سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :32

 

منشي محمّد پريل

 

پير سيد علي اصغر شاهه مرحوم راشدي

 

هيءُ بزرگ، حضرت پير سائين حزب الله شاهه (تخت – ڌڻي) عليہ رحمت جو فرزند، پير پاڳاري خاندان جي وڏن بزرگن جي آخري يادگار ۽ علمي نشاني، تاريخ 22 ربيع الاول 1278هه تي پير ڳوٺ ۾ تولد ٿيو.

حضرت پير سائين تخت – ڌڻيءَ کي اٺ فرزند هئا. هيءُ پير صاحب سندن ٽيون نمبر فرزند هو. پير صاحب مرحوم کي ننڍي هوندي کان وٺي شعر چوڻ جو شوق هو. سندن صغير سنيءَ جي وقت جو هڪ ديوان به ٺهيل آهي. ان زماني ۾ فارسيءَ جو وڌيڪ رواج هو. پاڻ چوندا هوا ته ’حضرت پير سائين تخت – ڌڻي  (سندن والد) سان گهڻو ڪري فارسيءَ ۾ گفتگو ٿيندي رهندي هئي. ان وقت ۾ فارسي زبان ۾ هڪ اخبار پير سائين جن وٽ ايندي هئي، جا بغير مطالعي جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندو پڙهندو ويندو هوس. اهڙيءَ طرح، سنڌي زبان ۾ اخبار يا ڪو ڪتاب يا درخواست ايندي هئي، ته هڪدم فارسيءَ ۾ پڙهي ٻڌائڻي پوندي هئي‘. پاڻ تعليم پير ڳوٺ ۾ آخوند محمد ۽ مولوي محمد عيسيٰ وٽ ورتائون. کين حاضر جوابيءَ ۽ في البديهه شعر گوئيءَ ۾ خاص ملڪو هو. پاڻ چوندا هئا ته ’اسين سڀ ڀائر گڏجي، حضرت پير سائين تخت- ڌڻي (پنهنجي والد) وٽ صبوح جو سلام تي ويندا هئاسين: هڪ دفعي صبوح جو دستوري طرح وياسين، ته پاڻ بنگلي جي در وٽ بيٺا هئا، ۽ پري کان هڪل ڪري روڪيائون، ۽ مان ڏي مخاطب ٿي فرمايائون ته: ”اصغر! اسان هڪ مصرعو چيو آهي، ان جو ٻيو بند ٻڌاءِ“. ان وقت سندن طبع مونجهه ۾ هئي. مان عرض ڪيو ته ”قبلا سائين، حڪم ٿئي“. پاڻ مصرعو چيائون: ”اگر شمشير در کف آن بتِ بيباڪ برخيزد“. مان هڪدم عرض ڪيو: ”فغان از ساکنانِ عالمِ افلاک برخيزد!“ پاڻ هڪدم هليا آيا، ۽ ڀاڪر پائي ڪيترو وقت چميون ڏيندا رهيا، ۽ انعامن اڪرامن سان نوازي ڇڏيائون. پوءِ مون سارو غزل تيار ڪري خدمت ۾ پيش ڪيو‘.

پير صاحب جن فرمائيندا هئا ته ”پير سائين تخت- ڌڻي جي ”ديوان مسڪين“ ۾ ڪيترا غزل پير سائينءَ جا ۽ منهنجا گڏ چيل آهن: مصرعه جو هڪ بند پير سائين جن چوندا ويندا هئا، ۽ هڪ بند آءٌ چوندو ويندو هوس- ويٺي ويٺي غزل تيار ٿي ويندو هو.

فارسي زبان سان کين خاص رغبت هئي، ان ڪري پاڻ اڪثر شعر فارسي زبان ۾ چوندا هئا. ٽي ديوان فارسي زبان ۾ آهن، ۽ هڪ ديوان سنڌي زبان ۾ به آهي. کين سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ تي هڪجيترو عبور ۽ قدرت هئي. اردو ۽ عربي زبان ۾ به سندن ڪيترا شعر چيل آهن. فارسي زبان ۾ سندن ديوان ۾ اڪثر شعر بي نقط نظر ايندا. ان فن  ۾ کين خاص ملڪو هو. ان کان سواءِ چند تصنيفون پڻ نظم ۾ ڪيل اٿن. انهن ۾ ”سلسله قادريه“ خاص تصنيف آهي، جنهن ۾ خرقه قادريه جي عطا ٿيڻ جو احوال، ۽ حضرت علي ڪرم الله وجہ‘ کان وٺي حضرت پير سائين محمد راشد (روضي ڌڻي) عليہ رحمت تائين هڪ هڪ بزرگ جو مختصر احوال ڏنل آهي. ڪتاب ۾ چار هزار کن بيت ٿيندا. اول ۾ سنڌ جي مختصر تاريخ به ڏنل آهي. نثر ۾ پڻ ڪيتريون تصنيفون ٿيل اٿن. طب جي فن ۾ پاڻ وڏا ماهر هئا، ۽ علم طب ۾ به ٻه ڪتاب لکيا اٿن. ان کان سواءِ مذهبي علوم- حديث، فقهه، تفسير- ۽ علم ادب ۾ به کين وڏو ملڪو حاصل هو. سندن خوشنويسي ۽ نقاشي ڏسبي، ته ايراني آرٽ جو رنگ نظر ايندو. درگاهه شريف جي وڏيءَ مسجد ۾ اندر جيڪا نقاشي ٿيل آهي، ان ۾ به ڪيترا گل مرحوم پير صاحب جا نڪتل آهن؛ مگر جن ڪاريگرن ڪم ڪيو آهي، انهن سان هي به ساڳيءَ لائين ۾ بيٺا آهن، فرق معلوم نه ٿيندو.

سندن ڪيتريون تحريرون، بينظير، ديده زيب، اڄ به موجود آهن. سندن ڪيترا شعر پنهنجي هٿن سان خوشخط لکيل، ۽ مٿان پاسن سان ان جي نقش نگاري ٿيل، ڏسڻ وٽان آهن. ڪيترا ماڻهو پري کان سندن تعريف ٻڌي زيارت لاءِ ايندا هئا، ۽ سندن شعر، خوشخط تحرير ۽ نقش نگار ڏسي، حيرت ۾ پئجي ويندا هئا.

وڏن بزرگن جي هن آخري نشانيءَ، تاريخ 24 ماهه ذوالقعد 1354 هه تي وفات فرمائي. سندن مزار، روضي شريف جي باهران اتر طرف پهريون نمبر مزار آهي. خدا تعاليٰ کين عريق رحمت فرمائي!

انتخاب

·

آمد چمن ۾ آهه ڪنهين گلعذار جي،

جاروب – ڪش ڏسان ٿو نسيم بهار جي.

اي هجر بي نصيب! ذرا دل کان ٿي پري،

خلوت سرا آ خاص ايها ڪنهن نگار جي!

زاهد دماغ – چوس مڙي ويو مسيت ڏي،

ساقي، اٿي صلاح ڪيو پنهنجي ڪار جي!

ابرو ڪمان، تير مزه، زلف جو ڪمند-

شايد اٿس خيال ۾ مرضي شڪار جي!

هڪ دل هزار ناز، ڪندي ڇا مقابلو،

ڪٽ ناز جي وڌيڪ ڍري آ ترار جي!

دشمن به شال هجر سندو ڪين ٿئي شڪار،

وڌ موت کان هيءَ سخت گهڙي انتظار جي!

گهونگهٽ وجهڻ، نقاب ڍڪڻ، منهن پري ڪرڻ،

پهرين پسو مبارڪ پر جي پيار جي!

 

عشق جي سخت بلا سر تي چڙهي آئي آهه،

جنهن وڃائي سڀ ڪم ڪار سندي وائي آهه.

دل نه سيني ۾ رهي، داغ ڀريل سيني ۾،

سوز ۽ ساڙ سوا شي نه رهي ڪائي آهه.

عشق جو بار کڻي ڪين سگهيو چرخ برين،

تو اها پاڻ بلا سر تي، چريا، چائي آهه.

دخترِ شيشه جي صحبت کان وڙهي ٿو واعظ،

مان نه ڄاتو ته ايها شيخ سندي ڄائي آهه!

ڪالهه اڄ اهڙي زماني جي هوا بگڙيل آهه،

جو نڪو يار، نه همراهه، نڪو ڀائي آهه.

درد، اندوهه، جفا، جور، مٿس طعنه زني،

ايتري فوج هِڪِي دل تي چڙهي آئي آهه.

هاڻي ارمان ڪيان ٿو ته بِلا سوچڻ جي،

ڇو اَڀِي شوخ طبع ساڻ مان لنو لائي آهه!

ذڪر محفل ۾ چُريو منهنجو، چِڙي يار چيو:

’هو چريو چٽ صفا، مست ۽ سودائي آهه‘!

مان ڏٺو دير و حرم، نيز صنمخانو پڻ،

يار هر رنگ ۾ هر شڪل ۾ هرجائي آهه.

زاهدا، ظلم نه ڪر، طمع نه رک جنّت جي،

اصل آباء سندي مِلڪ منهنجي جائي آهه.

خلوتي يار منهنجو محوِ خود آرائي آهه،

پنهنجي تصوير سندو پاڻ تماشائي آهه.

ڪاوڙيل يار ”علي“ ڪالهه اچي پرتو پاڻ،

ڌوڙ دشمن جي بسر، منهن ۾ پئي ڇائي آهه.

 

قاصدا، در کوي جانان گر ترا افتد گذر،

عرض ڪج ٻانهون ٻڌي، احوال منهنجو سر بسر.

گاه گاهي، ماه ماهي، با نگاهي ياد کن،

گرچ عاشق جو وسارڻ آهه معشوقن جي پر.

مست بودي، رخ نمودي، دل ربودي ناگهان،

هَي، ڪري هاڃو، هڻي وئين، دوست، هينئڙو سربسر!

عاشقم، بيچاره ام، سرگشتهء يک ديدنم،

مهرباني ڪري مٺا برقعو کڻي ڪر ڪا نظر!

شرحِ دردِ دل نويسم، گر بروي ڪاغذي،

باهه جا اولا ڪندي ڪاغذ سڙي ويندو مگر.

نيستم منت کشِ آن لخلخهء عود و عبير،

وڌ کٿوريءَ کان ڏٺم اي گل صبا تنهنجو پگهر!

تيرِ مزگانت يکي ما را نفرموده شکار،

ڪيترا ڪوپا ڪٺل مان ڪلهه ڏٺا دلبر جي در!

بگذر از شوخي، مروّت با ”علي اصغر“، بکن،

ورنه فرقت تو سندي مان سان ڪندي زوري ضرر!


 

حبيب الله مولا بخش ڀٽو

 

آغا صوفي مرحوم

آغا غلام نبي المعروف به ”آغا صوفي“ مرحوم، شڪارپور جو باشندو، پٺاڻن جي مشهور ”دراني“ قبيلي جو هڪ فرزند ۽ سٻاجهيءَ سنڌ جو هڪ مشهور شاعر، ڊرامه نويس، علم حڪمت جو ڄاڻو، سچل سرمست جو سوانح نگار، ۽ علم تصوّف جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. آغا مرحم سيپٽمبر 1889ع ۾ تولد ٿيو هو، ۽ پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ ڪراچيءَ جي ”سنڌ مدرسة الاسلام“ ۾ داخل ٿيو، ۽ پنهنجي زندگيءَ جا سڄا سارا ست سال اتي گذاريائين.

آغا مرحوم کي شعر و شاعريءَ جو ڪيترو شوق هوندو هو، تنهن جي ڄاڻ هن ڳالهه مان بخوبي پئجي سگهي ٿي ته جڏهن هن مئٽرڪ جو امتحان ٿي ڏنو، تڏهن پيپرن جي سوالن جا جواب، نثر بدران نظم ۾ ڏنا هئائين!

مدرسي مان تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ، آغا مرحوم سڌو پنهنجي والد بزرگوار آغا گل حسن خان وٽ خيرپور ميرس ۾ آيو، جتي سندس والد محترم ان وقت رياست جو نائب وزير هو. ٿوري وقت جي رهائش کان پوءِ، رياست سرڪار، آغا مرحوم جي علمي قابليت ۽ ادبي لياقت کان متاثر ٿي، کيس رياست جي تعليمي ادارن جو سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو، ۽ ان منصب تي رهي، آغا صاحب رياست جي چڱي خاصي علمي ۽ ادبي خدمت بجا آندي. هن صاحب ان عهدي تي رهندي هڪ پارسي گرامر ڇپائي پڌرو ڪيو هو،  جو هن جو هڪ عمدو ادبي يادگار سمجهيو وڃي ٿو.

رياست جي رهائش جي دوران ۾، آغا مرحوم، اردو ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪيترا ڊراما پڻ تصنيف ڪيا، جن مان ”شان اسلام،“ ”انقلاب يورپ“، ”ڪاليج کا زمانه، ۽ ”دنيا دورنگي“ خاص طرح قابل ذڪر آهن. انهن مان ڪي ڊراما آغا مرحوم پنهنجي زندگيءَ ۾، سنڌ جي مشهور شهرن ۾ وڃي، پنهنجي زير هدايت اسٽيجن تي آندا هئا. جن کيس ڪافي شهرت بخشي.

رياست جي ڪجهه عرصي جي ملازمت کان پوءِ، ان تان مستعفي ٿي، آغا مرحوم لاهور جي طبيه ڪاليج ۾ وڃي داخل ٿيو، ۽ اتان سند حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي وطن مالوف شڪارپور ۾ اچي پنهنجو يوناني دواخانو کوليائين؛ ۽ اهڙيءَ طرح، تا زندگي خلق خدا جي خدمت ۾ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائين. ان زماني ۾ علم حڪمت تي ڪيترا ڪتاب پڻ لکيائين، جن مان ”طبي جواهر“ نالي هڪ ڪتاب سڄو شعر ۾ جڙيل آهي. قارئين اڪرام جي ”ملاحظي لاءِ، نموني طور، ان ڪتاب جا چند شعر پيش ڪجن ٿا.

(1)

مرچ ڪارا ۽ ڪُٽي جيرو چٽو،

ٻيڻ ماکيءَ سان گڏي چاٽو ڪريو؛

پوءِ چٽايو هن منجهان بيمار کي،

ٿو ڇٽائي کنگهه جي آزار کي.

(2)

پيچ ۾ بادام جي کل ڏي ڪٽي،

مکڻ سان، ”آغا“ ته رتيون چار ٽي.

(3)

تپ اندر ۾ آهه توکي جي ادا،

پيءُ بنفشو تولو کن صبح مسا؛

کنگهه ان سان جي اُٿي تان تون ته پوءِ،

مُلهٽي به ميل ان سان ڪجهه ذرو.

(4)

مشڪ، عنبر ۽ جواهر، اي امير!

دل جي لاءِ آهن بلاشڪ بي نظير؛

صوف، صندل ۽ ٽماٽو ڀي عجيب،

کائي تن کي دل جي لئه مسڪين غريب؛

پان جا پن ۽ منقيٰ ۽ انجير،

ڏين ٿا هي ڀي چڱو ئي دل کي ڌير.

آغا مرحوم جو ڪيترو عشقيه شعر پڻ چيل آهي، جنهن جي طرز پڻ پنهنجي قسم جي ۽ نرالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سندس هڪ غزل آهي:

لائق اوهان جي بزم جو اغيار ٿيو آ،

هي جان نثار خارجِ دربار ٿيو آ.

مون کي ته شرم ٿو اچي، ڪهڙو جواب ڏيان؟

ٿي خلق پڇي ”ڇا تي هي تڪرار ٿيو آ؟،

صدما نوان نوان ۽ مصيبت نئين نئين،

آهون ٻُڌي، نصيب ڀي بيزار ٿيو آ.

تربت جي لاءِ ”آغا، جي هڪ گل نه بچايئي،

اغيار کي عطا ته سڄو هار ٿيو آ!

آغا مرحوم ”مناجات قرآني“ نالي پڻ هڪ شعر جو ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ قران پاڪ جي دعائيه آيات کي نظم جو جامه پهرايو اٿس. ”تاريخ ڊرامه، نالي پڻ هڪ دستخط نسخو آغا مرحوم جي پسماندن وٽ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ۾ هن صاحب نهايت سهڻي نموني ۽ عمدي پيرايي سان ڊرامي جي تاريخ تي مفصل روشني وڌي آهي. آغا مرحوم جو ٻيو نادر ادبي يادگار ”سچل سرمست“ نالي ضخيم ڪتاب آهي، جنهن ۾ ”سچل“ جي شعر، ان جي حسب نسب ۽ شان جي اپٽار ڪئي اٿس.

آغا مرحوم 19 جولاءِ 1938ع تي، 49 ورهين جي ڄمار ۾، شڪارپور ۾ وفات ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com