سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :6

مولانا دين محمد اديب

 

مخدوم عبدالمجيد فيروز شاهي مرحوم

 

هيءُ بزرگ علامه عطاءُ الله فيروز شاهيءَ جو ڏاڏو هو. مخدوم صاحب ننڍيءَ عمر ۾ ئي يتيم ٿي پيو. ان زماني ۾ مولانا محمد صادق ڳچيري(تعلقو مورو) وارو انهيءَ ڳوٺ ۾ آيو. شايد مير صاحبن جو ملازم هو يا ڪو ٻيو ڌنڌو ڪندڙ هو. بهرحال مخدوم عبدالمجيد جي پرورش ڪندڙ، کيس پڙهڻ لاءِ مولانا محمد صادق جي حوالي ڪيو. مخدوم صاحب گچيري ۾ مولانا موصوف وٽ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم نَحو تائين حاصل ڪئي. انهيءَ وقت ۾ مولوي صاحب وٽ سندس سبقن ۾ ناغا پوڻ لڳا، تنهنڪري مولوي صاحب کان رخصت گهريائين، جنهن تي مولوي صاحب کيس تنبيهه ڪئي ۽ رخصت نه ڏني.

مولوي محمد صادق صاحب کي خواب ۾ ڪنهن مماتي واري بزرگ (غالباً سيدنا عبدالقادر) فرمايو ته هن (مخدوم عبدالمجيد) کي اجازت ڏي ته ڪٿي وڃي پڙهي. انهيءَ خواب کان پوءِ مولانا محمد صادق هن کي اجازت به ڏني ۽ هڪ رپيو راهه خرچ طور ۽ هڪ چادر ڏني. مخدوم صاحب ان کان پوءِ مٽيارين ڏانهن رخ رکيو. ان زماني ۾ مولانا محمد عثمان شهيد متعلويء جو مدرسو برک هو؛ ان ڪري وٽس آيو. جڏهن مولانا محمد عثمان کيس ڏٺو، تڏهين چيائين ته ”بابا! دير سان آيو آهين، تنهنجي لاءِ ته اڳيئي مون کي سفارش ٿيل آهي“! پوءِ هن بزرگ، مخدوم صاحب کي شفقت سان پڙهايو ۽ پنهنجو خاص خادم ڪيو. آخر فارغ التحصيل عالم ٿيو. انهيءَ زماني ۾ مٽيارين ۾ الهه بندو نالي هڪ فقير هوندو هو، جنهن مخدوم عبدالمجيد کي چيو ته ”بابا! هڪ هوا لڳندي، ان مان توکي سِلهه ٿيندي، جنهن مان جانبر ٿي نه سگهندين.“ خدا جي قدرت ٿيو به اِئين.

جڏهين مخدوم صاحب گچيري ۾ پڙهندو هو، تڏهن ان وقت جو کنيارين وارو بزرگ اتي آيو. ان وقت مولانا عبدالمجيد ”هداية النحو“ پڙهندو هو. کينيارين واري بزرگ اول پنهنجي صاحبزادي کان ڪو قاعدو پڇيو، يا ڪتاب مان ڪو مڪان هو، جنهن جو جواب صاحبزادي کي نه آيو. ان کان پوءِ مولانا عبدالمجيد کان پڇيائين، جنهن جواب صحيح عرض ڪيو. ان تي بزرگ فرمايو ته ”ذالک فضل الله يؤ تيہ من يشاء“.- (اهو الله جو فضل آهي، وڻيس تنهن کي ڏئي).

دستاربنديءَ بعد مخدوم صاحب ڳوٺ فيروز شاهه جي ڀرسان ٻن ميلن پنڌ تي ”ناري“ نالي هڪ ڳوٺ ۾، جتي سادات عظام رهندا آهن، انهن کي پڙهائڻ لاءِ مدرسو کوليو. فيروز شاهه ۽ ناري جي وچ ۾ ان زماني ۾ رستي جي ٻنهي پاسن سخت جهنگ هوندو هو، مگر مولانا عبدالمجيد هر جمعي جي رات پنهنجي ڏاڏي مخدوم عبدالله پيروڄ جي مزار تي ايندو هو، ۽ چاليهه دفعا ياسين شريف پڙهندو هو. تلاوت جي دوران ۾ هڪ ڪاريهر نانگ به ظاهر ٿي ويهندو هو، مگر هي بزرگ بنا هراس جي ورد پورو ڪري ناري ڳوٺ ڏانهن موٽي ايندو هو. سندس پٽ ميان خير محمد به وٽس عالم ٿيو، باقي سندس ٻين شاگردن جو علم نه آهي.

آباديءَ جي ڏينهن ۾ جبل ۽ ڪاڇي جا مالدار، ڳوٺ فيروز شاهه ۾ سانگ تي ايندا هئا، هڪ مسافر جو رڍن يا ٻڪرين جو ڌڻ چورائجي يا وڃائجي ويو. اُن ماڻهن کي چيو ته مون کي ڪنهن مماتي واري بزرگ جو ڏس ڏيو ته اتي وڃي هن مشڪل لاءِ دعا گهران. جيئن ته هن کي ”حضرت پيروڄ“ جو پتو ڏنائون، تنهنڪري اهو مسافر ”پيروڄ“ جي بجاءِ وڃي مخدوم عبدالمجيد جي تربت تي دعا گهرڻ لڳو ۽ سمهي پيو. خواب ۾ مخدوم عبدالمجيد چيس ته ”منهنجو شاگرد فقير محمد عيسى ڪلهوڙو اگهماڻين جي ڳوٺ ۾ آهي، ان کي وڃي منهنجا سلام ڏي ۽ هيءُ احوال ڪرينس، ته توکي ڌڻ هٿ ڪري ڏيندو“. جڏهن شاگرد کي مماتي واري استاد جا سلام مليا ته وجد ۾ پئجي ويو ۽ انهيءَ مسافر کي ڌڻ هٿ ڪري ڏنائين. مرحوم مخدوم صاحب جي ڄمڻ ۽ وفات جي سال بابت ڪا به پڪي خبر ملي نه سگهي آهي، پر هو ٻارهين صدي جي آخر ۽ تيرهين صدي هجريءَ جي اوائل جو بزرگ هو.

 

مولانا دين محمد ”اديب“

 

علامہ حاجي عطاءُ الله مرحوم فيروز شاهي

 

مولانا حاجي عطاءُ الله جن جي نسب جو سلسلو حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتاني قدس سره جي خليفه پيروڄ سان ملي ٿو. مولانا صاحب جن ڳوٺ فيروز شاهي تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم فيروز شاهه ۾ پنهنجي والد مولانا خير محمد وٽ ورتائين؛ مولانا عبدالرؤف مورائيءَ وٽ ”شرح جامي“ تائين پڙهيو ۽ حضرت مولانا نور محمد ۽ مولانا گل محمد شهدادڪوٽيءَ وٽ دستار فضيلت ٻَڌائين. مولوي محمد صديق، سندن شاگرد، جي روايت آهي ته ٻه سال موري ۾ پڙهيا، ۽ انهيءَ وچ ۾ ڳوٺ ڪونه آيا. شهدادڪوٽ ويندي، نئين ڳوٺ جي پتڻ کان درياءُ عبور ڪيائون. فيروز شاهه انهيءَ مقام کان چار ميل پري هو، ان هوندي به ڳوٺ والدين جي زيارت تي نه آيا ۽ سڌو شهدادڪوٽ هليا ويا. اتي ساندهه ٻه سال پڙهي تحصيل ڪيائون. سندن همدرس مولانا حسن الله صاحب پاٽائي هو، پر هو شادي واسطي ڪجهه ڪتاب رهائي، اڳي ئي دستاربندي ڪري ويو؛ مولانا صاحب سارو نصاب پورو ڪري، پوءِ دستاربندي ڪئي. سندن استاد کين ڏاجي ۾ حاجي حامد الله صاحب ميمڻ ٻيلي وارو (جو پڻ شهدادڪوٽ پڙهندو هو) ڏنو. مولانا حاجي حامد الله تمام ذڪي هو. وڏن ڪتابن جي مشڪل مقامات ۾ سندس تشفي نه ٿي، ان ڪري فيروز شاهه مان موڪلائي وري شهدادڪوٽ ۽ سکر پڙهڻ ويو. اتي جو حال ڏسي، وري فيروز شاهه آيو ۽ چيائين ته ”مولانا فيروز شاهيءَ کان وڌيڪ ڪو به تشفي ڏيئي نه سگهيو.“

مولانا عطاءُ الله ڏينهن جو پڙهائيندو هو، ۽ رات جو عبادت ڪندو هو. سندن زبان واٽ ويندي به ذڪر خدا ۾ مشغول هوندي هئي. ”ايّاک نعبد و اياک نستعين“ گهڻو پڙهندو هو. سندن دستاربند شاگرد اٽڪل ٻه درجن آهن، جن مان پهريون مولانا حامد الله صاحب ۽ پويون مولانا محمد اسماعيل سومرو آهي. انهن ٻنهي بزرگن خوب پڙهايو، ۽ وٽانئن بيشمار شاگرد دستاربندي ڪري نڪتا. سندن شاگردن مان ميان محمد آگرو به نهايت فياض ۽ متقي هو. مولانا چوندو هو ته ”جي ادب کي صورت هجي ها، ته ميان محمد جي شڪل اختيار ڪري ها“. مولانا صاحب مقبول دعا ۽ صاحب همت هو. سندن مقبول دعائون مشهور آهن. هڪ دفعي باراني نماز پڙهائڻ سان ايترو مينهن وٺو جو واهه وهي هليا! درياءَ فيروز شاهه کي پاتو ٿي: شهر لڏي ويو، مگر مولانا نه لڏيو - ۽ آخر درياءَ ڇڏي ويو!

مولوي محمد صديق هڪ خط ۾ مون کي لکيو ته مولانا صاحب پاڻ چوندا هئا ته ”منهنجي عمر، نبوي عمر جيتري ٿي چڪي آهي.“ پاڻ صاحب ڪشف هوندا هئا. چوندا هئا ته ”مخدوم پيروڄ جي مزار تي وڃي، آءٌ آسانيءَ سان مشڪل ڪم حل ڪري اچان ٿو.“

سندن ڳوٺ ۾ ٻڍو مکڻ نمازي شخص هوندو هو. اهو مري ويو ته ان جي قبر تي اچي چيائون ته ”ٻڍو مغفور آهي!“ اهي لفظ تمام تعجب سان چئي رهيا هئا. کين عرب مسافرن سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. عرب هفتن جا هفتا سندن محبت ڪري وٽن رهندا هئا. کانئن پڇيو ويو ته ”عربن سان ايتري محبت ڪرڻ جو سبب؟“ چيائون ته ”اهي شينهن جا پٽ آهن – سندن خدمت نه ڪرڻ ڪري متان شينهن ناراض ٿئي!،

پاڻ صاحب سوز هئا. سماع سان گهڻي محبت هوندي هين. مولوي محمد هاشم صاحب، خطيب جامع مسجد نوابشاهه، جو وٽن پڙهيو هو، سو چوي ٿو ته ”تهجد جي وقت مون کي اٿاريندا هئا. پاڻ نماز ۾ مشغول هوندا هئا ۽ آءٌ غزل چوندو هوس. مون کي ننڊ وٺي ويندي هئي، ته وري مون کي جاڳائيندا هئا“.

کين آخري عمر ۾ آڱر ۾ ننائو نڪتو، ان جي علاج لاءِ دادو ويا هئا. کين ڏاڍي تڪليف هئي. اتي به مولوي حاجي محمد هاشم ساڻن گڏ هو. آخر انهيءَ بيماريءَ مان جانبر نه ٿيا، ۽ 16 رجب المرجب 1325هه جان جان آفرين جي سپرد ڪيائون. سندن مزار تي هڪ ڪوٺو ٺهيل آهي.

مولوي هدايت الله هالائيءَ سندن وفات بابت فارسيءَ ۾ قطعه تاريخ لکيو، ۽ پنهنجي هٿ سان ڪاشيءَ جي سر تي منقش ڪري، قبر تي چسپان ڪيائين. مولوي هدايت الله صاحب سندن تاريخ جو مادو ”مغفره“ (1325) ڪڍيو آهي، ۽ مون بنده (دين محمد ”اديب“) سال وفات ”تذڪره“ (1325) ڪڍيو آهي.

مولانا صاحب کي نرينو اولاد ڪونه بچيو. سندن هڪ نياڻي هئي، جنهن سان مولانا عبدالرحمان جو پوءِ نڪاح ٿيو. انهن جو به اولاد ڪونه بچيو.

مولانا مرحوم کي ظاهري حسن به هو، ۽ ان سان گڏ منجهن جاهه باطني ۽ رعب يزداني هو. وٽن وڏا آفيسر به هيٺ اچي ويهندا هئا. پاڻ صاحب ڪرامت به هئا.

مولانا مرحوم جا بيشمار شاگرد هئا، جن مان هيٺين جا نالا قابل ذڪر آهن: (1) مولانا حاجي حامد الله صاحب ميمڻ، ڳوٺ ٻيلو، تعلقو سجاول، ٺٽو؛ (2) مولانا مولوي احمد صاحب ڏاهري، ڳوٺ ڪرمپور، تعلقو سيوهڻ؛ (3) مولوي حزب الله هالاڻي وارو؛ (4) مولوي سرائي الله ڏتو صاحب، ٽنڊو شهبازي، تعلقو سيوهڻ؛ (5) مولوي محمد صاحب آگرو، نزديڪ فيروز شاهه؛ (6) مولوي محمد پريل آگرو، نزديڪ فيروز شاهه؛ (7) مولوي سيد قطب شاهه، نزديڪ فيروز شاهه؛ (8) مولوي محمد اسماعيل سومرو؛ (9) مولوي مسعود صاحب کوکر؛ (10) مولوي حافظ محمد صادق صاحب ڪنڀر، ٿرڙي محبت؛ (11) مولوي الله بخش، تعلقو ڪنڊيارو، (12) مولوي محمد لقمان، تعلقو مورو؛ (13) مولوي محمد ادريس راڄپر، تعلقو مورو؛ (14) مولوي محمد صديق، ڳوٺ پنجو چنو، نزديڪ سيوهڻ؛ (15) مولوي رضا محمد، دولتپور، تعلقو مورو؛ (16) مولانا غلام محمد ملڪاڻي؛ ۽ (17) مولوي محمد ملوڪ، نزديڪ ميهڙ.

مولانا جي همعصرن ۾ مولانا حاجي حسن الله پاٽائي، حضرت مولانا پير سعيد حسن صاحب لواريءَ وارو، مولوي شفيع محمد پاٽائي ۽ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.

قصيده

در صفات و تاريخ وفات علامہ زمان، فهامہ دوران، ماهر فنون معقول و منقول، استاد الفحول، حضرت اقدس مولانا الحاج عطاء الله فيروز شاهي رحمة الله عليہ، کہ در عمر فيمابين ستين و سبعين بتاريخ 16 رجب المرجب 1325هه جان بجان آفرين سپرده.

اوستادِ اوستادان ياد دار

آنکہ کردش حق فريدِ روزگار

آنکہ فيضش منتشر در هر ديار

علمِ او چون شمس در نصف النهار

آنکہ از آياتِ رحمان آيتي

آنکہ کلکش بهر باطل ذوالفقار

آنکہ ايزد دادش انواعِ نعم

از سعاداتِ دو عالم بيشمار

آنکہ بهر قصرِ دين معمار چست

آنکہ باغ فضل را فصلِ بهار

آنکہ نازد سند بر فضلش بسي

آنکہ مثلش ديد کمتر روزگار

آنکہ حق مصنوع کردش بهر خويش

خالصش بنمود بهرِ ياد دار

آنکہ شد در صبغة الله منصبغ

بود بر شمعِ سنن پروانه وار

آنکہ خانہء او سراپا آفتاب

بر سپهرِ دين و علمِ اعتبار

آنکہ آبايِ کرامش متقي

اهلِ تقوى را امامِ ديندار

يعني آن علاّمهء فيروز شاهه

آن عطاء الله عطاي کردگار

جاهِ دنيا دين نمودش حق عطا

در جهانِ دين و دنيا کامگار

فرّ يزداني ز يزدان يافته

زانکہ بود از حق تعالى ترسگار

بر جبينش نورِ مولى جلوه گر

زانکہ بود آن عالم پرهيزگار

ز احتسابش شرع دارد اقتدار

ز انتسابش ورع آرد افتخار

چون ضميرش چهره اش بدرِ منير

زين دو معني در جهان او نامدار

مؤمنِ مضبوط اندر کارِ خير

بهر عاجز از جفاکيشان حصار

جبہ سايان بر درش حکامِ وقت

پيشِ او گردن کشان گرد و غبار

بستہ در در شب نمودي بندگي

در کشاده درس دادي در نهار

درسگاهش بوستانِ علم و فضل

طالبانش نغمہ سنجان چون هزار

از حديث و فقہ تفسير و کلام

کرد او جاري ينابيع و بحار

از وجودش قحطِ دانش در زوال

از علومش مردمان سرمايہ دار

فيض پرور علم گستر بيحساب

ابر گشت از رشکِ فيضش اشکبار

وقف کرده زندگي در نشرِ علم

علم را دادن فروغش شاهکار

از ديارِ دور تر خلق آمدي

بهرِ ديدارش رجال و هم سوار

فيضيابانِ جنابش بي عديل

در همہ فن هريکي کامل عيار

بعضِ شان در نشرِ دين محصور ماند

ترک کرده کاروبارِ روزگار

دشتِ سِند از فيضِ او رشک اِرم

چيد ز او اثمار اهلِ هر ديار

باوفورِ موجباتِ عيش و نار

زهد و لذت ترک کرد و اختيار1

طرزِ نحريرش بديع و دلفريب

دامِ تقريرش کند دانا شکار

در کلام او عمدة المتکلمين

مردِ ميدان از پيء اين کارزار

مُنشآتش نيک رنگين و بليغ

در بلاغت بينظيرِ روزگار

از خطِ خوبان خطِ او خوبتر

بر خطش خوبان عالم جان نثار

اهلِ دل دلدادهء حسنِ دلش

از دمِ او مرده دل شد مردِ کار

در زمانِ اندکي تحصيل کرد

صَرف کرده صِرف وقت سال چار

برخي از عبدالرؤفِ ’موره‘ خواند

کرد در شهداد کوت آن ختم کار1

مشفق و محسن براي هر فقير

بهرِ محتاجان معين و دستيار

مر عرب را او نمودي اعتنا

احترام و خدمت و عز و وقار

گفتي ’ايشان بچگانِ شير اند

زينهار از خشم شير اي زينهار‘

در فزودي سوز جانش از سماع

بي مزامير از سرودِ ريشدار

’خالي از آموختن و از اشتياق

مي نبايد بود‘ گفتي نامدار

دست در کار و دلش در ذکرِ يار

خلوت اندر انجمن بودش شعار

بر زبانش در روانش نامِ حق

بهرِ جانش نامِ حق قوت و قرار

ورد او ”اِيّاکَ نَعۡبدُ نَستعِين“

در اياب و در ذهابش سوي دار

حق نمودش گنبدِ خضراي پاک

هم نصيبش کرد حجّ و اعتمار

از نماز و از دعاي آن تقي

زود تر باريد ابرِ نو بهار(1)

بحر رخ تابيد از فيروز شاهه

او جرف ديگر قريٰ هم کرد هار(2)

وقتِ طغيان خلق رفت از خانها

اين نرفت و بود ثابت کوه وار

بهرِ رفتن خلق اصرارش نمود

گفت ’از مسجد بدر کاه ست خوار‘

از دعايش قحط و طاعون دفع شد

مردم از برکاتِ او خوش روزگار

مر کراماتِ حسي هم معنوي

در وجود آمد ز جودش آشکار

از بيانِ من کمالاتش فزون

مي نتانم گفت هم يک از هزار

من بَدم ده ساله چون رفت از جهان

درسہ و پنج شد کنونم روزگار

منظرِ جان بخشِ او پيشم هنوز

هست تازه مي شوم زان اشکبار

يافته عمرِ نبي از فضلِ حق

اين روايت کرد با من ديندار

برسرِ نصفِ رجب در بست و پنج

سيزده صد سن برفتہ نامدار

بود چون مشغولِ ذکر و تذکره

بهر و صلش ”تذکره“ دان يادگار (1325)

از رياضِ خلد گورِ اونما

مهبطِ انوار گردانش مزار

جنت الفردوس مثوايش نما

درجوارِ شافعِ هر دلفگار

محوِ ديدارِ خودش يا رب نما

از طفيلِ سيدِ والاتبار

*              *      *

بر ”اديب“ عاجز و غفلت شعار

شامتِ اعمال را گشتہ شکار

شرمسار و قاصر و ناکرده کار

دلفگار و روسياهِ روزگار

رحم فرما رحم فرما يا رحيم

از عذاب و قهر فرما رستگار

در گروهِ صالحان محشور ساز

بخش تقصيراتِ او آمرزگار

با عيال و آل و خويشان دوستان

والدين و مرشد و آموزگار

*      *      *

صلّ سلمّ ربّنا برمصطفيٰ

هر نفس هر لحظه بيرون از شمار

بر بنات و اُمهّاتِ مومنين

عترتِ اطهار و اصحابِ کبار

حبّ ايشان در دلم پيوستہ دار

همچو خون اندر دلم جاري بدار

نقل مڪتوب بلاغت اسلوب حضرت علامه مولانا عطاءاللہ فيروز شاهي، بجانب ڊپٽي ڪليڪٽر قادر داد صاحب- جهت سفارش براي ملازمة حافظ قائم الدين صاحب.*

ايالت پناه، بسالت دستگاه، بالي بناي انصاف، قالع قلائع اعتساف، مورد تلطفات فراوان، منبع اشفاقات بي پايان، جناب حشمت انتساب ڊپٽي قادر داد خان- سلمہ اللہ المنان!

بعد از تحالف تسليمات بي غايت کہ نزد فقراي باب اللہ بهتر ازان چيزي موجود نيست هويداي راي فطانت انتما آنکہ چونکہ ذکر خير و دعاي دافع ضير براي حکام عدالت انتظام بر هر خاص و عام واجب ومتحتم ست تاکہ هيچ تشويش روزگار گرد خاطر ايشان نگردد کہ مورث پراگندگي رعيت ست:

کہ بر خاطر بادشاهان همي

 

پريشان کند خاطر عالمي

بنا بران اين مسکين بي تسکين زاويہ نشينِ خمول رافع ايادي خير منادي در حق آنصاحب شاغل ست-

دريده دهن بد سگالت چو زاغ

 

زبان سوخته دشمنت چون چراغ

الحمدللہ در اين زمان ظلمت اقتران شمعِ وجودِ آن مسعود فروغ بخشِ ديدهء ملهوفان ومکروبان گرديده بي غائلہ تبرع و تصنع ’داد‘ را هم از جهتِ تقرب اسم مبارڪ ايشان افتخاريست کہ در لباس خود نمي گنجد-

داد از جور فلک در غم فتاد

 

چونکہ ديد آن نامِ تو گرديد شاد

چشمداشت از آنجناب چنان ست کہ بمطر عنايات شاملہ والطاف کاملہ اين سوختہء نار فقر و فاقہ را سيراب و ريان فرمايند. زياده ازين تفصيل حال در محفل اهل فضل و کمال حسنِ صورت نه بندد. خورشيد عز و اقبال روز بروز درخشان و تابان باد!

سيف اللہ خان شڪارپوري

 

مولوي جهان خان دراني مرحوم شڪارپوري

 

مولوي جهان خان دراني ولد خداداد خان دراني شڪارپور جو رهاڪو هو. سندس سلسلو نواب حافظ مدد خان سان ملي ٿو، جيڪو هڪ بزرگ اهل اللہ ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي. مولوي جهان خان جي ولادت جي تاريخ بابت ڪوبه احوال موجود ڪونهي. ننڍي هوندي شڪارپور ۾ ئي سنڌي ۽ انگريزيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين، ۽ جڏهن ڪجهه جوان ٿيو، تڏهن ڪراچيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي مولانا محمد صادق صاحب کڏه واري جي والد صاحب مرحوم مولانا عبداللہ صاحب وٽ عربي زبان ۾ مهارت حاصل ڪيائين. مولوي صاحب، مولانا قاضي خان محمد شاهه صاحب لودين وٽان به تعليم حاصل ڪئي هئي. ڪراچيءَ ۾ عربي تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ مولوي صاحب پنهنجي ڳوٺ شڪارپور ۾ واپس آيو، جتي پنهنجو هڪ مدرسو کولي درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائين. انهيءَ وچ ۾ مولوي صاحب، حضرت خواجه محمد حسن جان سرهندي ٽنڊي سائينداد تعلقي ٽنڊي محمد خان واري جي والد صاحب حضرت خواجه عبدالرحمان سرهندي نقشبنديءَ جي هٿ تي بعيت ڪئي، جنهن مولوي صاحب کي ڏاڍو فيض رسايو.

مولوي جهان خان درانيءَ جي سڄي عمر تعليم ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ گذري ويئي. مولوي صاحب هڪ سخي دل انسان هو، ۽ سندس دسترخوان جا دروازا هر غريب ۽ امير جي لاءِ کليل رهندا هئا. هر روز ڪيترائي مسافر سندس دسترخوان تي نظر ايندا هئا. مسافرن ۽ غريبن جي سار سنڀال لهي، سندس دل ڏاڍي خوش ٿيندي هئي. پاڻ صاحب هميشہ روزي ۾ گذاريندو هو ۽ سندس ڪچهري سدائين فرش تي ٿيندي هئي، جنهن ۾ شهر ۽ ٻاهر جا وڏا وڏا عالم ۽ اڪابر اچي گڏ ٿيندا هئا. پاڻ صوم و صلوٰة جو ڏاڍو پابند هو ۽ سدائين وضوءَ ۾ رهندو هو.

اسلام جي تبيلغ ۽ اشاعت ۾ مولوي صاحب جيڪي تڪليفون ورتيون، اهي قابل تعريف آهن. هن سلسلي ۾ مولوي صاحب کي ڏاڍيون تڪليفون ۽ سختيون برداشت ڪرڻيون پيون، پر پنهنجي صداقت ۽ سچائيءَ جي ڪري فتح جو سهرو سدائين مولوي صاحب جي ئي سر تي آيو. ان وقت شڪارپور ۾ هندن جو گهڻو زور هو ۽ مولوي صاحب جون اهي تبليغي ڪوششون هنن کي بلڪل پسند ڪونه اينديون هيون. مولوي صاحب جي عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڪنهن هندوءَ کي مسلمان ڪندو هو ته پهرين انهيءَ جي ڏاڍي ڌوم ڌام سان سڄي شهر ۾ سرگس ڪرائيندو هو، ته جئن غير مسلم تي ان جو اثر ٿئي. هڪ ڀيري مولوي صاحب هڪڙي ٻائي جي پٽ کي مسلمان ڪيو. بس، پوءِ ته هندن ۾ ماتم مچي ويو! هنن ڏاڍي چالاڪيءَ سان انهيءَ نو مسلم کي ورغلائي ڪورٽ ۾ بيان ڏياريو ته مولوي صاحب کيس زبردستيءَ مسلمان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح، مولوي صاحب تي ڪيس ڪيو ويو، جنهن ۾ مولوي صاحب پنهنجي قابليت ۽ علم جي وسيلي اُهي اُهي دليل بازيون ڪيون جو ڪورٽ کي به سندس راءِ سان متفق ٿيڻو پيو، ۽ مولوي صاحب کي فتح نصيب ٿي.

مولوي جهان خان دراني نه فقط صاحب شريعت هو، بلڪ ڪرامت جو به ڌڻي هو ۽ سندس دعا ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته رات جو ٻارهين بجي سندس ڪي عزيز ٻاهران آيا. انهن مان ڪي عزيز مولوي صاحب سان ڪجهه گستاخ به هئا. هنن اچڻ سان چيو ته ”هاڻي جو هاڻي ست – رڇيءَ جو انتظام ڪر، ڏسون تنهنجي ڪرامت!“ مولوي صاحب خاموش ٿي ويو. خبر هئس ته گهر ۾ هن وقت ڪجهه به نه هوندو ۽ مهمانن کان به منهن موڙڻو ڪونه هئس. ٿورو ترسي، چيائين ته ”ٻه ٽي منٽ آرام ڪريو ته کاڌو اچي ٿو“. ٿوري وقت کان پوءِ هڪڙو شخص کاڌي جو وڏو خونچو مولوي صاحب وٽ کڻي آيو، جنهن ۾ طرحين طرحين جا طعام هئا! مهمان اهي طعام ڏسي دنگ رهجي ويا.

مولوي صاحب جا ڪيترائي دوست هئا، جن ۾ مشهور عالم، شاعر ۽ حڪيم مير علي نواز علوي ۽ قاضي بهادر شاهه مشهور آهن. انهيءَ کان سواءِ حضرت پير شاهه مردان صاحب پاڳاري جن جي مولوي صاحب سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. حضرت پير ميان محمد صالح شاهه راڻيپور وارو ۽ حضرت مولانا امروٽي صاحب جي به مولوي صاحب سان گهڻي ياراني هوندي هئي. مولانا امروٽي ته ائين چوندو هو ته ”آءٌ مولوي جهان خان جي گاديءَ تي ويٺو آهيان“. مولوي صاحب جو اولاد ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون. جن مان هڪ پٽ مولوي عبدالرحمان خان جو پڻ هڪ عالم هو، جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو؛ هڪ شادي شده نياڻي به گذاري ويئي؛ باقي هن وقت ٻه پٽ ميان سيف اللہ خان ۽ گل محمد خان ۽ هڪ نياڻي زنده آهن.

مولوي صاحب جي علم و فضل کي ڏسي افغانستان جي بادشاهه امير حبيب اللہ خان کيس گورنريءَ جي آڇ ڪئي، پر مولوي صاحب ان کي قبول نه ڪيو. مولوي صاهب حياتيءَ جا پويان ڏينهن آرام سان گذاري، تاريخ 10 اپريل 1913ع مطابق 4 جمادي الاول 1331هه خميس جي ڏينهن پنهنجي گهر شڪارپور ۾ گذاري ويا. وفات وقت سندن عمر 63 ورهيه هئي. سندن مزار حضرت پير منڇر شاهه جي لڳ آهي.

 

مخدوم مولانا امير احمد

 

مخدوم اللہ بخش مرحوم کهڙوي

سندن نالو مخدوم عطا محمد هو، مگر عام طور کين مخدوم اللہ بخش سڏيندا هئا. سندن مهر تي هيءَ سجع نقش ٿيل هئي: ”سعادت دوجهانم عطا محمد کرد“. پاڻ عباسي خاندان جا چشم و چراغ هئا. سندن سلسلهء نسب کُهڙن جي مشهور ولي اللہ مخدوم عبدالرحمان شهيد سان هيٺينءَ طرح ملي ٿو: مخدوم عطا محمد، بن مخدوم محمد عاقل عرف مخدوم پير محمد، بن مخدوم عبدالخالق، بن مخدوم محمد عاقل بن مخدوم احمدي، بن مخدوم عبدالرحمان شهيد.

سندن وڏن مان هر هڪ بزرگ پنهنجي وقت جو علامه ۽ صاحب فيض ٿي گذريو آهي. مثلاً، سندن والد ماجد مخدوم محمد عاقل رحمة اللہ عليہ هڪ نهايت جيد عالم، قرآن ۽ حديث جو ماهر، فقہ حنفيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ مير علي مراد خان جي وقت ۾ سموريءَ رياست جو وڏو قاضي هو. چون ٿا ته مير علي مراد خان سندس ايتري ته عزت ڪندو هو، جو مخدوم صاحب جڏهن به مير صاحب سان ملاقات ڪرڻ ويندو هو ته مير صاحب کيس پنهنجي سيرانديءَ کان ويهاريندو هو. ياد رهي ته مير صاحب جي ڪچهريءَ جو هي دستور هوندو هو، جو فقط مير صاحب پاڻ پلنگ تي ويهندو هو ۽ ٻيا سڀ هيٺ ويهندا هئا- مگر مخدوم محمد عاقل کي اهو امتياز حاصل هو جو نه فقط مير صاحب سان گڏ ويهندو هو، پر مير صاحب پاڻ پيرانديءَ کان ٿي ويهندو هو ۽ مخدوم صاحب کي سيرانديءَ کان جاءِ ڏيندو هو.

مخدوم محمد عاقل صاحب جا ڪيئي ڪتاب تصنيف ٿيل آهن، جن مان دنيا جي تاريخ ”آئينه جهان نما“، ”رياض محفل“، ”تفسير پاره عم“ ۽ هڪ فقہ حنفيءَ جي مشڪل مسئلن جو ڪتاب قابل ذڪر آهن. ”آئينه جهان نما“ ٽن ضخيم جلدن ۾ لکيل آهي- پهريان ٻه جلد دنيا جي تاريخ سان تعلق رکن ٿا؛ باقي ٽيون جلد خاص سنڌ تي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي بادشاهن، عالمن، صوفين، مشهور شهرن جاين جو ذڪر ٿيل آهي. رياست خيرپور جي درگاهن ۽ ولين جو ذڪر خاص طور تي جيترو هن تاريخ مان ملي ٿو، اوترو ڪنهن ٻيءَ تاريخ مان نٿو ملي. ”رياضِ محفل“ فارسيءَ ۾ علم مجلس تي لکيل آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب جا پنهنجا شعر به ڪافي داخل آهن. هڪ نهايت عجيب ڪتاب آهي، ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو. ”تفسير پاره عم“ ۾ قرآن پاڪ جي آخرين پاره ’عم‘ جو نهايت وڻندڙ نموني ۾ تفسير ڪيل آهي. هي ٽي ئي ڪتاب مخدوم صاحب جي پڙ پوٽي مخدوم عبدالخالق عرف مخدوم شفيع محمد وٽ موجود آهن. چوٿون نمبر ڪتاب به پنهنجي فن ۾ هڪ عجيب ۽ بينظير ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب مصنف جو دستخطي راقم الحروف وٽ موجود آهي. مخدوم محمد عاقل مرحوم، راقم الحروف جو سڳو نانو هو.

مخدوم محمد عاقل جي مفصل حالات لکڻ لاءِ خلاصي ڪتاب جي ضرورت آهي: جهڙو تهڙو مقالو انهيءَ لاءِ ڪافي نه آهي. اهڙيءَ طرح، مٿي ڏنل سلسلي جو هڪ هڪ فرد پنهنجي وقت جو يگانو، مڃيل رئيس العلماء ۽ تاريخ جو حامل ٿي گذريو آهي.

مخدوم محمد عاقل کي چار پٽ هئا- (1) مخدوم فضل اللہ، جو مجذوب الطبع هو ۽ سندس زبان ۾ ڏاڍو تاثير هو. (2) مخدوم عبدالخالق عرف مخدوم دين محمد، هي صاحب به نهايت قابل ۽ دانشمند هو. مخدوم محمد عاقل مرحوم جي فوت ٿيڻ بعد بالاتفاق کيس ئي سندس والد جو جانشين چونڊيو ويو، ۽ نهايت دٻدٻي سان خاندانيءَ جو ڪاروبار هلائيندو رهيو. هيءُ صاحب پڻ هڪ تاريخي هستي آهي. سندس ٻه پوٽا مخدوم شفيع محمد ۽ مخدوم فيض حيات آهن. (3) مخدوم عطا محمد عرف اللہ بخش. (4) مخدوم دوست محمد. مخدوم فضل اللہ ۽ مخدوم دوست محمد لا ولد فوت ٿيا. مخدوم دوست محمد جي وفات بالڪل ڦوهه جوانيءَ ۾ ٿي.

مخدوم اللہ بخش صاحب جي ولادت جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. منهنجي والده سائڻ، جا مخدوم اللہ بخش جي سڳي ڀيڻ هئي ۽ کانئس عمر ۾ وڏي هئي، سا ڳالهه ڪندي هئي ته ’مخدوم اللہ بخش ۽ انهيءَ جو ڀاءُ مخدوم دوست محمد، بابي سائينءَ کي پيريءَ ۾ ڄاوا هئا، ۽ اڃا ننڍائي هئا ته سندن سر تان والد جي شفقت جو سايو کڄي ويو، ۽ هي ٻئي ڀائر، جن جي پيشانيءَ مان ننڍي ئي سعادتمندي ۽ بخت جي بلندي بکي رهي هئي، سي يتيميءَ جي زندگي گذارڻ لڳا. وري ستم بالاءستم هي ٿيو، جو سندن وڏي ڀاءُ مخدوم دين محمد، جو ٻيءَ ماءُ مان هو، پيءُ جي گاديءَ تي ويهڻ سان، سڄيءَ ملڪيت ۽ جائداد تي قبضو ڪري ورتو، ۽ ڪن دنيوي خسيس فائدن جي خاطر هنن معصومڙن جو مخالف ٿي بيهي رهيو، ۽ سندن تعليم ۽ تربيت ۾ هر قسم جون رنڊڪون وجهندو رهيو. سندس دل نٿي گهريو ته ڪي هي ٻار به علم ۽ فضيلت جي زيور سان آراسته ٿي ڪنهن وقت کانئس گوءِ کڻي وڃن، يا گهٽ ۾ گهٽ ساڻس ڪلهي هڻڻ جهڙا ٿين‘. منهنجي والده مرحومه فرمائيندي هئي ته ’اسان جي امڙ، جا شڪارپور جي مشهور پٺاڻ سخي مدد خان جي گهراڻي مان هئي ۽ نهايت ناز پرورده هئي، تنهن ويچاريءَ ڏاڍا ڏاکڙا ۽ تڪليفون سِر تي سهي پنهنجي ٻچن جي پرورش ڪرڻ شروع ڪئي. ميان دين محمد جي مخالفت آخر هن حد تي وڃي پهتي، جو مرحوم مولانا غلام محمد مهيسر ڪمال ديري واري کي، جو ابتدا ۾ مخدوم مرحوم محمد عاقل عليہ الرحمة جو شاگرد هو، ۽ سندس وفات کان بعد شهداد ڪوٽ وڃي مولانا گل محمد مرحوم وٽ رهيل علم جي تڪميل ڪئي هئائين، ۽ پوءِ کهڙن ۾ مخدوم محمد عاقل واري مدرسي ۾ شاگردن کي تعليم ڏيندو هو، تنهن کي به منع ڪري ڇڏي هئائين ته اللہ بخش ۽ دوست محمد کي نه پاڙهي! جنهن تي مولانا صاهب ڇا ڪندو هو جو مخدوم اللہ بخش کي ساڻ وٺي کُهڙن جي اولاهين طرف کان وهندڙ وڏو واهه ’ابل واهه‘ ٽپي، وڃي پير سرهنديءَ جي روضي ۾ ويهي لڪي کيس پاڙهيندو هو، جئن ميان دين محمد کي خبر نه پوي. اهو ابل واهه اڃا به هڪ مئنر جي صورت ۾ ساڳئي هنڌان وهي رهيو آهي، جنهن جي اوڀاريين ڪپ تي مخدومن جي عاليشان مسجد ۽ مدرسو ڦٽل حالت ۾ موجود آهن، ۽ اولاهين ڪپ تي مسجد جي سامهون سرهندي بزرگ جي درگاهه آهي.

والده سائڻ،- خدا مٿس رحمت ڪري- اها به ڳالهه ڪندي هئي ته ’انهيءَ وقت اسان جي حالت نهايت تنگ هوندي هئي: هڪ طرف فقر ۽ فاقو ڪمال جي حد کي پهچي ويو هو، ته ٻئي طرف ميان دين محمد جون سختيون حد لنگهي ويون هيون‘.

منهنجي پياري ۽ شفقت ڀري والده هيءَ ڳالهه ڪندي هئي ته ’اسان جي پاڙي ۾ هڪ نهايت نيڪ ۽ گڻن ڀريو شخص آخوند سٻر نالي رهندو هو، جنهن جي گهر جو در اسان جي حويليءَ جي در جي سامهون هو. بابي سائين مرحوم مخدوم محمد عاقل جو مريد ۽ خليفو هو. اگرچ سندس حال به مسڪيني هو، تڏهن به هو هر وقت اسان جي پر گهور لهندو رهندو هو، ۽ جڏهن به کيس ٻاڦور پئجي ويندي هئي ته اڄ مخدوم مرحوم جا ٻچا تڪليف ۾ آهن ته پنهنجن ٻچن کي بکيو رکي به اسان جي سنڀال ڪندو هو.

والده سائڻ فرمايو ته آخر ادو اللہ بخش انهن سختين ۽ ڏکن کان تنگ اچي، پيرين پيادو پنڌ ڪري، دعا پنڻ لاءِ ڀرچونڊي شريف حافظ محمد صديق وٽ ڪهي ويو. حافظ صاحب، جنهن جو مخدوم محمد عاقل صاحب مرحوم سان دلي رابطو هو، ۽ هونئن به پير سائين روضي ڌڻيءَ جي مريد جي حيثيت ۾، کهڙن جي مخدوم گهراڻي لاءِ سندس دل ۾ وڏي عزت هئي- ڇاڪاڻ ته پير سائين، مخدوم محمد عاقل وڏي جو شاگرد هو- تنهن کي رات جو وڃي ٻڌايائون ته هن طرح هڪ مخدوم نينگر آيو آهي. چون ٿا ته انهيءَ وقت حافظ صاحب کي پيٽ ۾ سُور هو، سو هڪدم پاڻيءَ چڪو موڪليائين ته مخدوم نينگر کي چئو ته هن تي ڪا قرآن پاڪ جي آيت دم ڪري ڏئي ته آءٌ پيان. مخدوم اللہ بخش، حڪم جي تعميل ڪندي، انهيءَ وقت جيڪي کيس خيال ۾ آيو سو پڙهي انهيءَ پاڻيءَ تي دم ڪري ڏنو. خدا جي فضل سان حافظ صاحب جو سُور لهي ويو. حافظ صاحب پنهنجي خليفن کي سخت تاڪيد ڪيو ته هن نينگر جي سک ۽ آرام جو سڀڪو انتظام ڪيو وڃي. آخر صبح جو نماز کان پوءِ حافظ صاحب مخدوم اللہ بخش کي گهرائي کانئس حال احوال ورتو، ۽ نهايت پيار سان پيش آيو. سندس حق ۾ دعا ڪيائين‘.

مون سان مخدوم اللہ بخش جي استاد مولانا غلام محمد صاحب ڪمالديري واري پاڻ ڳالهه ڪئي ته ڀرچونڊي شريف کان موٽڻ کان پوءِ مخدوم اللہ بخش جي ذهن جي هيءَ حالت هئي جو مون جيڪو ڪتاب سندس اڳيان کولي ٿي رکيو ته گويا ائين معلوم ٿي ٿيو ته هيءُ ڪتاب ته سندس اڳ ئي پڙهيل آهي! بهرحال، ٿوري ئي وقت ۾ فارسي ۽ عربي علوم جي تحصيل کان نهايت ڪاميابيءَ سان فراغت حاصل ڪيائين.

علم جي تڪميل کان پوءِ به فقر ۽ فاقي هن گهر جي پچر نه ڇڏي. منهنجي پياري والده اکين ۾ آب آڻي ڳالهه ڪئي ته ’ابا، ادي اللہ بخش جڏهن علم جي تحصيل پوري ڪئي ۽ اڃا کيس ڪٿي به روزگار نه مليو هو، تڏهن ڪنهن ڏينهن ڪا ورثي ترڪي جي تحرير لکيائين ۽ تحرير لکائيندڙ کيس هڪ روپيو نذراني طور ڏنو. ادي اهو روپيو کڻي اچي پنهنجي ڳڻيتيءَ ماءُ جي هٿ تي رکيو. بس پوءِ ته ڪو امڙ جي خوشيءَ جي حالت ڏسي ها! خدا جي شڪراني مان نه ڍاپي- چوي ته ”اي اللہ! تنهنجا لک شڪرانا جو تو منهنجي الله بخش کي اهڙو ڪيو جو اڄ روپيو ڪمائي کڻي آيو آهي!“ مگر، افسوس جو والده سائڻ پنهنجي الله بخش جو اوج نه ڏٺو، ۽ پياري پٽ جي ڪمائيءَ مان پنهنجي اکين سان فقط اهو ئي روپيو ڏٺائين: ٿوري وقت کان پوءِ بيمار ٿي پيئي، ۽ هن فاني جهان مان باقي جهان ڏانهن لڏي وئي‘

والده جي وفات کان پوءِ، مخدوم الله بخش راڻيپور شريف جي درگاهه غوثيه جي سجاده نشين حضرت پير ابو محمد صالح شاهه آفنديءَ وٽ وڃي منشي ٿيو، ۽ اتان کيس پورو پنو ملندو هو، جنهن مان ڏکيو سکيو پنهنجي ٻچن جو گذران ڪرڻ لڳو.

منهنجي ماسات مخدوم ميان غوث محمد مرحوم، جو مون کان عمر ۾ اٽڪل پنجويهه سال وڏو هو، تنهن مون سان ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي مامون الله بخش، پير صالح شاهه صاحب جي ڪم سان، خيرپور رياست جي وزيراعظم سردار محمد يعقوب خان وٽ ويو. سردار صاحب، مخدوم صاحب جي قابليت ڏسي، پهرين ئي ملاقات ۾ مٿس مفتون ٿي پيو، ۽ ضروري ڪم پوري ڪرڻ کان پوءِ مخدوم صاحب کي چيائين ته ”اسان کي توهان جهڙي قابل ۽ دلير ماڻهوءَ جي سخت ضرورت آهي؛ توهان پير صاحب جي نوڪري ڇڏي هتي اچو ته مان توهان کي پنهنجو حاضري- منشي (Personal Assistant) ڪري رکان“. مخدوم الله بخش اهو خيال ڪري ته خانگي نوڪريءَ تي ڪو اعتبار ڪونهي، نه وري اتي ڪي ترقيءَ جا امڪان آهن، گذربه ڏکيو ٿي رهيو آهي، پير صاحب کان موڪل وٺي اچي سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. پهريائين بالا آفيس (وزير صاحب جي آفيس کي انهن ڏينهن ۾ بالا آفيس چوندا هئا) ۾ وزير صاحب جي حاضري – منشيءَ جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. جلد ئي رياست جي قانون جو امتحان (Higher Examination)  پاس ڪري ورتائين، جنهن تي کيس فيض گنج تعلقي جو هيڊ منشي مقرر ڪيو ويو. سندس قانوني مهارت ڏسي، انهيءَ وقت جي وزير شيخ صادق عليءَ کيس خيرپور جو ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ مقرر ڪيو. خيرپور ۾ مختلف هنڌن ريزيڊنٽ رهڻ کان پوءِ، کيس دکن رليف ائڪٽ مطابق، ساريءَ رياست جو رليف جج مقرر ڪيو ويو. اخير ۾ مير امام بخش خان مرحوم جي تقاضا تي، کيس مير صاحب جو خاص مير منشي مقرر ڪيو ويو، جنهنڪري کيس مير صاحب سان گڏ هميشہ گشت ۾ رهڻو پوندو هو. اتي کيس ڪا گرميءَ جي لهس اچي وئي ۽ سلهه جو شڪار ٿي پيو، جنهن مان جانبر نه ٿي سگهيو. آخر تاريخ2 رجب سنه 1335 هه ۾ وفات ڪيائين.

مخدوم الله بخش عربي ۽ فارسي زبانن، تفسير، حديث، فقہ ۽ ٻين مروج علمن جو تمام قابل ۽ ماهر هو. جيستائين ڪنهن شرعي تحرير تي سندس صحيح نه ٿيندي هئي، تيستائين اها تحرير سڄيءَ رياست ۾ ڪٿي به قبول نه پوندي هئي. سندس لکيل قلمي تحريرون اڃا تائين موجود آهن، جن جي ڏسڻ مان ائين پيو معلوم ٿئي ته گويا علم جو هڪ سمنڊ آهي، جو ڇوليون هڻي رهيو آهي. هو هڪ خوش بيان واعظ به هو. گهڻو ڪري پنهنجيءَ مسجد ۾ هر جمعي تي وعظ ڪندو هو، جنهن ۾ عجيب تاثير هوندو هو ۽ پري پري کان ماڻهو سندس وعظ ٻڌڻ لاءِ هلي ايندا هئا.

فارسيءَ ۽ عربي زبانن ۾ انشاء پردازيءَ ۾ ڪمال حاصل هوس اخويم محترم ميان غوث محمد ڳالهه ڪئي ته جڏهن مامو الله بخش، سردار محمد يعقوب خان جو حاضري- منشي مقرر ٿيو، تڏهن هڪ دفعي وزير صاحب کيس گهرائي هندوستان جي ڏهن مختلف راجائن ۽ نوابن ڏانهن ڏهن مختلف مضمونن جي خطن لکڻ جو حڪم ڏنو، ۽ تاڪيد ڪري چيو ته ’مخدوم صاحب، هي خط نهايت ضروري آهن ۽ اڄ ٽپال ۾ روانا ٿيڻا آهن، تنهنڪري جلدي تيار ڪري کڻي اچو‘. ميان غوث محمد ٻڌايو ته اهي خط اهڙا ته اهم ۽ پيچيده مضمونن جا هئا، ۽ انهن جي تيار ڪرڻ ۾ ايتري ته غور ۽ فڪر ڪرڻ جي ضرورت هئي، جو رواجي طرح ڏينهن ۾ هڪ يا ٻه خط تيار ڪري سگهجن ها، مگر مخدوم الله بخش صاحب ٿورن ڪلاڪن ۾ اهي ڏهه ئي خط تيار ڪري، نهايت سهڻن اکرن ۾ لکي، وڃي سردار صاحب جي روبرو پيش ڪيا. سردار صاحب اهي خط ڏسي نهايت خوش ٿيو، ۽ چيائين ته ’مخدوم صاحب! اسان کي هن وقت ڪنهن به راجا يا نواب ڏانهن ڪو خط لکڻو ڪونه آهي: مون فقط توهان جو امتحان ٿي ورتو. آفرين آهي توکي ۽ تنهنجي استاد کي، جنهن تنهنجي ههڙي تربيت ڪئي آهي ۽ توکي تعليم ڏني آهي!‘ انهيءَ کان پوءِ سردار صاهب جو مخدوم صاحب سان اهڙو ته پيار ۽ مٿس اهڙو ته اعتماد ٿي ويو، جو ڪنهن به دربار، شاهاڻي مجلس يا ڪانفرنس ۾ ويندو هو ته مخدوم صاحب کي ضرور پاڻ سان وٺي ويندو هو. اهوئي حال سردار صاحب جي جاءِ نشين صادق عليءَ جو هو.

مخدوم الله بخش اگرچه ساري عمر نهايت اهم سرڪاري عهدن تي رهيو، ۽ انهيءَ ڪري کيس وقت تمام ٿورو بچندو هو، تاهم تصنيف تاليف کان غافل نه رهيو. سندس تصنيف ڪيل هيٺان ڪتاب دستياب ٿي سگهيا آهن.

  1-  ”تفسير تسهيل القرآن“. هيءُ هڪ نهايت عجيب نموني جو مختصر مگر جامع تفسير لکڻ شروع ڪيو هئائين، جنهن جا فقط چار پهريان پارا پورا ڪري سگهيو. انهن مان ٽي پارا ”الم“، ”سيقول“ ۽ ”تلڪ الرسل“- سندس زندگيءَ ۾ شيخ علي محمد نو مسلم ڇپائي پڌرا ڪيا؛ باقي چوٿون پارو، ”لن تنالواالبر“، راقم الحروف وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهي. هي تفسير سنڌي زبان ۾ آهي ۽ اسرائيليات وغيره خرافات کان پاڪ آهي.

2-     ”فوزالاخلاف به فيض الاسلاف عرف تذکره مخاديم کهڙا“.

هيءُ ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيل آهي ۽ کهڙن جي مخدومن جي حالات تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو اصل مصنف جو لکيل نسخو راقم الحروف وٽ موجود آهي. انهيءَ جو هڪ نقل پير حسام الدين راشدي ۽ هڪ نقل سنڌ يونيورسٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي.

3-     ”رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي علم غيب متعلق هڪ رسالو“.

        هيءُ رسالو سنڌي زبان ۾ پير صاحب شاهه مردان شاهه پاڳاري جي چوڻ تي لکيو هئائين. رسالي ۾ هن معرکة الارا مسئلي جي نهايت انوکي نموني تي تحقيق ٿيل آهي. هيءُ رسالو به راقم الحروف وٽ موجود آهي.

منطق جي مشهور متن ”ايساغوجي“ تي فارسي زبان تي هڪ نادر حاشيو لکيو هئائين جو راقم الحروف وٽ قلمي صورت ۾ موجود هو مگر افسوس جو هڪ بيرحم دوست کڻي ويو ۽ گم ڪري ڇڏيائين.

تنهن کان سواءِ عربي ۽ فارسي زبانن ۾ ڪي مختلف فقهي تحريرون لکيل آهن جيڪي هڪ طرف ادبي شه پارا آهن ته ٻئي طرف متعلقه مسائل بابت جامع ۽ مانع تحقيق آهن.

مخدوم الله بخش صاحب کي خداوند ڪريم وڏو ذهن ۽ ذڪاء عطا ڪيو هو. سندس حافظه جي قوت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، عربي ۽ فارسي ڪتابن جون عبارتن جو عبارتون کيس ياد هونديون هيون، ۽ جيڪڏهن ڪنهن به وقت سندس روبرو ڪو علمي بحث ڇڙي پوندو هو ته ائين معلوم ٿيندو هو گويا پوري لئبرريءَ جا ڪتاب سندس آڏو کليا رکيا آهن ۽ هو انهن ۾ ڏسندو، عبارتون پڙهندو ۽ صفحن جا حوالا ڏيندو ٿو وڃي- حاضر جوابيءَ ۾ خاص ملڪو حاصل هوس.

مون سان مخدوم غلام محمد مرحوم، (جو اسان جي خاندان ۾ منهنجي فارغ التحصيل ٿي اچڻ کان پوءِ سڀني کان عمر ۾ وڏو هو. مخدوم الله بخش جي والد مخدوم محمد عاقل جو عام مختيار به ٿي رهيو هو ۽ انهن جي صحبت مان ڪافي فيض حاصل ڪيل هوس) ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي مير فيض محمد خان  جي درٻار ۾ ڪو ايران جو مجتهد آيو، مير صاحب جو شوق ٿيو ته مجتهد صاحب ۽ مخدوم الله بخش جو مذهبي بحث ڪرائجي. مخدوم صاحب کي خيرپور مان مير صاحب جي ڪچهريءَ ۾ ڪوٽ ڏيجيءَ گهرايو ويو، کيس مير صاحب جي خواهش کان واقف ڪيو ويو، مخدوم صاحب عرض ڪيو ته قبلا بحث کان ته انڪار ڪونهيم پر امين ڪير ٿيندو؟ مير صاحب سيني تي هٿ هڻي چيو ته امين مان ٿيندس. آخر خلفاء ثلاثه رضي الله عنهم جي ايمان کي بحث جو موضوع ٺهرايو ويو. مخدوم صاحب قرآن پاڪ جي آيت ”لاتجد قوما يؤمنون بالله واليوم الاخر يوادون من حادالله ورسولہ“ الايہ پڙهي خلفاء ثلاثه جي ايمان جي ثبوت تي فارسي زبان ۾ اهڙي ته مدلل تقرير ڪئي جو مير صاحب سڄو وقت ڪنڌ ڌوڻيندو ۽ آفرين ڪندو رهيو. جڏهن مجتهد صاحب جو وارو آيو تڏهن فرمائڻ لڳو ته مان پنهنجا ڪتاب سکر ڇڏي آيو آهيان اجازت ڏيوم ته اتان کڻي اچان پوءِ اچي بحث ڪندس. مير صاحب جي زبان مان بيساخته نڪري ويو ته ”مجتهد صاحب! علم همان است که در جلد خويش، علم همان نيست که در جلد ميش“.

مخدوم الله بخش مرحوم طب جو علم باقاعده ڪونه پڙهيو هو پر شڪارپور جي مير علي نواز علويءَ جي صحبت ۽ پنهنجي مطالعي جي زور تي هن علم ۾ به وڏي مهارت حاصل ڪئي هئائين. باقاعده طبابت ڪانه ڪندو هو پر جيڪڏهن وٽس ڪو بيمار ايندو هو ته انهيءَ کي نسخو لکي ڏيڻ ۾ بخل هرگز ڪانه ڪندو هو. ۽ وڏين وڏين پيچيده بيمارين، جن جي علاج کان وڏا وڏا حڪيم عاجزٿي پوندا هئا، تن جو علاج به معمولي نسخن سان وڏيءَ ڪاميابيءَ سان ڪري ويندو هو. کهڙن جي شهر ۾ بچل نالي هڪ ڪاسائيءَ کي جوانيءَ ۾ سلهه جو مرض ٿي  پيو ۽ پهريون ۽ ٻيو درجو ٽپي وڃي ٽئين درجي کي پهتو. ڌڱ مڙس ڳري ڪنڊا ٿي ويو. هلڻ جي طاقت ڪانه رهيس. سندس ڀاءُ رمضان کيس پٺيءَ تي کڻي مخدوم صاحب وٽ آيو. مخدوم صاحب هن کي هڪ نهايت معمولي نسخو لکي ڏنو، جو پساريءَ کان وٺي وڃي استعمال ڪيائون. الله جي مهربانيءَ سان، ڪاسائيءَ کي سلهه ڇڏي وئي ۽ هو اهڙو ته سَگهو جوان ٿي پيو جو ملاکڙن ۾ ملهون وڙهندو وتندو هو، ۽ شهر جي پهلوان جوانن مان هڪ جوان شمار ٿيندو هو. اهو بچل ڪاسائي اڄ تائين حيات آهي، جو هن وقت پوڙهو آهي تڏهن به هڏ ڪاٺ ۾ مضبوط آهي. مٿس وري سلهه جي مرض جو حملو نه ٿيو آهي. سندس جمع ڪيل طبي بياض جيبي سائيز جو راقم الحروف وٽ موجود آهي.

مخدوم الله بخش شڪل شباهت جو نهايت حسين هو، قد درميانو پر ڊگهائي ڏانهن مائل، رنگ سرخ و سفيد، بدن ڀريل پر نه بي ڊولو ٿلهو، آواز گرجدار، چهره نهايت سهڻو پر ساڳئي وقت رعبدار- بدن جا عضوا سڀ موزون، سنوان سڌا ۽ ڊولائتا. ڏند موتين جهڙا سهڻا. وار شرعي، سونهاري مبارڪ چاپهين هوندي هيس. پوئين عمر ۾ جڏهن سندس وار اڇا ٿي ويا هئا تڏهن انهن کي ميندي لائي ڳاڙهو ڪندو هو. ڏند به پڇاڙيءَ ۾ ٻيا وجهرايا هئائين.

مخدوم صاحب نهايت بلند اخلاق- خوش طبع- شيرين زبان ۽ مجلس جو مور هوندو هو. جنهن به مجلس ۾ حاضر هوندو هو ته اها مجلس باغ جئن پئي ٻهڪندي هئي. سندس زبان مان هر وقت مٺا مٺا گفتا ۽ وڻندڙ ٻول پيا نڪرندا هئا. سندس زبان جو هڪ هڪ لفظ توريل تڪيل هوندو هو. ڳالهائيندو هو ته گويا سندس واتان موتي پيا ڇڻندا هئا. هميشہ گلاب جي گل وانگيان پيو ٻهڪندو هو. بذله سنجي ۽ لطيفه گوئيءَ ۾ خاص ملڪو هوس. چرچو ڀوڳ سندس طبع جو جزو هو پر ڪڏهن به فضيلت جي حد کان ٻاهر چرچو نه ڪندو هو. کاڌي ۽ ڪپڙي سان تمام گهڻو شوق هوندو هوس. عمدو ۽ لطيف کاڌو کائڻ، بهترين نفيس ڪپڙو پهرڻ سندس لاءِ خاص دلچسپيءَ جو سامان هو. سخي به هڪ هو. ڪڏهن به اڪيلو ويهي ماني نه کاڌائين. ڳوٺ هوندو هو ته ماني کائڻ وقت پنهنجن سوٽن، ڀائٽين ۽ ڀاڻيجن سڀني کي گهرائي انهن کي دسترخوان تي پاڻ سان گڏ وهاري کارائيندو هو. انهن عزيزن مان جيڪڏهن ڪوبه وقت تي غير حاضر هوندو هو ته انهيءَ جي ڳولا ۾ چؤطرف ماڻهو ڊوڙائيندو هو ۽ تيستائين هڪ گره به نه کائيندو هو جيستائين اهو عزيز اچي شريڪ نه ٿئي.

پنهنجي وڏيءَ ڀيڻ، راقم الحروف جي والده سان تمام گهڻو پيار هوس، گهر جو سيڌو پاڌو، ڪپڙو لٽو، شيءِ شڪل جيڪي به وٺندو هو ته انهيءَ مان جيستائين وڏو حصو ڀيڻ کي نه ڏيندو هو تيستائين پاڻ ڪم نه آڻيندو هو. همشيره جي گهر ۾ شل نه ڪنهن کي مٿي ۾ سور پوي. بس پوءِ مخدوم الله بخش کي بي قراري ٿي پوندي هئي. ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ ايندو، ۽ جڏهن ايندو هو ته بيمار لاءِ يا ڀيڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه کنيو ايندو. ڀيڻ جي گهر سکڻين هٿين اچڻ پٽيءَ نه ٿيندو هوس. راقم الحروف کي ته پاليو ئي پاڻ هئائين مگر افسوس مان منجهانئس ڪو به فائدو وٺي نه سگهيس. اڃا سنڌي چوٿون درجو پڙهي پورو ئي مس ڪيم ته هيءُ لاکيڻو قضا جي قاصد کي لبيڪ چئي ملڪ جاودانيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو. سچ ته ائين آهي ته مون کي پنهنجي جيجل امڙ فارسي ۽ عربي به انهيءَ ڪري پڙهائي ته جئن مون منجهان کيس پنهنجي ڀاءُ واري بوءِ اچي جئن چوندا آهن ته ”اي گل بتوخور سندم که توبوئي کسي داري“. منهن جي پاڙهڻ لاءِ کيس هر قسم جي قرباني ڏيڻي پئي.

مون کان اڳ سندس ٽي جوان پٽ فوت ٿي چڪا هئا. انهن جي ۽ ڀاءُ جي درد ۾ سندس سينو زخمن کان پرڻ جيان سوراخ هو. مون کي اکين کان پري ڪرڻ تمام مشڪل ٿي لڳس. ٻڌو اٿم ته مان جڏهن دادو ضلع جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ قاضين جي ڪنڊي ۾ پڙهندو هوس ته پويان منهن جي پياري امڙ جنهن وقت ماني اڳيان ڪندي هئي ته سندس اکين مان ڳوڙها لاٽون ڪري وهندا هئا ۽ چوندي هئي ته افسوس! پنهنجي پيارن مان ڪوبه اکين اڳيان ڪونه ٿي ڏسان، هڪڙو ٻچڙو سو به پرديسي! وري پاڻ سنڀالي چوندي هئي ته ابا ميرل! مون توکي الله جي حوالي ڪيو. اميد اٿم ته توکي جنهن مقصد لاءِ موڪليو اٿم تون انهيءَ ۾ ڪامياب ٿي ايندين. مگر افسوس جو قربائتيءَ امڙ جي دل پوريءَ طرح نه ٺري. مان اڃا عربيءَ جي تحصيل ڪري پوري ڪئي، دستاربنديءَ جي جلسي جي تاريخ مقرر ٿي. انتظام ٿيڻ لڳا ته منهن  جي جيجل سخت بيمار ٿي پئي. بابو سائين ۽ ٻيا عزيز وٽس گڏجي ويا ته اسان جو خيال آهي ته تاريخ ڦيرايون، جيستائين تون چڱي ڀلي ٿي پئين ۽ اسان سان هن خوشيءَ ۾ شريڪ ٿين ته، جواب ڏنائين ته نه هرگز نه- ڀلائي ڪري تاريخ نه ڦيرائجو. مان! اهي علماء سڳورا جي هن دستاربنديءَ جي موقعي تي اچن، سي اچي منهنجي جنازي جي نماز پاڙهين. بهرحال پياري ۽ مهربان والده منهنجي دستاربنديءَ کان پوءِ ئي گذاري وئي ۽ منهنجي ڪمائيءَ مان کيس به اهوئي رپيو يا ٻه نصيب ٿيو جو سندس لائقن ڀريءَ والده کي پنهنجي پياري پٽ مخدوم الله بخش جي ڪمائيءَ مان نصيب ٿيو هو.

ڪاش! مون کي ايتري خبر پوي ته اڄ قبر ۾ منهنجي جيجل جي روح کي ڪا تسڪين آهي!! ڇاڪاڻ ته باوجود گهڻي ڪوشش جي مان پنهنجي مامي سائينءَ جي ڪڙيءَ کي پهچي نه سگهيو آهيان. نه وري انهيءَ جي جتيءَ ۾ پير پائي سگهڻ جي ڪا اميد اٿم.

مخدوم الله بخش مرحوم کي صلئه رحميءَ يعني پنهنجن مٽن مائٽن سان ٺهي هلڻ جو ڏاڍو اهتمام ۽ خيال رهندو هو، هو هن مقصد لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان ڪين گسندو هو. هڪ دفعي سندس سوٽن سندس کوهه جي زمين تي کڻي قبضو ڪيو، کيس ٻڌايو ويو ته کلي چيائين غريب آهن، کين ضرورت هوندي تڏهن ته ائين ڪيو اٿن. آءٌ ستن جريبن زمين ڪاڻ پنهنجن مائٽن سان ڦٽائڻ لاءِ تيار نه آهيان. زمين اتي پيئي هوندي، دعا ڪريو ته ڪا اڳتي ڪشادي زمين نصيب ٿئي.

مخدوم الله بخش مرحوم جي شڪارپور جي مشهور عالم، فاضل، شاعر ۽ حڪيم سيد مير علي نواز علويءَ سان خاص دوستي هوندي هئي. هر سال گرميءَ جي موسم ۾ موڪل وٺي شڪارپور ويندو هو ۽ وڃي ٻه ٽي هفتا مير صاحب سان رهاڻيون ڪندو هو. شڪارپور جا جملي دوست گهڻو ڪري شام جو اچي سنڌ واهه جي ڪناري تي گڏ ٿيندا هئا، جتي سندن ڏاڍيون علمي ۽ ادبي رهاڻيون ٿينديون هيون. پنهنجي هم سبق ۽ هم عمر سيد شهاب الدين شاهه هالاڻيءَ واري سان به ڏاڍو قرب هوندو هوس. ٻئي صاحب رياست خيرپور ۾ معزز عهدن تي هوندا هئا ۽ پاڻ ۾ ”لحمڪ لحمي“ وارو رستو هوندو هون. علامه عبدالغفور همايوني سان پڻ محبت ۽ عقيدتمنديءَ جو رستو هو ۽ علامه صاحب جو نهايت ادب ۽ احترام ڪندو هو. ازان سواءِ شڪارپور واري خانصاحب گل حسن خان نائب وزير رياست خيرپور، عاليجناب پير رفيع الدين سرهندي شڪارپوري، مرحوم شمس الدين بلبل وغيره جهڙن اديبن ۽ فاضلن سان خاص تعلق هوندو هوس.

مخدوم صاحب فارسي، اردو ۽ سنڌي زبان جو هڪ قادر الڪلام شاعر ۽ اديب هو. پنهنجي زماني ۾ رياست خيرپور جو امير الشعراء پاڻ هو. رياست ۾ ڪو به نئون ڪم ٿيندو هو يا ڪو جلسو منعقد ٿيندو هو ته موقعي جي مناسبت تي مخدوم صاحب مرحوم ئي فارسي زبان ۾ قصيدو تيار ڪندو هو جو انهيءَ موقعي تي پڙهندو هو. خيرپور وٽ ميرواهه تي دو منزله پل تيار ٿي ته انهيءَ تي فارسي زبان ۾ هڪ نهايت فصيح، بليغ ۽ ڪافي وڏو قصيدو تيار ڪيائين جنهن جو هن وقت مون کي فقط هڪ مصرع ياد آهي. ”بحڪم نص من الماء کل شيء حي- مگو تو آب که چشمئه حيات حيوان است“. تنهن کان سواءِ کيس فارسي غزل گوئيءَ ۾ به ڪمال حاصل هو. مثلاً سندس هڪڙي غزل جو مطلع آهي.

امشب که شوخ من از شوخي تمام رفت-

صبر و توان و طاقت زين مستهام رفت

ٻئي هڪي فارسي غزل جي مطلع جو فقط هڪ بند ياد اٿم:

جمالش دل بغمزه برد

 

دلداري چنين بايد

هڪ نعتيه غزل سندس چيل آهي جنهن جي هر هڪ مصرع ۾ چار بند آهن. جن مان پهريون بند فارسي زبان ۾، ٻيو سنڌي زبان ۾، ٽيون اردو زبان ۾ ۽ چوٿون بند عربي زبان ۾ آهي. انهيءَ غزل جو مطلع ۽ ڪي مصرعا جيڪي ياد اٿم پڙهندڙن جي تفريح طبع لاءِ هتي لکان ٿو.

مطلع-  تو براوج فلک چو گذشتي شها

سڀ چون ملائڪ صلِ علي

کيا خوب چلي هين محبوبِ خدا

من مڪه الي الملاءِ الا علي

مصرعه-  کشائي ز چهره حجاب بيا

اي سج سحاب ۾ منهن مَ لڪا

يه جهان هي تيرا مشتاقِ لقا

قد قام علي الباب العظمي

مقطع- تو بنازو ادا ببري دلها

ٿيا ملڪ فلڪ تو تي شيدا

مين هون سائل عاصي در په گدا

متوسل سد تک العليا

مخدوم الله بخش جو سنڌي شعر به ڪافي چيل آهي. مثلاً سندس هڪ غزل جو مطلع ۽ مقطع ياد اٿم سو هتي لکان ٿو-

مطلع:- گهنڊ کول کِل سڄڻ تون منهن تان نقاب لاهي

عاشق کي منهن ڏيکارڻ سائين ثواب آهي.

مقطع- ياسين تنهنجي تعريف، طٰہٰ تمام توصيف

عاصي تنهنجي صفت ۾ ڪهڙو ڪتاب ٺاهي

مخدوم مرحوم کي ٻنهي جهانن جي سردار، اڙين جي آڌار حضرت محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم سان خاص عشق هو- هن عشق ۾ سندن ڪافي مولود چيل آهن- مثلاً حضور جي معراج بابت سندس چيل هڪ مولود جو مطلع هت عرض رکان ٿو.

1- مصطفيٰ مرسل جي آ، معراج رات اڄ

ساز ۽ سامان جي تازي تياري اڄ

سندس ٻئي مولود جو مطلع آهي:

2-     قدم قريشيءَ رکيو- عرش اتي هل پيو-

اڄ آيو رسول الله ڀلي آيو بسم الله

وقت جو ڪو به شاعر ڪو چڱو معياري شهپارو پيش ڪندو هو ته مخدوم صاحب ضرور انهيءَ جي تتبع ۾ پنهنجو شعر تيار ڪري انهيءَ ڏانهن موڪلي کانئس داد وصول ڪندو هو.

مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي مشهور غزل- ”تنهن جي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو“- يا پير معشوق شاهه راشديءَ جي غزل ”مٽ بوئي گيسوئن جي مشڪ ختن جو ڇاهي“- جو چرچو ٿيڻ لڳو ته مخدوم صاحب انهن جي جواب ۾ سندن تتبع تي غزل ٺاهي ٻنهي بزرگن ڏانهن ڏياري موڪليا، جن کيس دل کولي داد ڏنو.

مون مٿي لکيو آهي ته مخدوم الله بخش مرحوم جي وفات وقت مان ننڍيءَ عمر جو هوس. سندس وفات کان پوءِ سال 21-1922ع ۾ فارغ التحصيل ٿي ڳوٺ آيس ته انهيءَ وقت مخدوم صاحب جو ڪلام گهڻن ماڻهن کي ياد هو ۽ مجلسن ۾ عام طور ڳايو ۽ شوق سان ٻڌو ويندو هو. مون به مخدوم صاحب جو فارسي ۽ سنڌي ڪلام ڪافي مقدار ۾ گڏ ڪري هڪ نوٽبڪ ۾ لکي ڇڏيو هو. پر نهايت ڏک اٿم ته هڪ بيدرد دوست اهو نوٽبڪ مون وٽان کڻي ويو ۽ وري واپس نه ڏنائين. کيس به حرمان کان سواءِ ڪجهه نصيب نه ٿيو، پر اسان کي به هميشہ لاءِ حسرت جا هٿ مهٽائي ڇڏيائين. هتي جيڪي ڪن پڇ لکيا اٿم اهي انهيءَ ئي نوٽ بڪ جي هڪ محو شده ياد جي حيثيت رکن ٿا. وري ڪوشش شروع ڪئي اٿم جيڪڏهن ڪجهه ڪلام هٿ آيو ۽ ڪريم ڪارساز ۾ اميد آهي ته هٿ ايندو ته پوءِ انشاءاللہ تعاليٰ اهو مهراڻ جي ڪنهن ٻيءَ اشاعت ۾ شايع ڪرايو ويندو.

مخدوم الله بخش نهايت خوشخط ڪاتب به هو. سندس اکر موتين جي داڻن جهڙا سهڻا هوندا هئا. رياست جي وزير شيخ صادق علي مرحوم جي نيڪ ڪوششن سان جڏهن کهڙن وارن مخدومن جي اڏيل جامع مسجد جي نئين سر مرمت ٿي تڏهن پاڻ انهيءَ نئينءَ تعمير جي تاريخ ۾ ٻه فارسي قطعا تصنيف ڪري، پنهنجن اکرن ۾ لکي، دهليءَ جي هڪ نقاش کان انهن جي ڪناري تي نقش و نگار ڪرائي، فريم ۾ بند ڪرائي، مسجد جي ديوار تي لڳائي ڇڏيائين. اهو فريم اڃا تائين مسجد جي الهندينءَ ديوار تي وچين ۽ ڏاکڻئين قبي جي وچ ۾ لڳو پيو آهي. پهرئين قطعه جو مطلع آهي: مفيض جهان شيخ صادق علي – کز و شد رياست چو باغ بهشت.

ٻئي جو مطلع آهي: در اقصائي عالم بگستم بسي – نديدم چنين مسجدِ رشک خلد.

اکرن جي سونهن، نزاڪت، بيهڪ ۽ موزونيت ڏسي آدمي دنگ رهجيو وڃي. جيڪڏهن ڪو موقعو ميسر ٿيو ته انهن اکرن جو فوٽو وٺي مهراڻ ۾ شايع ڪرايو ويندو. نه ته شايد: مردي از غيب برون آيس کاري بکند.

مخدوم الله بخش صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون. هڪڙي شادي ته ننڍپڻ ۾ سندس والده ڪرائي هيس مگر انهيءَ مان اولاد ڪونه ٿيو، ٻي شادي پير ابو محمد صالح شاهه صاحب جيلاني پنهنجن مريدن مان ڪرايس؛ انهيءَ مان کيس ٻه نياڻيون پيدا ٿيون، انهن مان هڪڙي ته سندس حياتيءَ ۾ فوت ٿي ويئي باقي ٻي نياڻي اڃا تائين حيات آهي. جنهن کي ٻه فرزند آهن، مگر هن حقيقت جو اظهار ڪندي دل ٿي ٽُڪر ٿئي ته ٻئي علم کان بي بهره آهن. اڃا عمر جا ننڍا آهن، وقت ويو ڪونهي- شال خداوند ڪريم کين سنئين راهه نصيب ڪري- آمين.

مخدوم مرحوم جي مزار کهڙن جي شهر رياست خيرپور ۾ مخدومن واري جامع مسجد جي صحن جي اتر ۾ هڪ ننڍي چوڪنڊي ۾ آهي. سندس تربت سان گڏ ٽي تربتون ٻيون به آهن. انهن مان اوڀر طرف کان پهرين تربت راقم الحروف جي والد جي آهي، ٻي مخدوم الله بخش جي.

چون ٿا ته مخدوم الله بخش جڏهن ننڍو هو ۽ انهيءَ ئي مسجد سان متصل مدرسي ۾ تعليم وٺندو هو، تڏهن انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ گهڻو وهندو هو ۽ اتي ويهي سبق ياد ڪندو هو- جنهن وقت شيخ صادق علي مرحوم مسجد جي مرمت ڪرائي، تڏهن شيخ صاحب کي عرض ڪري اها ڪوٺي الڳ رکائي ڇڏيائين ۽ وصيت ڪيائين ته هن جهان ڇڏڻ کان پوءِ کيس انهيءَ جاءِ ۾ دفن ڪيو وڃي- ائين ئي ٿيو. انهيءَ جاءِ ۾ پهريون پاڻ دفن ٿيو تنهن کان پوءِ خالي جڳهه ۾ سندس عزيزن کي سندس ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.

جا ڀونء پيرين مون

 

سا ڀونء مٿان سڄڻين

ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾

 

اڀـــــي ڏٺــــــــا ســــون

دنيــــــــا ڏينهن ڏون

 

اٿي لوچ لطيف چئي-

ضميمو

مخدوم الله بخش مرحوم تي مضمون لکجي تيار ٿيو ۽ اهو مهراڻ جي ڪارڪنن جي حوالي ڪرڻ وارو هوس ته ايتري ۾ منهنجي دوست ماستر ميان جان محمد قريشي صاحب رٽائرڊ هيڊ ماستر پرائمري اسڪول کهڙا مخدوم الله بخش صاحب جو چيل هڪ غزل ۽ ٻه مولود لکي ڏياري موڪليا. مان مضمون ۾ ردوبدل ڪرڻ بدران مناسب سمجهان ٿو ته ماستر صاحب جو موڪليل ڪلام مضمون جي ضميمي طور پويان شامل ڪريان. هن غزل ۽ مولودن جو اجمالي ذڪر مضمون ۾ ٿي چڪو آهي:

1 – غزل نعتيه

مطلع –

 

 

 

تو بر اوج فلک چو گذشتي شها

سڀ چون ملائڪ صَلِّ عَلى

کيا خوب چلي هين محبوب خدا

من مڪه الي الملاء الا عليٰ

1-

ز صفائي جبين خورشيد خجل

رخ روشن تان قربان قمر

تيري زلف سيه کا بيان هي مگر

والّيل اذا يغشي الظلما

2-

تو بناز و ادا ببري دلها

ٿيا مَلَڪَ فَلَڪَ توتي شيدا

اي شاهِ رسل، سالارِ جهان

لِمَ لاَتتلَطّفَ يا اَسَفا

3-

به قبائي لَعۡمُروک چست بدن

لولاڪ لما جو تاج به سر

تيرا طٰہٰ وياسين نام و لقب

سُلطَان عرب، مَلِڪُ البطحا

4-

بکشائي ز چهره حجاب بيا

اي سج سحاب ۾ منهن مَ لِڪا

يه جهان هي تيرا مشتاقِ لقا

قد قام علي الباب العظمي

5-

به شفاعتِ امت لب بکشا

رب خاص رکي آهي تنهنجي رضا

مين هو سائل عاصي در کا گدا

متوسل سُدّ تِکَ العليا.

 

2 – مولود شريف سنڌي

 

مطلع – مصطفيٰ مرسل جي آ، معراج واري رات اڄ

ساز ۽ سامان جي تازي تياري رات اڄ

1 – عرش اعظم تي ملائڪ، مرحبا لئه منتظر

خود خدا کي آ اچڻ جي انتظاري رات اڄ

2 – محبتي ميدان ۾ اڄ، برهه جون بوندون وسن

ٿي گهلي خوش باغ ۾، بادِ بهاري رات اڄ

3 – سر نوائي صف ٻڌي، بيٺا ادب سين انبيا

ٿي لنگهي افلاڪ کان، سرور سواري رات اڄ

4 – سِرُ سبحان الذي، اسريٰ جو ٿيو اڄ آ شڪار

مام مَا زَاغَ الۡبَصَرُ جي، صاف ساري رات اڄ

5 – واعدو وسوف يعطيک، پاڻ ڪيو پروردگار

عاصين لئه عام ٿي اميد واري رات اڄ

 

3 – مولود شريف بطرز قديم

 

مطلع – قدم قريشيءَ رکيو، عرش مٿي هل پيو

اڄ آيو رسول الله، ڀلي آيو بسم الله

1 –    ڄاپڻ سان ڄام جي ڪوٽ ڪريو ڪسريٰ جو

شامُ ڏٺائون شعاع ۾ برج صفا بصريٰ جو

عالي اقبال سان اوج لڌائون اسريٰ جو

قدم قريشيءَ رکيو.............

2 –   قدسي قبا لولاڪي، تاج سونهين طٰہٰ جو

خاص مُزَّمِلُ خلعت، واه وڳو والضحيٰ جو

شاهِ رسل، صدر جهان، مير مڪي بطحا جو

قدم قريشيءَ رکيو.............

3 –   صحن سماوات جو، گلشن ٿيو گلزاري

شع ٻريا شاديءَ جا، چار طرف چوڌاري

شاهه تنهنجو شان و شرف، بخت بلند آ باري

قدم قريشيءَ رکيو.............

4–    ملڪ مقرب مڙيئي، خادم خاصا درجا

پاڪ پيغمبر سڀئي، سپاهي سرور جا

سؤ صلواتون سلام، پرينءَ مٿي پرور جا

قدم قريشيءَ رکيو.............

5 –   سائل سوين سدا، در اڳيان دلبر جي

عاصيءَ، امت جو ننگ مٿي ٿو نر جي

پاڪَ ٿيندين پشت پناهه، حامي منجهه محشر جي

قدم قريشيءَ رکيو.............

 

خطبه تصنيف مرحوم مغفور مولانا مخدوم الهه بخش صاحب عباسي

بسم الله الرّحمٰن الرّحيم

اَلۡحَمۡدُ لِذِي العِزِّ ڪريمِ وَّ مَجيدِ

الۡقَادرِ ذي القُدرَةِ وَالۡمالِڪِ ذِي الطّولِ

اَلرّازقِ لِلۡخَلۡقِ شَقيّ وَّ سعِيدِ

قَدۡ بَعَثَ اِلَينا برَسولِ عربيِ

مَهَدِيِ لِلنّاسِ اِلَي الۡحَقّ رشيدِ

البَالِغُ بالۡحُجّةِ وَالۡقائمُ بِالايۡدِ

اَلرّحۡمَةُ لِلاُمَّةِ فَضۡلَ لَّعَبِيۡدِ

خُلَفَاءُ لَہُٗ اَرۡبَعُ الاَوّل صدّيقُ

فَالۡعَادِلُ بالۡحَقّ و فيُٗ لَّوَعِيدِ

فَالۡجامِعُ لِلنَّظۡمِ بَليغُٗ بِڪَلام

فالصّارم بالسيَّفِ لِجبَّارِ عنيدِ

يا رَبِ تَرحَّمِ فعليٰ حِزۡبِ مُحَمّدِ

عَمَّيہِ و آلہٖ و عليٰ کُلِ شَهِيۡدِ.

اي طالب بشنو تو که در فهم وحيدي

سخي کي بعمرت به بيانش نه رسيدي

بلبل که به هر صبح بر آرد گُل بانگي

پندي کُنَدَتۡ اين که تو در کتب نديدي

از عمر که باغ است برهِ تازه گلي چين

افسوس خوري چون گل زين باغ نه چيدي

آن چيزي که خاري بره مطلبت انداخت

دنيا است که شب و روز پئي آن بدويدي

امروز کجا ملک سليمان و سکندر

قارون بآن حشمت و دولت که شنيدي

گشتند همه خاڪ و بخاک اندر افتند

رخت تو همين است که دين داده خريدي

هيهات براين نفع تجارت که نمودي

صد حيف براين ذوق حرامت که چشيدي

رُو توبه کن اي ”عاصي“ ازين پيشهء نا راست

بيجا است همه رنج و مشقّت که کشيدي

بارڪ الله لنا ولڪم ولِسائر المسلمين انہ تعاليٰ

جوادُٗ غنيُٗ قديمُٗ برُٗ ربُٗ ر‍ؤفُٗ رحيمُٗ.

تاريخ تعمير جامع مسجد شريف شهر کهڙا- که به حسن اهتمام مرحوم مغفور خانبهادر شيخ صادق علي وزيرعظم رياست خيرپور سند و کوشش خانصاحب فياض الزمان گل حسن خان مختيارڪار صاحب گمبت حال نائب وزير صاحب کمپ شاهي دام اقباله از سرنو تعمير يافته جلوه گر گرديده است از بنده خادم العلماءُ مخدوم الهه بخش عباسي عاصي عفا عنه رب الاناسي.

مفيض جهان شيخ صادق علي

کزو شد رياست چو باغ بهشت

دگر گل حسن خان که دارد همي

دلِ قدسيان و دماغ بهشت

توجه بتعمير مسجد شريف

نمودند بادل فراغ بهشت

کنون مسجدي شد بنقش و نگار

که دل ميدهد زو سراغ بهشت

الاهي بر ايشان عطا هاي خود

پياپي رسان چون اياغ بهشت

سحر گه به ”عاصي“ ندا شد ز غيب

بگو سال مرمت ”چراغ بهشت“

ايضاً در سنه هجري مقدس

در اقصاي عالم بگشتم بسي

نديدم چنين مسجدِ رشکٖ خُلد

چو ديدم بحيرت فتادم کہ هان

بروي زمين مسجدِ رشکٖ خُلد

بگفتم زماني برم سر به جيب

پيء سال اين مسجدِ رشکٖ خُلد

کہ ناگہ سروش از سر دعويم

بگفتا ”به بين مسجدِ رشکٖ خُلد“

(ياد رهي ته، جئن مٿي لکي آيا آهيون، هي ٻئي تاريخ جا قطعا مخدوم صاحب پنهنجي هٿ سان لکي مسجد شريف جي ديوار تي هڻي ڇڏيا آهن، جيڪي اڃا تائين لڳا پيا آهن.)

---------


1  لف و نشر غير مرتب

1  يعني در قصبہ موره ضلع نوابشاهه نزد حضرت عارف عالم مولانا عبدالؤف قدس سره تا شرح جامي خواند؛ بعده حسب مشوره و اجازت استاد موصوف در شهدادکوت رفتہ، نزد عارف کامل مولانا حضرت نور محمد صاحب قدس سره بقيہ کتب خوانده فارغ التحصيل شدند.

(1)  بعد از نماز استسقا در دعا مشغول بود کہ ناگاه ابر متکوّن گرديد و خيلي باران باريد کہ آب مانند انهار جاري شد.

(2)  بحر سند قريہ فيروز شاهه را مي خورد: مردم از قريہ نقل نموددند، مگر مولانا عطاءاللہ باوجود اصرار مردم از قريہ نرفت و براي واپس شدن دريا بجناب باري دعاها جاري داشت – ببرکت دعايش دريا واپس گشت. اين کرامتش مشهور ست.

*  اهو خط مرحوم ميان فتح محمد قريشيءَ، دائود ديري واري پيرانه ساليءَ ۾ مون کي بر زبان ياد ٻڌايو هو، جو پاڻ طالب علميءَ ۾ ياد ڪيو هئائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com