سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :2

عُلماءَ ۽ فُضلاءَ

 

ٻي صدي هجريءَ جي شروعات کان وٺي 1843ع تائين، سنڌ ۾ علم جي روشني محض علماء ڪرام جي مخلصانه ڪوشش سان هئي عربي دور ۾ ”ديبل“ حديث جو مرڪز بنيو، ۽ ”منصوره“ فقہ جو: انهن ٻنهي مرڪزن سنڌ مان اهي ته روشن خيال عالم پيدا ڪيا، جن عرب ملڪن ۾ به پنهنجو نالو ڪڍيو. ابو جعفر ديبلي پهريون عالم هو، جنهن نبي اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي لکيل خطن تي تحقيق ڪئي. تعليم ۽ تحقيق جي اها روايت پوءِ مسلسل طور سنڌ ۾ هلندي آئي، تان جو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ ’سنڌ جو سيوطي‘ مخدوم محمد هاشم، صوفي ۽ فلسفي مخدوم محمد معين، محدث ۽ شارح ابوالحسن، مفتي عبدالواحد سيوستاني ۽ ٻيا نامور عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا.

1843ع کان پوءِ، انگريزن هن ملڪ جي ماڻهن کي ذهني طور غلام بنائڻ خاطر نئين يوروپي تعليم جو بنياد وڌو، ۽ سندن پاليسي آهستي آهستي سنڌ جي ٻارهن سون ورهين جي تعليمي نظام کي ختم ڪري ڇڏيو. ان جي باوجود، بزرگن پيٽ کي پٿر ٻڌي به پنهنجا مڪتب ۽ مدرسا هلايا، جن مان ڪي اڄ ڏينهن تائين جاري آهن.

سنڌ جي عالمن، پنهنجي اوج ۽ عروج واري زماني ۾، علمي ۽ ديني خدمت سان گڏوگڏ، سوسائٽيءَ ۾ چڱائي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هر قسم جي نقصانڪار عمل جي مخالفت ڪئي. جهانگير جي ڏينهن ۾ جڏهين پنجاب جي عالمن تماڪ ڇڪڻ جي فائدي ۾ فتوائون ڏنيون، تڏهن فقط سنڌ جي عالمن ئي تماڪ پيڻ کي هر پهلوءَ کان نقصانڪار ڄاڻائي ان جي مخالفت ڪئي.

سياست جي ميدان ۾ سنڌ جا عالم آزاديءَ جا علمبردار رهيا: خلافت تحريڪ ۾ انگريزي حڪومت خلاف سنڌ ۾ ڪم ڪندڙن جو وڏو تعداد عالمن جو هو. علماء ڪرام جي هيٺ ڏنل سوانح ۾ هڪ طرف علم جي روشني، حق جي تلاش، نيڪيءَ لاءِ ڪوشش ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد جا آثار نمايان طور نظر ايندا، ته ٻئي طرف سنڌ جي تعليمي توڙي ادبي تاريخ جا اهم باب مطالع ڪري سگهبا.


 

مخدوم امير احمد

 

مخدوم عبدالرحمان الشهيد کهڙوي

رياست خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر کُهڙا تعلقي گنبٽ ۾ مخدومن جو خاندان آباد آهي. هن خاندان جو سلسلهء نسبت رسول اڪرم صلي اللہ عليہ وسلم جن جي چاچي سيدنا عباس رضي اللہ عنہ سان ملي ٿو. هن خاندان جو مورث اعليٰ  سيدنا محمد ابراهيم، ٽين صدي هجريءَ جي شروعات ۾، بغداد جي خليفي معتصم باللہ عباسيءَ جي دورِخلافت ۾، سندس ئي حڪم سان، دين جي تبليغ لاءِ سنڌ تشريف فرما ٿيو. اُنهيءَ وقت سنڌ پڻ دولت عباسيه سان وابسته هئي.

سيدنا محمد ابراهيم حيدرآباد (جو انهيءَ زماني ۾ ”نيرن ڪوٽ“ جي نالي سان مشهور هئي) جي اُتر ۾ ”کلور“ نالي هڪ ٽَڪر تي اچي رهيو، ۽ تبليغ جي فريضي ۾ مشغول رهي، سال 348هه ۾ جان  جان بخش جي حوالي ڪيائين.

سيدنا محمد ابراهيم جي اولاد مان هڪ بزرگ سيدنا اسداللہ، جنهن کي ”مخدوم الملڪ“ سڏيندا هئا، اڪبر اعظم جي زماني ۾ سنڌ جو قاضي القضاة  مقرر ٿيو، ۽ سنڌ جو دورو ڪندي موجوده رياست خيرپور جي حدن اندر هڪ شهر پپريءَ ۾ پهتو. اهو شهر هن وقت کهڙن جي قريب هڪ ننڍڙو واهڻ آهي، مگر انهيءَ وقت چڱو آباد شهر هو. پپريءَ جي شهر ۾ اَسداللہ توقف ڪيو، ۽ اتي هڪ مسجد جوڙايائين. اڃا ضروري ڪمن کان فارغ ئي ڪونه ٿيو هو، ته سندس روح فتوح اعليٰ عليين ڏانهن پرواز ڪري ويو. سندس وفات جي تاريخ 966 هجري آهي- (تذڪره مخاديم کُهڙا).

مخدوم اسداللہ جي وفات کان پوءِ، سندس وڏي فرزند مخدوم جمال الدين پپريءَ جي شهر ۾ سڪونت اختيار ڪئي. مخدوم جمال الدين کان پوءِ، سندس فرزند مخدوم يحيٰ پڻ پپريءَ ۾ رهيو، ۽ اڃا تائين سندس مزار اتي آهي، جنهن کي اتي جا عام ماڻهو ”پيراجيو“ ڪري سڏيندا آهن. مخدوم يحيٰ جي وفات کان پوءِ، سندس فرزند مخدوم عبدالخالق پپريءَ مان هجرت ڪري اچي کُهڙن ۾ رهيو، ۽ اڄ تائين سندس خاندان جا فرد اتي ساڪن آهن. ”تذڪرہ مخاديم کهڙا“ هڪ روايت نقل ڪئي آهي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته مخدوم عبدالخالق جي فرزند مخدوم محمد عاقل کي حضور پُرنور رسول اڪرم صلي اللہ عليہ جي طرفان، سنڌ جي مشهور اهل اللہ قلندر شهباز رحمةاللہ عليہ جي معرفت، دين جي دستار عطا ٿي. ”رئيس العلماء“ پڻ کيس لقب عنايت ڪري، مٿن قضا ۽ فتوا جو ڪم رکيو ويو. جنهنڪري، هن خاندان ۾ اڃا تائين اهو دستور هلندو اچي ته جيڪو به نئين سر گاديءَ تي ويهندو ته پهرئين سال جي اندر اندر، قلندر شهباز جي روضي مبارڪ تي ضرور حاضر ٿي دستاربنديءَ جي رسم اتي ادا ڪندو.

مخدوم عبدالرحمان الشهيد، مخدوم محمد عاقل رحمت اللہ عليہ جو پوٽو هو. هو هڪ عارف، ڪامل ۽ عالم باعمل بزرگ هو. ظاهري خواہ باطني علوم پنهنجي والد بزرگوار مخدوم محمد عليہ الرحمة کان حاصل ڪيائين، ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس مسند تي ويهي اسلام جي تبليغ، ۽ شرڪ ۽ بدعتن جي پاڙ پٽڻ ۾ مشغول رهيو. ”تذڪرہ مخاديم کُهڙا“ جي مصنف، مخدوم عبدالرحمان شهيد جي مذهبي صلابت ۽ احڪام شريعت جاري ڪرڻ تي استقامت جا ڪيترا واقعا ذڪر ڪيا آهن، جن مان هڪڙو واقعو هت لکجي ٿو.

هڪ دفعي، رمضان شريف جي 27 تاريخ، هڪ مجذوب شخص، مسمي اميداس، غيرمسلمانن جو لباس پهري، ڍڳي تي سوار ٿي، کهڙن جي شهر جي بازار مان حقو ڇڪيندو اچي لنگهيو، ۽ بُلند آواز سان چوندو ٿي ويو، ”منهنجو نالو اميداس آهي!... منهنجو نالو اميداس آهي!“ ماڻهن کيس رمضان شريف جي ادب ۽ احترام ڏانهن توجهه ڏياريو، ۽ کيس سربازار حقي پيئڻ کان منع ڪيائون، مگر مجذوب تي ڪو اثر نه ٿيو. آخر مخدوم صاحب کي اطلاع ڏنو ويو.مخدوم صاحب انهيءَ خليفي کي، جو هن ڪم تي مقرر هوندو هو، حڪم ڪيو ته وڃي هن کي منع ڪريو؛ جيڪڏهن منع سان نه سمجهي، ته کيس شرعي تعزير ڏيئي سڌو ڪريو. خليفو جماعت سان گڏجي ويو ۽ وڃي مجذوب کي منع ڪيائين، مگر هو باز نه آيو؛ تعزير ڏيڻ جي ڪيائون، مگر جيڪا لڪڙي يا ڀتر مجذوب کي هنيائون ٿي، سو کانئس هڪ وال پري ٿي ڪِريو. مخدوم صاحب جي خدمت ۾ احوال عرض ڪيو ويو. پاڻ فرمايائون ته ”هاڻي وڃو ۽ وڃي کيس گرفتار ڪريو: اسان هيڏانهن ڪلام پڙهي دم ڪريون ٿا، انشااللہ هن جو استدراج هن کي ڪا به پناهه نه ڏيندو“. خليفي اچڻ سان اچي هن کي ڀتر هنيو، ۽ اميداس پهرئين ڀتر سان ڍڳي تان اچي پَٽ تي ڪريو. هن کي پڪڙي اچي مخدوم وٽ حاضر ڪيائون. مخدوم صاحب حڪم ڪيو ته کيس ٻه سَو اَٺ درا لڳايا وڃن. مجذوب چيو ته ”هڪ هڪ دري جي عيوض هڪ ماڻهو شهيد ٿيندو!“ تنهن تي مخدوم صاحب ٻه سَو ٻاويهه درن لڳائڻ جو حُڪم ڏنو، ۽ اهو به حڪم ڏنائون ته سندن ڍڳو ڪُهي خيرات ڪيو وڃي. مجذوب چيو ته ”جيڪو اسان جي ڍڳي جي گوشت مان ٻوٽي کائيندو، سو قتل ٿيندو!“ مخدوم صاحب فرمايو ته ”جيڪو ٻوٽي کائيندو تنهن تي دوزخ جي باهه حرام آهي!“ مجذوب جو هي قول ٻُڌي، ڪي ضعيف الاعتقاد ماڻهو ڊڄي ويا ۽ ڍڳي جو گوشت ڪونه کاڌائون؛ مگر مخدوم صاحب ۽ راسخ الاعتقاد مومنن ڍڳي جو گوشت به کاڌو. مجذوب کي ٻه سو ٻاويهه درا به لڳايا. اتفاق الاهي ڏسو، جو انهيءَ کان پوءِ جلد مخدوم صاحب جي شهادت جو حادثو پيش آيو، جنهن ۾ پورا ٻه سو ٻاويهه مؤمن شهيد ٿيا! (شهادت جو ذڪر اڳتي ڪيو ويندو.)

مخدوم عبدالرحمان جذبي ۽ حال جو صاحب، ڪشف ۽ ڪرامت جو مالڪ بزرگ هو. ’تذڪره‘ وارو بزرگ لکي ٿو ته جڏهن مخدوم صاحب تي جذبي ۽ سڪر جي حالت طاري ٿيندي هئي، تڏهن سندن زبان مبارڪ مان اڪثر هي لفظ نڪرندا هئا ته ”آءٌ ملڪ جو مالڪ آهيان!“ انهيءَ حالت ۾ ڪيترن ماڻهن کي ملڪ ۽ ولايتون بخشيندا هئا. وري جڏهن هوشياريءَ جي حالت ۾ ايندا هئا، ته انهن لفظن کان استغفار ڪندا هئا، ۽ جن ماڻهن کي ملڪن جا پروانا لکي ڏيندا هئا، تن کي پئسا ڏيئي، اهي پروانا واپس وٺي ڦاڙي ڇڏيندا هئا.

مخدوم صاحب جون ڪرامتون به ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن؛ تذڪري ۾ به ڪيئي لکيل آهن؛ هتي پڻ بطور ”مشتي نمونه خروار“ هڪڙي ڪرامت ذڪر ڪريون ٿا.

اڄڻ قوم جو هڪ غريب شخص، چنيي نالي، مخدوم صاحب وٽ ٻيلي هو ۽ گهوڙن جي خدمت ڪندو هو. اِتفاقاً، هڪ ڏينهن گهوڙي چنيي فقير جي مٿي تي اهڙي زور سان لت هنئي جو چنيو بروقت مري ويو. مخدوم صاحب کي جڏهن هن واقعي جي خبر ملي، تڏهن چنيي جي پيءُ کي گهرائي فرمايائون ته ”تنهنجي پُٽ جو موت اتفاقي حادثو هو، جو ٿي چڪو. هاڻي جيڪڏهن تون چاهين ته توکي خون- بها ڀري ڏيون؛ پر جيڪڏهن چاهين ته اللہ پاڪ جي درٻار ۾ دعا گهري، توکي اهڙو فرزند وٺي ڏيون، جيڪو پنهنجي ساريءَ قوم جو پِير ٿئي، ۽ سندس قوم جا ماڻهو ڪٿي به هجن ته اچي سندس مريد ٿين“. انهيءَ ٻڌڻ سان، اڄڻ فقير، مخدوم صاحب جي پيرن تي ڪري پيو، ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪيائين ته ”جيڪڏهن ائين ٿي پوي ته نهايت احسان ٿيندو!“ مخدوم صاحب دعا گهري. انهيءَ ئي سال کيس فرزند عطا ٿيو، جنهن جو نالو به ساڳيو ”چنيو“ رکيائون، ۽ کيس بروقت مخدوم صاحب جي حضور ۾ حاضر ڪيائون. مخدوم صاحب پنهنجي لٻ مبارڪ، آڱر تي وٺي، سندس وات ۾ وڌي- ۽ انهيءَ نينگر کي ننڍي هوندي کان ئي ولايت جو درجو عطا ٿيو. مخدوم صاحب فرمايو ته ”اسان جي وفات کان پوءِ صاحبڏني نالي هڪ فقير درازن جي شهر ۾ پيدا ٿيندو- هن نينگر کي باقي فيض اُتان حاصل ٿيندو“. مخدوم صاحب جي وفات کان پوءِ ميان چنيو صاحبڏني فقير جي صحبت ۾ پڻ حاضر ٿيو، ۽ باقي فيض اتان پرايائين.

مخدوم صاحب جي لفظ مبارڪ موجب، ميان چنيي جي پوري قوم سندس مريد ٿي. ميان چنيو اگر ظاهري علم ڪنهن وٽ ڪونه پڙهيو هو، مگر مخدوم صاحب جي توجهه جي برڪت سان خداوند ڪريم کيس وڏو علم عطا ڪيو هو. هو نهايت متبرڪ ۽ شريعت تي مُستقيم بزرگ هو. ڪوبه ماڻهو وٽس دعا تعويذ لاءِ ايندو هو. ته خالي ڪاغذ ٽڪر ڦاڙي کڻي کيس ڏيندو هو ته ان سان کيس مطلب حاصل ٿي ويندو هو. گهڻو ڪري سندس زبان تي لفظ فَفِرّوا اِلي اللہ“ (اللہ تعاليٰ ڏانهن ڊوڙو) جاري هوندو هو. اُمّي هجڻ ڪري ”ف“ جو تلفظ صحيح نه ڪري سگهندو هو. سندس اولاد اڃا تائين کُهڙن جي شهر ۾ موجود آهي، جي فقير صاحب سڏجن ٿا. منجهن هن وقت ۾ به چڱا چڱا بزرگ، علم ۽ عمل جا صاحب موجود آهن. پوري اڄڻ قوم سندن مريد ۽ نهايت معتقد آهي. مخدوم خاندان سان سندن اهوئي معتقدانه رستو هلندو اچي ٿو.

مخدوم شهيد نهايت حق پسند ۽ متواضع هو. هڪ دفعي پاڻ ڪا شرعي فتوا ڏنائين: ڪچهريءَ ۾ هڪ مسڪين عالم ويٺو هو، تنهن اُٿي عرض ڪيو ته ”مخدوم صاحب! توهان جو فيصلو صحيح نه آهي- بلڪ صحيح هن طرح آهي“. مخدوم صاحب خاموشيءَ سان بُڌي فرمايو ته ”بيشڪ حڪم ائين آهي، جئن توهان فرمايو“. پوءِ يڪدم هڪ دستار ۽ لنگي گهرائي، مولوي صاحب کي عطا ڪيائون.

سنڌ جو مشهور فاضل ۽ عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة اللہ عليه، مخدوم شهيد جو گهاٽو دوست هو. صاحبن جي لوءِ عرف گهوٽڪيءَ ۾ انهيءَ وقت پير ميان مبارڪ شاهه عادلپوريءَ جا فرزند، پير محمد جعفر شاهه ۽ پير موسيٰ شاهه، رهندا هئا، جي پڻ ظاهري خواهه باطني علم ۾ ڪمال جا صاحب هئا- انهن سان به مخدوم شهيد جو گهرو ۽ گهاٽو رستو هو. خصوصاً، پير موسيٰ شاهه، جو ننڍو هو، تنهن جي مخدوم شهيد سان نهايت الفت ۽ عقيدت هئي. هو هر چوٿين مهيني مخدوم شهيد جي زيارت لاءِ ايندو هو، ۽ سندس هيءُ دستور هو ته شاهه جاڙيه (رياست خيرپور جو هڪ مشهور معروف ولي اللہ، جو اٺين صديءَ ۾ ٿي گذريو آهي، ۽ سندس درگاهه کُهڙن جي شهر کان اٽڪل ٽي چار ڪوهه پري عوام خواهه خاص لاءِ زيارتگاهه آهي) جي درگاهه وٽ اچي گهوڙن تان لهي پوندا هئا، ۽ پاڻ خواهه سندس خليفا پيادا اچي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا، ۽ انهيءَ فيض کان مستفيض ٿيندا هئا.

مخدوم شهيد عليہ رحمة فطرتاً حق گو ۽ مجاهد مرد هوندا هئا. اگرچه سندن طبع ۾ عجز تمام گهڻو هو، تاهم جابر کان جابر ۽ ظالم کان ظالم امير کي به، حديث شريف ”افضل الجهاد ڪلمة حق عند امير جائرِ“. جي فرمان موجب، حق چئي ڏيندا هئا.

جيئن ته هڪ دفعي جو قصو آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي، پنهنجي حڪومت جي زماني ۾، سڀ جاگيرون ۽ معافيون رد ڪري، انهن جا پروانا منسوخ ڪري ڇڏيا. سيد حيدرشاهه حقاني، جنهن جو مقبرو روهڙي شهر ۾ اڄ تائين زيارتگاهه آهي، تنهن جي اولاد مان سيد مير يعقوب شاهه ۽ ٻيا، جن جو مخدوم شهيد سان بلڪل مخلصانه رستو هو- انهيءَ حد تائين جو سندن باغن ۽ زمينن ۾ جڏهن به ڪو ميوو وغيره پيدا ٿيندو هو، ته اڳ ۾ مخدوم صاحب جي دروازي تي پهچائي پوءِ پاڻ کائيندا هئا، بلڪ پنهنجي معصومن ۽ نينگرن جو عقيقو به اچي مخدوم شهيد جي مسجد جي دروازي تي ڪندا هئا- تن جا به سڀ معافين ۽ جاگيرن جا پروانا رد ٿي ويا. جنهن تي اهي سڀ سيد، مخدوم شهيد کي ملتجي ٿيا ته پاڻ قدم رنج فرمائي، ميان نور محمد کي هدايت ڪري، سندن سڀ پروانا دستور موجب جاري ڪرائي ڏين. مخدوم شهيد عذر ڪيو ۽ فرمايو ته نور محمد بينُور آهي، هن وٽ هلڻ جي تڪليف اسان کي نه ڏيو؛ مگر سيدن زياده اصرار ۽ الحاح ڪيو، جنهن تي لاچار مخدوم صاحب تيار ٿيو. پرچه نويسن هيءَ خبر ميان نور محمد جي حضور ۾ پهچائي. ميان نور محمد جڏهن ته پاڻ به هڪ پِير ۽ وقت جو حاڪم هو، تنهنڪري سندس درٻار ۾ ڪهڙو به شريف خاندان سيد يا اهل اللہ ماڻهو ايندو هو، ته هن جي تعظيم و تڪريم لاءِ اٿڻ يا ساڻس بغلگير ٿيڻ جي تڪليف گوارا نه ڪندو هو. مخدوم شهيد جي تشريف آوريءَ جي خبر ٻڌي، نهايت پريشان ٿيو. پنهنجي وزيرن ۽ مقربن سان صلاح ڪيائين ته ”مخدوم صاحب هڪ جذبي ۽ حال جو صاحب ۽ سيّدنا عباس جي آل مان آهي، ۽ ڪڏهن به اسان وٽ نه آيو آهي: جيڪڏهن سندس آڏو ڪماحقہ تواضع بجا نه آڻڻ ڪري رنج ٿي ويو ته ڳالهه خراب ٿي پوندي؛ پر جيڪڏهن سندس خاطر جوئيءَ لاءِ اٿي ساڻس بغلگير ٿياسين، ته اسان جي درٻار جي رسم ٽٽي پوندي!“ آخر هيءَ صلاح بيهاريائون ته مخدوم صاحب جي اچڻ وقت ميان نور محمد توشاخاني جي معائني ڪرڻ جي بهاني سان توشاخاني ۾ هجي: جنهن وقت مخدوم صاحب، ميان صاحب جي ڪچهريءَ ۾ تشريف فرمائي، انهيءَ وقت ميان صاحب توشاخاني مان قدم رنج فرمائي، جيئن ٻنهي جي بيٺي بيٺي ملاقات ٿي وڃي ۽ انهيءَ حالت ۾ السلام عليڪم، خوش آمديد ۽ مرحبائيءَ جون سڀ رسمون ادا ٿي وڃن؛ باقي مخدوم صاحب جي موڪلائڻ وقت جيڪڏهن اٿي بيهڻ جو اتفاق ٿيو ته ڪو مضائقو نه آهي. آخر جڏهن مخدوم صاحب ڪچهريءَ جي ٻاهران حاضر ٿيو، تڏهن ميان نور محمد، مقرر ڪيل ٺهراءَ موجب، پاڻ اٿي توشاخاني ڏانهن هليو ويو ۽ دربان کي حڪم ڪيائين ته مخدوم صاحب کي اندر وٺي اچي. مخدوم صاهب مسند تائين پهتو، مگر ميان صاحب توشاخاني ۾ ٿورو توقف ڪيو- انهيءَ خيال سان ته پاڻ ٿورو دير سان ويندو ته مخدوم شهيد سندس اڳيان اٿي تواضع بجا آڻيندو. هوڏانهن، مخدوم صاحب جڏهن مسند خالي ڏٺي، ته يڪدم مصلو پٿاري نفل پڙهڻ ۾ شروع ٿي ويو. ميان نور محمد پٺيان اچي مسند تي ويٺو؛ ۽ جڏهن مخدوم صاحب نماز ۽ دعا کان فارغ ٿيو، تڏهن مرحبا ۽ خيرعافيت پرسيءَ جا آداب بجا آندائين. مخدوم شهيد، ميان نور محمد ڏانهن متوجهه ٿي فرمايو ته ”ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته توهان وٽ ڪتا تمام سٺا سٺا موجود آهن!“ ميان صاحب سمجهيو ته شايد مخدوم صاحب کي شڪار جو شوق ٿيو آهي، سو حڪم ڪيائين ته مختلف ملڪن جا ڪتا – جهڙوڪ خراساني، گجراتي، هندستاني، وغيره وغيره- هڪدم حاضر ڪيا وڃن. تنهن تي مخدوم صاحب فرمايو ته ”اسان کي ڪتن جي ڪابه گهرج ڪانه آهي، مگر حديث شريف جي ڳالهه ياد آئي، جنهن ۾ حضور پرنور عليہ الصلواة والسّلام فرمايو آهي ته ’جيڪو ماڻهو خيرات يا صدقو ڏيئي واپس ٿو ورائي، ته اهو ماڻهوڪتي مثل آهي، جو قَيءِ ڪري وري ٿو کائي‘؛ ۽ خيال ڪيوسون ته شايد ميان صاحب وٽ ڪتا گهڻا هجن، ۽ هيءَ عادت انهن جي صحبت مان پرائي هجيس جو جيڪي جاگيرون ۽ معافيون اڳين حاڪمن، شريف خاندانن، بزرگن ۽ ساداتن کي بطور خيرات عنايت ڪيون هيون، سي واپس ورتوين اٿن- ڏٺوسون ته اسان جو گمان صحيح نڪتو!“

ميان نور محمد، جنهن جا وڏا پڻ پيري مشائخيءَ مان حاڪم بڻيا هئا، تنهن جو مخدوم صاحب جي هيتري بيباڪي، دليري ۽ جرات ڏٺي، ۽ تنهن سان گڏ هي خبرون به سندس ڪنن تائين پهچنديون ٿي رهيون ته نه فقط سنڌ پر بلوچستان، پنجاب ۽ ٻين ملڪن ۾ به مخدوم صاحب جو ڪافي اثر رسوخ آهي، سندن مريدن ۽ معتقدن جو حلقو تمام وسيع آهي، خود دهليءَ جو بادشاهه به سندس ارادتمند آهي، ۽ مخدوم صاحب جي وري هيءَ حالت آهي جو جڏهن وجد ۽ جذبي جي حالت طاري ٿئي ٿي ته ملڪ ۽ پرڳڻا ماڻهن کي عطا ڪيو ڇڏي، سو سندس دل ۾ هيءُ وهم جاءِ ڪري ويو ته ڪڏهن نه ڪڏهن مخدوم صاحب جي هٿان سندس حڪومت کي جوکو آهي! بظاهر ته مخدوم صاحب کي راضي ڪرڻ خاطر نهايت تڪريم ۽ تعظيم سان پيش آيو، مهمانيون ڪيائين، ۽ رخصت وقت پنهنجي منشيءَ کي حڪم ڪيائين ته ”منهنجي مهر کڻي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيءُ، ۽ مرضيءَ موجب پروانا ۽ معافي ناما لکي سندس حوالي ڪر“؛ مگر دل ۾ مخدوم شهيد کان ڊپ رکڻ لڳو، ۽ اهڙا بهانا ڳولڻ لڳو جيئن مخدوم صاحب کي دفع ڪري ڇڏي. آخر ظاهر ۾ هيٺيون بهانو ٿي آيو.

 

شهادت جو قصو

کهڙن جي ڀرسان سيدن جو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، جنهن کي ”سائدي“ چوندا آهن. اتي هڪ غريب مڱڻهار رهندو هو، جنهن جي زال نهايت حسين هئي. ڳوٺ جي سيدن مان هڪ نوجوان سيد انهيءَ عورت تي عاشق ٿي پيو، ۽ پنهنجي زمينداريءَ جي نشي ۾ ڀانيائين ته اها عورت سندس مسڪين مڙس کان زبردستيءَ کسي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏي. مڱڻهار ٻيو ڪو وسيلو ۽ بچاءُ نه ڏسي اچي مخدوم شهيد وٽ فرياد ڪئي، ۽ پنهنجي زال وٺي اچي مخدوم صاحب جي شهر ۾ رهيو.

مخدوم صاحب، سيد جي وڏن کي هن سموري قصي کان آگاهه ڪري لکيو ته هو کيس هدايت ڪري ان بري ڪم کان باز آڻين: پر جيڪڏهن شاهه صاحب کي هروڀرو اها عورت پنهنجي هٿ ۾ رکڻي آهي، ته ڪنهن نموني سان سندس مڙس کي راضي ڪري، کانئس طلاق ڏياري، پوءِ ڀلي پنهنجي نڪاح ۾ آڻي؛ باقي زور زبردستيءَ سان کسي پاڻ وٽ پرائيءَ عورت کي رکڻ شريعت موجب حرام ۽ ڪبيرو گناهه آهي. وڏن سيدن، نوجوان سيد کي گهڻو سمجهايو، مگر هو اصل باز نه آيو. لاچار، مخدوم صاحب ساري حقيقت لکي، مڱڻهار ۽ سندس زال کي، پنهنجي هڪ زيرڪ نالي غلام سان گڏي، روهڙيءَ جي ڪاردار معين ڏيٿر ڏانهن موڪلي ڏنو. عاشق سيد کي جڏهن اها خبر پهتي، تڏهن يڪدم پنهنجا نوڪر، لوفر ۽ اوباش سنگتي وٺي، شاهه جاڙيي رحمة اللہ عليہ جي درگاهه وٽ انهن کي اچي پهتو، ۽ مڱڻهار جي زال زبردستيءَ کڻڻ لڳو. زيرڪ، شاهه کي گهڻو ئي سمجهايو ته ’هيءَ بازو آءٌ روهڙيءَ جي ڪاردار ڏانهن وٺي ٿو وڃان؛ جيستائين اتي نه پهچندس، تيستائين اوهان کي نه ڏيندس؛ ڪاردار وٽ پهچائڻ کان پوءِ منهنجو ڪو به واسطو نه آهي، توهان ڄاڻو ۽ ڪاردار ڄاڻي‘؛ مگر شاهه نه مڙيو ۽ فساد شروع ڪري ڏنائين. نيٺ قصو وڃي تلواربازيءَ جي حد تائين پهتو. ٻنهي ڌرين مان ڪي ماڻهو ڦٽجي پيا. زيرڪ جي هٿان واصل شاهه نالي هڪ سيد کي سخت گهاءُ رسيو، ۽ سخت ڦٽجي زمين تي ڪري پيو. فسادي سيد، هيءُ وجهه وٺي، ڦٽيل سيد کي کٽ تي کڻي، روهڙيءَ جي ڪاردار وٽ پهچي، مخدوم شهيد ۽ سندس ماڻهن تي دانهي ٿيو. روهڙيءَ جي ڪاردار معين ڏيٿر کي اها خبر هئي ته ميان نور محمد اندروني طرح مخدوم جو حاسد ۽ مخالف آهي، ۽ ڳجهيءَ طرح کيس مخدوم صاحب جي برخلاف بهانو تلاش ڪرڻ جو اشارو ٿيل هو، تنهن اصل واقعي کان قطع نظر ڪري، وٺي مخدوم صاحب جي برخلاف لکيو ۽ مٿس ظلم ۽ زبردستي، فساد، خونريزي، وغيره وغيره جا الزام رکيائين.

ميان نور محمد، جو اڳي ئي ڪنهن موقعي جو منتظر هو، تنهن دائود نالي هڪ قاصائيءَ کي (جو چون ٿا ته سيوهڻ واري هنود قاصائيءَ جي اولاد مان هو) حڪم ڪيو ته لشڪر وٺي وڃي مخدوم ۽ سندس ساري خاندان کي قتل ڪري اچي. هيءُ ظالم يڪدم هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري اچي کهڙن وٽ پهتو، ۽ شهر کي گهيرو ڪري لڙائيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته بيشمار ماڻهو مخدوم جا مريد ۽ معتقد آهن، مبادا مخدوم جماعت ساڻ ڪري جنگ لاءِ سنڀري اچي.

هوڏانهن، مخدوم جو اهو حال هو جو جڏهن هيءَ شورس شروع ٿي ۽ ميان نور محمد جي ارادي جون خبرون پهچڻ لڳيون، ته هزارها ماڻهو ٽولين جون ٽوليون ٿي مخدوم صاحب وٽ ٿي آيا، ۽ اسلام جي راهه ۾ قربان ٿيڻ لاءِ پنهنجا سر ٿي آڇيائون؛ مگر مخدوم صاحب سڀني کي دعائون ڪري واپس ٿي موٽايو، ۽ فرمايائون ٿي ته ”اسان اللہ پاڪ جي درگاهه مان نهايت عاجزي ۽ زاريءَ سان شهادت جي دعا گهري آهي: جيڪڏهن واقعي اها دعا قبول ٿي آهي ۽ هيءَ عظيم سعادت اسان کي نصيب ٿي، ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي جو قيامت جي ڏينهن حضرت سيّدنا امام عليہ وعليٰ آبائہ السلام جي جهنڊي هيٺ شهدآءِ ڪربلا جي جماعت سان گڏ اٿنداسون! هيءُ درٻار ڪبريا جو اسان تي هڪ عظيم الشان احسان ۽ لطف ٿيندو- ۽ جيڪڏهن سنڌ جي حاڪم جي هيءَ فوج ڪنهن ٻئي غرض سان ٿي اچي، ته به اسان جون اکيون ٿڌيون.“

خير، قصو ڪوتاهه، ٻيا ماڻهو ته سڀ مخدوم صاحب جون دعائون وٺي ۽ نصيحتون ٻڌي واپس ٿيندا ويا، باقي خاص 208  ماڻهو، جن ۾ ست سيد هئا ۽ ڪيترا عالم، حافظ، عابد ۽ زاهد هئا، سي مسجد شريف ۾ موجود رهيا. اتي ظهر جو وقت اچي ٿيو. مخدوم صاحب انهن کي  هدايت ڪئي ته ”نماز ادا ڪري سڀ قبلي شريف ڏانهن متوجه ٿي مراقبي ۾ ويهي رهو: جڏهن توهان تي تلوارن جا وار ٿين ته صبر ۽ شڪر کان سواءِ ٻيو زبان مان ڪوبه لفظ نه ڪڍجو ۽ هٿ يا پير هرگز نه هلائجو، ڇاڪاڻ ته اسان هيءَ ذبح پنهنجي رضا خوشيءَ سان تسليم ڪئي آهي“. ايتري ۾ مخدوم شهيد جي ڀاءُ مخدوم محمد عاقل، جو پڻ نهايت پرهيزگار ۽ ولي ڪامل هو (جنهن جو ذڪر ڪنهن ٻيءَ صحبت ۾ ڪنداسون)، تنهن عرض ڪيو ته ”جيڪڏهن اجازت فرمايو ته اللہ کان پِني انهيءَ زمين کي حضرت لوط جي قوم جي ڳوٺ وانگر اونڌو ڪري ڇڏيان، جنهن تي ظالمن جو لشڪر اچي منزل انداز ٿيو آهي! يا، پنهنجي هن ڪوزي مان کهڙن جي چوڌاري هڪ اهڙو دياهه وهايان، جنهن ۾ بي قياسن جي سڄي ڇل فرعون ۽ سندس لشڪر جي طرح غرق ٿي وڃي!“ مگر، مخدوم صاحب فرمايو ته ”ادا، اها طاقت اسان کي به آهي، مگر اللہ جي واٽ ۾ شهيد ٿيڻ جي دعا سالن جا سال اللہ پاڪ کان گهرندا رهيا آهيون، ۽ انهيءَ جي قبوليت جا آثار هن وقت ظاهر ٿيا آهن: هاڻ عين موقعي تي انهيءَ نعمت عظميٰ کان محروم رهڻ دل نٿي گهري: ڇڏ ته مولا جي واٽ ۾ سر ڏيئي سرها ٿيون- ۽ يقين اٿئون ته قربانيءَ جي عيوض اسان کي اللہ پاڪ جي درٻار ۾ سرخروئي نصيب ٿيندي؛ جنهنڪري رسول اللہ جي امت جي ڪجهه حصي جي شفاعت به اسان جي هٿان ٿي سگهندي، ۽ اسان جي پوين کي پڻ گهڻي قدر برڪتون ۽ ثواب حاصل ٿيندو!“ هن کان بعد رخصت لاءِ حرم سراءِ ڏانهن روانا ٿيا، ۽ اتي وڃي پنهنجن ننڍڙن ٻنهي فرزندن- مخدوم محمدي ۽ مخدوم احمدي کي سيني سان لائي، سندن لاءِ خير ۽ برڪت جي دعا گهريائون. پهرئين صاحبزادي جي عمر ٻه سال، ۽ ٻئي صاحبزادي جي عمر هڪ سال هئي. تنهن بعد گهر وارن کي گڏ ڪري، کين، ڪربلا جي واقعي ۾ اهل بيت ڪرام جو مثال وٺي، صبر ۽ الاهي رضا تي راضي رهڻ جي نصيحت ڪيائون. آخرڪار، سڀني کي رب پاڪ جي سپرد ڪري پاڻ ٻاهر نڪري آيا؛ ۽ مسجد جي دروازي تي قبلي ڏانهن منهن ڪري وضو سارڻ لڳا، ته ايتري ۾ لشڪر جا ماڻهو به اچي سهڙيا ۽ مخدوم شهيد تي حمله آور ٿيا. مخدوم شهيد ان وقت هي لفظ پنهنجي زبان مبارڪ مان ڪڍيا: ”بسم اللہ رضينا بقضاءَ اللہ“. تلوار جي ڌڪ لڳڻ سان، اللہ اڪبر جو نعرو هنيائون- سر مبارڪ بدن کان جدا ٿي ويو، ۽ سندن روح پر فتوح ”اللهم الحقنا بالرفيق الاعليٰ“ پڙهندو، اعليٰ عليين ڏانهن پرواز ڪري ويو

مسجد شريف جي دروازي تي، مخدوم صاحب جي شهيد ٿيڻ واريءَ جاءِ تي دڪي ٺاهي ويئي، جا اڃا تائين (1957ع) موجود آهي. پوءِ ظالم ڪاهي پيا مسجد ۾ اندر، ۽ مخدوم صاحب جي ڀاءُ  مخدوم محمد عاقل عليہ رحمة ۽ ٻين مسجد ۾ ويٺل مومنن کي مراقبي ۾ ويٺي ئي شهيد ڪيائون. ڪنهن مومن هٿ ڪونه هلايو، بلڪ صبر ۽ شڪر سان في سبيل اللہ سر صدقو ڪري، سورهيه وڃي سرها ٿيا.

”تذڪره“ جو مصنف لکي ٿو ته ٽي ڏينهن لاشا مسجد ۾ پيا رهيا. کهڙن جي ڳوٺ ۾ اهڙو ڪو ماڻهو ڪونه بچيو، جو لاشا دفنائي – مگر ڪنهن لاشي مان بدبوءِ نه آئي. رات جو مخدوم شهيد، سر مبارڪ هٿ ۾ کڻي، شهيدن جي لاشن تي پهرو ٿي ڏنو. ٽئين ڏينهن مخدوم شهيد جو يار غار، پير سيد موسيٰ شاهه، صاحبن جي لوءِ عرف گهوٽڪيءَ کان آيو، ۽ اچي مخدوم ڀائرن ۽ شهيدن جا لاشا دفن ڪرايائين.

”تذڪره مخاديم کهڙا“ جي مصنف هڪ روايت حضرت مخدوم عبدالخالق کان آندي آهي ته انهن شهيدن مان هڪ سخت ڦٽيل آدمي علاج معالجي سان چڱو ڀلو ٿي پيو، مگر جيستائين زنده هو، پنهنجي هيٺئين چپ کي چٽيندو رهيو- ايتريقدر جو سندس چپ مان خون جاري ٿي پوندو هو. جڏهن کانئس سبب پڇيو ويو، تڏهن نهايت حسرت ۽ ارمان سان قسم کڻي ڳالهه ڪيائين ته ”جڏهن مان سخت ڦٽجي، بلڪل بيهوش، شهيدن جي لاشن ۾ پيو هوس، ته ڇا ٿو ڏسان ته نهايت حسين ۽ جميل حورون شراباً طهورا جا پيالا پُر ڪري کڻي آيون، ۽ اچي شهيدن کي پياريائون. هڪ حور پيالو کڻي منهنجي مٿان به اچي بيٺي،- ۽ جيئن پيالو چپ تي رکي مون کي پيارڻ تي هئي، ته مٿانئن جيڪو نگران مَلڪ هو، تنهن کيس هڪل ڪري چيو ته ’خبردار! هي آدمي اڃا حيات آهي- انهيءَ کي هن پيالي پيارڻ جو حڪم نه آهي!‘ مگر..... هڪ قطرو انهيءَ شراب جو منهنجي هيٺئين چپ تي اچي ڪريو، جنهن جي لذت اڄ تائين مون کي انهيءَ چپ مان اچي رهي آهي، ۽ مان چپ جي چٽڻ ۽ چٻاڙڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان!“

مسجد ۾ مخدومن ۽ مومنن کي شهيد ڪرڻ بعد، ظالمن، مخدوم جي نسل ۽ بنياد کي ختم ڪرڻ جي ارادي سان، مخدوم جي حويليءَ ڏانهن رخ رکيو؛ پر لڪياري سيدن مان سيّد پيرو شاهه، جو پنهنجي وقت جو ڪامل بزرگ ۽ صحيح النسب سيد هو، سو پنهنجي اولاد سميت اچي حويليءَ جي دروازي تي ٿي بيٺو، ۽ ظالمن جي لشڪر کي چيائين ته ”توهان جي گمان ۾ جيڪي ڏوهي هئا، سي قتل ٿي چڪا؛ هنن معصومن ڪوبه ڏوهه نه ڪيو آهي: جيستائين اسان جي سسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين توهان کي اندر هرگز هرگز نه وڃڻ ڏينداسون!“ جنهن تي ظالم توقف ۾ اچي ويا، ۽ اندر پير نه رکيائون.

مخدوم صاحب جي ٻنهي صاحبزادن مان وڏي صاحبزادي مخدوم محمديءَ کي، جنهن جي عمر ٻه سال هئي، شهر جي وڏيري ميان ٺاري خان سهتي وڃي پاڻ وٽ لڪايو؛ ۽ ٻئي ميان احمديءَ کي، جنهن جي عمر هڪ سال هئي، مائي گلي نالي حجامڻ ڪپڙن ۾ لڪائي پنهنجي گهر ڏانهن کڻي ٿي ويئي، ته واٽ تي کيس فسادين وڃي پڪڙيو ۽ چوڻ لڳا ته ”تون مخدوم جو نينگر پاڻ سان کڻي ٿي وڃين!“ جنهن تي مائيءَ پنهني نياڻي ڪڍي ڏني، جنهن کي انهن ناترسن قتل ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪارگذاريءَ کان پوءِ، مخدوم صاحب جي سڀني خليفن ۽ متعلقين – جهڙوڪ خليفو رحم اللہ، خواجه ۽ خليفو عباداللہ بانگو، وغيره – جي گهرن ۾ ڪاهي پيا ۽ سڀني جا گهر ڦري لٽي ويران ڪري سڀ مال کڻي ويا.

هن واقعي کان پوءِ ميان نور محمد جي درٻار جا ٻه مکيه امير، ڌوتي ۽ انگرکو پهري، پيشانيءَ تي تلڪ لڳائي، ميان نور محمد جي درٻار ۾ ويا، ۽ سلام جي بدران وڃي ’رام رام‘ چيائون. ميان ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين ته ”ڇا (نعوذ باللہ) توهان مون کي ڪافر ٿا ڄاڻو، جو اهو طريقو اختيار ڪيو اٿوَ؟“ ٻنهي بلڪل بيپرواهيءَ سان پنهنجي سر تان آسرو کڻي جواب ڏنو ته ”اي ميان صاحب! توهان شرع جي ٿنڀ کي ڪپي ڇڏيو- اڄ اسين ’رام رام‘ نه چئون ته ٻيو ڇا چئون؟“ هن ڳالهه کان ميان صاحب ڏاڍو متاثر ٿيو، ته مٿان وري مخدوم غلام محمد بگائي، جو پڻ مخدوم صاحب جو همعصر ۽ ولي ڪامل، مداح رسول اللہ صلي اللہ عليہ وسلم جو هو، تنهن شهادت جو سڄو آزاد نظم (Blank verse) ۾ ٺاهي تيار ڪري، ان جي آخر ۾ ميان نور محمد کي سخت جٺ لکي، جمعي ڏينهن وڃي ميان جي مسجد ۾ سندس روبرو پڙهيو. جنهن کان ميان ڏاڍو پشيمان ٿيو، ۽ ارمان کاڌائين- مگر تير اڳ ۾ ئي ڇٽي چڪو هو. تنهن کي موٽائڻ سندس وس کان ٻاهر هو.

هت مناسب ٿيندو ته مخدوم غلام محمد بگائيءَ جي سنڌيءَ مان انهيءَ حصي جا ڪي اقتباس نقل ڪريون، جن ۾ ميان نور محمد کي خطاب ٿيل آهي. ”تذڪره“ وارو لکي ٿو ته مخدوم غلام محمد هيءُ نظم حضور اڪرم صلي اللہ عليہ وسلم جي اشاري تي لکيو هو.

ناحق بيديني ڪيئي نُورو نا وجها،

خطا جو خون سڻي تان ڪر تحقيقا.

جي هوند مارائيين حق تي گذريو گواها،

ته پڻ ماريندڙ ماراءِ تون ڪڍي ڪتابا.

ان النفس بالنفس ڪاريو قصاصا،

ٻه سا ۽ ٻاويهه ڪيئن مومن ماراياء.

خائن هڪڙي خون ۾ اچي مت موڙهيا،

جيئن هاڃو ڪن هڪڙا، ڏجن ٻاڻ ٻيا.

سي ساوا ئي سڪي وڃن، ٿين ڀينگ ڀونگا،

جي قاضيءَ قريشيءَ سان هوءِ تعصب تپت تاء.

ته ڇو ڪيائين دين جي رونق روءِ جاء،

ته مارائي مخدوم کي پنهنجي ڳالهه پڄاء؟

ڇاکي غازي غربا مومن ماراياء،

ثابت شرع جنهن تي ڪاريو قصاصا؟

انهيءَ عيوض ۾ اهو ڪوٺي هوند ڪهاء،

”ولاتزر وازرة وزراخري“ پير پرجهي پاء.

چٽ ڇنئي ترهو ٽٽئي ٻيڙي ٻوڙاياء،

شال نه هوندين سرخرو، ڪوڙهيا ڪان پيا!

پارؤن پيغمبر پاڪ جي اوڀالا اينداء،

شافيءَ جي شرع ۾ جيڏي جاڙ ڪياء.

ويئي حڪومت هٿ مان، پاپي، پٽ مرنداء،

ڊنين ڊاء نه رب جي سوريا سڃ ڪياء.

آبرو اسلام جي ڪوڙهيا ڪوهه ڪڍياء،

هُل حاويلي ڇڏيئي، سڃي ٿيئي سراء!

نُوروُ! هٿئون نڪري ڳهلا ڳالهه وياء،

جي ٿي شمع جا ٻريا، سي ڪيئن اجهاياء!

مشعل مومنن جا قاضي ڪوهه ڪٺاء،

ڪاتي پوندءِ قهر جي، ٻنڀا ڪا ٻرندياء!

جهڙي ڪيئي جهان ۾، آڏي سا ايندياء،

اچي ڪڙڪي قهر جا گهوڙا گهر پوندياء!

هيڏي ڦر نه ڦٻنديءِ، جي ڀيلارا ڀانياء،

مارو مڱر ظلم جي ٻارڻ ٻارياء.

ظالم! زور زيان سان سنڌ ساري سڪاياء،

اصفهان ۽ ايران جا گهوڙا گهر اينداء!

سگها زنجير ظلم جا ڳٽ ڳانا ڳل پوندياء،

اڄ يا سڀهن مرندين پاپي ڏينهن پناء!

شاديون شڪرانا ڪيو، ڪيو خير خداء،

ماريو مفسد، مومنو! ويهو جڙي جاء بجاء.

چوي غلام محمدي نالي غلاما،

وينداسي ايمان سان جي ڪلمو چون سدا.

 

مخدوم عبدالرحمان جي شهادت جو واقعو سن 1145 هجريءَ ۾ ٿيو.

 

هَي هَي ستون سند فتاد

بل احـــــــــــــــيـــــــــاء

عند ربهم يرزقون فرحين

کانـــــوا غــــــازيــــن

در مــسجد قــتل شد

شمع هديٰ کشته شد

 

مٿين جملن مان اهو سن نڪري ٿو.

 

-------------


(1)  ”تذڪره مخاديم کهڙه“ ۾ 208 لکيل آهي، مگر مخدوم غلام بگائيءَ پنهنجي سنڌيءَ ۾ 222 بيان ڪيا آهن.

(1)  معنيٰ: اسين اللہ تعاليٰ جي قضا تي راضي آهيون.

(2)   معنيٰ: اي منهنجا اللہ، اسان کي مٿانهن دوستن يعني ملائڪن سان ملاءِ.

(3)  ”تذڪره مخاديم کهڙا“- مخدوم غلام محمد بگائيءَ وري هن طرح لکيو آهي:

”سالڪ پهرينءَ سيف سان چئي طالب تڪبيرا، صاحبَ ثانيءَ سيف سان ڪيو شاڪر شڪرانا، تان پوءِ ٽئين وار سان سورهيه ڏنو ساهه.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com