سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :16

مولوي محمّد صادق راڻيپوري*

 

بندي جو هيٺيون شجرو عزيزم جناب مولوي قطب الدين سيواڻي کنڀرو، رهندڙ ٿلي کنڀراڻي، تعلقي احمدپور، رياست بهاولپور، جي بياض تان ورتل آهي:

”مولوي صادق علي، عرف محمد صادق، راقم الحروف، بن مولوي الهه بخش(1)، بن صادق علي عرف ملا صادق، بن اسماعيل، بن ڄام ڇتو(2)، بن ڄام قاسم(3)، بن حافظ محمد معروف، بن ولي محمد(4)، بن محمد اسلام، بن ميان يار محمد، بن ميان نصير محمد، بن ميان الياس، بن ميان محمد دائود، بن ميان آدم شاهه شهيد، بن ميان نور شاهه عرف گجن شاهه، بن ميان صاحبڏنو، بن ميان خان محمد، بن طاهر، بن رانع(5)، بن شاهه محمد(1)، بن ابراهيم(2)، بن محمد، بن طاهر، بن چنَّيہ(3)، بن قائم(4)، بن طاهر، بن احمد، بن جاهره، بن قائم بن عبدالرحمان، بن عباس، بن مامون، بن هارون، بن ابو عبدالله مهدي، بن ابو جعفر منصور(1)، بن محمد، بن علي بن عبدالله، سيد المضرين، بن حضرت عباس- عم النبي صل الله عليہ وسلم.

مولوي صادق علي، عرف محمد صادق (راقم الحروف)

 

راقم الحروف جو ڏاڏو مولوي صادق علي، عرف ملا صادق، وڏو عالم ۽ حڪيم هو، حضرت خواجه فخرالدين عرف فخر جهان اوحديءَ جو مريد هو. منهنجو والد مولوي الله بخش، صغيريءَ ۾ ئي يتيم ٿي پيو، جنهن کي سندس سوٽ ڄام وريام، چاچڙان شريف کان پنهنجي وطن، ڳوٺ عبدالواحد کنڀڙي تعلقي احمدپور، ۾ وٺي آيو ۽ شادي ڪرايائينس- اتي ئي هي عاجز راقم، ڳوٺ جليل کنڀري ۾ ڄائو. مون کي 1883ع ۾ چاچڙان شريف جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، ۽ اتي رجسٽر ۾ منهنجو نالو ’صادق‘ درج آهي.

والد سائين جن، حضرت پير صاحب سيد ميان غلام محي الدين شاهه صاحب گيلاني، سجاده نشين راڻيپور شريف جن حضرت خواجه غلام فريد صاحب جن جي ملاقات لاءِ، چاچڙان شريف تشريف فرما ٿيا هئا. حضرت خواجه صاحب جن جي طرفان جيڪي خادم خليفا سندن مهمان نوازيءَ لاءِ مقرر ٿيل هئا، انهن ۾ منهنجو والد صاحب به شامل هو. حضرت خواجه صاحب 1319 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. ان سانحي کان پوءِ والد صاحب جن راڻيپور شريف هجرت ڪري آيا، ۽ ان وقت جي سجاده نشين، حضرت پير ابو محمد صالح شاهه صاحب گيلاني، والد صاحب کي نهايت مهربانيءَ سان پاڻ وٽ رهايو. 1321 هجريءَ ۾ راقم جي همشيره جو نڪاح پير صاحب جن سان ٿيو. قضا الاهيءَ سان منهنجي همشيره فوت ٿي ويئي. مرحوم درگاهه شريف ۾ مستورات جي چوڪنڊي ۾ مدفون آهي.

حضرت پير صاحب قبله جن شروع ۾ پنهنجي پيش نويس ميان الهه بخش صاحب عباسي کهڙن واري کان ڪجهه فارسي تعليم ڏياري، ۽ پوءِ تبرڪاً پهريون سبق شرح جاميءَ جو حضرت علامه مولانا عبدالغفور صاحب هَمايونيءَ کان روبرو ڏياريائون. عربيءَ جي تعليم مولوي عبدالرؤف کان ڏياريائون، ۽ آخر ۾ حضرت استاذالعلماء مولانا الحاج محمد صاحب لغاري رحه کي سانگهڙ مان گهرائي، ان کان تعليم ڏياريائون، ۽ کانئن فارغ التحصيل ڪرائي، دستاربندي ڪرايائون.

راقم کي حضور سرڪار هز هائينس مير علي نواز خان صاحب بهادر مرحوم، والي رياست خيرپور، سان سندن ايام وليعهدي ۾ ڏيٺ هئي، ۽ حضور موصوف ۽ مير غلام حسين خان ٽالپر کي راقم جي ناچيز علمي لياقت، شرافت ۽ طبي دستگاهه جي چڱيءَ طرح سان ڄاڻ هئي؛ چنانچه منهنجي خواهش موجب، سرڪار هزهائينس جي حقيقي ڀاءُ جي معرفت، شاهي خزاني مان هڪ سو ماهوار پينشن ملڻ لاءِ پروانو صادر ٿيو، جو هن وقت  به مون وٽ موجود آهي.

هزهائينس مير علي نواز صاحب مرحوم جي ايماء تي، هن عاجز راقم هڪ اردو رسالو ”دعوة الاعتصام بدين الله الاسلام“ لکيو، جنهن ۾ امتِ مرحومه جي سڀني فرقن ۽ گروهن کي هڪ پليٽفارم تي جمع ٿيڻ لاءِ اپيل ڪئي ويئي آهي، ۽ عام مسلمانن کي توحيد پرستيءَ جي تلقين ڪيل آهي. انهيءَ رسالي ۾ هڪ خدائي تحريڪ، ”دين الله“، جي قيام جو اعلان ڪيو ويو آهي، ۽ مسلمانن کي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي عام دعوت پڻ ڏني ويئي آهي- ليڪن چند وجوهات جي سبب اهو مقصد حاصل ٿي نه سگهيو. علاوه ازين، مذڪوره رسالي جو مير صاحب مرحوم جي سرپرستيءَ هيٺ انگريزي ترجمه به God’s Religion جي نالي ٿي چڪو آهي، مگر شيعه حضرات جي مخالفت سبب اهو ڪم به نامڪمل رهجي ويو. هڪ غير مطبوعه رسالو ”احسن المنادي في السلام غاندي (گاندي)“ پڻ هي عاجز لکي چڪو آهي، جو انشاءالله جلدي طبع ٿيڻ وارو آهي. ان ۾ پيغمبر اسلام متعلق چند هندو دوستن جا بهترين رايا پيش ڪيا ويا آهن، ۽ راقم جي مهاتما گانڌيءَ سان خط و ڪتابت جا ڪجهه حصا به ڏنل آهن.

1923 عيسويءَ ۾، راقم حضرت قبله پير سيد ابو محمد صالح شاهه صاحب ۽ علامه دين محمد ”وفائي“ مرحوم سان گڏ، آريه سماجين ۽ قاديانين جي خلاف هڪ محاذ قائم ڪيو، ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عام جلسا ڪوٺائي، شڌيءَ ۽ قاديانيت جي فتني جي سدباب لاءِ سر ٽوڙ ڪوشش ڪئي، ۽ الحمدلله جو راقم کي سندس محترم رفيقن سميت خاطر خواه ڪاميابي نصيب ٿي.

هن عاجز کي حڪمت جي فن ۾ الله جي فضل و ڪرم سان ڪافي دسترس آهي، ۽ ڪيترا لاعلاج مريض راقم جي علاج سان شفاياب ٿي چڪا آهن. منهنجي حڪيمانه خدمات جي صلي ۾، نواب صاحب جهونا ڳڙهه، 1945 ۾، هڪ سو رپيا ماهوار پينشن پڻ مقرر ڪئي هئي. علاوه ازين، انهيءَ سلسلي ۾ راقم وٽ ملڪ جي ڪيترين معزز ۽ موقر هستين جا آفرين ناما ۽ اعتراف ناما موجود آهن- ۽ هي سڀ الله جي فضل و ڪرم جي ئي طفيل آهي.

عاجز راقم کي شاعريءَ جو فطري شوق آهي، مگر غفلت شعاريءَ سبب ڪلام جو گهڻو حصو ضايع ٿي چڪو آهي- تاهم ڪلام جو ڪجهه نمونو پيش ڪريان ٿو.

گيتا جي منظوم ترجمي مان چند اشعار

فيل گون ضمي کہ چشمِ عالم حيران او مست،

آسمان با اين همہ گردش بلا گردان او ست.

سرمہء اهل نظر يا سوسن باغِ بهشت،

آسمانِ نور يا خود چهره تابان او ست.

موج دريائي چو سيما پيچ و تابِ عاشقان،

شرحِ طومارِ قضا يا کاکلِ پيچانِ او ست.

قطعہء نيلم بود رخسارتش از جوشِ صفا،

نقدِ جان دادن سودا قيمت ارزانِ او ست.

تلخيء مرگم بود شيرين ز شکر خنده اش،

ز آنکہ آبِ زندگاني در لبِ خندانِ او ست.

رخنہ در دلها کند از جنبشِ مزگان تير،

فتنه انگيزِ دو عالم نرگس ختانِ اوست.

*                      *             *

زهي دل از غمِ حسنِ سياهت گشته سودائي،

نگہ را همچو خالِ مردمک سامانِ بينائي.

بمشکيني ز زلف خوبرويان برده سبقت،

چو خالِ گلرخان بر چهرهء ايام زيبائي.

تراکانِ نمک خوانند خوبانِ جهان ليکن،

بشرّيني لب لعلت بود دکّانِ حلوائي.

ز حالِ زارِ مخموران کنجِ غم چہ هروايت،

کہ چون چشمِ سياهي خود ز مستي باده پيمائي.

شنيدم پيش ازين در پرده کارت بود دل برمن،

بنورِ حسنِ خود چون شمع اکنون محفل آرائي.

شمارِ جسم مان چندان کہ باشد نا توانيها،

بسروقد دلجوئي شو باشد چشم رعنائي.


 

قصيده در مدح الله آندو شاهه دربيلوي

 

کجا شد عقدهء لاحل، کجا آن صعب دشواري،

مبدل شد بآزادي، کہ ميگفتم گرفتاري!

يکايک چرخ باز آمد ز عادت جورو مکاري،

معطل کرد دوران يک قلم طرز ستمگاري؛

جريح خسته را راحت پديد آمد زود اکنون،

کہ مرهوم زخم دلها گشته است اين فلک زنگاري؛

مزاجِ نازک و طبعِ لطيف آوردهِ ام چندان،

کہ معنون کرد دلبر کند ثقل و گرانباري؛

ولي تغير عالم چو بپرسيدي سبب بشنو،

باعزاز آنريبل گشت ممتاز از خبرداري.

باقبال و خورشيد آسمان عزت و عظمت،

سحابِ بذل و احسان آفتابِ زهد و دينداري.

فلاطون – دانش و لقمانِ عقل و رستمِ ميدان،

سکندر جاه و حامت – جود و دارائي جهانداري.

رفيقِ مومنان خان بهادر ’الله آندو شاه‘،

کزان فياضِ عالم هست ينبوعِ کرم جاري.

بتائيدايزدي فتح و ظفر نصرت ترا خادم،

حسودِ سيہ قسمت را ميسّر شد سيہ کاري.

سيہ رو، تيره دل گوئيد بمير ذلّت سيد،

الا يا ايهاالمومن ببين اين کوريهء ناري!

چو از شوميء بختِ خود مقابل هر کہ شد باتو،

بچشميِ خويش مي بيند تباهي خانه مسماري.

سفيه تند خورا آنچنان بگرفت اسرافش،

که نتوان رفت جز مرگش ز دل اين داغ ناداري.

شگفته خاطرت چندا نکه دشمن تنگ دل مانده،

ترا خواب و سکون چندانکه اورا سحر بيداري.

توئي آن حاتم دوران که محتاج درت بينم،

چه ملتاني و لاهوري چه کشميري و تاتاري.

تو آن علم آشنائي همگنان نخواند در مدحت،

فقيه و قاضي و مخدوم و شيخ و عالم وقاري.

رسد افتاد گانرا هردم از ذات تر پامردي،

کہ طبع اهل همت نيست از لطف کرم و عاري.

خدا يا تاکه باشد مهر و ماه و انجم و اختر،

الهيٰ تابود گردنده چرخ پير زنگاري.

نيصب دو ستانت عيش و عشرت جاودان بادا،

مُيسّر دشمنانت را هميشہ ذلت و خواري.

زبانم رانه نيروئي که مدحت سر کند يکسر،

سراپا حسن او صافي و طبع من ازان عاري.

بحال گفتن وصف تو صادق از کجا آرد،

ازان رو ختم کردم اين قصيده را بنا چاري.

 

خوش آن گروهه کہ با يادِ حق هم آغوش اند،

برنگِ پيکرِ تصوير جمله خاموش اند.

بدل ز کيفيتِ عشق نشهء دارند،

چو شيشه از سخنِ غير پنبه در گوش اند.

نظر با طلس و ديباي اين جهان کنند،

چو اخگر ازتنِ فرسوره پيرهن پوشند.

کجا خرابيء اهلِ جهان؟ دارند،

سبک روان کہ خود از يادِ خود فراموش اند.

حديثِ ساقيء خود را بلب نمي آرند،

بدل برنگِ خُمِ مي هميشہ در جوش اند.

 

بوصفِ خط مشکين اي سوادِ خامہ تحريري،

بنطق لعل مشکين اي زبانِ کلک تقريري!

ز دردِ دل بجانم اي طبيبِ جان و دل رحمي،

زو سوزِ سينہ مردم، اي مسيحا، ساز تدبيري!

بعزم صيد رفتي اي سوادِ باد پيمائي،

اسير بند فراقت شد اي صياد نخچيري!

نه بردي بردرش اي نالہ جا نگاه فريادي،

نه کردي دردِل آن سنگدل اي آه تاثيري!

به بندِ زلفِ مشکين ميروي اي دل تو مجنوني،

کہ اِنجا صد حريفا نند ديوانه بز زنجيري!

فتاده سرنگون ”صادق“ به پيش پايت اي قاتل،

کشيدي تا بدستِ خويش اي خونريز شمشيري!

 

(اردو)

 

- صاحبزادي فيض محمد جي وليعهد تسليم ٿيڻ جي موقعي تي.

هم محوِ ذکرِ حق بوقتِ سحر رهي،

جوش دعا تهي دل مين پيا پي اظهر رهي.

ميري زبان په جاري تها وه کلام پاڪ،

سن سن کي تهي فرشتي زمين پر اُتر رهي.

سلطان ’علينواز‘ سي اخلاص تها قديم،

يون تهي ميري ذهن مين مقامي گذر رهي.

يا رب هو مير ’فيض محمد‘ مرادمند،

حامي هميشہ سيد خير البشر رهي!

 

تکتي هي ره مجرم، رحمت کي خطا پوشي،

آزرده نه هو ميکش، جاري رهي مي نوشي!

کهل جائو ذرا هم سي، هنگام بهه مستي،

اس حال مين عاشق سي کيسي يه حيا کوشي!

تمهيدِ پريشاني يه گل کا تبسم هي،

اک راز هي سربسته غنچه کي يه خاموشي.

پيغام پريشاني لي آئي هي کيسي يه،

کرتي هي نسيم آکر پهولون سي جو سرگوشي.

ره جاتي هي بُو باقي، مينا هي اگر خالي،

انفاس هين رندانه، گو ترک هي مي نوشي.

تاوانِ محبت تها يا قرض هوا خواهي،

جان ديکي هوا حاصل مقصود سبک دوشي.

آئي ميري تربت به وه لي کي رقيبون کو،

کچهه کم نه هوئي ابتک قاتل کي جفاکوشي.

آنکهون سي ميري گرتي هين لعل و گوهر پيهم-

کانون مين اسي کهدو کوئي کرکي يه سرگوشي.

هي شوقِ سخن ”صادق“، کچهه قوم کي حق مين لکهه،

بيهوده تغزل کي يه محنت و سرجوشي.

 

عرض کي ’غير سي هو بزم خالي‘،

تو دلوادي مجهي فوراً نکالي!

بهت هين نازنين دل ليني والي،

و ليکن هي ادا اسکي نرالي.

سجن! برسات کي رت هي نه جائو،

کهان پهر ايسي ايام و ليالي.

کهان جاتا هي تو اب پي پلاکر،

ادهر تو ديکهه مين بهي هون سوالي!

دلائي ياد جهوٽي وعدي اُن کو،

تو بول ’تم هو اک پاگل خيالي‘!

ديواله کرکي اُلفت مين همارا،

منانا چاهتا هي و ديوالي.

کمر باريک تيري پر هون قربان،

اسي سي سِيکهه لي نازک خيالي.

هي عرشِ حُسن پر پرواز اس کو،

يه شاهِ ناز کي هي تيز بالي.

رياست حسن پر هي ناز کا حکم،

اکيلي آپ کچهه تهوڙي هين والي!

هي بزم سخن کا اب رنگ پهيکا،

گئي اُڻهه ’اسير‘ و ’آزاد‘ و ’حالي‘.

 

رباعي

نااهل سي کب دادِ وفا ليتا هون،

صراف سي قدر و قيمت پا ليتا هون،

و دوست کهان جن سي تها دل کا پيوند،

اب دشمنون سي سن کي دشنام، دعا ديتا هون.

 

قطعه تاريخ وفات محمد بخش ”واصف“ حيدرآبادي

چون محمد بخش ’واصف‘ شاعرِ نازڪ خيال،

کرد از دنياي فاني سوي عقبيٰ انتقال،

سالِ تاريخِ وفاتش، اين چنين ”صادق“ نوشت:

”بادِ جنت جاي ’واصف‘ صاحبِ فطنت کمال“. (1372هه)


 

(سنڌي)

 

ڪئي نه ترڪ ڇو صياد گيرودار اڃا،

رهي ٿي بلبلِ نالان چمن کان ڌار اڃا.

چُڀي ٿو هيءُ گل و غنچه اکين ۾ خارجيان،

بهار آئي، نه آئين تون گلعذار اڃا.

رهي نه عزّت، دين ۽ نه آبروي شرع،

روئي ٿي امتِ مرحوم زار زار اڃا.

جو خاڪ و خون ۾ غلطان ٿئي حُسين مثل،

ٿيو نه دين جو پيدا ڪو جان نثار اڃا.

ضعيف پير ٿيو آهه فقير ”صادق“، پر،

جئي ٿو عشقِ محمد ۾ هوشيار اڃا!

 

محمد قاسم ڳڙهي ياسيني

 

جناب مولانا محمّد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسيني

 

سال 1307هه ۾ سندن تولد ٿيو. ابتدائي ڪتاب پنهنجي والد بزرگوار مولانا محمد هاشم صاحب وٽ پڙهيا؛ ٻيو سمورو علم پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا محمد قاسم صاحب وٽ پڙهي فارغ التحصيل ٿيا. علامه مولانا عبدالغفور صاحب همايوني، پنهنجي ڏوهٽي، موجوده سجاده نشين، مولانا عبدالباقي صاحب جي تعليم لاءِ کيس گهرايو، جنهن کي سمورو علم پڙهائي فارغ التحصيل ڪيائون. سندس مدرسي مان ٻيا به ڪيترا طالب العلم ڪامياب ٿيا – جيئن ته مولوي يار محمد چنا، مولوي صدرالدين صاحب صحبت پوري، مولوي خليل الرحمان صاحب جوڌپوري، مولوي مفتي محمد علي صاحب جيڪب آبادي، مولوي جان محمد صاحب شڪارپوري، حافظ خير محمد صاحب اوحدي، مولوي عبدالعزيز صاحب درٻائي، ۽ مولوي حافظ محمد موسيٰ صاحب الياسيني.

پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا محمد قاسم صاحب جي رحلت کان پوءِ، شهر ڳڙهي ياسين ۾ اچي پنهنجي مدرسي ۾ پڙهائڻ ۽ فتويٰ نويسيءَ ۾ مشغول ٿيا. سندن تصنيفات مان متعدد تحريرن جي علاوه، قرآن شريف جي ڪن سيپارن جو ترجمو مع تفسير، ديوان ناظم فارسي، مجموعه تاريخ، ۽ پنجاهه سٺ کن ٻيا ديني رسالا آهن، جن مان هيٺيان ڪتاب ڇاپي ۾ آيل آهن:

(1) ترجمو مشڪواة شريف، ربع اول؛ (2) رسالو ازالة الارتياب (فارسي)؛ (3) رسالہ حکم، فوٽو گراف (عربي)؛ (4) قوت ايمان (سنڌي)؛ (5) العقول الصواب (سنڌي)؛ (6) مناسڪ حج (سنڌي)؛ (7) رساله جماعت ثانيه (فارسي)؛ (8) لباس النبي (سنڌي)؛ (9) تعليم المسلمين (سنڌي)؛ (10) آداب رسول الله (منظوم، فارسي)؛ (11) ’ما مريدان‘ (منظوم، فارسي)؛ ۽ (12) هداية العباد فيما يتعلق بالضاد (فتوا متعلق ضاد بتصديق قاري مدني).

(2) هن وقت سندن عمر 69 سال آهي. سنڌ ۾ بلوچستان مان شرعي استفتاء بڪثرت ايندا رهن ٿا، جن جا جواب ڏيڻ ۽ تدريس ۾ پنهنجو وقت گذاري رهيا آهن.

 

مولانا دين محّمد ”اديب“

 

مولانا محمّد يوسف عبّاسي

 

هي عالم سڳورو، ڪَڪڙ جي ڀرسان ”جڳ شينهن“ نالي هڪ ڳوٺ جو ويٺل آهي. قرآن شريف پنهنجي ڳوٺ ۾ آخوند شير محمد وٽ پڙهيائين فارسي ۽ عربيءَ جي ڪجهه صرف مولانا محمد صديق ڪلهوڙي وٽ پڙهيائين، جو اهو به ڪڪڙ جي ڀرسان ”شولاري“ ڳوٺ جو رهاڪو هو؛ ان کان پوءِ مولانا صاحب مختلف مدرسن ۾ گهڻن وٽ پڙهيو آهي. زياده عرصو جن استادن جي شاگرديءَ ۾ رهيو آهي، اُهي هي آهن: (1) مولانا شفيع محمد مسجدي؛ (2) مولانا مير محمد نورنگي؛ (3) مولانا عبدالوهاب؛ (4) مولانا محمد صاحب ديري غازي خان وارو، جنهن پير جهنڊي ڳوٺ ۾ گهڻو وقت پڙهايو؛ (5) مولانا حاجي حامد الله، ويٺل ٻيلو، تعلقو سجاول؛ ۽ (6) مولانا خير محمد منگسي، ٽنڊي محمد خان وارو. پڇاڙيءَ واري استاد (مولانا خير محمد منگسي) وٽ فارغ التحصيل ٿيو، ۽ دستاربندي ڪيائين.

مولانا کي تحصيل علم جو ڏاڍو شوق هو؛ سخت محنتي به هو. مشڪل مقامن کي ڪوشش ڪري زياده پڪو ڪندو هو. گهڻا ڪتاب برزبان ياد به ڪيائين – جيئن ته ”فصول اڪبري“، ”ڪافيه“، ”ايسا غوجي“، ”تهذيب المنطق“، ”سلم العلوم“، ۽ ”منار متن ”نورالانوار“.

منطق ۽ صرف ۾ کيس گهڻي مهارت آهي. مختلف هنڌن تي پڙهايو اٿس؛ (1) جهرڪن ۾ پير غلام فريد جان سرهندي مرحوم وٽ، (2) جمڙائوءَ جي ڀرسان حاجي قادر بخش لغاري وٽ، (3) ملير ۾ پير ضياء احمد وٽ، ۽ (4) هاڻي نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ عربيءَ جو معلم آهي. کيس مطالعي جو پڻ چڱو ملڪو آهي. ڏکيا ڪتاب به پڙهائي سگهي ٿو، ۽ پڙهايا اٿس. کيس لکڻ تي به سٺي قدرت آهي. شعر عربي ۽ فارسيءَ ۾ چئي سگهي ٿو. ”معلم الصرف“ نالي عربي صرف لاءِ فارسيءَ ۾ بهترين ڪتاب تصنيف ڪيو اٿس، جو اڃا مخطوطي صورت ۾ پيو آهي. سنڌي زبان ۾ ”قواعد فارسي“ ڪتاب تاليف ڪيل اٿس.


*  مولانا صاحب جي سوانح عمري، سندن ڏنل مواد مان ورتل آهي. -مرتب

(1)  هن کي ٻه پٽ ٿيا- هڪ مولوي صادق علي، راقم الحروف؛ ۽ ٻيو محمد ڪاظم، جو لاولد فوت ٿيو.

(2)  ”ڄام“ لقب جي معنيٰ ’سردار‘ آهي، جو سنڌين لاءِ مخصوص اهي. ياد رهي ته توڙي جو راقم الحروف جا ابا ڏاڏا دائودپوٽن جي سردارن سان گڏ ملڪ پنجاب ۾ وڃي رهيا. تاهم اُن وقت کان وٺي اڄ سن 1376 هه تائين به سندن زبان سنڌي آهي. لقب ’ڄام‘ کين دائودپوٽن جي سرداريءَ سبب مليو.

(3)  ڄام قاسم کي ٻه پٽ، هر هڪ ”ڄام ڇتو“ ۽ ”ڄام موسيٰ“ نالي، ٿيا.

(4)  ميان شفيع محمد کي ٻه پٽ ٿيا- هر هڪ ولي محمد ۽ ميان الله بخش. شجري ۾ ميان ولي محمد شفيع محمد جو نسب هلندڙ آهي: باقي ميان الهه بخش کي هڪ پٽ ميان صادق علي نالي ٿيو، جنهن کي 1194 هجريءَ ۾ ٽالپر سردارن سنڌ ۾ حاڪم مقرر ڪيو.

(5)  سنڌي ماڻهو ”رانع“ کي ’راڻو‘ ڪري سمجهندا هئا. هن نالي کي سنڌي نالو سمجهندا آهن، ڇو ته عمرڪوٽ جي هندو سردارن جو لقب ”راڻو“ آهي: پر ”رانع“ لفظ عربي آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’کيڏاري‘. اها پڻ عقل کان ٻاهر ڳالهه آهي، ته عربيءَ سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ڪو ايترو جلدي عربي نالا ڇڏي سنڌي نالا اختيار ڪيا هوندا.

(1)  اصل نالو ”محمد“: هي پهريون ئي بزرگ آهي، جنهن کي ”شاهه“ جي لقب سان سڏيو ويو. سنڌ جي محاوري ۾ گهڻو ڪري ”شاهه“ لقب، نالي کان اڳ ۾ استعمال ڪندا آهن- جئن ته شاهه ڀٽائي، شاهه گودڙيون، شاهه پنجو، شاهه جاڙو وغيره.

(2)  هي حيدرآباد سنڌ جي آسپاس ڪنهن ٽڪريءَ ۾ اچي خلوت نشين ٿيو، ۽ بلڪل اڪيلو گذارڻ لڳو. هن ئي پاڻ کي ”ڪلهوڙو“ مشهور ڪيو: ڇو ته ”ڪلهو“ زبان سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ اڪيلي يا تنها کي چوندا آهن، ۽ لفظ ”ڙو“ سنڌي زبان ۾ تصغير ۽ انڪسار لاءِ مخصوص آهي- جئن يتيم کي ’يتيمڙو‘، غريب کي ’غريبڙو‘ ۽ مسڪين کي ’مسڪينڙو‘ چوندا آهن. پاڻ ”ابراهيم ڪلهوڙو“ جي بدران ”ڪوهڪ ڪلهوڙي“ مشهور ٿيو، سو ائين، جئن سنڌيءَ ۾ حيدرآباد واري کي ”حيدرآبادي“، شڪارپور واري کي ”شڪارپوري“ سڏيندا آهن. دراصل حاسدن جو هي هڪ ڪوڙ آهي، جو اهڙيءَ بزرگ هستيءَ کي ”ڪوهڪ“ جي نالي سڏيائون: حقيقتاً هن ”ڪوهڪ“ کي ابراهيم ’ڪلهوڙي‘، يعني ڪلهوڙا والي، سڏيائون.

(3)  دراصل هي نالو ”غَنيہ“ جي وزن تي هو، بمعنيٰ ريشمي چادر: جئن ته احمد بن عيسيٰ بن ’جنيہ‘ محدث هو، ۽ جهالت جي سبب صوتخطيءَ ۾ ”چنيہ“ سنڌي ٿي پيو، ڇو ته هو زبان عربيءَ کان واقف ڪونه هئا- ايتريقدر جو ڪن ”چنه“ (چ- ن-ه) ۽ ”چنا“ لکيو، جو لفظ خاص ڪفش دوزن (موچين) لاءِ آهي؛ عباسين جي شجري ۾ دائودپوٽن وري ”چيني“ لکيو (چ- ي-ن-ي)، غالباً، نقل ڪرڻ وارن ڪاتبن غلطيءَ کان صورتخطيءَ ۾ ”چيني“ لفظ جي ”ي“ کي ”ن“ کان اڳ لکيو، ۽ آهستي آهستي، گهٽائيندي گهٽائيندي، ”چيني“ (سنڌي زبان ۾ - ’هه‘ هوز ڇڏي) لکيائون، جو دراصل ’جنيہ‘ يا ’جنيح‘ هو- والله اعلم.

(4)  قائم ۽ امير احمد ٻئي ڀائر سن 259 هه ۾ ڪيچ مڪران جي رستي کان سنڌ ۾ گڏيا (جدا جدا ٿي آيا)- هنن ٻنهي نالن وچ ۾ لفظ ”’امير‘ احمد“، ذڪر ڪيل مولوي صاحب جي بياض ۾ لکيل آهي. هي لفظ آهي، جو هنن ٻنهين فرزندن سان آهي، سو يا ته سندن لقب طور آهي ۽ سندس نالو ”احمد“ هو، يا ’امير‘ بمعنيٰ حاڪم آهي؛ ڇو ته ”امير- قائم“ يا ”امير- احمد“ عربي نالن مان به آهن- والله اعلم باالصواب.

(1)  هن جو لقب ابو العباس عبدالله آهي، ۽ کيس بني آمين ”باالسفاح“ سڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com