سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :37

خليفو محمّد امين پلي

 

حاجي گل محمّد رند مرحوم

نالو گل محمد، ذات جو رند، تخلص به ”رند“ هوس. هي اصل ڀاڳناڙي (بلوچستان) جو ويٺل هو. اٽڪل ويهن سالن جي عمر ۾ اباڻو وطن ڇڏي سنڌ ۾ آيو. چون ٿا ته هن کان ڪو ڏوهه ٿيو هو، تنهنڪري پنهنجو ديس ڇڏي هن ملڪ ۾ آيو. هو قرآن مجيد ۽ فارسيءَ جا ٻه ٽي ڪتاب اڳ ۾ ئي پڙهيل هو، پر سڪونت اختيار ڪرڻ خاطر جدا جدا شهر گهمندي نيٺ ضلعي ٿرپارڪر جي سيد علي حسن شاهه جي ڳوٺ ۾ ميان محمد علي پٺاڻ وٽ اچي رهيو ۽ اتي ئي فارسي سڪندر نامي تائين پڙهيائين. بعد ۾ مڪتب ڇڏي ڳوٺ سِگهه، تعلقي کپري ۾ مرحوم محمد قابل درس پلي وٽ اچي رهيو، جتي ٽي سال مرحوم درس جي فرزند مرحوم درس ڇُٽي کي پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ، ڳوٺ، ’ڊيبي‘ تعلقي عمرڪوٽ ۾ مرحوم حافظ عبدالقادر پليءَ وٽ رهڻ لڳو، جتي حڪمت جو ڪم ڪندو هو، ۽ اتي ئي عمر جو وڏو حصو گذاريائين. ڊيبي جي مشهور فياض زميندار قاضي محسن سان گڏ فريضه حج ۽ حضور پاڪ جي زيارت جو شرف به حاصل ڪري آيو.

مرحوم ”رند“ شعر چوڻ ڪڏهن شروع ڪيو، تنهنجي پوري خبر ڪا نه آهي، باقي آثارن مان معلوم ٿو ٿئي ته ميان محمد علي وٽ رهڻ واري وقت ۾ سندس شاعريءَ جي ابتدا هئي، ڇاڪاڻ ته مولوي محمد علي خود به شاعر هو، ۽ سندس شاگردن مان به گهڻا تڻا سڀ شاعر هئا – جهڙوڪ حاجي گل محمد ”رند“، حاجي ابراهيم دل، حاجي محمد عالم پلي، ۽ خليفو ڇٽو مرحوم.

مرحوم رند صاحب نهايت بيپرواهه ۽ شوخ طبيعت جو هوندو هو. راست گو هو، ۽ سڀ ڪنهن کي پنهنجي خامي منهن تي چئي ڏيندو هو.

سندس هجويات جو گهڻو ڪلام آهي. ڪنهن گمنام ماڻهوءَ، مرحوم صوفي حاجي محمد جي بنسبت ڪي هجويات جا ڪلام چئي کڻي ”رند“ جي نالي مشهور ڪيا، جنهن ڳالهه تان ناراض ٿي، صوفي صاحب سندس برخلاف ٿي پيو. ڪنهن دفعي وجهه ڏسي صوفي صاحب جا ماڻهو مرحوم ”رند“ کي جهنگ مان گرفتار ڪري آيا، ۽ اچي صوفي صاحب وٽ حاضر ڪيائونس، جنهن نهايت بيرحميءَ سان هن مسڪين ۽ پرديسي شاعر کي پنهنجن ماڻهن کان مارايو ۽ حد کان وڌيڪ بيعزتي ڪرائي. ”رند“ جي غيور طبيعت اها تحقير برداشت ڪري نه سگهي، ۽ اچڻ سان جيئن بستري داخل ٿيو، تيئن وري تندرست ٿي نه سگهيو، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ گذاري ويو – جيتوڻيڪ ”رند“ صاحب جي بيماريءَ وارا پويان ڏينهن فقير ميان شير محمد سيهڙائي مڱريي به علاج ۽ تيماداري ڪرڻ کان وسان ڪين گهٽايو. (مرحوم رند صاحب کي سخت بيماريءَ واري وقت ۾ پاڻ وٽ کڻائي آيو هو.) انا الله انا اليہ راجعون.

تعجب ته هن ڳالهه جو آهي، جو جوانيءَ وارو وقت پنهنجي ملڪ بلوچستان ۾ هئڻ ڪري به سندس ڪلام ۾ صاف سنڌي آهي، جنهن مان هي يقين ٿو ٿئي ته هو سنڌ ۾ اچڻ بعد اهڙي ته لائق استاد کان سنڌي سکيو، جو ان ڌاري ٻوليءَ جي ڪا به بوءِ نه آهي. مرحوم ”رند“ نهايت برجستو شاعر ۽ في البديهه ڪلام چوڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هڪ دفعي ’ڊيبي‘ جي صالح پليءَ کان گهوڙي وٺي، ’سِگهه‘ ۾ ڪنهن عذر خواهي لاءِ آيو، رات جو سندس آندل گهوڙي حاجي آدم مرحوم جي گهوڙن سان گڏ ٻڌي ڇڏيائون. صبح جو اٿي ڏسن ته ”رند“ واري گهوڙي جيئن وچڙڻ سبب وهٽن واري دونهينءَ جي مچ ۾ وڃي ڪري هئي، تيئن اتي جو اتي سڙي مري ويئي. ”رند“ اها حالت ڏسي چوڻ لڳو:

”درس آدم جا دکائي دونهين، تنهن ۾ گهوڙي سڙي اسان جي هونهين،

هاڻ ڪيئن ڪندو الائجي صالح گونهين!“

هڪ دفعي، نصرپور واري سيد مصري شاهه ”رند“ مرحوم ڏانهن هڪ ڪافي ٺاهي موڪلي – (افسوس جو اها ڪافي نه ملي سگهي آهي). ”رند“ جواب ۾ جيڪا ڪافي سيد صاحب ڏانهن موڪلي هئي، ان جو فقط ٿلهه ملي سگهيو آهي، جو هن ريت آهي:

”اول هيءُ ته عرض عاجز جو، سچيءَ دل سان سڻي مصري،

ڪڻا هي قيد قسمت جا، ڪريو چوڳيون چڻي مصري!“

هڪ ڀيري مولوي محمد ابراهيم ملاح، لس ٻيلي وارو، ”رند“ جي ملاقات لاءِ آيو. ان وقت ”رند“ مرحوم مسجد ۾ ستو پيو هو. مولوي صاحب حاضرين کي چيو ته شاعر جي دل هميشہ سجاڳ رهندي آهي؛ ۽ مرحوم ”رند“  جي آزمودي وٺڻ لاءِ هيءُ بيت پڙهيائون:

”الا ريح صباقُم قُم قيامہ، اِليٰ محبوبنا بلغ السلامہ“.

مولوي صاحب جي ايتري چوڻ تي ”رند“ يڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ هيءُ بيت چيائين:

”صبح جا واءَ وڃ وڃ تون وڃڻ کي، سنيهو ڏي وڃي ساري سڄڻ کي!“

ڳوٺ ڊيبي جو حافظ ملوڪ پلي نهايت برجستو ۽ هوشيار حسابدان، قاضي ۽ قرآن مجيد جو ياد حافظ هو؛ ليڪن نماز روزي سان شغل البت گهٽ هوس. هڪ دفعي، حافظ موصوف کي جمعي نماز تي حاضر ٿيندو ڏسي ”رند“ مرحوم في البديهه چئي ڏنو.

”مسيت و مُلن سان رکي گهٽ سلوڪ، بچيل دين کان آهه حافظ ملوڪ.“

هڪ ڀيرو ڪنهن سگهڙ، ”رند“ ڏانهن مُلن جي هجو ۾ هڪ شعر لکي موڪليو:

”اُلي لڳي آخوندن: ڏيهين ڏڪاريا، ڪڍي ڏيوالا هي ڍرڪٿا ڍاپن – اُلي لڳي آخوندن!

رند جواب موڪليس:

رک عالمن جو احترام، ڪر نه پڙهيلن جون گلائون!“

”رند“ جو ڪلام تمام گهڻو هو، جو بيقدريءَ سبب سارو تلف ٿي ويو آهي؛ فقط ڪن چند ماڻهن وٽ ڪي ڪي ڪلام لکيل آهن، ۽ ڪن ڪن کي قدري ياد به آهي. سندس مڪمل ديوان هو، ۽ ”سڪندر نامو“ سنڌيءَ ۾ به تصنيف ڪيو هئائين، جو گهڻو وقت ماڻهن جي واتان بر زبان ٻڌڻ ۾ پيو ايندو هو. ازان سواءِ، مرحوم وٽ ڪتبخانو به چڱو موچارو موجود هو، جنهن جو اڄ پتو به ڪونهي.

”رند“ مرحوم جي قبر ’ساڀي‘ جي نزديڪ ’تلي‘ نالي مقام ۾ آهي. سندس وفات جي پوري تاريخ معلوم ٿي نه سگهي آهي، آثارن مان پتو پوي ٿو ته 1310 هجريءَ جي لڳ ڀڳ هن لاجواب شاعر جو انتقال ٿيو هوندو – و علم عندالله.

ڪلام

گهنڊ کوليو، گهورون ڏيو، ماڻا ڪريو، ماريو ڇڏن!

ڪن کي ڪنڌيءَ تان منجهه ڪُنن، ڪيرائيو ڪنڌ ڀر هڻن،

ڪن جا ٻڏل ٻيڙا سڄڻ، طوفان مان تاريو ڇڏن!

ڪي مي پي مستان ٿيا، ميخاني ۾ جي خاص هئا،

ڪن کي پيالا پُر ڏيو، هٿ کان کسيو هاريو ڇڏن!

ڪي ”رند“ ريڌا! راهه تي، ڪي مجلسي مي – خواه تي،

ڪي در ڪنان، سهڻا سڄڻ، وانجهيو، وريو واريو ڇڏن!

*

وڏايو ورهه کي ويڄن، نڪو ٿا فيض ڪن ڦيڻا!

برهه جو باز ٻولائي، چنبن ۾ دل ويو چائي،

ڦٽيو ڦاڙيو ڪپيو کائي، تڏهن ٿياسون جهڄي جهيڻا.

مٺي محبوب جا مرڪي، ڏني آ سوز جي سرڪي،

طبيبن جا ٻڪي ٻرڪي، ٻڪيءَ تنهن سان ٿيا ٻيڻا!

سڻي منهنجو عرض آزي، کلي ٿيو ”رند“ تي راضي،

ڀڳي دشمن سندي بازي، هڻي سي خر ڪيئين هيڻا.

عمر! ماڙيون سندءِ ساڙيون اسان کي ٿيون وڻن واڙيون!

پلائن کي پچائن جي، عمر واري ڏي او ان کي،

اسين ڏوٿي وڃون ڏٿ تي، للر لوڻڪ چڀڙ چاڙهيون.

جتي ڄاريون اتي گهاريون، وڍيو ٽاريون پهون چاڙهيون،

جسو پس پيڄ تي پاريون، اسين جهانگي ٿا جهڻ ڪاڙهيون.

لڳس تنهنجي لام هاڻي ڄام، مٿي مسڪين جهل ڪج ڪام،

اسين اڀرا اوهان جي سام، چئي ”رند“ رب مٿي ڀاڙيون.

*

مندون موٽيون، پڻ وطن پيو وسي،

سڪان ساريان ٿي لويارن لسي،

اباڻن ۾ آءٌ سگهان جي رسي،

- چڀڙ چونڊيان هوند سيڪيان سڱر!

ڏمر ڪرم ڏوٿين مٿي، اي امير،

نه هيڻن مٿي ڪر هلائون، همير!

ڀڃي ڀور ڪر تون ذرا هي زنجير،

- الهه لڳ امر ڪر ته نڪرن نير!

ولهي وارثن ري ڪٽيان ڪيئن ڪري؟

لکين هول دل تان مٽيان ڪيئن ڪري؟

عمرڪوٽ ويهي وٽيان ڪيئن ڪري؟

- رسي مانَ مارن وٽان ڪا خبر!

هنيون هت ٿيو، هت جسو پيو جلي،

سهيلين سوا سور ڪنهن سان سلي،

اباڻن بنا روح ڪنهن سان رلي؟

- نٿي ”رند“ ڌاريان ڪا ڌارين ۾ ڌر!

 

حاجي شير محمّد چغدو*

بندي جو نالو شير محمد ولد حاجي محمد صالح چغدو آهي. منهنجو وطن شڪارپور آهي، پر اسان جا وڏا ديري غازيخان کان لڏي آيا هئا. منهنجو پڙ ڏاڏو خيرپورميرس ۾ اچي رهيو، جنهن بعد سندس اولاد شڪارپور ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. منهنجو ڏاڏو قرآن شريف جو درس ڏيندو هو. هو مالدار هو. هن وٽ چوپايو مال چڱي انداز ۾ هو، ۽ انهن جي کير مکڻ تي گذران ڪندو هو. اٽڪل اسي پنجاسي ورهين جي عمر ۾، سن 1864ع ۾ وفات ڪري ويو. ان وقت بابي سائينءَ جي عمر چوڏهن ورهيه کن هئي. منهنجو والد سڳورو سن 1850ع ۾ ڄائو هو. قرآن شريف جي تعليم ۽ سنڌي پڙهڻ بعد، سن 1867ع ۾، نارمل اسڪول سکر ۾ داخل ٿيو. ٻن ورهين جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1869ع ۾ ماستريءَ جي ڌنڌي کي لڳو. پهريان نَو ورهيه ٻهراڙيءَ جي مختلف اسڪولن ۾ تعليم ڏيندو رهيو. سن 1878ع ۾ شڪارپور شهر ۾ نائب ماستر ٿي آيو. ان وقت تعليم جو ڪم گورنمينٽ جي حوالي هو، ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي اسسٽنٽ ڪمشنر کي تعليم جو فوليو سپرد ٿيل هو. سن 1888ع ڌاري ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽريءَ جو عهدو قائم ٿيو، ۽ ان عهدي تي هڪ انگريز نالي جيڪب صاحب مقرر ٿيو.

قبله گاهه صاحب جن شهر شڪارپور ۾ اٺاويهه ورهيه ماستري ڪئي. شڪارپور ۾ نوڪريءَ جي عرصي جا پهريان چوڏهن سال نائب ماستر ٿي رهيو، ۽ پويان چوڏهن سال هيڊ ماستر ٿي رهيو. اپريل 1906ع ۾ پينشن ورتائون، ۽ پينشن وٺڻ جي پهرئين ئي سال نومبر 1906ع ۾ حج تي روانا ٿي ويا. فيبروري 1907ع ۾ خير سان حج ڪري واپس آيا. انهن ڏينهن ۾ سردار محمد يعقوب خان وزير رياست خيرپور فوت ٿيو هو. والد صاحب؛ آڪٽوبر 1911ع ۾ وري ٻئي حج لاءِ ويو، جو ان سال اڪبري حج هو. ڊسمبر 1911ع ۾ حج ڪري خير سان واپس آيا. هي اُهو زمانو هو، جنهن وقت انگلنڊ جو بادشاهه جارج پنجون دهلي – درٻار لاءِ هندستان ۾ آيل هو.

والد صاحب پهرين جون 1922ع، مطابق چوٿين شوال 1340 هجري، ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو- انا لله و انا اليہ راجعون.

منهنجي جنم جي تاريخ تائين نومبر 1880ع، مطابق پنجين ذوالحج 1297 هجري، آهي. آءٌ جڏهن ڇهن ورهين جو ٿيس، تڏهن مون کي ابتدائي تعليم لاءِ شڪارپور جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. آءٌ پنهنجن لائق استادن – جناب حاجي محمد صالح ولد محمد رمضان چغدو، ويٺل شڪارپور، ۽ جناب ميان رضا محمد شاهه ولد سچل شاهه بخاري سيد، ويٺل شڪارپور جي زير تعليم رهي، جنوري 1897ع ۾ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ داخل ٿيس. اتي به ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي (ڀريا، تعلقو نوشهروفيروز)، مسٽر اُڌنمل سترامداس سڏاڻي، ٺٽوي، ۽ مرحوم قاضي اميد علي، پروفيسر پارسي (حيدرآباد سنڌ)، جهڙن لائق ۽ قابل استادن جي هٿ هيٺ لڳاتار ٽي سال علم جي بحر سان سيراب ٿيڻ بعد، تاريخ 27 فيبروري سن 1900ع ۾ نوڪريءَ تي وڃي چڙهيس. ان وقت ڪاليج جو پرنسپال صاحب ديوان ڪوڙو مل هو. پروفيسر مرحوم قاضي اميد علي، ”ديوان فاضل“ جي مصنف مرحوم ميان فاضل شاهه بخاريءَ جو همعصر هو. سندن ڏينهن ۾ ٽريننگ ڪاليج ۾ پارسي تعليم چڱي نموني ۾ ملندي هئي. جنهن ۾ شعر سازي به اچي ويئي ٿي. ان وقت جو فائدو وٺي، مون جناب مرحوم قاضي صاحب جن جي تربيت هيٺ چڱو پرايو.

هن بندي جي نوڪريءَ جو پهريون ڏهاڪو لوڪلبورڊ جي مختلف سڪولن ۾ نائب ماستريءَ ۽ هيڊ ماستريءَ تي گذريو، ۽ پوءِ سمورو عرصو همايون تعلقي شڪارپور ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيس. جنوري 1910ع ۾ همايون آيس، جتي حضرت مولانا عبدالغفور صاحب همايوني جن رهندا هئا. اتي رهڻ سان اهڙي بزرگ جي روزاني زيارت ته حاصل ٿيندي رهندي هئي، پر آءٌ سندن دست بيعت به قادري طريقي ۾ ٿيل هوس. حضرت همايوني صاحب 21 جون 1918ع، مطابق 11 رمضان 1336 هه، جمعي جي رات وفات ڪئي، ۽ ساڳئي ڏينهن کين سپرد خاڪ ڪيو ويو – (انا لله وانا اليہ راجعون.) آءٌ ان وقت اتي هوس. حضرت مرشد صاحب جن جي وفات کان پوءِ فقط ڏهه مهينا همايون شريف ۾ گذاريم. تاريخ ڏهين اپريل 1919ع ۾ ڳڙهي ياسين شهر جي ميونسپل اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي  آيس، ۽ اتي به سڄا سارا ڏهه ورهيه هوس. جون 1929ع ۾ مسلم اسڪولن جي انسپيڪٽنگ لائين تي ويس. اتي سوا ٽي ورهيه گذاري، 24 سيپٽمبر 1932ع تي رٽاير ٿيس، جنهن کي پنجويهون سال خير جو هلي ٿو.

سن 1935ع ۾، جڏهن شهنشاهه جارج پنجين جي سلور جبلي ٿي ملهائي ويئي، تڏهن اسڪائوٽ هيڊ ڪواٽر شڪارپور ۾ شعر ٺاهي پڙهيم، جنهن ۾ مون کي چانديءَ جو ٻلو انعام مليو. پينشن ۾ اچڻ کانپوءِ، آءٌ ماٺ ڪري ڪو نه ويٺس. مون کي جو تاليف، تصنيف ۽ شعر سازيءَ جو شوق هو، تنهن جي وسيع ڪرڻ لاءِ هاڻ مون کي چڱو موقعو مليو. خوش قسميءَ سان مرحوم محمد دائود ولد محمد ابراهيم مهر (رٽايرڊ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، رستم، تعلقو سکر)، مرحوم غلام نبي خان ولد گل حسن خان (آغا صوفي)، شڪارپور، مرحوم قاضي جمال الدين ولد ولي محمد (رٽايرڊ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، شڪارپور)، ۽ مسٽر شاهنواز پيرزادو (ايم. ايل. اي. ويسٽ پاڪستان اسيمبلي) جهڙن قابل قدر ۽ لائق همعصرن جي صحبت ۾ منهنجو اهو شوق پروان چڙهڻ لڳو. ڪجهه تصنيف ۽ شعر سازي مون نوڪريءَ جي وقت ۾ ڪئي هئي. باقي پينشن جي وقت ۾ ڊزن کن ڪتاب لکيم ۽ شعر سازي ڪيم. منهنجا هيٺيان ڪتاب لکيل آهن: (1) دلخندان، (2) عمر مارئي، راتين ۾، (3) پهريون بشر، (4) سيد الانبيا، (5) صداقت القرآن، (6) صداقت الرسول، (7) سياست فاروقي، (8) غزوه بدر، (9) اخلاقي مضمون، (10) ديوان صنعت شڪارپوري، سنڌيءَ ۾، (11) ديوان شيرل، ۽ (12) ڪليات شيرل. انهن ڪتابن مان پهريان چار ڪتاب ڇپيل آهن، باقي اٺ ڪتاب ڇپجڻ لاءِ منتظر  آهن. ”صداقت القرآن“، ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ کي سال 1936ع ۾ موڪليو ويو هو. ڇپجڻ جا ته گهڻائي دلاسا مليا، پر سياڻن سچ چيو آهي ته ”جيڪي چلُهه تي، سي دل تي“: ”هائو، اڄ، صبحاڻي- ڄاڻ ڇپيو!“ خير، نه ڪتاب ڇپيو، نه واپس ئي مليو! ڏهون نمبر ڪتاب هاڻي شڪارپور ۾ هڪڙي ڪتب فروش ڇپائڻ لاءِ ورتو آهي، ۽ ”صداقت القرآن“ به هڪڙي چڱي ماڻهوءَ ڇپائڻ جي ارادي سان ورتو آهي؛ ٻيا قلمي ڪتاب لئبرريءَ ۾ پيا آهن. ازان سواءِ، دنيا جي حالات ۽ معلومات جدا جدا ڪتابن ۾ لکي اٿم. پاڪستان جي تاريخ ۾ لکندو رهان ٿو. پهاڪن ۽ چوڻين جا ڪتاب انهن کان به الڳ آهن. پنهنجو ”وصيعت نامو“ پڻ لکيو اٿم.  خواب ۾ انهن جا تعبير به هڪ ڪتاب ۾ جدا نوٽ ڪندو آهيان. فالناما، پيشن گويون، وغيره به هٿ ڪري پاڻ وٽ لکي ڇڏيون اٿم. ڪيترا دوست اچي منهنجن ڪتابن مان حوالا هٿ ڪندا آهن، ۽ چيدا چيدا بيت، پهاڪا ۽ حالات لکي کڻي ويندا آهن. منهنجي معلومات واري ڪتاب ۾ ڄم – موت جو داخلو به لکيل رهي ٿو. حالات هٿ ڪرڻ لاءِ اڃا تائين مان طالب العلم ٿي ٿو رهان. معلومات، ڪتاب ۾ تاريخوار بذريعي اخبار لکندو آهيان، ۽ پڻ حالات هٿ ڪرڻ لاءِ آءٌ گهڻي ئي پڇا ڪندو آهيان. شال رب سائين عاقبت باالخير ۽ رحمت تندرستيءَ سان هلائي، ايمان ڪامل بخشي: ٻچن کي صالح ڪري، نيڪ ڪري، روزيءَ ۾ برڪت وجهين، ۽ حياتي تندرستيءَ کي خير سان گذارين!

ڪلام جو نمونو

شڪر ڪريان ۽ حمد چوان،

۽ خالق کان ٿو خير گهران،

ياور ڪر تون عاصيءَ سان،

۽ شفقت پنهنجي خاڪيءَ سان،

رب منهنجو رحمان آهي،

۽ فرضن کان نسيان آهي،

منهنجي توبهه کي قبول ڪندو،

هي تنهنجو آهه مجهول بندو

حال منهنجو ۽ رحم تهنجو،

انسان مڃي ٿو جرم پنهنجو،

مومن تو اقرار ڪيو،

نا ٻولج هت گفتار ٻيو،

دائم دل دلگير آهي،

پر ٻانهپ دلپذير آهي،

الله سندو ٿي ذڪر ڪريان،

ٿو توبهه زاري ورد ڪريان.

رحمت پنهنجي معافيءَ سان،

آهه ڪيڏي آءٌ بيان ڪريان.

هي ٻانهو ۽ انسان آهي،

’هائو‘ هر دم ٿو اقرار ڪريان.

۽ زاريءَ کي مقبول ڪندو،

ٿو غفلت کي قرار ڪريان.

هر بندي تي آ ڪرم تنهنجو،

اخلاق سندي ڪهڙي ڳالهه ڪريان؟

۽ وعدو تو اختيار ڪيو،

تا حاصل شل ديدار ڪريان!

جو عملن جي تقصير آهي،

شل راهه سنئين اختيار ڪريان!

·

’ع‘ ’ي‘ ۽ ’ن‘ منهنجو، عين تنهنجي سان مليو، - (عين)

’ح‘ ’س‘ ۽ ’ن‘ تنهنجو جلوي سان ظاهر ٿيو. – (حسن)

’ز‘ جڏهن ٿي ’ل‘ ’ف‘ سان گرد ۾ گڏجي بيهي، - (زلف)

خال رخ تي دام ٺاهي صيد لهءِ صادر ٿيو.

’ک‘ ’الف‘ ۽ ’ڏ‘ ۽ ’ي‘ جو کوهه آ خوفائتو، - (کاڏي)

ان مٿان جهاتي وجهڻ ۾ موت سان سودو ٿيو.

’ن‘ ’الف‘ ۽ ’ز‘ مقابل ڪونه ڪو تنهنجو صنم، - (ناز)

’ن‘ ’ي‘ ۽ ’الف‘ ’ز‘ مقبول خاطر تو ٿيو. – (نياز)

’ر‘ ۽ ’خ‘ تنهنجي مقابل آ مطابق ’م‘ ’ه‘، - (رخ – مہ)

’ل‘ ’ب‘ تنهنجي مان دئم قند ۽ شڪر ٿيو. – (لب)

”’ش‘ ’ي‘ ’ر‘ ’ل‘“ آهي شوق ۾ تنهنجي مدام، - (شيرل)

’و‘ ’ص‘ ميلاپ ۾ آ ’ل‘ سان وه جو ٺهيو! – (وصل)

*

چيم ته ”يار اسان تي ٿيندي ڪا مهرباني؟“

چيائين ته ”يار اسان وٽ آه لطف جادواني.“

چيم ته ”تنهنجي در جو دربان ٿي گذاريان،“

چيائين ته ”ويندا موٽي عاشق گهڻا نهاني.“

چيم ته”هڪڙو بوسو خيرات ڪر خدارا،“

چيائين ته”خال جي آ مضبوط پاسباني.“

چيم ته”پردو پاسي ڪر رخ تان رضا سان،“

چيائين ته”مفت ٿيندا عاشق ڪامراني.“

چيم ته”سرخ پوشاڪ اڄ تو ڍڪي آ ڇا لءِ؟“

چيائين ته”هلائي خنجر ڪندس آءٌ شادماني.“

چيم ته”ناز ادا سان سيراب ڪو نه ٿين ٿو؟“

چيائين ته”اها مڃتا تنهنجي فقط لساني.“

چيم ته”ڏس آڏيءَ تي سر هي منهنجو آ حاضر،“

چيائين ته”ڇو ڪرين ٿو ناڪام زندگاني؟“

چيم ته”مخفي ايندس تنهنجي ملڻ لهءِ جاني،“

چيائين ته”عبث آهي اهڙي موج خراساني.“

چيم ته”آءُ اسان وٽ، ايلاز منٿ مڃ ڪا،“

چيائين ته”ڏيڻ زر ريءَ ملي نه مفت جاني.“

چيم ته”وياج خورن وٽان آڻيان ٿو پئسا،“

چيائين ته” ’شيرل‘ ٿيندءِ بدنام خانداني!“

·

(هڪ – نقطو غزل)

خوبرو هڪ خوب محب منهنجو ملڪ ۾،

ناهه ڪو ان سان برابر سونهن وارو ملڪ ۾.

حسن وارا خوب خاصا سونهن لهءِ جنسار ڪن،

ڪو نه لهندا فائدو جنسار جو ڪو ملڪ ۾.

محب منهنجو خوبرُن ۾ سونهن جو سردار آهه،

ڪانگ، مون سان ڪر خبر ڪو زور آ ٻيو ملڪ ۾؟

جلد موڪل، محب منهنجا، صبح جو ساجهر خبر،

مون سوا سامهون صبا سان ڪين ملندو ملڪ ۾.

سونهن وارن ساڻ ”شيرل“ رهج دل سان باوفا،

باوفا جو نانءُ آ ناموس وارو ملڪ ۾.

ٻارن کي مت

(ٻه – نقطو نظم)

تعليم تي هردم هلو، رستو سٺو ٻارو وٺو،

اسڪول ۾ گهڻو وڃو: اهو سڌو رستو وٺو!

تعليم لهءِ سعيو ڪري، اسڪول ۾ هردم وڃو،

۽ قول هيءُ دل تي رکو: اهو سڌو رستو وٺو!

سويل ئي تياري ڪري، اسڪول ۾ يڪدم وڃو،

اهو آهي تولهءِ سٺو: اهو سڌو رستو وٺو!

ٻالڪ سدورو ئي اُهو، اسڪول ۾ سويل ويو،

استاد کي آهي مٺو: اهو سڌو رستو وٺو!

تاڪيد هيءُ دل تي رکو، ۽ ياد ڪيو اي ٻالڪو،

سڌريل آهي اهو سٺو: اهو سڌو رستو وٺو!

مڃتا مڃيو اي ٻالڪو، ۽ ياد ڪيو دل تي ڌريو،

”شيرل“ سٺو ئي دڳ لڌو: اهو سڌو رستو وٺو!

·

(هيٺئين غزل ۾ بالا نقاط، زير نقاط، يڪ نقاط، دو نقاط، غير نقاط ۽ آزاد بيت ڪم آندل آهن.)

بالا نقاط-

مٺا مون سان رفاقت رک، ۽ الفت مان ملو هر دم،

نه ڪر ڪو خوف ۽ خطرو، صداقت سان ملو هردم.

زير نقاط-

چيم محبوب کي پيارا رکج ساڃهه ڪا سائل جي،

سواليءَ کي دلاسي ۾ رکي اچي ملو هردم!

يڪ نقطه-

م رهه مون کان جدا جانب، مناسب نا نڪو روا،

جدا جالڻ جفا ۽ جور جائز نه ملو هردم!

دو نقاط-

ٻڌايو آهه قاصد اڄ، سڄڻ سردار کي ڳولهي،

ته حالت سڻ حقيقت هي، ٻڌي ڪري هلو هردم!

غير نقاط-

مڪم احوال دک وارو، ۽ ڪر معلوم حال سارو،

اهو آ حال دک وارو، رحم رکو، ملو هردم!

آزاد-

عمر ساري گذاري مون، ڏسي واٽون تنهنجون سهڻا،

سچائيءَ ساڻ ”شيرل“ کي، سڄڻ سائين، ملو هردم!

·

(هن ۾ اهي اکر ڪم آندل آهن، جن ۾ چپ چپ سان نه ملندو)

قاصد ڏني اڄ وصل جي وڌائي،

چيائين شڪر تون دل سان سدائي.

وصالت ٿيڻ ڪاڻ قاصد چيو هيئن،

اها تات تڪڙي آهه تنهنجي اجائي.

قاصد وري چيو ته تون ڪر تسليٰ،

ته تنهنجي ۽ ان جي نه ٿيندي جدائي.

تسڪين خاطر سان قاصد سڻايو،

ته دلدار تو وٽ ئي رهندو سدائي.

قاصد وري ويو، سڄڻ چيس شايد،

ته ”شيرل“ کي توئي حقيقت سڻائي.

·

دلدار ساڻ سودو، سودڻ اهو آ اوکو،

سڪ ساءُ ساڻ سهڻو، ماڻڻ اهو آ سوکو.

اها راهه آ اداسڻ، دل رک دور وه واه!

ڪر ڪو سوال سولو، ڪرڻ اهو آ سوکو.

دل آهه درد ۾ سا، ڪر هاءِ هاءِ هر هر،

رک درد اهو دل ۾، رکڻ اهو آ سوکو.

دلدار ساڻ ڪر ڪو، اهو حال هڪ دم ۾،

سَل سو احوال دک ۾، سلڻ اهو آ سوکو.

ملڻ آ واه سهڻا، واکاڻ آه دل ۾،

مل لوڪ لاءِ لڪ ۾، ملڻ اهو آ سوکو.

ڪو حال ڪر معلم، آ درد دل ۾ ساڻم،

رهه درد ۾ او ”شيرل“، رهڻ اهو آ سوکو.

·

(تو شيح مضاعف)

شب روز عرض آهي ڪوچي اوهان جي جاني،

دلدار يار اسان تي ڪريو ڪا مهرباني!

يا ڪي رهي سدائين، فرقت نه رک روا تون،

موجب دنيا جي موزون، ڏس جنت آهي، جاني!

رخ تان هٽاءِ پردو، سايو سري جيئن سج تان،

حيرت ۾ اچي هرڪو، صورت ڏسي لاثاني.

محبوب ڪر نه رغبت، زردار ڏي نهاري،

منهنجو ٿي حال مفلس، ڀلجين متان تون جاني!

حيران تنهنجا هتڙي، ڪيئي يار ٿا گهارين،

رڳو ڪريان ٿو تو لءِ، ڏس آءٌ جانفشاني.

معروض عرض ڪاتر، سائل جڏهن سڏائين،

يگاني ۾ وٺجانءِ، منهنجي مٺا زباني.

ديدار لاءِ آيس، در تي رقيب روڪيو،

شايد انهيءَ کي سونپي تو آهه پاسباني!

·

 

اسين آهيون اصل عاشق اوهان جي عشق ۾ اهڙا،

جلي جند جان ٿي تو لءِ، جگر جولان ۾ جهيڙا.

مٺي محبت مون کي ماري وڌو محبوب موچارا،

طلب تنهنجي تنواريان ٿي، تنهنجا طالب تکا تهڙا.

سڄڻ سائين، سدا سهڻا، صدق سهڻيءَ سچائيءَ جي،

هلي لهه حال هيڻي جا، پڇي پرتؤن پسي ههڙا.

ڪڏهن قاصد قريبن جو ايندو اوري اسان وٽ اڄ،

ڪندس صدقي سراسر سِر، قرب ڪاتر قسم ڪهڙا!

وڌا تو وار ور ور سان، جڏهن رخ تي ڪري ڪمند،

تڏهن خرخاش ۽ خطرا ٿيا ظاهر خلل جهڙا.

عجز آزي اسان جي آ، ٻڌي ٻئي جي نه ڪر ٻيائي،

شروع کان شوق ”شيرل“ کي پٺيون رقيب پوءِ پيڙا.

·

دل يار سان مشاغل رک تون ادا هميشہ

-ان ۾ ثواب آهي،

دل قرب کان جا غافل، افراط ۾ هميشہ

-ان ۾ غذاب آهي.

ره مستقيم وٺ تون، قابو جهلي ئي دل سان

-رستو اهو ئي سولو،

جنهن کي خدانوازي، پنهنجي رحم رضا سان

-ڪوئي حساب ناهي.

ظاهر اها ضلالت ڪري حرص ۾ اضافو

-پاسي رهڻ بهتر،

دنيا جي دوستيءَ مان ڪنهن کي نه آ منافعو

- اها ئي خواب آهي،

لعبت لقاءَ واري آهي دنيا جي هستي

-ناهي وڌاءُ ان ۾،

مزن خوشين جي ”شيرل“ پائدار ناهي بستي

-اها حباب آهي.

·

 

(غزل حروف مقطع: هن ۾ گڏيل لفظ ڪو به ڪونهي)

دل درد ۾ آزرد آه،

ڏي درد لءِ دارون دوا،

اڄ آس به نه راس آه،

ڏي ذوق لءِ ذرڙي دوا.

وه آس آ ان اک ۾،

۽ درد ۾ آزار آه،

اک آس ڏي رک اي ادا،

ريءَ آس نه دارون دوا.

ري زور آه دل دور آه،

اڄ روڄ ۾ دل زور آه،

دل درد ۾ داغدار آه،

ان داغ لءِ دارون دوا؟

روز رات آ روڄ راڙ آه،

۽ ورهه ۾ آرام نه آه،

ان درد ۾ آزار آه،

آزار لءِ آزي دوا؟

دل درد لءِ دارون دوا،

وه واه آهي ورهه ۾،

وٺ واٽ ”شيرل“ اڄ روا،

ڏس ورهه ۾ آهي دوا.

*

(ٻٽو سوال جواب)

چيم ته ”يار غم آهه“،

چيائين ته ”نيٺ لهندو“،

چيم ته ”وصل ٿيندو؟“

چيائين ته ”ٿي نه سگهندو“!

چيم ته ”قصد ڪهڙو؟“

چيائين ته”جيئن نيلوفر“،

چيم ته”کول مک کي“،

چيائين ته ڀنؤئر ڀلندو“!

چيم ته”رت بهاري!“

چيائين ته ”خوب معلم“،

چيم ته”بلبل اڄ-“

چيائين ته ”گل لءِ ايندو“.

چيم ته ”گل سان آهي –“

چيائين ته ”خار شامل“،

چيم ته ”وصل ڪيئن ٿئي؟“

چيائين ”طواف ٿيندو“!

چيم ”شمع سان ڇا آهي؟“

چيائين ته ”گرد ڪاري“،

چيم ”پتنگ ڦري ٿو“،

چيائين ”شهيد ٿيندو“!

چيم ته ”گدا ٿي ايندس“،

چيائين ته ”ڪهڙو احتياج“،

چيم ته ”بيک گهرجي“،

چيائين ته ”دان ٿيندو“.

چيم ته ”آرزو آهه“،

چيائين ته ”صاف ٿي تون“،

چيم ته ”ڪوئي ديدار“،

چيائين ته ”شيرل“ ٿيندو!“

 


 

مقبول صديقي

 

رحيمداد خان مولائي شيدائي

 

مير رحيمداد خان (مولائي شيدائي)، بن شير محمد خان، بن مير رحيمداد خان، بن مير محمد جمع خان، اصل بلوچستان ۾ مستونگ جي ويجهو هڪ ڳوٺ جو رهاڪو آهي. اتي مير محمد جمع خان (سندس تڙ ڏاڏو) کي انعاماتي زمين مليل هئي(1)، جنهن تي سندن گذر سفر هوندو هو. سن 1839ع ۾، پهرين افغان جنگ وقت، انگريزن، ڪابل فتح ڪرڻ کان پوءِ، جنرل قلشائر کي توبخاني سميت قلات تي چاڙهي مڪو. ان لڙائيءَ ۾ مير محراب خان ثاني، ٽيپو سلطان وانگر وڙهندي ”ميريءَ“(2) تي شهيد ٿيو، ۽ انگريزن مير شاهنواز خان کي ناجائز طور تخت تي ٿاڦيو. انگريزي فوجن، ويندي ۽ ايندي، بلوچستان کي ايتريقدر ته لٽيو جو قلات علائقي جي اقتصادي حالت نهايت خطري ۾ پئجي ويئي: امير سُڃا ٿي ويا، ۽ سڃا بکن ۾ ساهه ڏيڻ لڳا. انهيءَ ايتريءَ ۽ افراتفريءَ سببان، ڪيترا بلوچ ۽ بروهي، قلات ڇڏي، روزگار جي تلاش لاءِ سنڌ ڏانهن روانا ٿيا. مولائي صاحب جو ڏاڏو مير رحيمداد خان پڻ وطن مالوف کي خيرباد چئي سنڌ ڏانهن آيو، ۽ اچي سيوهڻ جي شهر ۾ وارد ٿيو. اهڙيءَ طرح، قدرت هڪ مايه ناز هستي قلات کان سنڌ موڪلي ڏني. اتي ڪجهه وقت اتان جي عباسي قاضين وٽ مهمان ٿي رهڻ کان پوءِ، ڪوٽڙيءَ جي ڀرواري ڳوٺ ”نانگي جي لين“ ۾ اچي قيام ڪيائين. اتي اڳيئي ڪي بروهي رهندا هئا، جن منجهان هڪ عورت سان شادي ڪري ويهي رهيو. مولائي صاحب بروهين جي شهواڻي(1) سهري زئي قبيلي جو فرد آهي.

مولائي صاحب جو والد بزرگوار، مرحوم مير محمد خان، ’نانگي جي لين‘ ۾ ڄائو هو. جڏهن انگريزن سن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، تڏهن مير رحيمداد خان بلوچي پلٽڻ ۾ ڀرتي ٿيو، ۽ مولائي صاحب جو نانو مير سردار خان پڻ ’اُٺ – ٻاتري‘ (Camel-corps) ۾ ڀرتي ٿيو. سنڌ ڏانهن هجرت ڪري اچڻ سبب کين هڪڙو فائدو هيءُ به حاصل ٿيو، جو مولائي صاحب جو والد ماجد اسڪول جي تعليم حاصل ڪرڻ لڳو، ۽ تعليم مليل هئڻ سبب، جڏهن ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين شروع ٿي، تڏهن هن کي لوڪوشيڊ ۾ فائرمئن جي نوڪري ملڻ ۾ ڪو نه اٽڪاءُ ڪو نه ٿيو. ان عرصي ۾، مير رحيمداد خان به حوالداريءَ جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ فوج مان رٽاير ٿي ويو هو. ٻي افغان ويڙهه وقت جڏهن ريلوي لائين ڪوئٽيا تائين پهچي وئي هئي، تڏهن مولائي صاحب جو والد بزرگوار مير شير محمد خان فائرمين مان ترقي ڪندي وڃي انجن ڊرائيور جي عهدي تي پهتو. ان کان پوءِ، جڏهن ريلوي لائين کي ملتان سان ڳنڍيو ويو، تڏهن مير شير محمد خان کي بدلي ڪري سکر جي انجن شيڊ ۾ رکيو ويو. کيس خداتعاليٰ ان وقت ٻه پٽ عطا ڪيا هئا، پر اهي طفليءَ ۾ ئي فوت ٿي ويا. ان اندوهناڪ حادثي کان پوءِ مير شير محمد خان گهڻو مغموم ۽ پريشان رهندو هو، ۽ اڪثر پيرن فقيرن کان اولاد لاءِ دعائون گهرندو وتندو هو.

مير رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌ جي پوڙهي مؤرخ، سن 1894ع ۾، سکر ۾ هڪ ٻروچڪي جهوپڙيءَ اندر جنم ورتو. پر، جيئن ته ستن مهينن جو ڄاول هو، تنهنڪري تمام نحيف ۽ ڪمزور هو ۽ اڃا اکيون به ڪو نه کوليون هئائين – ايتريقدر جو هن کي ڪپهه ۾ ويڙهي کڻندا هئا. هڪڙي دفعي مولائي صاحب جو والد سماع جي ڪنهن مجلس ۾ محو هو، ته اوچتو سندس هڪڙي پاڙيسريءَ اچي کيس خبر ڏني ته مولائيءَ اکيون ڦيريون آهن ۽ سندس حالت بلڪل بدلجي وئي آهي. مولائي صاحب جو والد گهٻرائجي ان محفل مان اُٿڻ لڳو، ته ايتري ۾ هڪ مجذوب فقير، جو ان محفل ۾ موجود هو، تنهن چيس ته ’مڙئي خير ٿيندو، ڇوڪري جي عمر وڏي آهي ۽ تون محفل مان وڃڻ جي نه ڪر‘. مير شير محمد خان، مجذوب جي چوڻ تي يقين ڪري ويهي رهيو. مجلس ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن گهر پهتو، ته ننڍڙي ”مولائي“ کي بلڪل چاڪ چوبند ڏٺائين.

مولائي صاحب جي والده جي مرضي هئي ته سندس سڪيلڌو فرزند ’مولوي‘ ٿئي؛ ڇو ته انهن ڏينهن ۾ ملن ۽ مولوين کي وڏي قدر ۽ عزت جي نگاهن سان ڏٺو ويندو هو. ان ڪري، مولائيءَ کي غريب آباد سکر ۾ آخوند خدابخش ابڙي جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن ”قاعده بغدادي“ پورو ڪيو. پر جيئن ته آخوند صاحب جلد ئي وفات ڪري ويو، تنهنڪري مولائي کي پوءِ آخوند عبدالحڪيم ڀُٽي جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جيڪو ان وقت غريب آباد جي مشهور ’اڇي مسجد‘ سان شامل ۽ ملحق هوندو هو. اتي قرآن شريف جا ڏهه سيپارا ختم ڪري، اڃا ”ڪريما“ ۽ ”پندنامہ عطار“ مس شروع ڪيو هئائين، جو سندس والد هن کي اتان ڪڍي اچي سنڌي اسڪول ۾ ويهاريو؛ ڇو ته سندس والد بزرگوار ويچارڻ کان پوءِ اهو ئي بهتر سمجهيو ته ڇوڪري کي جديد تعليم ڏيارجي. جيئن ته سندس والد مذهبي تعليم جو پڻ حامي هو، تنهنڪري پاڙي جي هڪ پوڙهيءَ عورت کي مقرر ڪيائين، جا روز اچي مولائيءَ کي قرآن حڪيم جي تعليم ڏيئي ويندي هئي. جيئن ته مولائي هاڻي عربي ۽ فارسي زبان مان ڪي قدر واقف ٿي چڪو هو، تنهنڪري سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ هن کي ڪا به رنڊڪ نه ٿي.

سنڌي چوٿين درجي ۾ پهچڻ کان پوءِ، مولائيءَ کي مطالعي جو شوق پيدا ٿيو، جيڪو ڪجهه عرصي کان پوءِ ته صفا جنوني ڪيفيت اختيار ڪري ويو. حالت اها هئي جو گهران جيڪا به خرچي ملندي هيس، اها ڪتابن جي خريديءَ تي صرف ڪري ڇڏيندو هو. تن ڏينهن ۾ مسٽر پوڪرداس شڪارپور واري ۽ هريسنگهه سکر واري جا ٻه ڪتبخانا سنڌ ۾ مشهور هئا، ۽ انهن ڪتبخانن جا گهڻي ڀاڱي ڪتاب لاهور جي ليٿو پريسن مان ڇپايا ويندا هئا: انهن ڪتبخانن جي ڇپايل ڪتابن مان مولائي صاحب کي جيڪي به ڪتاب سٺا لڳا اهي سڀ آهستي آهستي خريد ڪري انهن جو مطالعو ڪرڻ لڳو. ان زماني ۾ مولائي صاحب فقط افسانوي ڪلاسيڪي ادب ۽ نيم تاريخي قصن ڪهاڻين سان ئي شغف رکندو هو ۽ انهن جو ئي اڀياس ڪيائين – جهڙوڪ الف ليليٰ، گل بڪاؤلي، داستان امير حمزه، فسانه عجائب، ليليٰ مجنون، يوسف زليخا، وغيره وغيره. انهن ڪتابن مولائي صاحب جو سڀ کان وڌيڪ پسنديده ڪتاب ”داستان امير حمزو“ هو - ۽ آهي. مولائي صاحب جي چوڻ مطابق هن اهو ڪتاب ايترا دفعا پڙهيو، جو کيس ياد نه آهي ته ڪيترا دفعا ”پُڄائي“ چڪو آهي. (ممڪن آهي مولائي صاحب هن وقت به ڪڏهن ڪڏهن ان ڪتاب کي پڙهندو رهندو هجي، ڇو ته راقم الحروف اهو ڪتاب سندس لئبريريءَ ۾ موجود ڏٺو آهي!)

علم تاريخ سان شوق جي ابتدا. چار درجا سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ، مولائي صاحب سکر جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي هن ڇهين درجي انگريزيءَ تائين تعليم حاصل ڪئي. چوٿين درجي انگريزيءَ ۾ سندس تاريخ جو استاد مسٽر هيمراجاڻي ٽلٽيءَ وارو – جو راءِ بهادر ديوان ڪؤڙيمل جو ڏياٽو هو – مولائي صاحب جي تاريخدانيءَ ۽ سندس تحقيقي جوهر کي ڏسي کيس خانگي وقت ۾ تاريخون پڙهائيندو رهيو، ۽ مسٽر جهامنداس ڊرائينگ ٽيچر، مولائي صاحب جي هٿ جي صفائيءَ کي ڏسي، کيس واند ڪائيءَ جي وقت پنهنجي گهر ۾ ڊرائينگ سيکارڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ اسڪولن ۽ مدرسن جا استاد جڏهن ڪنهن شاگرد کي ڪنهن مضمون ۾ ڀڙ ڏسندا هئا، ته ان سان نهايت پيار ۽ پريت وارو ورتاءُ ڪندا هئا، ۽ کين سواءِ ڪنهن اُجوري وٺڻ جي وڌيڪ چمڪائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اوهان اهو ٻڌي شايد اچرج ۾ پئجي وڃو ته پنجين درجي انگريزيءَ ۾ مولائي صاحب کي سندس تاريخ جي استاد مسٽر هيمراجاڻي، آچيبالڊ ايليسن جا انقلاب فرانس متعلق سڀ جلد، ۽ جي. بي. ماليسن جي لکيل تاريخ ”غدر 1857ع“ جا سڀ جلد پڙهايا هئا. ان طالبعلميءَ جي زماني ۾ به مولائي صاحب کي علم تاريخ تي ايتري دسترس حاصل هئي، جو سالياني امتحان جي وقت، ممتحن، تاريخ جي جوابي پيپر تي، مارڪن ڏيڻ بجاءِ، Excellent لکندا هئا!

اخبار ۽ ڪتب بينيءَ جو شوق. مولائي صاحب کي اسڪولي زندگيءَ کان وٺي ڪتابن ۽ اخبارن جي باقاعدي مطالعي جو شوق هو. هو پنهنجي وقت جو وڏو حصو مطالعي تي صرف ڪندو هو. هن وقت، جڏهن مولائي صاحب جي عمر ٽيهٺ ورهيه آهي، تڏهن به جڏهن راقم الحروف سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندو آهي ته کيس ڪنهن نه ڪنهن اخبار يا ڪتاب جي اڀياس ۾ مشغول ڏسندو آهي - ۽ اهو ئي هڪڙو شغل آهي، جنهن جي مدد سان هو پنهنجي باقي زندگيءَ جي هر ڏينهن جي صبح کي شام جي ويجهو پهچائيندو رهي ٿو.

طالبعلميءَ جي زماني ۾ مولائي صاحب جن سنڌي اخبارن کي وڌيڪ دلچسپيءَ سان پڙهندو هو، اهي هيون ”الحق“ ۽ ”آفتاب“، جي ٻئي سکر مان شايع ٿينديون هيون، ۽ ”آفتاب“ جو ايڊيٽر، سنڌ جو مشهور معروف اديب ۽ شاعر، مرحوم شمس الدين ”بلبل“ هو. مٿين ٻنهي اخبارن کي سواءِ ڪجهه خرچ جي پڙهڻ جو موقعو ميسر ڪرڻ خاطر، مولائي صاحب انهن اخبارن جي دفترن ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن وڃي بنا اجوري ڪم ڪندو هو. ان کان سواءِ، هو سکر جي مشهور جنرل لئبرريءَ ۾ به روز شام جو ويندو هو، ۽ وڃي ڏيهي توڙي پرڏيهي سڀني اخبارن جو باقاعدي مطالعو ڪندو هو. جنرل لئبرريءَ ۾ ان وقت انگريزي زبان ۾ ئي پنج هزار کن ڪتاب موجود هئا، ۽ اتي ٻاهرين ملڪن جون سڀ اخبارون ۽ رسالا باقاعدگيءَ سان ايندا رهندا هئا. مولائي صاحب جي اخبار بينيءَ جي شوق جو اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو جو هو ان زماني ۾، پنهنجي خرچيءَ مان پئسا جوڙي، يوروپين ريلوي انسٽيٽيوٽ لئبرري ۽ سول يوروپين انسٽيٽيوٽ سکر جي لئبررين کي منٿ ميڙ ڪري، کانئن گهٽ قيمت تي پراڻا انگريزي رسالا ۽ مخزنون خريد ڪري ايندو هو، ۽ فراغت جو سمورو وقت گهر ۾ ويهي انهن کي پڙهندو رهندو هو!

اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ ذريعي حالات حاضره جي مطالعي ۽ مشاهدي ڪرڻ سان گڏوگڏ، مولائي صاحب ماضيءَ جو مطالعو به زور شور سان جاري رکندو آيو – يعني تاريخ جي ڪتابن کي به خوب گهوٽي پيئندو رهيو. ائين به نه آهي ته هو صاحب فقط علم تاريخ حاصل ڪندو رهيو ۽ صرف اهڙي قسم جي خشڪ ڪتابن جو ئي ڪيڙو هو، پر ان سان گڏ هو گاهي بگاهي، تفنن طبع خاطر، افسانوي ادب به پڙهندو رهيو، جنهن جو ذڪر مٿي به ڪنهن هنڌ اچي چڪو آهي. اهڙي قسم جي افسانوي ڪتابن مان ”داستان امير حمزه“ سندس پسنديده ترين ڪتاب رهيو آهي. خود مولائي صاحب هڪ دفعي چيو هو ته ’اهو ئي ڪتاب آهي، جنهن پهريائين پهريائين منهنجي طبع جي رجحان کي علم تاريخ ڏانهن موڙيو، ۽ منهنجي مؤرخ بنجڻ جو ابتدائي محرڪ شايد اهو ئي ڪتاب آهي‘. (آهي مڙئي ڪجهه عجب جهڙي ڳالهه!)

ريلوي جي ملازمت. سن 1913ع ۾، ڇهه درجا انگريزي پڙهڻ کانپوءِ، مولائي صاحب، اسڪول کي خيرباد چئي، وڃي روهڙيءَ جي انجن شيڊ ۾ فائرمئن ڀرتي ٿيو، جتان هن کي ستت ئي ترقي ڏيئي ريلوي ٽرئفڪ کاتي ۾ ٽرين – ڪلارڪ مقرر ڪيو ويو. مولائي صاحب جيئن ته جسماني طور مضبوط ۽ خوبصورت نوجوان هو، تنهنڪري ڪجهه عرصي گذارڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ ٽرئفڪ آفيسر کيس اڃا به ترقي ڏيئي، روهڙي اسٽيشن تي 56 روپين پگهار سان يارڊ – فورمئن مقرر ڪيو. اهڙي نموني، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مولائي صاحب نوڪريءَ ۾ به ترقي ڪندو رهيو، ۽ يارڊ – فورمئن مان سيڪنڊ گارڊ، ۽ پڇاڙيءَ ۾ سيڪنڊ گارڊ مان وڃي گارڊ جي عهدي کي رسيو.

مولائي صاحب جنهن صورت ۾ پاڻ به هڪ مزدور مان وڌندي وڃي ان حيثيت کي پهتو هو، ۽ جيئن ته هو مزدورن جي مسئلن مان چڱيءَ پر واقف هو ۽ انهن جي تڪليفن جو هن کي احساس هو، تنهنڪري پنهنجي ملازمت جي سموري عرصي ۾ کيس ريلوي جي مزدورن ۽ ٻين هيٺانهين درجي ملازمن سان دلي همدردي رهي. هو انهن جي وقتي ضرورت کي پوري ڪرڻ کان هرگز ڪين ڪيٻائيندو هو، ۽ انهن جي هر طرح امداد ۽ دلجوئي ڪرڻ پنهنجو اولين فرض تصور ڪندو هو. ايتريقدر، جو انهن کي درخواستون به پاڻ هٿ سان لکي ڏيندو هو. نه صرف اهو، پر انهن جي سفارش ۽ وڪالت ڪرڻ لاءِ بالا آفيسرن وٽ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي پاڻ ڌوڪي ويندو هو، ۽ مراد برثواب نه ٿيڻ جي حالت ۾، ڪڏهن ڪڏهن ته انهن سان چوٽون به کائي ويهندو هو. ان باري ۾ سندس دوست کيس گهڻو ئي سمجهائيندا هئا، پر مولائي مڙس آهي هڪ خاص قسم جي مٽيءَ جو ٺهيل، سو ڪٿي ٿو مُڙي! سندس اها روش ملازمت جي سڄي عرصي ۾ نه بدلي. مولائي صاحب ريلوي جي مزدورن ۾ ايترو ته معزز ۽ مقبول رهيو، جو هو جنهن به اسٽيشن تي پهچندو هو ته ريلوي جا هڙئي مزدور هلي اچي سندس آجيان ڪندا هئا. باقي، ريلوي جا اڪثر بالا عملدار سندس جولاني طبيعت سبب سندس مخالف هوندا هئا – پر کانئس خائف رهڻ سبب اُهي ان جو کليل اظهار به نه ڪندا هئا. اهڙي نا اتفاقيءَ هوندي به ريلوي جي عملدارن ۾ مولائي صاحب ڪمال عزت سان ڏٺو ويندو هو، ۽ کين مٿس پورو پورو اعتماد رهيو. جڏهن انگلنڊ کان ڪو وفد يا شاهي خاندان جو ڪو فرد هندوستان ايندو هو، ته ريلوي اختياري وارا انهن جي اسپيشل ٽرين ۾ خاطر خواهه ۽ معقول انتظام رکڻ لاءِ مولائي صاحب کي به ضرور صلاحڪار ڪري کڻندا هئا – مثلاً، لائڊ بيراج کلڻ وقت گورنر جي اسپيشل ٽرين سان مولائي صاحب کي ئي لڳايو ويو؛ هندوستان جو وائسراءِ لارڊ اِرون جڏهن جهجها عباسيان (رياست بهاولپور) ۾ شڪار کيڏڻ آيو، ته سندس اسپيشل ٽرين سان مولائي صاحب کي لڳايو ويو؛ پرنس آف ويلس (جو پوءِ ايڊورڊ اٺين جي نالي سان تخت تي ويٺو) جڏهن راولپنڊيءَ ۾ رايل ٽورنامينٽ کيڏڻ آيو، ته ان جي اسپيشل ٽرين سان مولائي صاحب گڏ هو؛ ۽ وري جڏهن سائمن ڪميشن ڪراچي پهتي ته سندن اسپيشل ٽرين سان به مولائي صاحب کي ئي لڳايو ويو. انهن ٿورڙن مثالن مان واضح ٿي وڃي ٿو ته ريلوي اختياريءَ وارن کي مولائي صاحب تي ڪيتريقدر اعتماد هو، ۽ سندس لياقتن ۽ اهليتن کان اهي ڪيتريقدر متاثر هئا.

شادي. مولائي صاحب، سن 1919ع ۾، جڏهن هو اڃا يارڊ – فورمئن جي عهدي تي هو، شادي ڪئي. ان شاديءَ مان کيس جملي ڇهه ٻار ٿيا، پر رب جي رضا سان اهي سڀ هڪٻئي پٺيان فوت ٿي ويا. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس گهر واريءَ به چالاڻو ڪيو. ان کان پوءِ مولائي صاحب ٻي شادي ڪئي، جنهن مان هڪ نياڻي پيدا ٿي، جا خدا جي فضل سان حال حيات آهي؛ باقي نرينو اولاد ڪو نه ٿيو. البت کيس ٻه اڳ – ڄاوا فرزند آهن، جي ٻئي لائق فائق ۽ تمام چڱن عهدن تي فائز آهن؛ مولائي صاحب سان سندن ورتاءُ نهايت ئي فرمانبردارانه ۽ بر خوردارانه آهي.

”مولائي شيدائي“ نالو ڪيئن پيو. ريلوي گارڊيءَ جي زماني ۾، مولائي صاحب پنهنجي فرصت جون گهڙيون سکر جي اخبار ”ستاره سنڌ“ جي آفيس ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ وٽ گذاريندو هو، جو ان اخبار جو ايڊيٽر هو. هڪ دفعي ”ستاره سنڌ“ جي آفيس ۾ مولائي صاحب جڏهن پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ مولانا دين محمد صاحب وفائي مرحوم سان ڪچهري ڪري رهيو هو، ته ڳالهين ڳالهين ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ، مولائي صاحب کي صلاح ڏني ته جيئن ته هو هڪ سرڪاري ملازم هوندي اخبارن ۾ مضمون لکي رهيو آهي، جا ڳالهه حڪومت جي نظر ۾ ڪنهن حد تائين اعتراض جوڳي آهي، تنهنڪري وقت جي تقاضا اها آهي ته هو پنهنجي اصلي نالي سان اخبارن ۾ طبع آزمائي ڪرڻ بدران ڪو فرضي نالو اختيار ڪري. وقت جي نزاڪت کي ڏسندي، جيئن ته راشدي صاحب جي اها تجويز نهايت ئي معقول هئي، تنهنڪري مولائي صاحب قبول ڪئي، ۽ ان سان گڏ کين پنهنجي لاءِ ڪو فرضي نالو تجويز ڪرڻ لاءِ پڻ استدعا ڪيائين. ان تي پير علي محمد شاهه راشديءَ، سندس فقيرانه ۽ دلچسپ طبيعت کي مدنظر رکي، هن لاءِ ”مولائي“ جو تخلص تجويز ڪيو؛ پير حسام الدين شاهه راشديءَ جو خيال هو ته هن لاءِ ”شيدائي“ تخلص وڌيڪ موزون رهندو؛ مگر هڪڙو مولانا دين محمد وفائي مرحوم ئي هو، جنهن جي دماغ ۾ گهڻي ويچار ڪرڻ کان پوءِ به مولائي صاحب لاءِ ڪو ٻيو موزون تخلص نه آيو. هوڏانهن وري راشدي برادران ڪنهن به هڪ تخلص تي متفق ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا، ۽ هرهڪ پنهنجيءَ جاءِ تي هوڏيو بيٺو هو، تنهنڪري ان تنازعي کي طي ڪرڻ لاءِ مولانا دين محمد صاحب وفائي مرحوم پنهنجي طرفان رٿ پيش ڪئي ته ’ڇونه ٻئي اختيار ڪيا وڃن – بعنيٰ ”مولائي شيدائي“‘. اها رٿ سڀني ڌرين کي پسند آئي، ۽ ان ڏينهن کان مير رحيمداد خان جو قلمي نالو ڦري ”مولائي شيدائي“ ٿي ويو.

اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون نگاري. سن 1930ع ۾، هندن طرفان هلايل سنگٽن ۽ شڌي تحريڪ واري زماني ۾، جڏهن مولانا دين محمد وفائي ڪراچيءَ مان رسالو ”توحيد“ جاري ڪيو، ته مولائي صاحب جا تاريخي مضمون ۽ مقالا پهرين پهرين ان ۾ شايع ٿيڻ لڳا، ۽ اهو ئي رسالو هو، جنهن مولائي صاحب جي شهرت جو شعاع هر هنڌ پکيڙي ڇڏيو. انهن ڏينهن ۾ هڪ هندو اخبار لکيو ته شهنشاهه شاهجهان جي راڻي ممتاز محل ’هندواڻي‘ هئي. ان سلسلي ۾ مولانا وفائي مرحوم، بذات خود مولائي صاحب جي گهر (روهڙيءَ ۾) پهچي کانئس ممتاز محل جي باري ۾ هڪ مضمون لکرايو، جو بعد ۾ ”توحيد“ ۾ شايع ڪيائون. ان مضمون سنڌ جي مسلمان عوام ۾ ايتريقدر ته مقبوليت حاصل ڪئي، جو هنن مولائي صاحب جي تعارف لاءِ ”توحيد“ کي خطن مٿان خط لکڻ شروع ڪري ڏنا. آخر عوام جي پرزور تقاضا کان مجبور ٿي، مولانا دين محمد صاحب وفائيءَ، مولائي صاحب جو هيٺين لفظن ۾ تعارف ڪرايو:

”شيدائي صاحب، منهنجو هموطن، سکر جو رهاڪو نوجوان آهي. هن کي تمام گهڻي عرصي کان اسلامي تاريخ جي مطالعي جو شوق رهندو ٿي آيو – تان جو پنهنجي تنخواهه جو وڏو حصوتاريخ جي ڪتابن جي خريد ڪرڻ، ۽ فراغت جو وڏو حصو ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ ۾ خرچ ڪيو اٿس. ٻن ٽن سالن کان وٺي هو اسلامي بادشاهن ۽ اسلامي ملڪن جي سنڌي زبان ۾ تاريخ لکي رهيو آهي. هن وقت هن هڪ وڏو جلد بني اميه ۽ بني عباس جي حالات تي لکيو آهي، جو تاريخي نقطه نظر کان هڪ بينظير ۽ بيحد جامع ڪتاب آهي. الله تعاليٰ اسان جي دوست شيدائيءَ کي پنهنجي ارادي ۾ ڪامياب فرمائي! ڏاڍي قدر ڪرڻ جي لائق خدمت ڪري رهيو آهي. مولائي شيدائي ’توحيد‘ لاءِ وقت بوقت تاريخي مضمون لکڻ جو واعدو فرمايو آهي، جن مان پهريون مضمون فبروري 1934ع ۾ ممتاز محل تي پڌرو ٿي چڪو آهي. هن پرچي ۾ سنڌو نديءَ تي مضمون اوهان جي سامهون آهي. مون کي يقين آهي ته اڳ سنڌي زبان جي دامن اهڙن مضمونن کان خالي رهندي آئي آهي.“

(”توحيد“، ڪراچي: اپريل، 1934ع)

مولائي صاحب جو مٿئين نموني تعارف ڪرائي، مولانا وفائي مرحوم ”توحيد“ جي پڙهندڙن ۽ مولائيءَ جي معتقدن کي مطمئن نه ڪري سگهيو، جنهنڪري انهن مولائي جي وڌيڪ تعارف جي پُرزور گهُر ڪئي. مولانا وفائي مرحوم ٻيو دفعو مولائي صاحب جو تعارف هن طرح ڪرايو:

”حضرت مولائي صاحب بابت ڪيترن صاحبن پاران پڇيو ويو آهي ته هو ڪير آهي، ۽ ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آهي. ان بابت گذارش آ هي ته رحيمداد خان نالي، سکر جو رهاڪو، اسان جو هموطن، هڪ مرد مولائي قلندر آهي، جو علم تاريخ جي شوق ۾ شيدا ٿيل آهي. ريلوي جي ملازمت ۾ هفتي ۾ چار ڏينهن سفر ۽ ڊڪ ڊوڙ ۾ رهڻ هوندي به جيڪو وقت کيس واندڪائي نصيب ٿيندي آهي، سو سمورو ڪتابن جي مطالعي ۽ مضمونن لکڻ ۾ خرچ ڪندو آهي. هن جي جيتري به اُپت آهي، ان مان عيالداريءَ جي قُوت لا يموت کان جيڪا به بچت ٿيندي اٿس، سا ڪتابن جي خريد ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيندو آهي، جن جو وڏو حصو فقط تاريخ تي آهي. شيدائي ايتريقدر تاريخدان آهي، جو هوند کيس ’مجسمئه تاريخ‘ چئجي ته بلڪل روا آهي. سنڌ ۾ شيدائيءَ جي پايي جا علمي مذاق رکندڙ ۽ علمي زندگي گذارڻ وارا تمام ٿورا آهن. اسان پڪو ارادو ڪيو آهي ته ’توحيد‘ جا صفحا شيدائيءَ جي تاريخي مضمونن لاءِ کليا رکيا ويندا.“

(”توحيد“، ڪراچي: آڪٽوبر، 1934ع.)

ان واقعي کان اٽڪل هڪ ورهيه اڳ، پير علي محمد شاهه راشديءَ، سکر مان پنهنجي زير ادارت نڪرندڙ اخبار ”سنڌ زميندار“ ۾، مولائي شيدائي صاحب جو هيٺينءَ ريت تعارف ڪرايو هو:

”عام مؤرخن پنهنجي ڪتابن ۾ فقط باشاهن جي جنگين جي احوالن ڏيڻ سان انهن تصنيفن کي فقط ’جنگنامو‘ بڻائي ڇڏيو آهي؛ مگر شيدائيءَ، تير ۽ تفنگ جي قصي سان گڏ، هر هڪ زماني جي ماڻهن جي سوشل ۽ پوليٽيڪل حالت، ماڻهن جي ذهني رجحان ۽ مذهبي اعتقادن تي به بحث ڪيو آهي. قومن ۽ ملڪن جي تاريخن کي اوستائين مڪمل چئي نه سگهبو، جيستائين بادشاهي جنگين سان گڏ انهن ڳالهين جو احوال نه ڏنو ويو هوندو. اسين خوشيءَ سان ان ڳالهه جي تصديق ڪيون ٿا ته شيدائي صاحب ان نڪتئه اهميت کي پوريءَ طرح محسوس ڪيو آهي.“

(”سنڌ زميندار“، سکر:15 نومبر، 1933ع)

اهڙيءَ طرح، مولائي شيدائي جي تاريخدانيءَ جي شهرت هنڌين ماڳين پکڙجي ويئي، ۽ ان زماني کان وٺي اڄ تائين هر سنڌي اخبار يا رسالي لاءِ سندس مضمون يا مقالو باغث فخر سمجهيو ويندو آهي ۽ هر علم دوست ان جي مضمونن کي نهايت دلچسپيءَ ۽ ذوق شوق سان پڙهندو رهي ٿو. سندس شهرت جي حد اتي ختم نٿي ٿي وڃي، پر پاڪستان جا معياري علمي اردو رسالا ۽ مخزنون به سندس پُر مغز علمي ۽ تحقيقي مضمون ۽ مقالا وڏي فخر سان شايع ڪن ٿيون – بلڪ بلوچستان جي اڪثر سنڌي ۽ اردو رسالن مولائي صاحب کي ’علامه‘ تسليم ڪيو آهي. اهو وڌاءُ نه آهي: بلوچستان جا علم دوست حضرات ۽ صحافي، مولائي صاحب کي علامه جي لقب سان نوازڻ ۾ هن طرح حق بجانب آهن، جو اها هڪ حقيقت آهي ته بلوچستان جي تاريخ مان جيتري واقفيت مولائي صاحب رکي ٿو، اوتري ڪو ٻيو ورلي رکندو هوندو. هن وقت ته مولائي صاحب سياسي قسم جا مقالا به لکڻ شروع ڪيا آهن، جي پڻ دلچسپيءَ کان خالي نه هوندا آهن.

ملازمت کان رٽاير. مولائي صاحب سن 1939ع ۾ نوڪريءَ کان رٽاير ڪيو. کيس پراويڊنٽ فنڊ وغيره جا اٺ هزار روپيا مليا، جن مان هن صاحب سکر جي هڪ نظاريدار ٽڪريءَ King,s Hill  جي پرسڪون ايراضيءَ ۾ پنهنجي هڪ ننڍي پر عمدي جاءِ جوڙائِي، ۽ ڪجهه رقم ٻارن جي شادين تي خرچ ڪري ڇڏي. مولائي صاحب هن وقت به ان جاءِ ۾ رهندو آهي.

شعر و شاعري. مولائي صاحب کي شعر و شاعريءَ سان شاگرديءَ واري زماني کان وٺي لڳاءُ رهيو آهي. ان زماني ۾ وقت جي مشهور سنڌي خواهه اردو شاعرن جو چيدو چيدو ڪلام گڏ ڪرڻ به سندس شغلن ۾ شامل هو. هن وقت به مولائي صاحب کي تقريباً سڀني اردو خواهه سنڌي چوٽيءَ جي شاعرن جو ڪجهه نه ڪجهه ڪلام ياد آهي.

طالبعلميءَ واري زماني ۾، مولائي صاحب کي سندس هڪ هم – جماعت دوست سيد علي رضا شاهه يمنيءَ (جو هن وقت به حيات آهي، ۽ سکر جي مشهور ۽ ڪامياب ڊاڪٽرن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو) وٽان ”سخن بي نظير“ نالي هڪ ڪتاب مليو، جنهن ۾ ان دور جي مشهور اردو شاعرن جو منتخب ڪلام گڏ ڪيو ويو هو. ان ڪتاب جي ديباچي ۾ شاعريءَ جي فن تي سير حاصل بحث ڪيو ويو هو. ان شعري مجموعي ۽ سندس ديباچي کي ڌيان سان پڙهڻ کان پوءِ مولائي صاحب کي شاعريءَ جي فن بابت تمام گهڻي واقفيت حاصل ٿي، ۽ هو کري کوٽي شعر ۾ فرق به محسوس ڪرڻ لڳو. ان سان گڏ، مولائي صاحب کي شعر چوڻ جو شوق پڻ جاڳيو، ۽ هن تڪبندي شروع ڪري ڏني. پر، جيئن ته سندس شعر بلڪل ڪچو ۽ ڦڪو هوندو هو، ان ڪري ڪنهن به دوست سندس همت افزائي نه ڪئي؛ جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو جيترو جلدي هن تي شعر چوڻ جو جنون سوار ٿيو هو، اوترو جلدي ختم به ٿي ويو!

هڪ وڏي عرصي گذري وڃڻ کان پوءِ، ريلوي جي نوڪريءَ واري آخري زماني ۾، کيس وري ساڳيو شاعريءَ جو جنون اچي دامنگير ٿيو: پر هينئر سندس فڪر ۾ پختگي اچي چڪي هئي، ۽ سندس ڪلام کي ادبي حلقن ۾ ساراهيو ويو، جنهن سبب هن جي همت وڌي ۽ هو وڌيڪ تيزيءَ سان طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. ليڪن اها جنوني ڪيفيت به گهڻي سٽ نه جهلي سگهي، ۽ سال ٻن اندر پنهنجو پاڻ سرد ٿي ويئي. ان سال ٻن جي اندر مولائي صاحب جي زودگو طبع جي طفيل ڪافي ڪلام ڪٺو ٿي ويو هو. پر افسوس جو مولائي صاحب جنهن اهتمام سان شعر چيو، ان اهتمام سان پنهنجي شعر کي سانڍيو ڪونه، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت سندس شعر جو تمام وڏو حصو غائب يا ضايع ٿي چڪو آهي. مولائي صاحب فقط غزل يا نظم ئي ڪو نه چيا آهن، پر شاعريءَ جي ٻين به ڪيترين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس، جن مان ڪافي، بيت ۽ گيت قابل ذڪر آهن. مولائي صاحب هنديءَ جو پڻ ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي، جنهن جو مثال هيٺيان چونڊ سلوڪ آهن، جي رسالي ”سنڌو“ (جيڪب آباد) ۾ وقت بوقت ڇپجي چڪا آهن.

سڄڻ جي وصال جا، آءٌ ڪهڙا قول چوان،

ڪڍان تان ڪات لڳي، ماٺيان مول مران،

توڙي سچ چوان، ته به مٺيان لڳي لوڪ کي.

گوڪل ۽ گرنار جا، سنگ سڀيئي ٽوڙ،

جي رنگ اندر رتڙيا، تن سان جيءُ جوڙ،

مدن منوهر سپرين، هيرو جنم جوڙ،

تان مرليءَ سندو ٻول، ٻڌين بيراڳي بن ۾.

 

جوڀن جن جلايا، سي ڪڄاڙو ڪنبن؟

پوتر ٿيا پريم سين، سدا ميگهه وسن،

سي ويراڳي چئجن، جن جوت پسي جڳ ۾.

پَسي جوت جڳت ۾، جُڳ جُڳ سي جيئن،

پاڻ پراچيني هئا، سي ڪلجڳ ڪيئن لڪن؟

هلڻ هارا سپرين، شل موٽي ماڳ اچن،

مون کي پور پون، پل پل تن جي پريم جا.

 

سرچي پنهنجي من سين، وٺ گُروءَ سندو گيان،

تون املهه هئين عميق ۾، پنهنجو پاڻ سڃاڻ،

تو ۾ وڄن بانسريون، سوين ساز سامان،

مِيران خاطر من ۾، هئين ساڳيو سُرت سڄان،

جنهن نانڪ نوازيا ڪيترا، سو تون ئي سبحان،

تون خالق مالڪ ملڪ جو، تون ڪامل ڪشتيبان،

پوءِ ڪهڙو ثمر ڪاڻ، پيو ٻاڏائين ٻين کي؟

 

جن ٻاڏايو ٻين کي، سي مورک شال مرن،

دهشت سندي دم کان، ٿا ڪانئرا ڪنبن،

مورت پسي من ۾، ٿا ”شيدائي“ مُرڪن،

سي ڪيئن بيک گهرن، جن پَٺيون پاڻ پرياڳ ڏي؟

 

پوتر ٿي پرياڳ ۾، ڇڏي سڀني جو سرير،

پاڻ پڌاري پاڻ کي، ساجن ٿيو سڌير،

آلت اِن اڪير، پارس ڪيو پاڻ کي.

 

آنند رهه اکنڊسين، ڇڏ آوڌيا جو اڀمان،

انهيءَ ڪام ڪيرايا ڪيترا، سوين سورهين ٻلوان،

مايا سندي موهه ۾، توکي مڌ ڪيو مستان،

پرشوتم پراپت ڪر، شري شڪتيوان،

جيئن هڪڙي چڪر سان، جُڳ جيتين ڪيترا!

 

ڪٿا ڪيرتن ڪهڙا، ڇڏ دکن جو دوران،

تنهنجي پريم پوتر ناس ڪيا، پاپن جا پرماڻ،

ڪشٽن ڪوماڻيل آهيان، ڪر ڪوهيارل ڪلياڻ،

جڳت تياڳڻ ساڻ، هوت هٿ نا اچي.

 

ڪيرت ڪڍي قلب مان، وٺ نِيم سندو نام،

جنهن ڪُنس ڪنبايا ڪيترا، تون گوڪل سندو گام،

پر گهٽ ٿئين پرٿويءَ تي، ڇڏي برهم سندو بام،

هاڻي آڪاشي اُڏام، ته بند ٽٽني باند جا.

 

موهن تنهنجي مک جي، ڪهڙي ڪريان واکاڻ،

تو ۾ مايا موجون هڻي، تون روپي سندي کاڻ،

راس رچائي روح ۾، پرچي ڏس پاڻ،

ڪڍي ڀيد گمان، درس ڏي دلگير کي.

 

سکيا وٺي سچ جي، ڪر پرجا کي پرچار،

ته سماجون سڌير ٿين، ڪرپا سان ڪرتار،

سنمک سندر سپرين، ڪو وستر روپ پڌار،

ناٿ! نماڻي آهيان، اچي نانگا ٿي نروار،

سڀيتا سڌار، گويشور گرو ڪل جي.

 

انگ نه ڍڪ اڳڙين سين، تنهنجو شاهاڻو شان،

تو ڪيئن بن وسايو، خاڪي خاڪ مڪان،

تو نرگس چوڏس ڦلاريا، تو لالا تو ريحان،

تنهنجي در تي ديوانا ٿيا، سوين سالڪ سلطان،

توکي ويدن ويراڳي ڪيو، ٻيو گيتا جي گيان،

مون کي مڌ مستانو ڪيو، پريتم تنهنجي پيمان،

راڌا تنهنجو ڪان، مون سا ويرو صحي ڪيو.

 

سا ويرو صحي ڪيو، ڪڍي ٻيائيءَ کي هڪوار،

پيهي ويسي پاتار ۾، جتي ماڻڪ لک هزار،

سپيون ڪڍيم سوچي، عميقان اُن پار،

سڀني جي ”شيدائي“ چوي، سيد لهندو سار،

سنڌڙي ڪين وسار، مورک ڪُوڙي موهه ۾.

مورک ڪُوڙي موهه ۾، ويٺو ڪُوڙ ڪمائين ڪچ،

گهوٽ گهڙي پنهنجي گهُٽ ۾، پرواني جان پچ،

جيئن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، اندر کامي مچ،

سڀاڻي صوفي چوي، توسان ساڻس ٿيندو سچ،

انهيءَ تات پَرج، تُرت تکو ڪيو تن کي.

هاڻي مولائي صاحب جي شاعريءَ جي ٻئي (۽ شايد آخري) دور جو هڪ ابتدائي غزل به ملاحظه فرمايو، جو ڪنهن رسالي ۾ شايع نه ٿيو آهي، پر راقم الحروف کي خوش قسمتيءَ سان ڪجهه عرصو اڳ مولائي صاحب جي هڪ پراڻي نوٽبڪ ۾ درج ٿيل نظر آيو هو، جتان اُتاريو ويو آهي. هي غزل توڙي فني نقطه نظر کان ڪچو ۽ گهڻي قدر ناقص نظر اچي ٿو، پر ان مان مولائي صاحب جي فڪر جي بلند پروازيءَ جو اندازو لڳائڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

حسن جي عشقِ پيچان کان، خدارا يار توبهه ڪر،

برهه جي تيرِ پيڪان کان، خدارا يار توبهه ڪر!

 

سمجهي رک پير هن پڙ ۾، اگر آهين ذرو عاقل،

ستم جي ساز سامان کان، خدارا يار توبهه ڪر!

 

سٽين ٿو سيف زلفن جا، بڇين ٿو برهه جو بڙڇيون،

نگاهِ لوڪِ موگان کان، خدارا يار توبهه ڪر!

 

دلِ بيتاب کي زخمي ڪيو چشمن فسون گر جي،

بلاي بي درمان کان، خدارا يار توبهه ڪر!

 

سمجهي وٺ سازِ حرفت کي، شهيدِ ناز ”شيدائي“،

ازل جي پر پيمان کان، خدارا يار توبهه ڪر!

اخبارن جي ادارت. ٻي عالمگير جنگ جي زماني ۾، جڏهن مرحوم خانبهادر الله بخش سومري، پير الاهي بخش ۽ پيرزادي عبدالستار گڏجي ڪراچيءَ مان ”آزاد“ نالي سان هڪ روزاني اخبار جاري ڪئي، ته مرحوم خانبهادر الله بخش سومري، مولائي صاحب کي تار رستي ڪراچي گهرائي، کيس مٿين اخبار جو نائب ايڊيٽر مقرر ڪيو. چيف ايڊيٽر جا فرائض مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جي حوالي ڪيا ويا هئا، پر جيئن ته ان وقت آبڪلانيءَ سبب شڪارپور وارو رستو بلڪل بند پيو هو، تنهنڪري مولانا چشتيءَ جي غير حاضريءَ سبب چيف ايڊيٽريءَ جا فرائض به عارضي طور تي مولائي صاحب کي سرانجام ڏيڻا پيا. سندس معاونت لاءِ گوبند مالهي ۽ قادربخش نظاماڻيءَ کي پڻ مقرر ڪيو ويو. هڪ روزاني اخبار کي عوام ۾ مقبول بنائڻ ۽ کيس ڪاميابيءَ جي سطح تي آڻڻ جو ڪم ڏاڍو ڏکيو ٿئي ٿو، پر جيئن ته مولائي صاحب ”ستاره سنڌ“ جي زماني کان وٺي صحافت جي فن سان لهه وچڙ ۾ رهندو آيو هو، ۽ هن ان ميدان ۾ راشدي برادران کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ پرايو هئائين، تنهنڪري کيس ڪنهن به خاص تڪليف سان منهن مقابل نه ٿيڻو پيو. هن جي قلم جي خلوص ۽ گهرائيءَ تمام جلد اخبار کي عوام ۾ مقبول ڪري ڇڏيو، ۽ اخبار پنهنجو مقام حاصل ڪري ورتو. ملازمت جي دوران ۾، سڄو ادارو مولائي صاحب کي نهايت عزت ۽ احترام سان پيش ايندو هو ۽ اخبار جي سرپرستن جو ورتاءُ به ساڻس تمام سٺو ۽ تعريف جوڳو رهندو آيو. ايتريقدر، جو مولائي صاحب جي قيام ۽ طعام جو بندوبست پيرالاهي بخش جي بنگلي تي ٿيل هو. پر، جيئن ته ان اخبار جي پاليسي ڪانگريس جي حمايت ڪرڻ هئي، تنهنڪري مولائي صاحب ڪجهه عرصي کان پوءِ استعيفا ڏيئي هليو آيو.

”آزاد“ اخبار مان استعيفا ڏيڻ بعد، مولائي صاحب، حيدرآباد جي فوجي ڪارخاني ۾، جت آسام ريلوي جا گاڏا ٺاهيا ويندا هئا، نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيئن ته مولائي صاحب ان وقت به جسماني طور تي مضبوط ۽ چست هو، سندس پيش ڪيل سرٽيفڪيٽن کان متاثر ٿي، کيس معقول پگهار سان يارڊ – سپروائيزر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. هو فرصت جي وقت ۾ ملٽريءَ جي انگريز آفيسرن کي اردو به پڙهائڻ لڳو، جنهن لاءِ هن کي آفيسرن طرفان خانگي طرح ماهوار پگهار پڻ ملڻ لڳو. جنگ جو زمانو ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ هن جي اها نوڪري به پنهنجو پاڻ ختم ٿي وئي، جنهن کان پوءِ مولائي صاحب ڪجهه وقت لاءِ بلڪل گوشي نشين رهيو.

جڏهن حيدرآباد جي وڪيل مسٽر عبدالشڪور منشي حيدرآباد مان روزاني اخبار ”هلال پاڪستان“ جاري ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته سندس دوست ضياء الدين ”بلبل“، اخبار جي چيف ايڊيٽريءَ لاءِ مولائي شيدائي جو نالو تجويز ڪيو. رٿ معقول سمجهي ميان عبدالشڪور، مولائي صاحب کي گهرائي چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو. ٿوري ئي عرصي اندر، مولائي صاحب پنهنجي رات ڏينهن جي جدوجهد ۽ مٿا ڪٽيءَ ۽ ”بسمل“ ٽکڙائي مرحوم جي پرخلوص معاونت سان، ”هلال پاڪستان“ کي سياسي توڙي ادبي نقطئه نظر سان نهايت ڪامياب بنائي ڇڏيو، ۽ اها مولائي صاحب جي ڪرشمه سازي چئجي جو هڪ نئين روزاني اخبار نهايت ئي قليل مدت ۾ پنهنجي پيرن تي بيهي وئي. ”هلال پاڪستان“ جي ڪاميابي جو هڪ راز سندس ادبي حيثيت ۽ جدت طرازيءَ ۾ پڻ سمايل هو، جي ڳالهيون مولائي صاحب جي ئي رهينِ منت هيون. مثلا، اخبار جو خاص هفتيوار ايڊيشن نڪرڻ لڳو جنهن ۾ نهايت دلچسپ سياسي ۽ ادبي ڪارٽون ڏنا ويندا هئا ۽ اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته مولائي صاحب سنڌ جو پهريون جهونو صحافي آهي، جنهن سنڌي اخبارن ۾ ڪارٽون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو. وري انهن ايڊيشنن ۾ جيڪي ادبي تنقيدي مضمون ڇپجڻ لڳا، تن ادبي محفلن ۾ سرگرمي پيدا ڪري ڇڏي ۽ انهن مضمونن جو چؤٻولو هر ادبي حلقي ۾ ٿيڻ لڳو. خاص طور تي، مولانا غلام محمد ”گرامي“ ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ جي تنقيدي مضمونن ته ادب جي ميدان ۾ ڪافي هنگامو برپا ڪيو. ازان سواءِ ”طبقهء نسوان“ جي نالي سان هڪ مستقل ڪالم پڻ مخصوص ڪيو ويو، جنهنڪري سنڌي نياڻين کي ادب جي ميدان ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لاءِ به چڱو ميدان هموار ٿي مليو. ان ڏس ۾ بيبي نگهت سلطانه جي مضمونن چڱي هلچل پيدا ڪئي هئي. ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته حصو پاڪستان جي تحريڪ ۾ مولائي شيدائي جي پُر اثر قلم جو به وڏو حصو آهي؛ جو هميشہ يادگار رهندو. چيف ايڊيٽريءَ جي دوران ۾، سندس معاونت ۾ بسمل ٽکڙائي مرحوم جي علاوه عبدالڪريم سعدي، مقبول احمد ڀٽي ۽ علي محمد شيخ به ڪم ڪري چڪا آهن. افسوس آهي جو مولائي صاحب کي پنهنجي سرپرستن جي قدر ناشنائسيءَ سبب اتان به استعيفا ڏيڻي پئي. اها اخبار، جنهن جون پاڙون مولائي صاحب جي ادارت وقت چڱيون پختيون هيون، سا اڄ تائين، بهر صورت، جاري  آهي.

سنڌي يونيورسٽي جي فيلوشپ. سنڌ يونيورسٽيءَ، ابتدائي زماني ۾ سنڌين مان خانبهادر محمد صديق ميمڻ کي فيلو مقرر ڪيو هو. هن کي مهيني ۾ ٽي سو روپيا پگهار ڏنو ويندو هو. جڏهن سن 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فيلو شپ لاءِ وري چونڊ ٿيڻ لڳي، ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسيلر پروفيسر اي. بي. اي. حليم هڪ چونڊ ڪاميٽي مقرر ڪئي، جنهن ۾ علامه دائود پوٽي صاحب ۽ مولوي دين محمد وفائيءَ کي پڻ کنيو ويو هو. فيلوشپ جي ان چونڊ ۾ مولائي صاحب به اميدوار هو، جنهن جي مقابلي ۾ سروري ڪاليج هالا جو موجوده پرنسپال مسٽر محبوب علي چنا بيٺو. آخر، علامه دائود پوٽي صاحب ۽ مولوي دين محمد وفائيءَ جي راءِ موجب، مولائي صاحب، پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ لطف الله بدويءَ کي فيلو مقرر ڪيو ويو ۽ هر هڪ کي هڪ سو روپيا ماهوار پگهار مقرر ڪري ڏنو ويو. فيلوشپ جي پهرئين سال ۾ مولائي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ کي ”روضة السند“ نالي سنڌ جي تاريخي جاگرافي حوالن سميت تيار ڪري ڏني.

جڏهن سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ مان حيدرآباد کڄي آئي، ته نئين وائيس چانسيلر علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب، سن 1951ع ۾، ڊاڪٽر سي. ڊيويز جي انگريزيءَ ۾ لکيل هندوستان جي تاريخ (Reader of Indian History) جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو ڪم مولائي صاحب جي سپرد ڪيو. ان ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ کان اڳ، مولائي صاحب، وائيس چانسيلر صاحب کي ان ڪتاب ۾ ضروري نوٽن وجهڻ لاءِ درخواست ڪئي، جا انهيءَ شرط سان قبول ڪئي ويئي ته مولائي صاحب مٿين تاريخ جي ترجمي ۾ جن ڪتابن تان نوٽ لکندو، انهن ڪتابن جي نالن جا حوالا ڏنا وڃن. مولائي صاحب اها رٿ منظور ڪئي، ۽ ڪتاب جو ترجمو، ”تاريخ هندوستان“ جي نالي سان، سنڌ يونيورسٽيءَ کي پيش ڪيو، جو بعد ۾ نظر ثانيءَ لاءِ پروفيسر لطف الله بدويءَ جي حوالي ڪيو ويو. انهن ڪتابن جي علاوه، مولائي صاحب، فرينچ محقق ڊاڪٽر گستاؤ لي بان جي مشهور ڪتاب ”تمدن عرب“ جي نموني تي، قلمي تصويرن ۽ حوالن سان، ”تمدن سنڌ“ جا ٽي جلد پڻ لکي سنڌ يونيورسٽيءَ اڳيان پيش ڪيا. اهو ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ پريس مان ڇپجي عنقريب پڌرو ٿيڻ وارو آهي. سن 1955ع ۾، مولائي صاحب جو اهو سلسلو به ختم ٿي ويو؛ ڇو ته سنڌ يونيورسٽيءَ فيلو مقرر ڪرڻ جو سلسلو ئي بند ڪري ڇڏيو.

تصنيفون. سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ لکيل ڪتابن مان ”روضة السند“، ”تاريخ هندوستان“، ۽ ”تمدن سنڌ“، جن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون، تن کان سواءِ مولائي صاحب ٻيا هيٺيان ڪتاب پڻ تصنيف ڪري چڪو آهي:

(1) ”تاريخ بلوچستان“: جيئن ته هن کان اڳ بلوچستان جي تاريخ ۽ تمدن بابت سنڌيءَ ۾ ڪو به مستند جامع ڪتاب موجود ڪو نه هو، تنهنڪري انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي مولائي صاحب بلوچستان جي مختصر تاريخ لکي، جا سندس محترم دوست ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ، سن 1940ع ۾ شايع ڪرائي. اهو ڪتاب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بيحد مقبول ٿيو. ان سلسلي ۾ وقت جي ڊي. بي. آءِ، علامه دائود پوٽي صاحب، ڪتاب کي ٽيچرس لئبررين ۽ سيڪنڊري اسڪولن لاءِ منظور ڪري، مولائي صاحب جي چڱي همت افزائي ڪئي. ان کان سواءِ کيس برٽش بلوچستان جي گورنر جنرل جي ايجنٽ طرفان، چار سو روپيا ۽ درٻار قلات پاران اڍائي سو روپيا انعام طور مليا. اهو ڪتاب مولائي صاحب جو پهريون شاهڪار هو، جنهن جي اڄ به وڏي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي.

(2) ”جنت السنڌ“: هي ڪتاب سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي هڪ مڪمل تاريخ آهي. هي ڪتاب به مولائي صاحب جي ٻين تصنيفن وانگر حوالن جي خصوصيت کان خالي نه آهي. هي ڪتاب لکي مولائي صاحب سنڌي ادبي بورڊ اڳيان پيش ڪيو، جنهن ڪتاب کي منظور ڪري مولائي صاحب کان جملي حق ۽ واسطا ورتا، ۽ ان سلسلي ۾ کيس هڪ هزار روپيا ڏنا ويا. اهو ڪتاب به سنڌي ادبي بورڊ جي روايتي تزئين سان عنقريب پڌرو ٿي رهيو آهي.

(3)”سفينة النوح“ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فيلوشپ واري دور ۾، مولائي صاحب کان، مسٽر محبوب علي چنا ۽ مسٽر ڪريم بخش چنا جي تحريڪ سان، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هن ڪتاب لکڻ جي فرمائش ڪئي. ياد رهي ته اهو ڪتاب اڳ ۾ پڻ مولانا دين محمد وفائي مرحوم ۽ خيرپور جي هڪ ٻئي مولوي صاحب جو سنڌيءَ ۾ لکيل هو. مخدوم طالب الموليٰ جي ذاتي لئبرريءَ جي ڳچ فارسي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ، مولائي صاحب، هڪ سال جي لاڳيتي ڪوشش ۽ ڪاوش کانپوءِ، ”سفينة النوح“ مڪمل ڪري سندن حوالي ڪيو. هي ڪتاب پڻ ضروري نوٽن ۽ حوالن سان سينگاريل آهي، ۽ ان کي ٻن جلدن ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي: پهرئين جلد ۾ حضرت مخدوم نوح غوث الحق رحمة الله عليہ جي سوانح ڏني وئي آهي، ۽ ٻئي جلد ۾ سندن مفلوظات ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي وچئين زماني تي روشني وڌي ويئي آهي، ۽ ضرورت مطابق نقشا به ڏنا ويا آهن، جن مان هالا شهر جي جاگرافيائي پوزيشن ظاهر ٿئي ٿي. مولائي صاحب اهو ڪتاب جيترا ڏينهن لکندو رهيو، کيس مخدوم طالب الموليٰ طرفان هڪ سو روپيا ماهوار ملندو رهيو، ۽ ڪتاب پوري ڪرڻ کان پوءِ سندس لاءِ ’سروري گنج‘ مان تاعمر 25 روپيا ماهوار مقرر ڪيا ويا آهن.

(4) ”موسوين جي تاريخ“: هي ڪتاب مولائي صاحب پراڻي سکر جي ڪن موسوي ساداتن جي فرمائش تي لکيو هو، جنهن ۾ موسوي سيدن جي شجري تي مختصر نموني ۾ روشني وڌي ويئي آهي. مولائي صاحب اٽڪل ٻه سال اڳ اهو ڪتاب مڪمل ڪري فرمائش ڪندڙ حضرات جي حوالي ڪيو هو، جو غالباً هن وقت به انهن صاحبن وٽ موجود هوندو؛ باقي ان کي اشاعت هيٺ ڪڏهن آندو ويندو، ان بابت راقم الحروف ڪجهه نٿو چئي سگهجي.

هن وقت مولائي صاحب سکر جي هڪ خوشنما حصي King’s Hill تي پنهنجي ذاتي جاءِ ۾ زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا گذاري رهيو آهي. اها نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سندس آخري زندگي نهايت اطمينان بخش ۽ پرسڪون آهي. خوش قسمتيءَ سان مولائي صاحب کي سندس زندگيءَ ۾ اهڙا ته پرخلوص دوست مليا، جن جي سرپرستيءَ هيٺ، مولائي صاحب جو هٿ ڪڏهن به نه منجهيو. اهڙن ڏکين وقتن ۾ جن مولائي صاحب جي هٿ کولي امداد ڪئي آهي، انهن ۾ مير محمد بخش خان ماڻڪائي(حال ايم. پي) ڊاڪٽر غلام رسول خان بلوچ ۽ علامه عمر بن محمد دائود پوٽي جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن کان سواءِ، موجوده وقت، جڏهن مولائي صاحب کي ڪو مستقل ذريعه معاش ڪو نه آهي، ڪي صاحب مروت ۽ قدردان حضرات سندس هر طرح امداد ڪندا رهن ٿا، جن مان مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو نالو پڻ قابل ذڪر آهي. سندس پٽ به کيس معقول مالي امداد پهچائيندا رهن ٿا، جنهنڪري مولائي صاحب فڪر معاش کان آزاد ۽ لکڻ پڙهڻ جي شغل ۾ مصروف آهي. 

-------------------


*  هن سوانح عمريءَ جو مدار، صاحب جي خود نوشت مواد تي آهي – مرتب

(1) ان وقت جيڪي بلوچ والنٽيئرن جي حيثيت ۾ جهاد ڪرڻ ويندا هئا، تن کي قلات جا نواب زمينن جا ٽڪر انعام طور ڏيندا هئا. اهڙين زمينن کي ”انعاماتي زمين“ چئبو هو، ڇو ته انهن زمينن تي ڍل معاف هوندي هئي. مولائي صاحب جي تڙ ڏاڏي مير محمد جمع خان به مير محمد نصير خان جي فوج سان سن 1861ع ۾، پاڻيپٽ جي ٽين جنگ ۾، مرهٽن خلاف جهاد ڪيو هو. هن بيان مان، ۽ اڳتي هلي، ظاهر ٿيندو ته مولائي صاحب جا وڏا سپاهي پيشه هئا.

(2)  ”ميري“ درٻار جي انهيءَ چبوتڙي کي چوندا آهن، جنهن تي ”خان“ جي خاص ڪرسي رکيل هوندي آهي: ”خان“ انهيءَ ڪرسيءَ تي ويهندو آهي، ۽ ٻيا سڀ سردار هيٺ ويهندا آهن.

(1)  بروهين ۾ شهواڻي ۽ رئيساڻي، اصل افغان نسل مان آهن. قلات جو جهنڊو اڳ شهواڻي قبيلي وٽ هو، جنهن سببان ان قبيلي کي ”خواجهء بيرق“ (علمبردار) سڏيندا هئا؛ بعد ۾ قلات جو جهنڊو رئيساڻين وٽ آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com