تحريڪ لاءِ نفرت جو رد عمل فطري هو. ڏيپلائي، جنهن ان وقت خود کي هڪ ”مبلغ اسلام“ ڄاڻي سوچيو ٿي ۽ ”محافظ دين“ ڄاڻي لکيو ٿي، تنهن جي دل جي حالت انهيءَ غيرت جي ٽهڪي کان بلڪل غير بنجي ويئي. گند گند سان صاف ٿئي نه ٿئي، ليڪن مسلمان بادشاهن جي توهين جي تلافيءَ لاءِ ڏيپلائيءَ وري هندو راجائن جا پول پڌرا ڪيا: ”مغل رنگ – محل“ جي مقابلي ۾ ”ڏاهري رنگ – محل“ سچ پچ ته وڏي هلچل مچائي ڏني. فساد دفع ڪرڻ لاءِ آخر سرڪار اهو ڪتاب ضبط ڪيو – حالانڪ ”مغل رنگ – محل“ کي ڪاليج جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو هو. ڏيپلائيءَ وري ٻيو ڪتاب لکيو – ”ڪتي جو.....؟ (پُٽ)“. هن ڪتاب کي به ڪافي شهرت ملي، ۽ هندن جي مقابلي ۾ ڏيپلائيءَ جي هن ديني خدمت کي مسلمانن ۾ گهڻي قدر ساراهيو ۽ ڦهلايو ويو. ان طرح، ڏيپلائيءَ جي ڪتابن کي هاڻي هڪ وسيع مارڪيٽ پڻ ميسر ٿي ويئي.

1941ع ۾ جنگ جي زور سبب’نيوز پرنٽ ڪنٽرول آرڊر‘ جاري ٿيو، جنهن موجب ڪتابن لاءِ اخباري ڪاغذ جي استعمال تي بندش وڌي ويئي. اخبارن ۽ رسالن کي ته سرڪاري اگهه تي پنو ملي سگهيو ٿي، پر ڪتابي ڪاغذ جي قيمت بليڪ ۾ پنجوڻي فرق تي پهچي ويئي. ڏيپلائيءَ ان ڪري پنهنجي ڪتابي سلسلي کي ”ماهوار رسالو’عبرت‘“ جو نالو ڏنو، جئن پنو آسانيءَ سان ملي سگهي؛ پر جلد ئي ٻئي پني لاءِ به ’پيپر ڪنٽرول آرڊر‘ جاري ڪيو ويو، جنهن موجب وري صفحن جي تعداد تي به پابندي وڌي ويئي، جنهنڪري لاچار ڏيپلائيءَ کي پنهنجي سلسلي کي هفتيوار ڪري هلائڻو پيو. وري جڏهن 1953ع ۾ ساڳيو تماشو شروع ٿيو، تڏهن حالتن پٽاندر هفتيوار ”عبرت“ کي روزانه اخبار بنائڻ جو خيال ڪيائين. ڏيپلائيءَ ”عبرت“ کي روزانه بنائڻ جي منظوري فقط پني گهڻي ملڻ سبب ٿي وٺڻ چاهي، پر اها اجازت کيس تڏهين عنايت ٿي، جڏهن ڪرنافلي ڪاغذ نڪتو ۽ پني جي تنگي گهڻي قدر گهٽ ٿي ويئي: ليڪن ون – يونٽ کانپوءِ اخبارن تي ايتريقدر ڪڙيون پابنديون وڌيون ويون جو ڪا نئين اخبار جاري ڪرڻ سنڌين لاءِ مشڪل بلڪ محال ٿي پيو؛ ان ڪري انهيءَ اجازت کي ضايع ڪرڻ مناسب نه سمجهي، ڏيپلائيءَ روزانه ”عبرت“ اخبار جاري ڪئي، ۽ اڄ تائين ان کي هلائيندو اچي. ”عبرت“ جو نالو مشهور ترڪي اديب ۽ صحافي ’نامق ڪمال‘ جي اخبار تان ورتل آهي، جنهن سلطان عبدالحميد جي آپيشاهيءَ خلاف بغاوت ڪرڻ ۽ ترڪي عوام کي جمهوريت ملڻ جي مطالبي لاءِ هڪ بي نظير ڊرامو ”وطن“ لکيو، ۽ پوءِ ”عبرت“ اخبار هلائي. جنهن جذبي سان ڏيپلائيءَ پنهنجي اخبار جو نالو تجويز ڪيو هو، واقعي انهيءَ جذبي جو ڀرپور اظهار ان جي مضمونن ۾ ملي ٿو:جاگيرداري ۽ ڪامورا شاهيءَ جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ جمهوري انصاف جي بحاليءَ جي عام مطالبي، ۽ خصوصاً سنڌ جي صوبائي خودمختيار حيثيت سان متعلق سڀني مسئلن تي عوام جي حقن جي ترجماني، سخت کان سخت انداز ۾، جيتريقدر ڏيپلائيءَ جي ”عبرت“ ۾ اچي چڪي آهي، شايد ئي ان کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي پرچي ۾ نظر اچي. ليڪن، افسوس آهي جو ڏيپلائي ”عبرت“ جي اشاعت کي وڏي پيماني تي پهچائڻ کان مجبور آهي، جنهنڪري سنڌ جا اڪثر ماڻهو انهيءَ اخبار جا مفيد مضمون پڙهڻ کان محروم آهن.

ان وچ ۾، 1942ع ۾، ڏيپلائي مستقل طرح حيدرآباد اچي رهيو، ۽ ”اسلاميه دارالاشاعت“ جو ڪتابي سلسلو ۽ ”عبرت“ اخبار پڻ ان طرح حيدرآباد ۾ منتقل ٿيا. 1945ع ۾ ڏيپلائي پنهنجي موجوده پريس ورتي. ان کان اڳ سندس ڪتاب اڪثر محمد خان ”غني“ واري ”هاشمي پريس“ مان ڇپبا هئا. حيدرآباد واري دور ۾ ڏيپلائيءَ جو ”جماعت اسلاميءَ“ سان اتفاق ۽ جماعت اسلامي جي ابتدائي تنظيم کان ڏيپلائي گهڻي قدر متاثر ۽ پُر اميد ٿيو: سندس خيال هو ته جماعت اسلاميءَ کي زور وٺائڻ سان پاڪستان ۾ ”حڪومت الاهيه“ جي قيام وارين ڪوششن کي تقويت پهچندي، ۽ ان کي اقتدار ۾ آڻڻ هر سچي مسلمان جو فرض آهي. انهيءَ فرض جي احساس سان، ڏيپلائيءَ جماعت اسلاميءَ جي پوري پوري پٺڀرائي ڪئي: مودودي صاحب جي هر تازي تقرير ۽ ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيائين. پنهنجي اخبار ۽ ڪتابن ۾ هن تحريڪ جي تبليغ ڪيائين، ۽ آخر سڄي ساري پريس ئي جماعت اسلاميءَ کي پنهنجي لٽريچر ڇپڻ لاءِ سپرد ڪري ڇڏيائين. جلد ئي، جڏهن جماعت اسلامي کي توقع کان زياده اقتدار حاصل ٿي ويو ۽ ان جي اندروني مصلحتن ۽ سياسي مفادن جي پاليسي رفتي رفتي عيان ٿيڻ لڳي، تڏهن ڏيپلائيءَ کي پنهنجي ’فرض‘ جي حقيقت به معلوم ٿي ويئي، ۽ هو يڪلخت انهيءَ جماعت کان بدظن بلڪ متنفر ٿي ويو. مودودي صاحب جي قلابازين، ڏيپلائيءَ لاءِ پنهنجن سمورن گذريل مرحلن تي نئين سر نظر وجهڻ جو موقعو آندو، ۽ آخر هن پنهنجي تجربن کي هڪ مستقل نتيجي تي پهچائڻ جو عزم ڪري ورتو. ان باري ۾ ڏيپلائي پنهنجي خود سرگذشت سوانح ۾ لکي ٿو:

”آخر مون هي تماشو به ڏٺو ته جيڪي به شخص مذهبي فريب ڏين ٿا، سي سڀ در حقيقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سرمائيدارن، زميندارن، سيٺين ۽ حاڪمن جا ڇاڙتا آهن، ۽ عوام کي ڪنهن نه ڪنهن طرح، سمجهي ٻجهي يا بيخبريءَ ۾، سندن انساني حقن کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هر انسان لاءِ پهريون فرض آهي پنهنجا جائز ۽ بنيادي انساني حق حاصل ڪرڻ، ٻيون سڀ ڪوششون ان کان پوءِ جون آهن: ڇاڪاڻ ته جنهن شخص کي صحيح معنيٰ ۾ ’انسان‘ ئي تصور نٿو ڪيو وڃي، ان جون باقي طلبون ڀلا حيثيت ئي ڪهڙي ٿيون رکن؟

”هارين سان زميندارن جو جيڪو ويل آهي، سو مون پنجويهه سال چٽين اکين سان سندن اندر ويهي ڏٺو آهي؛ ڪارخانن اندر مهينن جا مهينا رهي، مزدورن سان سيٺين جو برتاءُ به مطالع ڪيو اٿم؛ پيرن، ملن ۽ ليڊرن جي فريبي زندگيءَ کي ڏسڻ جو مون کي ڪافي موقعو مليو آهي؛ ۽ جماعت اسلاميءَ جون قلابازيون به مون پوريءَ طرح پروڙيون آهن: اهي ڳالهيون آهن، جن منهنجي خيالن ۾ تبديلي آندي، ۽ مون جڏهن انهيءَ تصور هيٺ وري مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن پوريءَ طرح محسوس ڪيم ته در حقيقت سمورا مذهب به انهيءَ تصور هيٺ شروع ٿيا آهن ته انسان ذات کي بهتري ۽ بهبودي ميسر ڪري ڏجي، مگر جئين پوءِ تئن وڌيڪ انهن جي پيشوائن ۾ خود غرضي ايندي ٿي وڃي، ۽ هو آخر مذهب جي منشا کي ئي بگاڙي چڪا آهن.

”هر مذهب جي صحيح پيروي اها ئي آهي ته مظلوم انسانيت کي خود غرضيءَ جي زنجيرن مان آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، جيڪي پاڻ سمجهيو ويو آهي سو عوام تائين پهچائجي، ۽ هنن کي سندن پستيءَ جو احساس ڏياري، منجهن اها اميد پيدا ڪجي ته ’اها پستي به بلنديءَ ۾ بدلجي سگهي ٿي‘. اهو ڪو لوح محفوظ جو لکيو ڪين آهي، جو ميٽجي ئي نه سگهي: اهي ته وڏن ماڻهن جا دوکا آهن، جي اسان کي اهڙن لفظن ۾ پيا باور ڪرايا وڃن ته:

’توڙي هلين تڪڙو، توڙي وجهين وِک،

لِکيي منجهان لِک، ذرو ضايع نه ٿئي!‘

”انهن ئي خيالن منهنجي دل مان هرقسم جي تعصب ۽ ڪٽرپڻي کي ڪڍي ڇڏيو، ۽ غير مسلمن لاءِ جيڪا قدري نفرت هئي، سا به هاڻي نه رهي آهي: منهنجي نظر ۾ هر انسان هڪ ’انسان‘ آهي - ۽ بس:

”ڪفر است در طريقهء ما ڪينه داشتن،

آئينِ ماست سينه چو آئينه داشتن.“

نون خيالن واري انسان – دوست ڏيپلائيءَ هاڻي پنهنجن تجربن کي نئون روپ ڏيڻ شروع ڪيو. 1952ع ۾ هن ”ادارهء انسانيت“ قائم ڪيو، ۽ ان جي ذريعي انسانيت جي معياري قدرن کي عام ڪرڻ لڳو. ان سلسلي ۾ هن ماهوار ”انسان“ اخبار جاري ڪئي، ڪيترائي بهترين ڪتاب شايع ڪيا. اڄ تائين اها اخبار جاري آهي، ۽ ”سلسلهء انسانيت“ جا ڪتاب هڪ منفرد معيار سان بدستور شايع ٿي رهيا آهن. ”چار داڻا“، ”ماڻهو ۽ ڌرتي“، ”امريڪي شاعر“، ۽ ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ جهڙا بهترين ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ نمايان اضافو آهن.

1947ع واري ورهاڱي جيڪي حيرت انگيز تبديليون آنديون، تن کان پوري ملڪ جو ماحول متاثر ٿيو: نه صرف تاريخ جي هڪ قديم وحدت ۾ ٻن الڳ الڳ ورهاستن جي وجود جنم ورتو ۽ عوام الناس جي ذهنن ۾ وطنيت جا نوان ناتا داخل ٿيا، بلڪ ان بعد جلد ئي جيڪي هنگامي حالتون پيدا ٿيون، يا پيدا ڪيون ويئون، انهن، زندگيءَ جي اقتصادي ۽ معاشرتي تقاضائن جي بنياد تي، پاڪستاني عوام جي مختلف فطري گروهن ۾ هڪ بنيادي ۽ جمهوري عمل جو احساس بيدار ڪيو: اهو جمهوري عمل هو ”پنهنجي تَڏي سان محبت“. ون – يونٽ کان پوءِ انهيءَ احساس جي مڪمل تشريح، پنهنجي پوري پس منظر سان، ماحول جي رڳ رڳ مان ڦُٽي نڪتي، جنهن ۾ ”قوميت“ جي احترام کي پاڪستاني زندگيءَ جو بنياد قرار ڏنو ويو.

صوبائي خودمختياريءَ جي انهيءَ جدوجهد، ڏيپلائيءَ جي مطالعي کي هڪ خوشگوار وسعت، بخشي، ۽ سندس دلي امنگن کي سنڌ جي سر زمين سان وابسته ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ، ’وطن‘ جي باري ۾ ڏيپلائي هڪ وڏي مبالغي ۾ مبتلا هو:

”شروع کان مذهبين جي چڪر ۾ اچڻ سبب، منهنجو اهو ئي تصور هو ته ’مسلم هين هم، وطن هي سارا جهان همارا‘ ۽ ’اِن تازه خدائون مين بڙا سڀ سي وطن هي‘! ان ڪري، مون کي وطن سان ڪا به محبت ڪا نه هئي. پاڪستان بنجڻ بعد جڏهن سڀ کان اول ڪراچي سنڌ کان کسي ويئي، ۽ پوءِ سنڌ جي زمينن، جائدادن، نوڪرين، واپار، تعليم، ادب ۽ زبان تي غير سنڌي ڀائرن جون ’برادران يوسف‘ واريون بدنيت نظرون اُٿيون – جي اڳتي هلي عظيم پنجاب عرف ’ون يونٽ‘ جي روپ ۾ نروار ٿيون – تڏهن منهنجي ذهن کي سخت صدمو پهتو. وري جڏهن انهيءَ احساس سان سمورن اسلامي ملڪن ۽ پاڪستان جي باهمي تعلقات، وچ مشرق جي موجوده حالات، ۽ مغرب – مشرق جي بين الاقوامي صورتحال جو جائزو ورتم، تڏهن هن حقيقت کي سڀ کان اهم ۽ ضروري محسوس ڪيم ته سڀ کان اول قيمتي آهي پنهنجو وجود، ان بعد پنهنجو گهر ۽ وطن – ان کان پوءِ ئي وڌيڪ ڳالهيون سوچي سگهجن ٿيون. جنهن به انسان کي پنهنجي ’تڏي‘ سان محبت ناهي، اهو سامين، ڪهيرين، گُرگلن ۽ واگهڙين وانگي سدائين رولو رهي ٿو، ۽ ان لاءِ هن دنيا ۾ ڪو به صحيح ٺڪاڻو ڪونهي.

”آءٌ پوري يقين سان محسوس ڪريان ٿو ته سنڌ جي باشندن سان هن وقت پاڪستان ۾ بلڪل اهڙو ئي ظلم روا رکيو ويو آهي، جهڙو جپانين چينين سان ڪيو، فلسطين وارن سان يهودين ڪيو، فرينچَ الجيريا وارن سان ڪري رهيا آهن، انگريز ڏکڻ آفريقا وارن سان ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه عرصو اڳ آئرلنڊ ۽ ڪئناڊا وارن سان ڪيائون ٿي. پر، جپاني چينين کان ۽ ڏکڻ آفريقا، آئرلنڊ ۽ ڪئناڊا وارا انگريزن کان، الجيريا جا مظلوم فرينچن کان، جهاد ڪري پنهنجي جند ڇڏائي رهيا آهن، ليڪن سنڌ جي حالت کي ٿو ڏسجي ته سيءُ ٿو وٺي: خدانخواسته جيڪڏهن اها ئي غفلت اڃا ڪجهه وقت قائم رهي ته اسان جو حال به فلسطين جهڙو ئي بنجي ويندو! ان ڪري، هر ڪنهن دورانديش اديب ۽ اڳواڻ کي گهرجي ته هو قوم کي خوب سجاڳ ڪري، ۽ ان کي پنهنجي وطن جي محبت ۾ اهڙو ته سرشار ڪري جو ان کي ڪو به ڀنڀلائي نه سگهي.“

هيءُ آهي ڏيپلائيءَ جي ذهني ارتقا جي موجوده منزل، جنهن کي بهرحال سندس مطالعي جو بهترين نتيجو، ۽ سندس شخصيت جو بهترين رخ قرار ڏئي سگهجي ٿو.

هاڻي ڏيپلائي هڪ وطن – پرست ۽ انسان – دوست ”انسان“ بنجي چڪو، جنهن کي پنهنجي وطن جي سر زمين سان محبت آهي، ۽ سموري انسان ذات کي پنهنجي پنهنجي وطن ۾ آباد ۽ شاد ڏسڻ چاهي ٿو. هڪ طرف هو ”اسلاميه دارالاشاعت“ جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي مذهب جي صحيح سمجهاڻي ڏئي رهيو آهي، ٻئي طرف ”ادارهء انسانيت“ جي معرفت عالمگير انسانيت جي بهترين اصولن جي تبليغ ڪري رهيو آهي، ۽ وري ٽئي طرف ”عبرت“ جي سلسلي سان ادبي ۽ سياسي بيداريءَ جا اسباب پيدا ڪري رهيو آهي: هاڻي وطن سان وابستگيءَ جو حق ادا ڪرڻ جو خيال آيو، ته ان لاءِ هن ”لطيف پبليڪيشن“ جي نالي سان الڳ ادارو قائم ڪيو. ”جپاني گُڏي“، ”1857ع جو بلوو“، ۽ ”غازي انور پاشا“ – اهي جوش ۽ جذبي سان ٽمٽار ناول پڙهڻ سان يڪلخت دل ۾ قومي غيرت ۽ آزاديءَ جي ولولن جو طوفان مچيو وڃي. هو قوم کي وقت جو احساس ڏيارڻ لاءِ، پنهنجي ذاتي تلقين کي بنياد بنائڻ جي عيوض، تاريخ جي مثالي تجربن سان حالات جي ڪيفيت ٻڌائي ٿو. هو سنڌي عوام جي مخصوص نفسياتي مزاج کي پوريءَ طرح سمجهي چڪو آهي. عوام جي ذهني سطح تي، آسان مثالن سان، مشڪل مسئلن کي سمجهائڻ وارو اڄ اسان وٽ اهو ئي هڪ شخص آهي – ”ڏيپلائي“.

ڏيپلائيءَ جي هيءَ خوبي ڪيڏي نه وڏي آهي جو هو بيڪ وقت ڪيترا سارا ادارا هلائي رهيو آهي، ۽ هر هڪ اداري جي طرفان، الڳ الڳ مدت جي مقرريءَ سان، ڪيترا سارا ڪتاب باقاعدگيءَ سان شايع ٿي رهيا آهن! هو هن وقت تائين ڪل ٽي سؤ کن ڪتاب لکي چڪو آهي. ڊاڪٽر چوندا آهن ته هلندي گاڏيءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ سان نظر گهٽجي وڃي ٿي؛ پر ڏيپلائيءَ جي خيال موجب هلندي گاڏيءَ ۾ ڪتاب لکڻ سان نظر تيز ٿي وڃي ٿي – بلڪ گاڏيءَ جي رفتار گهٽجي وڃي ٿي: ڏيپلائيءَ جي لکڻ جي رفتار ايتري ته تيز آهي، جو هڪ اسٽيشن کان ٻيءَ اسٽيشن تائين هڪ عدد ناول تيار! کيس ”قليچ دوران“ چئجي يا علامه راشد الخيريءَ جو مثال؟ ڪيترو ئي هُل بکيڙو هجي، ڏيپلائيءَ جي خيالن ۾ رولو نه ايندو. کانئس قلم ۽ ڪاغذ کسي وٺو، هو اوهان کي پنهنجي لکيت جو ثبوت ضرور ڏيندو. هو ”بنا لکي لکيو پڙهڻ“ سان اوهان کي هي يقين ڏياري سگهي ٿو ته هو پنهنجي هڪ مرتبو سوچي ورتل مضمون کي بروقت ڪاغذ تي درج ڪرڻ جو محتاج نه آهي. ڪيترائي مرتبا هو وڏن وڏن اسٽيجن تي ڊگها سارا ’لکيل‘ مقالا ۽ ناٽڪ پڙهي چڪو آهي، ۽ پوءِ جهڙيءَ طرح ڏيپلائيءَ جي لکڻ جي رفتار هلندي گاڏيءَ جي رفتار کان تيز آهي، اهڙيءَ ئي طرح وري سندس پڙهڻ به هڪ ”شهسوارِي“ آهي – ڄڻ سچ پچ گهوڙي تي چڙهي آيو هجي! اوهين يقين ڪريو ته ”امرزو“ اخبار جا ڳتيل ڇهه ئي صفحا هو فقط اڌ منٽ جي اندر پڙهي پورا ڪري وٺندو آهي! وري اوهين جنهن به هيڊنگ تي هٿ رکندا، ڏيپلائي ان جو تفصيل هوبهو بيان ڪري ويندو. دراصل اخبار بينيءَ جي سلسلي ۾ ڏيپلائي صاحب کي ”هيڊنگ – شناسي“ جو هنر حاصل آهي. ان جو هڪڙو سبب هي به آهي جو حالات جي تبديلين جو ايتريقدر ته مطالعو رکي ٿو جو کيس ڪنهن خاص صورتحال جو رد عمل اڳ ۾ ئي معلوم ٿي وڃي ٿو. اڪثر مرتبا ائين به ٿيو آهي جو ڪنهن جلسي ۾ ڪو مشهور مولانا صاحب پنهنجو وعظ ڪرڻ لاءِ اچڻو هوندو، يا ڪو ليڊر صاحب پنهنجي بيان جاري ڪرڻ بابت اعلان ڪري چڪو هوندو، ته جيستائين اهو مولوي صاحب پنهنجو وعظ مبارڪ ڪرڻ لاءِ تشريف فرما ٿئي، ۽ ليڊر صاحب پنهنجو ولولي انگيز بيان پريس ۾ پهچائي، ان کان اڳي ئي ڏيپلائي صاحب انهن جو خلاصو پنهنجي دوستن جي اڳيان ’آئوٽ‘ ڪري ڇڏيندو آهي. ٻئي ڏينهن سچ پچ ته اهو وعظ ۽ اهو بيان ائين ئي هوندو، جيئن ڏيپلائيءَ جي ذهن ۾ آيو هو – ان لاءِ هو شرط جو پابند آهي. اکر البت ’لِکي لَکانو‘ قسم جا اٿس، جن کي ’الهه نو‘ کان سواءِ ٻيو فقط مير غلام علي خان ئي لس پڙهي سگهي ٿو!

ڏينهن جي چئن ئي پهرن مان ڪنهن به موقعي تي اوهين ڏيپلائي صاحب وٽ وڃو ..... هو اوهان کي ڪا نه ڪا هڪ پُراسرار ۽ ’ڪنهن کي به نه ٻُڌائڻ جهڙي‘ ڳالهه ضرور ٻڌائيندو – ڪا سازش، ڪو انڪشاف - ۽ پوءِ ان لاءِ اوهان کي ائين به ضرور چوندو ته ”هيءَ حقيقت ڪنهن سان به نه ڪج“: ليڪن اها ئي حقيقت هو هر اچڻ واري دوست کي انهن کي لفظن جي تاڪيد سان چوندو آهي، ۽ وري ڀلجي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح سندس هر ’سازش‘ هڪ انڪشاف، ۽ هر ’انڪشاف‘ هڪ سازش آهي. انهيءَ ئي سبب کان مولانا گرامي صاحب ائين چاهيندو آهي ته ’ڏيپلائي صاحب جي ”ڪنهن کي به نه ٻڌائڻ جهڙي ڳالهه“ ٻڌڻ وارن مان شل آءٌ پهريون ماڻهو نه هجان!‘ ڏيپلائي صاحب ۽ گرامي صاحب جي اڪثر انهيءَ ئي ڳالهه تي لڳندي آهي: گرامي صاحب ڪوشش ڪري هر روز ڏيپلائي صاحب کان سندس ’نه ٻڌائڻ واري ڳالهه‘ ٻڌي ايندو آهي، ۽ پوءِ ڪوشش ڪري پهرين ئي ملڻ واري کي ٻڌائي ڇڏيندو آهي؛ ۽ ڏيپلائي صاحب به شايد ان ڪري پنهنجي هر ڏينهن جو تازو انڪشاف پهرين گرامي صاحب کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽  پوءِ وري ميار به ڏيندو اٿس!

ڏيپلائيءَ جي شخصيت تي ٻه چيزون بريءَ طرح حاوي آهن – ٽهڪ ۽ ٽوٽڪا. ٻيهر ٻُڌي کلڻ واري کي ته ٻوڙو ئي چئبو، پر ڏيپلائي صاحب کي سندس ٽهڪ ئي ڪنن جو ڪم ڏيندا آهن – يعني ٽهڪ ڏيڻ کان سواءِ هن لاءِ ڪا به ڳالهه ٻڌڻ يا ٻڌائڻ نهايت مشڪل ٿي پوندي آهي. جيڪڏهن ٽهڪ نه آيو، ته پڪ ئي پڪ اها ڳالهه نه لڳي – پوءِ وري ٻيهر گفتگو شروع ڪجي، يا کيس غير حاضر سمجهي انتظار ڪجي! ڏيپلائي صاحب جي آفيس، دوستن لاءِ هڪ معقول انتظار گاهه آهي. جيڪڏهن خود موجود آهي ته بروقت، ۽ جيڪڏهن سندس انتظار ئي ڪرڻو پئجي وڃي، ته في دوست جي حساب سان هڪ عدد چانهه جو ڪوپ ۽ هڪڙو ڪيڪ – اها سندس انتظار جي مقرر في آهي، جنهن جو بل هو اچڻ شرط پنهنجي مخصوص ٽهڪ سان هوٽل تي ڏياري موڪليندو آهي. (البت هيءَ آزمودي جي ڳالهه آهي جو هو پان گهرائيندو آهي ته فقط پنهنجي لاءِ – انتظار جي عيوضي ۾ فقط چانهه ڪيڪ مقرر آهن.)

”ڏيپلائيءَ جا ٽوٽڪا“ – انهيءَ نالي سان جيڪڏهن ڪو ڪتاب ڇپائجي ته ان هڪڙي ئي ڪتاب جا ايترا جلد تيار ٿيندا، جيترا ”اسلاميه دارالاشاعت“ جا جملي ڪتاب؛ ۽ پوءِ اهو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ”لوڪ ادب جي لغت“ جي طور تي هر حالت جي حوالي لاءِ استعمال ڪري سگهبو. اوهين يقين ڪريو ته ڏيپلائي صاحب ’ٽوٽڪي باز‘ نه بلڪ ’ٽوٽڪي ساز‘ آهي؛ هو ٽوٽڪن جي صنف جو موجد آهي، خالق آهي. هر ڳالهه ۽ هر قسم جي واقعي تي فوراً ۽ في البديهه ٽوٽڪي جو استعمال، ڏيپلائيءَ جي ڪمال خصوصيت آهي. ڏيپلائيءَ جي گلي مان ڳالهه ڪندي هلڪي ٽوَنڪار نڪتي، ته ڄڻ ٽوٽڪي کي سنگل اچي ويو. ٽوٽڪا وري اهڙا عجيب، اهڙا تيز ۽ اهڙا خطرناڪ، جهڙي کنوڻ - ۽ پوءِ وري انهيءَ کنوڻ ۾ ٽهڪن جي برسات! ”ٽهڪ ۽ ٽوٽڪا“ ڏيپلائيءَ جي مڪمل زندگي آهن: جيڪڏهن صرف ڏيپلائيءَ جا ٽوٽڪا ئي ڪنهن طرح قلمبند ٿي سگهن ٿا، ته ڪم ازم ڪم سندس اڌ زندگي ته محفوظ ٿي وڃي ها – پر مصيبت هيءَ آهي جو خود ڏيپلائيءَ کي لکڻ وقت ياد نٿا اچن، ۽ ٻئي کي وري ياد ڪرڻ وقت لکڻ نٿا اچن!

ڏيپلائيءَ کي نئين نسل جي نوجوانن سان نه صرف قلبي ربط ۽ حقيقي اُنس آهي، بلڪ هو انهن جو آئينده اهميت ۽ احترام جي واقفيت پڻ رکي ٿو: هو بخوبي ڄاڻي ٿو ته ’اڄ‘ جي تاريخ جي ترتيب انهن ئي نوجوانن جي اختيار ۾ هوندي، ۽ اهي ئي قوم جي مستقبل جا نمايندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌ جي هر ادبي ۽ قومي رجحان ۾ نئين نسل جي نمايندگيءَ کي ترجيح ڏئي ٿو. هن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي پاڻ کان ننڍن دوستن جي اڳيان تڪلف ۽ برتريءَ جو سبب نه بنايو آهي، بلڪ انهن جي همراهيءَ ۽ همخياليءَ کي پنهنجي لاءِ فخر جو باعث ٿو ڄاڻي. ڏيپلائي هڪ بهترين دوست آهي – زنده دل، مهربان ۽ همدرد رفيق. دل جو اهڙو تونگر آهي جو نه صرف سندس دوست ۽ واقفڪار، بلڪ هر ماڻهو منجهانئس نيڪيءَ جي هر ڪا اُميد رکي سگهي ٿو.

ڏيپلائيءَ جي باري ۾ هيءَ ڳالهه شايد تمام ٿورن ماڻهن کي معلوم هوندي ته باوجود ان جي جو هو هڪ وڏي ساري پريس ۽ ڪيترن ئي ادارن جو مالڪ آهي، ليڪن شروع کان ئي سندس گهرُو گذران جو ذريعو اها ئي زمينداري نوڪري هئي، جنهن کي تازو چند مهينا اڳ ترڪ ڪيو اٿس. ان ڪري، کيس ’مولائي لڏي‘ ۾ شمار ڪيو ويندو آهي – ڪڏهن خان، ڪڏهن قلندر.

ڏيپلائيءَ جي ادبي حيثيت لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته هو سنڌ جي موجوده دور جو وڏي ۾ وڏو ناول نگار ۽ ناٽڪ – نويس آهي – بلڪ سچ ته هن وقت انهن ٻنهي صنفن جو ڪو به لکڻ وارو ئي موجود ڪو نه آهي.

الحاصل، ڏيپلائي بذات خود هڪ نظريو، بذات خود هڪ ادارو، بذات خود هڪ لئبرري، ۽ بذات خود هڪ انڪشاف آهي: شال هي سنڌ جو مايه ناز مجاهد، اديب ۽ ”انسان“ وڏي ڄمار ماڻي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com