سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :23

4

 

درويش ۽ فقراء

 

 

سنڌ سونهاري، اسلام جو در ۽ ولين جو گهر آهي: هتي جو هر ڳوٺ ۽ شهر عابدن جي آرامگاهه آهي، بلڪ هتي جو هر بر توڙي بحر عارفن جو تڪيو ۽ درگاهه آهي. هتي جي هرگس ۽ واٽ تي درويش گهميا آهن، ۽ هتي جي هر پنڌ ۽ پيچري تي فقير ڦِريا آهن. روهڙي، مڪلي ۽ سيوهڻ ۾ سوين الله جا سنواريا ستل آهن، بلڪ سنڌ جي هر مقام ۾ ڪيترائي نيڪدل ۽ نيڪ نظر مدفون آهن. رڳو هن پوئين زماني ۾ جيڪي فيض وارا فقير ٿي گذريا آهن، رڳو هن پوئين زماني ۾ جيڪي فيض وارا فقير ٿي گذريا آهن، تن جي سوانح لکڻ لاءِ به سال گهرجن. هتي فقط جن ٿورڙن درويشن ۽ مجذوبن جون سوانح دستياب ٿي سگهيون، سي ڏنيون وييون آهن.


 

سيد علي مردان شاهه لڪياري

 

فقير خير محمّد هيسباڻي بلوچ

 

فقير خير محمّد ولد رئيس غلام حيدر ولد رئيس عرض محمّد، هيسباڻي بلوچ، ساڪن ڀؤنر تعلقو ڪنڊيارو ضلعو نوابشاهه، ويهن سالن تائين، پنهنجي ڳوٺ ڀؤنرن ۾ رهيا؛ ان کان پوءِ باقي حياتيءَ جو عرصو، پنهنجي والد سان گڏ هجرت ڪري، ڳوٺ تڳرن (تعلقو ڪنڊيارو) ۾ وڃي رهيا. ڀؤنرن ۾ ابتدائي تعليم پوري ڪري، پنهنجي مرشد جي صحبت ۾ نوشهري فيروز ۾ تعليم ورتائون؛ چيو وڃي ٿو ته جڏهن پاڻ تڳرن ۾ لڏي آيا، ته اتي پڻ ٻه چار سال تعليم ورتائون؛ ڀؤنرن ۾ سندن استاد آخوند بخش علي خان مرحوم گاڏهي هو، جو وڏو قابل ۽ مڃيل ماڻهو هو. نوشهري فيروز ۾ پنهنجي مرشد جناب شهاب الدين صاحب جن وٽ تعليم ورتائون، ۽ تڳرن ۾ مولانا مولوي عبدالقدوس صاحب جن وٽ باقي تعليم ختم ڪري تحصيل ڪيائون. سندن شاگرد ڪونه هئا، مگر طالب ڪافي تعداد ۾ آهن، جن مان ڇتو فقير سانگي، عثمان فقير سانگي، دريا خان ڪلهوڙو، شاهه محمّد فقير ديدڙ؛ ۽ قاضي محمّد پريل صاحب ٽالپرن وارو، مشهور آهن.

فقير خير محمّد جا هم صحبتي جناب فقير عبدالستار صاحب صوفي اول (جهوڪ شريف)، جناب فقير محمد يوسف عرف نانڪ يوسف صاحب اڳڙن وارو، جناب بيدل فقير صاحب روهڙيءَ وارو، ۽ جناب فقير غلام حيدر صاحب ڳوٺ مينگهو فقير (خيرپور رياست)، وغيره هئا.

سندن وڏا اصل ۾ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي سان گڏ سنڌ ۾ آيل هئا، ۽ ميانوالي طريقي جا هئا، باقي فقير صاحب پاڻ نقشبندي طريقي جو عالم باعمل هو. سندن مرشد جناب عبدالحي صاحب هو، جن جي درگاهه نوشهري ۾ آهي. فقير صاحب جي ولادت باسعادت هجري سن مطابق 1224هه آهي. سندن عمر ستر سال هئي، ۽ تاريخ 2 محرم سن 1294 هجريءَ ۾ تڳرن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائون، ۽ اتي ئي دفن ڪيا ويا. سن 1905ع ۾، سنڌونديءَ جي پائڻ ڪري، سندن ابدي آرام ڪرڻ واري صندوق، تڳرن مان کڻائي، ڪرونڊيءَ (تعلقو فيض گنج، رياست خيرپور) جي نزديڪ پنهنجي جاگير ۾ اچي دفن ڪيائون، جنهن کي هاڻي فقير ”خوش“ خير محمد جو ڳوٺ چيو وڃي ٿو.

سندن ٻه چار ڪتاب تصوف جي باري ۾ لکيل هئا، مگر اهي هن وقت ناپيد آهن. سندن ڪلام- بيت ۽ ڪافيون- سندن فقراءِ جي سيني ۾ سانڍيل آهي، ۽ پڻ سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي. فقير صاحب جي سڄي عمر خلق خدا جي خذمت ڪرڻ، ۽ وقت جي حاڪمن کان غريبن کي حق رسيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۾ صرف ٿي؛ تنهن کان سواءِ پاڻ به صاحب سخا هئا. نموني طور سندن ٻه ٽي ڪلام هيٺ ڏجن ٿا.

وند روز شب آهن مدا،

وحدت جي واديءَ ۾ غرق،

ڪوڙيون ڪتابن جون پڙهين،

ته به آهي هِن هُن جو فرق.

 

تن کي نصيحت ڇا ڪندي،

هڪ ٿا ڄاڻن نيڪي بدي،

هيءَ ڪا رسم آهي رندي،

اصلؤن ملامت جن مرڪ.

 

ڪرين محتسب تون ڪيترو،

عاشقن کي وعظ ايترو

ناهي تنهين تر جيترو،

لعنت ۽ رحمت جو فرق.

 

گمراهه ڄاڻن غير آ،

صوفي جو سڀ ۾ سير آ،

آهي قسم ٻيو ڪير آ،

سوريءَ چڙهي پڙهي سبق.

 

آزاد ٿيا هن اجر کؤن،

روزي نماز ۽ نظر کؤن،

خوف و رجا جي خطر کؤن،

توحيد ريءَ ٻيو ڪن ترڪ.

 

عشق ڇا ڄاڻي ايمان مان،

ڇا نفعي ڇا نقصان مان،

ڇا مسجد و بتخان مان،

ٿيو درس خاصي ۾ درڪ.

 

”خوش“ خير محمد ڄاڻ تون،

پنهنجو نه آڻج پاڻ تون،

صورت صفاتي سڃاڻ تون،

پير- مغان هادي و حق.

*          *              *

بيخودي وچ جسم نه ڪوئي،

رمز ان الحق هوئي، وه واه!

اربع عناصر آک چڪياسي،

بيخودي او باس نه باسي،

مستي تول وڪامن ماسي،

سالڪ سمجهه ڏٺوئي، وه واه!

 

جس دن آپ الست آکيوئي

اُس دن اي من مست ڪيتوئي،

دلڙي اساڏي دست ڪيتوئي،

اور نه آها ڪوئي، وه واه!

 

بي مثل هين روح روحاني،

اصلؤن آهوين لا مڪاني،

خير محمد ”خوش“ مست ميثاقي،

حق دي نال رهيا وڃ باقي،

دستؤن آب حيات اي ساقي،

پيالا عشق پيتوئي، وه واه!

 

جوڙ مصور صورت ڪون،

مُٺ خاڪ وچون ڪيتا موجود،

آدم نام رکيونهين اُسدا،

خالق ويک ٿيا خوشنود.

 

آدم دي اي عبرت ويکو،

اصلؤن آها عدم وجود،

ڪيهي سبب اهين خاڪي ڪون،

مِل مَلڪين ڪيتا ڪيون سجود.

 

وچ بهشتين بيحد مزي،

ڪڻي پوکڻ دا ڪيها سود،

رمز اهين دا اصلّا رايا،

شوق وڏي ڪنون ٿيا مشهود

 

جامع مظهر صورت دا هي،

محبت واليان دا مقصود،

آپي زور پيا وچ ذاتي،

اربع عناصر وچ آلود.

 

بوتي دي وچ پون پوڻ ڪون،

ساز ٿئي هن سڀ سرود،

حوران قصوران نال خوشي دي،

گيت ڳايونهين مل مولود.

 

خير محمد ”خوش خيال ملڻ دا،

ذوق زياده ٿيوي زود،

جي تون عاشق اثباتي دا هين،

نال نفي دي ڪر نابود.

*        *        *

مرد ٿي ميخاني ۾ آ، ”لا“ جي هيٺون تون لنگهي،

هي جي سُرڪيءَ لئه متارن کؤن مُکي سر ٿو منگي.

 

ڪين ترسيا تر هڪو، عاشق ويا اتي سر انگي،

نشي غالب نينهن جي، وڌا وجُد وحدت جي ونگي.

 

سُرت سڌڙي کؤن وئي، کُهيل پيو ڏورئون کنگهي،

ڪو عاشق ايندو اتي، سورهيه سِري چاهيون چنگي.

 

ڪيو مُکي چپ وات ۾، پيو ڪات ڪيائين هٿ ۾ ٻنگي،

گهِرُ ته عاشق گهوٽ ٿئين، ڇڏ اوٽ آءُ سينو ٽنگي.

 

”خوش“ خير محمد خيال سان، دُرس پيو دل دنگي،

ڏسي مردن جا مناقب، هي سر مئي کؤن ڪيئن سنگي.

 

نيڪ محمّد بلوچستاني

مرحوم فقير محمّد خان ٽالپر

 

فقير محمد خان ولد مراد خان ٽالپر ڳوٺ مراد خان ٽالپر، تعلقو ٽنڊو باگو (جنهن جي نالي سان ڳوٺ مشهور آهي) هڪ وڏو شاعر ۽ سگهڙ ٿي گذريو آهي. فقير صاحب کي راڳ ۽ ساز جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. سندس ڪچهري هميشه سرود ۽ سماع سان ڀريل هوندي هئي. ڦوهه جواني کان ئي فقير صاحب ڪلام چوڻ شروع ڪيو. پاڻ به فقيرن سان گڏ يڪتاري تي ڳائيندو هو، ۽ ڪلام چوندي چوندي جڏهن وجد ۾ اچي ويندو هو ته کيس ڪنهن به ڳالهه جي سڌ نه رهندي هئي. سماع وقت کيس ايترو ته جوش ٿيندو هو جو ڪلام چوڻ مهل اڪثر ڪري هڪ دلو يا مٽ فقير صاحب لاءِ خلاصو رکيل هوندو هو، ۽ وجد حال ۾ اچڻ مهل فقير مٿائنس پاڻي ڇٽڪاريندا هئا. پوءِ مس مس حال ۾ ايندو هو.

رئيس حاجي محرم خان نظاماڻي ساڪن بخشو خان نظاماڻي، تعلقو ماتلي، سان سندن ڏاڍي روح رهاڻ ٿيندي هئي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته فقير صاحب، رئيس حاجي محرم خان جي ڳوٺ آيا مڄاڻ جو اهو اتي علڻ شاهه نالي سيد اڳي ئي مهمان طور ترسيل هو، پوءِ ته ڪچهري تي سڄي ڳوٺ جا ماڻهو اچي مڙيا. علڻ شاهه چيو ته ”فقير سائين عشق آهي ئي ڪونه“ فقير وراڻيو ته ”قبلا سائين عشق اڃا به موجود آهي ۽ تيستائين رهندو جيستائين ڪائنات جو وجود قائم آهي.“ شاهه صاحب چيو ته ”ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪيئن عشق موجود آهي“. فقير ڇا ڪيو جو ڀر ۾ پيل ڪوزو پاڻيءَ جو کڻي پنهنجي مٿي تي هاريائين، سندس وار اڀا ٿي ويا، پاڻيءَ جو هڪ قطرو به زمين تي ڪونه ڪريو ۽ يڪدم يڪتارو کڻي هي ڪلام چوڻ لڳو.

برهه وڌي آهيان ڀن ۾ ڀيري،

عشق لڏائي چاڙهيس انگياسين.

ڀڙڪ بدل ڪر آئي بجلي،

طورسينا جيئن ساڙي تجلي.

جيئن ڪو انگ لوسا ٽيم ڄيري،

خاصين خبرين خاص خلاصين.

هيس سڀن ۾ سگهڙ سياڻي،

نينهن نمائي ڪيس نماڻي.

ڦيڻو هڻي ويا دل کي ڦيري،

اوڍيم سر تي ويس سناسين.

سور سمهان ٿيم باب بيراڳي،

اڄ نه اديون منهنجي صورت ساڳي.

دعويٰ ڇڏايم يار تنهن ديري،

ڪين پڳيس مان نال بيعتياسين،

خوش ٿي پتنگ جيئن آتش آيو،

”ٽالپر“ ٽپ ڏيئي پاڻ پچايو.

جنهن کي جڙ لڳي ويئي جيري،

ماٺ محمّد ڪر کاڄين ڇاسين.

 

اهڙيون رس ڀريون ڪچهريون ڪيتريون ئي فقير صاحب جن جون ٻڌبيون، مگر افسوس جو اڄ فضا خاموش آهي، ۽ ائين اسان جا سلف سٻاجها اسان جي هيڻي حال تي هنجون هاريندي، پنهنجي وطن ڏي واڳ واري ويندا رهيا.


 

ڪلام

 

حال محرم ويا ڇڏي، جو درد دل جو اوريان،

هاڻ ويٺي منجهه مونجهاري، چرخو سورن چوريان.

ڳڻ عجيبن جا گهڻا، مون وٽ لکيل جيئن ڪئين ڪتاب،

منجهه توراڙي ٿين نه پورا، اڀ زمين جي توريان.

ڪئين لهوارا ڪئين اوڀارا ٿا وهن واهڙ وجود،

تن جوڙيم تسبيح فڪر جي، سڪ سڄڻ جي سوريان.

جي خفو خفتان جو سودا مثل آ ڏينهن رات،

جيئن گڏيءَ سان راند ڪرڻي، ڏک اندر ٿي ڏوريان.

ڏيو واڌايون خير جون، ”محمّد“ آيو منهنجي اڱڻ.

*              *      *

ڏينهن اڄوڪا ڳيا گذر ٿي ول ڪيوين هٿ آوندا،

جنهن پڇاڙي پهر پيئي سو سدائين وقت ويندا.

ڪئين سڪندر، ڪئين قلندر، نام نادر ڇوڙڳئي،

رنگ رسالي ڪون والي، ڪل ڪشالي ٻوڙ ڳئي.

رک خزاني ٿئي بيگاني، ڪارخاني ڇوڙ ڳئي،

ڪيئن اٿانهين جوڙ جائين، مار ٻانهين رت روندا.

 

سون ساري اڏ اوناري، ٿي ويچاري هل ڳئي،

ماڳ ميران وچ وزيران، ڪل صغيران ڀل ڳئي.

روح رٿاهين ٿيا جٿانهين، سي تٿانهين ڳل ڳئي،

نال پائي ڪنهن نه چائي، ڪر صفائي دست ڌوندا.

*                      *              *

مال مايا ٿيا پرايا، ڪون آيا ڪار ڪم،

ڳيا اجايا ڇار ڇايا، بي بقايا هار هم.

راڄ راڻي ٿي نماڻي، ڇوڙ ماڻي غار غم،

ڪنهن بلاسا ڪونه باسيا، خويش خاصا مفت کوندا.

 

جند جواني هي بيگاني، ڄاڻ فاني تون ادا،

نيٺ ويسي ڪان ملسي، سانه ملسي تيئن ادا.

يار ياري ڇوڙ پياري، ڪر تياري الوداع،

”محمد“ ملدا دوست دلدا خان، کلدا بهشت نيندا.

 

سوا يار جي ديدار ڪري سينگار ڪبو ڇا،

ٿئي ڌار جي دلدار جي ڄمار ڪبو ڇا.

 

منجهه ميدان اچو جوان ڪن چوگان گهڻيرا،

وقت تنگ لڳي جنگ ري هٿيار ڪبو ڇا.

 

منجهه بازار ڪن واپار شاهوڪار گهڻيرا،

قدر سون ڄاڻن ڪونه خريدار ڪبو ڇا.

 

پنهنجي حال سندي ڳالهه ڪجي پيش نه ڪنهنجي،

سڻي گوش نه گفتار تنهن اظهار ڪبو ڇا.

 

”مُحمّد“ پاڻ ٿي غلام مٿان نام وڪاڻو،

جنهن جي وات نه پڪي بات تنهن دووار ڪبو ڇا.

*             *      *

 

ملڻ خاص، ڪر پاس، ڳيا ماس ڳل ڳل،

تيڏي ڪاڻ، ميڏي دل، ٻيٺي ساري پلپل.

 

لهي ڇرڪ، ستي خواب، اکين آب اي جاري،

صبوح شام بي آرام، انهيءَ مام اي ماري،

سانوڻ ڏينهن وسن مينهن، ننديان جاري جاري،

اوچي ڳاٽ ڏيکي واٽ، ڪر نه ماٺ بلڪل.

 

شرف شان ڪيتس دان، ٿئي دربار غلامي،

چرين چال ڇوڙي وال، سا مئين نال سلامي،

اي خود مستان دي ارڪان، ٿڪي تنهن ڪون جهل جهل.

 

وڃي ڏور ٿي وهلور، ساعت سور نه سهندي،

سڻ مذڪور وڃي ڏور، اکين نور پيئي روئندي،

ڪنهن دستور مڙي نه مور، ٻيڻي پور پئي پوندي،

جنهن دي ڪاڻ مثل پاڻ، دکي باهه پل پل.

 

ڏينهن رات وائي وات، تاڙي تات تنواري،

ماري مات ملان ڪات، ”مُحمّد“ جهات پياري،

ڪونه سوال ملن شال، لکين ڀال ڀالاري،

اها آس ٿئي پاس، گهني واس بلبل.

 

جيءُ وچ جوڳي ياد گرو ڪر، ڪيها ڪم رلڻ دا.

آپ برهمڻ ساڌ سڏاوين،

سينڌر رنگ ڏي تلڪ لڳاوين،

ست پڙيان لڪ روٽيان کاوين،

ڪيتئي بيک پنڻ دا.

تن وچ تيرٿ تن وچ تڪيا،

جوڀي طلبين سڀ ڪجهه هڪيا،

بابو منگدئين بي در بکيا،

لڄائين ويک لڇڻ دا.

گنگا گومت گام اٿاهين،

نانڪ لڇمڻ رام اٿاهين،

”مُحمّد“ مسجد مام اٿاهين،

مطلب سڀ ملڻ دا.

*              *      *

 

ڏيوو يا گهنو هي سودا صاف سر دا،

نهين مال ملڪيت ذرا ايڪ زر دا.

 

پکي پيٽ ڪيتئي وتا وڻ ماريندا،

نه ٿيا قوت واڌو ڏونگر ڏس ڏوريندا،

- کنڀڙ مار کس پيا فڪر رک فجر دا.

 

آڻن ۽ چاڙهن پاڇي ڪان پائي،

هي ڏون ڏهاڙي لابارا جو لائي،

سنبردي گذر ڳيا سمر بي سفر دا.

 

مٽي ۽ مائٽي رکن يار ياري،

نه رهندي هميشہ پيسي ري پياري،

- بکئي باس ڀڄدا جاني يار جگر دا.

 

صفا سر حاضر هي نهين بيٺ ناڻان،

اتر ۽ ستر دي ٻي طاقت نه ڄاڻان،

- سهانگا مهانگا ”مَحمَّد“ مال گهردا.

 

ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

 

نبن فقير جيهو مرحوم

 

فقير صاحب جو سڄو نالو نبي بخش ولد ڦتوهل ذات جيها آهي. سندس ولادت توڙي وفات ڳوٺ جيها، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ٿي.

سندس عمر بابت فقير امام بخش روايت ٿو ڪري ته وڏي ليٽ (ٻوڏ، جا 1942ع ۾ آئي هئي) کان 13 سال اڳ فقير صاحب وفات ڪئي. ان وقت کين اڌ اڇا ۽ اڌ ڪارا وار هئا. عمر اٽڪل 50 سال هيس. انهيءَ روايت موجب فقير صاحب اٽڪل سن 1879ع ۾ پيدا ٿيو ۽ سن 1929ع ۾ وفات ڪئي.

نَبن فقير جو ننڍي هوندي کان ئي فقيريءَ ڏانهن لاڙو هو. پهريائين پهريائين جڏهن اڃا فقيريءَ ۾ پير ڪونه پاتو هئائين، تنهن زماني ۾، جڏهن ڪنهن مجلس ۾ ويندو هو، ته مجلس وارن تي ايترو رعب طاري ٿي ويندو هو، جو سڀ ماٺ ڪري ويٺا هوندا هئا؛ ۽ سندس گفتگو ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا.

ڏاڙهي ڪاري هيس، يعني ان وقت عمر اٽڪل 30 يا 35 سال هيس، جو خواب ۾ حضرت غوث اعظم محبوب سبحانيءَ جو ديدار نصيب ٿيس، جن کيس هدايت ڪئي ته ”محبوب جي بنگلي ۾ وڃي ڇتل فقير وٽ رهه“. انهيءَ واقعي کان پوءِ فقير ٿي ڦِرندو رهيو، جنهن تي عزيز قريب کيس چڱيءَ نظر سان نه ڏسڻ لڳا. انهيءَ ڪيفيت جو ذڪر پنهنجي هڪ ڪافيءَ ۾ هن طرح به ڪيو اٿس:

دنيا جي اَسباب مان نڪري،

اَلله جي آڌار آيا سي!

 

 

عرب، عجم، ايراني،

يَمنَ يُونان تُوراني،

مليو دل جي اندر جاني،

ناحق ٻيا مَلڪ ماڻيا سي.

 

 

ڇڏيا سي دنيا سندا سانگا،

لنگهيا سي لَڪَ مڙئي لانگها،

ٻَڌي ڇيريون ٿيا سي نانگا،

نچي نئون نيهُنۡ لايو سي.

 

 

چوي ’نبن‘ مليو هيڪاندو

مِلڻ محبوب لاءِ من ماندو،

پرين پيارو الله کڻي آندو،

ڪُسَڻ وارو ڪاتُ لايو سي.

 

ڪجهه وقت ”محبوب جي بنگلي ۾“ ڇتل فقير وٽ رهڻ کان پوءِ، قلندر شهباز جي درگاهه تي سيوهڻ وڃي رهيو. سيوهڻ ۾ کيس ”نبن فقير صوفي“ ڪري ڪوٺيندا هئا.

سيوهڻ ۾ ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ سندس خيال ٿيو، ته اُتي هڪڙي ڪافي ٺهرائجي، جا زيارتين، خاص ڪري سندن ڳوٺ وارن، جيڪي گهڻي تعداد ۾ اچن ٿا، تن کي سهوليت ڏئي. انهيءَ خيال ماتحت ڳوٺ اچي، وڏن واري سموري زمين وڪڻي، سيوهڻ شريف ۾ وڃي ٽن سوَن رپين پَٽُ ورتائين اُن زماني ۾ ڳوٺ وارن ذات ڀائين کي گهڻيءَ حد تائين معتقد ڪري چڪو هو، تنهنڪري پَٽُ وٺڻ کان پوءِ وري ڳوٺ آيو ۽ ڳوٺ جي معتقد جيهن جو ولر ساڻ ڪري اوڏانهن ويو. ڍڳي گاڏين تي سمورو سامان ڳوٺاڻن کان کڻائي، اُتي وڃي اڏاوت جو سمورو ڪم پاڻ ڪيائين، ايتريقدر جو سِروُن به پاڻ وڌائين. امام بخش فقير جيتوڻيڪ اُن وقت ننڍو هو، تڏهن به ڪم ۾ شريڪ هو. ڪافي، اڄ تائين فقير صاحب جي نالي سڏجي ٿي ۽ زيارتين کي منجهس رهڻ لاءِ هر طرح جي سهوليت ملي ٿي.

ٻين حقيقي عاشقن جيان، هن فقير کي به پهريائين مجازي عشق جي چڻگ چوليءَ ۾ پيئي، فقير صاحب پنهنجي هڪ عزيزه ۽ پاڙيسرڻ مائي ڀانڀيڻ تي عاشق هو. فقير صاحب جو ته مائيءَ سان حقيقي نظارو هو، پر سندس مائٽن ڀانيو ته ناجائز تعلق اٿس؛ تنهنڪري فقير صاحب جي مارڻ جي ڪَڍَ پيا. اونهاري جي مند ۾، هڪ دفعي فقير صاحب ڪوٺي تي جيئن سمهيو پيو هو ۽ ڪافيون ڳائي رهيو هو، تيئن مائيءَ جا عزيز ڪهاڙيون کڻي مارڻ لاءِ ڪوٺي تي چڙهي آيس. ڇا ڏسن ته فقير صاحب ڪوٺي تي ته آهي ئي ڪونه، پر هيٺ پيو ڪافيون چئي؛ وري هيٺ اچن ته ڏسن ته مٿي پيو ڳائي! ڪوٺي کي ڏاڪڻ به فقط هڪڙي هئي. هُو ٻه دفعا ائين لٿا ۽ چڙهيا. آخر شڪي ٿي پيش پيا ۽ معتقد ٿيا. تنهن کان پوءِ فقير صاحب ڏي ماني به اُن مائيءَ جي گهران ايندي هئي. فقير صاحب مائيءَ کي به حقيقي رنگ ۾ رڱڻ ٿي گهُريو، پر هوءَ دولت جي طالبو ٿي پيئي. انهيءَ ڪري فقير صاحب جي برڪت سان، سندس گهر تمام غريب مان چڱو آسودو ٿي پيو. اُها مائي فقير صاحب جي پيرانڌيءَ کان پوريل آهي.

فقير صاحب شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ٿيون، جن جي شادي ڪرايائين – جيتوڻيڪ سندس هڪ نياڻيءَ شادي نٿي ڪئي. سندس اُها نياڻي فقير خيال جي هئي، راڳ به سٺو ڪندي هئي. گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ جو ڪلام ڳائيندي هئي، ۽ شاديءَ کان ٻه ڏينهن پوءِ وفات ڪيائين. ٻِي نياڻيءَ کي هڪ ڌيءَ ڄايس. فقير صاحب يا سندس نياڻين کي پُٽيلو اولاد ڪونه ٿيو.

فقير صاحب وٽ پري پري جا فقير سدائين مجلس ۾ رهندا هئا: هڪڙو ته ماستري ڇڏي اچي سندس طالب ٿيو هو، جو سندس ڪافيون ۽ بيت هڪ بياض ۾ قلمبند ڪندو هو. طالبن مان ڪيترا شاعر به هئا. انهن مان هيٺين جا نالا قابل ذڪر آهن؛ (1) هدايت الله ”نجفي“- مشهور سنڌي شاعر ۽ صاحبِ ديوان؛ (2) ڇُٽو فقير –مشهور شاعر ٿي گذريو آهي؛ (3) اَڇن شاهه – هيءُ صاحب سهڪجي، لڳ رُستم، تعلقي شڪارپور جو ويٺل آهي، چڱو شاعر آهي؛ (4) امام بخش فقير – فقير صاحب جي ڀائٽي جو پُٽ، چڱو شاعر آهي.

اڳي ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ طالب ماستر، فقير صاحب جو ڪلام لکندو ويندو هو: امام بخش فقير جو چوڻ آهي ته هن سمورو ڪلام لکيو هو ۽ اُهو بياض مون وٽ هوندو هو؛ فقير صاحب جي وفات کان ٿورو وقت پوءِ، اُهو بياض وڃائجي ويو ۽ اڄ تائين ان جو ڪو به پتو ڪونه پيو آهي. انهيءَ ڪري، فقير صاحب جو لکيل ڪلام هٿ ڪونه آيو؛ باقي امام بخش فقير ۽ ٻين جي واتان جيڪو ٻُڌو ويو، اهو قلمبند ڪيو ويو آهي.

فقير صاحب جو ڪلام نهايت پُراثر ۽ ميٺاڄ وارو آهي، ۽ تصوف جي باريڪ نُڪتن سان ڀرپور آهي. سندس ڪلام ۾ هي نظريو هر هنڌ نمايان نظر ايندو ته ”پنهنجو پاڻ سڃاڻجي ۽ حق جي ڳولا لاءِ هِت هُت ڀٽڪڻ اجايو آهي. حقيقت کي پاڻ ئي پَسي سگهجي ٿو.“

”پاڻ سڃاڻڻ“ کي ايترو ڏکيو ٿو چوي، جو الله سڃاڻڻ به ان کان سَهنجو ٿو سمجهي.

چوي ٿو ته

اَلله سُڃاڻڻ سَهنجو،

اَهنجو سُڃاڻڻ پاڻ،

حُجَت ناهي هوش جي،

جي مرد ٿئين، لهين مَڪان،

جتي هٿ نه پُڄن پيرڙا،

اُتي ڪيئن پُڄايان پاڻ،

”نبن“ جڏهن عشق ٿيو امام،

تڏهن حق ڏسي ’هو‘ ڪئيسي.

 

”حق کي پاڻ ۾ ڳولڻ“ لاءِ هڪ هڪ ڪافيءَ ۾ چوي ٿو-

اُٿي ’الف‘ سان اور اندر ۾،

گهوٽ ڳهولي وَٺ پنهنجي گهر ۾،

- ڪَر گهِن وَڻج واپار.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

”عرب، عجم، ايراني،

يمن يونان توراني،

مليو دل جي اندر جاني،

ناحق ٻيا ملڪ ماڻياسي.“

اِهو عقيدو ’وحدت الۡوُجُود‘ جي سڀني صُوفي شاعرن جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. فقير صاحب جو جيڪو ڪجهه ڪلام هٿ آيو آهي، اُهو هيٺ ڏجي ٿو:


 

(ڪافيون)

ڀلي آئين ڀورل پيارا،

مر لوڪ ڏسي جڳ سارا!

راز تنهنجي مان رنگ جو لڳيو،

کليو آهي گل گلزارا.

ديدن تنهنجي دونها دکايا،

آڻي اَڏياسي اوتارا.

سِڪندي سِڪندي سال لنگهي ويا،

نيڻن مؤن وَهن نارا.

نوان نينهڙا لاتئي يار ”نبن“ سان،

صورت جا سردارا.

ڪو دم گڏ گذار دلبر،

دم نه ٿيءُ تون ڌار دلبر!

نالو ٻُڌي مان، نينهڙو لاتو،

پُنهل جي ته پچار دلبر.

ڳولي ڦولي يار لڌو سي،

نيڻين ڪري نروار دلبر،

صحيح سڃاتو سي ساڳو سِرُ هو،

گولي ٿي ته گذار دلبر.

نالو ”نبن“ نِروار تنهنجو،

عرشن ۾ آهه اظهار دلبر.

*            *             *

جاڳڻ سان رک جار،

ڪر نه پياري ننڊ نندوري!

اُٿي ’الف‘ سان اور اندر ۾،

گهوٽ ڳولهي وٺ پنهنجي گهر ۾-

ڪر گهِن وڻج وارپار.

’ونحن اقرب‘ ورنهه ويجهو،

’و في انفسکم‘ پاڻ ۾ پنهنجو-

دل سان ڏس دلدار.

”نبي بخش“ سِک نوري نظارو،

اهي پرين ٿي پل ۾ پيارو-

دم نه جاليان ڌار.

*            *             *

هوت پنهنجي وطن ٿا وڃن ويهندا ويراڳي،

سور انهيءَ ساڙي ڪيا ڦَٽي فراقي.

اوريون اورن ’الف‘ سان، ٻي بُوءِ نه جن باسِي،

پوريا پورب پار ڏي، اُهي سامي سنياسِي؛

ڪَنَ چِيرايو ڪاپِڙي، جاجڪ ٿيا جوڳي،

لڳن هِير ٿيا سُڌير، ڪيا بِرهه بيراڳي؛

ڪُوڪ سُڻي سي سيني اندر، ’انا احمد‘ آسائتي،

ٻُڌي ٻول ٻاروچ جا، لؤن جِن لاتي؛

”نبن“ لائي نِينهڙو، ٿيا عاشق اُداسي،

اُهي طالب ترسن ڪينڪي، جي پتنگ پياسِي.

*            *             *

ڪانگل وڃي ڏي سلام،

منهنجي پارئون محبوبن کي!

ناهي آرام عاشق کي،

سوا صورت ڏسڻ تنهنجي،

سڄڻ آءُ اڱڻ منهنجي،

ڪيان سِر گهور تو تؤن هي.

لَکين ٿورا تنهنجا ڀانيان،

ڪڏهين مان ڪين ڪي لاهيان،

سَوين ڳڻ تنهنجا ڳايان،

سُڃاتُوَ ننگ پنهنجي کي.

چوي ”نبن“ مليا دلبر،

لٿا غم سڀيئي گُوندر،

سچي صورت ڏٺم سرور،

سُڃاتوسي ساڳي سر کي.

رانجهن يار ڏسي اکيون اڙيون،

ڏاڍي خيال مان کُپِي کَڙيون!

هِنن اکين مون گهڻو سمجهايو،

پير پرائي اڱڻ نه پايو،

- لوڪ لحاظ نه لڙيون.

هِنن اکين لڳي آ لوري،

لِيا پائين چوري زوري،

- ميڙ منٿ نه مُڙيون.

مچ محبت ۾ مَچِي وڃي بيٺيون،

رنگ حسن ۾ رچي وڃي بيٺيون،

-چاڙهه عشق جي نئين وڃي چڙهيون.

”نبن“ رک نِينهَن سان ناتو،

هيءَ خبر انهن کي جن عشق سُڃاتو،

- ماڻڪيون ماڻڪين سان جُڙيون.

*            *             *

ڪيئن ٻُڌندا عشق وارا، هن عام جون وايون،

اسان دِيدان نيئي دلبر سان پايون!

مُلان پنهنجين متين منجهايا، ڀائن انهيءَ ڀولي ڀُلايا،

آتڻ عشق جي ڪين جو آيا، غير ڪَيُن گمراهيون.

پيهي پورب پنڌ پڇايون، چُمي ملامت سِر تي چايون،

رانجهن اسين هڪ ٿياهون، رهبر رند سڏايون.

غير جون گودڙيون ڌوئي ڇڏيائون، سورن سڳڙا پوئي پاتائون،

مزو محبت موج ماڻيائون، موڳن ڀانيون مدايون.

”نبن“ هن نِينهن جون، آهن عرش ۾ اوگاهيون،

هي اچن ٿا هام هنيون، سِر سُوريءَ سنڀرايون.

*           *           *

 

اڄ برابر عشق آيو،

 

بِرهه کڻي بار.

 

هَليس ڪارڻ حق جي

 

مون نانگو ٿي نروار.

پلؤ لاتم پريت جو،

 

آهي اهو اڪيچار.

راڻل آيو راڄ ۾،

 

مون سوين ڪيا سينگار

ماري ويو مومل کي،

 

لائي لؤن لؤن ۾ لغار.

لڳم بند بلوچ سان،

 

آگي سان اظهار.

سوين ڏٺم سُهڻا،

 

مَٽ نه ڀايان يار.

سيد مليو سيگهه ۾،

 

جنهن ڏني خبر چار.

نالي نينهن ”نبن“ کي،

 

طالب ٿيو تڪرار.

 

 

 

 

 

نالو پنهنجو نانهه ۾ ٿا لاهوتي لِکَن،

ملڻ ڪاڻ محبوب جي ٻرٻر ڪيو ٻرڪَن،

کيل ۽ خوشيءَ جا اهي در پٽيا داغَن،

ورق ورائي ويجهڙو ڪيو آڏو عجيبَن،

”نبن“ عاشق اُهي سڏجَن، جي هت ملن هوت سان.

·

اڱڻ آسرونَديءَ جي ڪاهي آيا ڪرڳَل،

نينهن نوڪان کوڙيون، نڪا جهل نه پَل،

”نبن“ معاف تنين تان ڀُلَ، جيڪي پکي پيهي آئيا.

·

جيڪي پکي پيهي آئيا، سي مڙيئي ٿيا مهندارَ،

هاڙي ڏي هلڻ جا، بودن کنيا بارَ،

”نبن“ سي سڀيئي يارَ، جي پکي پيهي آئيا.

·

جهين ۾ جائِي، لوڙهو لاهوتين جو،

اُتي آڌوتي ڪن، وحدت جي وائي،

قل هوالله چيو ڪاپڙين، ڪو اشارو الاهي،

”نبن“ اُهي اُهڃائي، جن تي فضل ٿيو فرقان جو.

·

اکين کي آهن، عجب جهڙيون عادتون،

ڪيرايو ڪوهن تؤن، وڌيون وارا ڪن،

ملڻ ڪاڻ محبوب جي، ٻر ٻر ڪيو ٻهڪن،

”نبن“ نيٺ وڃي اڙجن، دلبر سندي دام ۾.

 

---------------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com