سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :38

سيد صالح محمّد شاهه

 

سيد حاجي نور محمّد شاهه ”نورل“

سيد حاجي نور محمد شاهه ولد سيد اسماعيل شاهه، فبروري 1890ع ۾، ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ تولد ٿيو. ڳوٺ موري منگر، حيدرآباد شهر کان ڇهه ميل اڀرندي طرف، ٽنڊي قيصر ۽ شيخ ڀرڪئي جي رستن جي وچ ۾ آهي. پاڻ ”متعلوي“ سادات آهن. ننڍي هوندي کان ذهين هوندا هئا. جيتوڻيڪ سندن والد صاحب زمينداري ڪرت ڪندا هئا، ته به علم ۽ فضل ۾ ڪافي دسترس رکندا هئا، ۽ پنهنجي فرزند کي ڳوٺ کان هڪ ميل پري ڀينڊي شريف مدرسي ۾ ابتدائي تعليم لاءِ داخل ڪيائون، جتي سيد نور محمد شاهه عربي، فارسي ۽ قرآن شريف جي تعليم مدرسي جي مشهور استاد مولوي ميين عبدالله ڪيرئي وٽان حاصل ڪئي. ڪجهه وقت مرحوم ميين احمد وڪو، وڪن جي ڳوٺ واري (هوسڙيءَ لڳ)، وٽ پڻ پڙهيا. سندن شعر چوڻ جي ابتدا پڻ اتي – شاگرديءَ جي زماني ۾ ٿي. سندن قابليت ۽ ذهانت ڏسي، وقت جي ڊپٽي صاحب کين ڀينڊي شريف جي پرائمري اسڪول ۾ نائب ماستر مقرر ڪيو؛ ڇاڪاڻ ته ان وقت ڀينڊي شريف ۾ علم جو گهڻو چرچو هو، ۽ ڪنهن گهٽ لياقت واري ماستر وٽ اتي جا ماڻهو پنهنجا ٻار پڙهائڻ لاءِ تيار نه هئا. اهو 1915ع جو زمانو جو. ان وقت شاهه صاحب جن جي عمر پنجويهه ورهيه هئي. پورا ٻٽيهه سال ساڳئي اسڪول ۾ نوڪري ڪري، 1946ع ۾ رٽاير ڪيائون. اسڪول جي نوڪريءَ سان گڏ شعر و شاعري ۽ مطالعي جو هميشہ شوق رهندو آين. جيڪو وقت ڊيوٽيءَ کان فارغ رهندا هئا، سو صوم و صلوات ۽ مطالعي ۾ گذرندو هونِ. تعليم جي متعلق سندن هميشہ اهو رايو هو ته تعليم کان سواءِ انسان انڌي جي  آچار آهي؛ ان ڪري پنهنجي وڏي فرزند سيد عبدالرحمان شاهه کي اعليٰ تعليم ڏياريائون، جو هن وقت ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. جيڪو شعر چوندا هئا، سو پنهنجي هٿ- لکيل بياض ۾ ويندا هئا درج ڪندا، جو اڄ تائين وٽن موجود آهي، ۽ جنهن ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين جو چيل ڪلام محفوظ آهي. سندن اکر سهڻا آهن، جنهنڪري مجموعو خوشخطيءَ جو هڪ نادر نمونو آهي. شاهه صاحب جو ڪلام مناجاتن، رباعين، غزلن، قصيدن، مداحن، مرثين، ۽ منظوم خطن تي مشتمل آهي. خطبن جو هڪ مجموعو پڻ سندن تصنيف آهي.

ڪلام

(پاڻ ڳالهه ڪندا آهن ته پندرهن روهين جي عمر ۾، جڏهين اڃا پڙهندا هئا، ته هڪ ڪافي چئي ڪاغذ تي لکي پنهنجي استاد کي ڏيکاريائون، جنهن کين ايڏي خداداد قابليت تي مبارڪ ڏني. اها ڪافي هيءَ آهي -)

جوڳيڙين ڪو پيتو جام

مست رهيا مخمور مدام،

گهاٽو گَهِرو گروءَ پياري،

گاروڙن کي ڪيو گمنام.

سُرڪي پي سي سامي سزا،

بنيا بيراڳي جي بس بنرا،

چوري چنگڙا ڪينر ڪنرا،

راول ريجهائن ٿا رام.

لاهوتي اڌ رات ليلائن،

پر ۾ پنهنجو پاڻ پچائن،

جوڳ اندر جند جان جلائن،

کانيو کائن خدشا خام.

پورب پُريا چوتا چاڙهي،

حاذق هليا هيجان هاڙهي،

ڪين ڪنواٽ ڪنبايا ڪاڙهي،

آين اُڃ بک ۾ آرام.

”نورل“ نانگن کي نينهن نايو،

بيوس تن کي برهه بنايو،

ويراڳن ويران وسايو،

الک آديسين ٿيو انعام.

*

اکڙين لايو آر اُتي،

ناهه جتي ڪا جاءِ پڄڻ جي!

آءٌ هتي حيران هميشہ،

منهنجو خوش منٺار اُتي.

حال حقيقت هيڻي جو هيءُ،

اوٺي ڪج اظهار اُتي.

قالب قسمت جا ڏينهن ڪاٽي،

هانوَ ٽنگيو هر بار اُتي.

ناهه نجيبن ري ننڊ ”نورل“،

ياد ڪري من يار اُتي!

·

اي صبا، ڪا سڌ سما ڏي دلربا دلدار جي،

خوش طبع، شيرين زبان، گوهر فشان گفتار جي.

سيم تن، سيبِ ذقن، غنچه دهن لهءِ دل سِڪي،

آهم اُڪنڊ آهوچشم، گل جسم، گل رخسار جي،

جن سوا ساعت نه سک، تن ري ٿيا مهنا مُنکي،

هاءِ منهنجو هانوَ ههڙي هول کان ويو هارجي!

انتظاريءَ ۾ ويچاري بيقراري بار بار،

من ملي مٽيءَ کي تسلي ماهرو مختار جي.

يا خدا ”نورل“ گدا جي هيءَ صدا ڪر تون قبول،

بخش درباني ڪڻم، دلدار جي دربار جي!

·

ياد وارن کي وسارين يار ڇو؟

غمزدن سان گڏ نه گهارين يار ڇو؟

جي پتنگ جئن پرت پنهنجيءَ ۾ پچن،

تون نه تن سان پرت پارين يار ڇو؟

حب مان اُن وٽ هلي جي ٿا اچن،

در مٿان تن کي ڌڪارين يار ڇو؟

جي مئا مارڻ اوهان جي کان اڳي،

مفت موٽي تن کي مارين يار ڇو؟

حبّ تنهنجي ۾ هنيل حيران جي،

دشمني تن ساڻ ڌارين يار ڇو؟

منهن ڏسڻ لءِ مست ماندا ٿا مرن،

وصل کان وانجي سي وارين يار ڇو؟

”نور محمد“ جي نماڻي حال تي،

ڪين نرميءَ سان نهارين يار ڇو؟

 

-------------------------

 


 

عبدالڪريم سعدي

 

محمّد خان ”غني“

ٽکڙ جو هڪ اهو خاندان، جنهن ۾ پشتا پشتي پنجن پيڙهين تائين شاعريءَ ۽ حڪمت جو پتو پوي ٿو اڄ انهيءَ مسند جو مالڪ محمد خان ”غني“، مالڪ هاشمي پرنٽنگ پريس، ۽ ايڊيٽر ”مسلمان“ حيدرآباد، آهي. محمد خان ”غني“، سنڌ جي جيد شاعر حافظ حاجي حامد ٽکڙائيءَ جو پوٽو، مرحوم محمد دائود ”مومن“ جو پٽ، ۽ مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ جو پائٽيو، 18 ذي الحج 1320 هه سومر جي رات هن دنيا جي پهرينءَ منزل ۾ قدم رکيو. مرحوم و مغفور حضرت ”مخلص“ صاحب جن جا ٻه فرزند وفات ڪري ويا هئا، جن کي ڪو وڏو عرصو نه گذريو هو ۽ والدين جون اکيون اڃا آليون هيون: مرحوم محمد دائود صاحب، مرحوم ”مخلص“ ۽ سندن اهليه جي دلجوئي انهيءَ ۾ سمجهي جو پنهنجي نَو مولود کي کڻي انهن جي جهوليءَ ۾ وڌائين، ۽ هنن اها جهولي ائين جهلي جو سندن زندگيءَ جي آخرين دمن تائين هڪٻئي کان جدا نه ٿيا. ”غنيءَ“ جي پرورش ٽکڙ جهڙي علمي خطي ۾ ٿي. تعليم جي ابتدا ٽکڙ جي سنڌي اسڪول کان ٿي. وچ ۾ پارسي ۽ قران شريف جي تعليم، مرحوم و مغفور حافظ عبدالله صاحب ”بسمل“ کان وٺندو رهيو. سال 1916ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. حيدرآباد ميونسپل ۾ ماستر ٿيو. ٽکڙ جي علمي ادبي محفلن مان هن گهڻو ئي پرايو. حيدرآباد آيو، ته اتي جي ادبي محفلن سندس جدي ورثي، شاعريءَ، کي چار چنڊ لڳايا. ٻه سال ٽريننگ ڪاليج پاس ڪيائين. 1923ع تائين ماستري ڪري، وري تپيداري ٽريننگ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. 1924ع ۾ تپيداري پاس ڪيائين، مگر نوڪري ڪانه ڪيائين. 1924ع کان ”مسلمان“ اخبار جي دفتر ۾ داخل ٿيو. 1931ع ۾ مرحوم ”مخلص“ پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ”مسلمان“ ادارت سندس حوالي ڪئي، جا اڄ تائين سندس هٿ ۾ آهي.

سنڌ جي شاعريءَ جي تاريخ هن ڳالهه جي شاهد آهي ته جيڪي به انقلاب سنڌي شاعريءَ ۾ آيا، سي هن خاندان جي ئي طفيل آيا. ڏوهيڙن وارو دور اڃا هليو ئي پئي، ته مرحوم خليفي گل محمد هالائيءَ کان سو – سوا سو سال اڳ هن خاندان سنڌي شاعريءَ کي غزل جو جامو پهرائڻ شروع ڪيو. 1952ع کان وري سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافين ۽ ڏوهيڙن جو رواج ڏيارڻ جو سهرو ”غني“ صاحب جي سر تي آهي.

”غني“ جي شعر جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جنهن ۾ ئي مثنويون طبعزاد، ۽ هڪ مثنوي ترجمو ٿيل آهي. ”مسدس حاليءَ“ جي ترجمي تي پنج سو رپيا انعام جو اعلان ٿيو؛ قريباً ڏهاڪو کن ترجما پيش ٿيا، مگر ترجمو بحال ”غني صاحب جو ٿيو. مثنوي ”فاتح سنڌ“ تي ادبي بورڊ کيس ست سؤ روپيا انعام ڏنو. هڪ ڪافيءَ تي حضرت پير صاحب پاڳاري کيس پنج سو روپيا انعام مرحمت فرمايا.

هن پوئين دور ۾، ”غني“ صاحب جي شاعريءَ جي قدر

دانن ۾ جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“، جناب ”سرشار“ عقيلي، قاضي سچيڏنو صاحب ڪليڪٽر، آغا عبدالمجيد صاحب ڪليڪٽر، ۽ ٻيا به اهڙا ئي علم دوست بزرگ آهن، ”غني“ صاحب جي شاعريءَ کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نه فقط اُجڙي ديار ٽکڙ کي، بلڪ پوريءَ سنڌ کي هن بزرگ هستيءَ تي ناز آهي. شل الله تعاليٰ کيس خِضري عمر عطا فرمائي، جنهن کان سنڌي ادب جو خزانو مالا مال ٿيندو رهي!.

 

-------------------------

ماسٽر عبدالله ”خواب“ حيدرآباد*

 

نالو عبدالله، ”خواب“ تخلص اٿس، پاڻ کي’حيدرآبادي‘ چوائيندو آهي. عبدالله ”خواب“ حيدرآبادي صاحب هڪڙو کلڻو، رلڻو ملڻو ۽ ساده دل انسان آهي. هو ڪاوڙجي به جلدي، ته پرچي به جهٽ پٽ – جهڙو ننڍڙو! دل ۾ ته رکي ئي ڪين، جيڪي اندر ۾ هوندس سو چئي ڏيندو. اها ئي سادگي ۽ سچائي سندس شاعريءَ ۾ به سمايل هوندي آهي. سندس ڪلام ۾ شاعراڻي تعلّي گهٽ، ۽ حقائق جي چٽسالي گهڻي ۽ گهري نظر اچي ٿي.

خواب صاحب 19 شوال 1321ع هجريءَ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو علي بخش، ذات ڀٽي آهي. ننڍي هوندي سندس تعليم ايتري نه ٿي سگهي؛ ٻه ٽي درجا سنڌي پڙهيائين، پر پوءِ ذاتي ذوق ۽ ماحول جي اثرات جي ڪري ايترو اڀياس ڪيائين جو چڱيءَ طرح لکي پڙهي سگهڻ لڳو. اهو ئي ذاتي ذوق شوق ۽ شاعراڻو ماحول هو، جنهن سندس موزون طبيعت کي ڪتابن جي اڀياس، فطرت جي مطالعي ۽ فڪري صلاحيتن کان ڪم وٺي ڪلام چوارايو، ۽ هي ٿورو پڙهيل شخص به چڱيرڙن جي صحبت ۾ چڱيرڙو ٿي پيو. هو اڳتي وڌي پهرين صف جي شاعرن ۾ ته نه اچي سگهيو، پر سندس ڪلام اهڙو به نه آهي جنهن کي هروڀرو نظر انداز ڪري ڇڏجي؛ ڇاڪاڻ جو ان ۾ سندس دور جي جهلڪ ضرور نظر اچي ٿي. شاعر کي پنهنجي دور ۽ ماحول جو عڪاس ٿيڻو پوي ٿو، ۽ سندس دل جي تار کي جڏهين ڪو ڇيڙڻ وارو ملي ٿو، ته ان مان اهو ازلي نغمو نڪري ٿو، جو فضا کي لطيف بڻايو ڇڏي، ۽ دنيا جي غوغاءِ ۾ اهڙي ته شيريني پيدا ٿيو پوي، جو هرڪا درد مند دل جهوميو اُٿي.

خواب صاحب جو والد بزرگوار، ميان علي بخش، هڪ عاشق رسول ۽ مولود خوان شخص هو. هن جي دوستي ان وقت جي شاعرن – جهڙوڪ فاضل شاهه، وغيره – مولودين ۽ ثنا خوانِ سرورِ ڪائنات سان هوندي هئي. هن جي اوطاق سنڌ جي روايات جو هڪ نمونو هئي، جتي مسافرن ۽ مهمانن جي جهونگار سدا پيئي ٻڌبي هئي. اهو ئي ماحول هو، جنهن سيد محمد حيات شاهه ”حافظ“ کي به گهلي آڻي سدا جي لاءِ حيدرآباد جي هن محفل جي رس وٺڻ لاءِ هتي رهائي ڇڏيو. راڳ روپ، مدح و ثنا ۽ مهمان نوازي هن محفل جون خاص خوبيون ۽ خاصيتون هيون. انهيءَ ماحول ۾ ننڍڙو عبدالله، جو اڳتي هلي ’ماسٽر عبدالله‘ جي نالي سان مشهور ٿيو، وڌي وڏو ٿيو.

1926ع ڌاري، جناب محمد بخش ”واصف“ جي اوطاق تي مشاعرا ٿيڻ لڳا، جن ۾ محمد صديق ”مسافر“، فقير محمد ”عاجز“، محمد هاشم ”مخلص“، مراد علي ”ڪاظم“، محمد موسيٰ ”راز“، سيد محمد حيات شاهه ”حافظ“ ۽ ٻيا حضرات وقت بوقت اچي شامل ٿيندا هئا. 1927ع ۾ ”مسلم ادبي سوسائٽي“

 

 

شروع ٿي، جنهن ۾ وري مٿين شاعرن کان سواءِ سيد ميران محمد شاهه، محمد صديق ميمڻ، عطا محمد ”عطا“، شيخ محمد ابراهيم ”خليل“، حافظ عبدالله ”بسمل“ ٽکڙائي، ليکراج ڪشچند ”عزيز“، محمد خان ”غني“ ۽ ٻيا ناليرا شاعر به اچڻ لڳا. ننڍڙو عبدالله، مٿين ٻنهي هنڌن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پنهنجو ڪلام وڃي پڙهڻ لڳو، جتي کيس داد ۽ آفرين ته خيرڪي ملندي هئي، البت ڪچڙيءَ مکڙيءَ کي ٽڙي گل ٿيڻ لاءِ ادب ۽ شوق جي نسيم سحري جهوليءَ ۾ ويهاري لوڏا ڏيڻ لڳي – تان جو هڪ نازڪ غنچو، شاداب ٻوٽو بڻجي پيو. وقت گذرندو ويو، ۽ خواب صاحب اڳتي وڌندو رهيو. هو قومي رهنمائن جي شان ۾ گيت ڳائڻ لڳو. مختلف تحريڪن – مثلاً تحريڪ خلافت - ۾ بهرو وٺڻ لڳو. هو عيد ميلادالنبي ۽ اهڙين ٻين مذهبي تقريبن ۾ نظم، تهنيت ناما، نعتون ۽ ٻيو ڪلام پڙهڻ لاءِ زهر پياڪ عاشق وانگر اچي حاضر ٿيندو هو. هاڻي هي شخص نه رڳو ڪلام جوڙيندو هو، پر عملي طور تي تحريڪن سان وابسته ٿيڻ لڳو. نتيجي طور، خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ ٽي ڏينهن جيل پڻ ڀوڳيائين.

شروعات ۾ هن شاعر جي شاعراڻي حياتيءَ جي تربيت ۾ سندس استاد سيد محمد حيات شاهه ”حافظ“ ۽ وڏي ڀاءُ محمد موسيٰ ”راز“ جو وڏو هٿ رهيو آهي؛ پوئين دور ۾ وري ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ سندس اهڙي ته حوصلي افزائي ڪئي، جو هو هميشہ جي لاءِ شاعريءَ جو ٿي رهجي ويو. خواب صاحب جي حياتيءَ ۾ هڪڙو اهڙو وقت به آيو، جو کيس وطن عزيز جا وڻ ڇڏي ساهراڻي ملڪ مانڊوي بندر ۾ وڃي رهڻو پيو، جتان هو سن 1941ع ڌاري موٽي آيو، ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه وقت بيمار رهڻ کان پوءِ، تلڪ چاڙهيءَ تي درزڪو دوڪان اچي کوليائين، جنهن تي اڄ تائين پيٽ – قوت لاءِ محنت مزدوري ڪندو ٿو رهي. هي شخص حيدرآباد ۾ آيو، ته وري به ادبي ۽ علمي محفلن، جلسن جلوسن ۽ ٻين تحريڪن ۾ حصو وٺڻ لڳو. ان وقت حاجي شاهه تي، صدر بازار ۾، اردو مشاعرا ٿيندا هئا. سال – ڏيڍ گذرڻ بعد، حيدرآباد ۾ ”انجمن ترقيءَ اردو“ جي شاخ کلي، جنهن جي سهاري هيٺ نه رڳو صدر ۾ اردو ڪتابن جو هڪ چڱيرڙو ڪتبخانو کليو، پر علمي ۽ ادبي چرچو ۽ ڏيک ويک به وڌي ويو. ادبنواز حضرات، جماعتن ۾ ونڊجڻ جي بدران، انجمن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ مناسب ڄاتو، ۽ هاڻي حاجي شاهه وارا مشاعرا ڦري انجمن جا مشاعرا ٿي پيا. مشاعرن جو هي دور به ٻه ٽي سال هليو، پر پوءِ انجمن جي سيڪريٽريءَ جي خود سريءَ سببان هيءَ متل محفل به ڦٽي پيئي. خواب صاحب به انهن مشاعرن ۾ شامل ٿيندو هو، جتي سندس واقفيت ڪيترن ئي اردو شاعرن سان ٿيندي رهي، جن مان سعيد احمد ”سعيد“، محمد رمضان ”شاد“ ۽ هڪ سنڌي نوجوان مرزا فيض علي ”فيض“ جا نالا قابل ذڪر آهن.

ان دور ۾، لاڙڪاڻي ۾، قادري صاحب، حاجي محمود ”خادم“، نواز علي ”نياز“ ۽ ڪجهه ٻين صاحبن جي ڪوشش سان، ۽ دادوءَ ۾ جمع خان ”غريب“ ۽ حافظ محمد ”احسن“ جي ڪوششن سان، مشاعرا، ٿيڻ لڳا، ۽ سنڌي ادب کي زور وٺائڻ جي مقصد سان لاڙڪاڻي مان هڪ رسالو ”اديب سنڌ“ پڻ جاري ڪيو ويو. انهن مشاعرن جون طرحون ڪارڊن جي ذريعي سڄيءَ سنڌ جي شاعرن ڏانهن موڪليون وينديون هيون، جن تي شاعر ڪلام جوڙي موڪليندا هئا، ۽ اهو ڪلام هر مهيني، مقرر ٿيل تاريخ تي، پڙهي ٻڌايو ويندو هو. لاڙڪاڻي وارن مشاعرن جو احوال ۽ ڪلام ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيندو هو. ان رسالي جي ذريعي، تنقيدي مضامين جي پڻ شروعات ٿي ۽ شاعراڻن نقطن تي بحث ٿيڻ لڳو، جنهنڪري عام شاعرن ۾ فني شعور وڌيو ۽ پڪو پختو ٿيو. خواب صاحب نه رڳو انهن مشاعرن ۾ حصو ورتو، پر گهڻو ڪجهه پرايائين به، ۽ ڪيترن ئي ناليرن شاعرن – جهڙوڪ جمع خان ”غريب“، حافظ محمد ”احسن“، حاجي محمود ”خادم“، نواز علي ”نياز“، عطا محمد ”حامي“، غلام محمد ”گرامي“، مخدوم طالب الموليٰ، وغيره – سان واقفيت ٿيس.

سن 1948ع ۾ ”بزم خليل“ حيدرآباد جو پايو پيو، جنهن جي اهتمام هيٺ سنڌي، اردو ۽ فارسي مشاعرا ٿيڻ لڳا. شروعات ۾ هي محفلون گهڻو زور هيون ۽ باقاعدگيءَ سان ٿينديون هيون، پر پوءِ انهن جو به زور ٽٽڻ لڳو، ڇاڪاڻ جو ڪيترن ئي دوستن کي نوڪريءَ سانگي شهر ڇڏي ٻاهر وڃڻو پيو، ۽ ڪن جو وري شوق گهٽجي ويو. هاڻي ان بزم جو هفتيوار ڪلاس ”خليل“ صاحب جي جاءِ تي ٿيندو آهي، ۽ بس! البت، بزم جو ساليانو جلسو، حيدرآباد جي ادبي زندگيءَ ۾ وسامندڙ شمع جي آخري جهلڪن وانگر چمڪندو رهي ٿو. ان بزم جي ذريعي خواب صاحب جي دوستي سرور علي ”سرور“، لطف علي شاهه ”منظور“ نقوي، رشيد احمد ”رشيد“ لاشاري ۽ مظفر حسين ”جوش“ سان ٿي. عبدالقيوم ”“صائب“ سان سندس واقفيت 1944ع ڌاري ٿي هئي، پر ساڻس گهاٽائپ ’بزم خليل‘ ۾ شموليت کان پوءِ ئي ٿي. مٿين سڄڻن سان اڄ تائين سندس نيازمندانه رستو آهي.

”سنڌي ادبي سنگت“ شروع ٿي، ته خواب صاحب ان ۾ به سرگرميءَ سان حصو وٺڻ لڳو، ۽ اڄ تائين وٺندو اچي.

خواب صاحب جي ادبي زندگي گونا گون آهي، ته وري سندس گهرو ۽ معاشرتي حياتي به هڪ سبق آموز داستان آهي. هن جي شادي اڻٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجن وڇڙيل عزيزن مان ٿي، جيڪي مانڊوي بندر (ڪَڇ) ۾ رهندا هئا. شاديءَ کان پوءِ ٻه سال کن سنڌ ۾ رهيو، پر ماٽيجي ماءُ نه سٺس؛ جنهنڪري اباڻا ڪک ڇڏي وڃي ساهراڻو ماڳ وسائڻو پيس. ڌڻيءَ جي عجيب ڪرڻي ڏسو جو اتي به سک نصيب نه ٿيس: ڇاڪاڻ جو اتي وري خواب صاحب جي شريڪ حيات جي ماٽيجي ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي نه سٺو. خواب صاحب جو سهرو لکاپتي شخص هو، جنهن جو واپار ڏيساور توڙي تر ۾ برک هو. مهاراجائن جي درٻار کان ويندي معمولي واپارين جي دوڪانن تائين سندس نالو هوندو هو. هتي خواب صاحب جي هيءَ حالت هئي، جو هو هڪ وڏي شاهوڪار جو ڪنگال ناٺي هو. هن دولت ۽ ناڻو اکين سان ضرور ڏٺو، پر ان کي ڪتب آڻي پنهنجي حياتي سڌاري نه سگهيو: بنگلا ۽ محلاتون ڏٺائين، پر انهن جي سکي جيوت گهاري نه سگهيو: مطلب ته ڏسي سو سڀڪجهه سگهيو، پر واپرائڻ جي قوت ڪا نه هيس. اهي سڀ نعمتون هن جي لاءِ منع ٿيل ميوي وانگر هيون. هو ڪڇ ۾ تيرهن چوڏهن ورهيه رهيو، ۽ ڪي ڏينهن اهڙا به آيا جو ٻارن ٻچن سوڌو لنگهڻ به ڪڍيائين. آفرين آهي ان عورت کي، جنهن ههڙيءَ دکي حياتيءَ ۾ به پنهنجي ڀتار جو ساٿ نه ڇڏيو، ۽ سڀڪجهه صبر سان سَٺو! خواب صاحب جي زال نيٺ بيمار ٿي پيئي، جنهنڪري ان کي مانڊوي بندر مان وٺي اچي حيدرآباد ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ محمد موسيٰ ”راز“ جي دروازي تي رهڻو پيس. هن صاحب نه رڳو ابي ڄائي جي گهڻي خدمت ڪئي، پر پنهنجي ڀاڄائيءَ جي دوا درمل ڪرائڻ ۾ به وسان ڪين گهٽايو. پر، مائيءَ جي پريان ئي ڪا پڄي آئي هئي ۽ چوڻا اچي پورا ٿيا هئس، سو داعيء اجل جي سڏ تي لبيڪ چئي آخري سفر تي هلي ويئي. ان وقت خواب صاحب پاڻ به بيمار هو، ۽ سنڌن جو اهڙو ته سور هوس جو بستري تان اٿي به نٿي سگهيو- پياري رفيقهء حيات جي ڏوليءَ کي ڪلهو به ڪين ڏيئي سگهيو. ائين ڪندي، کيس سلهه جي نگري بيماري به ٿي پيئي، جا ڏيڍ سال کن هلي – پر اهڙي ڪنهن ڏاهي جو هٿ نصيب ٿيس، جو چاڪ چوبند ٿي اٿيو.

خواب صاحب جي تصنيفات ۾ سندس ڪلام، داستانِ حيات ۽ سفرنامو آهن. سنڌي ڪلام کي ”تعبيرِ خواب“، اردو ڪلام کي ”خيال و خواب“، سفر نامي کي ”سفر جو سقر“، ۽ حياتيءَ جي احوال کي ”داستانِ دردِ دل“ جي عنوانن هيٺ جمع ۽ قلمبند ڪيو اٿس.

ڪلام

·

پنهنجي مکڙين جي تبسم کي ٿو برباد ڪري،

باغبان پنهنجو ئي پنهنجو ٿو چمن پاڻ لُٽي.

مرغزارن جي مرادن سان ڪري راند ٿو اڄ،

آشيانن جا نشان سو ئي ڦٽائڻ ٿو گهري.

دامنِ ابرِ بهاران مان شرارا ٿا وسن،

آتشِ گل جي تپش کان ٿو گلستان سڙي.

جن بهارن جي تصور ۾ خوشي ٿي نپني،

تن هوائن جي هنجن ۾ ٿو گلستان هڄي.

ويس ۾ امن جي آيا ڪي امين ظلمت جا،

ڪي سيہ ڪار هليا سانگ سفيديءَ جو ڪري.

خون مکڙين جو ڪري سانگ رچائي جيڪو،

تنهن جي تهذيب مان تڪذيب جي بدبوءِ ٿي اچي.

باهه هيءَ گلشنِ هستي جي اجهامي ويندي،

فصلِ گل وارو هنئر واءُ سڻائو ٿو لڳي.

وقت ايندي ئي هي حالات بدلجي ويندا،

رنگ بدلائيندو منهنجو ٿو وطن هاڻي رهي.

پنهنجي ماحول جي گلشن ۾ ڏسان ٿو گرمي،

حسنِ گل مان متان گلچين کي نه ڪا باهه لڳي.

”خواب“ خسته ٿو ڪري شعله نوائي کي پسند،

جوت هلچل جي نئين جڳ ۾ جلائڻ ٿو گهري.

·

کڻ قدم اهڙو جو دنيا جون اکيون پون کلي،

پنهنجي ايثار جو دنيا جي دلين کي ڏي يقين.

فرش جي خاڪ مان اڪثير بنائڻ وارا،

ڪيمياگر جي ٿو دنيا ۾ اڃا ڪاڻ ڪڍين!

عرش تي پنهنجي تخيّل جا ڏيا ٻاريندڙ!

چنڊ تارن جي نظارن ۾ ٿو غلطان رهين!

زندگي کي نه رهيو آهه روايات جو قيد،

پنهنجي تهذيب و تمدن کي ٿو بدنام ڪرين!

رات جي سيني تي جيسين نه صبح ٿيندو سوار،

تيسين ٿيندي نه زماني جي منور ڪا جبين.

درِ خسرو جي اڳيان حسن جهڪي جي پوندو،

ڪوهڪن مرندا، مگر عشق جي جهڪندي نه جبين.

آدمي عظمتِ آدم کي ٿا تورين تڪين،

بنتِ حوا جي ٿو ڪريان ڏسان زهره جبين.

جنهن جي فطرت ۾ وفائن سان بغاوت آهي،

اهڙي باغيءَ ۾ وفائن جي ٿو اميد رکين!

حوصلو رک اهو آفت کان ڏياري جو نجات،

ٿي جبل بيهه ته طوفانِ حوادث کان بچين.

دين و ايمان وطن وڪڻي ٿو مارائين ملوڪ،

اڃا منصب جي جيئڻ ڪاڻ ٿو مردارَ مرين!

نه سو دانهن ۾ اثر آهه، نه آهن ۾ شرر،

خالي دانهون ٿو ڪرين ۽ ٺلهيون آهون ٿو ڀرين.

·

عقل جو مبهم اشارو ٿو چوي فرزانه ٿي،

جذبِ الفت جي تقاضا آهه تون ديوانه ٿي.

قصهء منصور ٿي، يا طور جو افسانه ٿي،

ڪنهن طرح سان تون به زيبِ محفلِ جانانه ٿي.

منڪرِ الفت ڪڍي ڇڏ بارگاهِ حسن مان،

مجرمِ شرعِ محبت ڪاڻ ائين جرمانه ٿي.

ٿي اجل يا خود اجل جي خوف کان ٿي بي نياز،

انجمن جي شمع ٿي يا شمع جو پروانه ٿي.

ڪعبهء دل ۾ نه ڪنهن سان بغض رک اي واعظا،

جي ملڻ چاهين ٿو حق سان، محرمِ بتخانه ٿي.

ڏس تخيل جي بلنديءَ تان حيات و موت کي،

پوءِ ڀلي الفت ۾ تون هم مشربِ پروانه ٿي.

هر شڪستِ آرزو ۾ آرزو جو ڏس خمار،

پنهنجي ناڪامي ڏسي اميد جو پيمانه ٿي.

ڇڏ تمناي خودي، ڪر بيخودي کي راهبر،

پاڻ ۾ لهه پنهنجي منزل، خضر کان بيگانه ٿي.

محفلِ حسنِ خودي ۾ بيخودي جو ڪر ظهور،

طور وارو نور ٿي، يا طور جو افسانه ٿي.

رات جي تاريڪ پردن مان عيان ٿيندي سحر،

زلف کي رخ تان هٽائي جلوهء جانانه ٿي.

دل جي زخمن ساڻ ڪر تخليق هڪ تازه بهار،

عالمِ ديوانگي ۾ رونقِ ويرانه ٿي.

مڪتبِ حسنِ ازل ۾ ”خواب“ ٿيندين سرفراز،

امتحانِ عشق ۾ نادان ٿي، دانا نه ٿي.

·

چنڊ ۾ ناهه سو ستارن ۾،

نور نيڻن ڏٺو جو نارن ۾.

ڇو منجهين ٿو ٻين سهارن ۾،

ڦول ڪوماڻيا بهارن ۾.

قلب منهنجو ته داغدار آهي،

فيض وحشت ڏسو بهارن ۾.

فصل گل ٿيو تباه ڪن ثابت،

زندگي ختم ٿي بهارن ۾.

منهنجي زخمن سان ڇيڙڇاڙ نه ڪر،

باهه ويندي لڳي بهارن ۾!

منهنجي ديوانگيءَ جي حدِ نظر،

هوش جي آهه خار زارن ۾.

موجِ طوفان جي گلا ڪهڙي،

ڪشتيون گم ٿيون ڪنارن ۾.

آدميت طلب ڪٿي آهن؟

آدميت رهي خسارن ۾!

اهڙو آيو قلندرن کي جلال،

زلزلو ڄڻ پيو تاجدارن ۾.

زندگي زندگانيءَ جي ٿي دشمن،

نه رهيو لطف روزگارن ۾.

فصلِ گلِ ”خواب“ کي فريب ڏنو،

زندگي ختم ٿي نظارن ۾.

·

بزمِ ادب ۾ اهلِ سخن خوش بيان ڪٿي

يعني چمن ۾ ذڪرِ بهار و خزان ڪٿي!

بيذوق بزم شعر و سخن جي رهي وڃي،

آهن هزار نڪته چين، پر نڪته دان ڪٿي!

علم و ادب جو باغ ٿو ويران نظر اچي،

’سعدي‘ جي ’گلستان‘ جا رهيا باغبان ڪٿي!

بس گردِ ڪاروان به نظر ڪانه ٿو اچي،

اي آسمان، ٻڌاءِ سندم ڪاروان ڪٿي؟

ويران ٿئي نه ڪنهن جو ڀريو گهر خدا ڪري،

گذري نه انقلاب ڪو ڪنهن جي مٿان ڪئي!

ڇيڙيان نه ٿو مان پنهنجي تباهيءَ جو داستان،

افشا ٿئي نه راز توهان جو متان ڪٿي!

مان بيخوديءَ کان ترڪِ عبادت ڪريان ٿو اڄ،

بيگانو ٿي وڃي نه سندءِ آستان ڪٿي!

بجلي جي بيڪليءَ ۾، تلاطم جي موج ۾،

مون کي وٺي وڃي ٿي محبت ڪٿان ڪٿي!

پوشيده توکان ڪو به نه آهي چمن جو راز،

بادِ صبا، ٻڌاءِ سندم آشيان ڪٿي؟

دل ۾ رکي ٿو ”خواب“ تمناي عرضِ حال،

ليڪن شعورِ نطق مجالِ بيان ڪٿي!

·

ڪاتبِ قدرت وڌايو آهه شانِ زندگي،

ڇا لکي منهنجو قلم حسنِ بيانِ زندگي!

بي ثباتيءَ جو لکان ڇا ڇا بيانِ زندگي،

ختم هڪ هڏڪيءَ سان ڏيندو داستانِ زندگي!

ڪو نه ڪنهن کان ٿي سگهيو پورو بيانِ زندگي،

ويو رهي سڀ جو اڌورو داستانِ زندگي.

بي بسي ۽ بيڪسي، بچارگي، آوارگي،

بيڪسن جو امتحان آهي جهانِ زندگي.

پاس و غمِ رنج و الم جي مضطرب تصوير آهه،

ابتدائي عشق جو مرڪز ٿي جانِ زندگي.

ٿي رهيو سينو پرڻ اڄ زخمِ الفت جي طفيل،

ٿي سراپا جان منهنجي ڪشتگانِ زندگي.

زندگيءَ جي ڪجهه حقيقت ڪوهڪن جي دل کان پڇ،

ٿو ٿئي ان سان لاشڪ ڪامرانِ زندگي.

ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايان ان جا بيداد و ڪرم،

هڪ زمينِ زندگي، هڪ آسمانِ زندگي!

چاره گر اي ”خواب“ توکي وقت تي آيو نه ڪم،

ڪم ويو پنهنجو ڪري دردِ نهانِ زندگي!

*

جدوجهد براي حبِ وطن هجي ها،

پنجاهه لک تي غالب هرگز نه ’ون‘ هجي ها!

 

محمّد رمضان ”آزاد“

 

حڪيم محمّد صادق ”طالب“

حڪيم خليفو محمد صادق ولد خليفو گل محمد، ذات ڪلهوڙو، تخلص ”طالب“، خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادوءَ جو ويٺل هو. سال 1903ع ۾ راوت خان لغاريءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس وڏا شرعي ۽ علمي حيثيت رکندا هئا. اڃا اڍائي ورهين جو مس ٿيو، ته سندس والد بزرگوار رحلت ڪري ويو، ۽ هي يتيم نينگر رهجي ويو. سال 1908ع ۾ سنڌي تعليم وٺڻ لڳو. چئن درجن پڙهڻ بعد کيس ڳوٺ مير حسن گاڏهي ۾ اچي رهڻو پيو، جتي ان وقت ڪو به اسڪول نه هو. سندس وڏي ڀاءُ حڪيم شفيع محمد صاحب ديني تعليم واسطي شهر ۾ اسلامي مدرسو کولايو، ۽ ان ۾ مولوي غلام محمد صاحب بوبڪائيءَ کي ماهوار تنخواهه سان مقرر ڪري رکيو. طالب، مولوي صاحب وٽ فارسي ڪتاب ”بهار دانش“ ۽ عربيءَ ۾ صرف ”بهائي“ تائين تعليم ورتي. ان کان پوءِ ڪجهه وقت، مدرسو بند ٿيڻ ڪري، ڳوٺ ڪنڀارن جي مدرسہ نور العلوم ۾ مدرس اعظم مولانا مولوي دين محمد ”اديب“ فيروز شاهيءَ وٽ عربي تعليم ”تفسير جلالين“ ۽ ”شرح جامي“ تائين حاصل ڪيائين. دوران تدريس ۾ متواتر ٽي سال برابر روزانه ڇهه ميل پنڌ ڪندو رهيو، ۽ خانگي معاملات کي به منهن ڏيندو آيو. انهيءَ وچ ۾ پنهنجي ڀاءُ وٽان طبي ڪتاب ”ميزان الطب“، ”طب اڪبر“، ”نير اعظم“، وغيره پڙهندو ۽ مطب ۾ مشاهدو ڪندو آيو. مولانا دين محمد ”اديب“ جئن ته هڪ بلند پايي جو شاعر ۽ تاريخي مادي ڪڍڻ جو ماهر هو، تنهنڪري طالب صاحب به سڀ خوبيون سندس صحبت مان حاصل ڪيون- ۽ ان ڪري هن پنهنجي اولاد مان گهڻن جا نالا تاريخي رکيا آهن. علم عروض ۾ ڪتاب ”چار گلزار“ ۽ ”نصاب الصبيان“ وغيره پڻ مولانا ”اديب“ صاحب وٽ پڙهيو، ۽ سال 1926ع کان شعر و شاعري ڪرڻ لڳو. ڳوٺ ناري ۽ ميهڙ جي مشاعرن سان دلچسپي رکندو رهيو. هن زماني ۾ ماستر جمع خان ”غريب“ اتي جو ممتاز شاعر هو.

سال 1948ع ۾، پنهنجي ڳوٺ مير حسن کي ڇڏي، خيرپورناٿن شاهه ۾ هڪ قيمتي جڳهه خريد ڪري اچي سڪونت پذير ٿيو آهي، جنهن جي خريد جو تاريخي سال 1368 هجري هيٺئين نظم مان ملي ٿو:

ساقي بيار جامِ شراب ڪهن برو،

مطرب بيا بيا تو سخن تازه را بگو؛

برپا ست بزمِ عشرت در شهرِ خيرپور،

در ماهِ نو خريدم باغِ شداد نو.

(محرم) 1368 هه

هن وقت سندس ڌنڌو حڪمت آهي. شهر جي شاهي بزار جي اخير ۾ سندس دوا خانو ”بيت الشفا پاڪستاني“ (1368 هه) چڱي نموني هلندڙ آهي.

باوجود ڪثرت مشاغل جي کيس ميٽينگن ۽ بزمن برپا ڪرڻ جو شوق دامنگير آهي. چنانچه سال 1930ع ۾ ’بزم مشاعره راشدي‘، زير صدارت حضرت حاجي غلام شاهه راشدي، پيرن جي ڳوٺ ۾ برپا ڪرايائين، جا گهڻو وقت زور ۽ شور سان هلندي رهي، ۽ سيڪريٽري شپ جا فرائض سندس حوالي هئا. سال 1950 ’بزم احباب‘ خيرپورناٿن شاهه ۾ منعقد ڪرايائين، جنهن ۾ شهر جا شاعر ۽ اديب، مهاجر ۽ انصار، اڄ تائين دلچسپي رکندا آهن، ۽ ماهوار مشاعرا پڻ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ٿيندا رهن ٿا. سال 1954ع ۾ خيرپورناٿن شاهه ۾ مدرسہ خيرالعلوم جاري ڪرايائين، جو اڄ تائين روز بروز ترقي پذير آهي. پاڻ مدرسي جو مهتمم آهي. ازان سواءِ ’سنڌي سڌار سوسائٽي‘ ۽ ’جمعيت الشعراء سنڌ‘ جو معاون ۽ ميمبر آهي.

سندس تصنيفات – ”صادق الامين“ (طبع شده)، ”ديوان طالب“، ”طالب جو ترانو، عرف قصه مهربانو“، ”طب روطاني، ترجمه قصيده حمداني“، قابل قدر آهن.

انتخاب ڪلام

بلبل ۽ باغبان

هڪ شخص شاهوڪار کي سرسبز باغ هو،

اُن باغ جي خوشي کان سدا باغ باغ هو؛

ڪنهن ڏينهن آئي ان کي نظر شاخِ گل مٿان،

بلبل، جا گل ڇني هئي رهي سخت چنهب سان؛

هيءَ ڳالهه آئي اُن جي طبيعت کي ناپسند،

ڦاسائي ڪنهن طرح سان ڪيائين قفس ۾ بند.

هڪ وقت ان کي بلبلِ ناشاد ٿي چيو:

’مون کي اجايو آهه ميان قيد تو ڪيو؛

’توکي جي منهنجي راڳ ٻڌڻ جو خيال آهه،

آزادگيءَ جو پهريون ان ۾ سوال آهه؛

’ڪڍ بند مان ته توکي ٻڌايان مان سُر هزار،

باجو به مون کي پنهنجو آ پنهنجي اٿم ستار‘؛

ان کي چيائين ’بلبلِ نادان، بيوفا!

گل جي ڇنڻ جي آهه ملي توکي هيءَ سزا‘؛

مسڪين عندليب چيا هي چڱا اکر:

’بيشڪ ڇنا مون هوندا ٻه ٽي گل جا پن، مگر،

’مون کي ٻڌاءِ تو جو ڪئي دل ٽڪر ٽڪر،

ڪهڙيءَ سزا جي لائق آهين، اي بي خبر؟‘

تون پاڻ ساڻ ”طالب“ ڪڏهين ڪرين نه جُٺ،

باقي گناهه تنهنجو ڪيو مون پرن جي مُٺ.

 

حباب

ماپي نٿو خوشيءَ کان، هي آ ڇا حباب ۾؟

يا رب ڀري يا آهه هوا ڪا حباب ۾!

آيو غرور ايترو ڇو  آ حباب ۾؟

فرعون ڪوئي آهه لڪو يا حباب ۾!

آڀر ته ڏس ته ڪيترو آندو حباب آه،

پاڻيءَ جي هڪڙي بوند ۾ ڇا آب و تاب آه!

هي آبدار آهه، مگر هي گهُرَ نه آه،

هي تاج ڪنهن جو آه، مگر زيبِ سر نه آه؛

گنبذ عجيب آه، مگر ان کي درد نه آه،

سر ۾ هوا رکي ٿو، مگر هي بشر نه آه:

دم پنهنجي خم جو ڪين هڻي خنجر حباب،

مون کي ٻڌاءِ ڪهڙي هي چيز آه اي جناب؟

هي ڪنهن حسين پير جي لڦ آ، حباب آه؟

دل سوخته جو ڦوڪڻو آ، يا حباب آه؟

جهٽ پٽ ٿئي ٿو غائب، هي ڇا حباب آه؟

آهي يقين بيضهء عنقا حباب آه.

پاڻيءَ جو ڦوٽو آه، طلسمِ حيات آه،

پيدا ٿيڻ سان جلد ئي نظرِ ممات آه!

هي مثلِ نصف ڪرهء آبي ٺهي پيو،

يا گنبذِ فلڪ سان مشابهه آ هي ٿيو؟

پستانِ سيم – تن سان ڇو تشبيهه ٿا ڏيو؟

هي جام آ بلور جو اونڌو ڪيو ويو!

نازڪ هي آهه، شايد هٿ سان ڀڄي پوي،

پاڻيءَ جو آ ورق، ٿو ڇهڻ سان ڇڄي پوي.

”طالب“ اُنهيءَ کي چشم بصيرت سان ڏس پيو،

پنهنجي نگاهِ عاشقِ قدرت سان ڏس پيو،

ڪجهه سوچ اي جناب، نه حيرت سان ڏس پيو،

هر هڪ شي کي ديدهء عبرت سان ڏس پيو:

هر وقت هر مڪان اڳيان چشمِ راز دان،

عالم جو ذرو ذرو آ اسرار جو جهان.

پاڻيءَ جي بوند آهه بشر ۽ حباب ٻئي،

بيسود دم هڻن ٿا حباب و جناب ٻئي،

جهوٽو هوا جو آيو ته ٿيندا خراب ٻئي،

هڪ ٿي وڃن ٿا منٽ ۾ احقر نواب ٻئي:

دنيا جو دور سارو خيال آهه خواب آهه،

هي زندگي اسان جي مثالِ حباب آهه!

قدرت جي دوربين

عضون سڀن ۾ آه ته عصمت شعار اک،

ڪم بد ڪري ٻيو، ته ٿئي شرمسار اک.

سڀني جي رهنمائي ڪري رات ڏينهن ٿي،

مخدوم جسم آه، ته خذمتگذار اک.

اڌ انچ طول ان جو ٿو ماپيس آسمان،

قدرت سان وه بنائي ڇا پروردگار اک.

کائڻ پيئڻ اٿڻ ۽ ويهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ،

سڀ ۾ ڏئي اسان کي مدد بار بار اک.

نعمت خدا جي آه هي قدرت جي دوربين،

هر چيز کي اسان تي ڪيو آشڪار اک.

ماڻهو پکي مڇي نه مگر جاندار سڀ،

محتاج ٿي رهن، ۽ اٿن غمگسار اک.

نرگس جي گل سان ان کي آ تشبيهه دوستو،

ماڻڪ جي مثل آه سدا آبدار اک.

سرمون ٿي سڀڪا پائي، اک اک جو ڦير آه،

ڪهڙي الاجي ڪنهن کي ڪري ٿي پيار اک.

ناڪام گاهي گاهي ٿي بندوق ڀي ٿئي،

پهرينءَ نگاهه ساڻ ڪري ٿي شڪار اک.

ڪم شوخ مان نمائي نظر سان وٺي ڏئي،

نرميءَ سان ڪم جي ڪين ٿو نڪري، ڏيکار اک.

منظور اک ڪري ته پو دل ٿي ڪري قبول،

ڪنهن جو وڌائي، ڪنهن جو گهٽائي وقار اک.

غفلت نه گهرجي ان جي حفاظت ۾ هميشہ،

ٻيهر نه ٿي سگهي ٿي ميسر اي يار اک!

همدرد ساري جسم جو اک آه ”طالبا“

ڪنهن لڱ ۾ سور آ ته روئي زار زار اک!


 

عبدالحڪيم پلي

 

خليفو محمّد امين پلي*

محمد قابل عرف خليفو محمد امين، ڪنيت ”ابوشير“، تخلص ”درس“، ذات پلي: سندس والد جو نالو مرحوم خليفو محمد ڇٽل هو. سندس تاريخ ولادت 9 سيپٽمبر 1907ع آهي. خليفي صاحب موصوف کان قدرت پهرين حضرت نبي ڪريم جي سنت يتيمي ادا ڪرائي. والد جو سايو سر تان لهي وڃڻ بعد، سواءِ هڪ ٻن ٻڍڙين عورتن جي، خليفي صاحب جو ڪو به عزيز ۽ سرپرست ڪو نه هو؛ تنهنڪري هي الله لوڪ تعليم کان به محروم رهجي ويو، ۽ ملڪيت مان به ڳچ حصو، نوڪر شاهريءَ جي زور تي هندو ڦٻائي ويا. هن وقت هو فقط 25 – 30 هزار رپيا ڍل ڀريندڙ زميندارن مان آهي.

خليفو صاحب ننڍي هوندي نهايت کيچلو ۽ اهنڊ هوندو هو. مستورات جي حتي المقدور ڪوششن جي باوجود، هڪ ايمي قرآن مجيد ۽ پنج سبق سنڌي ٻاراڻي ڪتاب کان وڌيڪ حاصل ڪري نه سگهيو. زرق برق ڪپڙا پهري، ٺاٺ باٺ سان ميلا ملاکڙا گهمڻ، ۽ نڙائي، سرندائي، ڪافير ۽ يڪتاري وارا ڳائڻا رکڻ جو کيس ڏاڍو شوق هو. جيتري به خرچي ملندي هيس، سا ماڻهن کي کارائي ختم ڪري ڇڏيندو هو. کَرن جي بٽئيءَ وقت به حشام سوالين موالين جا پويان هوندا هئس. سمهڻ مهل خواهه ماني کائڻ مهل آکاڻين ٻڌڻ جي عادت هوندي هيس. رات جو مجلس ٿيندي هئي، جنهن ۾ چانهه يا گهوٽو روز ٿيندو هو. گهڻيئي ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. پوءِ بيتن، ڳجهارتن، ڏورن ۽ ڪافين جو دور هلندو هو. خود خليفي صاحب کي به ڪئين ڳجهارتون، ڏور، بيت، ڪافيون، مداحون وغيره ياد هونديون هيون. ازان سواءِ، مل محمود ۽ فاضل شاهه وارا ’ليلا – مجنون‘، دَل واري ’مارئي‘ ۽ حمل واري ’س حرفي هير – رانجهو‘ ياد هوندا هئس، جي نهايت مٺي آواز سان ٻڌائيندو هو.

جوانيءَ جي شروعات ۾، هڪ ڏينهن ڪو اهڙو موقعو بيٺو جو هن کي پنهنجي بيعلميءَ تي نهايت ندامت ٿي، ۽ پڪو ارادو پڙهڻ جو ڪيائين ”همت مردان مدد خدا“ – توڪل رکي، پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ هڪ ڪمدار کان سبق وٺندو هو. ان وقت نوڪر شاهيءَ جي ايذاء سبب کيس انڪمبرڊ اسٽيٽ جي پناهه وٺڻي پيئي. پوءِ ته سڀني ڪمن کان فارغ ٿي، علم جي جستجو ۾ لڳو رهيو – تان جو سنڌيءَ کي خوب سمجهي، وري اردوءَ ڏانهن توجهه ڪيائين، ۽ شعر به چوڻ لڳو. اهڙيءَ حالت ۾ شاعريءَ جي خاص نڪتن تي مرحوم ”مخلص“، ”خليق“ مورائي، نور محمد نظاماڻي ۽ مولانا ”وفائي“ کان ٽپال رستي اصلاح وٺندو هو. ان وقت ملڪي سياست ۾ به بهرو وٺندو هو. سرڪار هن کي درٻاري هجڻ سان گڏ، بينچ – ماجسٽريٽ به مقرر ڪيو. هن وقت سندس عمر پنجاهه ورهيه آهي. اٽڪل 8 – 10 سالن کان، گوشي نشين رهي، سارو ڏينهن تصنيف ۽ تاليف کي لڳو رهي ٿو. خليفي صاحب کي تاريخ جو عالم چئجي ته بجا ٿيندو، جو اسلامي تاريخ بابت تمام گهڻي معلومات اٿس. سندس لئبرريءَ مان مستفيض ٿيڻ لاءِ سنڌ جا وڏا وڏا عالم ۽ اديب وٽس اچي مهمان ٿيندا آهن، جن کي خليفي صاحب جن تحفي طور ڪتاب به ڏيندا رهندا آهن. تنهن هوندي به، سندن لئبرريءَ ۾ ٻه هزار کن ڪتاب اڃا به موجود آهن، جنهن ۾ سڀني ٻولين جا ڪتاب موجود آهن. انهيءَ علميءَ شوق هن کي دنيا جي خسارن کان اصل الڳ ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي سموري ملڪيت ٻن پٽن ميان شير علي ۽ علي حسن ۽ هڪ نياڻيءَ کي ڏيئي ڇڏي اٿس. ميان شير علي ۽ علي حسن اولادي، پيءُ جا فرمانبردار ۽ نهايت صالح آهن. هن وقت تعلقي کپري مان ٻئي ڀائر جي. پِي آهن. خليفو صاحب نهايت ئي ساده طبيعت، غريبن جو يار، متڪبرن کان نفرت ڪندڙ، سچ چوندڙ، حلال رزق جو متلاشي، بيتڪلف ۽ بنهه درويش – صفت زميندار آهي.

خليفي صاحب جون تصنيفات هي آهن: (1)”ديوان درس“ (سندس ڪلام جو مڪمل بياض)، جنهن ۾ مداحون، غزل، ڪافيون، دوهيڙا، تاريخي قطعا، بيت ۽ تاريخي رباعيون آهن؛ (2)”فرس نامو“ جنهن ۾ گهوڙن جي شناخت ۽ علاج وغيره نظم ۾ لکيل آهي؛ (3)”فتحنامو اسلام“ جنهن ۾ حضور پاڪ جي هجرت کان وٺي جنگ بدر، احد، خندق، واقع بيرالالم، شهادت ابن خباب تائين رزمي ڪلامن ۾ بيان ٿيل آهي؛ (4)”واقعات عالم“، جنهن ۾ اوراق پارينه جا گهڻا عجب واقعا نثر ۾ لکيل آهن؛ (5)”حيات جمال الدين“، نثر ۾؛ (6) ”سوز سسئي“، مرحوم خليفي نبي بخش جي طرز تي، نظم ۾؛ (7)”اخلاق پسنديده“ جنهن ۾ سٺا سٺا نصيحت آميز نڪتا نثر ۾ بيان ٿيل آهن؛ (8)”يادگيريون“، جنهن ۾ سندس يادگيريءَ ۾ ٿيل واقعات ۽ تر جي نامور ماڻهن جو احوال ڏنل آهي؛ (9) ”پلي ذات جو اصل نسل“، شجرو ۽ زباني روايتون گڏ ڪيل آهن؛ (10) ”شاهنامه اسلام“ جو نظم ۾ مختصر ترجمو سنڌيءَ ۾، (11)”هاشمي مهاجر“، نثر ۾؛ ۽ (12) ”انشاء درس“، جنهن ۾ سندس ڪن لکيل خطن جو نقل ڏنل آهي. مٿيان لکيل سڀ ڪتاب قلمي آهن.

خليفي صاحب کي سڀني پلي قوم وارن پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪري پڳ ٻڌائي آهي. خليفو صاحب ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۽ رسالن کي به مضمون موڪليندو آهي. خليفي صاحب جي قلمي ڪتاب ’شاهنامه اسلام‘ مان چند رباعيون هيٺ ڏجن ٿيون.

عباسي دور

بغداد سان بيداد ڪيو خوب هلاڪو،

حڪم ڏي ٿو قتل عام جو مردار سفاڪو؛

ولي عهد خليفي جو خليفي سان قتل ٿيو،

قتل عام گهٽن ۾ ٿيا اتي جا به رهاڪو.

دنيا ۾ بلند خوب هو وقار عباسين،

شهنشاهه نميا منجهه ٿي دربار عباسين؛

خاقان جهڙا شاهه ڀريندا هئا خراجون،

بلند شان سان اهڙي هئي سرڪار عباسين.

زندان جو مهمان ٿيو قيد شهنشاهه،

ٿيو امين دل حزين ۽ اسير بيگناهه؛

ڀڃي قول ۽ اقرار دغا ساڻ جهلائي،

ڪري قتل وڏو ڀاءُ پوءِ مامون ٿيو شاهه.

ترڪن جو دور

دنيا جا اچيو شاهه نميا جن جي درن تي،

ڦرڻ لاءِ وريا چور اچي تن جي گهرن تي؛

اتا ترڪ انولو باغي ٿيا ڌڻين سان،

ٻنهي نرڙ گسايا پئي سدا جن جي درن تي.

محمد رشاد سان امداد ڪري ڪيو ڏکن ۾،

سڀئي خويش اقربا به هئا يار سکن ۾؛

ڪمال کي اقبال تي رسايو هو خليفي،

سمرنا ۾ ٿيو پئي جو سدا پاهه بکن ۾.

محمد خامس سلطان خليفة المسلمين،

انگلنڊ ۾ اچي شاهه ٿيو مسڪين دل حزين؛

دکن جي حڪمران جو کائي سلطان وظيفو،

اهڙا ڪم خداوند جي قدرت سان لکين ٿين.

فاتح سنڌ

مشهور گهڻو سنڌ ۾ ديبل جو بندر هو،

ڪنورسين جو جئسين به لٿل شهر اندر هو؛

غازيءَ جي حڪم ساڻ ٿيو ”عروس“ جو ڌڌڪو،

جنبش سان ڪريو جاءِ جو مشهور مندر هو.

نيرون سندو ڪوٽ اچي فتح ڪيائون،

سالار ڀڳا ڪوٽ جا نرسيگ ۽ ناؤن؛

”اري رام، اري رام، مشلمان اچي ويا“،

انهيءَ جنگ سندي دانهن وڃي ڏاهر کي ڏنائون.

ڪولاب ڪناري تي لڳي خوب لڙائي،

خدا ڪئي خاڪ ۾ واڻين جي وڏائي؛

اچي ڏهر لڳي سر، ڏڪيو ٿي سورهيه شير،

هڪڙيءَ هڪل ساڻ ته هن پتلون پسائي.

سليمان ٿيو سلطان سو دمشق جو خليفو،

سقفين جي قبيلي سان سندس وير اصل هو؛

حجاج مري ويو هي وٺي وير ڪهين کان،

انهيءَ ڏوهه ۾ غازيءَ کي تنهن چمڙي ۾ سبايو.

عربن جي وقت سنڌ وڏو ملڪ ڪشادو،

ڏسي دنگ، جي ٽيهه روز هلي پنڌ پيادو؛

بهمن آباد ۽ الور وڏا شهر هتي جا،

منصوره ۽ محفوظ جو اسم تاريخ به آندو.

برهمڻ آباد ۽ الور هئا تخت گاهه ڏهر جا،

سٺا باغ ۽ محلات هئا الور جي شهر جا؛

دلو راءِ ڪو ظالم هو حڪمران هتي جو،

شعلا ڏٺا ٿي شهر ۾ قادر جي قهر جا.

تختگاهه اصل سنڌ جو الور چون ٿا،


 

هينئر آهه ڦٽل شهر سو دلور چون ٿا؛

گهڻا ورهيه انهيءَ هنڌ هئي ڏاهر ڪئي حڪومت،

فتح سنڌ ڪئي سقفيءَ جو شهزور چون ٿا.

ياد ماضي

ڦٽل شهر وڃي ڪالهه رتوڪوٽ ڏٺوسون،

قدرت جا ڏسي قهر اتي رت رنوسون؛

هئا امير ڪئين ڪبير انهيءَ شهر ۾ عاقل،

دنيا سراءِ فاني بقادار خدا تون.

الور تڏهن زور هو جڏهن موج بحرجي،

هٽي درياهه ويو شاهه، وئي رونق به شهر جي؛

ٿيا ويران سڀ مڪان ڦٽي ڀينگ شهر ويو،

دنيا سراءِ فاني آهي جاءِ گذرجي.

ڪڏهن خوب وسندڙ هو فتح باغ به آباد،

هينئر آهي دڙو صرف سو ويران ۽ برباد؛

اچي مهمان ٿيو سلطان هما – اوج درخشان،

ڏنس شاهه حسن اٺ ۽ گهوڙا به ڪيئين امداد.

محمد شاهه تعلق هو تفي جي پٺيان پيو،

گجرات ڏي ويندي سو مهمان هتي ٿيو،

انهيءَ رات اهو شاهه ويو دنيا مان گذاري،

سيوهڻ ۾ رکي لاش پو فيروز دلي ويو.

بهمن هو ايران جو مشهور شهنشاهه،

فتح ملڪ ڪري پوءِ ڪيئين سنڌ تي ڪاهه؛

اڏايائين شهر ياد لءِ لوهريءَ جي بند روٽ،

برهمڻ آباد جي نالي سان مشهور سو اڄ آهه.

لاهور ۾ محمود جو هو اياز گورنر،

حڪمران ڪيا سنڌ جا ٿي اياز مقرر؛

پسند خاص ملڪ سنڌ جو هو خوب تنهين کي،

ٿيندو اچي هو سنڌ ۾ منزل انداز بکر.

حڪمران هو سنڌ جو ظالم ڪو دلورا،

ڪندو ستم رعيت ساڻ سو ظالم هو نسورا؛

الاهي ڪو پيو الور مٿي قهر خدائي،

نڪو شاهه نڪو شهر رڳا کنڊ ۽ کورا.

موهن جو دڙو خاص آهه آثار قديمي،

ڏسڻ لاءِ اچن جاءِ ايها خاص ۽ عامي؛

تهذيب هئي سنڌ جي مصر سان مشابهه،

سِڪن جي مٿان خط لکيل آهه به سامي.

ابن سومار جي اولاد وڳهه ڪوٽ وسايو،

محمد طور ۽ روپاهه ۽ عمرڪوٽ ٻڌايو؛

حڪومت ڪئي سنڌ تي وڏي شان با شوڪت،

سمن اچي هو سومرن جو بنياد وڃايو.

جيئن اسفند يار جي اسم تي نازان آهه ايران،

تيئن سنڌ ۾ دودو به هو مشهور پهلوان؛

خلجيءَ هو رکيو زور ته ٻاگهيءَ جو ڏيو سڱ،

مگر سڱ نه ڏنو، ساهه ڏنو سنڌ جي سلطان.

چڙهي سنڌ تي آيو هو جڏهن هند جو سلطان،

ٻاگهيءَ جي ملڻ لاءِ شهنشاهه ڪيو فرمان؛

پڙهي خط شهنشاهه جو دؤرو ٿيو غضبناڪ،

گهڻي فوج هندي شاهه جي ننگر به ڪئي نقصان.

گهڻو وقت ڪئي سنڌ ۾ سمن به حڪومت،

حڪمران وڏي مان رهيا شان باشوڪت،

جُوناه اول ڄام ۽ فيروز پڇاڙي،

ڪندي ياد گهڻو سنڌ به سمن جي حڪومت.

نوڪري منجهه ڄام جي ڀرتي ٿيا ارغوم عام،

سي ڦري پنهنجن اميرن جا ٿيا نمڪ حرام؛

سنڌ ۾ ارغون آيا انهن جي تحريڪ سان،

دربدر ٿيو بادشاهه آهه شہ فيروز ڄام.

نوريءَ مٿي ڄام ٿيو عاشق هو تماچي،

ڪينجهر جي ڪناري تي ماڙي به اڏائي؛

نوريءَ جو ڏسي نياز رکيو راز سمي ڄام،

مهاڻن کي ڪيو معاف تنهن محصول مڙيو ئي.

ڪلان ڪوٽ چون ٿا ۽ محمد طور شهر ٻيو،

ٺٽو شهر ٻڌايل به آهي ڄام نندي جو؛

نندو ڄام شهنشاهه هو عادل سو حڪمران،

وزير سندس لڪديو ٻيو دريا خان قبوليو.

جڏهن شاهه حسن سنڌ جو فيروز ڪيو برباد،

تغلق آباد نئون شهر اچي شاهه ڪيو آباد؛

حيدرآباد جو قلعو آ ڪلهوڙن جو ٻڌايل،

تختگاهه اڳي هو به ڪلهوڙن جو خداآباد.

روپاهه جو والي ۽ حڪمران هو هالو،

سڱاوت ۾ صلاح الدين سمي ڄام جو سالو؛

مامو هو نندي ڄام جو، فيروز جو نانو،

رکيو خدا اسان جي تي وڏو شان نرالو.

حڪمران چون سنڌ جو ترخان ڪو باقي،

ڪنجوس مکي چوس ۽ مستانو هو باقي؛

انعام عمر ڀر نه سپاهين کي ڏنائين،

بخشش ڪندو هو گارين جي سلطان سو باقي.

مغلن جو دور

تسلط هو هندستان تي دارا جو مدامي،

وليعهد کي ميسر هو سدا عيش دوامي؛

اورنگزيب ڪري ڍنگ برادر سان ڪئي جنگ،

ڪيو قيد جنهن سلطان سو جيوڻ هو حرامي.

ڦٽو بخت، ويو تخت، ڇڏي اوج شهاني،

اورنگ کسيو پيءُ کان لقب شاهجهاني؛

ٿيو قيد شهنشاهه سو فياض ۽ عادل،

ختم شاهه جي اڳيان ٿي دارا جي جواني.

”غالب ٿئين ها تون جي اسان مڙن ننڍن تي،

حڪم ڪهڙو هلائين ها ادا خاص اسان تي؟“

ڪنو رقيد ٿيل دارا ڏنو جواب ته ”سڻ اورنگ!

”ڪري چار ٽڪر توکي ٻڌايان ها درن تي!“

مراد سان بيداد ٿيو، فرياد سڻي ڪير؟

شهنشاه ٿيو قيد ٻيو، امداد ڪري ڪير؟

بيگناهه ابن شاهه ٿيو محبوس حبس ۾،

قلعي مان گواليار جي آزاد ڪري ڪير؟

محمد شجاع شير ٿيو اراڪان ڏي تيار،

هندستان مان حيران پريشان سو فرار؛

سلطان مسافر تي راجا هو ڏمريو،

اڪبر جو بيراهه ٿيو حيران ۽ لاچار.

ريڍار منجهان شاهه ٿيو نادر هو دعا سان،

پروان حڪومت جو مليس حر جي قبر مان؛

ايران جو سلطان حڪمران ٿيو واحد،

لرزيا ٿي شهنشاهه به نادر جي اسم کان.

دهلي ۾ قتل عام ٿيو نادر جي حڪم سان،

مسلمان قتل خون ٿيا غادر جي حڪم سان؛

محمد شاهه بيگناه ٿيو نيشان ستم جو،

طاقت نه هئي نادر کي، ٿيو قادر جي حڪم سان.

سلطان محمد شاهه جو اوج ۽ اقبال رفت،

شهنشاهه دهليءَ جو محمد هشت پشت؛

رب جي ٻانهي چيو شبهه نادر جي ڏسي،

”شامت اعمال ما صورتِ نادر گرفته.“

مغلن جو نسل ڪين ظفر شاهه لڄايو،

تڪليف سهي شاهه به ايمان بچايو؛

نصف لک وظيفي جو وٺڻ ڪين قبولئين،

برٽش جو بهادر نه غلام هو سڏايو.

”شينهن مري، ڊڀ نه چري“ سنڌ ۾ پهاڪو،

رنگون ۾ ظفر قيد نظر بند جڏهن هو،

تڪليف شهنشاهه ڪئي برداشت سموري،

هندستان جي شهنشاهه نه ورتو ٿي وظيفو.

ٿي اڪابر عقل جا سنڌي وزير اڪبري،

بوفضل فيضي مثل هئا ارسطو ۽ انوري؛

فتح باغي بيربل سلطان جو مقرب هو خاص،

سنڌ جا ياقوت ٽيئي اڪبر شهنشاهه جوهري.

ڪلهوڙون جو دور

سنڌ تي پنهنجي هٿان عبدالنبيءَ آندو زوال،

مدد آندئين موت جي لءِ، بي ڌيانو بدخصال؛

ملڪ ۾ ڦرلٽ ڪيئين، ان جي ڪڍي تاريخ ڪنهن:

آيو ظالم مرد ”آه خبيث و خردجال“!

1195هه

رکيو انهيءَ کان اڳي هو خان عزت يار خان،

بادشاهي فوج جي هٿ ۾ وٺي آيو ڪمان؛

مير سان ويهي ڪيئين عبدالنبيءَ جو فيصلو،

پيش آيو امروت ظلم ۽ ڦُر ڪيائين ڪان.

ڪيا شهر جي ويران مدد خان هتي جا،

قلمبند ڪريان خاص اسم چند انهن جا:

ڊرڪ، جوڻ، فتح باغ، فتح ڳڙهه ۽ عمرڪوٽ،

اڳهم ڪوٽ، نبي سر ۽ نصرپور ۽ بدينا.

رڻي ڪوٽ، نبي سر ۽ فتح باغ ڦٽائي،

نصرپور ۽ بدينن کي ويو خوب لٽائي؛

ونگي ڏي ويو مير هو شڪار ڪرڻ لءِ،

پوءِ ڪري جنگ ڪيريو مير مدد خان ڀڄائي.

عمرڪوٽ ۾ نادر کان لڪو نور محمد،

عمرڪوٽ چڙهي آيو اڪيلو سو فتحمند،

ڪري قيد زٽي شاهه کي جانو به ٻڌايائين،

ميان کي ڇڏي اول ۾ ورتائين به فرزند.

لياريءَ ۾ کهاوڙ ٿي لڙيو شير ببر جيئن،

وڙهيو ميربجر ساڻ وڙهيا جيئن اچي شينهن؛

سالار ڪلهوڙن جو بهادر ۽ دلاور،

رزمگاهه ۾ ڏي سا پٺ ڏئي سو ڀڄي ڪيئن!


* هيءَ سوانح عمري ، ”خواب“ صاحب کان مليل مواد مان ترتيب ڏني ويئي آهي.–مرتب

* افسوس جي ڳالهه آهي جو خليفو صاحب نومبر 57ع ۾ گذاري ويو. هيءَ سوانح عمري ان کان اڳ جي پهتل آهي. - مرتب 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com