سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :19

 

2

بغاوت جا باني ۽ آزاديءَ جا علمبردار

 

سنڌ سوين سورهيه ۽ سرويچ سردار پيدا ڪيا، جن ڌارين جي غلامي قبول نه ڪئي: جيئرا هئا ته مقابلا ڪيائون، ۽ جي سر تي آئي ته سر ڏيئي سرها ٿيا: دودي سومري، علاؤالدين طرفان آيل فوجن جو مقابلو ڪيو؛ ڄام اُنڙ ۽ ڄام تماچيءَ، سلطان فيروزشاهه جي فوجن کي شهه ڏني؛ دريا خان، ارغونن سان جنگ جوٽِي- هڪ دفعي کين شڪست ڏنائين؛ ۽ ٻئي دفعي شهيد ٿيو؛ 1843ع ۾ مير شير محمد خان، نيپئر جي فوجن سان مقابلو ڪيو. ان بعد، انگريزن جي حڪومت ۽ طاقت، غلاميءَ جا زنجير ايتريقدر ته مضبوط ڪري ڇڏيا جو ڪنهن کي چُرڻ جي به طاقت نه رهي: دلاور دهلي ويا، ۽ سردار سهمجي ويا!

انهيءَ غلاميءَ جي هيبتناڪ ماحول ۾، پيرپاڳاري سيد صبغت الله شاهه ثانيءَ (جنهن کي جماعت طرفان عام طرح ”پڳ- ڌڻي“ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو)

انگريزن جي جابرانه حڪومت سان سينو ساهي ٽَڪر کاڌي، ۽ جارج ڇهين خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيائين: انهيءَ آڻ ۾ پاڻ سر ڏيئي سرهو ٿيو، پر سنڌ جي سورهيه سردارن واريءَ سُنت کي نئين سر جياري ڇڏيائين.

ٻئي طرف، سنڌ جي سر زمين جي تعليم ۽ تربيتَ عبدالله سنڌيءَ کي اٿاريو، ۽ کيس سنڌ جي ٻئي صالح سپوت عبدالله لغاريءَ جهڙو رفيق جن پوئين دور ۾ انگريزي حڪومت جي خلاف بغاوت ڪرڻ ۽ هن برصغير کي آزاد ڪرائڻ واري پهرئين منصوبي کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ پيشقدمي ڪئي. ’رولٽ ائڪٽ رپورٽ‘ ۾، انگريزن طرفان، هنن باغين جا نالا نمايان طور پڌرا ڪيا ويا. خلافت تحريڪ توڙي ڪانگريس جو زور پوءِ ٿيو، عبيدالله سنڌيءَ ۽ عبدالله لغاريءَ بغاوت جو ٻچ اڳ پوکيو، ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد اڳ شروع ڪئي.

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

پير پاڳارو سيد صبغت الله شاهه ثاني رحه

سنڌ جي هن سورهيه سردار جي شخصيت ۽ بلند ڪردار تي انگريزي حڪومت جي هڪ طرفي ۽ زوردار منظم پروپيگنڊا جيڪي پردا چاڙهيا، تن کي فقط وطن سان محبت رکندڙ نگاهون، چيري، حقيقت جو مشاهدو ڪري سگهن ٿيون. ان وقت انگريزي حڪومت جي اشاري تي هلندڙ ۽ سندن سرپرستيءَ ۽ سايي هيٺ نڪرندڙ اخبارن کي انگريز سرڪار جي هن مخالف مرد خلاف جيڪي ڪجهه لکڻو هو سو لکيائون، جيڪي ڪجهه چوڻو هو سو چئي ڦٽو ڪيائون- ايتريقدر جو پوين لاءِ ان تي اضافي ڪرڻ جي گنجائش به خير ڪا ڇڏيائون. ٻئي طرف، سنڌ جي هن مٿير مرد جي سوانح بابت صحيح حالات ايترو روشن نه ٿيا آهن، جو سندن بلند ارادن، ڪوششن ۽ حڪمت عمليءَ جي پس منظر توڙي سندس همت، جرات ۽ مردانگيءَ جو ڪماحقہ قدر ڪري سگهجي: البته خانداني پس منظر ۽ ماحول، ۽ بعد جي خارجي حالات جي مطالعي جي بناء تي، سندن شخصيت ۽ ڪردار توڙي رٿيل پروگرام جو قدري اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

اول ته سيد صبغت الله شاهه جڏهن ’پيرپاڳاري‘ جي حيثيت ۾ دستاربندي ڪئي، تڏهين شاهي تجمل ۽ طاقت، آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو جذبو، ۽ انگريزن خلاف نفرت کيس ورثي ۾ مليا. پير پاڳاري، جي خاندان ۾ آزاديءَ لاءِجدوجهد جو بنياد حضرت صبغت الله اول (وفات 1246 هه) وڌو، جڏهين سنڌ مان هو صاحب سيد احمد شهيد جو ٻانهن- ٻيلي ٿي بيٺو، ۽ کيس رسد جو سامان توڙي مجاهدن جا دستا مدد طور ڏنائين. انهن مجاهدن کي ئي پهريائين ”حُر“ يعني ’آزاد‘ سڏيو ويو. هن خاندان ۾ اهو آزاديءَ جو جذبو موروثي طور هلندو پئي آيو، ۽ صبغت الله شاهه اول جي اولاد مان سندس نالي پويان سڏيل سيد صبغت الله شاهه ثانيءَ ۾ انهيءَ جذبي جو هئڻ بلڪل ممڪن هو. سنڌ مان، پير پاڳاري جي خاندان طرفان، سيد احمد شهيد جي حمايت ۽ سنڌ مان حرن مجاهدن جي دستن جو جهاد لاءِ وڃڻ وارو واقعو (29- 1830ع)، ان وقت هندستان ۾ انگريزن جي اسرندڙ حڪومت کان ڳجهو ڪونه هو. انهيءَ ڪري، جڏهين تيرهن ورهيه کن پوءِ انگريزن سنڌ تي غاصبانه قبضو ڪيو، تڏهين پير پاڳاري جي خاندان کي خاص طور- اک ۾ رکيائون: انهيءَ ڪري ئي پير پاڳاري جناب حزب الله شاهه صاحب (1847- 1890ع) جي وقت ۾ حرن توڙي عام جماعت جو رخ ڦري انگريزن جي خلاف ٿيو، ۽ انگريزن اهو نفرت جو جذبو آخرڪار ٻي حُر تحريڪ (1896ع) ۾ نمايان ٿيو. انهيءَ واقعي بعد، پير پاڳاري ۽ جماعت جي خلاف انگريزي حڪومت منظم طور تي ڪاروايون شروع ڪيون: جماعت مان هر سَگهي ۽ صحتي نوجوان کي لوڙهن اندر بند ڪيو ويو، ۽ هر چُرندڙ ۽ طاقتور فرد کي ويسارپور ضلعي احمد نگر ڏانهن جلا وطن ڪيو ويو. اهو لوڙهن (Concentration camps) جو سلسلو هلندو پئي آيو، تان جو شمس العلماء شاهه مردان (عرف ڪوٽ- ڌڻي) انگريزن کي مطمئن ڪرڻ جي

ڪوشش ڪئي. 1914ع واري لڙائيءَ ۾ حڪومت آزمائش طور کانئن ماڻهو گهريا. پير صاحب جن پنج سؤ ماڻهو ڏيڻا ڪيا ۽ ٻي مالي مدد ڪئي، تڏهين وڃي لوڙهن جو خاتمو ٿيو. انهيءَ هوندي به، انگريزن هن گاديءَ کي اک ۾ رکيو. ٻئي طرف، پير صاحب پاڳاري توڙي سندن جماعت به انگريزن جي غير مسلم ۽ ڌاريءَ حڪومت، جنهن مٿن ايتريون سختيون ڪيون هيون، تنهن کي نفرت جي نظر سان ٿي ڏٺو.

ٻيو ته سيد صبغت الله شاهه ٻارهن ورهين جي ننڍيءَ وهيءَ ۾ تخت ۽ طاقت جو صاحب ٿيو. سندن ولادت 13 صفر سن 1327 هه ۾ ٿي، ۽ پنهنجي والد شمس العلماء جناب شاهه مردان شاهه جي وفات (7 ربيع الاول 1339 هه) بعد ’پير پاڳاري‘ جي حيثيت ۾ دستاربندي ڪيائون. سندن ننڍي عمر هئڻ ڪري، هڪ طرف سندس ويجهن ۽ وڏن عزيزن کي اميد ٿي ته هيءُ ننڍڙو پير پاڳارو سندن صلاح سان اُٿندو ويهندو، ۽ انهيءَ ڪري سندن ذاتي اثر رسوخ ۾ پڻ واڌارو ٿيندو، ٻئي طرف انگريزي حڪومت جي هوشيار ڪارپردازن سوچيو ته هن ننڍي پير تي اثر وجهي سندس نشونما اهڙي نموني سان ڪجي، جئن هو خانداني روايات کان منهن موڙي انگريزن جو دوست ۽ وفادار ٿي رهي، ٽئين طرف دربار جي جهونن خدمتگارن ۽ جماعت جي ڪن وڏن خليفن کي آسرو ٿيو ته هو پير صاحب کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائيندا. مگر، ننڍي هوندي کان ئي صبغت الله شاهه جي شخصيت ۾ هڪ خاص انفراديت هئي: هو هڪ آزاد طبع جو مالڪ هو، جنهن کي خارجي ضابطن خلاف نفرت هئي؛ هو پنهنجو پاڻ سوچيندڙ هو، انهيءَ ڪري مشورن کي محض مشورا ڪري ٿي ڄاتائين، ۽ ٻين جي صلاحن کي جئن جو تئن مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ذاتي طور هو هڪ جرائتمند، جفاڪش ۽ محڪم ارادي جو مالڪ هو، ۽ سندس شخصيت ۽ ڪردار جو روح خوداعتمادي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ۾ سمايل هو.

ٻئي ڪنهن شخص جي حالت ۾ ننڍي وهيءَ ۾ انهن وصفن جو هجڻ باعث غنيمت بنجي ها، پر پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه لاءِ اهي خوبيون آزمايش جو سامان کڻي آيون. خذمتگار ۽ خليفا کڻي خاموش رهيا، پر ويجهن عزيزن توڙي انگريزي حڪومت جي ڪارپردازن جون اُميدون پوريون نه ٿيون. پير صاحب پنهنجن عزيزن توڙي انگريزي حڪومت جي آفيسرن جي اشارن موجب هلڻ کان صاف انڪار ڪيو، ۽ انهيءَ ڪري اهي ٻِئي طرف هن ننڍي پير پاڳاري جا مخالف ۽ هڪ ٻئي جا دوست بنجي پيا.

پير پاڳاري ٿيڻ بعد سيد صبغت الله شاهه هڪ ڀيري سندن چاچي مرحوم پيرپاڳاري جناب علي گوهر شاهه ثاني جي نالي انگريزن طرفان مليل ڪو آفرين نامون فريم ۾ بنگلي جي ڀت تي ٽنگيل ڏٺو. چيائون ته ’اسان جا وڏا ڪهڙا نه سادا هئا: خدا تعاليٰ سندن ذاتي عزت ايترو بلند ڪئي، پر تنهن هوندي به هي رکي ڇڏيا اٿن‘ ائين چئي، اُهو آفرين نامون ۽ فريم لهرائي ڀڃائي ڇڏيائون. انگريزي حڪومت کي هن ننڍي پير پاڳاري جي لاغرض طبيعت خدشي ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ هنن کيس ننڍيءَ وهيءَ ۾ انگريزي حڪومت جي طاقت جو چٽڪو چکائي آڻ مڃائڻ جا سامان پيدا ڪيا. خوش قسمتيءَ سان حڪومت کي پير صاحب جن جي پنهنجن عزيزن مان فريادي ۽ شاهد ملي ويا، ۽ ننڍين ڳالهين کي وڏو ڪري، تيليءَ مان ٿنڀ بنائي، پير صاحب جن تي سکر ۾ ڪيس هلايو ويو. پير صاحب جن جي طرفان ’جناح‘ صاحب وڪالت ڪئي. چون ٿا ته جناح صاحب کي راز طور ٻڌايو ويو ته حڪومت هر حالت ۾ پير صاحب کي نه ڇڏيندي، انهيءَ ڪري هو سندس وڪالت نه ڪري؛ پر جناح صاحب نه مُڙيو: ڪورٽ ۾ آيو، مگر جج طرفان ٿيندڙ زيادتين تي احتجاج ڪري هليو ويو. حڪومت پير صاحب کي ڏهن سالن جي سزا ڏيئي سنڌ کان ٻاهر اُماڻيو.

وطن کان دور انهيءَ وڏي عرصي ۾، پير صاحب جن پنهنجن وڏن جي تعليمات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. رتناگري جيل ۾، سندن جد امجد عالي جناب محمد راشد روضي ڌڻي رحه جي ملفوظات جو خاص طرح گهرو مطالعو ڪيائون؛ ازان سواءِ ٻيا فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب ڪافي پڙهيائون، ۽ انهن ڪتابن مان پنهنجا انتخابات تاليف ڪيائون (ڏسو ضميمو). جڏهن رتنا گري جيل مان کين مدناپور مرڪزي جيل، ڏانهن منتقل ڪيو ويو، تڏهن اُتي پڻ پنهنجو مطالعو جاري رکيائون. انهيءَ عرصي ۾ هندستان جي سياست کي پڻ پوريءَ طرح سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائون، ۽ غالباً انگريزن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ واري حڪمت علميءَ تي پڻ انهيءَ عرصي ۾ غور ڪيائون. اتي مختلف جماعتن جي سياسي ورڪرن سان پڻ سندن تبادله خيالات ٿيندا رهيا.

پير صاحب جن جي آزاد ٿيڻ ۾ اڃا سال ڏيڍ کن هو ته پويان حڪومت طرفان جماعت جي خيالات ۽ رجحانات معلوم ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي ويئي. هر هڪ ٿاڻي جي حد اندر رهندڙ مريدن کي گهرايو ويو، ۽ بالغن جوانن کان وٺي پير مردن تائين سڀني جا نالا لکيا ويا. ان بعد، سڀني کي ضلعي جي ايس. پي. ۽ ڪليڪٽر جي آڏو پيش ڪيو ويو. غالباً حڪومت طرفان اها هڪ قسم جي پيش قدمي هئي؛ ڇاڪاڻ ته پير صاحب جن جي انقلابي رجحانات جو حڪومت کي پتو پئجي ويو هو، ۽ کين خدشو هو ته پير صاحب جن واپس پهچي نه معلوم ڪهڙو رويو اختيار ڪري: انهيءَ ڪري پير صاحب سان جماعت جي عقيدتمنديءَ کي پرکڻ ۽ پير صاحب جي طاقت کي ڪٿڻ لاءِ خاص اهي قدم کنيا ويا.

سنڌ ۾ واپس اچڻ بعد، پير صاحب پهريائين پهريائين پنهنجي مريدن جي اصلاح ۽ تربيت طرف توجهه ڪيو. پهريائين حڪم ڪيائون ته ”اسان جا مريد هر قسم جي نشي کان پرهيز ڪن“. انهيءَ تي ٻيڙين ۽ چلمن جي موالين تماڪ پن ڇڏي ڏنو، ۽ پنجاهه سٺ ورهين جي ڪن موالين ڪونڊا ڀڃي ڇڏيا ۽ ڏنڊا ساڙي ڇڏيا. نفسيات طور جماعت تي هن حڪم جو وڏو اثر پيو. ان بعد حڪم آيو ته ”عورتون عاج جا چوڙا نه پائين“- جماعت جي سڀني عورتن چوڙا ڀڃي ڇڏيا. پير صاحبن جن صرف اهي حڪم ڪين ڏنا، پر پاڻ پنهنجي سر جانچ ڪيائون ته ڪيتري قدر انهن جي پوئواري ڪئي وڃي ٿي. سانگهڙ جي ڀرسان گڙنگ لڳ سندن واسطي جماعت هڪ بنگلو ٺهرايو هو، جتي پاڻ مريدن جون دعوتون وٺندا هئا. هن گڙنگ واري بنگلي کي پير صاحب جن پنهنجي نئينءَ تحريڪ کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ ڄڻ مرڪز مقرر ڪيو. بنگلي جي چوڌاري مريدن جا ميڙا لڳا پيا هوندا هئا. رات جو پير صاحب جن پوشاڪ بدلائي، کٿا اوڍي، جماعت جي ويس ۾ فقير بنجي وڃي جماعت ۾ گهمندا هئا. جيڪي ماڻهو لڪچوريءَ ٻيڙي پيا پيئندا هئا،  انهن جون جايون ۽ پٿاريون جانچي صبح جو گهرائي، انهن کي پوري تنبيهه ڪندا هئا. انهيءَ پڪڙپڇاڙ جو وڏو اثر پيو، ۽ سڄيءَ جماعت ۾ غائبانه طور حڪم مڃڻ جو مادو پيدا ٿيو. ان بعد حڪم ڏنائون ته ”جماعت جو ڪو به ماڻهو ولايتي ڪپڙو نه پائي ۽ پنهنجي ملڪ جو اڻيل ڪپڙو پائي“؛ ۽ ٻيو ته ”ڳوٺن ۾ مسلمان توڙي هندو پاڻ ۾ متفق ٿي رهن ۽ ڪوبه فساد ٿيڻ نه ڏنو وڃي“. انهن حڪمن مان ظاهر آهي ته پير صاحب جن جي ذهن ۾ پبلڪ طرفان هن ڌاري حڪومت خلاف هڪ متحده محاذ قائم ڪرڻ جا خيال هئا.

انگريزن جي بيدار مغر حڪومت کي اڳ ئي اون هئي، مگر ولائتي ڪپڙي پائڻ خلاف نڪتل حڪمن بعد حڪومت جي سڄي مشنري تحرڪ ۾ اچي ويئي، ۽ پير صاحب جي جماعت تي چوڪسيءَ جا حڪم نڪري ويا. انهيءَ دور ۾ پير صاحب جن طرفان حڪم پهتو ته ’جماعت جا اهي ماڻهو، جي غازين جي صف ۾ شامل ٿيڻ چاهين، سي پنهنها نالا لکائين‘.جماعت جي اڳواڻ فقيرن کي حڪم مليو، جن پنهنجي حدن اندر ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي غازين جا نالا لکيا، ۽ اهڙيون لسٽون تيار ڪري پيش ڪيائون. پير صاحب جن کي فقط نالن جي ضرورت ڪانه هئي، پر کين هر هڪ ماڻهوءَ کي نظر مان ڪڍڻو هو ته ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. گڙنگ واري بنگلي تي پير صاحب جن جدا جدا وقتن ۽ موقعن تي انهن غازين جو معائنو ڪيو. پاڻ ڪرسي وجهي ويهندا هئا؛ پوءِ مختلف طرفن جا غازي، اٽڪل پندرهن کان وٺي ٽيهن تائين ٽولا ٽولا ڪري، اندر گهرائيندا هئا. حڪم هوندو هو ته اندر اچن ته قطار  ڪري بيهن پوءِ جڏهن قطار ڪري بيهندا هئا ته پير صاحب جن کانئن پڇندا هئا ته ”اوهان سڀ غازي ٿيا آهيو؟“ فقير چوندا هئا ته ”هائو قبلا“. جواب ۾ پاڻ چوندا هئا ته ”فقيرو اوهان کي مبارڪ هجي جو اوهين غازي ٿيا آهيو؛ اوهان تي صد رحمت هجي؛ انشاءالله پاڻ پار آهيون، اسان مان جيڪي هوندا سي رنگ ڏسندا!“ البت جيڪڏهن ڪنهن به شخص کي ذرا سست ۽ لُڏيل ڏسندا هئا ته ان کي همتائيندا هئا. ڪي ٽولا اندر وڃڻ وقت ئي نعرا هڻندا جماعتي راڳ ڪندا ويندا هئا. انهن موقعن لاءِ جماعت طرفان هڪ ڪافي رائج ٿي ته:

”سورهيه سرجو سانگو لاهي،

آيا مرد ميدان تي ڪاهي؛

سر ڏنوسون مرشد کي،

پوءِ عيد اسان لئه آهي.“

اڪثر ٽولا اها ڪافي چوندا پير صاحب جن جي آڏو وڃي بيهندا هئا. پير صاحب جن جي طرفان، ظاهري طرح ’غازي‘ بنجڻ ۽ سِر ڏيڻ جو مقصد بيان ٿيل ڪونه هو، پر ’غازي‘ جي لقب خودبخود فقيرن ۾ اهو خيال پيدا ڪيو ته ’غازي‘ بنجي سِر قربان ڪرڻو آهي.

پير صاحب جن انگريزن جي تسلط کان پوريءَ طرح آگاهه هئا. پاڻ اندروني طور جماعت جي اصلاح ڪندا رهيا، ۽ کين قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ڪندا رهيا. ان وقت مسجد منزل گاهه وارو معاملو شروع ٿي چڪو هو ۽ هندن ۽ مسلمانن جي ڇڪتاڻ وڌي ويئي هئي. پير صاحب جن ان وقت غازين کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنا، ۽ انهيءَ طرح حڪومت طرفان غازين جي ڀرتيءَ جي آڙ ۾ جيڪي الزام گهڙجي رهيا هئا، تن کر رد ڪيو ويو. انهيءَ عرصي ۾ خود پير صاحب جن جي ڳوٺ جي هندن تي حملي لاءِ تياريون ڪرايون ويون: پس پرده مقصد اهو هو ته جيڪڏهين خود پير صاحب جن جي ڳوٺ جي هندن کي ماريو ويو، ته امن رکڻ خاطر غازين جي ڀرتيءَ وارو بهانو ٽٽي پوندو. جنهن رات اها سازش عمل ۾ اچڻي هئي، انهيءَ کان ڏينهن اڳ پير صاحب جن کي سانگهڙ ۾ بنگلي تي اطلاع پهتو ۽ اتان فوري حڪم نڪتا، جنهن تي پير صاحب جن جي ڳوٺ جي غازين پنهنجي طاقت جو اهڙو ته مظاهرو ڪيو، جو حملي آور حملي جي همت ئي نه ڪري سگهيا. ٻئي ڏينهن، شهر جا هندو وفد ڪري سکر جي ڪليڪٽر وٽ پهتا ته پير صاحب جن جي غازين رات اسان جي جان بچائي آهي. اهڙيون تارون مٿي حڪومت کي به پهتيون. انهيءَ ڪري ”غازين” جي وجود کي حڪومت طرفان ’خطرناڪ‘ ثابت ڪرڻ جي جيڪااسڪيم هئي،سا في الحال ناڪامياب ٿي.

حڪومت طرفان هاڻي هڪ ٻي حڪمت عملي سوچي ويئي. هن واقعي کان ٿورو پوءِ، سکر جي ڪليڪٽر طرفان پير صاحب جن کي ملاقات لاءِ پيغام پهتو. پير صاحب جن خليفي احمد کي موڪليو ته وڃي ڪليڪٽر سان ملي. سکر جو ڪليڪٽر ڪوٺاوالا هو، جنهن سان خليفو احمد وڃي مليو ۽ گجراتيءَ ۾ ساڻس ڳالهايائين. ڪليڪٽر پارسي هو ۽ گجراتي سندس مادري زبان هئي. هو خليفي احمد سان نهايت سهڻو پيش آيو، ۽ کيس چيائين ته ”پير صاحب جن کي هڪ خاص پيغام ڏيڻو آهي ته ’امن قائم ڪرڻ ۾ پاڻ جيڪو ڪم ڪيو اٿن، ان کان خوش ٿي سرڪار سندن لاءِ هڪ تلوار ۽ هڪ بندوق انعام طور مقرر ڪئي آهي، ۽ پڻ سندن واسطي خطاب جي سفارش منظور ڪئي آهي‘: اميد ته پير صاحب جن هي انعام قبول ڪندا“. خليفي احمد سڄو احوال اچي پيش ڪيو. پير صاحب جن چيو ته ”ڪليڪٽر جو اسان جي طرفان شڪريو وڃي ادا ڪر ۽ کيس چؤ ته هٿيار اسان وٽ موجود آهن، ۽ ’پيرپاڳاري‘ جو خانداني خطاب ئي اسان لاءِ ڪافي آهي.“ خليفي احمد موٽي اچي ڪليڪٽر سان خبر ڪئي، جنهن تي ڪليڪٽر چيو ته ”پير صاحب جن وڏي غلطي ٿا ڪن- گورنمينٽ سندن انڪار کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندي!“

بس، گورنمينٽ طرفان پير صاحب جن جي خيالات ۽ رجحانات جي هيءَ آخري آزمائش هئي. هن بعد حڪومت کي يقين ٿيو ته پير صاحب کي گورنمينٽ سان وفادار ٿي رهڻ بابت ڪوبه ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ عرصي ۾ حڪومت طرفان، پوليس آفيسرن معرفت، پير صاحب جن جي مڙني برجستن مريدن خلاف ڪاغذي ڪاروايون مڪمل ٿي چڪيون هيون. پير صاحب جن هينئر سانگهڙ لڳ گڙنگ واري بنگلي کي اچي مرڪز بنايو، ۽ سڄا ڇهه مهينا اتي رهڻ جو پروگرام رکيائون- انهيءَ لاءِ ته هن ڌاريءَ حڪومت جي زبردستيءَ کي مُنهن ڏجي. پاڻ خاص برجستن ماڻهن کي سپاهيانه زندگيءَ جي تربيت ڏنائون ۽ پوريءَ طرح آزمايائون. انگريزن خلاف سڄي جماعت ۾ عام طرح، ۽ غازين ۽ ٻين چونڊ اڳواڻن ۾ خاص طرح، هڪ نفرت جو جذبو پيدا ٿي چڪو هو. چئي نٿو سگهجي ته ان وقت پير صاحب جن جي طرفان انگريزن جي مخالفت جي سلسلي ۾ ڪهڙي حڪمت عملي پيش نظر هئي. جيتوڻيڪ عام طرح اها ڳالهه مشهور ٿي چڪي آهي ته پير صاحب جن پنهنجي مريدن کي بندوقن ۽ رائفلن جي ٽريننگ ڏيئي انگريزن خلاف سنئين سڌي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ڪيو، مگر انهيءَ قسم جي راءِ جي ڪابه تصديق ٿي نٿي سگهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پير صاحب جن سڄيءَ جماعت توڙي غازين کي بيدار پئي ڪيو، ۽ ڪن خاص چونڊ فقيرن کي سندن حال آهر پوريءَ طرح ٽريننگ ڏيئي تيار پئي ڪيو، مگر اهو چئي نٿو سگهجي ته اها تياري ڪنهن فوري مقابلي لاءِ هئي. پير صاحب جن جي پيش نظر البته جماعت بنديءَ، اتحاد ۽ طاقت پيدا ڪرڻ جا فوري نظريا هئا- انهيءَ لاءِ ته آيندي واري جدوجهد ۾ ڪاميابي حاصل ڪجي. ٻئي طرف، انگريزي حڪومت پير صاحب جن کي ذهني طور پنهنجو باغي تسليم ڪري، ڪنهن به صورت ۾ فوري ٽَڪرجي صورت پيدا ڪري، پير صاحب جن کي گرفت هيٺ آڻڻ ٿي چاهيو. انهيءَ اسڪيم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪيا ويا: (1) هر قسم جي ڏوهه کي بنا جانچ جونچ جي حُرن ڏانهن منسوب ڪري، خاص خاص برجستن ماڻهن جي گرفتاريءَ لاءِ رڪارڊ ٺاهيا ويا؛ (2) ننڍن وڏن حرن لاءِ حد جي پوليس ٿاڻن تي هفتيوار حاضريون مقرر ڪيون ويون- ڪن تي هفتي بدران هر ٽئين روز، ٻئي روز، بلڪ روزاني حاضريون مقرر ڪيون ويو؛ (3) پير صاحب جن جي گڙنگ واري بنگلي تي چوڪسي لاءِ پوليس جو مختصر عملو مقرر ڪيو ويو، ته من انهن تي حملو ٿئي ته پير صاحب خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. پير صاحب جن انهن ٽنهي قدمن خلاف احتجاج ڪيو. خاص طرح، گورنمينٽ جو توجهه روزانه حاضرين ڏانهن ڇڪايو ته ’جيڪي ماڻهو روزاني اٺن ڏهن ميلن جي مفاصلن تان پيدل هلي اچي ٿاڻن تي حاضريون ڏيندا، سي پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ ڪهڙي وقت پورهيو ڪري سگهندا: فقط ”حر“ جي نالي کان متنفر ٿي، غريبن ۽ اشرافن کي هن قسم جي روزاني تڪليف ۾ مبتلا ڪرڻ انصاف ناهي!“ باوجود هنن احتجاجن جي، حڪومت ويتر سختيءَ کان ڪم ورتو. انهيءَ تي پير صاحب جن حاضري ڏيندڙ ماڻهن مان ڊزن کن برجستن ماڻهن کي گهرايو ۽ کين چيو ته ”فقيرو، هاڻي اڳتي لاءِ اوهين حاضري نه ڏيو!“

ڪن جو چوڻ آهي ته انهيءَ حڪم جو اهو مطلب هو ته ’اوهين حاضري ڏيڻ کان انڪار ڪريو ۽ پنهنجن ڳوٺن ۽ گهرن ۾ پنهنجو ڪم ڪار ويٺا ڪريو: ڀل حڪومت اوهان کي گرفتار ڪري- آخرڪار ڪيترن کي گرفتار ڪري پوري پوندي!‘ ٻين جو چوڻ آهي ته پير صاهب جن حڪومت جي ضد ۽ ناانصافيءَ کان تنگ ٿي، انهن چونڊ ماڻهن کي چيو ته ’اوهين روپوش ٿي وڃو، ۽ حاضرين لاءِ ٿاڻن تي هرگز حاضر نه ٿيو؛ ڏسون ته گورنمينٽ ڇا ٿي ڪري؟‘ بهرحال، پير صاحب جن کي يقيني طور هڪ قسم جي ’سول نافرماني‘ مدنظر هئي. اهي چونڊ فقير انهيءَ ڪم موجب حاضرين تي ڪونه ويا ۽ پنهنجي گروهه جي مصلحت موجب روپوش ٿي ويا. جڏهن حڪومت طرفان پير صاحب تي زور پيو، ته پير صاحب جن چيو ته سرڪار انهن ماڻهن کي ڳولي هٿ ڪري. ٻئي طرف، چونڊ سرڪاري ڪامورا هن سڄي معاملي سان وابسته ڪيا ويا، جن انتظامي تدبر کان ڪم وٺڻ جي بدران، مليل هدايتن موجب، ويتر هن باهه کي ڀڙڪايو ۽ پير صاحب ۽ فقيرن خلاف هر قسم جون رپورٽون حڪومت کي موڪليندا رهيا. پير صاحب انهيءَ ڪري جڏهين به اهي پاڻ يا سندن نائب پير صاحب جن کي ملڻ ٿي آيا ته پير صاحب جن کين انهيءَ نگاهه کان ٿي ڏٺو. پير صاحب جن کي ڪن مريدن ۽ ٻين خيرخواهن طرفان مشورا ڏنا ويا ته انهن ڪامورن کي خوش ڪجي؛ مگر پاڻ چيائون ته رشوت ڏيڻ اسان جي مذهب ۾ حرام آهي.

بهرحال، هيٺان موڪليل رپورٽن جي بناء تي، پير صاحب جن کي گڙنگ بنگلي تان نظربنديءَ جي حالت ۾ ڪراچيءَ وٺي ويا، جتي کين وڏي وزير چيو ته ’اوهان کي حفاظتي قانون موجب هتي ڪراچيءَ ۾ رهڻو آهي ۽ ٻاهر نه وڃڻو آهي‘. پير صاحب جن چيو ته ’جيڪڏهن اسان جو ڪو قصور هجي ته سرڪار اسان تي مقدمو هلائي، يا هت ڪراچيءَ ۾ رهڻ بابت تحريري حڪم ڏئي ته اسين انهيءَ پابندي خلاف قدم کڻون‘. مگر انهيءَ جو ڪوبه جواب ڪونه مليو. انهيءَ تي پير صاحب جن آخري طور وڏي وزير (سر غلام حسين) کي چيو ته ’هيءَ بندش بيقاعدي آهي ۽ هت اسين وڌيڪ نه رهنداسون- اوهان کي جيڪي ڪرڻو هجي سو ڪندا‘. ائين چئي، پير صاحب جن راتو رات موٽر ذريعي ڪراچيءَ مان گڙنگ جي بنگلي تي پهتا. کين يقين ٿي ويو هو ته حڪومت بهرحال سندن ذات جي خلاف ڪارروائي ڪندي؛ انهيءَ ڪري فقيرن کي حڪم ڏيئي ڇڏيائون ته جي معاملو وڌي وڃي ته ڏنل هدايتن موجب هڪ پوري نظام هيٺ جدوجهد جاري رکن. اتان درگاهه شريف تي پهتا، ۽ جيڪي ڪي مختصر حڪم احڪام ڏيڻا هئا سي ڏنائون. ٻئي ڏينهن سندن نظربندي عمل ۾ آئي، ۽ کين ڪراچيءَ پهچايائون.

ان بعد، حڪومت طرفان پير صاحب جن جي خلاف بغاوت جي مقدمي لاءِ مواد گڏ ڪيو ويو. ٻئي طرف، سرويچ حُرن ڪارروايون شروع ڪيون. حڪومت طرفان، حُرن جي همت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ، پير صاحب جن جي گڙنگ واري بنگلي کي گهيرو ڪرائي، سندن ڪٽنب کي نظر بند ڪيو ويو ۽ ٻاهران سڀ لانڍيون ساڙايون ويون. ان بعد بنگلي تي بمباري ڪئي ويئي، ۽ درگاهه شريف تي پير صاحب جن جي حويلين ۽ ڪوٽ کي بارود ذريعي ڪيرايو ويو. پر، اهي ڪارروايون حرن جي همت کي پست نه ڪري سگهيون، ۽ هنن مردن ”مارشل لا“ کي مڙس ٿي منهن ڏنو. ان وقت سر زمين سنڌ جي هنن سورهين جيڪي پوليس ۽ ملٽريءَ سان مقابلا ڪيا، انهن ۾ سندن حڪمت عملي ۽ بهادريءَ تي هڪ جدا مضمون لکڻ جي ضرورت آهي. انهن مقابلن ۾ زالن به پنهنجن مردن جو ساٿ ڏنو، ۽ ڪن زالن جي همت ۽ بهادريءَ جا ڪارناما حيرت انگيز آهن: مطلب ته پير صاحب جن جي ڏنل تربيت انهيءَ حد تائين مؤثر ثابت ٿي، جو اڳواڻ (پير صاحب) جي غير حاضريءَ جي باوجود سپاهين (حُرن) پنهنجي نظام ۽ انتظام هيٺ جنگ جاري رکي. مقابلن ۾ وڏا مارجي ويا ته ننڍن سندن جايون ڀريون. انهيءَ دور ۾ ڪيترائي ملڪي ماڻهو، انگريزي حڪومت جي زور ۽ اثر هيٺ، جاسوس بنجي فقيرن جي پويان پيا. فقيرن جوابي حملا ڪري بدلو پئي ورتو. انهيءَ جنگ ۾ بيشڪ سُڪن گڏ ساوا به سڙي ويا: هڪ طرف ملڪ جا ڪي غريب ماڻهو بيگناهه مارجي ويا، ته ٻئي طرف ”مارشل لا“ جي آڙ ۾ ملٽريءَ وارن قهر ڪري ڇڏيا: نه فقط حُرن، پر پير صاحب جي عام مريدن توڙي سندن تعلقدارن کي ٻارين ٻچين گرفتار ڪيو ويو ۽ کين نهايت بيدرديءَ سان جيلن ۽ ڪئمپن ۾ بند ڪيو ويو، جتي سوين ٻارڙا، زالون ۽ ٻڍڙا، بک ۽ بيماريءَ جي وگهي مري ويا! حيدرآباد جيل ۾ انگريزن پنهنجن جاسوسن کي برقعا پارائي ’حُرن جي سڃاڻپ‘ لاءِ ٿي موڪليو، ۽ انهن برقعي پوشن فقط پنهنجي آقائن اڳيان سرخرو ٿيڻ لاءِ نوجوانن تي هٿ ٿي رکيا، ۽ انهن نوجوانن کي محض انهيءَ ’سڃاڻپ‘ جي بنياد تي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ٿي ويو! چون ٿا ته هڪ دفعي، هڪ اهڙي برقعي واري، هڪ اهڙي ماڻهوءَ تي اچي هٿ رکيو جو ”مارشل لا“ کان اڳ جو قيدي هو- تنهن جڏهن دانهون ڪيون،تڏهن وڃي ’برقعي پوشن‘ جي قلعي کلي.

بهرحال، انهيءَ هيبتناڪ ماحول ۾، سنڌ جي ڪن وڏيرن ۽ زميندارن کان زبانيون ڏياري، پير صاحب جن تي جان جي سزا مقرر ڪئي ويئي. چون ٿا ته پير صاحب جن دستور موجب هميشہ شب خيز هوندا هئا. هڪ انگريز آفيسر اچي ساڻن شطرنج راند ڪندو هو، ۽ پاڻ ان کان سڀ رانديون کڻندا هئا. حياتيءَ جي آخري رات به انهيءَ آفيسر پير صاحب جن سان راند ڪئي، ته من پير صاحب جن کي پنهنجي جان جو فڪر هجي ۽ انهيءَ ڪري کانئن راند کڻي سگهي: پر پير صاحب جن کانئن دستور موجب وري به رانديون کٽيون، ۽ اها آخري رات پاڻ نهايت گهري ننڊ ڪيائون.

ان وقت سنڌ ۾ مارشل لا ۽ آفيسرن جي رعب تاب ذريعي اهڙو ته هيبتناڪ ماحول پيدا ڪيو ويو، جو پير صاحب جن جي حمايت ۾ ڪن ٿورن کي حق جي ڪلمي چوڻ جي توفيق ٿي. ان وقت مسلم ليگ پوري طاقت ۾ هئي. جڏهن عليڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان ڪي شاگرد ان وقت وفد وٺي دهليءَ ۾ مرحوم لياقت علي خان کي وڃي مليا، تڏهن هن چيو: ’اسان کي پير صاحب پاڳاري لاءِ پوري همدردي آهي، پر سنڌ جي مسلم ليگي ليڊرن ۾ جرات ڪانهي جو پير صاحب جي حمايت ۾ ڪو هٿ ڊگهيرين، ۽ اسان کي مداخلت جو موقعو ڏين‘. بهرحال، پير صاحب جن 1943ع ۾، اٺين بجي، ويهين مارچ تي، سر ڏيئي سرها ٿيا. چون ٿا ته مقدمي وقت حڪومت طرفان ڪن ماڻهن کي پير صاحب ڏانهن موڪليو ويو ته جيڪڏهن پير صاحب معافي وٺي ته حڪومت  سندن ’معافيءَ‘ تي غور ڪندي. پير صاحب جن چيو ’معافي هڪ الله ۽ الله جي رسول کان وٺبي، نصاري کان ڪهڙي معافي وٺبي!‘ جڏهن شروع ۾ پير صاحب فقيرن کي تربيت پئي ڏني، تڏهن ڪنهن هڪ فقير چيو ته ’قبلا، انگريزن کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿبو!‘ انهيءَ تي پير صاحب جن چيو ته ’انشاءالله، اسان ۽ توهان مان جيڪي هوندا سي پاڻيهي رنگ ڏسندا!‘ بهرحال، پيرصاحب جن 1943ع ۾ پنهنجي جان جي قرباني ڏني، ۽ 1947ع ۾ انگريزن ٽپڙ ٻڌا.

پير صاحب جن جي ذاتي زندگيءَ بابت هيٺيون مختصر حقيقتون معلوم ٿي سگهيون آهن: (1) بسا اوقات پنهنجي ماني پاڻ پچائيندا هئا؛ (2) صبح جو وڏي اسر اٿي ورزش ڪندا هئا ۽ ان بعد نماز ادا ڪندا هئا؛ (3) اڪثر موقعن تي پاڻ فقيرن سان گڏجي بيهي ڪم ڪندا هئا: هڪ دفعي ڪيٽيءَ ۾ لانڍين کي لوڙهو پئي آيو ته پاڻ به اچي پُور کڻي لوڙهو ڏيڻ لڳا؛ هڪ دفعي فقيرن ڪڻڪ جون ڳوڻيون کڻي مٿي گدام تي ٿي رکيون ته پاڻ به اچي ڪم ۾ شامل ٿيا، ۽ ڳوڻين کي ڪُنڊن ۾ مضبوط هٿ وجهي يڪي اڇل سان مٿي سَٿيءَ تي پئي چاڙهيائون؛ (4) جيڪڏهن سندن ڪو فقير نقد آڻي نذر طور ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته ’قبلا، قبول پوي‘ ، ته پاڻ چوندا هئا ’قبول‘؛ پر جيڪڏهن ڪو لک صلواة جو اچي پيش ڪندو هو ته چوندا هئا ته ’قبول، آفرين هجيئي!‘ ائين چئي مٿن دعا گهرندا هئا؛ (5) سندن دستور هو ته پئسي جو نذرانو هٿ ۾ نه وٺندا هئا، پر جيڪڏهن ڪو فقير وِرِهَ (کٻڙ جون پاڙون) جا ڏندڻ آڻي نذراني طور پيش ڪندو هو ته هٿ ڊگهيري کانئس وٺندا هئا؛ (6) هڪ دفعي سيٺارجن کان اوڀر ميرواهه تعلقي ۾ ”تَلي“ جي دعوت تي هڪ مائي چڻن جي پلي ڇَٻيءَ ۾ وجهي تحفي طور کڻي آئي- پير صاحب جن چيس ته ’امان، اها سٺي رڌي به تون سگهندينءَ: جوئر جون مانيون ۽ اهو ساڳ رڌي کڻي اچ، جماعت دعوتيءَ جي دعوت کائيندي، مان تنهنجي دعوت کائيندس‘؛ (6) سانگهڙ لڳ گڙنگ واري بنگلي تي هڪ ڊپٽي ڪليڪٽر کانئن پڇيو، ’ڀلا ڪهڙي سبب کان گورنمينٽ ۽ گورنمينٽ جي ڪامورن جي عزت نٿا ڪريو؟‘ پير صاحب جن جواب ڏنو ته ’عام هلت چلت ۽ اطوار ڏسڻ بعد جڏهن اوهان جي عزت ڪرڻ جو رڳو خيال اچي ٿو، ته مون کي پنهنجي نسل ۾ شڪ ٿو پوي ته آءٌ ڪو ’حسيني‘ آهيان!‘

سندن علمي ۽ ذهني رجحانات تي هيٺ ڏنل ضميمي مان روشني پوي ٿي.

ضميمو

] نوٽ؛ رتناگري جيل ۾ پير صاحب هڪ بياض ۾ سلوڪ جي مختلف نڪتن کي منتخب ڪري قلمبند ڪيو. هن بياض جي پهرئين صفحي تي انگريزيءَ ۾ هن طرح نوٽ آهي:

Certified that this book aontains 100 Pages

(?) . Ellis

Superintendent R. Prison

16-4-31

ان بعد پير صاحب جن جي هٿ اکرين نوٽ: ”هي ڪتاب اسان کي رتناگريءَ جي جيل ۾ مليو- تاريخ 12 ربيع الاول 1350 هه جي، مطابق 28 جولائي 1931 جي“.

هن بياض مان انتخاب ڪيل مواد سان خود حضرت پير صاحب جن جي مطالعي، ذوق توڙي بلند اخلاق تي روشني پوي ٿي. سنڌي نثر ۾ پير صاحب جن جي عبارت به ڪن جاين تي نهايت مؤثر ۽ دلپذير آهي. هيٺ هن بياض مان، جو خود پير صاحب جن جي هٿ جو لکيل آهي، ڪي اقتباسات ڏنا وڃن ٿا.[

 

 

”بسم الله الرحمٰن الرحيم

هن ڪتاب ۾ اسان نصيحت جهڙيون ڳالهيون لکنداسي خاص خلق جي هدايت لاءِ ته بڇڙن ڪمن کان بيزار ٿين، خدا پاڪ کي ياد ڪن ۽ چيل نڪتا معرفت جا ڏنهن اسان جي حڪم خداي پاڪ ۽ رسول جي منهن نه موڙن- بيت فارسي:

”گردن از حکم خدايت برم تاب

تا نماني روز محشر در عذاب“

]حڪايت پهرين[. ”هر جيڪو مريد ساڻ سچي ارادي جي مرشد ٿو وٺي ۽ امر مرشد پنهنجي جو بجا نٿو آڻي، اهو مريدُ ڏنهن فيض حقيقيءَ جي نااميد رهندو. مريد کي جڳائي ته جو نُڪتو معرفت جو ڏنهن پير جي ٻڌي، ان کي منجهه ورقن دل جي لکي ۽ عمل ڪري، ته انشاءالله تعاليٰ ڏانهن برڪت مرشد جي فيض وارو ٿيندو. اي يار منهنجا! هي جيڪي اسين چئون ٿا اهو حق آهي ۽ اوهان حق ڄاڻو. بيت فارسي:

”هر نقطه از شگفته باغي، افروخته تر ز شب چراغي،

لفظش چو طراوت جواني، معنيٰ چو آب زندگاني.“

]حڪايت ٻي[. ”اسان هي ڪتاب ناياب ان لاءِ لکيو آهي ته طالب خدا جا مطالع ڪن ۽ سير ڪن باغ حقيقت جي جو ۽ سنگهن گل معرفت جو، ڇاڪاڻ جو مغز ماڻهن جو ڏنهن زڪام بي ايرادي جي بيمار آهه، سو ڏنهن بوءِ گل معرفت جي مغز ۽ روح طالب جو سرهو ٿئي ۽ دل خوشحال ٿئي- جيئن جو فارسيءَ واري چيو آهي:

”چنين گفت مردِ سخندان بمن، که اي باغبانِ رياضِ سخن،

درين روضهء پاڪ مي نوشان، درختِ معاني به نوعِ نشان،

که هرکو خورد ميوهء زين درخت، نشانندرا گويد اي نيڪ بخت.“

”اي عزيز، علم جو آهي سو مثال درخت ميوه دار جي آهي، پوءِ هر جيڪو اهو درخت پوکيندو، اهو عجيب حڪمت جا ميوا کائيندو. اسان اوهان مريدن لاءِ هي ڪتاب مثال درخت جي پوکيو آهي: اوهان اسان جي حڪم تي عمل ڪري هن درخت جا ميوا کائو.“

]حڪايت ٽي[.”هزار نڪتهء باريڪ تر از موئي اينجا ست،

نه هرکه سر بتراشد قلندري داند.

”اي دوستو! هر نڪتو جو اسان چيو آهي، ان کي سچو ڄاڻو، ڇا لاءِ جو ڏنهن هر حرف جي سؤ معنائون غيبي آهن ۽ ڏنهن هڪ هڪ ڪلمي جي هزار هزار لطيفا لاريبي آهن: ڏنهن هر عبارت جي فيض عام ۽ ذوق تمام، ۽ ڏنهن هر معنيٰ جي مفهومات بلا نهايات آهي؛ ۽ ڏنهن هر ادراڪ جي مقامات بسيار، ۽ ڏنهن هر حالت جي اهڙو ذوق، جو ان کي تارازي بيان جي نه توري- يعني ڪوبه ان جو بيان ڪري نه سگهي.- هتي هي بيان ختم ٿيو.“

]حڪايت چوٿين[. ”هاڻي هتي اسان بيت فارسي لکڻ شروع ٿا ڪيون. هي بيت گهڻن ڪتابن مؤن چونڊي اسان لکيا آهن، وڏيءَ تڪليف سان- خاص ڪري تڪليف واريءَ جاءِ ۾. ان لاءِ، هر پڙهندڙ تي واجب آهي ته ڪي نه ڪي بيت لکيل اسان جا ياد ڪري، ڇا لاءِ جو هر هڪ بيت عجيب معنيٰ، ساڻ سهڻي مطلب جي، رکندو آهي: ان لاءِ اوهان بيت ياد ڪيو. جنهن ماڻهوءَ کي هي بيت ياد هوندا، اهو ماڻهو هر هنڌ گفتگو ۾ اهي بيت ڪم آڻي سگهي ٿو ۽ ڪنهن به ڳالهه جي رد ۾ يا مثال لاءِ يا نصيحت لاءِ چئي سگهي ٿو. هي بيت هنن نالن وارن ڪتابن مؤن چونڊي ڪڍيا ويا آهن: هڪ انوار سهيلي، ٻيو حافظ ديوان، ٽيون بوستان، چوٿون گلستان. پهريؤن اسان انوار سهيلي جا بيت لکون ٿا:

”بسم الله الرحمٰن الرحيم

”بحڪمت حل هر مشکل توان کرد،

بحڪمت کام دل حاصل توان کرد“- الخ.

*      *       *

]صفحي 3 تي سڄي پاسي نوٽ لکيل آهي ته[. ”هتان کان اڳتي ڪاٿهين به وٽ تي سائي مس سان لکيل هجي، ان کي اسان جو چوڻ سمجهندا. اسان چڱا نڪتا ٿورن جملن ۾ هدايتن وانگر لکيا آهن، اوهان مريدن تي فرض آهي حڪم تي عمل ڪرڻ“.

] ان بعد حاشيه تي مس سان هيٺان نڪتا لکيل ملن ٿا[

(1) ”سچي تي ڪاوڙ ڪرڻ، اها خراب ڳالهه آهي. اي دوست، جي سچو آهين ته سچي کي مان ڏي“.

(2) ”جو شخص غير حاضر آهه، ان جو حصو حاضر آهه.“

(3) ”اي دوست، حرص نه ڪيو، جو حرص قاتل آهي؛ حريص جو حرص نه ڪر، جي مرد آهين“.

(4) ”هزار عبادت هڪ گناهه جي مقابلي ۾ نيست آهي، يعني گهٽ آهي.“

(5) ”اي دوست! جي تون پنهنجي نفس کي پهتين، ته گويا ڪ خدا کي پهتين. اي يار، نفس کي شڪار ڪر، جو عجب شڪار آهي.“

(6)”ناجنس جي دوستيءَ کؤن موت کي ڀلو ڄاڻ، ۽ ان جي دوستيءَ ۾ ڀلو نه ڏسندين.“

(7) ”علم ۽ حيا ۽ فياضي ۽ رحم- اهي مثال مان ڄاڻ: انهن شين کي هٿ کؤن نه ڇڏ“.

(8) ”اي يار، پيٽ تنهنجو دشمن آهي: ان لاءِ روزا گهڻا رکي علاج پيٽ جو ڪر، جو اهو ايذاءُ بهتر آهي.“

(9) ”ڪوڙي جي حڪومت ڪن لمحن تائين هلي سگهندي؛ سچي جي حڪومت تاقيامت آباد هوندي. اي يار، ڪوڙ کان بچ جو ڪئنچي ايمان جي آهي ۽ ڪوڙي تي خدا جي لعنت آهي.“

(10) ”اي دوست، حساب پنهنجو صاف رک، پوءِ چڪ نه ڪر- اهو چيو ياد ڪر.“

*      *       *

]اڳتي هڪ نوٽ[ . ”’حافظ ديوان‘ جون هن ڪتاب ۾ ڪل رباعيون اسان پاس ڪري (68) اٺهٺ لکيون آهن. اهي سڀ رباعيون 28 تاريخ آچر جي ڏينهن لکي ختم ڪيونسي- رتناگيري جيل ۾، مهينو جمادي الاول 1350 هه، مطابق 11 آڪٽوبر 1931ع.- صحي سيد پير محمد صبغت الله هاشمي جلالي- وقت نو ساڍا.“

*      *       *

- ”هي سڀ بيت ]فارسي[ ملفوطات حضرت روضي ڌڻي واريءَ مؤن اسان چونڊي لکيا آهن، اوهان پڙهندڙن کي تاڪيد ٿو ڪجي ته هنن بيتن مؤن ٿورا گهڻا بيت ضرور ياد ڪن، ڇا لاءِ جو عجب معنيٰ ۽ شوق ذوق رکندا آهن. لکي ختم ڪياسي تاريخ 5 جمادي الاخر جي 1350هه، مطابق 17 آڪٽوبر 1931ع جي، رتناگيري جيل ۾.- صحي سيد پير محمد صبغت الله شاهه هاشمي جلالي راشدي حسيني شاهمردان.“

”هي ’بوستان‘ جا بيت تاريخ 12 جمادي الاخر ڇنڇر جي ڏينهن 1350 هه جي رتناگيري جيل ۾ اسان لکي ختم ڪيا، مطابق 24 آڪٽوبر 1931ع جي.- صحي سيد پير محمد صبغت الله شاهه هاشمي، جلالي، راشدي، شاهمردان شاهه.“

*      *       *

]صفحي 27 تي[. ”هتؤن کان اڳتي اسان ڪي ڳالهيون هدايتن جهڙيون ٿا لکون، جي ڳالهيون اوهان مريد منهنجا سچائيءَ سان پڙهندا ۽ چڱيءَ صورت لکيلن حڪمن تي عمل ڪندا؛ ۽ مطالع ڪرڻ هن ڪتاب جو سير ڪرڻ باغ حقيقت ۽ سنگهڻ گل معرفت جي جو آهي هر ڪنهن شائق طالب لاءِ، ڇا لاءِ جو ڏنهن زڪام بي ارادي جي مغز عام خاص جو خالي آهي: جنهن کي جا مٿين بيماري نه هوندي، اهو ڏنهن هنن حڪمن جي ۽ ٻين حڪمن جي به غافل نه رهندو ۽ پنهنجيءَ قوت آهر ڪا ڪوتاهي نه ڪندو. اي دوستو، مون کي ڏنهنه خزاني فراق جي انعام مليو آهي: ان انعام ۾ اوهان کي به مون حصيدار ڄاڻي سچن ۽ ايمان وارن لاءِ هي نڪتا گڏ ڪيا آهن، ته من ڪنهن کي فيض رسي. اي مريد منهنجا، دل منهنجي منجهه چنبي فراق جي آهي، مثل بلبل جي، ۽ هر وقت مٿي زبان جي هي بيت ورد ڪندڙ آهي:

”کجا شد سروِ من يا رب که در بستان نمي بينم،

شدم مشتاق چون بلبل، گل و ريحان نمي بينم.

معنيٰ بيت جي: ڪاڏي ويو سرو منهنجو، اي الله پاڪ، جو منجهه باغ جي نٿو ڏسان مون؛ مون ٿيس سڪايل بلبل جيئن گل ۽ بوءِ نٿو ڏسان مون.

”اي يارو، اڄ دل منهنجي نه مٿي فرش جي آهي، بلڪ مٿي عرش جي آهي. ان ڳالهه لاءِ آيت شاهد آهي: ’قلوب المومنين حرم الله‘.

”هتي هي بيان ختم ٿيو، اڳتي اسان هڪ ڪافي ٿا لکون، جا اسان جي ٺاهيل آهي-

”ٿل: مون کي هڻي ڪو جادو سهڻا يار دل لٽي وئين.

ڪري چشمن سندو ڪو چالو، سر ساهه ٻئي سٽي وئين.

1. ڪري پهريؤن مٺيون تو ڳالهيون، وڌئي يار دل کي دواليون،

هڻي نيڻن سنديون دناليون، منهنجا دوست دل ڦٽي وئين.

2. تنهنجو عشق آهي قهري، مثل، يرَ! باز بحري،

وٺي بلبل جيئن ٿو سحري، تيئن جهٽ منجهه دل جهٽي وئين.

3. ’صبغت الله‘ جي سڻ تون زاري، ڪر ڪا تون ستاري،

هيڪر ڏيئي ڏيکاري، تِهان پوءِ منهن مٽي وئين.“

]صفحي 28 تي حڪايت 13[. ”اي مريدو! هن وقت ۾ جو ماڻهن منجهه بيدينيءَ جي موج هلي رهي آهي، ان خراب حالت کي مدنظر رکي، اسان ڪي ڳالهيون، ڪي بيت، ڪن ڪتابن مان چونڊي، اوهان جي فائدي لاءِ لکيون آهن. هن وقت جو سن 1350هه ۾ بجاءِ عدل جي ظلم، بجاءِ علم جي جهِل، ۽ بجاءِ ادب جي بي ادبي، ۽ بجاءِ سچ جي ڪوڙ، ۽ بجاءِ رحم جي غضب باقي رهيو آهي، اڪثر هر اخلاق موچارا ساڻ وصفن بڇڙن جي مبدل ٿيا آهن- جيئن حافظ شيرازيءَ چيو آهي:

”اين چه شر ريست در دور عمر مي بينم،

همه آفاق پر از فتنه و شر مي بينم.

”اي دوستو، زمانو گهڻو خاصو آهي، پر ڪو خود پاڻ خاصو ٿئي؛ زماني کي خراب چوڻ اها خود بيجائي آهي، زماني کي خراب چوندڙ خود خراب آهي؛ زمانو خراب نه آهي بلڪ ارڪان ماڻهن جا خراب آهن. ان لاءِ، اوهان سچن ايمان وارن مريدن کي جڳائي ته جو هر نڪتو ڏنهن زبان وحي ترجمان ڏنهن پير پنهنجي ٻڌي، ان کي منجهه ورقن دل جي، حڪم مرشد پنهنجي جا لکي ۽ عمل ڪري ته فيض وارو ٿئي ۽ منهنجي دل کي خوش ڪري، جو مان چڱيءَ نيت سان هي ڪتاب ۽ ٻيا ڪتاب اوهان جي فائدي لاءِ لکيا آهن. اي يارو علم جو آهي سو مثل وحشي آهي، مون ان کي منجهه ورقن ڪتاب جي لکي قيد ڪيو آهي، جيئن جو هر لفظ مثل گلاب جي معطر منجهه شيشي ڪتاب جي گڏ ڪري، مٿي دڪان اشتهار جي رکيو، جو مغز هر خاص عام جو ڏنهن زڪام بي ايرادتيءَ جي بيمار آهي. ان لاءِ، اوهان وٺو بهرو هن ڪتاب مؤن، جو ڏيکاري ٿو واٽ سچائيءَ جي. هي بيان هتي ختم ٿيو. ٻيو ته اسان هن ڪتاب ۾ بيت سنڌي، فارسي غزل، سنڌي فارسي ڪافيون سڀ لکيون آهن، ڇا لاءِ جو فارسيءَ واري چيو آهي:

”سخنها ز بدمست و از خرد مند،

نظم و نثر بايد داد پيوند.

”ٻيو ته اسان بيتن جون معنائون ڪونه لکيون آهن، ڇا لاءِ جو سڀ ڳالهه جي مطلب تي ظاهر آهن ۽ معنيٰ به ظاهر پيئي نظر اچي، ۽ جي لکون ها اسان معنيٰ بيتن جي ته جيڪر ٿوري ڳالهه به وڏي ٿي پوي ها-

”جڳائي ڪرڻ يار ٿورو بيان،

ٿئي ٿو سمجهه منجهه سڀ کي عيان.“

]حڪايت 18[. ”اي مريد منهنجا، غنيمت ڄاڻو عمر پنهنجي کي: ان وقتَ ٿوريءَ عمر جي ۾ ٻنهي جهانن جو ڪم راس ڪيو: همت پنهنجيءَ جا گهوڙا ڏنهن طرف باغيچي بهشت جي ڊڪايو، ۽ پنهنجي منزل ساڻ خير جي پڄايو“.

]صفحي 32 تي ۽ ان کان اڳتي ”بيت سنڌي اسان جا ٺاهيل“ جي عنوان سان پنهنجا چند قلم بند ڪيا اٿن- مثلاً،[

 

”جڳائي مدامي ذڪر سان زبان

-

نه ڪوڙي دنيا جو ڪجي ڪو بيان

سچائيءَ سندو يار کڻ تون قدم

-

چيو آ عجب دوست منهنجي قلم

پنڻ تي ڀريو آهي پِيرن زور

-

پنڻ ڪم انهيءَ جو جو گانڊو لغور

پنن پِير ٿا پيا هميشه مدام،

 

وڃي ڪن ٿا ماڻهن جو گهر منجهه سلام

رکن پيِر ٿا دزد مثل گرگ جي

-

مريدن کي ڀانئن مثل مرغ جي

نه پيرن ڪئي خلق جي رهبري

-

پڳ ۾ ٻڌن ٿا ڪوڙن جي ڀري

رکج يار تون پانهنجي صاف دل

-

ڪري خيال ڏس جو تون آهين امل

دل کي رکج تون هميشہ صفا

-

ڪوڙي دنيا جا ڇڏي سڀ خفا

زبان دل جنهين جي ٿئي هڪ يار

-

تنهين تان سوين سر آهن نثار“

]صفحي 77 تي حڪايت 397 نقل ڪري ان بعد لکن ٿا[- ”منڍ کؤن وٺي هيستائين جو ڪجهه لکيل آهي، سو اسان رتناگري جيل ۾ لکيو آهي. مدناپُر سينٽرل جيل بنگال ۾ ڪجهه به نه لکيو اٿسي، ۽ اسان جيل ۾ ڪتاب ٺاهڻ بند ڪيو آهي- ان جا سبب هي آهن: هڪ ته سرڪار اوهان کي اسان جا لکيل ڪتاب نٿي ڏئي، ٻيو ته اسان کي به ٺاهڻ ۾ تڪليف ٿي ٿئي- ان لاءِ اسان هتي ڪتاب لکڻ بند ڪيا آهن. جي حياتي آهي ته ٻاهر اچي لکنداسي؛ هتي فقط ڪتاب پڙهندا وڃون ٿا، ۽ جيڪي ڳالهيون يا مثال لکڻا آهن، انهن تي نيشان ڏيندا ٿا وڃون. اميد ته يا اسان يا اوهان اهي سڀ ڳالهيون گڏ ڪند‍ؤ- آمين! صحي سيد پير محمد صبغت الله شاهه جلالي راشدي“

]وري ڪتاب جي آخري صفحن (122 کان کاٻي پاسي) تي ”ديوان حافظ“ مان اشعار ۽ چند اردو اشعار نقل ڪيا اٿن.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com