سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :1

مهراڻ سوانح نمبر

شمشير الحيدري

ناشر طرفان

 

مهراڻ جو سوانح نمبر هڪ اهڙو دستاويز آهي، جنهن جي ضرورت، هڪ ڪتب خاني ۽ هر ادبي طالب علم کي نسل در نسل رهندي. هن مواد کي جڏهن پهريون ڀيرو شايع ڪيو ويو هو، تڏهن اِهو خيال ڪونه آيو هو ته ڪو هنکي ٻيهر شايع ڪرڻ جي به شايد نوبت ايندي. ڪتاب ۾ موجود مواد اِن ڳالهه تي مجبور ٿو ڪري ته ان کي ٻيهر ڇاپجي. نه فقط ڇاپجي پر اِن کي نقش اول جو درجو ڏيئي جلد پهريون جو نالو ڏجي ۽ ان بعد وقفي وقفي سان اهڙا نمبر شايع ڪرڻ جي گنجائش پيدا ڪجي، جيئن اسان جو ايندڙ نسل باخبر رهي ۽ شخصيات کي تاريخ جي ورقن ۾ مستقل طور جاءِ ملندي رهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي منشور ۾ اِها ڳالهه شامل آهي ته سنڌي ادب جي جواهر پارن جي چمڪ گهٽجڻ نه ڏبي. قلمي نسخا هجن، يا ناياب ڪتابن جا نسخا، انهن کي وري وري ڇاپي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پوءِ اُهي بورڊ جا پنهنجا ڇو نه هجن.

زير نظر مواد کي وري شايع ڪري، مناسب قيمت ۾ پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۽ مالي خساري کي متوازن رکڻ لاءِ ”اڪيڊمي ادبيات پاڪستان“ جو سهڪار، سنڌي ادبي بورڊ جي خدمتن جو نه فقط اعتراف آهي پر هن ڪم ۾ باقاعده ٻانهن ٻيلي ٿيڻ به آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي روح روان قبله چيئرمين صاحب ۽ بورڊ آف گورنرس جي فاضل ميمبرن جي دلچسپي ۽ هدايتون اسان لاءِ مشعل راهه بنيون، جن جي طفيل هيءَ ادبي سوکڙي ٻيو جنم وٺي سگهي.

آزاد ڪميونيڪيشن وارن هِن ڏس ۾ خاص محنت ڪئي آهي، انهن جو به شڪريو.

اُميد ته هيءُ ڇاپو سوانح جلد پهريون قبوليت درجو حاصل ڪندو ۽ ساڳي خطوط کي ٻيو جلد آڻڻ لاءِ اسان جي همت افزائي ڪئي ويندي.

 

ولي محمد رونجهو ولي سروري

سيڪريٽري


 

گذارش

”سوانح نمبر“

گذريل پرچي ۾ اداري طرفان ”مهراڻ“ جو ’سوانح نمبر‘ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. اعلان مطابق، سال 1957ع جو ٽيون ۽ چوٿون نمبر پرچا گڏي، هيءُ اٽڪل سوا سؤ سوانح عمرين تي مشتمل خاص نمبر، پنهنجي بهترين تمنائن، خلوص ۽ قرب سان ”مهراڻ“ جي عزيز پڙهندڙن، محترم اديبن ۽ مڪرم عالم حضرات جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. ست سؤ کن صفحن جي هن ضخيم پرچي ۾ جيڪي ڪجهه مواد ميڙيل آهي، ادارو ان جي تياريءَ ۽ ترتيب لاءِ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ٿورائتو آهي، جنهن جي ئي خاص توجهه، دلچسپيءَ ۽ ڪاوش سان سنڌ جي اڪثر تاريخي شخصيتن جا سوانح هن طرح يڪجا ٿي سگهيا آهن.

”مهراڻ“ جو هيءُ ’سوانح نمبر‘ سنڌ جي مختلف تاريخي طبقن جو سلسليوار سونهون آهي، يا سنڌ جي مڙني قابل ذڪر شخصيتن جو ذڪر هن ۾ سمايل آهي، - سو ان جي دعويٰ ته خود فاضل مرتب به ڪانه ڪئي آهي: ۽ سچ پچ ته سنڌ ۾ جيتريقدر باڪمال عالم ۽ اولياء سَنت ۽ صوفي، اديب ۽ شاعر، فيلسوف ۽ مفڪر، استاد ۽ دانشور، سگهڙ ۽ سالڪ، مخلص قومي ۽ سماجي ڪارڪن، برک ليڊر ۽ سياستدان، مشهور حڪيم ۽ ڊاڪٽر، وزير ۽ وڪيل، ڪامورا ۽ واپاري، مُکي ۽ منشي، پنچات ۽ راڄ جا چڱا مڙس، وغيره -  هندو ۽ مسلمان -  ٿي گذريا آهن، يا موجود آهن، تن سڀني جا سوانح جيڪڏهن هڪڙي هڪڙي سٽ ڪري به گڏ ڪجن، ته هوند هتي اهڙا اڃا به ڪيئي ڪتاب درڪار ٿين. اداري کي اعتراف ۽ افسوس آهي جو هن پرچي ۾ ڪيتريون ئي اهم سوانح عمريون شامل ٿي نه سگهيون. ان هوندي به، جيڪي ڪجهه سهيڙجي سگهيو آهي، سو نه صرف سنڌ جي اڪثر مُک شخصيتن بابت معلومات جو خاصو ڀنڊار ثابت ٿيندو، بلڪ هيءُ پرچو يقيناً ايندڙ علمي ۽ ادبي حلقن لاءِ مختلف وقتن جي قومي ۽ سماجي حالت جو معتبر مواد مهيا ڪندو رهندو. ارادو آهي ته ”مهراڻ“ جا آئندي ٻيا به اهڙا ’سوانح نمبر‘ شايع ڪجن: ان لاءِ هن قسم جو مواد جڏهن به ۽ جيترو به اداري کي ميسر ايندو، اوتري قدر ئي جلد ۽ بهتر صورت ۾، اداري لاءِ مقصد جي تڪميل ممڪن ٿي سگهندي.

اڳئين پرچي ۾ ”مهراڻ“ جي هلندڙ سال جي سالياني چندي گهٽائڻ بابت جيڪو اعلان ڪيو ويو هو، زير نظر پرچي – ”سوانح نمبر“ – جي ضخامت انداري کان وڌي وڃڻ سبب، اداري کي ان تي نظرثانيءَ جي ضرورت پيش آئي: ضرورت پيش نظر، هلندڙ سال جو پورو چندو ڏهه روپيا بحال رکيو ويو، ۽ ان طرح هن ’سوانح نمبر‘ جي قيمت پڻ اڳ آيل اعلان ٽن روپين جي عيوض، ست روپيا رکڻي پيئي اٿئون.

زير نظر شماري ۾ صفحن جي ڪجهه هيٺ مٿاهين ٿي ويئي آهي: پهرين چند صفحن تي 107 کان 130 انگ هنيا ويا آهن، حالانڪ اهي 7 کان 30 تائين شمار ٿيڻ کپندا هئا: اميد ته پڙهندڙ حضرات هن سَهو کي ڌيان ۾ رکندا.

انعام

”مهراڻ“ جي اڳئين پرچي، نمبر 1 – 2/1957ع، ۾ آيل پهريان ٽي افسانا جيئن ته اڳي ئي ڪراچيءَ جي ”سنڌي ادبي سنگت“ جي چٽاڀيٽيءَ ۾ انعام حاصل ڪري چڪا هئا، تنهنڪري انهن ۾ ٻيهر انعام ورهائڻ مناسب نه ڄاڻندي، ۽ بورڊ جي پنهنجي ملازمن جي مضمونن کي ويچار هيٺ نه آڻيندي، انعامن جي آخري ترتيب هيٺينءَ ريت رکي ويئي آهي:

شعر؛

 

”وائي“ (ص 24)، - شيخ ”اياز“

0-0-10

”وائي“ (ص 24)، - ”برده“ سنڌي             

0-0-10

شاعر ڏانهن“ (نظم، ص 35)، - گوورڌن محبوباڻي

0-0-10

”اچو ته ڪو بلو ڪريون“ (نظم، ص 37)، - ”نياز“ همايوني

0-0-10

”او مرليءَ وارا جوڳي“ (نظم، ص 41)، - ”تنوير“ عباسي

0-0-10

”ترغيب“ (نظم، ص 43)، - عبدالقيوم ”صائب“

0-0-10

”الجزائر“ (نظم، ص 48)، - ”حامي“ خيرپوري

0-0-10

”تارنامو“ (مثنوي“ ص 54)، - ”بشير“ مورياڻي

0-0-10

مضمون؛

 

”جنگنامو مياڻي“ (ص 142)، - مرزا گل حسن ”احسن“

0-0-25

”ڀلا اهو لکيئي؟“ (ص 222)، - تيرٿ و سنت

0-0-10

 

هن کان پوءِ

هن پرچي سان، ”مهراڻ“ جي نئين دور جو ٽيون سال خيرن سان ختم ٿيو. پنهنجي روايتي خصوصيتن کي برقرار رکندي، مسلسل ٽن سالن تائين جاري رهندي، ”مهراڻ“ جنهن نموني سان سنڌي ادب جي تعمير ۾ هڪ سرگرم خادم جي حيثيت سان حصو وٺندو رهيو آهي، سو صرف سنڌ جي سڄاڻ ۽ باذوق پڙهندڙن جي خلوص ۽ سنڌ ۽ ڀارت جي اديبن ۽ شاعرن جي دلي تعاون جي سهاري، انهيءَ خلوص ۽ تعاون تي اعتماد رکندي، اسين وڏيءَ دل سان ائين چئي سگهون ٿا ته ”مهراڻ“ جي موجوده معيار کي ڪڏهن به ڪو ضرر نه پهچندو، ۽ هن کان پوءِ پڻ باقاعدي پنهنجي دستوري شان سان شايع ٿيندو رهندو. هن بعد، اسان جي اها ئي ڪوشش رهندي ته سال سال جا پورا چار پرچا، پنهنجي مقرر وقتن تي، باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندا رهن: نئين سال جي ايندڙ دستوري پرچي لاءِ، اداري جو پڪو ارادو آهي ته ايندڙ اپريل جي آخر ڌاري ڇپي شايع ڪري ڇڏجي. اميد ته اسان جا محترم ڪرم فرما پڙهندڙ ۽ اديب – اسان جي اوڻاين ۽ اويلاين کي پنهنجائپ جي پرده پوش نگاهن سان نوازي، پنهنجي ڀرپور خلوص ۽ تعاون سان ”مهراڻ“ کي هميشہ سرفراز ڪندا رهندا.        

                                        – ش. ح

(باسمہ تعاليٰ)

 

”سوانح نمبر“

 

تقريباً ٽي سال کن ٿيا، جو ”بورڊ“ جي اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ آڏو تجويز پيش ڪئي ويئي هئي ته رسالي ”مهراڻ“ جو ”سوانح نمبر“ شايع ڪيو وڃي، جنهن ۾ سنڌ جي سر برآورده بزرگن – عالمن، سياسي ڪارڪنن، راڄ جي چڱن مڙس، اديبن، شاعرن، هنرمندن ۽ سگهڙن -  جي زندگيءَ ۽ ڪارنامن بابت حالات گڏ ڪري شايع ڪيا وڃن، تان ته هڪ طرف سنڌ جي مشهور شخصيتن جا نالا ياد رهن، ۽ ٻئي طرف سنڌ جي علمي، سياسي ۽ سماجي تاريخ روشن ٿي سگهي. اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ اها تجويز منظور ڪئي، ۽ بالاخر 1956ع ۾ ”سوانح نمبر“ جي مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان کي مرتب ڪرڻ جي خدمت بنده جي حوالي ڪئي ويئي. شڪر الحمدلِله جو 128 سوانح تي مشتمل هيءُ ”سوانح نمبر“ آخري طور ڇپجي شايع ٿي رهيو آهي.

شروع ۾ ئي مواد گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ سوالنامو تيار ڪيو ويو، جنهن موجب هر شخصيت بابت گهربل حالات جمع ڪرڻا هئا. انهيءَ سوالنامي جو نقل اخبارن ۾ جناب سيڪريٽري ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان شايع ڪرايو ويو، ۽ پڻ اپيل ڪئي ويئي ته جنهن به صاحب کي ڪنهن بزرگ يا نيڪ مرد بابت خبر هجي ته سندس سوانح، ڏنل هدايتن موجب، لکي موڪلي. ڪن دوستن احبابن کي عرض ڪيو ويو ته هو ڪن مشهور نيڪ مردن جون سوانح لکي ڏيڻ ۾ مدد ڪن. عالمن جي سوانح گڏ ڪرڻ جو بار جناب مخدوم امير احمد صاحب جن پنهنجي ذمي ڪيو.

هن’سوانح نمبر‘ کي معياري بنائڻ لاءِ تجويز هئي ته نه صرف هر طبقي جي مشهور هستين جون سوانح عمريون شايع ڪيون وڃن، پر خود سوانح لکندڙ به اهڙا اهل قلم حضرات هجن، جن کي مخصوص بزرگن سان ذاتي واسطو هجي – انهيءَ لاءِ، ته سندن زندگيءَ بابت نئين معلومات مهيا ڪري، سوانح نگاريءَ جو حق پوريءَ طرح ادا ڪري سگهن. افسوس جو اسان جي اها تمنا پوري نه ٿي سگهي: وقت گذرندو ويو، ۽ سڀڪنهن کي پنهنجن مشغولين مشغول رکيو، انهيءَ ڪري نه صرف خاص معلومات رکندڙ حضرات جي مدد کان محروم رهڻو پيو، پر سنڌ جي ڪن مشهور هستين جي سوانح بابت ڪو به لکڻ وارو ڪونه مليو. جناب مخدوم امير احمد صاحب، ۽ بعد ۾ مولانا دين محمد صاحب ”اديب“ جي ڪوششن سان صرف عالمن جي طبقي جو قدري حق ادا ٿي سگهيو. سنڌ جي زنده مفڪر، مغربي ۽ مشرقي علوم جي ماهر، قبله علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي سوانح ڪماحقہ هن نمبر لاءِ تيار نه ٿي سگهي. ٻئي طرف، ڪن مشهور سياسي ڪارڪنن ۽ قومي خادمن – جهڙوڪ مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙي، سيد الله آندي شاهه، مرحوم مير غلام محمد خان ٽالپر، ۽ ٻين – جون سوانح قلمبند ٿي نه سگهيون. اهڙيءَ طرح، ڪيترن ئي مشهور قومي سردارن، راڄ جي چڱن مڙسن، سنڌ جي هنرمند ڪاريگرن، اديبن، شاعرن، سُگهڙن، تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ٻين نيڪ سرڪاري عملدارن جون سوانح رهجي وئيون. خود ’بورڊ‘ جي ميمبر صاحبان جون سوانح دير سان پهتيون، ۽ چئن پنجن لائق ميمبرن جون سوانح آخر تائين پهچي نه سگهيون. اميد ته آئيندي به هن قسم جا ’سوانح نمبر‘ شايع ٿيندا رهندا، ۽ رهجي ويل سوانح جي تلافي ٿي سگهندي.

هن ’سوانح نمبر‘ لاءِ جنهن به صاحب وٽان جو به مواد پهتو، تنهن کي قبول ڪيو ويو: ڪن صاحبن وٽان صرف ڪنهن بزرگ جي سوانح جو مختصر خاڪو پهتو، جنهن جي بناء تي سڄو مضمون تيار ڪيو ويو؛ ڪن صاحبن وٽان نهايت طول طويل تفصيلات مليا، جن کي قدري اختصار سان دوباره لکيو ويو؛ اڪثر صاحبن وٽان جيڪي حالات پهتا، تن ۾ فن سوانح نگاري جو لحاظ خير ڪو رکيل هو: انهيءَ ڪري ڪوشش ڪئي ويئي ته هر سوانح کي سوڌي سنواري اهڙي نموني ۾ پيش ڪجي، جيئن سهڻائيءَ ۽ سنجيدگيءَ جو معيار بلند ۽ بالاتر بيهي. بهرحال، هن نمبر ۾ تقريباً ستن سون صفحن جي مواد جي وڏي حصي جي تصحيح ڪري، ان کي دوباره لکي، پريس جي لائق بنايو ويو.

مواد جي نقل ڪرڻ ۽ ان کي صاف ڪري لکڻ ۾ سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب آفيس جي ڪارڪنن، محترم محمد اسماعيل شيخ ۽ سندس رفيقن، وڏي مدد ڪئي. محترم علي بخش احمد زئي، مئنيجر پريس، شمشير الحيدري اسسٽنٽ ايڊيٽر ”مهراڻ“ ۽ بورڊ جي پريس جي ٻئي عملي هن ”سوانح نمبر“ جي ڇپائيءَ ۾ دلچسپيءَ سان ڪم ڪيو، ۽ بورڊ جي سيڪريٽري محترم محمد ابراهيم جويي، هميشہ وانگر پنهنجي گرانقدر ۽ مفيد مشورن سان وقت بوقت مدد ڪئي. آءٌ انهن دوستن توڙي ٻين سڀني صاحبن جو شڪر گذار آهيان، جن پنهنجي يا ٻين بزرگن جي زندگيءَ جا حالات لکي، هن ’سوانح نمبر‘ کي معياري بنائڻ ۾ مدد ڪئي.

سنڌ يونيورسٽي

خادم العلم

فيبروري، 8، 1958ع

نبي بخش

.

 

آري ڄام

الله ڪارڻ لَک سئين، مان جڏي جالي،

عجب مون ۾ اڳرا، مان نرمل نڪالي،

آهيان آريءَ ڄام جي هِت هُت حوالي،

پرين سان پالي، ڪامل نيندو ڪيچ ڏي.

 

 

ممٽ ابڙو:

ابڙو اگهامن ۾، سٻڙ جئن ٻيلي،

سي پَٽ ڪنهن نه پوريا، جي ٿو ڀڙ ڀيلي،

سڄڻ سانوڻ مينهن جئن رُڃون ٿو ريلي،

اچن جي ويلي، تن بور بخشي ڀٽ ڌڻي.

 

جادم جکرو:

هٿان جادم جکري، وٿي وچ نه پوءِ،

پِي پِي سو پُر ٿئي، جو حاتم پاسي هوءِ

ڪيف ڌاران ڪوءِ، جِئي ڪومَ جهان ۾.


 

 

جسودن آگرو:

ڍور نه اڳينء ڍار، مهند ملاحن لَکيو،

موڙي ڇڏيائون مَڪُڙا، پَسي پاڻيءَ پار،

جسودن جيها يار، پيا وير وِماس ۾.

 

لاکو ڦلاڻي:

لاکا لَک سُڄن، ڦُلاڻيءَ ڦير پيو،

جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن ڌڻي ڪنبن،

جنهن جو جاڙيجن، سُتي سَئُنچو نه لهي.

 

سپڙ رونجهو چوٽاڻي:

سُڪا سانگ ڀَري، چوٽاڻي چوٽ وَهي،

ڏوڙا ڏان ڏَڏن کي، سپڙ سخي ڏي،

ان راهه مٿي رونجهي، ماڻڪ اڇليا مينهن جيئن.

 

بڊاماڻي پُنرو:

اجھ گهُرجين تون، بڊاماڻي پُنرا،

مٿان اچي مون، ويرِين واٽون لائيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com