سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :42

8

”سنڌي ادبي بورڊ“ جا ميمبر صاحبان

اعجاز احمد لغاري

جناب الحاج محمّد ايوب صاحب کهڙو

الحاج محمد ايوب صاحب کهڙو، صدر صوبه سنڌ مسلم ليگ، سن 1901ع ۾ لاڙڪاڻي تعلقي جي ”عاقل“ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ماجد، رئيس شاهه محمد خان کهڙو، لاڙڪاڻي ضلعي جو نامور ۽ بااثر زميندار هو، جنهن پنهنجي فرزند جي تعليم ۽ تربيت نهايت سهڻي سليقي سان ڪئي، چنانچه نوجوان محمد ايوب ڪاليج ۾ ’انڊر گريجوئيٽ‘ درجي تائين تعليم ورتي.

تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد هن نوجوان سياسي زندگيءَ کي پنهنجو شعار بنايو: 1924ع کان 1936ع تائين بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جو ’فيلو‘ رهيو، ۽ 1928ع کان 1935ع تائين ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ۽ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جو وائس پريزيڊنٽ ٿي رهيو.

سنڌ جي مسلمانن جي قيادت. 1927ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندو – مسلم فساد ٿيو، ۽ ٿوري عرصي جي اندر ڪشيدگي ايتريقدر وڌي ويئي جو هيءُ هڪڙي ضلعي جو فرقيوارانه مسئلو، سڄي صوبي جو سياسي مسئلو بنجي پيو. انهيءَ زماني ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪي اهڙا مسلمان اڳواڻ به هئا، جي پنهنجي هلنديءَ پڄنديءَ سبب سنڌ جي اندر وڏي اهميت رکندا هئا. لاڙڪاڻي جي غريب ۽ مظلوم مسلمانن لاءِ اهو وقت نهايت ئي نازڪ هو. هنن ۾ هندن جي منظم طاقت کي منهن ڏيڻ جي همت ڪا نه هئي. هو پنهنجي رهبري ۽ دستگيريءَ لاءِ انهن بااثر اڳواڻن ڏانهن نهاري رهيا هئا، مگر اهي بااثر اڳواڻ، هندن جي ناراضگيءَ کان يا ڪنهن سياسي مصلحت کان، مسلمانن جي مدد ڪري نه سگهيا. عين انهيءَ وقت، جڏهن لاڙڪاڻي جا مسلمان بي يارو مددگار بنجي چڪا هئا، ۽ انگريز حڪومت ۽ هندن سنگهٺن جي چڪيءَ جي ٻن پُڙن جي وچ ۾ ڪڻڪ جي داڻي وانگر پيسجي رهيا هئا، هيءُ نوجوان اڳواڻ ميدان ۾ ٽپي پيو، ۽ مسلمانن جي پاران فرقي پرست هندن جي مقابلي ۾ آخري گهڙيءَ تائين سينو سپر ڪري بيٺو رهيو. کهڙي صاحب جي، جاني، مالي ۽ اخلاقي مدد سان، لاڙڪاڻي جي مسلمانن نه فقط پنهنجي مقصد ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي، پر هنن جي مٿان هندن مختلف قلمن هيٺ جيڪي زبردست ڪيس ڪيا هئا، انهن کان به چيف ڪورٽ مان باعزت آزاد ٿي ويا.

سنڌ جي بمبئي کان علحدگي. سنڌ کي بمبئي کان علحده ڪرائڻ واري تحريڪ ۾ جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻين اڳواڻن (مرحوم سر غلام حسين هدايت الله، شيخ عبدالمجيد ۽ سيد ميران محمد شاهه وغيرهه) به چڱو بهرو ورتو، پر انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا جدوجهد کهڙي صاحب ڪئي، سا سنڌ جي آزاديءَ جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکي ويندي. صاحب موصوف سنڌ جي جدائيءَ جو آواز نه فقط سنڌ ۾ بلند ڪيو، ۽ نه فقط بمبئي ڪائونسل ۾ ان لاءِ لڙندو رهيو، پر لنڊن وڃي، جائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽيءَ اڳيان انهيءَ تحريڪ جي تائيد ۾ ناقابل ترديد انگ اکر پيش ڪيائين، ۽ سنڌ جي متعصب مگر ذهين هندو ليڊر پروفيسر ڇٻلاڻيءَ جي اعتراضن جا باطل شڪن جواب ڏنائين. ازان سواءِ، برطانوي عوام جي اخلاقي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ معقول ۽ مدلل تقريرون ڪيائين؛ اخبارن جي تائيد حاصل ڪرڻ لاءِ پرزور پريس بيان جاري ڪندو رهيو، ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي متاثر ڪرڻ لاءِ مسلسل پمفلٽ ڇپائي تقسيم ڪندو رهيو. انهن ڪوششن برٽش گورنمينٽ توڙي اُتي جي عام راءِ تي زبردست اثر وڌو، ۽ سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. حقيقت ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي گهڻيءَ حد تائين کهڙي صاحب جي روشن دماغي، سياسي بصيرت ۽ حب الوطنيءَ جي جذبي جو نتيجو هئي.

سنڌ – جدائيءَ کان پوءِ. اپريل 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان جدا ٿي ۽ سنڌ جي پهرئين گورنر صوبي جي انتظامي ڪاروبار هلائڻ لاءِ صلاحڪار ڪائونسل ٺاهي، ته کهڙي صاحب کي به ان تي نامزد ڪيو ويو، ۽ هو تيستائين ان جو ميمبر رهيو، جيستائين 1937ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جون عام چونڊون ٿيون، ۽ هو ان تي لاڙڪاڻي شهر ۽ تعلقي واري تڪ مان چونڊجي آيو.

کهڙو صاحب، مرحوم الهه بخش جي وزارت عظميٰ جي زماني ۾، سنڌ اسيمبليءَ جي اندر پهريائين جنوري 1939ع کان مارچ 1940ع تائين، ۽ پوءِ مارچ 1941ع کان آڪٽوبر 1942ع تائين، مخالف پارٽي (حزب اختلاف) جو ليڊر رهيو، ۽ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ جا فرائض اهڙيءَ خوش اسلوبيءَ ۽ جرائتمنديءَ سان ادا ڪيائين، جو صوبائي خودمختياريءَ جي تاريخ ۾ هميشہ يادگار رهندا. ان بعد، مارچ 40 کان مارچ 1941ع تائين سنڌ جو پي. ڊبليو. ڊي. جو وزير ٿي رهيو؛ آڪٽوبر 1942ع کان سيپٽمبر 1944ع تائين رونيو وزير، ۽ فيبروري 1946ع کان جولاءِ 1947ع تائين ڊپٽي چيف منسٽر، قيام پاڪستان کان هڪدم پوءِ، آگسٽ 1947ع کان اپريل 1948ع تائين چيف منسٽر ٿي رهيو. وري مارچ 1951ع کان ساڳئي سال جي ڊسمبر تائين ٻيو دفعو چيف منسٽر، ۽ نومبر 1954ع کان آڪٽوبر 1955ع تائين ٽيون دفعو چيف منسٽر رهيو. ان کان پوءِ جڏهن ”ون يونٽ“ قائم ٿيو ته آڪٽوبر 1955ع کان اپريل 1956ع تائين ون يونٽ – گورنمينٽ ۾ رونيو وزير رهيو، ۽ تجارت، صنعت ۽ مهاجر آبادڪاريءَ جا کاتا به سندس ئي هٿ ۾ رهيا.

مسلم ليگ. سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد 1938ع ۾ رکيو ويو، جنهن ۾ مسٽر کهڙو جو به وڏو هٿ هو. هو انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين مسلم ليگ ۾ آهي. 1938ع کان وٺي 1947ع تائين آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي، ۽ 1947ع کان وٺي اڄ تائين آل پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر آهي. 1938ع کان 1942ع تائين صوبه سنڌ مسلم ليگ جو نائب صدر، ۽ 1942ع کان 1943ع تائين ان جو صدر رهيو آهي. ان کان پوءِ، ڊسمبر 1948ع کان وٺي هن وقت (ڊسمبر 1957ع) تائين، نو سال ساندهه، بنا مقابلي سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊبو رهيو آهي.

کهڙي صاحب سنڌ ۾ مسلم ليگ جي تنظيم اهڙي شاندار پيماني تي ڪئي آهي، جو ان جو مثال قيام پاڪستان کان اڳ مسلم ليگ جي انتهائي عروج واري دور ۾ نٿو ملي: قيام پاڪستان کان اڳ سنڌ ۾ مسلم ليگ جا ٽي لک ميمبر هئا، مگر قيام پاڪستان کان پوءِ – جڏهن مسلم ليگ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي چڪي هئي ۽ عوام کي به اڳتي لاءِ ان سان ڪا خاص دلچسپي نه رهي هئي، تڏهن (1950ع ۾) – کهڙي صاحب جي ڪوشش سان مسلم ليگ ۾ ساڍا ست لک ميمبر داخل ٿيا. سنڌ جي اندر مسلم ليگ جو وجود ۽ سنڌ جي عوام جي ان سان دلچسپي صرف کهڙي صاحب جي مسلم ليگ سان دلچسپيءَ جي ڪري آهي: کهڙو صاحب مسلم ليگ مان هٿ ڪڍي وڃي ها، ته نه سنڌ ۾ مسلم ليگ جو وجود هجي ها، ۽ نه ڪراچيءَ ۾ سنڌ مسلم ليگ جو دفتر. سنڌ ۾ مسلم ليگ جي تنظيم کي قائم رکڻ ۽ دفتر کي باقاعدي هلائڻ لاءِ کهڙي صاحب کي مالي قرباني ڪرڻي ٿي پوي، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ جي ميمبر سازيءَ مان جيڪا محدود آمدني ٿئي ٿي، سا دفتر جي اخراجات ۽ تنظيم جي ٻين لوازمات لاءِ ڪافي نه آهي.

روس جو سفر. کهڙي صاحب جي سڄي زندگي، قومي ۽ ملڪي خدمت ۽ مختلف سياسي سماجي ادارن جي سرپرستي ڪندي گذري آهي. هو گورنمينٽ جي طرفان وقت بوقت مقرر ڪيل ڪيترين ئي ڪاميٽين جو ميمبر ۽ چئرمن به رهيو آهي، ۽ مختلف قومي ۽ ملڪي خدمتن جي سلسلي ۾ سنڌ، بلڪ ملڪ کان ٻاهر به ويندو رهيو آهي. اهڙيءَ طرح، قوم ۽ ملڪ کي سندس غير معمولي تجربي ۽ دماغي صلاحيت مان تمام گهڻو فائدو پئي رسيو آهي. جولاءِ آگسٽ 1956ع ۾، کهڙي صاحب پاڪستان جي خيرسگالي وفد جي چئرمن جي حيثيت ۾ روس جو دورو ڪري جيڪا ناموري ۽ پاڪستان ۽ روس جي تعلقات سڌارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، اها پاڪستان جي ڪنهن به خير سگالي وفد کي اڄ تائين نصيب نه ٿي سگهي آهي. کهڙي صاحب جي باوقار شخصيت ۽ سندس قابليت، روس جهڙي عظيم مملڪت جي اڳواڻن ۽ حڪمرانن کي ڪيتريقدر متاثر ڪيو، ان جو اندازو يا ته انهن باتصوير ڪتابن مان لڳائي سگهجي ٿو، جي روسي سفارتخاني شايع ڪيا آهن، يا انهن فلمن مان، جي پاڪستان ۾ روسي اطلاعات کاتي طرفان ڏيکاريا ويا آهن.

انتظامي لياقت. حڪومت ڪيئن هلائجي ۽ انتظام ڪيئن رکجي – اها صلاحيت ۽ لياقت کهڙي صاحب ۾ نهايت ئي نمايان آهي. 27 آگسٽ 1949ع تي صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جي اجلاس ۾ مسٽر محمد هاشم گذدر تقرير ڪندي چيو هو ته ”انتطامي لياقتن ۾ سڄي پاڪستان جي اندر کهڙي صاحب جي مقابلي جو هڪڙو ماڻهو به ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“ مرحوم غلام محمد (گورنر جنرل) لاءِ چيو ويندو آهي ته خانگي مجلسن ۾ هو به کهڙي صاحب لاءِ ائين ئي چوندو هو.

اصول پرستي. کهڙوصاحب هڪ بااصول ۽ مستقل مزاج انسان آهي. هو سياسي يا غير سياسي مصلحتن خاطر نه پارٽيون بدلائيندو آهي، ۽ نه ذاتي مفاد خاطر اصول قربان ڪندو آهي. هو گذريل اوڻيهن سالن کان مسم ليگ ۾ آهي، مگر ڪڏهن به سندس ارادي ۾ لغزش پيدا نه ٿي آهي. وڏا وڏا اصول پرست، هوا جو رخ ڏسي، مسلم ليگ کي ڇڏي ويا ۽ وڃي نيون پارٽيون ٺاهيائون، ۽ وزارتن تي قبضو ڪري ٻئي ۽ ٽئين درجي جي ليڊرن ۾ به وڏي فراخدليءَ سان عهدا ورهايائون؛ پر ڪا به مسلم ليگي پارٽي انتهائي ڪوششن جي باوجود به هن شهباز کي شڪار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهي.

بهادري. کهڙو صاحب نهايت ئي دلير، ۽ جراتمند ۽ بلند حوصلي وارو انسان آهي. هو جدا جدا وقتن تي جدا جدا قسمن جي تمام وڏين آزمائشن ۽ هنگامه خيز طوفانن مان گذريو آهي، ۽ بهادريءَ سان انهن جو مقابلو ڪندي، ڪاميابيءَ سان وڃي پار پيو آهي. انتهائي تشويشناڪ حالتن ۽ تڪليف جي گهڙين ۾ به هن جي منهن تي مرڪ پئي رهي آهي. سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جي ’گناهه‘ ۾ هن اهڙيون مصيبتون به سٺيون آهن، جي ٻين کي سهڻيون پون ها ته سندن جگر ڏري پون ها. سنڌ کان ڪراچيءَ کي ڇني ڌار ڪرڻ جو سوال، ۽ ان کان هڪدم پوءِ انهيءَ ئي سوال جي ڪري ”پروڊا“ (Proda) جو چڪر ۽ ان جا نتيجا ڪنهن کان وسريا آهن” مگر، هن بهادر انسان اهڙي قيامت صغريٰ‘ ۾ به حوصلو نه هاريو، ۽ اڪيلي

سر هر مشڪل جو خنده پيشانيءَ سان خيرمقدم ڪندو رهيو. در حقيقت ’بهادري‘ ۽ ’کهڙو‘ هڪ شي جا ٻه نالا آهن: ’بهادري‘ کهڙي جي فطرت جو جزو، ۽ سندس خون جي قطري قطري ۽ جسم جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي.

مسلم – دوستي. کهڙو صاحب فرشتو نه آهي، ۽ هڪ انسان جي حيثيت ۾ منجهس ڪيتريون ئي ڪمزوريون ٿي سگهن ٿيون؛ مگر هن حقيقت کان سندس بدترين دشمن به انڪار ڪري نٿا سگهن ته هن کي سنڌ ۽ سنڌ جي مسلمانن سان بيپناهه محبت پئي رهي آهي، جنهن تي سنڌ – جدائي ۽ ڪراچيءَ جي آزاديءَ جون تحريڪون شاهد عادل آهن. ازان سواءِ، قيام پاڪستان کان اول، سياسي ۽ اقتصادي معاملن خواهه ٻين فرقيوارانه ڳالهين ۾ سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جيڪا رقابت پئي رهي آهي، سا سڀني کي معلوم آهي: کهڙي صاحب جي حڪمرانيءَ جي زماني ۾ سندس اڳيان جڏهن به ڪو اهڙو مسئلو پيش پئي ٿيو آهي، جنهن جو تعلق هندن ۽ مسلمانن سان هڪجهڙو پئي رهيو آهي، ته هر صورت ۾ ۽ هر قيمت تي مسلمان جي مفاد کي هندوءَ جي مفاد جي مٿان ترجيح پئي ڏني آهي؛ جنهنڪري هندن جي دل ۾ هن ڏانهن هميشہ بغض رهيو، ۽ هو انهيءَ بغض وچان کيس ”اورنگزيب“ سڏيندا رهيا. هندن جي طرفان ’اورنگزيب‘ جو لقب کهڙي صاحب جي مسلم – دوستيءَ جو هڪ مزيد ثبوت آهي. هندو ته هن کي اهو لقب ڏيئي پنهنجي دلي بغض جو اظهار ڪندا هئا، مگر حقيقت ۾ هو هڪ زنده حقيقت يعني سندس مسلم – دوستيءَ جو اعتراف ڪندا هئا.

”خانبهادر“ جو خطاب ترڪ. قيام پاڪستان کان اڳ پاڪستان جي حصول لاءِ، ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ پاڪستان جي استحڪام لاءِ کهڙي صاحب جيڪي نمايان ڪوششون ڪيون آهن، سي ڪنهن به وڏي کان وڏي مسلم ليگي اڳواڻ جي ڪوششن کان گهٽ نه آهن؛ ڇاڪاڻ ته کهڙي صاحب جو شمار مسلم ليگ جي اعليٰ اڳواڻن ۾ ٿيندو رهيو آهي، ۽ پاڪستان جو قيام ۽ ان جو استحڪام مسلم ليگ جو نصب العين رهيو آهي، جنهنڪري ان جي حصول ۾ جيترو حصو ٻين اعليٰ مسلم ليگي اڳواڻن جو آهي، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي هڪ اهم ۽ برک ميمبر جي حيثيت ۾، اوترو ئي حصو کهڙي صاحب جو به آهي.

کهڙي صاحب انهيءَ سلسلي ۾ هونئن ته جيڪي اهم خدمتون ڪيون آهن سي اظهر من الشمس آهن، پر قيام پاڪستان کان 15-16 سال اڳ، جو برٽش سرڪار کيس ”خانبهادر“ جو خطاب ڏنو هو، سو کهڙي صاحب، قائداعظم محمد علي جناح جي مشوري، تي مسلم ليگ جي طرفان شروع ڪيل ”راست اقدام“ واري تحريڪ جي زماني ۾، برٽش سرڪار کي واپس ڪري ڇڏيو؛ مگر ان هوندي به سڀئي ماڻهو سندس عظمت ۽ باوقار شخصيت جي ڪري کيس ’خانبهادر‘ سڏڻ ئي پسند ڪندا آهن.

وسيع معلومات ۽ غير معمولي قابليت. کهڙو صاحب پنهنجي تدبر، وسيع معلومات، تقرير ۽ تحرير ۾ مهارت، ۽ سياسي ۽ انتظامي ڳالهين ۾ وڏي تجربي سبب هڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو ڪن ٻين ليڊرن وانگر لکڻ پڙهڻ ۽ سوچڻ سمجهڻ ۾ پنهنجن سيڪريٽرين جو محتاج نه رهندو آهي: هو پنهنجا پريس بيان، صدارتي خطبا، پيغام ۽ ٺهراءَ پاڻ لکندو آهي، جي نه صرف سياسي نقطه نگاهه کان لاجواب هوندا آهن، پر علمي ۽ ادبي لحاظ کان به شاهڪار تسليم ڪيا ويندا آهن. هو دستور ۽ آئين جو وڏو ماهر آهي، ۽ اهڙو حاضر دماغ، جو سنجيدگيءَ ۽ ڪم سخنيءَ جي باوجود به هر نڪتي کي صحيح نموني ۾ حل ڪرڻ ۽ هر مسئلي تي فاضلانه انداز ۾ ڳالهائڻ لاءِ هميشہ تيار رهندو آهي.

کهڙي صاحب کي صوبائي اسيمبلين، پارليامينٽ، بيشمار ڪانفرنسن، مسلم ليگ جي اجلاسن ۽ مختلف اجتماعن ۾ اهم ترين معاملن تي ڪڏهن ڪڏهن ٻه – ٻه ٽي – ٽي ڪلاڪ به ڳالهائڻو پيو آهي، مگر هن جي تقدير جو ربط ۽ تسلسل هميشہ قائم رهندو آهي، ۽ سندس هر تقرير جامع ۽ مانع هوندي آهي. هو زير بحث مسئلي جي هر پهلوءَ تي انتهائي محققانه انداز ۾ روشني وجهندو آهي، ۽ ڪنهن به موضوع تي تقرير ڪرڻ وقت پنهنجي حواسن ۽ دل و دماغ تي پورو پورو ضابطو رکندو آهي. هن جي نگاهه جيئن ته بلڪل دور رس آهي، تنهنڪري سندس راءِ ۾ بيحد پختگي آهي؛ ۽ انهيءَ ڪري ئي سندس تقرير جو هر جملو وزندار ۽ هر لفظ توريل تڪيل هوندو آهي، ۽ ٻڌندڙ سندس جادو بيانيءَ ۽ استدلال کان متاثر ٿي بي اختيار هن سان شامل راءِ ٿيندو آهي.

”ون يونٽ“. 1954ع جي آخر ۾ جڏهن کهڙو صاحب سنڌ جو وزيراعليٰ هو، تڏهن مرڪز جي مسلم ليگي قيادت، کيس سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي حقن جي حفاظت جي خاطري ڏياري، ”ون يونٽ“ قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ سندس حمايت حاصل ڪئي. کهڙو صاحب جيئن پاڻ غلط بياني ۽ وعدي خلافي نه ڪندو آهي، تيئن ٻين ۾ به اها ئي اميد رکندو آهي ته هو به ساڻس ڪوڙ ۽ فريب نه ڪندا؛ مگر ”ون يونٽ“ قائم ٿيڻ بعد جڏهن مرڪزي قيادت پنهنجا وعدا وساري ويٺي، تڏهن کهڙي صاحب جي مٿان ’ون يونٽ‘ جي اصليت ظاهر ٿي پئي. چنانچه صاحب موصوف 15 سيپٽمبر 1956ع تي صوبه سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ کان ’ون يونٽ‘ جي خلاف ٺهراءُ پاس ڪرائي، آئيني جدوجهد جو آغاز ڪيو، ۽ ان کان پوءِ به هو مسلم ليگ جي ذريعي ’ون يونٽ‘ جي خلاف وقت بوقت آواز اُٿاريندو رهيو. تازو، 11 آڪٽوبر 1957ع تي، پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل جي ڊاڪا واري اجلاس ۾ پڻ کهڙي صاحب ’ون يونٽ‘ جي خلاف هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جو مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت پاس ٿيڻ نه ڏنو.

چيو وڃي ٿو ته مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت، ’ون يونٽ‘ جي حمايت ڪري ۽ ننڍن صوبن جي عوام جي هن جائز مطالبي کي نظر انداز ڪري، جنهن غير ذميداريءَ جو ثبوت ڏنو آهي، کهڙو صاحب ان کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، ۽ شايد اهو وقت بلڪل ويجهو اچي ويو آهي، جڏهن هو مسلم ليگ سان اوڻيهن سالن جو ناتو ٽوڙڻ تي مجبور ٿئي، ۽ جنهن جذبي سان سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ لاءِ جهاد ڪيو هئائين، وري ساڳئي جذبي سان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ميدان ڪارزار ۾ اچي.

زهد ۽ عبادت. هن زماني ۾ جڏهن الحاد جو زور آهي ۽ مغربي تهذيب پوري ساز و سامان سان اسان جي اخلاق ۽ ڪردار جي مٿان ڇانئجي رهي آهي، کهڙو صاحب نه صرف پنج ئي وقت پابنديءَ سان نماز پڙهندو آهي، پر روزي، تهجد ۽ قرآن شريف جي تلاوت ۾ به ناغو نه وجهندو آهي. 1950ع ۾ حرمين شريفين جي زيارت جي سعادت حاصل ڪري چڪو آهي. زڪوات به باقاعدي ادا ڪندو آهي، ۽ خيرات ۽ صدقات جو سلسلو به جاري رهندو آهي. ڪيترائي غريب شاگرد سندس خرچ تي تعليم وٺي رهيا آهن، ۽ ڪيترن ئي يتيمن ۽ مستحقن کي وٽانئس وظيفا ملي رهيا آهن. پر، کهڙو صاحب جيئن ته رياءُ ۽ نمائش پسند نه ڪندو آهي، تنهنڪري گهڻن ماڻهن کي اها خبر نه آهي. کهڙي صاحب جي جذبهء ايمانيءَ جو اندازو اهڙن موقعن تي آسانيءَ سان لڳائي سگهبو آهي، جڏهن حاجي حج تي ويندا آهن، ۽ سفر جي سهوليتن لاءِ کانئس اخلاقي امداد گهرندا آهن. انهيءَ وقت هيءُ مصروف انسان، پنهنجا سمورا ڪم ڪاريون ڇڏي، حاجين سان مڪمل تعاون ڪندو آهي، ۽ انهيءَ نيڪ ڪم جي سرانجاميءَ کان پوءِ اهڙي خوشي ۽ اطمينان محسوس ڪندو آهي، جو ڄڻ پاڻ حج ڪري آيو ۽ سندس ايمان تازو ٿي ويو.

کهڙو صاحب هن تهذيبي ترقيءَ جي دور ۾ به اهڙين شين جي استعمال کان پري رهندو آهي، جي شرعي لحاظ کان مڪروه ۽ ممنوع آهن. هونئن به سندس اخلاق ۽ ڪردار ايتريقدر بلند آهي، جو اڄڪلهه جي سياست ۾ جيڪي ڳالهيون سياستدانيءَ لاءِ لازم سمجهيون وڃن ٿيون، سي کهڙي صاحب پنهنجي سياست ۾ ڪڏهن به شامل نه ڪيون آهن. هو غلط بياني، وعدي خلافي ۽ دوغلي پاليسيءَ کان هميشہ احتراز ڪرڻ جي باوجود به هڪ ڪامياب سياستدان آهي. ساڳئي وقت، اها ديانتداري ۽ سندس دينداريءَ جي به نشاني آهي.

”سنڌي ادبي بورڊ“ جو صدر.کهڙو صاحب پنهنجي چيف منسٽر واري زماني کان وٺي سنڌي ادبي بورڊ جو صدر ٿي رهيو آهي. بورڊ جي اها خوش قسمتي آهي جو کهڙي صاحب جهڙو تجربيڪار منتظم ان جو چئرمن آهي. سندس صدارت واري عرصي، ۾ بورڊ سنڌي ٻوليءَ جي ڪافي علمي ۽ ادبي خدمت ڪئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com