سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :17

غلام محّمد ”گرامي“

 

مولانا دين محّمد ”اديب“ فيروز شاهي

مولانا دين محمد صاحب، تخلص ”اديب“، تاريخ ولادت شب جمعہ، 15 شوال 1314هه مطابق 21 مارچ 1897ع آهي. تاريخي نالو ”منظور حسن“ آهي. سجعہ (مؤلفہ حضرت مولانا ٿانوي رحه): ”شرف يافت دنيا ز دين محمد“.

سنڌ جو مردم خيز خطو، فيروز شاهه تعلقو ميهڙ آهي. ميهڙ جيڪي چند شاعر، اديب، اهل قلم ۽ فاضل شخص پيدا ڪيا آهن، تن ۾ حضرت مولانا ’اديب‘ هڪ خاص خصوصيت جو مالڪ آهي. سندن نسبي تعلق حضرت غوث الحق مخدوم بهاءُ الدين زڪريا ملتاني رحه جي خليفي ۽ وقت جي ڪامل بزرگ ۽ عارف زمانه حضرت مخدوم عبدالله صاحب عرف پيروڄ اُچ واري سان لڳي ٿو. حضرت مخدوم عبدالله صاحب پيروڄ کي ٽي صاحبزادا – مخدوم محمد ابراهيم، مخدوم احمد، ۽ مخدوم اسحاق هئا. حضرت مخدوم پيروڄ وڏيءَ عمر وارو بزرگ هو. سندس عمر 125 سال هئي. سندس مزار پر انوار اڄ به مرجع انام خاص و عام آهي. سندس وچيون پٽ، مخدوم احمد، وڏو عالم ۽ درويش هو. پاڻ مخدوم محمد عثمان درٻيلي واري وٽان علم جي تحصيل ڪئي هئائون. سندس اولاد ۾ به وڏا وڏا عالم ۽ درويش پيا ٿيا – جيئن ته مخدوم عبدالمجيد صاحب جنهن مخدوم محمد عثمان شهيد متعلويءَ وٽان علم حاصل ڪيو هو؛ مخدوم ميان خير محمد صاحب، بن مخدوم عبدالمجيد؛ مخدوم ميان خير محمد جو فرزند، علامه دوران حضرت مولانا عطاء الله فيروز شاهي، جو پنهنجي وقت جي علماي ڪرام ۾ هڪ جيّد عالم ۽ سڀني فنن ۾ متبحّر ’استاذ العلماء‘ هو. سندس استادن ۾ مولانا عبدالرؤف صاحب مورائي ۽ مولانا نور محمد ۽ مولانا گل محمد شهدادڪوٽي مشهور آهن. مولانا عطاءالله فيروز شاهي، سنڌ جي وڏن عالمن مان هڪ وڏو عالم هو. سندس پهريون ۽ مشهور شاگرد، حديث ۽ فقہ جو ماهر، مولانا حاجي حامد الله صاحب ميمن رحه (ٻيلي، تعلقي سجاول جو) آهي. ان کان سواءِ ٻيا به ويهارو کن سندن فارغ التحصيل شاگرد آهن، جن اطراف سنڌ ۾ وڃي الله جي آسري تي مدرسا کوليا، ۽ قرآن حديث ۽ فقہ جي خدمت ڪئي. مولانا ’اديب‘ فيروز شاهي به مخدوم احمد صاحب جي اولاد مان آهي، ۽ ان علمي ۽ روحاني خاندان مان کيس هر وجهه بخرو مليل آهي.

حضرت علامه عطاء الله صاحب جن جي مدرسي ۾ مولانا ’اديب‘ ابتدائي تعليم حاصل ڪئي، ۽ فارسي شروع ڪئي، جا مولانا جي وفات کان پوءِ سندن مدرسي جي ٻئي عالم مولانا عبدالرحمان صاحب وٽ ”پند نامہ“ ۽ ”تحفہ نصائح“ تائين پهتي. پوءِ سنڌ جي مشهور استاذ العلماء حضرت مولانا الاهي بخش صاحب رحه (ويٺل ڳوٺ ٻانهو لاکير، تعلقو ميهڙ) جي مدرسي ۾ داخل ٿيا. حضرت مولانا الاهي بخش صاحب تعليم جي فن ۾ واقعي ماهر هو، ۽ فارسيءَ ۾ يگانهء وقت هو؛ شاعر به هو، اديب به هو؛ ان سان گڏ عالم باعمل، متشرع ۽ فقيہ هو. سندس شاگردن مان استاذ العلماء حضرت مولانا عبدالڪريم صاحب ديرويءَ جهڙو يگانهء عصر عالم ۽ صوفي، محقق ۽ فقيہ آهي؛ ۽ جناب سيد حاجي علي اڪبر شاهه صاحب باني ”جامعہ عربيہ“ جهڙو سياستدان، ابوالبيان، فصيح اللسان، اديب، مقرر ۽ مذهبي پيشوا آهي. مولانا اديب صاحب، حضرت مولانا الاهي بخش صاحب جي شهرت ۽ شفقت، ڪمالات علمي ۽ فيوضات باطني ڏانهن ڇڪجي آيو. پندرهن مهينن ۾ ”گلستان“، ”بوستان“ ”زليخا“ هرسہ دفتر، ”انشاء ابوالفضل“، ”بهار دانش“، ”سڪندر نامہ“، ”تحفة الاحرارجامي“ ۽ ”انوار سهيلي“ وغيره وغيره تائين پڙهيا. مولانا ’اديب‘ ننڍائيءَ کان وٺي ذهين ۽ صالح هو، تنهنڪري ايترن ڪتابن کي مطالب ۽ معاني، بديع ۽ بلاغت سميت تقريرن ۽ تشريحن سان پڙهي، فارسيءَ ۾ وڏو استعداد حاصل ڪيائين؛ تحرير ۽ تقرير تي عبور حاصل ڪري، فارسيءَ ۾ شعر گوئي به شروع ڪيائين. ان کان پوءِ، عربيءَ جو مروج نصاب شروع ڪري، شوال 1334هه ۾، پنجن سالن جي مسلسل محنت شاقه کان پوءِ، دستاربنديءَ تائين پهتا.

مولانا ’اديب‘ جي طبع ننڍائيءَ کان وٺي صلاحيت ڏانهن مائل هئي. سندن صحبت جن بزرگن سان رهي، سي زماني جا نه فقط عالم ۽عارف هئا، پر وڏا شاعر ۽ اديب، سخن سنج ۽ سخن شناس هئا. حضرت علامه عطاء الله رحه کان پوءِ، حضرت مولانا الاهي بخش صاحب رحه وڏو عالم ۽ شاعر هو، جنهن جي شاعرانه فيوضات ۽ اديبانه ڪمالات مولانا ’اديب“ جي لڪل ادبي قوتن کي زندگي بخشي، ۽ گوشهء عافيت مان ڪڍي بزم شاعريءَ ۾ آندو. مولانا الاهي بخش صاحب رحه جي فارسي توڙي سنڌي تحرير، شسته ۽ شائسته هئي. سندن ڪلام فيض انجام ۾ جدت ۽ قدرت هئي، فصاحت ۽ بلاغت هئي، سلاست ۽ رواني هئي، شگفتگي ۽ سادگي هئي؛ اهي جوهر هئا، جي مولانا ’اديب“ کي به مليا، ۽ مولانا جي شعر گوئي ان عالم ۾ شروع ٿي. صالحن جي صحبت ڪري، مولانا ’اديب“ کي حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم – فداه امي و ابي – جن جو اشتياق ما لا يطاق نصيب ٿيو. ان وقت پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي شان اقدس ۾ نعتيہ ڪلام چيائون، جو سوز ۽ درد، فراق ۽ اشتياق جي عاشقانه تصوير آهي. سندن نعتيه ڪلام اڄ تائين موجود آهي، جو هر وجہ عروضي ۽ شاعرانه ڪمالات جو دليل ۽ سندن پخته گوئيءَ جو زنده ثبوت آهي-

”يا رسولِ خدا ترحّم کن،

زاريء من ببين تکلّم کن،

مشکل آسان کن از سرِ شفقت،

مہ جبينم نما تبسم کن.

هڪ صحابيہ جي هن عربي نظم جو سندن فارسي ترجمو ملاحظه ڪريو:

”يَا مَن لَمۡ يَشۡبَعۡ مِنۡ خُبۡزِ الشَّعِيۡرِ،

يَا مَنِ اخۡتَارِ الۡحَصِيۡرَ عَلَي السَّرِيۡر،

يَا مَنۡ لَّم يَنَمِ الَّليۡل کُلَّہُ،

مِنۡ خوفِ عَذَابِ رَبّ السَّعِيۡرِ.“

فارسي ترجمو:

(الف)

نمودي نه سيري زنانِ شعير،   گزيدي به دل بوريا بر سرير،

نخفتي همہ شب شفيع الوريٰ، ز خوفِ عذابِ خداي سعير.

(ب)

اي نکردي سيري ازنانِ شعير، اي گزيدي بوريا را بر سرير،

اي نخوابيدي همہ شب تو گهي،      از هراسِ بطش مولاي سعير.

 

تحصيل ۽ تڪميل کان پوءِ، مختلف عربي مدرسن ۾ پاڻ درس تدريس شروع ڪيائون – خاص طور پاٽ شڙيف ۾ حضرت علامه مخدوم مولانا محمود صاحب صديقي رحه جهڙي عالم ۽ عارف جي ڪشش ۽ محبت کين پاٽ ۾ ڪافي وقت رهايو. اتي عربي نصاب پوريءَ طرح پڙهايائون،* ۽ علوم عربيه تي عبور حاصل ڪيائون. ان سان گڏ، تحرير ۽ فتويٰ نويسي به ڪيائون ان وقت کي ياد ڪري، اڄ به هي بيت پڙهندا آهن:

”بِلاَدُٗ بِهَا کُنَّا وَ کُنّما نُحِبُّهَا،  اِذا النّاسُ نَاسَّوَالزّمَانُ زَمَانُٗ“.

(يعني، اسان ڪن شهرن ۾ رهندا هئاسين ۽ انهن سان محبت رکندا هئاسين، جنهن وقت ان جا ماڻهو ڪامل ماڻهو هئا ۽ زمانو به سٺو زمانو هو.)

مولانا ’اديب‘ جي ڪمالات علمي لاءِ واهڻن جي محدود زندگي موزون نه هئي؛ قدرت گهريو ٿي ته سندن جوهر باطن ۽ ڪمالات علمي مان ادب ۽ اهل ادب مستفيد ٿين؛ تنهنڪري ڪنهن جسماني عارضي جي علاج خاطر حيدرآباد سنڌ ۾ آيا - ۽ اهڙو آيا، جو وري نه موٽيا – اڄ تائين حيدرآباد ۾ آهن. مرحوم نور محمد صاحب وڪيل، جو رڳو علوم ظاهري جو ڄاڻو۽ قانوندان نه هو، پر مردم شناس به هو، تنهن مولانا ’اديب‘ جي صحبت ۽ معيت کي پاڻ لاءِ برڪت ڀريو سمجهي، مولانا کي پنهنجي هاسٽل ۾ پيش امام مقرر ڪيو. اتي ساڍا ٽي سال امامت ۽ خلق جي خدمت جا فرائض انجام ڏيندا رهيا.

حيدرآباد سنڌ جي شهري زندگي، جديد علوم ۽ فنون ۽ مغربي تهذيب جي مصنوعي چمڪ دمڪ مولانا تي ڪو اثر نه ڪيو. هي پاڪ نهاد، صوفي طبع، عارفن ۽ عالمن جو صحبت يافتو، صالح مرد، جو وقت حيدرآباد سنڌ ۾ مقيم هو، اهو دين جي شغف، مطالعہء ڪتب، مصروفيت اوراد و اشغال، ۽ صالحن جي صحبت گذاريندو رهيو. نيڪيءَ جو ٻج پوکيل هو؛ بزرگان دين جي تصنيفات ۽ روحاني اتصال ۽ برڪت، آبياريءَ جو ڪم ڪيو، ۽-

”باران کہ در لطافتِ طبعش خلاف نيست،

در باغ لالہ رويد و در بوم شور خس.“

جي مصداق، سندن خزينهء قلب ۾ الله جي سچي محبت ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي والهانه محبت پيدا ٿي: عشق عربي رسول، برق جان سوز، جي لمعاتي ۽ فيوضات عرفاني کان سندن نيانخانهء قلب ”بيت المعمور“ بنجي پيو. ان زندگيءَ ۾، دوباره، حيدرآباد کي ڇڏي، مرحوم نور محمد جي والد جي استدعا تي، مرحوم نور محمد جي ڳوٺ واپس آيا. ذڪر ۽ فڪر سان گڏ، ديني ڪتابن جي مطالعي ۽ نصاب نظامي جي درس و تدريس ۽ امامت، خطابت ۽ خدمتِ خلق ۾ وقت گذارڻ لڳا. حيدرآباد مان هجرت ۽ دوري، مرحوم نور محمد لاءِ ناقابل برداشت رهي: پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ جي اصلاح ۽ ديني خدمت جي بجاءِ، مولانا کي هميشہ لاءِ انگريزي دان گروهه جي اصلاح ۽ ديني تربيت لاءِ واپس حيدرآباد آندو ويو، ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.

علماء اسلام ۽ صوفياء ڪرام ۾، دور جديد جو عارف ڪامل، حڪيم الامت، حضرت مولانا شاهه محمد اشرف علي ٿانوي رحمة الله عليہ جي ذات گرامي ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. سندن تصنيفات ۾ تفسير، حديث، فقہ فلسفہ حڪمت تصوف ۽ اصلاحي نقطہ نظر سان اٺن سون کان زياده قابل قدر ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. سندن مواعظ حسنہ، ترياق القلوب جي حيثيت رکن ٿا. هر طبع، هر ذوق، ۽ هر استعداد واري شيخ، معمر ۽ جوان پُر شباب لاءِ سندن تصنيف اڪسير جو ڪم ڪيو آهي. سندن معتقدين ۽ متوسلين ۾ مولانا ظفر احمد ٿانوي، عبدالماجد دريابادي، مولانا مفتي محمد حسن لاهوري، سيد سليمان صاحب ندوي، قاري محمد طيب ديوبندي، مولانا حاجي شير محمد صاحب گهوٽڪيءَ وارا مهاجر مدني، مولانا عبدالباري ندوي، مولانا عبدالرحمان صاحب ڪيملپوري، ۽ مفتي محمد شفيع صاحب وغيره آهن.

مولانا ”اديب“ اهڙي عارف ۽ روحاني حڪيم جو نه فقط معتقد آهي، پر مريد صادق. سندس اخلاقي ۽ اصلاحي مواعظ ۽ رسالجات جي مطالعي ڪرڻ سان، مولانا سان کين قلبي رابطو، روحاني ۽ مريدانه تعلقات پڪا پيدا ٿي ويا: پاڻ ارڙهن سالن جي عمر ۾ ’ٿانه ڀون‘ پهتا، ۽ حضرت جي دست بوسيءَ ۽ صحبت مان مستفيد ٿيا؛ بيعت لاءِ درخواست ڪيائون، جا ڪن مصلحتن ۽ طالب العلمي جي مناسب نه هجڻ سبب قبول نه پيئي- پر دورِ طالب العلمي کان پوءِ قبول فرمايائون. مولانا ٿانوي، رسمي پيري- مريديءَ جي خلاف هو. نااهل، ناپخته، هرجائي ۽ رياپسند کي ويجهو اچڻ نه ڏيندا هئا. ان کان سواءِ، سندن معيار موجب، چڱي انداز ۾ استعداد ۽ صلاحيت وارا ماڻهو پيدا ٿيا، جن کي سندن بيعت جو شرف حاصل ٿيو آهي- باقي معتقدن جو انداز لکن کان ٻاهر آهي. الحمدلله، جو مولانا ’اديب‘ اهڙي عارف ۽ حڪيم الامت جي معيار تي پورو آيو، ۽ کين حلقهء ارادت ۾ داخل ڪيو ويو. مولانا ’اديب‘ ادب ۾ پاڻ کي اڃا تائين طالب العلم، ۽ تصوف ۽ طريقت جو نوسفر سالڪ سمجهن ٿا: اها سندن انڪساري آهي، ورنه سندن باطن گهڻو چڱو آهي. پاڻ رڳو قال جو صاحب نه آهي، پر حال جو صاحب به آهي؛ ۽ جذب ۽ وصال جو طالب پڻ.

شعر و شاعري: تصوف ۽ شاعريءَ جو تعلق، جسم ۽ جان وارو واسطو آهي. مشرقي شاعري، تصوف جي ترجمان آهــــــــي. بـــــــــالـخصوص، فـــــــــارســـــــــي شــــــــاعـــــــــريءَ ۾ ”سنائي“، ”عطار“، ”رومي“، ”حافظ“، ”سعدي“، ”خسرو“ ۽ ”جامي“ جو ڪلام عارفانه نڪات ۽ صوفيانه تعليمات جو بيش بها خزانو آهي. مولانا هڪ صالح ۽ باذوق طالب العلم هو: نفاست ۽ نزاڪت هئي، خيالات ۾ پاڪيزگي هئي، زبان ۾ شگفتگي هئي، ڪلام ۾ رواني ۽ برجستگي هئي، سارو ماحول عالمانه ۽ شاعرانه هو، استادن ۾ سڀ استاد وڏا شاعر ۽ اهل زبان هئا، تنهنڪري کين شسته ۽ شائسته ملڪو پيدا ٿيو: رقت سان گڏ جذبات ۾ شوقيه حدت پيدا ٿي، شاعريءَ جو چشمو جاري ٿيو. حضرت مولانا الاهي بخش مرحوم جي صحبت ۾ شاعريءَ جي شروعات ٿي، ۽ هاڻي روبترقي آهي- اللّٰهُمَّ زِدۡ فَزِدۡ!

1330 هه ۾، فارسيءَ سان گڏ سنڌي شاعري به شروع ٿي. اڪثر ڪري نعتيہ ڪلام چيو ويو. ان کان پوءِ اصلاحي، قومي، اخلاقي ۽ تاريخي ڪلام چيو ويو، جو ان وقت جي سنڌي رسالن ۽ اخبارن- ”آفتاب“، ”الحق“، ”الامين“، ”الاسلام“ ۽ الڪاشف“،- ۾ شايع ٿيندو رهيو. مولانا فتح محمد مرحوم جي مدير هجڻ جي دور ۾، ”الحق“ اخبار ۾ نظم سان گڏ نثر به موڪليندا هئا. مولانا فتح محمد مرحوم، مولانا اديب جي ڪلام ۽ مضمونن کي خاص طور نمايان جاءِ تي شايع ڪندي، تعارفي ۽ تعريفي نوٽ لکي، مولانا جي همت افزائي ڪندو هو، ۽ مولانا کي مشق جاري رکڻ جو تاڪيد ڪندوهو.

هن هلندڙ دور ۾ مولانا جي سخن فهمي ۽ سخن سنجي تسليم ٿيل آهي. شاعريءَ جي هر صنف تي سندن معياري ڪلام موجود آهي. ”الوحيد“ ”توحيد“، ”اديب“ ۽ ٻين رسالن ۾ سندن ڪلام شايع ٿيندو رهيو آهي، ۽ نهايت قابل تحسين، عالمانه ۽ پخته پايي جي شاعري آهي.

سندن فارسي ڪلام هاڻي سنڌ يونيورسٽيءَ هڪ فارسي ايم. اي. جي متعلم جي ذريعي جمع ڪرائي، يونيورسٽيءَ ۾ محفوظ رکيو آهي، جنهن کي يونيورسٽي شايع ڪرائيندي.

انهيءَ ايم. اي. جي فاضل شاگرد، مولانا ’اديب‘ جي گڏ ڪيل فارسي ڪلام تي فل اسڪيپ سائيز پني تي ايڪهٺ صفحن ۾ انگريزيءَ ۾ تبصرو لکيو آهي، اهو پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ محفوظ آهي. اهو شاگرد خوش نصيب چئبو، جو انهيءَ ڪلام جي خدمت ڪرڻ جي برڪت سان، پنهنجن سڀني همدرسن ۾ فسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو.

فن تاريخ گوئيءَ ۾ پاڻ عديم المثال آهن. سر زمين سنڌ ۾ ههڙو تاريخگو شاعر ڪين ٿيو آهي. ’مادهاي تاريخي‘ جا سوين مثال موجود آهن، جي لاجواب آهن. اهڙا اهلِ فن هندستان ۾ به ٿورا ملندا. مولانا جي همہ دانيءَ جو اهو هڪ دليل آهي. اڄڪلهه غزل چوڻ تي شاعريءَ جو ڪمال آهي، پر مولانا غزل کي به افاديت لاءِ استعمال ڪري ٿو؛ ان سان گڏ مثنوي، تاريخ، قطعہ، مسدس، ترجيع بند ۽ ترڪيب بند ۾ به يدطوليٰ رکي ٿو. مرثيه گوئي ۽ واقعي نگاريءَ ۾ به بيمثال آهي. مرحوم نور محمد تي چيل مرثيو، هندستان جي وڏن وڏن مرثيه نويس شاعرن کان مٿي آهي.

حضرت خواجه مولانا محمد حسن جان صاحب سرهندي رحمةالله عليہ، مولانا ’اديب‘ جو هڪ طالب علميءَ جي زماني جو غزل ڏٺو: پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا، ۽ فرمايائون ته ”هنوز آغازست، خوش کلاميش متوقع“ (اڃا آغاز آهي، سٺي شاعريءَ جي اميد آهي). حضرت مولانا الاهي بخش ’سندن استاد‘ هيءَ مصرعہ ”کاربد اعمال بد سبب خجالت کرده ام“ ڏسي، طالب علميءَ جي زماني ۾، مولانا ’اديب‘ تي اعتراض فرمايو ته ”ڇا خجالت جي ڪري ڪا ڪاربد ڪيا اٿئي؟“ ان تي مولانا ’اديب عرض ڪيو ته ”کاربد‘ کي خجالت جو ڪارڻ بنايو اٿم“. مولانا ٿوري فڪر کان پوءِ فرمايو ته ”تون سٺو شعر چوندين!“ اهو سندن چوڻ مقبول ٿيو.

تصنيف ۽ تاليف: مولانا صاحب شعر و شاعري، درس و تدريس، اوراد ۽ اشغال، سلوڪ ۽ طريقت سان گڏ، تصنيف ۽ تاليف جو ڪم به خاموش نموني ۾ ڪندا رهيا آهن. سندن تصنيف زياده تر مولانا ٿانويءَ جي ترجمي تي مشتمل آهي، ۽ پاڻ مولانا ٿانويءَ وانگر ”بلامعاوضه“ ڪتاب وقف ڪيا آهن، ۽ هر شخص کي ڪتاب بنا معاوضي ڇپائڻ ڏيندا آهن: جيڪڏهن ڪو سٺي ڪاغذ تي صحيح نموني ۾ ڇاپڻ جي ضمانت ڏيندو ته پوءِ ان کي اجازت ڏيندا آهن. سندن مخلصانه جذبو ۽ استغنا مولانا ٿانويءَ جي برڪت ڪري آهي. ان بزرگ به پنهنجي تصنيفات کي وقف عام فرمايو آهي. سندن ڪتابن جو مختصر تعارف ڪرائڻ مناسب سمجهان ٿو.

(1) ”جزاء الاعمال“: مولانا ٿانويءَ جي اصلاحي ۽ اخلاقي رسالي جو ترجمو ”اصلاح الاحوال“ نالي ٿيو آهي؛ منجهس دنيا ۾ چڱن ڪمن مان فائدا ۽ براين مان نقصان بيان ٿيل آهن. (2) ”بهشتي ڪوثر“: مولانا ٿانويءَ جي مشهور معروف ضخيم ۽ مبسوط ڪتاب ”بهشتي زيور“ جي پهرئين حصي جو شگفته ۽ پر اثر سنڌيءَ ۾ ترجمو؛ شايع ٿيل آهي؛ هينئر ڪمياب آهي. (3) ”علاج القحط والوبا“: هي مولانا ٿانويءَ جي اصلاحي رسالي جو ترجمو آهي؛ نهايت عمدو ۽ پر اثر آهي؛ اڃا شايع نه ٿيو آهي. (4) ”زاد السعيد في الصلواة علي النبي الوحيد“: فضائل صلوات ۾ مفيد اصلاحي رسالو آهي؛ اڃا اڻڇپيل آهي. (5) ”نُورُٗعليٰ نور ترجمہ خاتم الانبيا“: مولانا مفتي محمد شفيع ديوبنديءَ جو سيرت نبويءَ ۾ هڪ معياري ۽ مختصر رسالي جو ترجمو آهي، جو اسڪولن ۾ داخل نصاب ٿي چڪو آهي. (6) ”علم الاخلاق عرف اسلامي اخلاق“: امام غزالي رحه جي اربعين جي پوين ٽيهن فصلن جو شسته ۽ ڪامياب ترجمو آهي؛ زبان اصليت تي قائم آهي؛ نهايت معياري ترجمو آهي، ۽ عربي يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ جو شايع ٿيل آهي؛ قديم ۽ جديد تعليم يافته بزرگن لاءِ نهايت ڪارآمد ۽ سبق آموز، اصلاحي ۽ اخلاقي چيز آهي؛ هاڻي ٻيو دفعو ڇپيو آهي. (7) ”چهره ڪشاي مثنوي، ترجمه ’رونماي مثنوي‘“: مولانا رومي رحه جي ”مثنوي“ جي ديباچي وارن چاليهن بيتن جو نظم ۾ شرح آهي؛ ٻه دفعا شايع ٿيو آهي. (8) ”اختتام مثنوي“؛ مثنويءَ جي ڇهين دفتر جو تتمہ آهي؛ مولانا الاهي بخش ڪانڌلويءَ، مولانا روميءَ جي منامي ارشاد موجب 1216 هه ۾ لکيو آهي، ان جو منظوم ترجمو مولانا ’اديب‘ ڪيو آهي. (9) ”حيات المسلمين“. حڪيم الامت ٿانوي رحه جو اصلاحي رسالو آهي؛ آيات قرآني ۽ احاديث نبوي سان پورا 25 باب رٿيل آهن؛ مومن زندگيءَ جي لاءِ عارفانه دستور العمل آهي؛ زير طبع آهي. (10) ”منع الانام عن وضع الايدي علي الاقدام“: فارسي زبان ۾ آهي؛ پيرن پوڻ جي تعظيمي رسم بابت عدم- جواز جو فيصلو دليلن سان ڏنل آهي؛ مٿس وڏن عالمن جون تصديقون آهن؛ اڃا اڻڇپيل آهي. (11) ”مجموعة الاشعار (فارسي): هي مولانا جو بياض آهي، جنهن ۾ مختلف شاعرن جا اٺ سؤ کن اشعار گڏ ٿيل آهن؛ تصوف ۽ اخلاق ’ادب ۽ تهذيب‘ اصلاح ۽ تربيت لاءِ نهايت مفيد مجموعو آهي؛ اڃا اڻڇپيل آهي. (12) بهشت جي ڪنجي- نماز ۾؛ (13) ”معلم الاسلام“، چار حصا، عقائد ۽ ارڪان اسلام ۾؛ (14) چاليهن دعائن جو ترجمو؛ (15) ”ڪليات اديب“، نظم؛ (16) صبح ۽ شام جون دعائون؛ (17) ”خلفاي راشدين“؛ (18) ”ڪشف المحجوب“ جو ترجمو- اڃا تشنہء تڪميل آهي؛ (19) ”اخلاق النبي“؛ (20) ”اشرف العلوم“، ترجمه منظوم مثنوي مولانا روم، ڇهه دفتر: مولانا ’اديب‘ جو هي معرڪة الاراشاهڪار آهي، جو مولانا جي حيات جاودان جو ضامن آهي*.

مثنوي شريف ڏانهن توجهه ۽ ذوق پيدا ٿيڻ جا ڪيئي سبب آهن: فيروز شاهه، جو مولانا جو زادبوم آهي، جتي سندس تعليم ۽ تربيت ٿي، ۽ جو علامہء زمان استاذ العلماء حضرت مولانا حاجي عطاءالله رحمةالله عليہ جي وقت، علم ۽ فضل، ادب ۽ فيض جو شهره آفاق مرڪز هو: اتي سوين اهل الله ۽ اهل دل عالم ۽ بزرگانِ دين ايندا هئا، ۽ حضرت علامه جي ”فقيهانه محفل“ مٽجي، ”فقيرانه مجلس“ ٿيندي هئي. پاڻ بنا ساز جي سماع ڪندا هئا، ۽ فراغت جي وقت ۾ ”مثنوي شريف“ نهايت رقت آميز ۽ دلڪش لهجي ۾ ويهي پڙهندا هئا، ۽ روحاني طمانيت ۽ وجدانگيز ڪيفيت حاصل ڪندا هئا. مولانا ’اديب‘ جهڙو ذڪي ۽ ذهين طالب پنهنجي استاد محترم جي ان تاثر ۽ جذب کان متاثر ٿيندو هو- غالباً ’مثنوي‘ سان قلبي رابطي جو پهريون دور اهو ئي هو. ساڳئي وقت، مولانا عطاءالله رحه، درس نطامي جي خلاف قانون، منتهي ظالبن کي مطول سان گڏ مثنويءَ جي عارفانه رموز ۽ اسرار مان به سيراب ڪندا هئا، جنهن کي ڏسي ۽ ٻڌي، مولانا ’اديب‘ جي دل تي مثنويءَ جي عظمت ۽ جلالت جو غير فاني اثر پيدا ٿيو. اهو سبب آهي، جو ان زماني جا عالم اڳتي هلي قال سان گڏ حال جا صاحب ٿيا- مگر اڄڪلهه رڳو ”قال ۽ تال“ آهي، ”حال“ ڪونه آهي.

”مصرعہ ۾ لڳو لڳ ٽي اضافتون هجن، انهن جو سنڌي اضافت جي نشانين ظاهر ڪرڻ سان گڏ ترجمو ڪرڻ، حوصلي شڪن نه آهي ته ڇا آهي؟ ڏسو هڪ بيت جي پوئين مصرعہ:

”عکس مهروبيانِ بستانِ خدا ست“

- پر انهن ڏکين چاڙهين هوندي به، هڪ بيت جو ترجمو هڪ بيت جي التزام سان نه ڇڏيم: راتيون جاڳيس، اسر جو اٿيس، مشڪل جاين تي نااميديءَ ڪري رئڻ جهڙو ٿيس؛ مگر ان مبدء فياض عين نااميدي ۾ رئڻ نه ڏنو، بلڪ رئڻ جي بجاءِ يڪدم کلايو، ۽ مشڪل کي يڪدم آسان ڪري ڏنو. انهيءَ ڪري، معمولي بيتن کان به بعضي مشڪل بيتن جو ترجمو فصيح ٿيل آهي، جنهن تي نه صرف زبان الحمدلِله ٿي چيو، بلڪ ان سان گڏ قلم به اهو فرض ادا ٿي ڪيو.“

مولانا ’اديب‘ جي مٿين لفظن مان سندن همت، خلوص، محنت ۽ دلي شغف جو پتو پوي ٿو؛ ان سان گڏ ’تائيدِ غيبيءَ‘ جي به خوشخبري معلوم ٿئي ٿي. الله تعاليٰ کين توفيق عطا فرمائِي جو ”اشرف العلوم“ پايهء تڪميل کي پهچي ويو، سنڌي ادب ۽ تصوف ۾ نمايان اضافو ٿيو، ۽ مولانا لاءِ نجات اُخروي جو باعث بڻيو! خدا مولانا کي حيات خضري عطا فرمائي، اعمال صالح ۾ مشغول رکي، ۽ خاتمو بالخير ڪري- بحرمت سيدالمرسلين، و امام المتقين، صاحب التاج والمعراج والبراق والعَلم.- آمين!

مولانا ’اديب‘ جي صاحبزادي محمد منير وڪيل (بي. سي، ايل .ايل. بي.- ميڊلسٽ) کي تاليف جو شوق پنهنجي والد کان ورثي ۾ مليل آهي. طالب علميءَ جي زماني ۾ هن ”اڪابر اسلامي“ نالي هڪ سلسلو شروع ڪيو آهي. اَسي بزرگن جون مختصر سوانح عمريون، ستن ڀاڱن ۾، شايع ٿي چڪيون آهن. ٻه حصا خاص سنڌي بزرگن جي حالات ۾ تيار ٿيا پيا آهن، پر اڃا ڇپيا نه آهن. ”تعليم الدين“ جو به ترجمو ڪيو اٿس.

مولانا ’اديب‘ جي منظوم ڪلام جا جملي بيت تقريباً ايڪٽيهه هزار ۽ ڪجهه زياده آهن- ڇويهه هزار ڇهه سؤ ۽ سٺ بيت ”مثنوي“ جي ترجمي جا؛ ٻارهن سؤ اختتام ’مثنوي‘ جا؛ ڏيڍ هزار سنڌيءَ ۾ مختلف نظمن جا؛ هڪ سؤ بيت عربيءَ جا؛ ڏيڍ سؤ بيت اردوءَ جا؛ هڪ سؤ ايڪيهه بيت ”چهره کشاي مثنوي“ جا؛ ۽ ڏيڍ هزار فارسي بيت.

نمونه ڪلام

(فارسي)

عاجز از تفسيرِ شمس و ليلِ تو، ابنِ جرير!

از حديثِ حسنِ تو ’مسلم‘ ’بخاري‘ در نفير؛

عقل کل بلبل صفت در باغِ علمت در صغير،

جبرئيل از حق تعاليٰ در جنابِ تو سفير؛

چشمِ صدّيق از جمال و حسنِ تو روشن، بصير،

ديدهء بوجهل از برقِ جمالِ تو ضرير؛

در صِبا گشتہ ’علي‘ از عشقِ ذاتِ تو جوان،

’باب شهرِ معرفت‘ زان آمده شاهِ شهير؛

لوحِ محفوظ ست تعبيرِ دگر بهر دِلت،

ذرّه کرد روشن پيش تو مهرِ منير؛

از ازل گل را رسيده شمّہ از خوشبوي تو،

بلبل ازسوزِ دلت دريافتَہ سوزِ ضمير؛

دفترِ پارينہ ني، بل گم شده جملہ کتب،

در شبستانِ جهان قرآن بود شمعِ منير؛

سوي فهمي سوي فهمان را نموده بدحواس،

نار را دانند نارو نور را نارِ سعير،

چون شود فضلِ اجل شامل بحالِ عاصيان،

گردد از يمنِ شفاعت نار عکسِ زمهرير؛

مهر تازي کرد نورِ ’فارسي‘ را بر فلک،

ديدنِ اين نور بر خفّاش گرديده عسير؛

ذات پاکت مظهرِ ڪامل براي ذوالجلال،

مُنصبغ در رنگِ تو مصبوغ رنگِ بي نظير؛

جِئتَنَا مَوليٰ رَءُوفّاً رّاحماً مِن رَّبنَا،

رَبَّنا رَبّ کرِيم نِعمَ مَولٰينَا النَّصير؛

از کمالِ فضلِ تو يک تارِ مو گفتہ نشد،

گرچہ در هر دور جهدي ميکند جمّ غفير:

التجا دارد بدرگاهِ رفيعت سگ ”اديب“،

بهرِ حق گردان دلم را تا ابد در حق اسير!

*         *         *

 

پر رونق و خوش آمده بازارِ اهل دل،

باغِ اِرم کجاست چو گلزارِ اهل دل!

هرگز ز بادِ تند نمِيرد چراغِ شان،

مامون ز باد شمعِ پر انوار اهل دل.

بر رنگِ پوست دل مده، اي خير خواهِ دل!

رنگين کنش بصبغہء دلدار اهل دل.

دل مرده شد ز صحبتِ دل مردگانِ دهر،

يا رب، مدام ساز مرا جارِ اهل دل!

تقليدِ تن پرست نمي زيبدت ”اديب“!

بگزين پيء صلاحِ دل اطوارِ اهل دل.

 

 

مزگانِ مهوش ست چسان؟ کو سنان سنان!

چون در کمان سنان بکشد، گو امان امان!

تيرِ فراق کرد مرا چون کمان کمان،

اي سر وِمن! بيا ببرِ من چمان چمان!

در دورِ فتنہ زاي تو امن و امان کجا؟

آهو ز چشمِ تست بصحرا رمان رمان!

بشکست بارِ هجرِ تو اَعظامِ گردنم،

هان، مومياي وصل بده در زمان زمان!

چون نازنين خويش نديديم يک حسين،

هر چند گشتہ ايم بسي در جِهان جَهان!

اي سستِ عهد و چستِ جفا، ميروي کجا؟

برسينہء وسرِ من يک شب بمان بمان!

چون بستہ شد بزلفِ تو شيرِ دلِ ”اديب“؟

در شيرِ دل نبود چنينم گمان گمان!

 

اي گُل، ز تست در دل من خار، الغياث!

نالم هزار وار ز آزار، الغياث!

در راهِ عشق فرقِ مراتب کجا شود؟

در يک صف ست بنده جهاندار، الغياث!

مقبولِ عشق هست بعالم ذليل و خوار،

سردار مي نهند سرِ دار، الغياث!

مَردانِ عشق را نسزد زينت جهان،

باشد بدلق گوهرِ شهوار، الغياث!

خَطت بگردِ روي تو چون هالہ گِرد ماه،

گيسوي پيچدارِ تو چون مار، الغياث!

نزديک روي سرخِ تو زلفِ سياه چيست؟

اين ست برخزينہء زر مار، الغياث!

هان، ’لَنۡ تَرَانِي‘ آمده در گوش من ”اديب“،

’اَرۡنِيۡ‘ بگفتم ار چہ منِ زار، الغياث!

 


 

قصيده نعتيہ

ايمان بشود تازه ز اَذکارِ محّمد،

کردار نبي ميدهد انوارِ محّمد.

گرديد همين تيره زمين رشکِ سماوات،

چون تافت بر او مطلعِ انوارِ محّمد.

در عشقِ محمد نشوي تاکہ تو فاني،

عارف نتوان گشت باسرارِ محّمد.

ز اسلام کسادي ست ببازارِ مذاهب،

شد روز فزون رونقِ بازارِ محّمد.

آن ختمِ رسل، خاتمِ هر فيض و کمالات،

مرحوم شده خلق ز ايثارِ محمّد.

هر لحظہ بعرش ست گذر شاهِ دو عالم،

بيمثل شده همتِ افکارِ محمّد.

تا روزِ قيامت بنوازند بدنيا،

هر روز همين نوبتِ يک – چارِ محمّد.

اسلام باقصاي جهان برد صحابہ،

هم معجزه شد لشکر جرّار محمّد.

اسلام نيفزود بشمشير و بصمصام،

افزود باخلاصِ ظفر بارِ محمّد.

’سحبانِ عرب‘ گنگ زبان کرد بيانش،

مغلوب شده جملہ بمضمارِ محمّد.

اخلاق بمعراجِ کمال آن برسانيد،

اي بنگر ابرار نکوکارِ محمّد.

ايثارِ مجسّم همہ اصحاب نموده،

بين در ’بدر‘ و نيز بانصارِ محمّد.

از بَدۡوِ جهان تا بهمين دورِ مؤخر،

گيتي نبزائيد چو احرارِ محمّد.

در غارِ حِريٰ کرد عبادت بجواني،

از بند گيش پرس ز کهسارِ محمّد.

بيخود شود و وجد کند عاقل و هشيار،

از شهر مدينہ، در و ديوارِ محمّد.

آهنگِ حجازي ست گدازندهء دلها،

هم نجد کند وجد به آثارِ محمّد.

تسليم، صبا! گو زمنِ بلبلِ نالان،

هر گاه شوي داخلِ گلزارِ محمّد.

وه وه چہ نصيب ست گر از لطفِ نِگاهي،

يکبار شود سوي دل افکارِ محمّد!

پيدا بهمين نظم بگرديد حلاوت،

در آخرِ هر شعر بتکرارِ ’محّمد‘.

يا من مکن اي دوست‘ ! حديثِ عمر و زيد،

با بنده بگو صرف از اخبارِ محمّد.

از دامِ هواء و هوس آزاد مرا کن،

اين بنده شود محض گرفتارِ محمّد.

اميد کہ بخشند بما خرقہ، ”اديبا“،

هستيم چو ما مطربِ سرکار محمّد.

 

(مطلع ثاني)

هر ديده وري مي کند اقرارِ محمّد،

خفاش – صفت مي کند انکارِ محمّد.

اخلاق بگيتي ست از آثارِ محمّد،

شد روشن تر چرخ ز انوارِ محّمد.

از فيضِ نبي جهل شد و علم بيفزود،

در پارس فروغ آمده ز انوارِ محمّد.

’سندي‘ ز عرب دولتِ جاويد گرفتہ،

اين ست ثمر گير ز گلزارِ محمّد.

در مشرق و مغرب ز عرب شمسِ ادب تافت،

خفاش کجا بنگرد انوارِ محمّد؟

دادند همي باکره در نيل بهرسال،

اين ظلم شده ختم ز اخيارِ محمّد.

يا خاک نگيرند همہ جود و سجودت،

گر مي کني اي بيخبر انکارِ محمّد!

هان، هيچ نيرزي بجز از عشق عزيزش،

بايد بجهان گشت خريدارِ محمّد!

اي عشق نبي هست گرانمايہ متاعي،

صديق همہ داده بشد يارِ محمّد.

در جاي خطرناک علي خفت بجايش،

صديق بجان رفت سوي غارِ محمّد.

پروانه-صفت خلق ز هر سمت در آيد،

بر شمع – صفت قبرِ پُر انوارِ محمّد.

بشنو کہ خدا عفو کند مجرمِ خود را،

اما نکند عفوِ گنگهارِ محمّد!

آزاد گيم باعثِ آزارِ دلم شد،

يا رب، بکرم ساز گرفتارِ محمّد!

بيزار ز عقل ست همين خاطرِ مجنون،

کن بند بگيسوي گره دارِ محمّد!

از دوستيء خلق رهانيم دلم را،

خواهم کہ شود بلبلِ گلزارِ محمّد!

کن عرض ”اديبا“! ز خداوند تعاليٰ:

توفيق عمل بخش بگفتارِ محمّد!

 

دنياي ادب را شده معمار محمّد،

کرده بجهان شاعر و نثّار محمّد.

فيّاضِ جهان مشفق و غمخوار محمّد،

دلجوي جهان، دلبر و دلدار محمّد.

آن افصح و ابلغ ز بليغانِ عرب بود،

در وقتِ سخن بود گهربار محمّد.

با شاهدِ مقصود هم آغوش توان شد،

از مَهۡرِ توسّل بضماندار محمّد.

’لَولَاک‘ پيء شانِ نبي شاهدِ عادل،

از بهر جهان باعثِ اظهار محمّد.

غم نيست گر از نقدِ عمل مايہ ندارم،

از جود غني سازد سردار محمّد.

مصلح نہ چنين ديد زَمين و نہ زمانہ،

اشرار بدل کرد باخيار محمّد.

شيرين ز شکر شير شده نامِ لذيذش،

هر لحظہ بگوئيم و نه صد بار ’محمّد‘؟

در هند و اروپاست روان فيض پيمبر،

گيرند بهر کار مددگار محمّد.

مي سوخت زنِ زنده بيء مرده به بهارت،

از لطف برون ساختش از نار محمّد.

اَغلال بدر کرد ز اَعناق خلائق،

از اِصر جهان کرد سبکسار محمّد.

اِصلاح رسومات چنين کرد فيوضش،

آزاد جهان کرد ز اوزار محمّد.

’برناڊ‘ بگفتا کہ ’شود امن بعالم –

گر باز کند عود دگر بار محمّد‘.

بگذاشت پيء امن، ضماني بزميني،

قرآن و احاديث و هم آثار محمّد.

بنمود بما راهِ سعادات، ”اديبا“،

با حُسنِ عمل، نيز بگفتار محمّد.

*      *      *

قنديلِ فلک پرتوِ انوارِ محمّد،

جبريلِ امين خادمِ دربارِ محمّد!

در جمره فتد روح بگفتارِ محمّد،

بر شوره دمد سبزه برفتارِ محمّد!

آزاد شد آن خستہ ز آزارِ دو عالم،

کان را ست بجان و جگر آزارِ محمّد!

تحقيرِ گنهگار مکن زانکہ گنهگار-

از حبّ شود مطمحِ انظارِ محمّد!

اقرار خدا صِرف بميزان نه بسنجند،

شامل نوشد تا کہ باقرارِ محمّد!

تحصيل نموده ز خدا احسن تاديب،

برتر ز همہ کُمّل اطوارِ محمّد!

در مکتبِ عشق ست همان مرد اديبم،

گرديد سره آنکہ بمعيار محمّد!

 

(اردو)

ملجائي دو گهڙي کو جو تيري نظر مجهي،

آئي فنا، کهون نه مين بارِدگر مجهي!

ملجائي دو گهڙي کو جو تيري نظر مجهي،

فاني رهون، رهي نه کسي کي خبر مجهي.

هر بات مين خدا کان اگر مين رهون مطيع،

مانينگي بي تامّل سب بحر و بر مجهي.

عرشِ برين کان زينه هي ’احمد‘ کي پيروي،

اسپه سِکها عروج کا يا رب هنر مجهي.

پرخوف راهِ منزل ليليٰ هي خارزار،

بزدل يه عقل ليکر مجنون کر مجهي.

هي اتباع پِير کان اکسير بي نظير،

اکسير اشرفي سي بنا خاص خاص زر مجهي.

زنجيرِ پا هي زلفِ بتان راه يار سي،

هي رهبر حقيقت شاخ و شجر مجهي.

”الله کي بنو، نه بنو نفس کي غلام“-

کردو دعا که اس کا هو حاصل اثر مجهي.

کچهه هي خبر که دين کان سامان لُوٽ کر،

ليجاتي هين کدهر ڪو يهي سيمبر مجهي؟

ظالم! کبهي تو بهولي سي مجهکو بهي ياد کر،

تو دل مين ياد آتا هي شام و سحر مجهي!

سن! نقش پاي يار کو کرتا هون مين تلاش،

کرنا نثار اسپه هي جان و جگر مجهي.

ليجائي يار تک يه ميري کوئي روئداد،

الله سي دعا هي ملي نامہ بر مجهي!

کرتا رهيگا کب تک يه لن ترانيان.

کر رشکِ طور، هو کي ذرا جلوه گر، مجهي!

گو جانفزا هي حيدر-آباد کي هوا،

عُريان اسي کان حسن هي قاتل مگر مجهي!

کرتي هي نونهالون ڪو تعليمِ نو خراب،

دن رات اسکا تجربي هي خوبتر مجهي.

اردو ادب کان آج هوا هون مين بي ادب،

هي عمر بهر مين پهلي خطا، عفو کر مجهي!

يا رب، کلام ميرا حقيقت نما بني،

خاصون کي سينه سي ملي نورِ نظر مجهي1

ديدارِ کوي دوست نصيبِ ”اديب“ هو،

الله کر زياده نه اب دربدر مجهي!

 

(سنڌي)

بلند اخلاقيءَ جو نادر مثال

حورو پري جي رشڪ هئِي هڪ عرب ۾ زال،

حسن و جمال ۾ نه سندس ثاني و مثال؛

مشهور ان جي سونهن عرب ۽ عجم ۾ ٿي،

وردِ زبان خلق سندس حسن جي مقال؛

جاري انهيءَ جو حڪم ٿيو مُلڪ حسن ۾،

ٿي هاڪ ان جي حسن جي منجهه بحر، بر، جبال؛

مزگان انهيءَ جا تير، ڪمان جان ڀرون ٿيا،

گيسو انهيءَ جا دام ٿيا، دانه ان جا خال؛

گيستو انهيءَ جا سنبل، رخسار رشڪِ گُل،

بدرِ منير چهرو، ڀرون ان جا ڄڻ هلال؛

رمضان جي عيد ڄاڻ ڏسڻ هن هلال جو،

ان کي ڏسي ٽپا ٿي ڏنئون، ڇولين جان ڇال؛

علم و هنر نه تاب جهلي ان جي حسن جو،

عابد مٿانس شيفته، مجنونَ با ڪمال؛

صاحب نظر انهيءَ جي نظر سان ٿيا شهيد،

هن تيغِ حسن سان ڪيا صدها جوان حلال؛

بجلي جان ان جي جلوي ڪيا ڪيترا هلاڪ،

ڪيئي رسايا زهرِ نظر ان جي، در زوال؛

کسيو بصر جو نور انهيءَ شمع جي شعاع،

نورِ نظر کسڻ ۾ هئس برق جو ڪمال؛

پڻ گفتگو انهيءَ جي هئي جاذبِ قلوب،

يا در حقيقت ان جو بيان سحر هو حلال؛

سحرِ بيان سان ڪيا مسحور ان بليغَ،

ان جي سخن جي ڀيٽ ۾ بڻيا فصيح لال؛

دشمن جي قتل لاءِ سندس سيف ٿي زبان،

لب دلنوازِ دوست، بدخشان جا خاص لال؛

آواز قوتِ روح، سندس حسن حظّ نفس،

نامرد ڪيا ٿي زالِ انهيءَ، سحر سان، رجال؛

هر ملڪ جا حسين انهيءَ کان سکڻ لڳا-

ناز و خرام، غمزه، اداڪاري و دلال؛

ٽوٻا انهيءَ جي چاهِ ذقن ۾ ٻُڏي ويا،

سرخيءَ گلن کي داغ ڏنو لالہ جي مثال؛

رخ، زلف ان جو ڪافر، مؤمن جي دل جيان،

مؤمن ۽ ڪافرن جي وٽس فوج لءِ قتال؛

هن کان بچاءَ جا نه ٿيا ڪارگر اُپاءَ،

تقويَ سندي نه جوشن، همت سندي نه ڍال؛

آبِ گهُر کان وڌ ٿيو ڏندن جي دُر جوآب،

آبِ حياتِ حسن جي لءِ آهه هي زُلال؛

هاروت ان جا هائم، ماروت مبتلا،

زهره نچيِ فلڪ تي، ڏسي ان سندو جمال!

دُنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ منجهان آئيا اَپار-

ديدار لاءِ شائق هسوار ۽ رِجال؛

عقل و هنر جا حيلا ڪيائون هزار، پر،

ان سنگدل صنم سان ڪنهين جِي گهري نه دال.

ڪر مختصر ڪلام ”اديبا“ نه ڪر دراز،

روزِ قيامت آهه اهو، يا شبِ فصال؟

منهنجي سخن جان حسنِ پري بي نهايت آهه،

عشرِ عشير کي نه رسي منجهه هزار سال!

آهن انهيءَ جي وصف ۾ طومار بيسمار،

هان ڊيگهه کي ڇڏي ٿو وٺان راه اعتدال.

آهن ’مطوّل‘ ان جي ثنا مدح ۾ ڪتاب،

نازڪ ٿين نه تنگ، ڪيا ’مختصر‘ مقال:

تون غنچه ٿي نه منهنجي نسيِم ڪلام کان،

ان کان شگفته شاد ٿين غنچا، پُرملال!

ابرِ بهار آهه سندم دُرفشان سخن،

نَشۡو و نُما انهيءَ کان لهن تازه، نونهال.

ٿي سير شعر منهنجي کان، بيذوق! ڪونه تون،

بيذوق وٽ وڌي نه سخن لاءِ ٿي مجال.

*              *              *

طالب انهيءَ جي عقد جا پيرو جوان ٿيا،

تن آڇيو انهيءَ کي گهڻو گنج، ملڪ، مال؛

هيءَ تاجدار حسن جِي، لالچ کان ٿي بلند،

هرکائيو نه ان کي ڪنهن جي به عرضِ مال؛

هڪ نوجوان نياز سان ليلائيو گهڻو،

دعويٰ ڪيائين ’عشق اٿم تنهنجو لايزال‘:

’ليليٰ‘ جي عشق ۾ اهو مجنون – صفت ٿيو،

آواره گردِ دشتِ جنون ڪيئي ماه، سال؛

هن منجهه طريقِ عشق ڏٺا رنج ۽ عذاب،

جيئن دين لءِ رسول جي عاشق سچي بلال؛

ديوانه پنهنجي ڪار ۾ فرزانه هو گهڻو،

حيلا لطيف خوب ڪيا، تال ۽ پخال؛

هن کي پچائي لال ڪيو باهه عشق جي،

جيئن ٿانءَ کي پچائي نهائينءَ ۾ ٿو گِلال؛

هُو نار – وار زار رُنو روزَ راتيون،

صد سال ان قياس ڪيا روز ۽ ليال؛

سوزن پوڻ جو سوز کان لائق ٿيو سَڳو،

خلدِ وصال ۾ نه ويو ته به شڪسته بال.

*              *              *

هيءَ پاڪباز شرم حيا جو مجسّمو،

جيئن شڪل ان جي خوب تيئن دل به خوش خصال:

ٿِي عجز کان انهيءَ جي پريشان پري-نشان،

دل ۾ چيائين، ’دفع ڪريان سر تان ڪيئن وبال‘:

هي هوشيار هوش سان ان کي ٿُڏي ٿي هاڻ،

جوڌا جوان ٿڏين جيئن راند ۾ ٿا بال.

ان کي چيائين، ’مهر ۾ احمد جو گهوڙو ڏينم:

هن شرط ساڻ ماڻ سدائين سندم وصال!‘

*              *              *

احمد عرب جو گهوڙو هو مشهور ملڪ ۾،

بجلي – صفت انهيءَ جي هئي ڊوڙ، تيز چال؛

ناڻي گهڻ سان ان جا خريدار آئيا،

آڇائون ان کي سونَ سان گڏ خيل ۽ بغال.

گهوڙي جي وار وار تان احمد هئو نثار،

تن جي متاع مال کي ڄاتو نه ان سفال.

زر، سيم آهه عشق جي فتويٰ ۾ نيچ خاڪ،

گهوڙي جي خاڪ مَٽ ان ڄاتو نه تن جو مال:

صدها امير گهوڙي کان محروم ان ڪيا،

موٽائيائين ان جا خريدار باجلال.

ان نوجوان دغا سان وٺڻ گهوڙو چاهيو،

زر سان وٺڻ انهيءَ جو ٿيو هو جڏهن محال:

ان واٽ تي ستو، جت احمد ٿي آئيو،

ظاهر ڪيائين پاڻ کي بيمار، خسته حال.

احمد لهِي انهيءَ کي ڪيو گهوڙي تي سوار،

تا پهچي خير سان گهر، بڻجي نه پائمال.

ٿيندي سوار، گهوڙي کي ڊوڙائيو جوان،

احمد چيس، ’ٻڌي وڃ هڪ ڳالهه، اي شغال!

’ڪنهن کي نه چؤ ”فريب سان گهوڙو وتو اٿم“-

ڪافر ٿين نه دين کان بدظن ۽ بدخيال!

’گهوڙو وڃڻ سهان، نه سهان داغ دين تي،

بدنام ڪر نه دين دغا ساڻ، بدمَال!‘

گهوڙي تان هن چوڻ سان لهي نوجوان پيو،

احمد کي سونپي گهوڙو، ڪيئين پنهنجو عرض حال:

’آخر ته دوست! مان به مسلمان آهيان،

بدنام دينُ ڇو ڪيان لءِ باجمال زال؟

’مون دل ڏني انهيءَ کي، نه ايمان دين ڏنم،

آهي اگرچه هوشربا سا پري جمال:

ٿورائتو مان تنهنجي نوازش جو آهيان،

سونهون ٿئيمِ، ورنه وڪوڙيمِ ها ضلال‘!

*              *              *

اسلام کي عروج ٿيو صالحن سبب،

جي ها ’اديب‘ دين جا، اسلام جو مثال؛

آفاق گير خُلق جي شمشير سان ٿيا،

هو حُسنِ خلق تن جو تکي تيغ لءِ جدال.

يا رب، انهن تي فضل جي بارش وساءِ جام،

انعام کي تن کي خلد ۾ تنهنجو ٿئي وصال!

ايمان سان لڏاءِ مُنکي هن جهان مان

ڪر عفو سڀ گناهه، ڀلايون ڪرينم ڀال1

هر هنڌ آهه ڄار وڇايل جمال جو،

عُريان آهه حسن، بچائينم ذوالجلال!

ايمان جا ته ’ايٽم‘ آهن پري – صِفت،

تن ’راڪٽن‘ کان دور رکج نيڪ نونهال؛

مون ظلم پنهنجي نفس تي آهي ڪيو ڪريم!

ڪر صدقي مصطفيٰ جي ڪرم مون سان آل جال؛

نت والدين، ’اديب‘ سندم، مرشدن کي بخش،

فردوس ڏينمِ فضل سان بااهل و باعيال؛

موڪل رسول پاڪ تي صلوات ۽ سلام،

تن تي به، ان جا آهن جي يار، پاڪ آل!

 

--------------


*  مرحوم مولوي ميان رحمت الله ولد حافظ عبدالله چنو، ويٺل وڪڙو تعلقو ڏوڪري، مولانا ’اديب‘ جي ماسات، وٽس فارسيءَ ۽ عربيءَ جو سمورو نصاب پڙهي پورو ڪيو، ۽ وٽس دستاربند ٿيو. هيءُ ڏاڍو نيڪ، صالح ۽ ذڪي هو. سندس سڀ خواب سچا هوندا هئا، ۽ ان جون استخارائون صحيح هونديون هيون. دستاربنديءَ کان پوءِ پنهنجي مسجد ۾ پڙهائيندو رهيو. افسوس جو سندس عمر عزيز ٿوري هئي: دستاربنديءَ کان پوءِ سال ٻن ۾، 12 شعبان المعظم 1345 ۾ وفات ڪري ويو – انا لله و انا اليہ راجعون!

پهول تو اپني بهارِ جانفزا دکهلا گئي،             حسرت ان غنچون په هي جو بن کهلي مرجها گئي!

سندس وفات جو تاريخي مادو آهي – ”فارغ البال“ (1345).

*  پروفيسر سعيد نفيسي ايراني، ”’مولوي‘ در پاکستان“ جي عنوان سان، لکي ٿو:

”در سراسر اين کشور بزرگ و درميان اين هشتاد ميليون جمعيت هيچ کتابي بشهرت مثنويءَ مولانا نيست. در حيدرآباد سند پير مرد خميده، خوش سيما، باريش سفيد و چهره گيرا، مولوي دين محمد ’اديب‘ فيروز شاهي، يک دوره ترجمہ منظوم شش دفتر مثنويءَ مولانا را کہ بهمان بحر رمل بزبان سندي منظوم کرده است باکمال خضوع و مهرباني بمن يادگارداد. (صفه 47، 48، رسالہ ”هلال“ کراچي، نومبر 1956)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com