سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :22

ابن الياس سومرو

حيدر بخش الهداد خان جتوئي

حيدر بخش جتوئي جي شخصيت، سنڌ جي ماڻهن آڏو هڪ محب وطن شاعر ۽ هڪ دلير سياسي اڳواڻ جي حيثيت ۾ اُڀري. ٻنهي صورتن ۾ سندس شخصيت جي انفراديت پيئي بُکي. ”حيدر“ هڪ شاعر، ۽ ”جتوئي“ هڪ سياستدان- ٻنهي جا نظريا انوکا ۽ نرالا، ٻنهي جي شخصيت محنت ڪندڙن لاءِ قربانين ڏيڻ لاءِ هردم تيار! جي ’شاعر‘ حيدر، ”تحفهء سنڌ“ ۾ ڏتڙيل عوام جي حمايت ۾ شڪوو ڪندي ڪتاب ضبط ڪرائي ٿو، ته ’سياسي‘ حيدر بخش جتوئي، هاري پارٽيءَ جي صدر جي حيثيت ۾، سنڌ ۽ سنڌ جي غريب ۽ محنت ڪش مظلومن لاءِ وقف آهي. هو جلسن ۾ وڃي سنڌ جي سِڪ جي چڻگ ماڻهن جي دلين ۾ دکائي ٿو، ته مشاعرن ۾ ”ڀلي آئين، جي آئين، درياهه شاهه“ پڙهي، ماڻهن جي دلين ۾ وطن پرستيءَ جي مقدس جذبي جون ڇوليون اٿاريو ڇڏي.

اصل وطن بکو ديرو ضلعو لاڙڪاڻو اٿس، هاڻ مستقل طور حيدرآباد ۾ رهي ٿو. سندس ابتدائي بود و باش ڪراچيءَ ۾ ٿي، جتي شعر چوڻ شروع ڪيائين. شعر جي شروعات ته سندس ڳوٺ ۾ ئي ٿي، پر پڪو ۽ پختو شعر ڪراچيءَ ۾ چوڻ لڳو. ڪراچي شهر جي مجلسي ماحول ۾ جيڪي احباب مليس، سي خوش قسمتيءَ سان اڄ به آسمان ادب جا چمڪندر ستارا آهن. رات ۽ ڏينهن جو وڏو حصو، علمي ۽ شعري ادب جي باريڪ نڪتن کي حل ڪرڻ ۾ گذرندو هونِ. علامه دائود پوٽي، سيد ميران محمد شاهه ۽ ٻين اهڙن عالمن ۽ باڪمال شخصيتن جو اهو دور اڄ به ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ شال موٽي اچي!

حيدر جتوئي، سال 1900ع ۾ پيدا ٿيو؛ ابتدائي سنڌي تعليم پنهنجي پياري ڳوٺ بکو ديري ۾ حاصل ڪيائين، جتي جي حالتن کيس گهڻو متاثر ڪيو. هن جي ابتدائي شعرن ۾ ڏسبو ته ماحول جو رنگ گهڻو نظر ايندو. چوندا آهن ته ’هر هڪ انسان تي ماحول جو اثر پوندو آهي‘- انهيءَ نظريي جي ماتحت، ”حيدر“ کي قريب قريب چئن قسمن جي ماحول سان واسطو پيو آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي نمايان وصف اتي جي زرعي ۽ آبي برتري آهي. وڏي کان وڏا زميندار ۽ ننڍي ۾ ننڍا هاري اتي اوهان کي نطر ايندا. ”حيدر“ جڏهين هوش سنڀاليو، ته آسپاس رڳو سرسبز ۽ جهوليندڙ ٻنيون ۽ پوکون ڏٺائين، دل کي مست ڪندڙ پاڻيءَ جي روانيءَ هن ننڍڙي لڪل شاعر کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو؛ مگر رنگارنگي فضا جي پردي پٺيان غريب ۽ بيڪس هارين جي مظلوم حالت، هن جي ڪچڙيءَ دل مان سڀ خوشيون ڪافور ڪري ڇڏيون: اهو ننڍپڻ جو ذهني عڪس، وڏيءَ عمر تائين به سندس دل ۽ دماغ تي قائم رهندو آيو آهي، ۽ سالن گذرڻ کان پوءِ به تازو پيو ڏسجي. هو انساني زندگيءَ جا ٻه متضاد پهلو ڏسِي، ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي پيو. ان کان پوءِ هڳ ڪراچيءَ ۾ شهري تهذيب جي روشني ۾ اچي رهيو. شهرن جا جديد ترقيءَ جا منظر ڏسي، ڪير به ائين نه سمجهندو ته سنڌ جي اندرئين ماحول ۾ ڪا اهڙي ڀيانڪ بيمزگي هوندي. يقيناً، ڪوبه انسان اهڙيءَ حالت ۾ سنڌ جا دل ڏکوئيندڙ نطارا گهڻو وقت ياد نه ڪري سگهندو آهي. اهڙي وقت به ”حيدر“ کان پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ جا نظارا، ڳوٺ ۽ وطن، دل تان نه لٿا. مثلاً، ڪراچيءَ ۾ ويهي قنبر کي ياد ڪري ٿو ۽ اتي جي بِهن، سڳداسي چانورن، پاڻيءَ ۽ پٻڻ جي تعريف ۾ مست ٿي وڃي ٿو-

سڳداسي سنڌي سنهڙا، چانديءَ مثل ٿا چلڪن،

هٻڪار ۾ مُعطر، ڪن ٿا تمام ’قنبر‘.

مٺڙيون پٻڻ جون ڏوڏيون، بهه بيشمار آهن،

کائن وڏا ننڍا ٿا، سڀ عام جام ’قنبر‘.

ماڻهن جي ساراهه هيئن ٿو ڪري:

ڪهڙا نمڪ – ڀريا هن، قنبر جا آدمي سڀ،

پاڻي نمڪ – ڀريو ٿا، پيئن مدام قنبر.

پائن سفيد ڪپڙا، چِهرا هميشہ چَهرا،

ڪهڙو ڪَلر جو آهي، تاثير تا، قنبر!

ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندي ”حيدر“ کي مطالعي جو ڪافي موقعو مليو، جنهن ۾ هن اديبات سان گڏ سياسي ڪتاب به نظر مان ڪڍيا. تنهن کان سواءِ، ان وقت ڪراچي به متحده هندستان جي ٻين وڏن شهرن وانگر سياسي مرڪز هو ۽ سياست جا چڱا چڱا ماهر ۽ علمي ڪم ڪندڙ اتي موجود ۽ ايندڙ ويندڙ هئا: انهن کي سمجهڻ ۽ انهن جي خيال  تي غور ڪرڻ جو وجهه به ”حيدر“ کي ڪراچيءَ ۾ مليو.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته شاعر کي شروع ۾ مجازي عشق ئي اڳتي وڌائيندو آهي، ۽ سندس دل جا جذبا ۽ امنگ بيدار ڪندو آهي؛ مگر ”حيدر“ جي شروعاتي شاعريءَ کان ئي ڏسبو ته سندس ڪلام ۾ سوز ۽ عشق نالي ماتر به موجود نه آهي: دستِ ناز، تير مزگان، برقِ جمال، وغيره جهڙن لفظن جي بجاءِ، هاري، هر، ڏاٽو ۽ ڪوڏر جهڙا لفظ نظر ايندا. معشوق سان بيوفائيءَ جي شڪايت ڪرڻ جي بجاءِ، قومي ڀائرن جي ڏک سبب خدا سان شڪوو ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح، سندس ڪلام ۾ فراق ۽ عشق جي برخلاف مُلڪي ۽ قومي سوز نظر اچي ٿو- اها سندس امتيازي خوبي آهي. سندس جيڪو پهريون نظم ”درياهه شاهه“ آهي، تنهن ۾ سنڌو درياهه سان قومي حب ۽ محبت جو جذبو بيحد ڀريل آهي.

ڀلي آئين، جي آئين، درياهه شاهه!

ٿي ’راوي‘ اچي تنهنجي ديدار تي،

۽ ’ستلج‘ ۽ ’جهلم‘ نمسڪار تي:

ٿين مست ٿيون تنهنجي للڪار تي،

ڪِرن تنهنجي قدمن جي آڌار تي؛

ٿين توتي قربان، فنا پنهنجي ڪن جان،

ڏين پاڻ پنهنجو، لهن وصل تنهنجو-

جو ميلو سمايل فنا اندر آهه-

ڀلي آئين، جي آئين، درياهه شاهه!

ٿي سانوڻ ۾ توکي بهاري ٿئي،

بهاريءَ ۾ خوش خَلق ساري ٿئي؛

ٿي ’ساري‘ سان ڌرتي به ڪاري ٿئي،

ٿي هرڪا زمين پوک واري ٿئي:

ٻنيون ريج کائن، سگهو ان اُپائن،

ڀرن واهه ريلا، ڪري جهنگ ٻيلا:

ٿئي جهنگ جهر پاڻي ٿو چار ماهه-

ڀلي آئين، جي آئين، درياهه شاهه!

1927ع ۾ بي. اي. امتياز سان پاس ڪري، ”حيدر“ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو، ۽ مختيارڪار جي حيثيت ۾ ملازمت ڪندو رهيو. روينيو کاتي ۾ قصو آهي ئي هارين ۽ زميندارن جو، ڍلن ۽ پوکن جو؛ ”حيدر“ جي دل ۾ ننڍي هوندي ئي اهي نظارا گهر ڪري ويا هئا، ويتر سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ تبادلي ۽ مسافري ڪرڻ سان وڌيڪ حالتن کان روشناس ٿيو، ۽ زندگيءَ جا ابتدائي جذبا ۽ گذريل نقشا وري دل تي تري آيس. دورانِ ملازمت ۾ به شعر و شاعريءَ جو شوق بدستور جاري هوس. جدا جدا هنڌن تي سڄي چيل ڪلام کي گڏ ڪري، 1930ع ڌاري، ”تحفه سنڌ“ جي نالي شايع ڪرايائين. ان وقت ”حيدر“ بدين ۾ مختيارڪار هو. ان ڪتاب تي ڪيترن عالمن ۽ بلند پايي شاعرن سخت اعتراض اُٿاريا. اهو ساڳيو زمانو هو، جڏهين ’شڪوه‘ لکڻ سبب علامه اقبال تي هندستان جي عالمن اعتراض اٿاريا هئا؛ سال به قريب قريب ساڳيا هئا. ڀائنجي ٿو ته خود ”حيدر“ کي ان مخالفت جو اڳي ئي احساس هو، ڇو ته ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو: ”مان هي ٿورا شعر پنهنجن دوستن جي اڳيان پيش ٿو ڪريان، ليڪن ڀانيان ٿو ته هي شعر گهڻن کي پسند نه ايندا، بلڪ ڪي دوست به منهنجا دشمن ٿي پون ته عجب نه آهي- مگر اهي سڀ محبت ۽ جستجوء حق جو نتيجو آهن“. محبت ۽ حق جي جستجو جي نتيجي ۾ لکيل انهيءَ ڪتاب جو هر شعر صحيح قسم جي جذبات تي مشتمل، ۽ اعتدال جي اندر آهي: سواءِ ’شڪوه‘ جي ڪن شعرن جي، سموري ڪتاب ۾ ڪو هڪڙو شعر به اهڙو نه آهي، جنهن ۾ جذبات جو ڪو ايڏو شديد اظهار ڪيو ويو هجي، جنهن کي اعتراض ۽ اختلاف جوڳو ٺهرائي سگهجي.

1934ع ڌاري، علامه عمر بن محمد دائود پوٽي ”سرها گل“ جي نالي سان شعرن ۽ ڪافين جو هڪ انتخاب شايع ڪرايو هو، ان ۾ حيدر بخش جو احوال لکندي علامه صاحب فرمائي ٿو:

- ”سندس فطري لاڙو شعر ۽ تفڪر ڏي آهي، ۽ نظم پختو ۽ سنجيده لکي ٿو. تازو پنهنجي شعر جو ڪجهه حصو ’تحفه سنڌ‘ جي نالي هيٺ ڇپائي، مخالفت جو طوفان اٿاريائين“.

”حيدر“، ’شڪوه‘ جي مخالفت ڏسي، ’جواب شڪوه‘ لکڻ جو ارادو ڏيکاريو؛ ازان سواءِ، بقيه ڪلام به شايع ڪرائڻ جو خيال هوس، پر مخالفت ۽ ٻين وجوهات سبب شعر نه ڇپايائين، بلڪ خاموشيءَ سان ۽ پنهنجي وس آهر فن ۽ ملڪ جي خدمت ڪندو رهيو. انهيءَ دوران، بين الاقوامي حالتن ۾ ۽ خود سنڌ ۾ ڪيترا انقلاب آيا ۽ چڱي اٿل پٿل ٿي. سنڌ جا شاعر، يا خاموش هئا يا روزگار جي مسئلن ۾ ڦاٿل هئا. حيدربخش ان وقت مطالعي ۾ محو هو، ۽ هو عالمگير حالتن ۽ سياست جو گهريءَ نظر سان اڀياس پڻ ڪندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ ”حيدر“ ترقي ڪري، لاڙڪاڻي ضلعي ۾- جتي سندس ننڍپڻ گذريو هو- ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي ويو؛ مگر سندس آزاد طبيعت کي حقيقي سڪون بلڪل نصيب نه ٿيو. جنگ عظيم جي پيدا ڪيل حالتن ملڪ جي هر هڪ طبقي کي اڌ- مئو ڪري ڇڏيو هو. غير ملڪي حڪومت عوام جو رت پي انهن کي پيڙي ڇڏيو هو، ۽ انهيءَ جو وڏو اثر هارين تي پئجي رهيو هو: ٻين سان گڏ خود سندن ڀائر- زميندار- کين صدقي جي ٻڪري سمجهي مُڏي ڇريءَ سان ذبح ڪري رهيا هئا. ”حيدر“ جي شاعرانه ۽ انقلاب – پسند طبيعت اها روئداد ڪٿي ٿي برداشت ڪري سگهِي؟ حالتن کيس ايڏو ته ڏک پهچايو، جو شعر ۾ پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳو!

حيف”حيدر هي ڪلام آهه، مگر آهي ڇا؟

پاڪ آزادي مٿان اهڙي نظر آهي ڇا؟

تون ته آزاد طبيعت هُئين، پر آهي ڇا؟

هي غلاميءَ ۾ غلاميءَ جو اثر آهي ڇا؟

- جنهن ڪرايئي نظرانداز آ آزاديء قوم!


 

شعر ههڙي کان ته هئي توکي خموشي بهتر،

تنهنجي بڪ بڪ جي گلا ٿي هلي گهر گهر، دردر؛

هاڻ ڪجهه طرزِ سخن ڦير ۽ آڻ اهڙو اثر،

جو مُدبّر به چون مست ٿي ”حيدر!“ ”حيدر!“

- نظم هي ناهه، هي اعجاز آزاديء قوم!

ٻئي طرف، وڏيرا شاهي ۽ ڪامورا شاهيءَ طرفان سنڌ جي هارين مٿان لڳاتار ظلمن ۽ عقوبتن کي ڏسندي، سندس انسان- دوست فطرت ۽ آزاد ذهن ڄڻ تڙپي اُٿيا، ۽ هاڻي هو ڪنهن عملي جدوجهد جون صورتون سوچڻ لڳو. جڏهن به ڪنهن بيدار دل ۽ صحيح دماغ رکڻ واري انسان کي پنهنجي آسپاس تي سوچڻ جو ويچار ٿئي ٿو، ته ان جي رد عمل ۽ نتيجي ۾ هو ضرور اهائي راهه اختيار ڪري ٿو، جيڪا انسان جي اصل عظمت ڏانهن رهنمائي ڪري ٿي، ۽ ان کي ذلت ۽ زبونيءَ، ظلم ۽ ڏاڍ کان پاڻ ڇڏائڻ جا حوصلا بخشي ٿي: حيدربخش اهو ئي سوچيو، ۽ ائين ئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

بالاآخر هو، 1943ع ۾، انگريزي حڪومت جي نوڪريءَ مان استعفا ڏيئي، اڳوپوءِ ملڪي خدمت ۾ لڳي ويو، ۽ ”سنڌ هاري ڪاميٽي“ ۾ شريڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. دوستن سمجهايس، پنهنجن منع ڪيس ته انهيءَ مان ڪجهه ڪين ورندئي، پر هن ڪونه مڃيو، پنهنجيءَ ڌُن ۾ مست رهيو. اڪثر هٿ تنگ رهڻ لڳس، ۽ بعضي ته لنگهڻ به ڪڍڻا پيس: پَٽ سَٽ ڪري شعرن جو طويل مخمس ”آزاديء قوم“ لکي شايع ڪرايائين، جنهن ۾ پاڻ قوم- پرست جي حيثيت ۾ غلاميءَ تي خوب ڇوهه ڇنڊيا اٿس. لفظ لفظ ۾ هڪ جوش ۽ تلخي آهي،- اهو هن ڪري ته زماني جو تلخ تجربو ٿيس. صوبي سنڌ جي تاريخ ۾ اهو طويل نظم، قومي نقطه نگاهه کان پنهنجي قسم جو واحد نظم آهي، جنهن جهڙو هن کان اڳ ڪنهن به نه چيو آهي. البت، دقيق ۽ ڪثرت سان عربي ۽ فارسي الفاظ جاءِ بجاءِ ڪتب آندا اٿس، جنهنڪري پڙهڻ ۾ سو ڪافي تڪليف ٿئي ٿي.

”حيدر“ کي ادبيات ۽ سياست جو ڪافي ۽ وسيع مطالعو هو، ويتر هاڻ واندو ٿي عملي طرح سياست ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ سال هاري ڪاميٽيءَ جو صدر ٿيو، ۽ ”هاري حقدار“ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائين،جنهن جو ايڊيٽر به پاڻ ٿيو. سندس زندگيءَ ۾ جيئن بناوٽ ۽ وڌاءُ ڪونهي، تيئن شعر ۾ به خلوص کان ڪم وٺندو آهي. هر ڪا ڳالهه صاف صاف بيان ڪرن جي عادت اٿس. 1956ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ حيدرآباد پاران، ’بيسٽ هال‘ ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہ رحمت جي ورسي ملهائي ويئي؛ صدارت شايد محترم عبدالله چنا ڪري رهيو هو؛ حيدرآباد جا سڀ اديب ۽ شاعر اتي موجود هئا، ۽ دستور موجب سڀني ’شاهه‘ جي ڪلام جون خوبيون ٻڌائيندي ان جي شخصيت سان عقيدت جو اظهار ڪيو: جڏهين حيدر بخش جو وارو آيو، ته هن ڳالهائيندڙ حضرات جو هن ڳالهه ڏانهن توجهه ڇڪايو ته ”شاهه صاحب تي شاعري ختم نه سمجهو، بلڪ ان کان پوءِ به بلند پايي جا شاعر ٿيا آهن، ۽ اهو هينئر به ناممڪن نه آهي جو ڪو اهڙوئي وڏو شاعر پيدا ٿئي“. ان تي ڪن وڏن اديبن اعتراض ڪيو، ۽ ”حيدر“ کي تقرير اڌ ۾ بند ڪري ويهڻو پيو.

”حيدر” جڏهن پهرين پهرين شاعر جي حيثيت سان ادب جي محفل ۾ آيو، ته هو بلڪل نئون ۽ نرالو پئي لڳو- ائين نئون، ائين نرالو، جئن ڪنهن وڏي ساري اونداهي ميدان ۾ اڪيلو بيٺل روشنيءَ جو منارو. چوطرف گلن ۽ بلبلن جا صدين کان سَسٽيل ڪٽيل موضوع، قافين ۽ رديفن جي چستيءَ جا چرچا؛ نه ادب ۾ اندر جي اُٿل، نه وري ڪا جذبن جي اپٽار: ائين پئي لڳو ڄڻ ادب انسانن جي زندگيءَ کان رُسي ويو آهي. ”حيدر“ رُٺل ادب کي پرچائي، ان کي انسانن جي محفل ۾ وٺي آيو؛ ادب ۽ انسانيت جو هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايو. بيشڪ، سنڌي ادب کي موجوده ماحول بخشڻ ۾ حيدربخش جي حيثيت نهايت اهم ۽ نهايت بلند آهي.

ساڳيءَ طرح، سياسي دنيا ۾ به هن جو وجود اوپرو پئي لڳو. سندس خيال نه اڳ ٻُڌل، ۽ نه سندس تصور جي دنيا ڪنهن جي ڏٺل؛ نه ڪنهن کيس سمجهيو، نه سڃاتو. سنڌ جي سياست، جيڪا ’وزارت جي جُوا‘ هئي، سا اچي ڊني. هن کي گرفتار ڪيائون، دربدر ڪيائون، ليڪن هن جي دل ۾ جيڪا هارين جي همدرديءَ ۽ سجاڳيءَ جي چڻگ دکيل هئي، ان سان ويو انسانن جون دليون جرڪائيندو، ڏِيئي مان ڏيئا ٻاريندو- تان جو اڄ هن تحريڪ، هاري پارٽي، سنڌ جي ستايلن جي اڪيلي همدرد جماعت آهي.

جڏهين 1947ع ۾ ملڪ آزاد ٿيو، ته ”حيدر“ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪ نظم چيائين، جنهن ۾ هن طرح پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو اٿس:

سوز ۾ جان سڙي خاڪ ٿِي، ڇا ڇا نڪتا-

”حيدر“ اکين مان سندءِ باهه جا شعلا نڪتا!

ذري ذري مان اهي خاڪ مان واڪا نڪتا؛

’ديس جا جيڪي به دشمن هئا، نڪتا نڪتا!‘

ڪَر اَچي ملڪ هي ممتاز- آ، آزاديء قوم!

هاڻي ”حيدر“ جي زندگيءَ جو هي چوٿون دور شروع ٿيو. اهو چوٿون دور نه رڳو هن جي زندگيءَ جو آهي، پر خود سندس شاعريءَ جو به آهي؛ ڇاڪاڻ ته سندس زندگيءَ جي وڏي مدعا ۽ تمنا زندگيءَ ۾ ئي پوري ٿي، ۽ ملڪ آزاد ٿيو. هن وقت سندس خيال ۽ جذبا هاڻ فقط هڪ مقصد کي مڪمل ڪرڻ ۾ لڳل آهن- ۽ اهو مقصد آهي ”سنڌي هارين ۾ اصلاح آڻڻ“. هن وقت هو پنهنجي انهيءَ مقصد لاءِ قلمي ۽ عملي طور پاڻ پتوڙي رهيو آهي. ان مقصد سان، تازو هڪ گيتن جو مجموعو ”هاري گيت“ مرتب ڪيو اٿس، جنهن ۾ سندس مشهور نظم ”هاريءَ جو زمانو“ پڻ شامل آهي. هن ۾ هاريءَ سان جنهن محبت ۽ سوز سان مخاطب ٿيو آهي، اهو ”حيدر“ جوئي حصو آهي. پڙهندڙ کي سنڌڌي هاريءَ جي مڪمل تصوير اکين اڳيان تريو اچي، ۽ دل ۾ هڪ ڏک ۽ همدرديءَ جو جذبو بيدار ٿيو وڃي. هاريءَ کي ”سنڌ جو سردار“ سڏيندي، چوي ٿو:

سنڌ جا ساهه ۽ سردار ۽ دلبر هاري،

قوم جا هار ۽ سينگار ۽ زيور هاري،

تنهنجي احسان جي هيٺ آهه بشر هر، هاري،

ٿيا زمانو ۽ زمين تنهنجا ثناگر، هاري،

قوم ساري ٿي هينئر ڳائي ترانو تنهنجو،

اُٿ اي هاري، اجهو آيو آ زمانو تنهنجو!

هاريءَ جي محنت کي ساراهيندي وڌيڪ چوي ٿو:

تنهنجي محنت ٿي ڪري ڪڻڪ ۽ جوئر پيدا،

ڌوڙ مٽيءَ منجهان موتي ۽ جواهر پيدا،

باغ باغات گلستان مُعطّر پيدا:

آهي ڇا ڇا نه ڪيو ڏاٽي ۽ ڪوڏر پيدا؟

هي جهان آهه ڪرامت ۽ فسانو تنهنجو،

اُٿ اي هاري، اجهو آيو آ زمانو تنهنجو.

آخر ۾ هاريءَ کي دعا ڪري ٿو، ۽ سنڌ جي قديم روايت وانگر پنهنجي مادر وطن کي به دعا کان خالي نٿو ڇڏي-

هاري! تنهنجو هي نظام اشرف ۽ آباد رهي،

جو به بيڪار آ بدڪار آ، برباد رهي،

جو به مزدور آ، هاري آ، سدا شاد رهي،

ديس سرسبز رهي، زنده ۽ آزاد رهي!

سوين ”حيدر“ جيان ڳائن جئن گانو تنهنجو-

ڏس اي هاري، اجهو آيو آ زمانو تنهنجو!

”حيدر“ زندگيءَ جي چوٿين دور ۾ خوشيون به ڏٺيون، ته مصيبتون به سٺيون. اختلاف راءِ رکڻ سبب ٻه دفعا کيس بنا دريافت جيل ۾ قيد پڻ ڪيائون، پر هي مجاهد مڙس جيل جي سختين کان به سخت ۽ محڪم نڪتو. هڪ دفعي، ”هاري حقدار“ آفيس ۾ ٻاهر ڇڻڪار ڪرايو ڪرسيون ۽ کٽون وجهايو ويٺو هو: آسپاس پٽڪن ۽ ميرن ڪپڙن سان هاري ويٺا هئا، جن سان اهڙي ته نموني ڀائيچاري جون ڳالهيون پئي ڪيائين، جو مون سان گڏجي آيل دوست کي جڏهن اها خبر پيئي ته حيدر صاحب اڄ جيل مان ڇٽي آيو آهي ۽ آءٌ ساڻس گڏجڻ آيو آهيان، ته هو سخت حيران ٿي مون کي چوڻ لڳو، ”هن کي ته ڄڻ ڪو واقعو ئي پيش ڪونه آيو آهي!“ حالانڪ ”حيدر“ جيل ۾ هو ته پويان سندس پٽ سخت عليل ٿي پيو هو، ۽ اخبارن ۾ سندس رهائيءَ جي تقاضا ڪئي پئي ويئي- پر ”حيدر“ جي منهن تي ملولائيءَ جو ڪو معمولي اهڃاڻ به هجي، سو بنهه نه!

”حيدر“ جي ڪلام جو ڪجهه نمونو وٺڻ لاءِ آءٌ سندس جاءِ تي هڪ دفعو ويس، ته مون کي پنهنجي ذاتي ڪتبخاني ۾ وٺي ويو ۽ اهو هٿ – لکيل بياض مون کي ڏنائين، جنهن ۾ شاگرديءَ جي زماني کان وٺي اڄ جو ڪلام پنهنجن هٿ- اکرن ۾ قلمبند ٿيل اٿس. گهڻو ذخيرو انگريزي ڪتابن جو هو، جن ۾ به گهڻو تعداد فلسفي ۽ سياست جو هو. هن عمر ۾ ڇهه ڇهه ڪلاڪ مسلسل مطالعي ۾ مصروف رهندو آهي. شال هي سنڌ جو سورهيه سپوت اڃا گهڻي ڄمار ماڻي، ۽ ان طرح سنڌ جو پنهنجي شخصيتن تي فخر قائم رهي!

نموني طور، ”حيدر“ جي ڪلام مان ڪي چيزون پيش ڪريان ٿو.

همه او ست

هر شي ۾ حسن تنهنجو، يا رب نظر اچي ٿو،

انڌين اکين جي آڏو، پردو مگر اچي ٿو؛

گلشن ۾ حسن تنهنجو، بلبل کي تنهنجي سودا،

جنهن جي زبان مان دم در لعل ۽ گهُر اچي ٿو.

فاني زمانو.

هر ڪنهن کي هلڻو آهي هي فاني وطن ڇڏي،

پيارا عزيز دوست ۽ گلشن چمن ڇڏي؛

هن تختهء زمين کي هزارين وڃن ڇڏي،

هرڪو وڄائي وارو وڃي انجمن ڇڏي؛

جڏهين ٿو روح پاڪ معطر بدن ڇڏي،

دنيا ۾ تنهن کي ڪونه گهڙي هڪڙي کن ڇڏي.

رباعي

الله جو رستو وڏي مشڪل ۾ ڏٺم،

مسجد ۾، ٽڪاڻي ۾، نه ديول ۾ ڏٺم؛

هت بحث ۽ منطق جو نه ڪڇ آهه ضرور،

مولا کي ڏٺم جي ته سچيءَ دل ۾ ڏٺم.

 

 

-----------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com