سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :11

مخدوم احمد مجتبيٰ ”غالب“ ملڪاڻي

 

مرحوم مولانا مخدوم غلام محمد ملڪاڻي

 

”چون عاشق مي شدم، گفتم کہ بردم گوهر مقصود،

ندانستم کہ اين دريا چہ موج بيکران دارد“.

مرحوم مخدوم غلام محمد صاحب نه رڳو پنهنجي وقت جا جيد عالم هئا، بلڪ پنهنجي صديءَ جا ڄڻ مجدد هئا: قاري ۽ مجود قرآن هئا، حاجي الحرمين هئا، عالم هئا، عارف هئا. سنڌڙيءَ سندن ڪمال جهڙا بزرگ تمام ٿورا اُپايا آهن.

مولانا حڪيم محمد مرحوم پنهجي هڪ تقريظ ۾ - جا هن قبله گرامي قدس سره جن جي رسالي ”تحفةالقرآن“ تي لکي آهي- هيٺينءَ طرف فرمايو آهي:

”فلا يخفي علي جناب من امعن النظر في کتب الشرع وريٰ فيها مسائل الاصل والفرع  ان مان کتب زيدة فضلاء الانام، عمدة العلماء الکرام، المحقق الفاضل العلام، المجدد المقبول في جناب الاحد والاحمد، مولانا غلام محمد، مصباح القرية الملکاني ادامہ الله تعاليٰ متکئا عليٰ و سادة الافادة، و اقامہ مستنداً علي مسند الافاضة، فهو مبني علي عين الانصاف، لا ينبغي عنہ الاعراض، و لا يلقيق فيہ الاختلاف، و هو سبحانہ و تعاليٰ اعلم.....“

مولانا حڪيم فتح محمد صاحب جهڙا بيريا عالم پنهنجي هڪ همعصر هستيءَ لاءِ پنهنجي تحقيقاتي تقريظ ۾ ”مجدد الاسلام“ جو غير معمولي خطاب تجويز فرمائين، سا هر ڪو اهل علم ڄاڻندو ته ڪا مبالغي آميز ڳالهه نه هئي. سنڌ جي هڪ ٻي غير معمولي هستي، جنهن کي اڄ وقت جي علماي اعلام ۾ ’شمس العلماء‘ جو اعليٰ ترين خطاب حاصل آهي، تنهن حضرت صاحب جن جي بنسبت هڪ موقعي تي فرمايو آهي ته ”اسان کي اهڙيءَ نوعيت جي اسلامي هستي اڄ تائين ڏسڻ ۾ نه آئي آهي، ۽ شايد اڳتي لاءِ به مشڪل ڏسڻ ۾ اچ.“

هر کس بقدرِ خويش بجائي رسيده است،

آنجا کہ جائي نيست، تو آنجا رسيدهءِ.

سندن ولادت بسعادت، هڪ اعليٰ ترين بلوچ خاندان جي آغوش ۾، 14 رمضان المبارڪ 1276 هجريءَ ۾ ٿي. والد صاحب سندن نالو ”غلام محمد“ ۽ والده صاحبہ ”غلام احمد“، تجويز فرمايو: نه معلوم اها ڪهڙي مبارڪ ساعت هئي، جنهن ۾ هڪ عاشق رسول ۽ پروانهء جمالِ محمدي جو ايتريقدر موزون نالو رکيو ويو، جو حرف بحرف صحيح ثابت نڪتو. حضرت صاحب جن پنهنجي هن اسم مبارڪ تي هميشہ ناز ۽ فخر ڪندا هئا، حسب ذيل مصرع لکرائي ڇڏي هئائون: ”نازم ببخت خود کہ غلام محمدم“ (سرور ڪائنات جي غلاميءَ سبب مون کي پنهنجي بخت تي ناز ۽ فخر آهي).

سندن ولادتگاهه، جو اصل کان سندن آباءَ و اجداد جو سڪونتگاهه هو، تعلقي دادوءَ ۾ ”ملڪاڻي“ نالي هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. ستن اٺن سالن جي عمر ۾ کين قران مجيد پاڙهڻ لاءِ ڳوٺ جي نزديڪ هڪ مڪتب ۾ موڪليو ويو، جتي هڪ سال جي عرصي ۾ قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪيائون. سندن استاد هڪ فياض شخص، آخوند عبدالڪريم نالي، مخدوم جنيد (هڪ جيد عالم) جي پوين مان هو. ان کان پوءِ دادوءَ جي لڳ سيالن جي ڳوٺ ۾ ”بهار دانش“ ۽ ”انوار سهيلي“ تائين فارسي پڙهيا. ساڳئي ئي وقت ۾ دادوءَ جي پرائمري اسڪول ۾ سنڌيءَ جي ستن درجن جو امتحان پڻ ڏنائون. حضرت صاحب جن فارسي پڙهڻ کان پوءِ عربيءَ جي اعليٰ تعليم ۾ مشغول ٿي ويا. سن 1302 هجريءَ ۾، پنجويهن ورهين جي عمر ۾، حضرت مولانا محمد حسن حيدرآباديءَ جي حلقهء درس ۾ عربيءَ جي دستاربندي فرمايائون. هن مدرسي ۾ يا ان وقت تائين حضرت صاحبن جن علمن ۾ تعليم حاصل ڪئي، انهن جا مختصر نالا پنهنجيءَ هڪ تصنيف ۾ ضمناً هيٺيان ٻڌايا اٿن:

”منها علم الصرف وعلم النحو و علم اللغة و علم المعاني و

علم البيان و علم العروض و علم الانشاء و علم رسم الخط وعلم المناظره وعلم القراة و علم التفسير و علم الحديث و

علم الفقہ و علم الفوائض و علم الاصول وعلم الکلام و

علم المنطق و علم الحڪمت و علم الهيئية و علم الهندسة و علم العدد و علم الطب و علم النجوم و علم المناظر والمرايا و علم الجبر و المقابلہ و علم جرالاثقال و علم الجفر و علم القيافة و علم التعويذات و علم التصوف و علم الاخلاق و علم التواريخ وغيره.“

حضرت صاحب جن جي اساتذه جو تعداد اگرچ ايڏو گهڻو نه هو، پر ان هوندي به علمي جستجو کين گهڻن عالمن جي حلقهء درس ۾ زانويء ادب تهه ڪرڻ جو موقعو ڏنو. سندن استادن مان آسمان علم جا آفتاب جي بزرگ هئا، اهي آهن – حضرت مولانا حاجي حسن الله صاحب پاٽائي، حضرت مولانا عطاءُ الله صاحب فيروز شاهي، ۽ حضرت مولانا محمد حسن صاحب حيدرآبادي، رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين. هنن ٽنهي حضرات جي حلقهء درس ۾ پاڻ اگرچ چڱو عرصو رهي جدا عدا علوم و فنون جي تعليم حاصل ڪئي هئائون، مگر جئن ته آخري عبور مولانا محمد حسن صاحب جن جي ئي حلقهء تدريس ۾ فرمايو هئائون، تنهنڪري سڀني حضراتن کان مولانا محمد حسن صاحب جن کي ئي پنهنجو استاد ڪري ڄاڻندا هئا، ۽ انهيءَ ڪري ئي پنهنجي تعليم جو مستند سلسلو ۽ سڀ کان وڌيڪ نسبت شهدادڪوٽي بزرگن سان ڳنڍيندا هئا؛ ڇو ته حضرت مولانا محمد حسن صاحب، استاذ الافاق حضرت مولانا نور محمد صاحب شهدادڪوٽي رحه جا شاگرد هئا – جيئن هن سلسلي بنسبت حضرت صاحب جن ”المنج الملڪ الجليل“ ۾ ضمناً هڪ موقعي تي رقمطراز آهن:

”کما اجازني صدر العلماء المدققين و شمس العلماء المحققين الذي تقريراتہ فوائد ضيائية و تحريراتہ متفردات الهامية و اشاراته في الدقائق الفلسفية، هداية الي الحڪمة البهية و کناياتہ في الحقائق الکلامية، محللات لعاقده المباحث الاعتقادية و رموزاتہ في علم التفسير و الحديث و الفقہ و الاصول المفتقر اليها الفحول –

”بکمالہٖ في الاوج بدر کامل، بحر محيط ذاخو بنوالہٖ؛

في کل علم عالم متبحر، في فن حلم حالم بحيالہٖ.“

”مولانا الخمدوم الايادي العلامة محمد حسن الحيدرآبادي کما اجازه بذالک رئيس العلماء، رافع الوية البيضاء الذي صارت ببيانہ فوائد العلوم التي کانت في الاصصداف المظلمة خفية کالفوائد التي کالتيجان علي الر‌س باهرة سنية المشتهر في الا قطار و الاعصار کالن  کاء  في نصف النهار-

”لا يدرک الانسان وصف کمالہ،

و العقل في احصائہ يتضعفضع.

”مولانا النوري العلامة نور محمد الشهدادڪوٽي-

”مبارک الاسم يستقي الغمام بہ،

ما في الانام لہ عدل ولا خطر-

”عن شيوخہ الکاملين رحمة الله تعاليٰ عليهم اجمعين!“

حضرت صاحب جن، علم جي عبور بعد، حضر خواه سفر ۾ ڪم و بيش چاليهن سالن تائين درس تدريس ۾ مشغول رهيا. سندن حلقهء درس ۾ تقريباً سو کن شاگرد علوم و فنون متفرقه جي حاصل ڪرڻ لاءِ هروقت حاضر ۽ موجود رهيا ٿي. مبتدي شاگردن کان علاوه ڪيترا منتهي ڪجهه وقت سندن خدمت ۾ رهي تفسير، حديث، فقہ، ادب، معاني ۽ بديع جي اعليٰ تعليم حاصل ڪندا هئا.

هن کان پوءِ سندن زندگيءَ ۾ اهو انقلاب آيو، جنهن ۾ زندگيءَ جو ڪجهه عرصو بيروني ملڪن – هندوستان، پنجاب، عراق ۽ حجاز، وغيره – جي سير و سفر ۾ گذاريائون. هن دوران ۾ حضرت جن گهڻن بزرگن جون خانقاهون ڏٺيون، ۽ گهڻن مشائخين طريقت ۽ شريعت جي خدمت ۾ علوم ظاهري ۽ باطني ۾ ڪمال حاصل فرمايو. عراق ۽ حجاز جي سفر ۾، جو سن 1307 هجريءَ ۾ فرمايو هئائون، بغداد شريف پهچي، ڪئين ڏينهن حضرت محبوب سبحانيءَ جي درگاهه فلڪ بارگاهه ۾ عبادت الاهي ۾ مشغول رهيا، ۽ خانقاهه شريف جي سجاده نشين حضرت سيد مصطفيٰ قادري رحمة الله عليہ کان، جي زماني جا قطب تسليم ڪيا ويندا هئا، طريقه عاليه قادريه ۾ دست بيعت ٿيا، ۽ چند ڏينهن جي محنت ۽ مشقت بعد هن سلسلي جي سند حاصل فرمايائون. حضرت صاحب جن کي هن سفر ۾ هاڻي ٽيون سال ختم ٿيڻ وارو هو. سندن ارادو هو ته باقي حياتيءَ جا ڏينهن پڻ پرين جي پاڙي ۾ پورا ڪرڻ بهتر آهن. کين مديني منور ۾ سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم جي روضہء اطهر تي رهندي پورو ڏيڍ سال جو عرصو گذري چڪو هو. هن عرصي درميان پاڻ ڪڏهين مڪي معظم ۾ پڻ ڏينهن جا ڏينهن وڃي حرم محترم ۾ رهندا هئا ۽ عبادت الاهي ڪندا هئا. مڪي شريف جي وڏن عالمن سان سندن علمي گفتگو رهندي هئي ۽ مباحثا ٿيندا هئا –خاص ڪري مڪي معظم جي هڪ وڏي  مفتيءَ ۽ مشهور عالم سيد احمد دحلان محدث سان سندن گهڻي رغبت هئي، ۽ مڪي شريف جي مشهور عربي درسگاهه ”مدرسه صولتيه“ جي باني ۽ مدرس اعليٰ شيخ رحمت الله مهاجر مڪي عليه الرحمة سان پڻ سندن رشتهء محبت قائم هو. حضرت صاحب جن جي ڪمال علم ۽ خاص ڪري فقيهانه تحقيقات جا هي علماء ڪرام گهڻو معترف هئا، ۽ کين ”ابو حنيفه ثاني“ جو خطاب ڏيندا هئا. مَڪّو مڪرم ساريءَ دنيا ۾ اسلامي علوم و فنون جو هڪ وڏو مرڪز هو –خاص ڪري حج واري زماني ۾ متفرقه ملڪن جا ڪيترائي وڏا وڏا علماء اچي هتي گڏ ٿيندا هئا. هن دوران ۾ حضرت صاحب جن جِي ’شام‘ جي وڏي عالم ابو نصر محدث سان ملاقات ٿي، جنهن بزرگ کي ساڍيون ٻارهن هزار مستند حديثون ياد هيون. حضرت صاحب جن هن بزرگ بنسبت فرمائيندا هئا ته ’اسان هن سڄي سفر ۾ ابو نصر شاميءَ جهڙو عالم نه ڏٺو‘. سن 1319هه ۾ هندوستان جو سفر فرمايائون. هن دوران ۾ سرهند شريف پهچي، حضرت امام رباني صاحب جي خانقاهه جي زيادت کان مشرف ٿيا؛ ان کان پوءِ وري درگاهه مهڙا شريف، گولڙا شريف، ۽ ٻيون گهڻون خانقاهون جي ان وقت هندوستان ۾ بلڪل مشهور معروف هيون سي ڏٺائون ۽ مڙني مشائخن جي خدمت ۾ ڪئين ڏينهن رهي طريقت جي چئن مشهور سلسلن جون سندون حاصل فرمايائون.

سن 1326هه مطابق 1908ع ۾ حضرت جن ٻيو ڀيرو پنجاب جو سفر فرمايو، ۽ هن دفعي ملتان پهچي سيد القراء حضرت حافظ عبدالحڪيم رحمة الله عليہ جي حلقهء درس ۾ ڇهن مهينن جي مختصر عرصي ۾ قرآن مجيد جو حفظ فرمايائون. حضرت صاحب جن نه صرف قرآن مجيد جا حافظ هئا، بلڪ قاريء قرآن هئا. ڇهن مهينن اندر سڄو قرآن حفظ ڪرڻ، حقيقت ۾ هڪ ڪرامت هئي؛ مگر پاڻ ٿوري عرصي ۾ اهڙي ته مڪمل ۽ غير معمولي تعليم حاصل فرمايائون، جو قرآن عربي کي عرب جي قانون موجب ترتيل ۽تجويد سان پڙهندا هئا.

قرآن مجيد جي حفظ ڪرڻ بعد، وطن ورڻ وقت، حضرت صاحب جن ملتان مان علم تجويد ۽ قرات جا ڪيترائي ڪتاب خريد ڪيا – جن مان تحفہ نذيريه، فوائد نظاميه، مفيد القاري، مرغوب القاري، سراج القاري، هدايت القاري، ميزان القرآن، مفتاح القرآن، آداب القرآن، تقريب التجويد، مقنع، درة الفريد، رساله متشابهات، مقدمه جزري، مقدمه فيضي، وغيره قابل ديد ڪتاب آهن. اهي سڀ ڪتاب کين اڪثر ياد هوندا هئا – جئن ته ’مقدمه جزري‘ جا هيٺيان ٻه اشعار هڪ موقعي تي ڪنهن حافظ سڳوري کي قرآن مجيد جي قرات متعلق خاص سمجهاڻين ڏيندي ارشاد فرمايو هئائون، سي راقم خاڪسار کي اڄ تائين ياد آهن:

اذ واجب عليهم متحتم،      قبل الشروع اولاً ان يعلموا:
مخارج الحروف والصفات،     ليلفظوا بافصح اللغات.
(قازين کي قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ کان اڳ واجب آهي ته هو حرفن جي مخرجن ۽ سڀني صفتن کي ڄاڻن، تان ته قرآن مجيد جي لفظن کي سڀني زبانن کان هڪ وڏي فصيح زبان – عربي - ۾ صحيح طرح ادا ڪري سگهن.)

مٿين ڪتابن مان ’مقدمه فيضي‘ – جو علم قرات ۽ تجويد ۾ هڪ ناياب ۽ نادر ڪتاب آهي – رخصت وقت استادن کين تحفي طور مرحمت فرمايو. هيءُ ڪتاب هڪ خوشنويس جو قلمي لکيل پنجابي زبان ۾ آهي.

حضرت صاحب جن، عراق جي دوران سفر ۾ سيد مصطفيٰ قادري رحمة الله عليہ کان طريقه عاليه قادريه ۾ دست بيعت ٿي، هن سلسلي جي سند حاصل فرمائي، جئن مٿي يان ٿي چڪو؛ مگر ٻين سلسلن ۾ اڃا کين مشائخين طريقت جي جستجو هئي. پاڻ اڃا هندوستان ۽ پنجاب جي سفر تي پوءِ روانا ٿيا هئا. ان کان اڳ، سنڌ ۾ خواجهء خواجگان حضرت خواجه آغا عبدالرحمان صاحب سرهندي مجددي قدس سره کان طريقه نقشبنديه ۾ دست بيعت ٿي، خرقه خلافت حاصل فرمايائون. هيءُ سن 1315 هجريءَ جو زمانو هو. خواجه صاحب جن کي قنڌار مان هجرت ڪئي هي ارڙهون سال هو. سندن خانقاهه ان وقت ٽکڙ شريف ۾ مرجع روزگار هئي. قدرت الاهي، انهي ئي سال، جڏهن خواجه صاحب جن رحلت فرمائي، تڏهن سندن باطني اشاري سان وري حضرت خواجه ولي محمد ڪاتياروي رحه جي حلقهء ارشاد ۾ ويهي دوباره طريقه نقشبنديه ۽ سهرورديه جي تڪميل فرمايائون. تنهن کان پوءِ وري مهڙا شريف واري مشهور اوليا حضرت خواجه محمد قاسم نقشبندي قدس سره جي خدمت ۾ پڻ نقشبندي طريقي جو گهڻو فيض حاصل ڪيائون، ۽ چشتي طريقي ۾ قطب اعظم حضرت مولانا خواجه سيد ميهر شاهه جيلاني گولڙي شريف واري کان سند ورتائون. طريقت ۾ مشائخن جيڪي حضرت صاحب جن کي سندون ۽ شجرا مرحمت فرمايا، سي اڄ تائين سندن خاندان ۾ محفوظ آهن – (انهن سڀني سلسلن جو وڌيڪ احوال ۽ حضرت صاحب جن جي مڪمل سوانح حيات لاءِ ڪتاب ”انوار احمديه“ هن خاڪسار جو لکيل ڏسڻ گهرجي).

تصوف ۾ پاڻ اگرچ چئن طريقن جا صاحب هئا – جن جو مٿي بيان ٿي چڪو -، مگر پاڻ اجازت حاصل ڪرڻ بعد فقط طريقه عاليه نقشبنديه کي ترويج ۾ آندائون، ۽ پنهنجي فيض جي بارش اهڙي ته عام ڪيائون جو سنڌ ته بجاءِ خود، بلڪ ڪوهستان، بلوچستان ۽ ٻين ملڪن جي برن ۽ بحرن، رڻن ۽ روهن کي پڻ آباد ۽ شاداب ڪري وڌائون. اهڙيءَ طرح، سندن مريدن جو تعداد لکن کان به زياده ٿي ويو؛ مگر پيري مريديءَ جي سلسلي جاري رکڻ بعد ڪيترا سال درس تدريس ۾ مصروف رهيا. انهيءَ عرصي ۾ ڪيترائي جيد عالم پيدا ڪري وڌائون، جي پنهنجي پنهنجي فن ۽ نوعيت ۾ لاجواب عالم ليکيا ٿا وڃن. سندن فياض طالبن مان مولانا يمشي عليه الرحمة هڪ اهڙا پرهيزگار عالم ۽ صاحب ولايت ٿي گذريا آهن، جو انهن ڪيترو وقت خاموشيءَ ۾ گذارڻ کان علاوه نه انّ چکيو نه پاڻي: هميشہ ڏينهن جو صائم ۽ رات جو قائم رهندا هئا، ۽ انهيءَ حالت ۾ سڄي عمر ختم فرمايائون. تعليم جي لحاظ کان مولانا حاجي عبدالرحيم صاحب مرحوم (سابق معلم فقه سنڌ مدرسة الاسلام، ڪراچي)، حضرت جن جي شاگردن مان اهي مشهور ۽ جيّد عالم هئا، جن کي سنڌ جو هر تعليم يافته گروهه اخلاص ۽ عقيدت جي نظرن سان ڏسي ٿو. اهڙيءَ طرح، ٻيا به ڪيترائي جيّد عالم قبله صاحب جن جي حلقه درس مان فيضياب ٿي شهره آفاق بنجي ويا – جئن ته مولانا مولوي امير محمد شاهه صاحب اميناڻين وارو، مولانا مولوي محمد ڪامل صاحب ملڪن وارو، مولانا مولوي محمد حسن صاحب سيالن وارو، مولانا مولوي عبدالخالق صاحب جهلي وارو، مولانا مولوي خان محمد صاحب جوهيءَ وارو، مولانا مولوي محمد صاحب مَڏن وارو، مولانا مولوي عبداللطيف صاحب لَلِين وارو، وغيره. قبله صاحب جن جي تلاميذ مان ٻيا به بيشمار عالم آهن، جن جو هن موقعي تي تعارف باعث طوالت ٿيندو؛ هتي فقط انهن فاضلن جا نالا آندا ويا آهن، جيڪي صاحب عبور بعد خود درس تدريس جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويا، ۽ انهن صاحبن ساريءَ سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترا بينظير عالم پيدا ڪيا. سڄيءَ سنڌ ۾ اڄ تائين حضرت صاحب جن جي شاگردن جا شاگرد، ۽ انهن جا شاگرد – اهڙيءَ طرح سَون جي تعداد ۾ هي سلسلو قائم آهي. سندن شاگردن مان موجوده وقت ۾ محقق، مفتي ۽ جيّد عالم حضرت استادي مولانا سيد امير محمد شاهه صاحب اميناڻين واري جي هستي ڪنهن کان مخفي ناهي، جنهن صاحب کي تقريباً پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصو درس تدريس ۾ گذري چڪو آهي. انهيءَ عرصي جي درميان هر سال ڏهاڪو کن عالم سندن دار العلوم مان دستاربندي ڪري فارغ التحصيل ٿي نڪرندا آهن – ذالک فضل الله يؤ تيہ من يشاء والله ذوالفضل العظيم.

سندن فيض جي ڪڪرن وسڪارا ڪري سنڌ ۽ٻين ملڪن ۾ جيڪي شادابيون ڪيون، سي ڪنهن تعريف جون محتاج ناهن. مولانا مولوي محمد سليمان ’واعظ‘ مرحوم (ٿرڙي محبت وارو) جو قول آهي ته ”ڪنهن ميرن ڪپڙن واري ماڻهوءَ کي جهنگل، دريا ۽ پٽن پهاڙن ۾ جيڪڏهن خدا تعاليٰ کي سجدو ڪندي ڏسو، ته ڄاڻو ته هي فيض حضرت مخدوم صاحب قدس سره جن جو آهي‘. حضرت صاحب جن جو هي فيض ئي ڪافي ثبوت آهي ته سندن مريدن مان ڪنهن ماڻهوءَ جيڪڏهن پنهنجي بدقسمتيءَ سبب وڌيڪ ڪجهه حاصل نه ڪيو، تڏهن به ان کان پنج وقت نماز جا ڪڏهن به هٿان نه ويندا. ازان سواءِ جن صاحبن عظيم محنتون ۽ مشقتون ڪري مڪمل فيض حاصل ڪيو، اهي خلفاء ڪاملين ۾ درج ٿيل آهن، جن دنيا ۾ فيض الاهي جا واهڙ وهائي ڇڏيا، اهي هيٺيان حضرات آهن: (1) حضرت مولانا فقير محمد ويهڙائي رحمة الله عليہ (دادو ضلعو)؛ (2) حضرت مولانا حافظ محمد صالح ڪرمپوري رحمة الله عليہ (دادو)؛ (3) حضرت مولانا شير محمد اٻاوڙائي رحمة الله عليہ (سکر ضلعو)؛ (4) حضرت مولانا سيد خير شاهه جلبانوي رحمة الله عليہ (دادو ضلعو)؛ (5) حضرت مولانا عبدالهادي بوبڪائي رحمة الله عليہ (دادو ضلعو)؛ (6) حضرت مولانا محمد عبدالله المعروف به يمشي قدس سره (نوابشاهه ضلعو)؛ (7) حضرت مولانا عبدالرحمان منڇرائي رحمة الله عليہ (دادو ضلعو)؛ ( 8) حضرت مولانا الحاج محمد موسيٰ منڇرائي مدظلہ (دادو ضلعو)؛ ۽ (9) مرشد الاولياء والسالڪين امير الامراء حضرت مولانا امير محمد پسند خان قدس الله سره العزيز – هيءُ بزرگ جبل جي مينگل سردارن مان هڪ، وڏا اولياء الله ٿي گذريا آهن؛ سندن مسڪن شريف ”سارڻو“ پٻ جبل جي پرينءَ ڀر وارو ملڪ آهي.

حضرت صاحب جن کي اگرچ سڀني علمن ۾ هڪجهڙو ڪمال حاصل هو، مگر سندن توجهه اڪثر فقه جي طرف رهيو؛ ڇو ته تحقيقات لاءِ روزانو وٽن جيڪي فتوائون اينديون هيون، انهن جو انداز نهايت غير معمولي هوندو هو: ڪئين ماڻهو فقهي مسئلا کڻي سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ پاڻ انهن جي تحقيقات ۾ شافي فتوائون لکندا هئا. سندن رحلت کان پوءِ، لاڳيتن ٽن سالن جي عرقريزيءَ بعد، راقم خاڪسار انهن سڀني تحريرن ۽ بياضن کي وقت جي ٻين جيد عالمن جي مشوري سان ڪتاب وار خاڪسار انهن سڀني تحريرن ۽ بياضن کي وقت جي ٻين جيد عالمن جي مشوري سان ڪتاب وار ترتيب ڏيئي، ٻن ضخيم جلدن ۾ ”فتاويٰ ملڪاڻي“ جي نالي سان مرتب ڪيو آهي. ابتدا ’ڪتاب العقائد‘ کان اٿس. ٻنهي جلدن جي ضخامت تقريباً 1500 صفحا کن ٿيندي. نهايت مستند ’فتاويٰ‘ آهي. اڃا غير شايع آهي. هن فتوا کان سواءِ حضرت صاحب جن جون ٻيون هيٺيون تصنيفون آهن:

1- سبيل الرشاد (عربي زبان ۾ فن وعظ ۽ تاريخ جو بينظير ڪتاب، چار جلد، هر هڪ جلد ۾ ٻارهن وعظ، چئني جلدن ۾ 48 وعظ آهن. حضرت جن جو دستور هو ته مهيني جي هر ڪنهن پهرئين جمع تي پنهنجي خانقاهه شريف تي وعظ فرمائيندا هئا، تنهنڪري هر هڪ جلد ۾ اهي سندن بهترين تقريرون سڄي سال جون جمع ڪيل آهن)، 2- تنقيح المقاصد والمعاني، 3- حسن الخطاب في اثبات البقاب، 4- تعويذ الله الاحد، 5- نتيجةالافکاروالمحن في الرد علي المفتي الماجن، 6- تحفةالاقران، 7- تاريق عباد الله في جوازيارسول الله 8- السيف القهري علي عنق النوشهري، 9- ذلاقة الکبيره في تحقيق نکاح الصغيرة، 10- عمدة الرسائل، 11- منح الملک الجليل في جواز القيام والمعانقة والتقبيل، 12- الحق الصريح، 13- فتح الخلاق في الرد علي عبدالرزاق، 14- ايقاظ الناعس الغبي في عدم ايقاع طلاق الصبي، 15- زجرالغوي البليد في تحقيق و جوب النقليد، 16- القول الحسان، 17- ترويح جنان المنصفين، 18- زجر الفضيح، 19- تحفة العارفين الصوفيہ، ۽ 20- ايضاح لما اشتبہ عليٰ الملاح. انهن کان سواءِ، سندن ٻيا به ڪجهه مختصر رسالا لکيل آهن.

بعض وقتن تي سنڌي سلوڻو شعر به چيو اٿن. سندن شعر ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته پاڻ بحر وحدت جا حقيقي غواص هئا، ۽ هن قلزم بيڪنار جي پاتار ۾ پهچي اهي ته ماڻڪ ميڙيا اٿن، جن جي پوري پرک لاءِ ڪن سگهڙ صرافن جي ضرورت آهي. پاڻ ڪيتريون ئي درد انگيز ڪافيون چيون اٿن؛ مثنويءَ ۾ ’مارئي‘ پڻ سندن چيل آهي، جنهن کي ٻڌڻ سان رقت طاري ٿيو وڃي؛ اسين هتي نموني طور فقط ڪجهه بيت پيش ڪنداسين، ڇو ته ان زماني ۾ شاعريءَ جو لاڙو گهڻي قدر بيتن ڏانهن هو.

(1)

ڪُٺن کي قرب مان ٿو سڄڻ سڏ ڪري،

اَنا لہ اشدّ شَوقاً، پرين ناهه پري،

اَڏيءَ سر ڌري، ووڙين ڇو نه وصال کي.

(2)

ڪُٺن کي قرب مان، ٿو پرين پُڪاري،

”ونحن اقرب اِليہ من حبل الوريدِ“ واڳون آ واري،

مدعي ماري، ووڙين ڇو نه وصال کي.

(3)

ڪُٺن کي قرب مان ٿو ويجهو ووڙائي،

”و فِي انفسکم افلا تبصرون“، فائق فرمائي،

پريت من پائي، ووڙين ڇو نه وصال کي.

(4)

”عاشق ارني انظر“ چئي، جيءُ ڪن جبل طور،

اِن اوليائي تحت قبائي“، تن کان دلبر ناهي دُور،

سيني سانڍي سور، فنا ٿيا فڪرات ۾.

 

(5)

عاشق اڄ تائين، آهن ”الست“ جي اقرار ۾،

”قالوا بليٰ“ چئي قرب سان، جيءَ کي جلائين،

آسرو نه لاهين، فنا ٿيا فڪرات ۾.

(6)

سگهو مئيءَ کي سپرين اچي پاڻ پساء،

وري من وار ڪهين وصل سندو واء،

مرسل مون ڏي آءُ، مٺا ملڪاڻين ۾.

(7)

سڄڻ تنهنجي سڪ ۾ ٻريا محل ماڳ،

اچي مل مون پرين ته سولو ٿئيم سڀاڳ،

وارث واري واڳ، آ مٺا ملڪاڻين ۾.

(8)

مديني جي مير ڏي ڪانگل وڃ ڪهي،

ڪنيزڪ زاد ڪريمن کان وسري ڪيئن وئي؟

سڄڻ سانگ پئي، آءٌ مٺا ملڪاڻين ۾.

(9)

برسر قدم يار جي ڪانگل پئج ڪِري،

ٻانهي ٻروچ تنهنجي مشفق وئي مري،

وارث آءُ وري، مٺا ملڪاڻين ۾.

(10)

صبا واءَ صبح جا، چئو پرين کي پيغام،

ته ساري توکي سپرين مُئيءَ ڪيو ماتام،

يا شافع ڏينهن قيام، آءُ مٺا ملڪاڻين ۾.

(11)

صبا واءَ صبح جا، چئو حضرت جي حضور،

ته ڦوڙايل فراق ۾، چاڪن ڪئي دل چُور،

نرمل نبي نُور، آ مٺا ملڪاڻين ۾.

(12)

چَتون کڻي تون چهنب ۾، وڃ پروانو پرين،

ٻانهون ٻڌي ٻانهن جان، ڪج ڪرنش ڪريمن،

ووءِ ووءِ ويئي وسري، هيءَ ٻانهي ٻاروچن،

سڪي لءِ سڄڻن، ڏينديس ساهه سفر ۾.

(13)

فراقن ڦٽ چڪائيا، سڄڻ ڪئي نه سنڀال،

هيءَ بندي بيڪار، جيڪس ويئي وسري.

(14)

فراقن ڦٽ چڪائيا، وريا نه مارو مير،

هيءَ بندي پر تقصير، جيڪس ويئي وسري.

(15)

فراقن ڦٽ چڪائيا، جگر ويو جلي،

هيءَ جا پرين در پَلي، جيڪس ويئي وسري.

 

(16)

فراقن ڦٽ چڪائيا، مئي ٿي مستان،

ويچاري ويران، جيڪس ويئي وسري.

(17)

فراقن ڦٽ چڪائيا، هئين ٿي هَيهات،

رنم ساري رات، جيڪس ويس وسري.

(18)

فراقن ڦٽ چڪائيا، وائي سڄڻ وات،

پِٽي ٿي پرڀات، جيڪس ويئي ويئي.

حضرت صاحب جن جِي ڀٽائي صاحب جي رسالي سان گهڻي رغبت رهندي هئي. پنهنجي وعظ ۽ تقرير ۾ به اڪثر ’شاهه‘ پيش ڪندا هئا، ۽ طالبن جي حلقهء ارشاد ۾ ذڪر فڪر جي تلقين بعد جڏهن قرآن مجيد جون چند آيتون پڙهي طالبن تي توجهه وجهندا هئا، ته ان سان گڏ شاهه جا بيت پڻ پڙهندا هئا. گفتگوءَ ۾ به ’شاهه‘ زبان تي گهڻو هوندو هون. روز مرهه جي گفتگوءَ ۾ جيڪي شاهه جا بيت اڪثر استعمال ڪندا هئا، انهن مان ٻه هيٺ ڏجن ٿا:

ڍولئي ڍڪي آهيان، نه ته هيس اگهاڙي آءُ،

رکي پنهنجو ناءُ، ڪَڪَر ڪيائين ڪاڪ جو.

 

ماڻهو گهُرن مال، مان سڀڪنهن ڏينهن گهُران سپرين،

دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال،

ڪيو نام نهال، مون کي محبوبن جي.

اسلامي جاه وجلال ۽ شان شوڪت جي لحاظ سان جيڪڏهن هيئن چيو وڃي ته حضرت جن کي فقيريءَ جي لباس ۾ بادشاهي حاصل هئي، ته بلڪل درست آهي. پاڻ نهايت دولتمند ۽ وڏا شاهوڪار هئا. جهڙا ديني ڳالهين ۾ پيشوا هئا، تهڙا وري دنيوي لحاظ سان به هڪ غير معمولي هستيءَ جا مالڪ هئا: وڏا زميندار هئا، ۽ فيض رباني جي لحاظ سان شيخ المشائخ هئا. دنيا اڄڪلهه اهڙي عالم ۽ مشائخ پيش ڪرڻ کان عاجز آهي. حضرت صاحب جن جي سواريءَ لاءِ محفو هوندو هو، جو ابتدا زماني ۾ گهوڙن تي کڄي هلندو هو، مگر جڏهن پاڻ پيرسن ٿيا تڏهن محفي کي ماڻهو پنهنجي گردن تي کڻي هلندا هئا، ۽ وقت جا ڪيترا علماء ڪرام ۽ مشائخ سندن محفي هيٺان پنهنجو گردن جهڪائڻ سعادت ابدي ڄاڻندا هئا. ديني تجمل ۽ دٻدٻي لاءِ، سفر ۾ پاڻ سان اعلان واسطي گهڙيال ۽ اسلامي جهنڊو کڻائيندا هئا. دوران سفر ۾ سندن سواري جڏهن ڪنهن شهر مان لنگهندي هئي، تڏهن رستن جي آمد رفت بند ٿي ويندي هئي. بازار جا هندو ماڻهو دڪانن تان لهي مٺاين جا ٿالهه آڻي نذر رکندا هئا، ۽ محفو شريف بيهاري زيارت ۽ قدمبوسيءَ جا شرائط بجا آڻيندا هئا. پاڻ گهر ۾ اگرچ عامي لباس پرهيندا هئا، مگر اندر ٻاهر اچڻ وقت کين جيڪو بزرگانه لباس زيب تن رهندو هو، ان ۾ ٻه شيون نهايت قيمتي ۽ مخصوص نوعيت جون هيون – هڪ جُبو مبارڪ، جنهن تي زريءَ جو شاندار ڪم ٿيل هوندو هو، ۽ ٻي ڪلاه مبارڪ، جا پڻ سڄي زريءَ تي تيار ٿيل هوندي هئي. انهن ٻنهي شين ۾ هڪ خاص قسم جي عظمت موجود ڏسبي هئي. جُبو مبارڪ اڪثر سبز رنگ جو پهريندا هئا، ۽ ڪلاه مبارڪ هڪ شاهاڻي تاج وانگر ميرن جي ڪيمخوابي ڪلاه سان مشابهت رکندڙ هئي.

پاڻ سروقد، مضبوط بدن ۽ شڪل جا، نهايت خوبصورت هئا. اگرچ ماتا جا نشان چهرهء منور تي هوندا هئا، مگر اهي به منهن مبارڪ تي ڄڻ پيا ٺهندا هئا. لحيه مبارڪ گهاٽي ۽ چوپائين قبضي جي قدر هوندي هئي. مٿي مبارڪ جا وار شرعي ٺهيل هوندا هئا. دندان مبارڪ دُر آبدار وانگر سفيد ۽ درخشان نظر ايندا هئا. ابرو پيوسته، لب شگفته، بيني مبارڪ دراز ۽ خوشنما هئي. آواز مبارڪ بلند، مگر اهڙو ته لذيذ هونِ، جو انسان خواه حيوان لذت ۽ حلاوت جي غلبي، ڪيفيت ۽ مسرت جي ولولي کان وجد ۾ اچي بيحال ٿي پوندا هئا، ۽ وجد ڪندي ڪندي بحر سڪوت ۾ غرق ٿي ويندا هئا. نگاهه روح پرور جو وري اهڙو ته اثر هو، جو وحشي خواهه طائر، جنّ خواهه بشر، ڪهڙو به کڻي پٿر دل هجي، مگر سندن نگاهه حق آگاهه جي هڪ چوٽ سان پٿر دل به پگهرجي پاڻي ٿي پوندي هئي.

تاريخ 22 جمادي الثاني سن 1354هه، مطابق 22 سيپٽمبر 1935ع، آچر ڏينهن، هي آفتاب علم و معرفت هن دار ناپائدار مان هميشه لاءِ افق زمين ۾ غروب فرمائي ويو – انا لله و انا اليہ راجعون. وقت جي شعراءَ ڪرام – نجفي، غريب، احسن، حيدري، خطائي ۽ ٻين – پنهنجا اشعار ۽ مرثا لکيا ۽ ڪمال غم جو اظهار فرمايو.

تاريخ رحلت

(از ملڪ الشعراءَ ”نجفي“ رحمة الله عليہ)

 

بهت ارمان هي اور افسوس بيحد،

هوا زهد و ورع کان مُلک ويران؛

قمر ايمان خسوف اندر رها هي،

هي تيره جس سي خانه دينداران؛

خدا جاني کهان هو ان کا همسر،

جهان کي دور مين پيدا ز يزدان؛

کرامت اور امانت اور ديانت،

وفات اس کي سي هوئي پر ز نقصان؛

شعاعِ زهد و تقويٰ بن گيا تار،

صلواة و صوم کان خور هي نه تابان؛

وفاتِ حضرتِ ’ملکاني‘، ايسا،

هي حادثه پر ز درد و رنج و حرمان؛

که جس سي هو گيا عالم مين اظهار،

عيان مذکورهء بالا کا هر شان؛

نه يارا مجهکو اظهارِ اَلم هي،

هون لکهتا ليک سنه ترحيل ياران-

جو پوچها جا سروشِ غيب سي يون،

کهي اس ني مجهي تاريخ شايان:

بصدقِ دل ”غلام احمدا“ لکهه،

سنِ ترحيلِ آن سرخيلِ ايمان؛

کهو در عالمِ ”افضل زمان“ سنه،

دگر ”فرزائہءِ اعظم“ سنِ آن؛

کهو صبحِ طرب ”قاضيّ السلام“،

دگر لکهه ”فخر عالم“ کامگاران؛

کهو ”سرمد معظم“ سالِ ترحيل،

”ضميرِ معدنِ“ هم اور دگر خوان؛

کهو کارِ جهانِ ”معدن فضل“،

کهو ”امرِ عظيم“ اور فوز اي جان؛

”چراغِ دلپسند“ اظهر هي تاريخ،

جنابِ شيخ کي رحلت کي رخشان؛

تو ”نجفي“ از درِ ايزد به الفت،

دعاي مغفرت کا باش خواهان.

 

حڪيم نور محمد خاصخيلي

 

علامه مرحوم محمد عثمان ”قراني“

 

علامه محمد عثمان جي ڪُنيت ”ابوالسعيد“ ۽ تخلص ”قِراني“ هو. زبدة العلماء و قدوة الصلحاء، عالم رباني و مقبول صمداني، مولانا حضرت استادنا ابوالسعيد محمد عثمان صاحب قِراني، فيض رحماني، عليه رحمت، قوم ڀنڀرا، پنهنجي وقت جا وڏا عالم ۽ صاحب ڪمالات و فيوضات ٿي گذريا آهن. سندن تولد تاريخ 27، بروز خميس، ماهه صفر المظفر، سن 1296 هجري، ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي، تعلقو جيمس آباد، ضلعو ٿرپارڪر، سنڌ، ۾ ٿيو.

ستن سالن جي عمر ۾ سندن والد مرحوم، حافظ ڄام، پنهنجي ويجهي ڳوٺ اميد علي خان رند جي ۾ ميان سيد حاجي احمد شاهه صاحب مرحوم وٽ کين قرآن شريف جي تعليم لاءِ ڇڏيو. ڇهن ستن مهينن جي قليل عرصي اندر، پنهنجي خداداد حفظي طاقت سان، قرآن شريف ۾ ڪافي رواني پيدا ڪيائون. سيد حاجي احمد شاهه صاحب جي ڳوٺ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ، باقي ڪلام الله شريف پنهنجي گهر ويهي والد شريف وٽ پورو ڪيائون، ۽ فارسيءَ جي تعليم ميان محمد علي صاحب مرحوم پٺاڻ (ڳوٺ سيد لاکو شاهه) وٽ ٿوري عرصي اندر مڪمل حاصل ڪيائون. ميان محمد علي صاحب مرحوم کي شعر گوئي ۽ نظم سنجيءَ ۾ ڪافي دسترس هئي، تنهنڪري انهن جي صحبت ۾ شعر گوئيءَ ۽ نظم چوڻ ۾ تمام گهڻو ملڪو حاصل ڪيائون. فارسيءَ جي تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد، عربي تعليم حضرت مخدوم صاحب جن قاضي القضاة مولانا مولوي لعل محمد صاحب متعلويءَ وٽ ٽنڊي مير غلام علي ۾ شروع ڪيائون؛ صرف تمام نحو شرح ملا جامِي تائين، ۽ علم فقه ۾ ”هدايہ“ پڙهيائون، علم منطق ۽ نحو جناب مولانا مولوي خير محمد صاحب وٽ پڙهيائون؛ آخر ۾ دستاربندي ۽ سند تحصل علم جناب حضرت مولانا مولوي لعل محمد صاحب متعلويءَ کان عطا ٿين. ٿورو وقت سماع، حديث شريف ۽ تفسير لاءِ مدرسه قاسميه دارالعلوم ديوبند ۾ به ويا؛ ازان سواءِ پنجاب ۽ هندستان جي مختلف عالمن ۽ اديبن کان به فيض ورتائون. اتان فارغ ٿي، 1315هجريءَ ۾، پنهنجي ڳوٺ عمر ڀنڀري لڳ اسٽيشن شادي پلي (تعلقو سامارو، ضلعو ٿرپارڪر) ۾ ”مدرسه مجدديه (ڀنڀره)“ قائم ڪري، ٿر جهڙي اٻوجهه ملڪ ۾ خلق خدا کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائون.

پاڻ ٿر جهڙي خطي کي انهيءَ ڪري پسند ڪيائون، جو هن طرف علم گهٽ هو. سندن فيض سنڌ جي چئني طرف کان طالب علمن کي ڇڪي ورتو، ۽ ٿر جهڙي جاهل ۽ اونداهي ملڪ جا طالب علم ائين اچڻ لڳا جيئن پتنگڙا شمع تي-

”فطوبيٰ لبابِ کبيتِ عتيق،   حواليہ من ڪل فَجّ ِ عميق.“

جماعتن جون جماعتون مدرسي ۾ داخل ٿيڻ لڳيون. انهن مان جن دستاربندي ڪري وڃي علمي فيض پکيڙيو، تن جا نالا هيٺ جدول ۾ درج ڪيا ويندا. ازان سواءِ، ٻيا به ڪيترا هندستان، خراسان ۽ پنجاب وغيره ملڪن جا طالب علم تعليم پرائي ويا.

چهرو نوراني ۽ رعبدار، پيشاني ڪشادي، قد درميانو ۽ ڪجهه ڊگهائي مائل، رنگ پڪو پسنديدو، اکيون وڏيون ۽ سرخ مگر هميشہ نيم – وا؛ جنهن وقت اکيون مٿي کڻندا هئا ته حشمت ڀريل هونديون هيون؛ ڏاڙهي سفيد ڇڊي ۽ ڊگهي، آواز بلند ۽ دلڪش، فصاحت ۽ بلاغت ۾ سحبان هئا؛ لباس سفيد، تمام سادو ۽ ٿلهو پائيندا هئا؛ جُتي سنڌي نموني جي، ۽ لٺ ڊگهي کڻندا هئا؛ پٽڪو هلڪو، ڪاري کٿي ڪلهن تي، وقتي سادي اجرڪ جو جهنڊ به ڪندا هئا.

مولانا مرحوم ڏاڍا ذهين ۽ قوي الحافظ، صحيح الراءِ ۽ جفاڪش هئا. وٽن هميشہ مجلس علم جلوه نما هوندي هئي. سندن رهڻي سهڻي سادي ۽ فقيراڻي هئي. پيچيدا ۽ مشڪل مسئلا مختصر لفظن ۾ سمجهائيندا هئا – حتاڪ سندن استاد بزرگ به فرمائيندا هئا ته ”عثمان ۾ اسان کان به شرافت علم زياده آهي“. روايت آهي ته مولانا قراني صاحب جي ولادت کان ٿورو اڳ سندن والده (جا پڻ پابند شرع ۽ پارسا هئي) خواب لڌو ته ”هڪ درياءَ ۾ مسجد بيٺل آهي، ان ۾ طالب علم ويٺا پڙهن“: پاڻ سندن خاوند ميان حافظ ڄام مرحوم سان بيان ڪيائون، جنهن فرمايو ته ”انشاء الله تعاليٰ فرزند پيدا ٿيندو، جو عالم ۽ فاضل ٿيندو.“ آخرخواب جو اهو تعبير سچو ٿيو.

حضرت مولانا صاحب کي ٻين بزرگن جون به دعائون هيون، جن مان هڪ صاحبِ تقويٰ ميان حاجي خميسو مرحوم آهي، جنهن مولانا قراني صاحب جي والد ميان حافظ ڄام کي چيو ته ”هن نيڪبخت ’عثمان‘ کي ضرور مدرسي ۾ وهار، ته وڃي ديني علم حاصل ڪري“؛ جنهن تي حافظ ڄام مرحوم کين ميان محمد علي صاحب پٺاڻ وٽ ڇڏڻ لاءِ روانو ٿيو ته وچ تي کيس هڪ سيد شاهه محمد صاحب مجذوب مليو، جنهن قراني صاحب کي چيو ته ”پٽڪو لاهه“- پاڻ پٽڪو لاٿائون، جنهن ۾ هڪ روپيو ٻڌل هو. شاهه صاحب پٽڪي کي ٻه اڌ ڪري، سندن مٿي مبارڪ تي ور ڏيئي، فرمايو ته ”وڃ اسان توکي پڳ ٻڌائي ڇڏي“. بس، پوءِ ته ترقي ڪندا ويا – تان جو ٿوري عرصي اندر ڪل علم حاصل ڪيائون.

حضرت قراني صاحب مجاهد، فقيهه، عابد، پرهيزگار ۽ محڪم علم وارا هئا؛ سڀني عقلي، نقلي ۽ سياسي علمن جا اعليٰ۽ وسيع النظر عالم هئا. سندن مدرسي جو تعليمي نصاب، بعينه دارالعلوم ديوبند وارو هو – البته ڪي ڪتاب زياده به رکيا هئائون. اول وقت ۾ فارسيءَ کان وٺي مٿي سڀ فن جا ڪتاب رات ڏينهن اڪيلو پاڻ پڙهائيندا هئا. ٻين طرفن جا مدرس ۽ منتهي شاگرد، امتحاناً، پاڻ کي طالب علم چئي يا ملڻ جو غرض ٻڌائي درس ٻڌندا هئا، ۽ آخر ۾ سڀ ائين چوندا ويندا هئا ته ”برابر قراني صاحب ’بحر العلوم‘ ۽ ’آيتً من آيات الله‘ آهن.“ مولانا صاحب جن تفسير حديث، فقہ، صرف نحو، منطق صغريٰ ڪبريٰ، علم حڪمت، هئيت، فلسفو، رياضي، علم ادب، سلوڪ، تصوف، طب، وغيره سڀ پاڻ پڙهائيندا هئا: مطلب ته حضرت قِراني صاحب عليہ رحمت ۾ ايتريون ته خوبيون جمع ٿيون، جو ان وقت ڪنهن به عالم ۾ نه هيون. لهاذا، هي بزرگ جامع العلم هئا ۽ ڪمال تفقه جي ڪري ان وقت جا وڏا مفتي هئا. سندن قائم ڪيل مدرسي ۾ هر وقت ڏيڍ سَو جي قريب طالب علم هوندا هئا. پاڻ غريب گهراڻي جا فرد هئا: سڀ انتظام شاگردن ۽ مسافرن جو رب تعاليٰ جي طرفان سرانجام ٿيندو رهندو هو-

”زهد و تقويٰ چيست اي مردِ فقير، بي طمع بودن ز سلطان و امير“.

ان وقت اڃا اٽي جون مشينون ڪونه هيون، تنهنڪري سندن والده پاڻ جنڊ پيهي مانيون پچائي طالبن کي کارائيندي هئي، ۽ طالب علم به ڏکئي سکئي کان بي نياز، قِراني عليه رحمت جي علمي فيض کي حاصل ڪندا رهيا. جيڪي وٽانئن فارغ التحصيل ٿيا، اهي به وڏا عالم ۽ علامه ٿيا، ۽ پنهنجا اعليٰ عربي مدرسا کولي قِراني بزرگ جي طريقي تي دين الله جي تعليم ۽ تبليغ ڪندا رهيا. انشاءَ الله، سندن تعليمي سلسلو تاقيامت جاري رهندو- آمين! مثال طور، سندن فيض مان جاري ٿيل چند مدرسا ٻڌائجن ٿا، جت اڄ تائين بحمدالله تعليم دين جاري آهي: (1) مدرسه عربيه، چونره، تعلقو جيمس آباد، ضلعو ٿرپارڪر: قائم ڪيل جناب حضرت علامه مولوي محمد نوح صاحب مرحوم ۽ مولانا مولوي حاجي محمد ابراهيم صاحب خاصخيلي؛ (2) مدرسه هاشميه، قائم ڪيل جناب رئيس حاجي محمد هاشم خان صاحب مرحوم ڀرڳڙي قريه ڪلواري، تعلقو جيمس آباد؛ (3) مدرسه شير خان چانڊيه: قائم ڪيل جناب حضرت مولانا مولوي غلام رسول صاحب، تعلقو سامارو؛ (4) مدرسه مظهر العلوم، ولهيٽ: قائم ڪيل مولانا مولوي عبدالڪريم صاحب ساند مرحوم، تعلقو عمرڪوٽ؛ (5) مدرسه عربيه، ڳوٺ عالم پلي: قائم ڪيل مولانا مولوي محمد علي صاحب مرحوم، صدر جميعته العلماء ٿرپارڪر.

مولانا صاحب جي پڙهائيءَ جو وقت صبح جو فجر نماز کان ٻن پهرن تائين، پوءِ ماني کائي اڳين نماز پڙهي شروع ٿيندا هئا؛ تنهن وچ ۾ صرف نماز لاءِ اٿندا هئا، پوءِ ساڳي پڙهائي هلندي هئي – تان جو رات جو يارهين بجي کان پوءِ اخبارن جو مطالعو ڪري گهر وڃي ماني کائيندا هئا.

ڪيترن مخالفن ساڻن مناظرا ڪري ذلت حاصل ڪئي- مثلاً غير مقلدن سان، بدين ۾، ”قراة خلف الامام“ وغيره موضوعن تي؛ عيساين جي پادرين سان ”حيات مسيح“ موضوع تي، ڳوٺ فقير صوفي حاجي محمد صاحب عمرڪوٽ ۾؛ ۽ ”ولائتي ڪپڙي جي حرمت“ بابت، شهر حيدرآباد سنڌ ۾، علماء هند، پنجاب ۽ سنڌ سان – ازان سواءِ ٻيا به گهڻا مناظرا ڪيائون، جن ۾ کين ڪاميابي حاصل ٿي. مولانا صاحب جن تعليم ۽ تدريس جي گهڻيءَ مشغوليءَ هوندي به چڱي انداز ۾ ڪتاب تصنيف ڪيا، ۽ گهڻن وڏن ڪتابن تي شرح ۽ حاشيون به لکيائون. سندن اشعار عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ موجود آهن. سڄو قلمي ذخيرو سندن ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

مولانا صاحب جا ٽي فرزند – هر هڪ مولوي عبدالحي، مولوي محمد سعيد ۽ ميان عبدالحق موجود آهن. دعا آهي ته الله پاڪ کين علمي ذوق شوق عطا فرمائي، ته حضرت قراني صاحب عليه الرحمت جي ياد تازه ڪري، سندن روح پاڪ کي خوش ڪن – آمين!

”قِراني“ لفظ جي معنيٰ آهي. ”قريب شدن چيزي بچيزي“، يعني ٻن شين جو گڏجڻ (جيئن حج ۽ عمرو گڏڻ، وغيره)؛ ۽ نجومين جي اصطلاح ۾ ٻن ستارن جو گڏجڻ، هڪ وقت ۾، هڪ برج ۾، - پوءِ ان کي ”قرانِ السعدين“ چئبو آهي، يعني نيڪبختيءَ ۽ سعادت وارو. انهيءَ ڪري، اهل بصرت ۽ دانا پاڻ کي اهڙن لقبن سان ملقب ڪندا آهن – هن اميد تي، ته رب تعاليٰ انهيءَ دعا گهرڻ سان کين نيڪي ۽ سعادت حاصل ڪري. اهڙيءَ طرح، اڳ به ڪن بادشاهن جا اهڙا لقب ٿيا آهن – مثلاً تيمورلنگ بادشاهه ”صاحبقران“ جو لقب رکندڙ هو. تنهنڪري، قِراني لفظ جي معنيٰ ٿي ’نيڪبخت ۽ سعادت وارو‘. هاڻي سمجهڻ گهرجي ته حضرت مولانا و استادنا محمد عثمان قِراني عليه الرحمت به پنهنجو تخلص ”قِراني“ رکيو، هن اميد تي ته رب تعاليٰ کين نيڪبختي ۽ سعادت حاصل ڪري. الحمدلِله، جو دعا حضرت مولانا جي رب تعاليٰ قبول فرمائي، ۽ سندن علمي فيض هر طرح هميشه لاءِ جاري ٿيو؛ ڪيترائي علماءِ ڪرام، چئني طرفن کان، وٽانئن علم حاصل ڪري علمي خدمتون ڪري چڪا آهن. حضرت مولانا صاحب جي تخلص مبارڪ سان رسالو ”قِراني“، مدرسو عربيه ولهيٽ مان جاري ڪيو ويو هو، مگر ڪن مجبورين ڪري في الحال بند ڪيو ويو.

مولانا صاحب عليه الرحمت تقريباً ڏيڍ سال کن عام جسماني ڪمزوريءَ ۽ زياده ضعف سبب ٻاهر مدرسي ۾ ڪونه ايندا هئا، ۽ سندن شاگرد فارغ التحصيل درس ڏيندا هئا. پاڻ اندر سندن خاص ڪمري ۾ گوشي نشين هئا، ۽ هر هڪ کي اندر ملاقات لاءِ به ڪونه گهرائيندا هئا. تمام زياده ضعيف هجڻ وقت، هڪ دفعي رات ۾ سنجهي کان ئي چپ چاپ بستر علالت تان اٿي روانا ٿيا: سڄي رات هليا – اڍائي ميل فاصلي تي هڪ شاخ آئي، جنهن ۾ ڇاتيءَ برابر پاڻي هو، ان مان پار ٿي ڪري، ڀرسان وهندڙ مٺڙائو نهر جي ڪناري تي ننڍي پاڻيءَ ۾ ويٺا رهيا. سج اڀرڻ وقت سندن عزيزن ۽ شاگردن پيرا کنيا ۽ نهر جي پاڻيءَ ۾ ويٺل ڏٺائون. مولانا صاحب ۾ هلڻ جي بلڪل طاقت نه هئي، تنهنڪري کين ڪپڙي جي جهوليءَ ۾، وجهي ڳوٺ آندائون، ۽ آخر تائين هميشه نماز ويٺي ادا ڪندا رهيا. ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد، تاريخ 15 رجب المرجب، ڏينهن سومر، سن 1355 هجري، صبح جو، سندن فرزند ميان محمد سعيد صاحب ڪمري ۾ ويا؛ ڏٺائون ته مولانا صاحب بلڪل سنوان سمهيل آهن، ۽ ڪاري کٿي مٿي پاسن ۽ پيرن هيٺ مضبوط اوڍيل آهي؛ آواز تي جواب نه ملڻ ڪري منهن تان کٿي لاهي ڏٺائون، ته روح قفس عنصري مان پرواز ڪري چڪو هو (انا لله و انا اليہ راجعون)؛ ڪفن مبارڪ سندن سيرانديءَ وٽ پيل هو، جو هميشہ وٽن رهندو هو، مولانا صاحب کي سندن وصيت موجب مدرسي جي حد ۾ پڙهائڻ واري ڪوٺيءَ وٽ هميشه لاءِ سپرد خاڪ پاڪ ڪيو ويو.

”توفي المولوي ابو سعيدِ، بخامس عشر من رجب المعال،

سنة، ’عينِ و شينِ ثم نونِ‘، و هاءِ جاء علم الانتقال.“

(يعني حضرتِ قراني صاحب وفات ڪئي پندرهين تاريخ، رجب سڳوري جي؛ سن هزار ۽ ٽي سَو پنجاهه ۽ پنج ان جي انتقال جو سال آهي.)

مولانا صاحب وٽان جي شاگرد جماعتن جي صورت ۾ ڪامياب ٿي دستاربندي ڪري ۽ سند تحصيل علم حاصل ڪري ويا، تن جا نالا جدول ۾ ترتيب وار لکيل آهن، مگر طوالت سببان هت صرف دستاربند شاگردن جا نالا ڏجن ٿا:

جماعت اول: (1) مولوي نور محمد صاحب مرحوم، حضرت قراني صاحب جو ڀاءُ؛ (2) مولوي محمد نوح صاحب مرحوم؛ ۽ (3) مولوي عبدالحق صاحب مرحوم.

جماعت دوم؛ (1) مولوي دوست محمد صاحب لغاري مرحوم؛ (2) مولوي احمد صاحب آريسر جوڌپوري مرحوم؛ (3) مولوي عبدالواحد صاحب دل؛ (4) مولوي حاجي عبدالحڪيم صاحب ميمڻ مرحوم؛ (5) مولوي محمد صالح صاحب مرحوم، قراني صاحب جو ڀاءُ؛ ۽ 6) مولوي حاجي محمد ابراهيم صاحب خاصخيلي.

جماعت سوم: (1) مولوي حڪيم محمد صاحب بروهي، قلات؛ (2) مولوي عبدالله صاحب ولهاري مرحوم، (3) مولوي محمد قاسم صاحب مرحوم؛ (4) مولوي محمد علي صاحب مرحوم، صدر جمعية العلماء، ضلعو ٿرپارڪر.

جماعت چهارم: (1) مولوي جان محمد صاحب مرحوم؛ (2) مولوي محمد حسن صاحب مرحوم، رياست جوڌپور؛ (3) مولوي لعل محمد صاحب؛ (4) مولوي علي محمد صاحب ريگستاني؛ (5) مولوي محمد عمر صاحب مرحوم؛ (6) مولوي جان محمد خان ڀرڳڙي مرحوم؛ (7) مولوي احمد صاحب قريشي.

جماعت پنجم: (1) مولوي عبدالرحمان صاحب مرحوم، ريگستاني؛ (2) مولوي محمد سليمان صاحب مرحوم، تخت آبادي؛ (3) مولوي محمد سليمان صاحب هاليپوٽو، ريگستاني؛ (4) مولوي محمد دائود مرحوم؛ (5) مولوي محمد اسحاق صاحب مرحوم؛ (6) مولوي عبدالعليم صاحب؛ (7) مولوي عبدالرشيد صاحب، فرزند مولانا مولوي حبيب الله صاحب، ريگستاني؛ (8) مولوي نور محمد صاحب، سمون.

جماعت ششم؛ (1) مولوي محمد صديق صاحب؛(2) مولوي عبدالوهاب صاحب؛ (3) مولوي علي محمد صاحب، پلي؛ (4) مولوي عبدالقادر صاحب، هاليپوٽو؛ (5) مولوي قاضي نور محمد صاحب، پلي، زميندار.

جماعت هفتم: (1) مولوي عبدالڪريم صاحب مرحوم، مفتي ولهيٽ؛ (2) مولوي عبدالرحمان صاحب زنگي مرحوم؛ (3) مولوي عبدالرشيد صاحب ٽالهي؛ ۽ (4) مولوي نبي بخش صاحب لغاري.

جماعت هشتم: (1) مولوي مريد علي صاحب مرحوم، جوڌپور؛ (2) مولوي محمد علي صاحب مشائخ پوٽو مرحوم؛ ۽ (3) مولوي محمد اسحاق صاحب ناريجو مرحوم.

جماعت نهم: (1) مولوي عبدالمطلب صاحب ساند؛ (2) مولوي ثناء الله صاحب آريسر؛ (3) مولوي عبدالاحد صاحب؛ (4) مولوي علي محمد صاحب نهڙي؛ ۽ (5) مولوي محمد عثمان صاحب مرحوم.

جماعت دهم؛ (1) مولوي عبداللطيف صاحب ميمڻ؛ (2) مولوي علي محمد صاحب، لسٻيلو؛ (3) مولوي احسان علي صاحب لغاري؛ (4) مولوي خدا بخش صاحب، رياست جوڌپور؛ (5) مولوي محمد حسن صاحب ميمڻ؛ ۽ (6) مولوي محمد عمر صاحب ٽالهي.

جماعت يازدهم: (1) مولوي عبدالهادي صاحب مرحوم پنهور؛ (2) مولوي حاجي محمد صاحب کوسو، جيڪب آباد. (3) مولوي حاجي دين محمد صاحب خاصخيلي، ڊينگاڻ ڀرڳڙي؛ (4) مولوي محمد صالح صاحب، ريگستاني؛ ۽ (5) مولوي عبدالله صاحب، سال وارو.

جماعت دوازدهم: (1) مولوي يار محمد صاحب لغاري، ٽنڊو محمد خان؛ ۽ (2) مولوي هدايت الله صاحب، ريگستاني.

جماعت سيزدهم: (1) مولوي حافظ عبدالله صاحب، پوٽو حضرت مولانا مفتي حاجي حامد الله صاحب؛ (2) مولوي رسول بخش صاحب، مدرسه شير خان؛ (3) مولوي عبدالرحمان صاحب دس، ڪَڇ؛ ۽ (4) مولوي حافظ عبدالله صاحب نابينا، لغاري.

جماعت چهاردهم؛ (1) مولوي عبدالحي صاحب، فرزند حضرت قِراني صاحب عليہ الرحمة؛ (2) مولوي سيد غلام علي شاهه صاحب، سونڊا؛ (3) مولوي ولي محمد صاحب، ڏهٽو حضرت مولانا مفتي حاجي حامد الله صاحب، لاڙ؛ (4) مولوي محمد ادريس صاحب درس؛ (5) مولوي محمد عثمان صاحب، لاڙ؛ (6) مولوي محمد اسماعيل صاحب لغاري، قريه مسڻ؛ (7) مولوي محمد يعقوب صاحب، خاصخيلي، بدين؛ وغيره.

حضرت ”قرآني“ صاحب جن جو ڪجهه ڪلام نموني طور پيش ڪجي ٿو.

مرحبا، آئين ڀلي اي احمدِ مختيار تون،

قافلي دنيا سڄي جو صاحب و سردار تون؛

جت نبي هر هڪ ڪندو ’نفسي نفسي‘ جي پڪار،

ات گنهگارن جو ضامن ۽ شفاعت دار تون؛

سڀ نڌڻڪن جو ڌڻي ۽ سڀ عليلن جي شفا،

سڀ انڌن جو سهائو، مطلع الانوار تون؛

”في يدي ڪانت لواء الحمد“، ايڏو ٿيو عروج،

ڪنهن نه حاصل تو سوا سڀ ڏيهه جو ڏاتار تون؛

بيوسيلن جو وسيلو، گمرهن جو رهنما،

هٿ جهلي اڳتي اڪارج، سڀ اڙين آڌار تون؛

يا عظيم الخُلق، ناهي تو سوا ٻي ڪا پناهه،

ڪل هول هيبت جي مهل تارين اچي ڪا تار تون؛

ڏينهن محشر ماڳ ۾ ماڙهو مڙئي مڙندا جتي،

ات ”قِراني“ کي تون ڪامل مل مٺا منٺار تون!

*      *      *     *      *      *

خُلق ويڙو خَلق مان، ٿي خَلق بي خُلقي نشان،

باغ مان آهي اُٺايو عندليبن آشيان؛

ڪانگ ڪلفت جا اُڏاڻا ميل جي ميدان ۾، چِٻ چِٽو سارو سڻائي درد وارو داستان؛

دل منجهان اخلاص عنقا ٿيو، امانت ڪالعدم،

لس لباسي ۽ لساني ٿيو سڄو سارو جهان

منهن مٺائي، قلب ڪيني جي ڪڙائيءَ سان ڀريل،

هن زماني جي هلت کان الامان ۽ الامان!

هيءَ دنيا باغ اي ”قِراني“ چاهه جا کليا چمن،

ويو وڪوڙي چو طرف بيداد جو بادِ خزان.

*      *      *     *      *      *

مسلمانن جي پِيرن ۾ ڪرامت ناهه ڪا بلڪل،

مهنت صاحب جي مسند کي سِري سجدو ڪرڻ گهرجي.

مڪي جو سفر ٿيو موقوف، هاڻي يار گنگا هل،

پيارو پاڪ پاڻي سو ڀري ٻُڪڙا پيئڻ گهرجي.

اجائي جبهّ سائي سي مهت ۾ موراً ڇڏڻ گهرجي،

مساڻن جي مٽي مهٽي کڻي منهن تي مَلڻ گهرجي.

مُلائِين بي تُڪي تعليم ووٽن سان وساري ڇڏ،

برمچاري ادا بنجي سمرتي کي سِکڻ گهرجي.

اجايو عورتن کي گهر اندر روڪڻ شرم آهي،

بگيءَ ۾ فيملي چاڙهي هوا کائڻ هلڻ گهرجي.

ڀريل جلسي ۾ بيبيءَ کي وٺي اسٽيج تي آڻج،

چپن جي چاشني تقرير تنهن جيءَ مان وٺڻ گهرجي.

امامن ۽ صحابن جو ڪيل تفسير باطل ٿيو،

سڻايل حڪم گانڌيءَ جو روايت ۾ رکڻ گهرجي.

مسئلن ۽ حديثن کي وڇاڻي هيٺ ويڙهي ڇڏ،

اچي جيڪو پڇڻ سائل ته پوٿيءَ کي پَٽڻ گهرجي.

مٺي گانڌيءَ جو فرمودو چمي چشمن مٿي رکجي،

سدا ديويءَ جي مندر ۾ ”قِراني“ پيو اچڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com