سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :18

مولانا الاهي بخش سلطان ڪوٽي

مولانا مفتي محمد صاحبداد جمالي

حضرت محمد صاحبداد، شيخ الجامعہ ”جامعہ راشيده“، پير جو ڳوٺ، (ضلعو سکر، سنڌ) 1316 هجريءَ ۾ لوڻي ضلعي سبي بلوچستان ۾ تولد ٿيا. سندن والد بزرگوار جو نالو خميسو خان هو. پاڻ جمالي بلوچ آهن. سندن آبائي وطن جهوڪ سيد قاسم شاهه (تحصيل ڀاڳ، ڊويزن قلات) آهي، جتي سندن ڪافي باراني زمينون آهن.

ابتدا ۾، حضرت مولانا، قرآن پاڪ هڪ مشهور اهل الله سيد خواجه محمد شاهه عليه الرحمة وٽ مقام انجڻ شيڊ سبي ۾ پڙهيا. ۽ ٽي درجا اردو ۽ هڪ انگريزي ”برنس سڪول“ سبي بلوچستان ۾ پڙهيا، عربي ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم حضرت مولانا محمد يوسف صاحب عليه الرحمة (متوطن لانڍي فقير صاحبان، تحصيل ڀاڳ، رياست قلات بلوچستان) کان حاصل ڪيائون، ۽ 1326 کان 1330 هجريءَ تائين اتي ئي پڙهيا. ان کان پوءِ، سنڌ جي مختلف ديني عربي مدرسن ۾ مروجه درس نظامي جي تعليم حاضل ڪندي، 1334هه کان 11 ذيقعد 1336هه تائين، ”مدرسه قاسميه“ ڳڙهي ياسين (ضلعو سکر) ۾ حضرت علامه مفتي محمد قاسم صاحب قدس سره کان سند فراغ حاصل ڪيائون. ان بعد، علامه صاحب کين علمي سند عطا فرمائي، ۽ تمام اصول و فروع ۽  معقول و منقول پڙهائڻ جي اجازت ڏني.

حضرت مولانا مختلف هنڌن تي تعليم ڏني آهي: چنانچه پهريائين راڻيپور رياست خيرپور ميرس ۾، حضرت پير سيد علي مدد شاهه صاحب جيلانيءَ جي طلب ۽ حضرت استاد صاحب جي ارشاد موجب، ڪجهه وقت حضرت پير سيد عبدالجبار شاهه صاحب راڻيپوريءَ ۽ مولانا الحاج صاحبڏني صاحب قرنيءَ کي تعليم ڏنائون؛ پوءِ حضرت مولانا محمد حسن (ڪٽباري، بلوچستان) جي اصرار تي، سندن استاد صاحب کين بلوچستان موڪليو. موجوده سجاده نشين ڪٽباري، حضرت مولانا تاج محمد صاحب، ۽ مولانا ميان عبدالحي صاحب ۽ مولانا فخرالدين صاحب مرحوم وغيره، حضرت مولانا صاحب جا شاگرد آهن. 1340 هه ۾ مولانا صاحب سلطان ڪوٽ ۾ مستقل توطن اختيار ڪيو، ۽ حضرت مولانا عبدالباقي صاحب همايونيءَ جي صوابديد تي باقاعدي تدريس، تبليغ، تاليف ۽ افتاء علمي جي نشر و اشاعت جو سلسلو شروع ڪيائين. راقم الحروف الاهي بخش، مولانا ولي محمد صاهب ڪٽباري، مولوي ميان دوست محمد صاحب، ۽ الحاج مولوي عبدالستار صاحب، درس نظاميه جي تڪميل اتي حاصل ڪئي.

مولانا موصوف، ربيع الثاني 1353 هه مطابق جولاءِ 1924 ۾، سنڌ ۽ بلوچستان جي مشهور بزرگ حضرت خواجه محمد حسن صاحب مجددي قدس سره جي انتخاب موجب، خان معظم قلات الحاج مير احمد يار خان صاحب جو استاد، ۽ قاضي القضاة رياست قلات جو مقرر ٿيو، مگر خان موصوف جي شاهانه تلون مزاجي ۽ عدم استقلال ان ۾ مانع ٿي. جلد ئي 31 مئي 1935ع جو تباهه ڪن زلزلو آيو، جنهن ڪوئٽيا ۽ قلات کي سخت نقصان پهچايو، ۽ حضرت مولانا جو ڪوئٽيا وڃڻ مشڪل ٿي پيو. آخرڪار، سندن توجهه ڇڪائڻ تي، خان معظم، قلات ۽ ڪوئٽيا مان سندن اڪثر قيمتي ڪتاب ڪڍرائي سلطان ڪوٽ ڏياري موڪليا. خان معظم جا مولانا موصوف سان تعلقات اڄ ڏينهن تائين نهايت خوشگوار آهن. خان معظم، حضرت مولانا جي قلات ۽ ڪوئٽيا جي دوران قيام ۾، سندن شادي هڪ ممتاز سردار خاندان مان ڪرائي، جنهن مان کين چار صاحبزادا آهن، جي هن وقت سنڌ مدرسته الاسلام ۽ سنڌ مسلم ڪامرس ڪاليج ڪراچي ۾ تعليم وٺي رهيا آهن.

سندن تصنيفات جو سلسلو قائم آهي. اهو سلسلو هڪ ماهوار رسالي ”الهمايون“- حضرت ”هماء“ همايوني عليه الرحمة جي يادگار- ۾، رجب 1342 هه کان 1345 هه تائين جاري رهيو. علماء حضرات ۽ مشائخ ڪرام جي اصرار تي، ماهنامه ”الاسلام“، سلطان ڪوٽ مان، 1935 کان 1938ع تائين، چار سال جاري رهيو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ ٻيون تصنيفون به شايع ٿينديون رهيون- جن مان قابل ذڪر هي آهن: (1) البلاغ المبين، (2) الحق الصريح، (3) سيف الرحمٰن عليٰ اعداء القرآن، (4) السيف المسلول عليٰ اعداء آل الرسول، (5) اقامةالبرهان، (6) الصارم الرباني عليٰ کرشن القادياني، (7) فتاويٰ الهمايوني، (8) عشره عاملہ، (9) مدلل فتويٰ جواز عرس و ميلاد، (10) اخلاق النبي صلي الله عليہ وسلم، (11) سماع موتيٰ جو مدلل بحث، (12) وهابي شفاعت جا منڪر آهن، (13) گستاخ وهابين جا جواب، (14) التوسل به سيد الرسل الي خالق الکل – اردو ۾، (15) ست پرڪاش –آرين جي ترديد ۾، (16) مطالبه حق – آرين جي ترديد ۾، (17) اردو ۾ رسالو، اهم فتويٰ، بابت احڪام رويت هلال ۽ نماز ۾ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال ڪيئن آهي، (18) تعمير مساجد کا اهم فتويٰ – اردو ۾، ۽ (19) رساله تعداد ازواج.

مولانا موصوف، 1939 ۾، مذهبي نقطه نظر کان، مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ڪري، ڪانگريس حڪومت جي خلاف مسجد منزل گاهه سکر جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتو، ۽ اتمام حجت لاءِ سنڌ جي ڪانگريسي وزيراعليٰ خان بهادر الهه بخش سومري کي 16 آگسٽ 1939 تي مسجد جي واگذاريءَ، مسلمانن جي حقن جي احترام ۽ تحريڪ جي نتائج کان خط لکي آگاهه ڪيو؛ مگر افسوس جو موصوف ڪو به توجهه نه ڏنو! ان کان ٿورو عرصو بعد سنڌ ۾ ڪانگريس وزارت جو خاتمو ٿيو، مگر ليگين جن مڪروهه شرطن سان وزارت قبول ڪئي، ان کان به مولانا بيزاريءَ جو کلم کلام اظهار ڪيو- ڇاڪاڻ جو مولانا جو مقصود خدا تعاليٰ جي خوشنودي هئي، نه سياسي يا دنياوي مفاد.

مولانا موصوف سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ ڳچ وقت تائين دينيات جي تعليم ڏيندا رهيا آهن، ۽ 1952ع ۾ انهيءَ خدمت کان سبڪدوش ٿيا.

پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ مولانا صاحب کي سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي ”جميعة اهل سنت“ جو صدر مقرر ڪيو ويو.

موجوده حضرت پير صاحب پاڳاري مدظله، گادي نشينيءَ کان پوءِ، پنهنجي جماعت ۽ عام مسلمانن جي ديني سڌاري لاءِ، ”جامعه راشديه“ جي نالي سان هڪ عظيم الشان درسگاهه قائم ڪيو، ۽ حضرت مفتي محمد صاحبداد صاحب کي ’جامعه راشديه‘ جو شيخ الجامعه مقرر ڪيو. مدرسه ’جامعه راشديه‘، درگاهه شريف پير جو ڳوٺ، ضلعو سکر سنڌ، حضرت پير سائين قبلي جي سايي هيٺ، حضرت مفتي صاحب ۽ ٻين جي ڪوششن سان، ترقيءَ جون منزلون طي ڪري رهيو آهي.

 


 

شهاب الدين چشتي

 

مولانا عبدالڪريم چشتي

 

شڪارپور جو مشهور قومي اڳواڻ مولانا محمد عبدالڪريم چشتي، سن 1898ع ۾ شهر شڪارپور ۾ ڄائو. ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ خليفي حاجي عبدالغفور وٽ قرآن شريف جي تعليم لاءِ ويٺو؛ 1906ع ۾ قرآن شريف جي تعليم پوري ڪري، 1910ع تائين سنڌي ۽ اردو تعليم وٺندو رهيو، جنهن کان پوءِ عربي ۽ فارسيءَ ۾ مشغول ٿيو؛ ۽ سن 1918ع ۾ سيالڪوٽي نصاب ختم ڪيائين. مولانا مولوي غلام رسول صاحب چشتيءَ صرف نحو ۽ ابتدائي مرحلا کيس طي ڪرايا؛ وڌيڪ حضرت مولانا علامه عبدالرحمان صاحب ميمڻ، صدر معلم ”وڪٽوريه عربي اسڪول“، وٽ فقہ، اصول، حديث، تفسير، ادب ۽ منطق پڙهي ختم ڪيائين. 1917ع ۾، سندن والد صاحب هن جهان فاني مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿي ويو، پر مولانا صاحب هي صدمو سهي به پنهنجي تعليم کي لڳو رهيو. ان تعليم سان گڏ، مولانا چشتي صاحب طب جو علم به حاصل ڪري ورتو.

ان بعد، مولانا پنهنجو طبابت جو دڪان کوليو. سن 1917ع ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت جي ”انڊين هوم رول ليگ“، ۾ شامل ٿيو، ۽ ملڪ جي آزاديءَ واري ميدان ۾ قدم وڌائين.

جنهن کان پوءِ، 1918ع جي آخر ۾، ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو. ساڳئي وقت، پنهنجي استاد مولانا عبدالرحمان عليہ رحمة سان مشوري ڪرڻ کان پوءِ، ”انجمن مجاهدين اسلام“ برپا ڪيائين، جنهن جو مقصد هو ته ”اسلامي وڏن ڏينهن تي دين جي وڏن بزرگن جون حياتيون ٻڌايون وڃن“. انهيءَ انجمن قريباً ٻه ورهيه خوب خدمت ڪئي. 1919ع ۾ جيئن خلافت ڪاميٽي قائم ٿي، ته مولانا صاحب ان جو ميمبر ٿيو، ۽ 1920ع ۾ مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو. ”قطع تعلقات“ جي هلچل ۾ ٽي ڀيرا جيل ويو – پهريون ڀيرو فوجداري ڏوهه (بنا اجازت جلوس ڪڍڻ) ۾ جيڪب آباد مان هڪ مهينو جيل؛ ٻيو ڀيرو 144 قلم جي نافرمانيءَ سببان 4 مهينا ميهڙ مان جيل؛ ۽ ٽيون ڀيرو 108 قلم سان بغاوت جي ڏوهه هيٺ نصيرآباد مان ٻارهن مهينا جيل جي سزا سٺائين.

مولانا صاحب ٽي ورهيه، بنا ڪنهن پگهار جي، ڪانگريس ۽ خلاف جو سڄيءَ سنڌ ۾ ڪم ڪيو. 1921ع ۾ مولانا ”مدرسه محموديه“ جو بنياد وڌو، جنهن کي پورا ڇهه ورهيه مولانا قائم رکيو، ۽ جنهن جو ڪڏهن به ڪو عيوض نه ورتائين. 1923ع جي ٻئي ڀيري واري جيل جي وقت ۾، مولانا جي پهرين گهر واري ۽ سندس فرزند برڪات احمد رحلت ڪري ويا. مولانا صاحب وري ٻي شادي 1928ع ۾ ڪئي، ۽ وري ٽين شادي 1948ع ۾ ٻي گهر واريءَ جي رحلت ڪرڻ سبب ڪيائين. ان پوئين گهر مان ٻه ڌيئون ۽ هڪ پٽ ڄائس.

1924ع ۾ مولانا صاحب شڪارپور جي مشهور ”انجمن اشاعت اسلام“ جو بنياد وڌو، ۽ اڄ تائين خدا ڪارڻ پوري جوش سان انجمن جي خدمت ڪندو رهي ٿو. مولانا صاحب ڪيترو وقت سموريءَ سنڌ ۾ سوراج، سوديشي ۽ هند-مسلم، ايڪتا جو پرچار ڪندو رهيو. ’ڪامل آزادي‘ سندس متو رهيو آهي. وطن سان بيحد محبت اٿس. هڪ طرف کان هن جو ملڪي عشق عجيب آهي، ته ٻئي طرف کان هي 1921ع کان وٺي تبليغ، تجارت ۽ اصلاح رسوم تي وعظ پيو ڪندو اچي- خصوصاً 1924ع کان وٺي تبليغ ۽ تنظيم ۾ مولانا ڏاڍو گهڻو ڪم ڪيو آهي. 1927ع ۾ آرين جي مقابلي ۾ مولانا قلم ۽ زبان سان جيڪو عظيم جهاد ڪيو سو هميشہ ياد رهندو.

آگسٽ 1927ع ۾، مولانا جيڪب آباد مان ”صداقت“ اخبار جاري ڪئي، جا پنجن مهينن کان پوءِ مسٽر ٽانوريءَ (ايڊيٽر ”الحنيف“) جي حوالي ڪيائين. ”صداقت“، مولانا جي ايڊيٽري وقت ڏاڍي مشهور ۽ مقبول عام هئي. ان بعد مولانا 1929ع ۾ شڪارپور مان ”پيغام“ اخبار جاري ڪئي، مگر ڪم فرصتيءَ ۾ ۽ کوٽ سببان ڇهن مهينن کان پوءِ ”پيغام“ جي اشاعت باقاعدي جاري نه رهي سگهي.

1926ع ۾ مولوي صاحب حج تي ويو. سنڌ-خلافت-ڪاميٽيءَ جي وفد، اتي رهڻ واري وقت ۾، ”خدام الحجاج“ جو کيس پريزيڊنٽ مقرر ڪيو. هن ويندي، ايندي، ۽ حجاز ۾، ڪل 396 بيمار ماڻهن جي مفت دوا ڪئي، ۽ مديني پاڪ ۾ ’خلافت‘ طرفان قريباً ويهه هزار رپيا تقسيم ڪيا. مولانا جي عرب جي بادشاهه، گورنرن، ۽ اتان جي عالمن، پيرن ۽ معززن ڏاڍي مرحبا ڪئي ۽ دعوتون ڪيون. ان بعد 1932ع ۾ ٻيو حج ڪيائون، وري 1934ع ۾ ٽيون حج ڪيائون، ۽ چوٿون حج 1944ع ۾ ڪيائون.

مولانا عبدالڪريم صاحب پنجونجاهه کن عمدا عمدا ڪتاب پڻ تصنيف ڪيا آهن، جن مان ست فارسيءَ ۾ لکيل آهن ۽ باقي سنڌيءَ ۾ لکيل آهن. اهي سڀ ڪتاب ڇپجي مقبول عام ٿي چڪا آهن. ڪي ڪتاب ته ٻه ٻه ۽ چار چار ايڊيشنون ڇپجي چڪا آهن – جهڙيءَ طرح مولانا مضمون نگاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، تهڙيءَ طرح وعظ توڙي تقريب ۾ به لاثاني آهي: اجمير، ملتان، خانپور، لاهور، دهلي، لکنو وغيره ۾ سندس تقريرون ڏاڍيون پسند پيون. مولانا سنڌ مسلم ائسوسيئيشن جو ميمبر به آهي. تنهن کان سواءِ ڪيترا سال ”سنڌ خدمت ڪاميٽي“ (ڪراچي) جو نائب صدر، ڪيترا سال ”جميعته العلماءِ سنڌ“ (ڪراچي) جو نائب ناظم، ۽ ڪيترا سال ”آزاد قومي پارٽي“ جو نائب ناظم پڻ ٿي رهيو آهي. ان کان سواءِ ”پيغام“ هفتيوار اخبار شڪارپور، ”صداقت“ هفتيوار اخبار جيڪب آباد، ”جمهور“ هفتيوار اخبار شڪارپور، ”الوحيد“ روزانه اخبار ڪراچي، ”آزاد“ روزانه اخبار ڪراچي، ”قرباني“ روزانه اخبار ڪراچي، ”مجاهد“ روزانه اخبار ڪراچي ۽ ”پاڪستان، هفتيوار اخبار لاڙڪاڻي جا ايڊيٽر به رهي چڪا آهن.

سن 1950ع ۾ جيڪا يارهين ”سنڌ ادبي ڪانفرنس“، 9 نومبر 1950ع ۾ منعقد ٿي هئي، تنهن ۾ بالاتفاق ”سحبان سنڌ“ جو خطاب مولانا صاحب جن کي عطا ڪيو ويو هو. ٽي سال شڪارپور ميونسپل جو وائيس پريزيڊنٽ، ۽ چار مهينا پريزيڊنٽ ٿي رهيو آهي؛ ٻارهن ورهين کان ’جي.پِي.“ جو خطاب به اٿس.

گذريل سالن ۾ سنڌ ۽ هندستان ۾ ڪا به اهڙي ملڪي ۽ اسلامي تحريڪ جاري نه ٿي آهي، جنهن ۾ مولانا حصو نه ورتو هجي. مولانا جي دوستن ۽ مخلصن جو شمار ته بيان کان مٿي آهي مثلاً: حضرت علامه مولانا الحاج محمد صادق صاحب، محلو کڏو ڪراچي؛ حضرت مولانا حڪيم فتح محمد صاحب سيوستاني ڪراچي؛ حضرت مولانا مولوي دين محمد صاحب ”وفائي“؛ حضرت مولانا محمد سليمان ’واعظ الاسلام‘، ٿرڙي محبت، ضلعو دادو؛ حضرت مولانا محمد هاشم ’واعظ الاسلام‘،رڪ، ضلعو سکر؛ حضرت مولانا قمر الدين، ڳوٺ منگي، لڳ مدئجي، ضلعو سکر؛ محمد بخش صاحب ”واصف“ مرحوم، حيدرآباد؛ ۽ مرحوم محمد هاشم صاحب ”مخلص“، ميرپورخاص؛ وغيره.

خلد آشيان مولانا حڪيم فتح محمد سيوستانيءَ جي عبدالڪريم چشتيءَ سان محبت هيٺ ڏنل پارسي خطن مان ملاحظه فرمايو، جي اصل خطن جو سچو نقل آهن. اهي خط 24-5-42ع ۽ 30-5-42ع تي مرحوم لکيا هئا.

”محبتي کہ بذات گراميء شما دارم، و مودّني کہ بجنابِ شما وظيفهء قلبِ من است،-“ دلِ من داند و من دانم و داند دل من“. مولانا المحترم، بنده را دلي است بدرد قحط الرجال آشنا، و قلبيي است بقدر فضلاي وقت و اجلال علماي عصر مملو. بنابر اين يقين دانيد کہ امثالِ شما، زينت محلِ وقوع قلبِ من است. شما محبوبِ منيّد، و من محبِ شما: من مخلصِ شمايم، و شما مطمحِ نظرم. در اين دور پُرجور و زمان پراگنده و پريشان بعض شخصيات مشخصه و اکابر مخصصه، منجمله مغتنماتِ وقت اند واز زمرهء نعماتِ حق. گمانم ميرود بلکہ يقينم ميشود کہ در قرب اوقات و اسرع ساعات وجود آنها عنقا خواهد شد، و چشمهاي جوينده از لقاي آنها محروم خواهند ماند!،

(2)- ”مولانا صاحب، ندانيد کہ آنچہ در مکتوبِ سابق از جذباتِ صادقانہء خود نوشتہ ام گونہ نمائشي کرده ام، بلکہ حقا کہ از صميم قلب است آنچه حوالہ قلم نموده ام چونکہ در تهيہء رخت سفرِ آخرت مصروفم، و ميدانم کہ پيمانہ حيات بي ثبات قريب بلبريزي است و عمرم نا تمام نزديک به تمام است، مناسب دا نستم کہ جذباتِ مخلصانه کہ بجانبِ دوستانِ جان و احبابِ لاثان دارم، در اظهارِ آنها دريغ نکنم.........“

اپر سنڌ ۾ مولانا صاحب جا سوين مريد پکڙيل آهن. سندن آبائي طريقو چشتي آهي، ۽ پاڻ بيعت پنهنجي پيءَ بزرگوار مرحوم آخوند ميان عبدالله جي هٿ تي ڪئي اٿس- سندن خاندان پشت بپشت پنهنجي والد بزرگوار جي هٿ تي بيعت ڪندا آيا.

مولانا صاحب پنهنجي عمر جي وقت ۾ سير و زيارت مقامات مقدس – عراق، نجف اشرف، بغداد، کربلا معليٰ، وغيره به ڪري آيا آهن.

هن وقت مولانا صاحب ميونسپل ميمبر، جي.پي. شهر شڪارپور، نيو ايرا هاءِ اسڪول جو چونڊيل پريزيڊنٽ، ”مدرسه محموديه“ عربيءَ جو صدر، ”جميعته علماءِ اسلام“ شڪارپور جو صدر، ”انجمن اهل سنت“ شڪارپور جو صدر، ”انجمن اطباء“ شڪارپور جو نائب صدر، ۽ سنڌ جي مشهور جامع دينيه ”دارلاهديٰ“ ٺيڙهي شريف جو نائب صدر آهي.

مولانا عبدالڪريم چشتي پنهنجي وقت جو هڪ مشهور اديب به آهي. هن صاحب اڄ تائين ڪل پنجونجاهه ڪتاب لکيا آهن، جن مان 48 سنڌي آهن ۽ 7 فارسي آهن. مولانا صاحب جي ڇپايلن ڪتابن ايتري ته مقبوليت حاصل ڪئي، جو ٽي ٽي، چار چار ۽ پنج ڇهه دفعا ڪتاب ڇپبا رهيا! سڀني ڪتابن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي.

سنڌي: (1) هدايات محمدي، (2) انوار محمدي، (3) حالات محمدي، (4) ڪمالات محمدي، (5) احسانات محمد، (6) وصال محمدي، (7) حبيب خدا، (8) آئينه حق، (9) تلوار حق، (10) آفتاب حق، (11) صراط المستقيم (12) برهان رباني، (13) حجت حقاني، (14) اهليت المومنين (15) شهيد ڪربلا، (16) قضيهء ڪربلا، (17) امام اعظم، (18) امام شافعي، (19) محبوب سبحاني، (20) امام رباني، (21) سلطان الهند، (22) بيان المعراج، (23) نور خدا، (24) جواهرات، (25) تعليم الاسلام (26) مجاهد اسلام، (27) اولياء اسلام، (28) رهبر حج، (29) علامات قيامت، (30) امير معاويه، (31) تقديس الرسول، (32) پيغام محبت، (33) جواب لاجواب، (34) عملن جو انجا، (35) مجموعہ وظائف، (36) ڪتاب النڪاح، (37) هدايت المسلمين، (38) ميلاد نبي، (39) باطل نبوت، (40) طاهرات، (41) قرآني دعائون، (42) پيغمبري دعائون، (43)مجربات چشتيه، (44) پنج- سوره مترجم، (45) شفاءُ الاسقام، (46) عبدالڪريم، (47) معجزات محمدي.

فارسي: (1) قرب قيامت، (2) معامله باغ فدڪ، (3) القول المقبول، (4) القول الاظهر، (5) التقلين والهداية، (69 ڪشف الغطاء، ۽ (7) رافع الحجب.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

مخدوم امير احمد

مخدوم امير احمد صاحب جو تعلق رياست خيرپور جي شهر کهڙن جي مشهور مخدوم خاندان سان آهي، جن سنڌ ۾ اسلامي شريعت کي رائج ڪرڻ ۾ جاني توڙي مالي قربانيون ڪيون، ۽ هن ملڪ ۾ علم جا درياهه وهايا. سندن نسب هن ريت آهي: امير احمد، بن مخدوم احمدي، بن مخدوم عصمت الله، بن مخدوم احمدي، بن مخدوم محمد عاقل، بن مخدوم احمدي، بن مخدوم عبدالرحمان شهيد: ان کان مٿي نسب جو سلسلو حبر الامة حضرت عبدالله بن حضرت عباس، رسول پاڪ جن جي سوٽ سان لڳي ٿو.*

مخدوم صاحب، سن 1901ع ۾ کهڙن جي شهر ۾ ڄائو؛ 1912ع ۾ سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿي، 1916ع ۾ درجو چوٿون پاس ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ سردار محمد ابراهيم شيخ کي ناز هاءِ اسڪول کي زور وٺائڻ جو خيال هو، تنهنڪري سندس حڪم هو ته رياست جي حدن اندر جتي به هوشيار ڇوڪرو ڏسجي، انهيءَ کي زبردستيءَ وٺي ناز هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرائجي، ۽ سندس سمورو خرچ، کاڌي پيتي ۽ ڪتابن وغيره سميت، رياست طرفان ادا ڪيو وڃي.

جيئن ته مخدوم صاحب شاگرديءَ واري زماني ۾ هميشہ پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر هوندو هو، تنهنڪري کيس به رياست جي انهيءَ حڪم موجب 1916ع ۾ ناز هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. مخدوم صاحب هاءِ اسڪول ۾ فقط هڪ هفتو رهيو، پر پوءِ والدين جي مرضي نه هئڻ سبب سندس نالو اتان ڪڍايو ويو. ان بعد، کهڙن ۾ حافظ محمد سليمان وٽ قرآن شريف ياد ڪرڻ لاءِ کيس ويهاريائون، جتي هُن ٻه سيپارا ياد ڪيا. پوءِ اتان به ڇڏائي، کيس مولوي بخشعلي صاحب وٽ فارسي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. مولوي بخش علي صاحب اصل ٽنڊي شهبازي _ضلعو دادو) جو ويٺل هو، مگر انهن ڏينهن ۾ کهڙن ۾ رهندو هو، ۽ مخدومن جي مسجد جي لڳ مخدومن جي قديمي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. اتي ٽي مهينا مولوي صاحب وٽ پڙهيو، ۽ مولوي صاحب فوت ٿي ويو. ان بعد وري به حافظ سليمان وٽ ڪجهه وڌيڪ فارسيءَ جا ڪتاب پڙهيائين. انهيءَ کان پوءِ، ساڳئي مدرسي ۾ مولانا محمد هاشم صاحب انصاري ڦلجيءَ واري کي آڻي وهاريائون، تنهنڪري مخدوم صاحب به حافظ سليمان وٽان ڇڏي وڃي مولوي صاحب وٽ پڙهڻ شروع ڪيو، جتي پنهنجي اعليٰ ذهن ۽ ذڪاوت سان مخدوم صاحب فارسيءَ جو مروج نصاب اٺن مهينن ۾ پورو ڪيو، ۽ عربيءَ جو سمورو نصاب صرف چئن سالن ۾ پورو ڪيائين. مولانا محمد هاشم صاحب، مولانا محمد حسن جوهيءَ واري جو شاگرد آهي؛ مولانا محمد حسن وري مولانا عبدالرحمان ڌامراهي جو شاگرد هو، ۽ اهو مولانا نظر محمد ڀُنگ واري جو شاگرد هو.

فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ، مخدوم، تقريباً ٻه سال پنهنجي ڳوٺ رهي، ساڳئي مخدوم صاحبن واري قديمي مدرسي ۾ درس و تدريس جو شغل جاري رکيو. وٽس پري پري کان شاگرد اچي جمع ٿيا. شهر جا ماڻهو دل و جان سان مدرسي جي خدمت ڪرڻ لڳا، پر مائٽن جي ناسازيءَ سبب حالتون اهڙيون پيدا ٿيون، جو شهر کي خيرباد چئي، سن 1926ع ۾، نوشهري فيروز ۾ وڃي، اتي جي مشهور حڪيم قاضي ميان احمدي جي تعاون ۽ مدد سان، قاضين جي مسجد ۾ مدرسو کوليائين. مخدوم صاحب ڇهه سال نوشهري فيروز ۾ انهيءَ عربي مدرسي ۾ پاڙهيندو رهيو، جتان ڪافي طالب علمن فائدو ورتو. سندس انهيءَ وقت جي شاگردن مان مولوي عبدالحق شڪارپوري (هي به کهڙن ۾ پڙهيو)، پير فضل احمد صاحب سرهندي شڪارپوري، حڪيم قاضي عبدالهادي نوشهرائي، مولوي محمد صادق ٻرڙو ٺارو شاهي، ۽ مولوي دائود صاحب ڀاڻ پوٽو ٻگهيو (هيءُ به کهڙن ۾ پڙهيو: ويٺل ڳوٺ ”دودي ٻگهئي جا ڀاڻ“، تعلقو مورو) قابل ذڪر آهن.

مخدوم صاحب انهيءَ وقت ۾ پنهنجي شوق سان قرآن پاڪ به ياد ڪيو، جنهن ۾ کيس جملي اَٺ مهينا لڳا.

12 مئي سال 1932ع ۾، انهيءَ وقت جي هيڊ ماستر مسٽر انصاريءَ جي ڪوشش ۽ شوق سان، مخدوم صاحب نوشهري فيروز جي گورنمينٽ مدرسي هاءِ اسڪول ۾ پهريون عربڪ ٽيچر مقرر ٿيو. نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول ۾ اهو پهريون ئي سال هو، جو چوٿين درجي انگريزي کان عربي پڙهائڻ شروع ڪئي ويئي هئي. راقم ان وقت چوٿين درجي ۾ هو، ۽ اها اسان جي ڪلاس جي خوش قسمتي هئي جو مخدوم موصوف جهڙو لائق استاد اسان کي مليو، جنهن عربي ٻوليءَ لاءِ اسان ۾ هڪ خاص ذوق پيدا ڪيو. انهيءَ ابتدائي ذوق جي ئي برڪت هئي، جو ايم.اي. تائين راقم عربيءَ جي تعليم ورتي.

سال 1938ع ۾، نوابشاهه جي لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر حاجي مهر علي خواجه جي سشش ۽ ڪوشش سببان، مخدوم صاحب نوشهري مدرسي کي الوداع چئي، نوابشاهه لوڪلبورڊ اي.وي. اسڪول ۾ عربڪ ٽيچر مقرر ٿيو. هتي پڻ مخدوم صاحب پهريون ئي عربڪ ٽيچر هو. اسڪول جي ترقيءَ لاءِ مخدوم صاحب، مسٽر خواجه جو چڱيءَ طرح ٻانهن – ٻيلي ٿي بيٺو. بورڊنگ هائوس جي چارج سندس حوالي هئي. هاءِ اسڪول ٿيڻ کان پوءِ، اسڪول جو پهريون باغ به سندس ئي ڪوششن سان رکايو ويو.

سال 1944ع ۾، حيدرآباد سنڌ ۾ ”جامع عربيہ“ جي عربي ڊپارٽمينٽ جو (عربي يونيورسٽي) قائم ٿيڻ لاءِ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ مخدوم صاحب نوابشاهه لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول پاران شرڪت ڪئي، ۽ عربيءَ جي مروج نصاب ۾ ترميم تبديل ڪرڻ تي تمام مؤثر ۽ مدلل تقرير ڪيائين، جا سڀني کي وڻي؛ جنهنڪري جلد ئي سال 1945ع ۾ کيس ”جامعہ عربيہ“ جي عربي ڊپارٽمينٽ جو سربراهه ڪري مقرر ڪيو ويو. 1946ع ۾، ”جامعہ عربيہ“ جو پهريون پرنسپال مقرر ٿيو، ۽ انهيءَ ئي سال مخدوم صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر پڻ نامزد ڪيو ويو.

مخدوم صاحب 1952ع ۾ حرمين شريفين جي زيارت جو شرف به حاصل ڪيو. ساڳئي سال ”سنڌ اورنٽيل ڪاليج“ جو پهريون پرنسپال مقرر ٿيو. انهيءَ عهدي تي صاحب موصوف اڃا تائين قائم آهي. سال 52-1951ع ۽ 53-1952ع ۾ کيس ”مسلم گرلس ڪاليج“ ۾ پارٽ ٽائيم – ٽيچر جي حيثيت سان بي.اي. آنرس جي ڪلاس کي عربي پاڙهڻ تي مقرر ڪيو ويو. سندس هڪ شاگردياڻي سڄي يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر آئي. سال 1955ع ۾ سندس ڪوششن سان ”اسلاميه ماڊرن هاءِ اسڪول“ قائم ٿيو، جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري آهي. انهيءَ کان سواءِ، حمايت الاسلام هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج، حيدرآباد، جي قيام ۾ به سندس مشورن کي ڪافي دخل آهي؛ پڻ ”حمايت الاسلام“ ائسوسيئيشن جو هڪ سرگرم رڪن آهي. ساڳئي وقت، ”سنڌ طبيه ڪاليج“ جي مجلس عامله ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ توڙي سنڊيڪيٽ جو به ميمبر آهي.

مخدوم صاحب سنڌ جي چوٽيءَ جي عالمن ۽ اديبن مان آهي. عربي لغت توڙي ادب ۾ ڪافي دسترس اٿس، ۽ شايد ئي ڪو ٻيو سنڌي عالم اهڙيءَ اهليت جو مالڪ هجي. بنده راقم جهونا ڳڙهه ۾ پڙهندو هو، ۽ ان وقت انٽر آرٽس جي عربي ڪورس لاءِ ”اِبن دُرَيد، جو مشهور قصيدو – جو ”مقصوره ابن دريد“ جي نالي سان مشهور آهي- رکيل هو. هي قصيدو نه صرف ڪلاسيڪل رنگ ۾ لکيل، پر نهايت مشڪل عربي لفظن، محاورن ۽ استعارن سان ڀريل آهي – ڇاڪاڻ ته ابن دريد عربي لغت جو ڄڻ امام هو، ۽ انهيءَ ڪري گهڻا ڏکيا الفاظ ڪم آندا اٿس. مون ڪاليج جي ڪلاسن کان سواءِ پنهنجي روء به هن قصيدي کي سمجهڻ ٿي چاهيو؛ انهي4 ڪري وئڪيشن ۾ نوابشاهه وڃي مخدوم صاحب جن کان هن ”مقصوره“ پڙهڻ جو ارادو ڪيم. البت دل ۾ اهو شڪ هو ته هيءُ ڪاليج جو ڪتاب شايد مخدوم صاحب پڙهائي نه سگهي: منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن مخدوم صاحب بنا تڪليف جي هي سڄو مقصوره مون کي لفظ بلفظ ڪري سمجهايو! مون وٽ فقط هڪ ڪتاب هو، جو آءٌ پنهنجي آڏو کولي ويهندو هوس: مخدوم صاحب سامهون ويٺو هوندو هو، ۽ انهيءَ اُبتي رکيل ڪتاب کي ڏسندو ۽ پڙهائيندو هو؛ فقط ڪي جزوي لفظ هئا، جن لاءِ عربي لغت جو ڪتاب ڏسندو هو. سندس عربي ادب جي لياقت سببان، کين گذريل سال سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان، عارضي طور، يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي عربيءَ جي ڪن ’پيرڊن‘ پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هو صاحب بي.اي. آنرز توڙي ايم.اي. جا ڪي ڪتاب پڙهائي ٿو.

مخدوم صاحب جن نوشهري واري زماني کان انگريزي زبان کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ آهستي آهستي پاڻ ۾ هڪ مئٽريڪيوليٽ جيتري لياقت پيدا ڪيائون. هن وقت سندن انگريزي لياقت رواجي گرئجويٽ کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهي.

مخدوم صاحب جن جو سنڌي ادب ڏانهن به شروع کان ئي لاڙو هو. نوشهري مدرسي خواهه نوابشاهه هاءِ اسڪول ۾ ”بزم مشاعره“  قائم ڪيائون، جنهن جا پاڻ صدر هئا. نوشهري مدرسي ۾ آءٌ اتي جي بزم جو سيڪريٽري هوس. مخدوم صاحب جن اسان جي نظمن جي نهايت سهڻي اصلاح ڪندا هئا، ۽ پاڻ به اعليٰ نظم پڙهندا هئا. هينئر کانئن معلوم ٿيو ته نظم نويسيءَ جو ذوق کين باقي نه رهيو آهي- ايتريقدر جو پنهنجي نظمن جي ڪتاب کي محفوظ رکڻ جي به ضرورت محسوس نه ڪيائون. حيدرآباد ۾ اچڻ بعد، مخدوم صاحب جن سنڌي ادب جي اڪثر حلقن ۾ حصو ورتو آهي. سندن مضمون ’شاهه عبداللطيف يادگار مخزن‘ توڙي ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. ’اورينٽل ڪاليج“ مخزن سندن رهنمائيءَ هيٺ شايع ٿئي ٿي. مخدوم صاحب جن گذريل چئن سالن ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان فارسيءَ ۾ لکيل سنڌ جي ٽن مشهور تاريخي ڪتابن – ”فتحنامہ“، ”تاريخ معصومي“ ۽ ”تحفة الڪرام“ جو سليس زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي. اهو ادبي ۽ تحقيقي ڪم مخدوم صاحب جن جي علمي لياقت جي ساک ڀري ٿو. هن وقت مخدوم صاحب، سنڌي ادبي بورڊ طرفان، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي عربيءَ ۾ لکيل مشهور ڪتاب ”حيات القاري في اطراف صحيح بخاري“ کي ايڊٽ ڪري رهيو آهي. حديث جي سلسلي ۾ هيءُ هڪ مشڪل فني ڪتاب آهي، مگر مخدوم صاحب جن حديث جي علم تي هڪ جامع نظر رکن ٿا ، ۽ اميد آهي ته هن ڪتاب جي تصحيح ڪري، ان کي ڪاميابيءَ سان ايڊٽ ڪندا.


*  ڏسو سوانح ”مخدوم عبدالرحمان شهيد“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com