سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :7

مولوي محمد هالائي

 

مولانا حاجي محمد هالائي

 

مولانا مولوي حاجي محمد مرحوم هالائي ابن آخوند محمد اسماعيل ابن آخوند دين محمد، ساڪن هالا پراڻا ضلعو حيدرآباد، تاريخ 27 رمضان المبارڪ 1276 هه ۾ تولد ٿيا. شروعات کان ئي کين تحصيل علم جو گهڻو شوق هو. چنانچه صرف و نحو جا ڪتاب مرحوم مولانا مولوي خليفي حاجي عبداللطيف صاحب ساڪن هالا نوان کان پڙهي، پاٽ ضلعي دادو ۾ مرحوم مولانا مولوي حسن الله صاحب پاٽائي جن وٽ وڃي ڪجهه وقت پڙهيائون. ان کان پوءِ حيدرآباد سنڌ ۾ اچي، مرحوم مولانا مولوي محمد حسن صاحب ڪنڊي وارن وٽ جملي درسي ڪتاب نصاب مطابق پڙهي فارغ ٿيا، ۽ اتي ئي پنهنجي مشفق استاد جي ارشاد موجب 2-3 سال درس ڏيندا رهيا. ان بعد پنهنجي وطن اچي درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائون.

مولانا حاجي محمد صاحب مرحوم ربيع الاول 1309هه  ۾ حج بيت الله جو سفر اختيار ڪيو، ۽ اتي مسلسل 12 مهينا قيام ڪيو. انهيءَ عرصي ۾ مولانا عبدالحق صاحب الله آبادي مهاجر کان اوّليات احاديث پڙهي، حديث، فقہ جي باقاعدي سند ۽ اجازت ورتائون، ۽ پوءِ پنهنجي وطن واپس اچي ديني خدمات ۽ تدريس علم ۾ مصروف رهيا. مولانا مرحوم جو مدرسہء محمديه اڄ تائين موجود آهي، جنهن مان هزارين طالب فيضياب ٿي ويا اهن ۽ ٿيندا پيا وڃن.

مولانا مرحوم جي طبع جلالي ۽ بيپرواهه هوندي هئي. پاڻ وقت جا مسلّم عالم ۽ مفتي هئا. علاوه ازين حديث، فقہ ۽ علم تصوف جا به نڪته دان ۽ نڪته سنج هئا. مثنوي مولانا روم رحه ۽ مڪتوبات امام ربّاني تي کين گهڻو عبور حاصل هو. وقت بوقت تصوف جي باريڪ نڪتن ۽ رموز تي حضرت مولانا و هادينا مرحوم خواجه حافظ محمد حسن صاحب سرهندي  مجددي دامت برڪاتهم جن سان سندن بحث مباحثا ۽ خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. اهڙيءَ طرح سان مسائل فقہ ۾ به حضرت علامه مولانا عبدالغفور صاحب همايوني جن سان سندن نوشت و خواند بطور مباحثه رهندي هئي. پاڻ پهرين حضرت مولانا شيخ ولي محمد بن شيخ محمد اسحاق ساڪن ملاڪاتيار جا مريد ٿيا هئا، مگر انهن جي وفات بعد وري حضرت خواجه آقا مولانا حاجي عبدالرحمان سرهندي مجددي ٽکڙائي جن جي بيعت ڪيائون. مولانا مرحوم نقشبندي طريقي جا هئا. پاڻ پرهيزگار، تهجدگذار، شب خيز ۽ بي ريا عالم هئا. ڪنهن به صاحب ثروت ۽ مالدار جي پاس خاطري نه ڪندا هئا ۽ هميشہ توڪل علي الله رهي پنهنجو وقت گذاري ويا. مولانا مرحوم جي وفات 4 ربيع الثاني 1336هه ه فالج جي عارضي ۾ ٿي- انا لله وانا اِليہ راجعون. سندن مزار هالا پراڻا ۾ مرجع خلائق آهي. برّد الله مضجعہ و طاب الله ثراه وجعل الجنة مثواه.

مولانا حاجي محمد مرحوم پنهنجون ڳچ تصنيفون ڇڏي ويو آهي، جن مان هيٺ ڄاڻايل ڪافي مشهور آهن:

(1) الفتاويٰ المحمديه في احڪام الاحمديه (عربي ٻه جلد)، (2) فتاويٰ احمديه (سنڌي)، (3) خلاصته الاثار المحمديه والاخبار الاحمديه (عربي)، (4)حقوق الزوجين (سنڌي)، (5) شرح ماءة احاديث (سنڌي)، (6) مسائل اربعين في سنة سيد المرسلين، (7) رموزالفرقان (سنڌي)، (8) المسائل الخمسة في دفع توهمات الشيعہ (سنڌي)، (9) تمام العناية ترجمہ بداية الهداية (سنڌي)، (10) رساله در امور طبعيہ، (11) حل الترڪيب منطق (عربي)، (12) رودايه (عربي و سنڌي)، (13) قصه بيبي بلقيس (سنڌي)، (14) ڪشف الجان (سنڌي)، (15) خلاصة الاصول، (16) عشرين مسائل فارسي، (17) رموز الفرقان (سنڌي)، (18) فيض الصمد ترجمہ ”ايها الولد“ (سنڌي)، (19) رساله در معرفت نبض و قاروره، وغيره.

مولانا مرحوم جي همعصرن ۾ هيٺين بزرگن جا اسماء گرامي قابل ذڪر آهن: حضرت علامه مولانا مولوي عبدالغفور صاحب همايوني عليہ الرحمة، (2) مولانا مولوي حاجي لعل محمد صاحب مرحوم متعلوي، (3) مولانا المرحوم مولوي عبدالرزاق صاحب بوبڪائي، (4) مولانا المرحوم مولوي مفتي محمد سعدالله صاحب خيرپوري، (5) مولانا المرحوم مولوي عبدالرزاق صاحب بختيارپوري، (6) حضرت مولانا المرحوم مولوي غلام محمد صاحب ملڪاڻي، (7) حضرت مولانا المرحوم مولوي قاضي سيد حاجي اسدالله شاهه صاحب ٽکڙائي، ۽ (8) مولانا مولوي قاضي علي محمد صاحب هالائي، وغيره.

مولانا مولوي حاجي محمد صاحب مرحوم جي چند نامياري شاگردن جا نالا هي آهن:

(1) مرحوم مولوي حاجي عبدالرحمان صاحب سمّوي ساڪن نصپور، (2) مولوي جان محمد مرحوم بختيارپوري، (3) مولوي حڪيم قاضي معين الدين هالائي، (4) مولوي خليفه حافظ حاجي محمد هالائي، (5) مولوي ميان احمد مرحوم هالائي، ۽ (6) حڪيم مولوي ميان عبدالله هالائي، وغيره.

مولانا مرحوم جي تاريخ وفات حضرت مولانا مولوي سيد حاجي اسدالله شاهه صاحب مرحوم ٽکڙائي جن هن طرح رقم فرمائي هئي:

جناب مولوي حاجي محمد محمدت مظهر

مہِ برجِ مکارم مطلع الانوار علامه

به علم و حلم شرع وورع وتقويٰ اوحدو اکمل

قيامِ دين محبّ ايزدِ غفّار علامه

فضائل راز و تحسين فواضل را از و تسکين

نجيّ الله سمّي سرورِ ابرار علامه

به معقولات بي بدلي به منقولات بي همتا

به کشفِ معضلاتِ علم گوهر بار علامه

دراين قحط الرّجال آمد و جودش مغتنم از بس

دريغا رفت از ما احسن الاطوار علامه

شنيده چون نداي ارجعي از عالم غيبي

شده واصل بحق رحلت گزين زين دار علامه

به فضل ايزدي بادا بهين صدرِ نشين جنّت

به ديدارِ خداوندي بود سرشار علامه

بچهارم ربيع الآخر و شب جمع داخل شد

بجنّت خلد تجري تحتها الانهار علامه

چو استفسار رفت از بهرسالِ وصل آن اقدس

”فدا احقر رقم زد مخزن الاسرار علامه

1336 هجري

 

فقير محمد قاسم ڳڙهي ياسيني

 

مولانا عبدالغفور ”مفتون“ مرحوم همايوني

 

مولانا عبدالغفور صاحب جن جي ولادت 1261 هجري ۾ ڳوٺ ”همايون“ تعلقي شڪارپور سنڌ ۾ ٿي. مولانا جو والد بزرگوار حضرت خليفو مولانا محمد يعقوب صاحب شهر ”جهٽ“ بلوچستان جو باشندو هو. ”همايون“ جي هڪ زميندار وڏيري غازي خان سومري جي استدعا موجب ”همايون“ جي ڳوٺ ۾ اچي ديني مدرسو کوليائين، جنهن ۾ پري پري جا طالبعلم پڙهي فيضياب ٿي ويا. مولانا عبدالرحمان صاحب سکرائي، مولانا نور محمد صاحب شهدادڪوٽي، مولانا عبدالستار صاحب ۽ مولانا عبدالله رستمي ۽ ڪيترا ٻيا، مولانا جي مدرسي جا فيضياب طالب هئا.

سندن فرزند مولانا عبدالغفور صاحب به گهڻو علم پنهنجي والد خليفي محمد يعقوب صاحب وٽ پڙهيو. سال 1273 هجري ۾ خليفي صاحب رحلت ڪئي. چنانچه باقي علم مولانا صاحب مولوي سلطان محمد صاحب سيت پوري پنجابي، خليفي محمد يعقوب صاحب جي شاگرد، وٽ پڙهي فارغ النحصيل ٿيو ۽ پنهنجي ڳوٺ ”همايون“ ۾ مدرسو پڙهائڻ شروع ڪيائين. ان بعد مولانا کان سوين شاگرد پڙهي فيضياب ٿي نڪتا.

مولوي عبدالرحيم صاحب شڪارپوري مولوي فاضل محمد صاحب بلوچستاني، مولوي خدا بخش لهڻي، مولوي نبي بخش صاحب ڪولاچي، مولانا محمد مبارڪ صاحب ميان ڳوٺي، مولوي محمد اسماعيل صاحب شاهلي، مولوي محمد يعقوب صاحب (سبي بلوچستان) ۽ ڪيترا ٻيا شاگرد وٽانئن فيضياب ٿيا. مولانا علم جي هر فن ۾ يڪتاي روزگار هو. خصوصاً علم فقہ ۾ سندس نظير سنڌ، هند، بلوچستان ۽ خراسان ۾ به نه هو. بلوچستان جا حاڪم شرعي فيصلن لاءِ شاهي جرگن جي موقعن تي کيس گهرائي کانئس وڏا وڏا معاملا فيصل ڪرائيندا هئا. مولانا جو مُستجاب الدعوات هجڻ ايتريقدر مشهور هو، جو هر طبقي ۽ هر فرقي جا ماڻهو – عالم، پير،، مشائخ، زميندار، ڪامورا، امير، وزير، هندو، مسلمان، پارسي، جوڳي، عوام ۽ خواص- دعا طلبيءَ لاءِ وٽس ايندا هئا. هر وقت سندس دروازي تي مخلوق خدا جو ميڙ لڳو پيو هوندو هو. مولانا مرحوم شعر ۾ به وڏي دسترس رکندو هو. سندس تخلص ”مفتون“ هو. غزلن ۽ ڪافين جو سنڌيءَ ۾ هڪ مجموعو ”ديوانِ مفتون“جي نالي سان ڇاچي ۾ اچي چڪو آهي*. مولانا جو فارسي مجموعه ڪلام، جنهن ۾ سندس 80-90 غزل هئا، سندس هڪ معقد جناب پير صاحب سيد ابو محمد صالح شاهه، خليفي جلال الدين کان وٺي ويو هو. پير صاحب جي وفات کان پوءِ معلوم نه آهي ته اهو ڪلام ڪنهن جي هٿ آيو.

مولانا مرحوم جا ڪي نعتيه شعر بطور نموني جي هيٺ ڏجن ٿا.

مصطفيٰ و مجتبيٰ و محتشم

صاحبِ عز و علا وليء جمله امم

اولينِ کائنات و آخرين ممڪنات

مالکِ حوض و شفاعت صاحب تاج و علم

آن محمد سرور کونين ختم المرسلين

حاکمِ جن و بشر فرماندهء عرب و عجم

آن حبيب ايزد و سالار جمله انبيا

دستگيرِ مستغيثان درميانِ موج غم

مولان رمضان شريف جي 11 تاريخ جمعي جي رات 1336 هه ۾ وفات ڪئي. سندن مزار مبارڪ سندن والد بزرگوار جي ڀر ۾ آهي ۽ همايون شريف ۾ زيارتگاهه خلق الله آهي.

سردار گل محمد خان ”زيب“ سندن تاريخ وفات هنن بيتن ۾ چئي آهي:

استاذي فاضل همايون

 

آن شمس زمان شهاب گيتي

روپوش چوگشت گفت هاتف

 

”پنهان شد آفتاب گيتي“

1336

مولانا دين محمد ”اديب“ فيروزشاهيءَ سندن تاريخ وفات هيٺينءَ طور ڪڍي:

 

فرد

چو اسم نيز مسّماش بود عبد غفور

سن وصال بدان از سر يقين مغفور- (1336)

قطعه

رفت عبدالغفور سوي غفور

آنکه در فقہ بود مشهوري

سال رحلت چو جستجو کردم

گفت طبعِ اديب ”مغفوري“- (1336)

مولانا جي وفات کان پوءِ سندس ڏوهٽو عالم فاضل مولانا ميان عبدالباقي صاحب مسند نشين آهي، جنهن ڪيترن طالب علمن کي دستاربندي ڪرائي آهي. قضا ۽ فتويٰ جو شغل وٽس گهڻو رهي ٿو.

تصنيفون: مولانا مرحوم جون فتوائون هزارن جي تعداد ۾ آهن، جن مان ٻه جلد فارسي ۾ ”فتاويٰ همايوني“ جي نالي سان ڇپيل آهن. علم طب ۾ ”فرهنگ همايوني“ سنڌيءَ ۾ ڇپيل آهي. ”الدرالمنثور“ ۽ خراج بابت رسالو ۽ ٻيا قلمي رسائل به گهڻا آهن

 

مولانا دين محمد ”اديب“

 

مرحوم مولانا محمد اسماعيل سومرو فيروزشاهي

مولانا صاحب فيروزشاهه جي ڀرسان، ميل ڏيڍ پنڌ تي، ”تنيا“ نالي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو؛ اتي ئي ڄائو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. پيروڄ جي مقام ۾ آرامي آهي. ڄمڻ جي سال جي خبر نه آهي، باقي وفات جي تاريخ 19 محرم الحرام 1336 هه آهي.

مرحوم نهايت ئي غريب هو. جيتوڻيڪ سندس والدين کي ڪمائيءَ مان هن جي پڙهائيءَ تي خرچ ڪرڻ جي توفيق ڪانه هئي، پر هنن مولانا جو ذهن ۽ علم ڏانهن لاڙو پروڙي، کيس مدرسي فيروزشاهي ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو، جتي هو محنت سان پڙهڻ کي لڳي ويو. آخرڪار فارسي ۽ عربيءَ ۾ مولانا عطاءالله کان عبور حاصل ڪيائين. اڃا دستاربندي ڪانه ٿي هئي، مگر ڪتاب نصاب وارا سڀ پڙهيا هئائين، ته سندس استاد رحلت ڪري ويو؛ تنهنڪري دستاربنديءَ جي رسم مولانا عبدالرحمان مرحوم وٽ ڪيائين.

مولانا صاحب درسيات پڙهائڻ جو قابل مدرس هو، ۽ فارسيءَ جي انشاپردازيءَ ۾ استاد جو رنگ حاصل هوس. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد، اول اول، پياري ڳوٺ اسٽيشن جي ڀرسان درويشاڻن جي ڳوٺ ۾ مولوي غلام حسين کي پڙهائڻ ويٺو. اتي عربيءَ جا تمام گهڻا شاگرد وٽس پڙهندا هئا. فراغت کان پوءِ، فيروزشاهه جي نزديڪ سوڀي خان منگسيءَ جي ڳوٺ ۾ مدرسو جاري ڪيائين. جيئن ته هو مشهور فاضل هو، ان ڪري وٽس تمام گهڻا شاگرد پڙهيا، جن مان مشهور هي آهن: (1) مولوي غلام حسين درويشاڻي پنهور، (2) مولوي محمد چنو، ساڪن جبيرجي، ضلعو دادو؛ (3) مولوي محمد، ڳوٺ ڀان ضلعو دادو؛ (4) مولوي نور محمد ڪلهوڙو، دادو؛ (5) مولوي محمد قاسم پنهور، تعلقو دادو؛ (6) مولوي محمد قاسم لانگاهه، ۽ (7) مولوي محمد هاشم لانگاهه واعظ، (ٻئي ڀائر) ويٺل رڪ؛ (8) مولوي محمد يوسف، ڳوٺ بخش لاکير، ميهڙ؛ ۽ (9) مولوي فيض محمد سيال، ويٺل لنڊو شهبازي، سيوهڻ.


 

مولانا دين محمد ”اديب“

 

مائي فاطمه لاکير مرحومه

تعلقي ميهڙ ۾، ناري ڪئنال جي ڪپر تي، صفر لاکير نالي هڪ ڳوٺ آهي- مائي فاطمه انهيءَ ڳوٺ جي رهاڪو هئي. مائي فاطمه نهايت ئي ڀلاري، باخدا ۽ عابد عورت هئي. مسجد ۾ ٻارن کي قرآن شريف پڙهائيندي هئي. جن ٻارن کي جوانيءَ ۾ پڙهايائين، تن جي ٻارن کي پيريءَ ۾ پڙهايائين.

پاڻ ڪٿي پڙهي، ڪيستائين تعليم ورتائين ۽ سندس اُستاد ڪير هو، اها ڪابه خبر نه آهي؛ باقي مائي صاحبه جي علمي ڪمال جو ذڪر سندس شاگرد، جي مشهور عالم ٿي گذريا آهن، وقت بوقت ڪندا هئا. منهنجو استاد مولانا الاهي بخش به قرآن شريف وٽس پڙهيو. سندس قرآن جو لهجو حافظن جهڙو هو.

مائي صاحبه خدا ترسيءَ جي ڪري رعبدار هئي. رستي ۾ ايندي هئي، ته مرد ماڻهو اُتي بيهي نه سگهندا هئا. آخر- رات ۾ عبادت به مسجد ۾ اچي ڪندي هئي. واقعي هن بيت جو مصداق هئي:

نه هر زن زن ست و نه هر مرد مرد، خدا پنج انگشت يکسان نکرد.

هڪ رات مسجد ۾ اندران ڪڙو ڏيئي عبادت پئي ڪيائين، ته اوچتو ڪو ماڻهو اندر گهڙي آيو. دروازي بند هجڻ هوندي آيو ڪيئن؟... مائيءَ سمجهي ورتو؛ پڇيائينس ته ”ڇو آيو آهين؟“ چي، ”اوهان وٽ قرآن شريف پڙهندس.“ مائي صاحبه چيس، ”نه، ٻار تو (جنّ) کان ڊڄندا“. پوءِ هو هليو ويو.

مائيءَ جي ڪمال ڪري عالم به سندس زيارت لاءِ ايندا هئا. مائيءَ کان روايت آهي ته آسپاس جا سڀ عالم مون وٽ آيا، باقي سيد مصري شاهه خيرپور ناٿن شاهه وارو نه آيو.

 

مولانا دين محمد ”اديب“

 

مولانا حاجي الاهي بخش مرحوم

 

مولانا حاجي الاهي بخش صاحب، ولد ميان عبدالحليم، قوم بلوچ، ميهڙ کان ڇهه ميل پري ڳوٺ منگواڻن ۽ ڳوٺ راوت خان جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ٻانهو لاکير“ ۾ ڄائو. مولانا صاحب جن جا وڏا اصل ڀاڳناڙي جا رهاڪو هئا، پر زماني جي گردش ڪري پنهنجي پياري وطن کي خيرباد ڪري اچي ٻانهي لاکير ڳوٺ ۾ رهيا. اڄ تائين به سندن قوم جا اٽڪل پنج ڇهه گهر اتي رهندڙ آهن، جي سڀئي زميندار آهن. منجهن حاجي ۽ نمازي گهڻا آهن. مولانا جن ننڍپڻ ۾ ئي ”صفر لاکير“ جي ڳوٺ ۾ هڪ باڪمال عابده ۽ زاهده عورت مسمات فاطمہ وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو.

مولانا صاحب نهايت ذهين هوندو هو؛ چوندو هو ته ”پڙهڻ بابت مون کي ڪنهن به استاد نه ڇينبيو آهي“. مولانا صاحب قرآن شريف پوري ڪرڻ بعد، سندس ڳوٺ جي هڪ پيرسن حافظ فتح محمد جي همٿائڻ تي، ڳوٺ راوت خان لغاريءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لڳو. سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ جي قابل شاعر ۽ انشا پرداز مرحوم ماستر محمد اعظم وٽ فارسي به پڙهندو رهيو. ڇهن درجن سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ جا ڪيترائي ڪتاب پورا ڪيائين- جهڙوڪ عرفي، خاقاني، مينا بازار وغيره. کيس انهيءَ زماني ۾ عالمانه شعور پڻ پيدا ٿيو. ايتري علم حاصل ڪرڻ بعد پاڻ، ڪنهن به نوڪريءَ کي پسند نه ڪري، پنهنجي زمين آباد ڪرائي گذر سفر ڪندو رهيو.

سندس روح ۾ صفائي هوندي هئي. اڪثر خواب ۾ حضور پاڪ جن، صحابن ۽ ولين جون کين زيارتون نصيب ٿينديون هيون. هڪ دفعي جناب حضور جن کيس خواب ۾ فرمايو ته ”غفلت ڇڏ“. انهيءَ واقعي کان پوءِ اڪثر روئندو رهندو هو. حضرت قتاده رضي الله خواب ۾ چين ته ”تون (قصص الانبيا ۾) مون کي ’قتاوه‘ ڪري پڙهندو آهين، پر منهنجو نالو آهي ’قتاده‘. حافظ شيرازي رحه خواب ۾ چين ته ”تو طلب کن وگرنه من هستم“.

مولانا صاحب کي حضور پاڪ جن جي عشق جي آگ اندر ۾ ٻرندي رهندي هئي. هڪ دفعي سندس عزيز حج تي وڃي رهيا هئا. پاڻ انهن سان ڪراچيءَ تائين موڪلائڻ جي بهاني سان آيو، ۽ اُتان مائٽن کان موڪلائڻ بنا حج تي هليو ويو. سو روپيا ڪٿان اڌارا وٺي ڇڏيا هئائين. وڃي حضور جن جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪيائين، جتي سرور ڪائنات جن جي کيس دوباره زيارت نصيب ٿي. پاڻ چوندو هو ته انهيءَ سفر ۾ مولانا عبدالرحمان صاحب سکر واري کي به ظاهر ظهور ڏٺم ( جو اڳي ئي وفات ڪري ويو هو).

عربستان جي سفر ۾ مولانا صاحب هڪ هنڌ ٿڪجي پوڻ سبب ساهي کڻڻ لاءِ ويهي رهيو. پنڌ کيس اهڙو ته ساڻو ڪري ڇڏيو هو جو ڪنڌ کڻي گوڏن ۾ هنيو هئائين. اهڙيءَ حالت ۾ کيس ائين معلوم ٿيو ته ڪو فرشتو آهي جو هڪ آيت پڙهي رهيو آهي-

(ترجمو) ”اي داؤد! اسان توکي زمين تي خليفو ڪيو آهي؛ پوءِ حڪم حق تي هلائج.“ مولانا صاحب ان وقت عربي ڪونه ڄاڻندو هو؛ اها آيت دلائل الخيرات تي لکي ڇڏيائين. جڏهن ان جي معنيٰ معلوم ڪيائين، تڏهن مولانا صاحب کي خيال ٿيو ته ’ڀلي ملڪ ۾ اها بشارت ملي آهي، سا سچي ٿي رهندي‘. ان وقت ۾ مولانا صاحب کي ڇڪيءَ جي بيماري هئي. هڪ ڏينهن مولانا صاحب جده شهر جي هڪ گهٽيءَ ۾ ويٺو هو ته هڪ وڏي ماڙيءَ تان کيس رسيءَ جي وسيلي ماني ملي: ان جي کائڻ کان پوءِ کيس هميشہ لاءِ ڇڪي ڇڏي ويئي ۽ وري ڪڏهن نه پيئي!

مولانا صاحب چوندو هو ته آءٌ ۽ منهنجو ڀاءُ بيل گاڏيءَ ۾ ڀاڻ کنيو پئي وياسين، ته هڪ هنڌ گاڏي اٿلي پيئي ۽ ڀاڻ هارجي ويو. گاڏي سڌي ڪري وري ان ۾ ڀاڻ پئي وڌوسين، ته اسان جي ڳوٺ جو هڪ نيڪ بخت کڻي اتان لانگهائو ٿيو. ان مون کي چيو ته ’اڙي فلاڻا! تون ته عالمن جهڙو داناءُ ۽ عزت وارو آهين، ڇو نٿو عربي پڙهين؟ هن ڀاڻ ۾ پنهنجو حال ته ڏس- تون ان جو لائق آهين؟... افسوس!‘ بس، انهيءَ ڏينهن رخت سفر ٻڌي آڳرن ۾ مولانا محمد صاحب وٽ ويو؛ پر مولانا صاحب ان وقت بيمار هو ۽ پڙهائڻ جهڙو نه هو، تنهنڪري مولانا عطاءالله فيروزشاهيءَ وٽ پڙهڻ شروع ڪيائين. علامه صاحب جن هن جي ذهانت کان ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ هڪ دفعي فرمايائون ته ”اسان وٽان ٿوري کان ٿوري عرصي- ڇهن سالن- ۾ مولوي محمد ملوڪ تحصيل ڪري ويو آهي. هن به وڏي عمر ۾ اسان وٽ الف – ب کان پڙهڻ شروع ڪيو هو، پر توکي ٻارهن مهينن ۾ مولوي ڪندس“. مولانا صاحب وٽ شاگردن کان گهڻو ڪم ورتو ويندو هو ۽ سبقن ۾ ناغو به ٿيندو رهندو هو، ان ڪري کيس خيال ٿيو ته ’ڪنهن ٻئي مدرسي ۾ وڃي پڙهان، هتي الائجي ڪڏهن مقصد پورو ٿئي!‘ اهو خيال ڪري، هڪ دفعي اڌ رات جو اتان نڪري سڌو اچي سوڍاري پهتو، جتي مولانا شفيع محمد صاحب سمجدي جي شاگرديءَ ۾ اچي تحصيل علم کي لڳي ويا.

مولانا صاحب فيروزشاهيءَ جي دعا  ۽ مردم شناسي سچي ثابت ٿي، جو مولانا الاهي بخش صاحب پندرهن مهينا استاد وٽ عربي پڙهي، ۽ ان بعد اچي پڙهائڻ لڳو. وٽانئس چڱا چڱا شاگرد تحصيل ڪري ويا- جهڙوڪ مرحوم مولانا عبدالڪريم صاحب ديروي ڏيرو، مرحوم مولانا عبدالحليم صاحب بلوچ، مرحوم مولوي نور محمد صاحب، مرحوم مولوي شفيع محمد صاحب ڳوٺ عرضي نائچ، مرحوم مولوي محمد ابراهيم صاحب جمالي، مرحوم مير محمد صاحب قريشي ۽ نيازمند راقم الحروف دين محمد ”اديب“ فيروز شاهي.

مولانا صاحب شاگردن کي مطالعي جو سخت تاڪيد ڪندو هو ۽ کين چوندو هو ته مطالعي بنا ڪو به سبق نه پڙهو، مطالعي سان علم ايندو آهي. مولانا صاحب تڪراري ملڪيت جا فيصلا ڌرين جي رضامندي سان تمام قابليت سان ڪندو هو، جي ڌرين کي قبول ڪرڻا پوندا هئا. مولانا صاهب هڪ دفعي گڏيل ملڪيت جو فيصلو ڪيو ته هڪ پوڙهي، جا ان تي قابض هئي، ان کي تمام ٿورو حصو آيو. جنهن تي تمام درد وچان ان پوڙهيءَ مولانا صاحب کي چيو ته ”اڙي مولوي صاحب! توکي قرآن پڄندو. تو مون سان ظلم ڪري ڇڏيو آهي!“ پوڙهيءَ کي ان تي مولانا صاحب وراڻيو ته ”پوڙهي، توکي به قرآن پڳو آهي؛ تون ته ناحق پرائو مال ڦٻايو ويٺي هئينءَ“. مولانا نورنگيءَ جو هڪ عالم سان ڪنهن مسئلي تي بحث هو. اهو بحث تمام طويل ٿي ويو. آخر مولانا الاهي بخش کي گهرائي کيس ڌرين جا بحث ڏيکاريائون. مولانا صاحب پنهنجي استاد الاستاد مولانا نورنگيءَ کي عرض ڪيو ته حق ٻيءَ ڌر جي طرف آهي، ان ڪري بحث ختم ڪرڻ کپي- ۽ ٿيو به ائين.

مولانا صاحب کي فارسي نثر و نظم تي ڏاڍي دسترس هئي. خلافت واري تحريڪ کان ٿورو اڳ، پاٽ جي عالم مولانا حاجي حسن الله صاحب کيس چيو ته ”بابا، مون کي دادو، جي مختيارڪار چيو آهي ته سرڪار جو اڳيون فارسي دفتر سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيو. منهنجو انهيءَ مختيارڪار ۾ پٽن جي نوڪريءَ جو ڪم آهي. مهرباني ڪري اهو ترجمو ڪري ڏي ته منهنجي پٽن کي نوڪري ملي ويندي“. مولانا صاحب ادب وچان اهو ڪم قبوليو. ڏهن سالن جو سارو دفتر مولانا صاحب بنا معاوضي ترجمو ڪري ڏنو. جيئن ته آفيس ۾ اڳئين وقت جي شڪسته فارسي ڪنهن کي به پڙهڻ ۾ نٿي آئي، انهيءَ ڪري وري خيرپور ناٿن شاهه جي مختيارڪار کيس حڪم ڪيو ته اچي اسان جو به ڪم ڪري ڏيو. مولانا صاحب ڪم ڪرڻ لاءِ معاوضو گهريو، ته تپيدار کي چيو ويو ته مولانا صاحب جي زمين ڏسي ان تي دڙيءَ دِڪيءَ جي دخل جو ڪو بيقاعدي نشان هجي ته ان تي ڪيس ڪر. آخر اهڙيءَ ريت مولانا صاحب کي دهمان ٻڌي کانئس اهو به ڪم ورتو ويو نه فقط ايترو، پر ميهڙ جي ڊپٽي ڪليڪٽر به ميهڙ جو سڀ فارسي دفتر سنڌيءَ ۾ ڪرايو. پڇاڙيءَ ۾ ان جي عيوض مولانا صاحب کي ڇا پلئه پيو؟ صرف هڪ لونگي ريشمي ۽ آفرين نامو!

مولانا صاحب جي صحبت هر خاص ۽ عام ماڻهوءَ سان هئي، پر خاص صحبت هيٺين بزرگن سان هئي: مولوي محمد علي ڏيرو زميندار ڏيرا، مولوي الله بخش مهيسر ڳوٺ پپري ۽ مولوي محمد سليمان ٿرڙي محبت جو. ان کان سواءِ، حڪيم مولوي فتح محمد صاحب سيوهاڻيءَ جي ساڻن غائبانه محبت ۽ دوستيءَ جو هي عالم هو، جو گورنمينٽ کان سنڌ جي هڪ عالم ۽ مصنف کي سو روپين جي گرانٽ ملندي هئي- اها گرانٽ غالباً مولوي محمد عثمان نورنگ زاده فقہ ٽيچر سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ کي ملندي هئي. ان جي وفات کان پوءِ تلاش ٿي ته هاڻ ان گرانٽ جو حقدار ڪير آهي؟ مولوي فتح محمد صاحب ميمبرن کي چيو ته ان جو حقدار مولانا حاجي الاهي بخش آهي. سندن چوڻ تي ڊائريڪٽر صاحب تسليم ڪيو، ۽ مولانا صاحب لاءِ اها منظور ڪئي ويئي. ان زماني ۾ خلافت تحريڪ جو زور هو. خلافت جا پروانا جتي ڪٿي قطع تعلقات جي تحريڪ کي زور وٺائڻ ۾ مشغول هئا. مرحوم شيخ عبدالعزيز مالڪ اخبار ”الحق“ سکر واري اچي مولانا صاحب کي چيو ته ”اوهان ان گرانٽ وٺڻ کان انڪار ڪريو“. مولانا صاحب گرانٽ وٺڻ کان ناڪار ڪئي.

مولانا صاحب وفات کان چند مهينا اڳ سڀني شاگردن کي ڌار ڌار گهرائي ديني تعليم کي جاري رکڻ لاءِ تاڪيد ۽ وَصيّت ڪئي. آءٌ (راقم الحروف) ان وقت پير جي ڳوٺ ۾ ٺلاهه ڀرسان پڙهائيندو هوس. ٻه دفعا تاڪيدي خط لکي، گهرائي، فرمايائون ته ”مون مولوي عبدالحليم کي به پڙهائڻ لاءِ تاڪيد ڪيو آهي ۽ توکي به چوان ٿو ته تجارت ۽ طبابت صرف روزگار جو ذريعو آهي، سو نه ڪجانءِ. هن دور ۾ ديني تعليم ئي بهترين جهاد آهي“. 27 رجب المرجب 1338 هجري ۾ سيوهڻ ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي هئي، پاڻ اتان موٽي خيرپور ناٿن شاهه ۾ خلافت ڪانفرنس ڪرايائين. ان ۾ ڏاڍي جانفشاني ڪيائين، جنهن کان بيمار ٿي پيو. آخر غزّه رمضان شريف 1338 هه ۾، جان جانان کي ڏنائين- انالله وانا اليہ راجعون. وفات وقت سندس عمر پنجاهه کن ورهيه هئي.

کيس هردم حرمين شريف جو شوق رهندو هو. جيئن ته ٻين رفيقن سان گڏجي، خشڪيءَ جي رستي، مائٽن کي اطلاع ڏيڻ کان سواءِ ڪراچيءَ پهتو ۽ اتان خط لکي موڪليائين. خط پڙهي، سندس ڀاءُ عبدالله کيس وٺڻ ويو. ۽ ڪراچيءَ ۾ ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو. پوءِ مڪران واري رستي تي قرنطين واري هنڌ تي ويو. اتي مولانا صاحب کي هڪڙي ڳوٺڙي ۾ لڌائين.مولانا صاحب کيس ڌمڪايو، جنهن جي ڪري ميان عبدالله زاروزار رئڻ لڳو ۽ ساري رات رئندو رهيو. آخر ڳوٺ جي ماڻهن مولانا کي عرض ڪيو ته ”سائين، خدا تعاليٰ الائي ڇا ۾ راضي آهي، هڪ دفعو حج ڪيو اٿوَ، پوئتي ديني مدرسو اٿوَ، ان کي نه ڇڏيو. ڀاءُ جي حال تي ڪهل ڪريو“. آخر بادل نخواسته مولانا صاحب موٽي آيو. ان وقت پاڻ پنهنجي حالت هن نظم ۾ بيان ڪئي اٿس:

عشق عربي ڄام جي آڳيون اندر ۾ لائيون

جوش جانب جي سبب وسري ويون سڀ وائيون

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان دلبر بنا دم نا سري

دردر کان دانهون ڪريان سجدي اندر سر نائيون

اي صبا! هن عاجزان جو عرض چؤ اندر حضور

سرور! لهه سارتن گهورن اندر جي گهائيون

شل ملي او وقت جو سرمه بدر سنجهي صبوح

خاڪ چائٺ جي هجان ويٺي اکين ۾ پائيون

هن طرف جي حبّ دل تان وئي کڄي هن وقت ۾

پار پرين جي سنديون ڳالهيون ڳڻڻ ۾ آئيون

يا ”الاهي، بخش“ امت کي محبت مصطفيٰ

تان سندن تعريف ويٺا رات ڏينهان ڳائيون

سندس تاليف ڪيل ڪتاب هي آهن: نيڪ صلاح (رسمن جي اصلاح بابت، جنهن جو خلاصو ’رسومات تباهي‘ مرحوم علي خان ابڙي ڪيو)، بهشتي باغ (اسلامي عقائد ۾)، ضرورت پرده، آرين جي رد ۾ هڪ رسالو، ۽ تعليم تي هڪ رسالو (اهو هڪ ماڻهوءَ ڇاپڻ لاءِ ورتو، مگر مورڳو رسالو ئي گم ٿي ويو). ان کان سواءِ تدريس ۽ فتوا نويسي، مختصر طب گاهي ماهي واعظ به ڪندو هو. پاڻ چوندو هو ته جوانيءَ ۾ مون سرائڪي زبان ۾ ديوان جوڙيو هو، جو به گم ٿي ويو. ان مان هي شعر ٻڌائيندو هو:

”جو ملاوي مئڪون مٺا محبوب              اڪبر حج دا ٿويس ثواب“

سندس سنڌي نظم مٿين ڪتابن ۾ مندرج آهن. فارسي ڪلام منتشر آهي. ٻه فارسي نظم مون وٽ محفوظ آهن، جي لکان ٿو. کيس ارادو هوندو هو ته يا قرآن شريف جو تفسير لکان يا ”فتاويٰ عالمگيري“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪريان، پر عمر وفا نه ڪئي.

بهاي گوهر شهوار گوهري داند،

شبه کسيکه نديده چه جوهري داند.

عروض و قافيه سنجي شرائطِ نظم ست،

نه هر که حرف دو بندد سخنوري داند.

براي فهم رموزِ کلام بايد علم،

نه هر که ترجمهء هندي و دري داند.

صباحتِ رخِ چشمِ سياه درکار ست،

نه هر که سرمه کشيد ست دلبري داند.

بوقت جنگ دلِ خود قوي ببايد کرد،

نه هر که خود بوشد بهادري داند.

جلال و شوکت و عزت کمال مي بايد،

نه هر که فربه جسم ست سروري داند.

زنيک خدمت منظور مالک ست غلام،

نه هر که حلقه بگوش ست قنبري داند.

(2)

تاريخ تعمير مسجد درٻيله، جيڪا مخدوم محمد دائود درٻيليءَ جي چوڻ تي مولانا حاجي الاهي بخش صاحب تصنيف فرمائي، اها تاريخ درٻيلي جي مسجد تي لڳل آهي.

هزار شکر که بشگفت نو بهار اسلام

خزان کفر ز باغ جهان نمود سلام.

زمان زمان ست صلا بلبلانِ وحدت را،

که وقت عيش رسيد ست فَادخُلُوا بِسَلام.

کجا شگفت همان باغ عشرت جاويد،

که شد معطّر از بوي او مشام انام.

همان ست مسجد جامع بشهر دربيله،

که شد بنايش رشکِ جنان چو گشت تمام.

براي سال بنايش چو مصرعه جستم،

که يادگار زمان باد تا بروز قيام،

بگفت از سر مهر و وفا بمن هاتف،

لِکُلّ واردِهٖ فَرۡحَةً وَّ حُسۡنُ مقام.

فارسي پهريون نظم خيرپور رياست جي هڪ حڪيم ڏي لکيو هئائون، جو ان وقت قادياني هو، پر هاڻي خدا جي فضل سان قاديانيت کان تائب آهي. ٻئي نظم جي ڪرامت بابت تفصيل جي ضرورت آهي. مسجد منزلگاهه سکر جو قصو مشهور آهي. ان مسجد جو ماده تاريخ آهي – ”زهي جاي عشرت“ (1006). هندن چيو ته هو مادهء تاريخ چوي ٿو ته اها مسجد نه آهي، بلڪ هڪ تفريح گاهه آهي. مولانا حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻيءَ وڪالت ۾ چيو ته ”عشرت“ مان مراد عشرت روحاني آهي – ڇو ته مسجد روح لاءِ عشرتگاهه آهي. مگر هي ٿيو تاويل؛ ان ڪري مون کي خيال ٿيو ته ان جي تائيد لاءِ اڳين بزرگن جا مسجدن بنسبت تاريخي مادا ڳولڻ کپن، جي عشرت يا عشرت جي هم معنيٰ لفظن تي شامل هجن. ان لاءِ گهڻو پريشان ٿيس – ڇو ته مسجدن جا تاريخي مادا آءٌ ڪئن هٿ ڪري سگهان؟ ان بابت نه ڪو مجموعو آهي، نه ان لاءِ آءٌ هندستان جون مسجدون ڏسي سگهان ٿو!

آخر ”جو ينده يابنده“ – اهو مطلب منهنجي بياض مان عيان ٿي پيو. يعني مٿيون قطعه تاريخ مولانا مرحوم جو مون وٽ مندرج هو. ان جي ڏسڻ سان ڏاڍي خوشي ٿي، ڇو ته ان ۾ لفظ ”عشرت“، ”عيش“ ۽ ”فرحت“ مندرج آهي. فيصلو اچي آخري مرحلي کي پهتو هو. مون ان بابت ڪراچيءَ جي چند بزرگن کي اطلاع ڏنو. ”الوحيد“ کي به لکيم. شيخ عبدالمجيد صاحب اتفاق سان حيدرآباد ۾ هڪ رستي تي موٽر ۾ ڏٺم، ان کي ٻڌايم، جنهن چيو ته ’هاڻي ڇا ٿيندو، فيصلو ختم ٿيڻ کي قريب آهي،. مولوي محمد دائود صاحب کان اڳ ۾ لکي پڇيو هوم ته اهو قطعو اوهان وٽ آهي يا نه؛ مولوي صاحب لکيو ته مسجد تي لڳل آهي. پوءِ ته مسلمان ليڊر، جج کي، هندن سميت، ان قطعي جي ڏسڻ لاءِ درٻيلي وٺي آيا، جن ڏٺو ته برابر اهو قطعو ڪاشيءَ جي سر تي لکيل آهي، ۽ اها سر مسجد ۾ چوني سان چنبڙايل آهي. هندن چيو ته ”انهيءَ لاءِ ڪهڙي ثابتي آهي ته هي قطعو قديم آهي؟ هي قطعو ته اسان جي شڪست لاءِ هاڻي تصنيف ڪري مسجد تي لڳايو ويو آهي!“ ان تي جج چيو ته ان جو فيصلو ماهر انجنيئر ڪندا. مسجد جي متوليءَ کان موڪلائي، قطعي جي سر مسجد تان لاهي، اهو چونو، جنهن سان سر چنبڙايل هئي، لاهي، انجنيئر کي ڏيکاريو ويو ته اهو چونو نئون آهي يا پراڻو؟ ماهرن چيو ته اهو چونو پنجويهن سالن جو پراڻو آهي. آخر مخالف ڌر کي به دلجاءِ ٿي ته اهو قديم آهي، نه جديد. حاصل ڪلام ته ان قطعي جي انهن لفظن (عشرت، عيش ۽ فرحت) مسجد منزلگاهه جي ماده تاريخ (زهي جاي عشرت) کي مسجد لاءِ ثابت ڪيو. ان ڪري، هندن جو اهو اعتراض دفع ٿي ويو ته ان مادي مان مراد تفريح گاهه آهي، نه مسجد. هندن ڪلڪتي مان به هڪ وڪيل گهرايو هو، جنهن اتي جي  هڪ مسجد جو قطعه تاريخ آندو هو، جنهن ۾ ”بيت الحرام“ ۽ اهڙا ٻيا لفظ ڪم آندل هئا. جنهن جي بنا تي ان چيو ته ههڙي قسم جا الفاظ مسجد بابت سونهن ٿا، نه ’جاي عشرت‘ جهڙا. هندن بمبئيءَ مان به هڪ ايراني پروفيسر ’خليل‘ ڀاڙي تي گهرايو هو، جنهن اچي چيو هو ته ”زهي جاي عشرت‘ مسجد لاءِ مادو ٿي نٿو سگهي. جڏهن مٿيون قطعو مولانا حاجي الاهي بخش مرحوم جو ”الوحيد“ ۾ ڇپيل کيس ڏيکاريو ويو، ته ڏاڍو شرمندو ٿيو!

جج جيڪا فتوا لکي آهي، ان ۾ اهو قطعو به لکيو اٿس. ان قطعي به مسجد جي فتوي ڏيڻ ۾ کيس گهڻو همتايو آهي.

هرگز نميرد آنکه دلش زنده شد بعشق،

ثبت است بر جريدهء عالم دوام ما

قطعہ تاريخ وفات مولانا حاجي الاهي بخش رح

(از دين محمد ”اديب“ فيروز شاهي)

الاهي بخش علامہء زمانہ

 

بهر فن ماهر و فرد و يگانہ

بلطف خاص موليٰ بود مشمول

 

بجستي بهر او رحمت بهانہ

بعشقِ مصطفيٰ پروانه بوده

 

ز علم و معرفت دادش خزانہ

بدل ميداشت عشقِ مصطفيٰ بيش

 

زنارِ عشق گرديدش زبابہ

پيء عشقِ حق و عشقِ محمد

 

خدا دادش زياده دام و دانہ

بحج و اعتمار او شد مشرف

 

محمد را ببوسيد آستانہ

پيء وصلِ خداوند دو عالم

 

ز دنيا سوي عقبيٰ شد روانہ

بگفتم سال او ”پايہ فضيلت“

 

بفضلش حق دهد در خلد خانہ

1338 هجري

ايضاً

پروانہ خلق بود بشمعِ جمالِ تو

آشفتہ اهلِ فضل بحسنِ کمالِ تو

دولت حقت بداد ز علم و عمل وسيع

داند نه اهلِ علم يمين و شمالِ تو

حسنِ بيانِ تو زبديع و بيان بليغ

مسحور گشت عقل ز سحرِ حلالِ تو

از بهر نشرِ دين شده مخصوص ذاتِ تو

تدريسِ علمِ شرع متاع و منالِ تو

حظِء کثير گشت ز حڪمت ترا عطا

باشد همين دليل ز حسنِ مآلِ تو

شفقت نمودي از پدرم بيشتر بمن

اجرت ز حصر بيش دهد ذوالجلال تو

آزاد را تو بنده نمودي بحسنِ خُلق

محصور خَلق بود بحصن خصالِ تو

چندين درختِ علم نشاندي بدشتِ سنِد

باغِ بهشت گشت ز يک دو نهالِ تو

خوش وقت و خوش نصيب زاخلاق تو شده

گشتند در علوم کسانيکہ آلِ تو

شد صاحبِ فيوض وفيره ز يمن تو

هرکس کہ يافت فيض ز جود و نوالِ تو

از بخششِ خدا ست بقاي مآثرت

در علم و فضل هست جهاني عيالِ تو

شيري زشِير تربيت شد بطبعها

در بيشہء ادب اسد آمد غزالِ تو

موهوب علم تست ز مکسوب بيشتر

در کسب گشت صرف ز عمرت دو سالِ تو

از حسنِ حالِ تو بنوديم حالِ نيک

آئينہء حقيقتِ حق مر مقالِ تو

از رفقِ طبعِ نيکِ تو بيباک مي بُديم

مرعوب خلق عام ز شان جلالِ تو

بدرِ سپهرِ علم و ادب ذات ساميت

باشد نويد عيد طلوعِ هلالِ تو

قربان نقطہء خطِ تو خالِ خوبرو

حيران عطارد ست ز نقشِ کمالِ تو

دادي سبق به منتهيان باکمال لطف

ديده گهي نه مبتديان گوشمالِ تو

تصنيف تو بردّ رسومات سيئّہ

در دور فتنہ هست جهاد و جدالِ تو

اقلام تو سهام پيء رفع دشمنان

اعلاي حڪمِ حقّ تعاليٰ قتالِ تو

مرقاتِ آسمانِ سعاداتِ دوجهان

بي شبہ بهر خلق قبول مثالِ تو

تصويرِ صدق بود همہ کارهاي تو

معيار بهر باطل و حق اعتدالِ تو

دادي اذانِ دعوتِ دينِ خداي پاک

کلک و زبانِ تو شده حقا بلالِ تو

مجموعہء صفات تو در کس نيافتيم

جستيم گرچه ديده نشد يک مثالِ تو

عاجز ”اديب“ هست ز شرح محاسنت

افزون ز سفتن ست بمدحت لالِ تو

بستي بغرَّہء رمضان رختِ رحلتت

اين است بهرِ رحمتِ حق نيک فالِ تو

ز اندوه مرگ تست قيامت پيء جهان

تمثالِ رستخيز شده انتقالِ تو

از موتِ عالم ست چو موتِ جهانيان

طاري ست سکتہ برهمہ از ارتحالِ تو

حق بخشدت قصور و دهد در جهان قصور

در خلد بر خوريم ز نخلِ وصالِ تو

مر ”پايہء، فضيلتِ“ تو حق کند بلند

1338

بيني ز فضل آنکه نديده خيالِ تو

روزِ حساب باد ترا مصطفيٰ شفيع

باشد بخلدِ مصطفوي اتصالِ تو

از حرمت رسول ’الاهي بخش‘ آنچه

تقصير کرد عبد تو در امتثالِ تو

فرد

چون بپرسيدم ز هاتف سال او

”مورد، رضوان بيحد باد“ گفت

1338 هجري


*  هيءُ ديوان ڳڙهي ياسين مان مولوي نجم الدين صاحب وٽان ملي سگهندو - مرتب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com