سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :41

ماستر غوث بخش (ٺل)

 

ملّا الله وسايو ”ڪفشدوز“

 

الهوسايو ولد چنڊ، ذات ڪلهوڙو، ڌنڌو موچڪو ڪندو هو. سندس جنم شهر بهشتي تعلقي گهوٽڪي ضلعي سکر ۾ هڪڙي شاديءَ جي موقعي تي ٿيو هو، تنهنڪري کيس ”شادي“ به چوندا آهن. هن وقت سندس رهڻ جو هنڌ ڳوٺ ميرپور ٻرڙو، تعلقو ٺُل، ضلعو جيڪب آباد، آهي.

سندس راڳ جو استاد احمد دايو (ويٺل ڳوٺ ميرپور، ٺُل)، ۽ شعر چوڻ ۽ معنيٰ  جو استاد هوت خان موچي (ويٺل مگر جي مياڻي) آهي؛ ڏور جي بيتن، هنر ۽ ڳجهارتن ۾ استاد لوٽڻ مهاڻو (ويٺل کاهي) اٿس. آهستي آهستي دل جو راز ۽ خيال ويا وڌندا، ۽ ڪيترا بيت، غزل ۽ ڏوهيڙا چوڻ لڳو، جن ۾ سندس تخلص ”ڪفشدوز“ آهي.

”ڪفشدوز“ سنڌي، اردو، انگريزي وغيره پڙهيل ڪو نه آهي، صرف قرآن پاڪ جي تعليم ورتي اٿس. هن سگهڙ جي زندگي عجيب غريب نموني جي آهي. هيءُ ميلن ملاکڙن ۽ مجلسن جو مور، ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون مجلسن ۽ محفلن ۾ گذاريندو آهي.

”ڪفشدوز“ جا ڪيترائي شاگرد آهن، جن مان هيٺيان قابل ذڪر آهن: خاقل ولد حسڻ ٻروڙو، صيفل ولد شفيع محمد ڀٽي، يعقوب ولد خير محمد ٻرڙو، امير بخش ولد ڌڻي بخش کوسو، دائم ولد ڪوڙو خان ٻرڙو، فقير محمد سامت، ۽ متو پٽ جلال ٻرڙو. اهي سڀئي صاحب گهڻو ڪري تعلقي ٺُل جا رهاڪو آهن.

”ڪفشدوز“ جي مجلس جا رفيق به مڙيئي راڳ جا شوقين ۽ سمجهه ٻڌ وارا هئا، جي هي آهن: قاضي سرور بخش دايو، ويٺل ميرپور؛ صوفي مبارڪ کٽي؛ خانصاحب سهراب خان سرڪي؛ سردار گل محمد خان پهوڙ؛ زميندار محمد ايوب خان ٻرڙو؛ ۽ رحيمڏنو ڪوري، ڳوٺ ميرپور ٻرڙو.

”ڪفشدوز“ صاحب ٻين وڏين هستين ۽ بزرگن سان به ملاقاتون ڪيون آهن – جهڙوڪ مولوي عبدالغفور صاحب ”مفتون“ همايوني، سخي قبول محمد درازن وارو، حافظ محمد صديق ڀرچونڊي شريف وارو، مولوي نظر محمد روجهاڻ وارو، راڻيپور وارو بزرگ، مولوي محمد ابراهيم سرحدي، بزرگ محمد عمر صاحب چشموي وارو (ڪوئيٽا بلوچستان)، پيرل فقير صاحب انڊهڙ، وغيره.

”ڪفشدوز“ صاحب هن وقت به زنده آهي، پر نهايت ئي پيرسن آهي. سندس عمر اٽڪل هڪ سو ورهيه آهي. کيس هڪ پٽ رحيم بخش نالي، ۽ ٽي پوٽا آهن. سندس ڪلام ڪافي آهي، جنهن مان ڪجهه نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.

(بيت)

قلزم ڪارونڀار ۾، جن ماريو غوطو،

وڃائي وجود کي، ڀڃي ڇڏيائون بوتو،

جاڏي رايو هين روح جو، سو پر وڃي پوتو،

جن آخر’والعصر‘ ڄاتو، سي آهن ”ڪفشدوز“ ڪريم سان.

*

دم هڪ داور کان پري نا ٿيا،

جبروت ۽ ناسوت کان لنگهي اڳتي ويا،

لاهوتي لامڪان جا تنين سير ڪيا،

اسم جسم هڪ هيا، وڃي ”ڪفشدوز“ ڪمال ٿيا.

*

وسڻ جا ويس ڪري، ٿيا ولائتن وسڪارَ،

ڪڪر سڀ ڪڪوريا، ڪري مينگهه ملهارَ،

ڪڇي ناڙي نهال ٿي، ٿيا گاهن جا گلزارَ،

سنڌ ماڙ مست ٿيو، ٿي پنجاب ۾ پلٽارَ،

هندستان هنڌ تنهين، ٿيا دکن ۾ ڌڌڪارَ،

لمون لاڙ ڪيچ ڪڪوريو، ڪري عربستان اپارَ،

شام شيرين، حلب حبش، ٿيا چين ۾ چمڪارَ،

خراسان، افغانستان، ترڪستان، ايران، وٺو بيحد بيشمارَ،

مولا ملڪ وسايا کڻي، چؤ قبلي ئي چوڌارَ،

ڳڻيو ڳڻيان ڪيترا، ٿيندا حسابن هزارَ،

پکي سڀ الله جا، اُڏري ڪن ٿا الغارَ،

تنهن کي رحمان ٿو روزي ڏئي، حاڪم ئي هيڪارَ،

بحري، باشو، ترمچي، هنس، هماءُ، ڪري بلبل ٿي بلغارَ،

زندگي، جعفر، سورج، رابيل، گلاب، ڏس ٽانگي جا ٽهڪارَ،

جيت، جتوڙا، پوپٽ پتنگ، ڏِس ڀونرن جي ڀڻڪارَ،

مرون، مانگر، ڪُميون، ڪڇون، واگهون، پلاهن جا جنسارَ،

اُٺ، گهوڙا، ڳئون، مينهون، گڏهيون، روهن تي ريڍارَ،

سانگ چري سرها ٿيا، هو ٻهڪن ٿا ٻڪرارَ،

مال ماڻهن جا خوش ٿيا، سُکيا ڪيا ته ستارَ،

چانگا هرڻ پٽ تي گهڻا، سروَ ڏس روجهن جي دهڪارَ،

مِينهن کڻي موجون ڪيون، ٿي هر ٻوٽي هُٻڪارَ،

آب گهڻو هر جاءِ تي، کليا انب انارَ،

پوکون پڪيون سيگهه مان، جوڙيا سنگ ڪلتارَ،

لُڏي لابارو ٿا ڪن، اُتي ئي لائي هارَ،

ڳاهي موهي گڏ ڪيائون، ڏِس ڌڙن جا ڌڪارَ،

آنّ گهڻو هر جڳهه تي، سائينءَ ڪيا سڪارَ،

ڪڍيو ڏڪر ڏيهه مان، ڏيهه – ڌڻي ڏاتارَ،

الحمدالله، آهيون هاديءَ جي آڌارَ،

وسايائين مهر، ”موچي“ چوي، سونهن ڀري سردارَ،

ڇٽندا سي ڇيهن مان، آهيون احمد جي آڌارَ،

پڙهو ڪلمو ۽ قرآن، وويار، ته جوکو ناهي جيءَ کي!

 

-----------------------------

احمد خان ”اختر“

 

قبول محمّد شاهه قريشي

 

قبول محمد شاهه، بن جان محمد شاهه، بن سعيد محمد شاهه، بن جان محمد شاهه، بن پنيلڌو شاهه، بن احمد شاهه، بن ابو شاهه، بن عبدالرزاق شاهه، بن صالح شاهه، بن ابوبڪر شاهه، بن محمد شاهه، بن عبدالسميع شاهه، بن محمد شاهه، بن مخدوم پير محمد شاهه، بن شاهه جلال الدين، بن شاهه صدرالدين شاهه، بن محمد شاهه، بن عبدالله شاهه، بن عبدالله شاهه عرف وسڻ شاهه، بن شاهه موسيٰ، بن شاهه خضر، ابو القاسم، بن ابوالخير، بن شاهه جلال الدين، بن شاهه علاؤالدين (ستون صاحبزادو حضرت غوث بهاؤالدين ملتاني رحه)، جي ولادت سال 1898ع مطابق 1318ع هجريءَ ۾، ڳوٺ پير تاج محمد شاهه قريشي (لڳ درگاهه شاهه اسماعيل قادري، تعلقو حيدرآباد) ۾، جمع جي رات، فجر مهل ٿي. جڏهين پير صاحب جي عمر اٺ ورهيه پوري ٿي، تڏهين سندس والد بزرگ کيس پنهنجي ڳوٺ اندر هڪ قابل استاد مولوي ويهاري ڏنو ڇاڪاڻ ته ٻهراڙيءَ هجڻ سبب ڪو به سرڪاري سڪول ان ڳوٺ ۾ موجود ڪو نه هو، ۽ نه وري ويجهڙائيءَ ۾ ئي ڪو اهڙو سڪول هو، جتي کيس تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ها. مولوي صاحب، ان وقت جي هلندڙ دستور موجب، پير صاحب کي قرآن شريف جي تعليم پوري ڪرائي، بعد ۾ ”نور نامو“ ابوالحسن جي سنڌي پڙهايو، ۽ مختصر طرح ڪجهه شريعت جي مسئلن کان پڻ واقف ڪيو.

تيرهن ورهين جي عمر ۾ - يعني سال 1911ع، مطابق 1331 هجريءَ ۾ - سندس والد بزرگ ۽ ٻنهي سوٽن جي وچ ۾ مريدي – خادميءَ جي ڪن ڳالهين تان تڪرار ٿي پيو، جو وڌندو آخرڪار ان نوبت تي وڃي پهتو، جو کين مجبوراً، پنهنجن معتقد مريدن ۽ خليفن جي مشوري سبب، اباڻو وطن ڇڏڻو پيو. هو پوءِ لڏي ڳوٺ مٺو شورو تعلقي حيدرآباد ۾ اچي رهيا، جتي هن وقت پڻ سندن پونير موجود آهن.

جيئن ته مذڪوره گاديءَ جي پڳ سندن ڏاڏي جي فوت ٿيڻ بعد سندس پيءُ جان محمد شاهه کي ٻڌايل هئي، تنهنڪري سال 1928ع مطابق 1348 هجريءَ ۾، سندس والد بزرگ جي اَسي ورهين جي عمر ۾ رحلت ڪرڻ سبب، پڳ جو ڌڻي پاڻ هو. سندس سوٽ شاهنواز شاهه بن نور محمد شاهه، بن سعيد محمد شاهه اعتراض اٿاريو، پر پير ڀلن شاهه صاحب ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي، فيصلو ڪري، پڳ پير قبول محمد شاهه کي ٻڌائي. سال 1929ع مطابق 1349 هجريءَ ۾ ان جي رسم ادا ٿي.

پير صاحب کي 1935ع مطابق 1355 هجريءَ ۾ جان محمد شاهه نالي فرزند عطا ٿيو، جنهن بعد سندس شريڪ حيات جلد ئي داعيء اجل کي لبيڪ چئي، پير صاحب کي هميشہ لاءِ داغ مفارقت ۾ محور ڪري دارالبقا ڏي راهي ٿي. ازان سواءِ، ڪن خانگي معاملات تان پاڻ ۾ ٻنهي سوٽن جي وچ ۾ پڻ نفاق پيدا ٿي پيو، جنهنڪري سندس فرزند معصوم جي پرورش به ناناڻن ۾ ٿيڻ لڳي. هڪ طرف والد بزرگ جو وڇوڙو، ٻئي طرف شريڪ حيات جو فراق، ته ٽئي طرف معصوم ٻچڙي جي جدائي – انهن سڀني تڪليفن شاهه صاحب جي جان جهوري وڌي، جنهن سبب سندس دل مان يڪايڪ هڪ ٻئي جي پٺيان امنگ اٿڻ لڳا. جيتوڻيڪ سندس تعليم تمام گهٽ هئي، ۽ شعر و شاعريءَ جي رديف ۽ قافيي کان ناآشنا هو، تاهم سندس ڪلام بحر وزن تي خواهه قافيي رديف تي گهڻي ڀاڱي پورو آهي. سندس اهليه محترمه جي فراق ۾ پاڻ جيڪو پهريون ڪلام جوڙيائين، سو هي آهي:

اکيون ڇو نه روئن زارو زار اديون،

جن کان دوست ويو ٿي ڌار اديون!

اکين آرو محب ملڻ، پر ۾ پنهنجي پرينءَ پسڻ جو -

عشق ڏنن آزار اديون.

ننڊ ڦٽي، آرام ويو جن، روئڻ ۽ راڙهي کان نه ٿيون بس ڪن-

برهه ڪيون بيمار اديون.

”قبول محمد“ پسن سي رانجهن، انهيءَ کان اڳ بس سي ڪيئن ڪن؟

نيڻان وهائڻ نار اديون.

سندس فراق جيئن پوءِ تيئن ويو روز بروز وڌندو، جنهنڪري سندس والده محترمه ۽ ٻين ڀاتين کي سندس ظهيري حالت ڏسي حد کان وڌيڪ دل ۾ درد رهڻ لڳو. پنهنجي والده جي منع ڪرڻ تي – ته اداس نه رهه – پاڻ مسجد ۾ ويو، ۽ ٻه رڪعتون نفل پڙهي، درگاهه رب العزت ۾ دعا پنيائين ته

امن ڏينم الله، ڪيم توبهه زاري،

ڪيم توبهه زاري، سڄي عمر ساري!

ڇڏيم باغ بنگلا ۽ گل ڦل گلابي،

وڳا ويس سهڻا عجب ڪيمخوابي -

ڏسي ماهتابي پيم دل ۾ گهاري.

بڻيس مان به مجنون عقل ويو اڏامي،

ٿي ذلت عزت جي بجاءِ مون سلامي –

روئي مون مدامي، آهي جان ڳاري.

”قبول محمد“ پسان شال پرين،

ڀُلائيءَ جو ڀيرو مٺيءَ تان اُو من ڪن:

ڇڏن منجهه نه ڇپڙن، ڪرن مددگاري!

ٿوري ئي وقت ۾ رب پاڪ سندس ڀاءُ احمد شاهه کي نريني اولاد سان نوازيو، جنهن جو نالو پاڻ رکيائين علي محمد. معصوم جي تولد ٿيڻ شرط سندس اکين جو ڳارو يڪايڪ بند ٿي ويو، جنهنڪري ان وقت معصوم تي نالو رکي، وڃي هيٺيون ڪلام جوڙيائين:

لٿو اکين جو آزار، اديون،

جن کي محب مليو منٺار، اديون!

’ڪن فيڪون‘ جو مالڪ مولا، جنهن جو جڳ جنسار، اديون....

محب مٺي جو مٽ نه ڪو ثاني، چئني طرف چوڌار، اديون....

سڀنئان سهڻو سڄڻ سراسر، سونهن ڀريو سردار، اديون....

”قبول محمد“ يار نوازيو، دوست مليو دلدار، اديون....

پير صاحب نه رڳو ڪلامن ۾ ڪاهي پيو، مگر دل جي اداسيءَ کيس ڏورن ڏانهن پڻ لاڙو ڪرايو، مثلاً، سندس اهليه محترمه جي مزار شريف تي وقت بوقت اچڻ وڃڻ، ۽ سندن اصل ڇڏيل ڦٽل ڳوٺ جي ڀر ڏيئي اچڻ وڃڻ، خواهه سندس ساهراڻي ڳوٺ جو پاسو ڏيئي لنگهڻ وقت پنهنجي معصوم ٻچڙي جي ڪشش وغيره ۾ جيڪي جيڪي ڏور ۽ ڏوهيڙا چيا اٿس، سي پڻ هن هيٺ عرض رکجن ٿا.

قبولين ڪيئن ڪوڙي ٿيان، ٻڌا هُئڙم ٻول،

الفراق اشد من الموت جا، ڀريم جهلي جهول،

”قبول محمد“ تي قرب ڪري، ٿيءُ تون اچي اول،

پسي ڍٻ تون ڍول، پاڻ سڃاڻج سپرين!

*

اڪيلي آنهون ڪريان، آهم وِرهه ورونهن،

دردن دکيءَ دل تي، دکايا جي دونهن،

ڳائيندو تو سونهن، ”قبول محمد“ ڪيتري!

*

اداسي آنهون ڪريان، آهيان اڪيلي،

آهم تو ريءَ ڪونڪو، ٻيو ٻانهن ٻيلي،

ٿانئيڪي شل ٿاڪ ٿيان، جتان آءٌ ٿيلي،

”قبول محمد“ آءٌ هيس، اصل البيلي،

چاهيان مان چيلي، جي جت پسائن جوءِ مون!

*

 

اکين انتظار، عجيبن آهه ٿيو،

پَسان پُري پر ۾، محب مٺو منٺار،

”قبول محمد“ قرب مان، ڪوٺي من ڪوهيار،

جيڏيون جانب جت جا، اندر تي آزار،

ملي ته مانيتي ٿيان، ساهه سندو سينگار،

عجب هيءُ اسرار، ڳائڻ کان ته ڳرو ٿيو.
*

جتي ٻهون ٻهڪ هئي، اُت ٿا رڙن ڪنگ،

جت چِڙن جي چونگار هئي، اُت ٿيا دڙن دنگ،

اڄ نه پسجن اُو پرين، جن چوريا ٿي اُت چنگ،

”قبول محمد“ ’ڪل فان‘، رنگيءَ جا ايءُ رنگ،

پسان اڄ نه پتنگ، پراڻن پڊن تي!

*

هڏ نه هيس هيڪلي، پييس پڌر پاڻ،

سرتيون ساهيلين ۾، هيس سرس سڄاڻ،

وڃن ڇڏي ڪين ها، جي پوان ٿي ها پلاڻ،

رويو رات گذاريان، ساري روح ريهاڻ،

”قبول محمد“ ڪينڪي، آيو اتان اهڃاڻ،

قرب ڪري ڪيچيا، ڪوٺيو ڪنيزڪ هاڻ،

ڏوهين ڏڏن ساڻ، آري نه ڪجي ايتري!

نه فقط ايترو، پر جڏهين سندس دل جي ورونهن ۽ وندر لاءِ ڳوٺائي ڪچهري ڪري اچي ويهندا هئا، تڏهين پير صاحب کي مجبور ڪندا هئا ته اسان کي نَڙ تي چوڻ لاءِ به ڪجهه بيٺ ٺاهي ڏيو ته اسين ياد ڪري نڙ تي چئون؛ جنهنڪري پير صاحب اهڙي مواد تيار ڪرڻ لاءِ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي.

نڙ جا بيت

عجب رنگ الله جا، جو باري کڻي بار،

’ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد‘، تن ۾ سنديس تنوار،

ڪهڙا ڳائي ڳائيان، پريم سندا پار،

’لم يلد ولم يولد‘، نيهي ٿيو نروار،

ڪنڌي ساريان ڪا نه ڪا، نڪو ڪپر ڪنار،

عجيبن جو اندر تي، پيم پور پيار،

اسان جا ته ازل کان، ٻڌل ٻول ٻه چار،

ڪوڙي ٿيس قول ۾، تڏهين ٿيم ڪوار،

”قبول محمد“ قرب مان، ساجن لهندم سار،

آهي ان اختيار، بخشي جي بدڪار ٿو!

*

بخشي جي بدڪار ٿو، آهي صاحب رب ستار،

ڀليل سندو ڀرجهلو، ۽ اڙين جو آڌار،

ڳائي سگهبو ڪينڪي، رازق رب غفار،

مرڪندن ماري اهو، جڏهن آهه جيار،

مالڪ ’ڪن فيڪون‘ جو، خالق خلقڻهار،

پيدا ڪيائين پرت مان، مير مٺو مهندار،

جڳ ٻئي محمد مير جي، ڏنيئن منجهه اختيار،

چارئي يار رسول جا، محب مٺا موچار،

پنجتن نوري نور جي، نسورا نروار،

حسن مير حسين کي، ڏنئين دين سندي دربار،

”قبول محمد“ قرب مان، ٿيو انهن جو ڪوٽار،

عيبن ڀري آهيان، مون ۾ عيب هزار،

پسائيم پرينءَ رسول جو، داور شل ديدار،

پسي پنهنجا پاپ مان، روئان زارو زار،

باري کڻي بار، ميٽ ته مانيتي ٿيان!

*

اڄ ته اکين سامهون، پسجن پيارا،

جهوري ويڙم جان کي، جيءَ جا جيارا،

اڪيلي آنهون ڪريان، ورن ورڻ وارا،

دمدم دهڪو دل ۾، گهاءَ ڪرڻ گهارا،

ساريان سرتيون سپرين، دلبر دلارا،

جن جا ڪان قلب ۾، ”قبول محمد“ ڪارا،

اکين آگم دائمي، نيڻن نيسارا،

پسان شال پريتيڻون، محب ته موچارا،

ورهيه ويا سارا، سڪندي سهڻي سڄڻين!

 

 

7

 

متفرقات

 

سنڌ جي ڪجهه اهڙن قابل ذڪر ماڻهن جا سوانح اسان کي مليا آهن، جيڪي هونئن ٻئي ڪنهن به رٿيل طبقي ۾ شامل ٿي نٿي سگهيا، پر جئن ته اهي دلچسپيءَ کان خالي نه آهن، ان ڪري هت اهي الڳ حصي ۾ پيش ڪريون ٿا.


 

محمّد حنيف سرهيو

 

مرحوم سيٺ حاجي خداداد سرهيو

قديم زماني کان هيءُ خاندان لاڙڪاڻي شهر ۾ سڪونت پذير آهي. هي خاندان اصل مديني منّور کان لڏي هت آيل هو. هن خاندان جا فرد پاڻ کي ”عطار“ به چوائيندا آهن. لاڙڪاڻي شهر جي وڏي ۾ وڏي جامع مسجد هن خاندان جي زير نگراني آهي. اصل انهيءَ مسجد جا حق واسطا مولوي عبدالرحمان نالي هڪ شخص، مرحوم محمد ملوڪ جي حوالي ڪري ويو هو، جو مرحوم حاجي خداداد جو ڏاڏو هو. مرحوم محمد ملوڪ به هڪ ڪامل شخص هو. ڳالهه ٿا ڪن ته جڏهن مسجد جا حقوق سندس سپرد ڪيا ويا، تڏهن پاڻ مسجد جي نئين سر تعمير ڪرائڻ شروع ڪيائين. جڏهن مسجد ٺهي راس ٿي؛ تڏهن محسوس ڪيائين ته اندرين چئن ٿنڀن عيوض پنج ٿنڀا هجڻ ضروري هئا: صبح جي نماز وقت وڃي ڏسي ته مڪمل پنج ٿنڀا بيٺل آهن! انهيءَ قدرتي ٿنڀي جي برآمديءَ جو ٻڌي، ڪيترا مريض ماڻهو – خصوصاً واري جي بخار وارا – شفا لاءِ اچي انهن ٿنڀن کي ڀاڪر پائي چمندا آهن. هن وقت حاجي خداداد خان جو فرزند محمد ادريس انهيءَ جو متولي آهي.

مرحوم حاجي خداداد خان 1872ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو فضل محمد بن محمد ملوڪ آهي. مرحوم خداداد خان ابتدائي تعليم ”ميان جي ڳوٺ“ مان مشهور معروف بزرگ ميان سدن سوائي کان حاصل ڪئي.

مرحوم جي عالمن ۽ پيرن سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. خاص طرح جن بزرگن سان سندس لاڳاپو رهيو، انهن جا نالا هي آهن: پير صالح شاهه راڻيپور وارو، پير ولي محمد شاهه سجاده نشين لال شهباز، مخدوم بصرالدين سيوهاڻي، مولوي محمد قاسم مشوري (تعلقو لاڙڪاڻو) ۽ پير بخش شاهه (نئون ديرو).

مرحوم خدمت خلق ۾ پيش پيش هئڻ سبب پنهنجي حلقي ۾ هر دلعزيز هو، انهيءَ ڪري مرحوم خداد داد خان کي هڪ وقت ڪيترائي عهدا مليل هئا: 1916ع کان 1950ع تائين لاڙڪاڻي جو ميونسپل ڪائونسلر چونڊيو ويو، 1919ع کان بمبئي جي گورنر جو درٻاري مقرر ٿيو؛ 1921ع کان لاڙڪاڻي اربن بئنڪ جو ڊائريڪٽر رهيو.

مرحوم خداداد خان هر ڏکئي وقت ۾ مسلمانن جي خدمت ۾ پاڻ پتوڙيو. سڀني کان وڏي واقعي، هندو – مسلم فساد، ۾ مرحوم مسلمانن جي گهڻي خدمت ڪئي.

آخر 1950ع مطابق 1365 هه ۾، ماهه ذوالحج جي 24 تاريخ صبوح جو 5 بجي مدي جي تپ ۾ وفات ڪيائين. سنديس مزار تعلقي لاڙڪاڻي جي دودائي ڳوٺ لڳ قبرستان ۾ آهي.

 

غلام حيدر لغاري

 

حاجي ڄام علياڻي لغاري

خاص ڪري سڄي ٿرپارڪر ضلعي ۽ حيدرآباد جي ڪن تعلقن جا باشندا، موصوف جي نالي کان چڱيءَ طرح واقف آهن. ڪي ڪي ماڻهو سندس صحبت جو به شرف حاصل ڪري چڪا آهن. موصوف نيڪ سيرت، الله لوڪ ۽ مهمان نواز شخص آهي؛ هر وقت عبادت الاهيءَ ۾ مشغول رهندو آهي. هڪ ذهين يوناني طبيب آهي. خداوند ڪريم سندس هٿ کي جس ڏني آهي، جو ڪهڙيءَ به بيماريءَ وارو مريض اچي ٿو ته شفا حاصل ڪري ٿو. اڄ ڏينهن تائين – جيتوڻيڪ پيريءَ سبب سندس نظر ڪمزور آهي – وٽس مريضن جو ميڙ موجود رهندو آهي. هر ڪنهن کي، نبض ڏسي، بيماري ٻڌائي، شيون لکائي ٿو؛ وري دوا به پاڻ ترتيب سان ٺاهيندو آهي. کيس يوناني طبابت ڪندي اٽڪل پنجاهه سال کن ٿيا هوندا، ۽ سندس عمر 73 ورهيه آهي.

حاجي صاحب جا وڏا، الله لوڪ ۽ پرهيزگار، سخي مرد ۽ قرآن مجيد جا ياد – حافظ هئا. طبابت سندن خانداني ورثو هئي، جا پشتان پشت هلي آئي. سندس نالو، ”ڄام“ مائٽن ڪوڏ منجهان رکيو هو. سندس ولادت سن 1303 هه ۾ مهيني رجب المرجب جي 27 تاريخ، خميس جي رات، ”مڪان پاٻڻي“ ديهه علياڻي، تپو ڀٽارو، تعلقو ڊگهڙي، اسٽيشن روشن آباد کان ڏکڻ طرف پراڻ جي ڪپ سان ٿي هئي. سندس شجرو هن طرح آهي: ڄام، بن مير محمد، بن سهراب، بن بلوچ خان، بن ڪمال، بن فريد، بن حيدر، بن جلال، بن فتح محمد، بن نور محمد، بن احمد، بن عالي: عاليءَ کان ’علياڻي‘ پاڙو شروع ٿيو آهي.

سندس ابتدائي تعليم سن 1310 هه ۾، سندن ڳوٺ ۾، ياد – حافظ لعل محمد هاليپوٽي وٽ شروع ٿي، پر حافظ صاحب سگهو ئي مدرسي کي ڇڏي ويو. وري ڪجهه وقت سندن والد مير محمد کان (جو به ياد – حافظ هو) تعليم ورتائين. تنهن کان پوءِ سندس والد کيس ڳوٺ حاجي ولي محمد لغاري تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ياد – حافظ قاضي محمد ابراهيم لغاريءَ وٽ مدرسي ۾ ڇڏي آيو. اتي ٻه مهينا رهي، وري ڳوٺ ناهڙ لغاري تعلقي ڊگهڙي ۾، سندن والد صاحب کيس ياد – حافظ دين محمد ٿيٻي وٽ مدرسي ۾ ڇڏي آيو، جتي نَوَ سيپارا ياد ڪيائين. وري واپس ڳوٺ آيو، جتي سندن والد صاحب وٽ هڪ سيپارو پورو ڪيائين. تنهن بعد سندن والد فوت ٿي ويو؛ والده اڳ فوت ٿي چڪي هئي، باقي سندس ٻه وڏا ڀائر رهيا، پر انهن هن جي تعليم جو خيال ڪو نه ڪيو، جنهنڪري پنهنجي مُنهن، مهينو ٻه ڪٿي ته مهينو ٻه ڪٿي، رُلي رُلي، ٽن سالن بعد قرآن مجيد پورو ڪيائين. کيس ٻنيءَ ٻاري سان اصل دل ڪا نه هئي، رڳو پڙهڻ جو خيال هوس؛ تنهنڪري قرآن مجيد پوري ڪرڻ کان پوءِ، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، 1313 هه ۾، سوني جتوئيءَ جي ڳوٺ

 

 

۾ مولوي غلام عمر مفتي صاحب وٽ آيو، جتي ٽي سال پارسي پڙهندو رهيو.

سن 1316 هه ۾ وري واپس ڳوٺ آيو، ۽ اتي حضرت پير سائين پاڳاري شاهه مردان شاهه عرف ڪوٽ – ڌڻي عليہ رحمة کين پنهنجي خرچ سان جاري ڪرايل مدرسي ’ميوي رند‘ جي ڳوٺ ۾ ويهاريو، جنهن ۾ 1321 هه تائين رواجي سنڌي ۽ قرآن شريف جي تعليم ڏيندو رهيو. ان بعد، ڳوٺ غلام علي فقير لغاريءَ ۾، 1324 هه تائين قرآن شريف ۽ رواجي سنڌي پڙهائيندو رهيو. 1325 هه ۾ پير صاحب پاڳاري حضرت شاهه مردان شاهه عليہ رحمة جن ضلعي ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ۾ کيس زمينات جي کاتي بدلائڻ لاءِ عام مختيار ڪري رکيو. پر، پوءِ اها به ڇڏي طبابت سکڻ لڳو. سن 1328 هه ۾ مير صاحب، ڳوٺ مير جان محمد ٽالپر ۾ کيس مدرسي ۾ رکيو، جتي هن ناچيز جو والد ۽ ٻيا به ڪيترا عزيز وٽس تعليم وٺندا هئا. اتي 1333 هه تائين پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ، ڳوٺ سيد وڏل شاهه لڪياري تعلقي ڊگهڙي ۾ سيدن وٽ منشيءَ طور 1340 هه تائين، مدرسي ۾ رواجي سنڌي ۽ قرآن شريف جي تعليم ڏيندو رهيو. تنهن کان پوءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي خيرآباد چئي، ڳوٺ حاجي قادر بخش لغاري تعلقي ميرپورخاص ۾ اچي آباد ٿيو، جتي سندس عزيز مائٽ ٻني ٻارو ڪندا هئا، ۽ پاڻ پنهنجي طبابت ڪندو رهيو. 1347 هه ۾ وري پنهنجي اباڻي پَڊ ڇِڪ ڪئي، جو وري واپس مڪان ’پاٻڻي‘ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين، ۽ اتي عام طرح ماڻهن جو يوناني علاج ڪرڻ شروع ڪيائين، جو اڄ تائين ڪندو اچي. 1361 هه ۾ سڀني ڀائرن گڏجي ڪجهه زمين ٽُڪر چرخي اسٽيشن نبي سر روڊ کان ڏکڻ طرف ٻن ميلن پنڌ تي ورتي، ۽ وري اصلي اباڻي ڳوٺ کي هميشہ لاءِ الوداع چئي، اُتي اچي سڪونت اختيار ڪيائين، جتي اڃا تائين مقيم آهي.

موصوف چار شاديون ڪيون، جن مان گهڻو ئي ڪجهه اولاد ٿيو، پر گهڻا سڀ رب العالمين جي امر تي راضي رهيا، باقي چار نياڻيون ۽ هڪ نوجوان پٽ محمد رحيم نالي اٿس، جنهن کي ٻه سال کن ٿيا آهن ته شادي ڪئي اٿس.

حاجي ڄام رنگ جو ٿورو سانورو پڪو؛ قد جو پورو پنو، مگر بدن ۾ ڳؤرو؛ اڃا جڏهن نظر هين ۽ هلي ڦري سگهندا هئا، تنهن وقت هڪ ڏينهن اسٽيشن تي سندن وزن ڪيو ويو، جو ٽي مڻ ۽ ٻاويهه سير ٿيو هو، پر هاڻي بدن ۾ انهيءَ کان گهڻو سنهو ٿي ويو آهي، ۽ هينئر سندس وزن ٻن مڻ مشڪل سان ٿيندو؛ ڏاڙهي گهاٽي، اٽڪل مٺ – سوا جيتري ڊگهي؛ ڏاڙهيءَ کي مينديءَ جو رنگ ڏيندڙ، آواز ڳؤرو اٿس. هن جي جوانيءَ جي ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ دفعي هڪ شخص انڌاريءَ رات هئڻ سبب رستو ڀلجي ويو؛ عشاءَ جي نماز جو وقت ٿيو، تڏهن ٻانگ ڏنائين، ته اهو ڀليل شخص پورن ٽن ميلن جي پنڌ تي هو، سو ٻانگ ٻڌي واٽ لڳو، ۽ پوءِ انهيءَ ڳوٺ‎ تي اچي پهتو. طبيعت ۾ حليمائي به آهي، ۽ شوخي به؛ پر اڪثر حليمائي رهندي اٿس. الله لوڪ، پرهيزگار، سخي مرد، مهمان نواز، الله تعاليٰ جي فرضن جو پورو پابند، ۽ هر هڪ کي هر وقت چڱي واٽ ڏسيندڙ آهي. سندس مذهب حنفي آهي، ۽ طريقو قادري. سندس مرشد پير صاحب پاڳارو جن آهن. ذڪر پير سائين پاڳاره حضرت شاهه مردان شاهه عرف ڪوٽ – ڌڻي بخش بادشاهه کان، 1313 هه ۾، جهڏي لڳ، لغاري نيري فقيرن جي دعوت تي، پڇيو هئائين. مرشدن جي زيارت لاءِ هر سال پير ڳوٺ ويندو هو، پر اڍائي سالن کان مجبوراً رهجي ويو آهي. سندس حج ڪل ٻارهن ڪيل آهن. پهريون حج 1333 هه ۾ ڪيو هئائين، ۽ آخري حج 1952ع ڌاري هوائي جهاز رستي ڪيائين.

حاجي صاحب خوش طبع به هڪڙو ئي آهي. جهڙس شگفته طبيعت ۽ خوش مزاج ڪو ورلي هوندو. سندس خوش طبعيءَ واريون ڪيئي ڳالهيون زبان زد عام آهن. نموني خاطر ٻن واقعن جو  ذڪر ڪيو وڃي ٿو.

هڪ پنجابي حڪيم ۽ حاجي صاحب جو سوال – جواب

حاجي صاحب، جن ڏينهن ۾ ميوي رند جي ڳوٺ ۾ پير صاحب پاڳاري جن جي حڪم موجب پڙهائيندو هو، تنهن وقت هڪ ڏينهن صبح جو سوير مدرسي مان پنهنجي ڳوٺ ٿي آيو؛ تنهن وقت هن جي عمر اٽڪل 18-19 سال هئي؛ اڃا خاڪي مقام کان ٿورو اُتر تي هو، ته ڏسي ته سفيد ڪپڙن سان هڪ پنجابي، پٺن تي بڊ ٻڌل، کانئس ٿورو اڳيان پاسي تي بيٺل ڌنارن کان پڇي پيو ته ’آءٌ سائينداد علياڻيءَ جي ڳوٺ ڪٿان وڃان؟‘ انهن ڌنارن پنجابيءَ کي اسان جي ڳوٺ  جو پوريءَ طرح ٿي ڏس ڏنو. حاجي صاحب خيال ڪيو ته هيءُ پنجابي ۽ پٺن تي بَڊ ٻَڌل – ضرور ڪو ٺڳ ٿو ڏسجي، سو ان کي ڪنهن به طرح سان پنهنجي ڳوٺ تان ٽاريان؛ ۽ هڪ مسخري به سجهي آيس، سو ڇا ڪيائين جو هڪ وڏي سِر پراڻي مقام مان کڻي، پنهنجي ڪپڙن ۾ ويڙهي کڻي پٺن تي رکيائين، ۽ تکو تکو ٿي وڃي پنجابيءَ کي پهتو. السلام عليڪم چئي، کيڪار بازي ڪري، هڪ ٻئي کان حال احوال وٺڻ لڳا.

حاجي: آپ کان نام کيا هي، اور يه آپ کي پاس کيا هي، اور کدهر جاتَي هو؟

پنجابي: ميرا نام تو ”چراغ الدين“ هي، يه ميري پاس ”طب“ کي کتاب هي، اور هم نبض شناسي کا کام ڪرتي هين. ميري پاس هر مرض کي دوا موجود هي. يه تمهاري پاس کيا هي؟

حاجي:يه ميري پاس ”حِب“ کي کتاب هي!

پنجابي: تمهارا نام کيا هي؟

حاجي: ميرا نام ”سراج الدين“ هي.

پنجابي: تمهاري کتاب کي کيا خاصيت هي؟

حاجي : ميري کتاب سندهي زبان مين هي، اور اصل هي.

پنجابي: سنده کي هم ني بهي بهت کتابين ديکهي هين، مگر ميري کتاب ڪي برابر کوئي کتاب نهين هي: يه ميري کتاب بهت پراني هي، اور بڙي دانشمندون ني بنائي هي، بالکل اعليٰ درجي ڪي هي.

حاجي: بابو چراغ الدين، ميري کتاب کو بهي چهه سو سال گذر چڪي هين!

پنجابي: اوهو ....چهه سو سال!

حاجي: گجڻي (غزني) کي واري کي اصلي هي!

پنجابي: ميري کتاب بالکل طاقتمند هي!

حاجي: اچها تو پهر کتابون کي آپس مين لڙائي کرني چاهئي: پهلي تم اپني تم اپني کتاب نيچي رکهو، اُسي کي اوپر مين اپني کتاب مارتا هون؛ نهين تو هم اپني کتاب نيچي رکهتي هين، اور تم اپني کتاب زور سي اُسکي اوپر مارو.

جيڪڏهن سِر زور سان ڪتاب جي مٿان لڳندي ته به ڪتاب ڦاٽندو، جي ڪتاب زور سان سِر تي لڳندو ته به ڪتاب ڦاٽندو.

پنجابي: سندهي آدمي اونٺ کان دوده اور مچهلي کهاتي هين، اسلئي ان کو عقل نهين هوتي. هم ني تو بڙا سير کيا هي. بچه، تم ميري سامني هنسي مذاق نهين کرو! هم ني تو دلي ديکهي، کشمور، پشور، لائلپور، لُدهيانه، هشيارپور، راولپنڊي، ڊاکا، چڻا گانگ، بوگره، بلهوترا، هزاره، ملتان، ديره اسماعيل خان، کوٽ چهڻه، چوڻي، سخي سرور سلطان، چاه لدها، ديره غازي خان، بهاولپور، جودهپور، کمال پور، نور پور، خيرپور، روهڙي، سکهر، جيکب آباد، کوئڻه، سبي، ڊاڊهر، شڪارپور، لکي، ڳڙهي ياسين، رتوديرو، کهِيرتهر، جهل منگسي، ديره غيبي خان، مغيري، يار محمد لاکها، چهجڙا، قمبر، سيهڙ، رادهن، تهرڙي محبت، نورنگ واه، اسحاق چانڊيه، بهنگي، ماهوڻا، دودائي، لاڙکانه، ڻهلاه، باکراني، ڊوکري، بالي شاه، سيتان، مخدوم بلاول، خدا آباد، حيدرآباد، بوبک، سيوستان، بگهاڻهوڙا، آمري، مانجهند، انڙپور، کوڻڙي، کراچي، پير منگها، پسني، اور ماڙا، سخي موسيٰ، جيوني، شور بندر، مسقط، قطر، زاهدان، مکران، کيچ، وندر، سرباز، خيبردرا، بولان درا، حسن درا، بغداد، بصره، بري کوٽ، تاشقند، سمرقند، ريوا، بخارا، کيکند، دمشق، حمص، کُوفه، کربلا معليٰ، کرکوت، حلب، موصل، عمان، فلسطين، شام، عثمان، تبوک، مدينه منور، مکه معظم، جده، حده، ميندي، حدودا، يمن، سبا، جيزان، شهران، سخي عثمان، عدن، مکلا، مڊئي، بمبئي، بڙودا، سامن کڻهي، راجکوٽ، احمد آباد، سابرمتي، آبو، اونجا، وڊهوان، ميسانه، پاکپڻن، ميبڙي، بهاول نگر، جام نگر، سورت، گجرات، واگڙ، کهماوڙا، وڙگام، رادهن پور، ايرن پور، کهارچهي، ڊوڊيا، والهوٽا، باهڙمير، گڊهڙا، چهوڙ، ميرپورخاص، ميرواه اور ڊگهڙي سي چلکي، جهڊي اور ريگستان کا بهي سير کيا هي: ايک ايک ولائت کان نسخه ميري پاس موجود هي، جو نه ماني گا اسکو مين دکهاؤنگا!

حاجي: بابو چراغ الدين! تم ني تو بڙا بڙا سير کيا هي، ليکن مين ني بهي بڙي بڙي ملڪ اور شهر ديکهي هين!

پنجابي: تم هم کو بتاؤ، کيا کيا تم ني بڙا سير کيا هي؟

(حاجي صاحب کي به سنڌ جا جيڪي ننڍا ڳوٺ سجهندا هئا، تن جا نالا وٺڻ شروع ڪيائين.)

حاجي: پاٻڻي، پرهڏي، پروڙ، ٻهري، بديعل، دلار، ٻنگار، واڳڊهي، ميساڏي، جهڙياري، ڦڙهياري، ڇڇ، ڀونترو، ڌانڃول، ڌٻڻي، ڦانٽ، جکراڏي، ڪنڊياري، سونهري، سيڙهي، وڏوهر، سامروٽي، چڪچار، چرواڻ، ٽالهي، ڏنڀرلو، ڀيماسر، سانوري، راڻا واهه، نبي سر، بچي جو تڙ، سمي جو تڙ، حمير جو تڙ، ارندو، ڪنڀار ويئري، نڙلي، ملڪان، ڇاڇرو، ڇهو، واوڙي، هيرهار، ٻڍي جو تڙ، احمد جو تڙ، راوتَسر، ڪريمداد، کُڏي، جادم، جان پاريو، تڙ موج علي شاهه، ڪوٽڙيا، ويساسر، برهان جو تڙ، سانئون، سوڀارو، عاقل سينهائي، ننگڙاڻي، ٻاکاسر، لڪڙاسر، ڌوڙائو، جڙيو رَتي وارو، چوٽل، گهَٽو، واگهيلا، ڏيٿن جو ٻهه، ولي جي ويئري، تيجمال جي ويئري، ڀالوا، رامسر، موکائي، ڏوتڙ، ٻاراچ، سوندر، سنهيون، لاکي ٽوڀو، بَڪس، مٺڙائو، ٻورلي، محمد شاهه، وڪڙيو، ڄامن، سينگاريو، ڀاوو، کاريو غلام شاهه، وروَائي، شهمير وِڪيو، سينهار، اسلام ڪوٽ، چوڻهار، مالهڻور، رائلو، مٺي، ڌاراڙ، کاري واء، موکار، ڏيواٽو، پوسرڪو، گجو، هيلارو، گگهوڙ، ويئري، سانگهار، ڀاڏارو، کارسر، حجامڙو، کُوهي، سميجا، ويسرا ٻهه،  گرڙا ٻهه، مٺو ڪلڻهار، کارو ڪڻهار، کير ڊهي، پيرو سنڌ، باغ وارا احمداڻي، پنگريو، کُڏو، چانگ، قيصر کوسو، دلکي، نِدو ڀرڳڙي، کڏ آڏت، خان جوڻيجو، هَڏاڇڙ، هاليپوٽو، فقير محمد نهڙيو، ڪاڪ، نار، ڇٻرالو، ٽنڊوباگو، دٻهڙو، سونو جمالي، ڍانگرو، هوٿِر، ڏيئي، نِڌو، ڏاڏاهه، ڪامارو، سور هڏي، دونهائو، دَٻڪي، واگهريجي، گورچاڻي، کٽياڻ، سنهڙو، گاجيدائرو، ويسرو، ڏهروڙو، کيرائو، کنڀري،، شادي پلي، آتڻاهه اور ڦلهڏيون سي دوسو واهه، ديکهکر، ڊهير مڻهو فقير کا بهي ديکها هي: يه جو هم ني بتايا هي، سو هم ني سارا سير کيا هي؛ ان کي دلکشي اور خوبصورتي کي کيا تعريف کرون!

پنجابي: ڀائي صاحب، يه جو ملک اور شهر آپ ني بتائي هين، قسم خدا کي، هم ني ديکهي تو نهين، مگر کبي سني بهي نهين!

ڳالهين ڪندا هلندا آيا، سو ڳوٺ کي اچي ويجها ٿيا هئا، حاجي صاحب پنجابيءَ کي ڳوٺ ۾ ترسڻ جي صلاح هئين، پر پنجابيءَ ڏٺو ته هتي منهنجو وس ڪونه هلندو، سو حاجي صاحب کان موڪلائي اڳتي روانو ٿي ويو.

پکين سان ڳالهيون

سن 1317 هجريءَ ڌاري، جڏهن حاجي صاحب ڳوٺ سوني جتوئي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پڙهندو هو، تنهن وقت جي ڳالهه ٿو ڪري ته

هڪ دفعي آءٌ لاڙڪاڻي مان پنهنجي ڳوٺ (علياڻي، تعلقو ڊگهڙي) ڏانهن پيدل ٿي آيس: واٽ تي اسٽيشن پڊعيدن کان اٽڪل ڇهه ميل پنڌ اولهه طرف، رستي تي اترئين ۽ ڏاکڻي پاسان ميل ٻن پنڌ تي رڳو واريءَ جا ننڍا ننڍا دڙا هئا، ۽ ڌڙن ۾ رڳو مٺيون ڄاريون ۽ ڪرڙ هئا. ويجهڙائيءَ ۾ ٽن ميلن پنڌ تائين ڪا به آبادي ڪا نه هئي. ڄاريون ۽ ڪرڙ موسمي پيرن ۽ پڪن سان جنجهيل هئا. آءٌ به اتان صبح جي پهر اچي لنگهيس، ته پيرون ۽ پڪا ڏسي وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳم. هڪ هنڌ جو اُڊڪو، ٻيو وري ڄاريون پيرُن سان پُر ٿيل – ڇڏڻ نه ٿين، سو آهستي آهستي هلندو به رهيس ٿي، ته ڪڏهن پيرون ڪڏهن پڪا به کائيندو ٿي رهيس. ائين ڪندي، اتي ڄارين ۾ ئي ڪاڙهو تپي ويو، سو اتي سمهڻ جو ارادو ڪري هڪ وڏي ڪنڊي جي ڇانو ۾ سمهي پيس.

اتي انهن ڄارين ۽ ڪرڙن کان سواءِ ٻيو اهڙو ٿڌيءَ ڇانو وارو ڪو به وڻ ڪو نه هو، سو ڏينهن تپڻ سبب جهنگ جا سڀ پکي اچي انهيءَ وڻ تي ويٺا. اچي ٻوليون ۽ چلولائي شروع ڪيائون، تنهنڪري ننڊ به نٿي آيم، سو هيٺان پٿر کڻي پکين کي هنيم. پکي ڌڪ جي خوف کان هيڪر ته اڏامي ويا، پر وري اچي اتي ويٺا، ڇاڪاڻ جو ٻيو ڪو اهڙو وڻ ٿڌيءَ ڇانو وارو ڪو نه هو. ٻه ٽي دفعا اڏارڻ جي ڪوشش ڪيم، پر سڀ بيسود. اتي پکين کي به اچي ڪاوڙ لڳي، سو پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته ”پاڻ بلڪل گهڻا آهيون، ۽ هيءُ انسان هڪڙو آهي، سو ڇا ڪندو؟ پاڻ سڀ گڏجي ستل تي حملو ڪري ڏيون، ۽ ماري ماري تُنبو ڪري ڇڏيونس، جو اسان سان اسان جي ملڪ ۾ اچي ٿو جهڳڙو ڪري! پهرين اسان هن کي مهمان سمجهي ڪجهه ڪونه چيو، پر هي اٽلندو’آئي ٽانڊو کڻڻ پر بورچياڻي ٿي ويٺي‘: آيو وڻ هيٺ سمهڻ لاءِ، پر اٽلندو اسان کي هيسائڻ شروع ڪيو اٿس – هاڻي نه ڇڏجيس!“ اتي پکين جا هڪ ٻه چڱا مڙس هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائيندي ڀرسان پيل لٺ تي نظر ڪري چوڻ لڳا ته ”ٻيلي صلاح ته پاڻ واري سٺي، پر هن وٽ به زبردست لٺ رکي آهي: جنهن مهل پاڻ حملو ڪيو، ان مهل رڳو هڪ ٻه گهمرو کڻي ڏياريائين ته پاڻ وارا سکر سکر سڀ مري ويندا! بهتر آهي ته هن کي ڪنهن حيلي حوالي سان اٿارجي“.

سو، پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ۽ پهريائين ”ميٽر“ نالي پکيءَ کي موڪليائون، جو اچي منهنجي سيرانديءَ کان ويهي چوڻ لڳو ته ”اُٿي، اُٿي، اُٿي!“ ويچاري ٻٽي دفعا چيو، پر مون صفا جواب ڏيئي ڇڏيس ته ”ننڊ ڪرڻ کان اڳي ڪنهن به حالت ۾ نڪي اٿان ته نڪي وڃان.“ ويچارو ميٽر نا اميد ٿي موٽي ويو. وري پکين ”بلبل“ کي موڪليو. بلبل سمجهيو ته آءٌ بنان دير جي هن کي هڪالي ٿي ڪڍان، سا لهي اچي سيرانديءَ کان وڏيءَ ڪاوڙ مان زور زور سان چوڻ لڳي:”تڪڙو، تڪڙو، تڪڙو!“ ائين چار پنج دفعا چيائين، پر مون به وڏي آواز سان جواب ڏنو ته ”آءٌ ڪنهن به حالت ۾ بنا ننڊ ڪئي ڪو نه ويندس، توکي جيڪي ڪرڻو آهي سو ڪر!“ آخرڪار بلبل به نااميد ٿي پويان پير ڪيا. تنهن تي پکين وري به همت ڪري ٻن ’ڪٻرن‘ کي موڪليو، جن ايندي شرط سيرانديءَ وٽ ويهي سرائڪي زبان شروع ڪئي: هڪڙيءَ چيو ته ”ڪيون پئين، ڪيون پئين؟“ تڏهن مون چيس ته ”ٿڪ پيان ننڊ ڪرڻي اي“. تڏهن وري ٻيءَ ويچارا ڪڍڻ شروع ڪيا – چئي، ”تريو، تريو، تريو!“ تڏهن مون به ان کي چيو ته ”تون ٺاهوڪي هوين جو ميڪون پئِي چٻاري ڪڍدي ئين!“ خير، آخر ڪٻرون به واپس ٿيون. اتي وري پکين پاڻ ۾ صلاح ڪري پنهنجي بهادر پکي ’وهيي‘ کي موڪليو – جو ڪنهن ڪرڙ يا ڄار ۾ ويٺو ٻوليون ڪندو ته ڄڻ ته ٽي لغاري ويٺا ڳالهائين. وهيي ايندي شرط بلوچي زبان کڻي شروع ڪئي: ”ٿو وز کئي؟ ڪاري اِزا آتغ مِناغي؟ ٿو شيزان اِل بُرو، اِي مَئي وزي ملڪ هي: ما پکي ٿيران واڙ ٿيا ڇڙ ٿيا منا غو؛ اي ڪنڊا در شڪ سرا ننڊ غون، ٿش تون ماٿڙس غون ٿو ڇيزان رپتيا بُرو!“ تڏنهن مون چيس ته ”ڀائي بلوچ صاحب! آءٌ ننڊ ڪئي کان اڳي ڪڏنهن به ڪو ويندس، هروڀرو مون کي ننڊ کان ٿا سيڙايو ۽ اوهين به ٿا کوٽي ٿيو: ڇڏيو ته آءٌ به آرامي ٿيان، ۽ اوهين به آرام ڪريو“. تنهن تي وهيو به ويچارو ٿيو روانو. وري پکين همت ڪري (ٽن نوجوانن) ٻن بگڙن ڳيرن ۽ هڪ ڪرڪٽ ڳاڙهي ڳيري کي موڪليو، جي منهنجي سيرانديءَ کان اچي ويٺا. پهرين هڪ بگڙي ڳيري چيو ته ”ستو آهي، ستو آهي!“ ٽي چار دفعا ائين چيائين . وري ٻئي ڳيري چيو ته ”گوگهو ڏيوس، گوگهو ڏيوس!“ تڏهن مون کي اچي ڊپ لڳو، سو ٽپ ڏيئي اٿي ويهي رهيس. مون خيال ڪيو ته هاڻي جيڪڏهن سُتس، ته پکي چڙهي ويندا! مون کي ويٺل ڏسي، ڪرڪٽ پوئين ڳيري کي چوڻ لڳو ته ”ڪوڙ ٿو ڪرين، ڪوڙ ٿو ڪرين!“ آخر اهي به موٽي ويا. وري پکين ٽن ڪارڪڻڇين کي موڪليو. جن منهنجي سيرانديءَ اچي، هڪ اڳ ۾، ٻي وچ ۾، ۽ ٽي پويان – نمبر وار ٿي ويٺيون. پهرينءَ ڪارڪڻڇيءَ مون ڏانهن جانچ ڪري، ڏسي، سرائڪيءَ ۾ چيو ته ”ڏيکوس شبِي، ڏيکوس شبِي!“ تڏهن مون چيس ته ”مائِي، هڪ ته بلوچ، ٻيا پنڌ دا ماريل، ٽيجها ننڊاکا – سو ميڏي شبي ضرور بدليل هي؛ باقي تون اپڻا ته رنگ ڏيک ته ڪهين رنگ وچون هوين!“ تڏهن اها ڦڪي ٿي، ۽ هلي ويئي. اتي وري ٻيءَ ڪارڪڻڇي چيو ته ”همت ڪرو، هي ڪيا! همت ڪرو، هي ڪيا!“ اتي مون کي وري اچي ڊپ لڳو ته هاڻي مورڳو پکي ماريندا. تڏهن وري ٽئين نمبر ڪارڪڻڇيءَ جواب ۾ چيس ته ”تون چاچي اتي بيهه، تون چاچي اتي بيهه!“ ڊپ منهنجو اڳي کان به وڌڻ لڳو، سو کڻي لٺ ڏانهن هٿ سيريم. لٺ کي ڏسي، ڪارڪڻڇيون ٽيئي روانيون ٿي ويون. وري پکين ٻه زبرا پکي ”متاهه“ نالي موڪليا، جي ويجهو اچي، ڦيرو ڏيئي، ويهي رهيا. انهن مان هڪ چيو ته ”ڪانچ ڦاٽي ڪي پانچا؟ ڪانچ ڦاٽي ڪي پانچا؟“ تڏهن مون چيس ته ”ٻئي ڦاٽا آهن، تنهن کي تون ڇا ڪندينءَ؟“ تڏنهن ٻئي متاهه واپس پکين وٽ وڃي چيو ته ”نهين ويندا ڪبي ڙي، نهين ويندا ڪبي ڙي“. پکين وري ٻئي جي موڪلڻ جي صلاح ڪئي ٿي، ته منجهن ڪو اچي با پيو، ۽ سڀ وڻ تان اڏامي ويا. آءٌ به پوءِ لت کوڙي بي اونو ٿي سمهي رهيس، ۽ پوياڙيءَ جو اٿي روانو ٿيس، جو اچي اسٽيشن پڊعيدن تي پهتس.

 

ميان نور محمّد شيخ ننگرپارڪري*

سندس ڏاڏو مسٽر ڪائوسجي نسروانجي، سپرنٽيڊنٽ، پوسٽ ميل جو، حيدرآباد کان سئيگام لائين، جنهن کي سندس سهڻي ڪم سببان گورنمينٽ آف انڊيا مان ”خانبهادر“ جي خطاب جي سند ۽ سرٽيفڪيٽ، مورخ فورٽ وليم 2 مي 1872ع ۾. خانبهادر ڪائوسجي زردشتي مذهب ڇڏي اسلام جي آغوش ۾ آيو. انگريزن جي اوائل فوج ڪشيءَ جي زماني ۾ تار جي بندوبست جو اعليٰ آفيسر هو. فوج جي نقل و حرڪت لاءِ جو اوائلي سلسلو هت جاري ٿيو هو، تنهن جو ناظم اعليٰ هڪ پارسي اعليٰ تعليم يافته شخص ڪائوسجي نالي هو، جنهن کي پوءِ سندس خدمتن جي عيوض خانبهادر جو لقب مليو. هيءَ سن 1857ع کان ڪجهه پوءِ جي ڳالهه آهي. خانبهادر ڪائوسجيءَ جي مسلمان ٿيڻ جو سبب معلوم ٿي نٿو سگهي؛ پر ايترو معلوم آهي ته مسلمان ٿيڻ بعد شيخ محمد قاسم جو نالو رکايو هئائين. هو بمبئي جي ڪنهن وڏي پارسي خاندان مان هو. ننگرپاڪر ۾ ئي وفات ڪيائين. شهر جي ٻاهران جتي سندس بنگلو هو، اتي ئي زال سميت دفن ٿيل آهي. قبرن جي ويجهو هڪ پراڻي مسجد آهي. قبرون سادي پٿر جون آهن. مٿان آسمان جو گنبذ ۽ گهاٽن وڻن جي ڇانو آهي. سندس وفات کان پوءِ، هن جي بمبئي پاسي وارن پارسي مائٽن ۽ سندس مسلمان فرزند شيخ جان محمد جي ملڪيت تان ٻن سالن تائين دعوائون به هليون.

شيخ ميان محمد قاسم جو پوٽو ۽ شيخ ميان جان محمد جو پٽ، ميان نور محمد ننگرپارڪر ۾ تاريخ 1 نومبر 1899ع ۾ ڄائو هو، ۽ اتي جي ئي اسڪول ۾ ڇهه درجا گجراتي پاس ڪيائين. سنڌي ورنيڪيولر فائينل امتحان عمرڪوٽ سينٽر مان پاس ڪيائين. سرٽيفڪيٽ جي تاريخ 14 آڪٽوبر 1915ع اٿس. مِٺِي اسڪول مان انگريزي ٽي درجا پاس ڪرڻ بعد، اسڪول ڇڏي، روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو، جتي اٽڪل ڏهه سال ايمانداريءَ ۽ اورچائيءَ سان نوڪري ڪيائين. انهيءَ نوڪريءَ واري عرصي ۾ اتان ئي سبارڊينيٽ روينيو امتحان پاس ڪيائين. جيئن ته ان وقت روينيو کاتي ۾ هندو آفيسرن جو گهڻو اثر هو، ۽ ننگرپارڪر ۾ روينيو آفيسر به هندو هو، جنهنڪري اتي هميشہ هندو – مسلم ڇڪتاڻ هلندي ايندي هئي؛ تنهنڪري هيءُ بيريا ۽ آزاد – طبعيت شخص، اتان ڪڪ ٿي، ڪڇ رياست ۾ پوليس کاتي ۾ سن 1929ع جي شروعات ۾ نوڪري تبديل ڪرائي آيو، جتان بالا آخر روينيو کاتي تان استعيفا ڏنائين، ۽ ڪڇ رياست ۾ پوليس جو ڊپارٽمينٽل پاس ڪري، فوجداري عهدو حاصل ڪيائين، ۽ ان سان گڏ ڪڇ رياست جي C.I.D آفيسر جي به وٽس چارج رهي. 1937ع ۾، ٿوري وقت لاءِ، جهوناڳڙهه ۾ انسپيڪٽر ٿي رهيو. اتان وري هڪ سال لاءِ پالنپور ۾ انسپيڪٽر ٿي ويو. اتان دوباره سن 1942ع ۾ جهوناڳڙهه ۾ انسپيڪٽر ٿي آيو، ۽ 1947ع جي ورهاڱي تائين اتي بلڪل ڪاميابيءَ سان رهيو. جهوناڳڙهه رياست مان ’فيلڊ سينارٽي ٽريننگ ڪورس‘ پاس ڪيائين. لڙائيءَ جي زماني ۾ ويرا وال بندر ۽ بحري ساحل تي نگراني سندس سپرد ڪئي.

هن وقت سندس عمر 58 ورهيه آهي. کيس هڪ پُٽ، نالي گل محمد، ۽ ٻه نياڻيون آهن. ميان نور محمد اسلامي جذبو رکندڙ آهي. سن 1923ع ۾ ڪانگريس هلچل سبب جيڪي ننگرپارڪر ۾ هندو – مسلمان فساد ٿيا هئا، تن ۾ هن مرد مجاهد اسلامي جذبات کان مسلمانن جي مڪمل طرح مدد ڪئي هئي. ان وقت ’نربيرسنگ‘ اسپيشل پوليس جو هيڊ ڪنسٽيبل(ٻئي اٽالي سان گڏ سينڌوڙي ڪئمپ ۾ گڏ هو)، نالي خاطر مسلمان ٿي وري مرتد ٿي ويو، ۽ ان بعد خودڪشي ڪيائين. ان تي وري هندو اخبارن مسلمانن خلاف هاءِ گهوڙا شروع ڪري ڏني، جنهن نيٺ هندو – مسلم فساد جو روپ اختيار ڪيو. ميان نور محمد، مسلمان پوليس وارن جي بچاءَ ۾ بلڪل گهڻو ڪم ڪيو.

ويرا واهه تي هڪ ڪنڀر رهندو هو: ان جي مري وڃڻ تي، ان جي گهر تي مسجد ٺهرائڻ ۾ بهرو ورتائين، جنهن تي هندن ڪيترائي اعتراض ورتا، ۽ هندن ان کي هڪ وڏو معاملو کڻي بنايو. جيئن ته هن مرد مجاهد کي مسلمانن جي هر طرح مدد هئي، ۽ هن به ان ڪم ۾ فتحياب ٿيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ورتي هئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو بارگاهه باري تعاليٰ مان هن کي فتحيابي حاصل ٿي، ۽ هن اهو مسجد جو معاملو کٽيو. انهيءَ ڪم ۾ ننگرپارڪر مان صرف

 

محمد عباس ميمڻ ڪنهن حد تائين سندس ساٿي ٿي رهيو هو.

هن صاحب پنهنجي ايامڪاريءَ جا ڏينهن بلڪل محنت، سچائي، اورچائي ۽ بهادريءَ سان گذاريا. هو هردم مظلومن جو ساٿي ۽ ظالمن جو دشمن ٿي رهيو. هن جي ڏينهن ۾ هر ڪو لُچ لوفر ۽ چور چڪار کانئس ڪَن هڻندو هو. هو چورن ۽ بدمعاشن جي پاڙ پٽڻ لاءِ سندن پٺيان ڪاهي پيو. هر وقت هن کي پبلڪ جي آرام جو اونو هوندو هو، هو پنهنجي ان مقصد ۾ بالڪل چڱيءَ طرح ڪامياب ٿيو. هن ڪڇ رياست جي ڪنڊ ڪڙڇ مان چورن کي ڳولي ڳولي کين ڳريون سزائون ڏياريون. ان وقت جي شاعرن ۽ سگهڙن به اهڙي بهادر ۽ خير خواهه آفيسر جي ساراهه ۾ دل کولي بيت چيا، جي هيٺ ڏجن ٿا.

(بيت، چيل، محمد هارون موسي پوٽو، ويٺل ٻورلي موسي پوٽو، تعلقو مٺي، سال 1930 ۾.)

اول نام الله جو بيشڪ ڀلارو،

ٻيو محمّد مصطفيٰؐ سيد سو ڀارو،

ڀلو پير بغداد ۾ آهه مرشد موچارو،

عليءَ جي اولاد کي ٿو نمي جڳ سارو،

هن جهان ۾ جان محمد کي مليو مرد موچارو،

خاوند ڏينس خير سان، آهي سدا سوڀارو،

غازي غلام شاهه جو آهه اتي اوتارو،

نظر نور محمد تي ڪري مرشد موچارو،

کڻي هٿ خدا ڏي ڪيائين اهڙو اشارو،

بيشڪ وڃ تون ڀُڄ ڏي، جت آهي حاڪم هزارو،

ٻڌي حڪم حيدري، هليو سانجهر سوارو،

خانبهادر خوش ٿيو، ڏسي پٺاڻ پيارو،

جنهنجو بخت ڀلارو، تنهنکي ڪانهي’منجهه موسو چئي.‘

 

ڪانهي مونجهه ”موسو“ چئي، جنهن کي عليءَ جي آڌار،

ڪڇ ملڪ ۾ ڪامورا، هيڪاندا هزار،

مليو ان مڙد سان، کليو ڪن کيڪار،

ڀلي آئين ڀُڄ ۾، تون هلي ٻَڌ هٿيار،

اول درجو اوهان کي، جڙيو جمعدار،

نهاري نکٽاڻي ۾، جو جهلي جوابدار،

ڪاهيو هڻي قيد ۾، ڏيو ڌڪن جي ڌمڪار،

قاعدي سان ڪورٽ ۾، پهتا گنهگار،

لٿي ملڪ تان مار، چورن جي چٽيءَ جي.

 

چٽي جا چورن جي، وئي لوڪ تان لهي،

هاها ڪريو بدني بهادر جي، وڃي پڇم تي پهي،

اُن حڪم تي ”هارون“ چئي، صاحب ڪئي صحيح،

اُت ويلي پائي ويچار سان، وانچي ٿي وَهي،*

پوري حقيقت پڇم جي، ٿي ڪارڪن ڪهي،

ڪري سر سهي، ٿو چڪاس وٺي چورن جي.

پهرين ڳوٺ پڇم جو، هلي ڏسون ڏانارا،

ڀليءَ ريت ڀوڄاڻي تي، ڪيائين قاسم مٿي ڪاهه،

سمجهه ڀريو سمون هو، ٻي نه ڪيائين ڪا،

اڳ ۾ تي ان جي، رمي ورتائين راهه،

سڻيو ڳالهيون صيفل کي، ٿيو ڊوٻاڻي تي ڊاءُ،

اڻڪوٺيو اچي ويو، شابس تنهن کي آه،

جوڻو ڳوٺ جبل ۾، جت ٿو تيو تريون کاءِ،

صاحب سمون صديق کي، جوان ٿو جهلاءِ،

ڀري چالان چورن جو، ٿو حڪم ڏي هلاءِ،

نيا ديش نور محمد کي، ٿو پڇم ۾ پهچاءِ،

والي شال وڌاءِ، شان انهيءَ شيخ جو!

 

وڌيو شان شيخ جو، جنهن رکي ڀَڳلن مٿي ڀيڙ،

احمد، شريف، پاڻ ۾ پيا کائن پيڙ،

ڏسي شڪل شيخ جي، چُتن ڪيا چيڙ،

ڪري راتودي ريڙهه، ڀڳل پهتا بدين کي.

 

ڀڳل پهتا بدين کي، ڪري چغلن جو چيو،

اهڙيءَ اٽڪل سان انهن کي، آهي ڀٽيءَ ڀڄايو،

هڪدم حيف حاجيءَ کي، وڃي چتوءَ چتايو،

انهيءَ ريت انهن کي، ڀاڙين ڀڄايو،

پنجويهه گهوڙا پُليس جا، آيا ڪهر ڪڏايو،

جن وهانءُ وڃايو، هرج وڏو ٿي حاجيءَ کي.

 

هرج وجهي حاجيءَ کي، هلايائين حيات جو هيرو،

جو ڇهه ورهه ڇپيل هو، جنهن جو پيدا نه هو پيرو،

پلڪ ۾ پيدا ٿيو، واڍو ويچارو،

ناٿڙي کي نڪرڻ جو، هو البت امارو،

جَتَ پلاڻيو جُود ۾، بغدي ڀٽارو،

ڀانيائين ڀڄي ويندس، نڪري نوارو،

عقاب جيئن اچي ويو، سورهيه سوارو،

سبزي ڍريا سَريءَ ۾، جت گپ هيو گارو،

گچي رهيو گپ ۾، مولهو متارو،

نيڙي تان لهي پيو، مرد موچارو،

لثڙوَ وانگي لُوهه ڏئي، پهتو پيارو،

سانجهڙو سوارو، باندي رکيائين بند ۾.

 

قسمت ڦٽي ڪلر جي، انڌو ٿيو عثمان،

ڀاڙي انسان ڀيڙو هو، بچل بي ايمان،

ٻرڙن ٿي ٻانهن کنئي، رکيو ڪو نه ڌيان،

اوچتو انهن کي اچي، پهتو پهلوان،

لاهي غير گمان، ڪاهي ڏنائين ڪورٽ ۾.

 

پَڇم وارن کي پهرين، هو اندر ۾ ارمان،

ته چوريءَ سوا سمن جو، ڪونهي ٻيو گذران،

سنبري هلو صاحب وٽ، اڄ آهي کاهوڙي ۾ خان،

راءِ صاحب جي راڄ جو، آهي سو اڳوان،

پڇم وارن جي پڪار تي، نٿو ڏئي ڌيان.

پاڻان پنهنجي پوليس تي، خوش رهيو ٿي خان،

راڄ – ڌڻي راهب جي، ٻيو ڄام سمون سلطان،

موٽائي ٿو ماڻهن کي خانجي خان،

متان ڪريو ان مرد تي، ڪوڙو ڪو طوفان،

دعا درويش سان ان کي، مليو آهي مان،

هي رهندو فس نمبر فوجدار ٿي، جت هوندو موچارو مڪان،

عليءَ جي اولاد جو،  آهي در سندو دروان،

مٿس راضي ربّ رحمان، سو مرد ٿو موجون ڪري.

 

مرد سو موجن ۾، ٿو سيد کي ساري،

غازي غلام شاهه کي، ويل نه وساري،

شال ڌاتر ڏيکاري، ته قدم چمي ڪامل جا!

 

عجب رنگ الله جا، ٿا ڏيهاڻي ڏسجن،

ڪجي واکاڻ واحد جي، ڏئي اوجاڳو اکين،

حيف تنين جي حال کي، جيڪي وساري ويهن،

مرد سڃاڻي ملڪ مان، آندو اميرن،

ان کي پهريون نمبر پوليس ۾، ٿي ڪوٺيو ڪامورن،

عملداريءَ جو ان کي ڏنو، حڪم حاڪمن،

ڪڇ پڇم ۾ ڪيترا، ڪيا چاڳ ٿي چورن،

تني جي تپاس لاءِ، وڃي گهميو منجهه گامن،

ڏسي عادت انهن جي، وڌائين موچڙا منجهن،

انهن جي وئي سار وجود مان، ڪيا چتو چماٽن،

ڪوڙ ڳالهائي ڪو نه ڪو، سچيون سڀئي ڪن،

کڻيو آيا خوشيءَ سان، جي هيون ثابتيون ساڻن،

ڪاهي بيهاري ڪورٽ ۾، ڪري قطارون قيدين،

ڏسي همت هن جي، ڪيو آرڊر انهن،

بهادر کي بدليءَ جو، ڏنو حڪم حاڪمن،

پوريءَ ريت پڇم تي، لاٿئين ور ونگن،

پئي سڌ سمن کي جڏهن، ڏٺائون عملدار اکين،

ته هو رڳو ليکو لپاٽ جو، جنهن کي چماٽ ٿا چون،

خوب طرح کاهوڙي ۾، واڄٽ ٿا وڄن،

ڏسي حشمت هن جي، چپ ڪئي چورن،

واويلا وٽ سان هئا، سؤ ٿي ڪيا سمن،

هڻي مال هنن جا، آندا ٿي انهن،

لٿو وَيل وٽ تان، ٿيو غور غريبن،

لحظي ۾ لهي ويون، ڳڻتيون ڳنوارن،

سمهي هاڻ سک ڪيا، اتي اوٺارن،

ساڌن سان سک ٿيا، چٽي پئي چورن،

ڇيڪيون ڇوڙي ڇڏيون، سر واهيون سمن،

کنيو چاهه چوريءَ تان، سمجهي ڳالهه سمن،

ڇڏي نالو ناحق جو، ٿا حق مٿي هلن،

سچي توبهه سچ سان، ڪئي پوري پڇمائين،

کنيو هٿ حرام تان، هاڻ ٿا سما سک وسن،

ڏاڍيون خوشيون کاهوڙي ۾، ڪيون وڏيون واپارين،

ڪيا ٿي ڪاڇي ۾، ظلم ظالمن،

آفيسريءَ جو ان کي، ڏنو حڪم حاڪمن،

ڦري فوجدار ٿيو، وڃي پهتو مل مٿن،

نالو نامور جو سڻيو، ڏوهاري ڏڪن،

ويل مال ورهين جا، چاوا ڪيا چورن،

کڻي وڌا کڏن ۾، هئا پوريا پليتن،

کوٽي ڪڍيائون کڏن مان، آڻي حاضر ڪيائون هٿن،

سي ڪاهيو هڻي قيد ۾، جهلي منجهه جيلن،

مرد جا ”موسو“ چوي، ٿا راجا راز رکن،

اپر انعام ان کي، ٿي ڏنا ڏيهه – ڌڻين،

نالو ’نور محمد‘ هو، مشهور منجهه ملڪن،

ڏسي آبرو ان جو، ڪيو حسد حاسدن،

ڀيڙا ٿي پاڻ ۾، ڪائونسل ڪئي ڪڃرن،

ان جي ڪڍائڻ لاءِ ڪيتريون، ڪيون مڃتائون مُٺن،

ڏيو ساري ڏيهه جا، پوڄيا پليتن،

بيحد سوال انهن کي ڪيا ڪاترن،

ڪوڙا ڪيس ڪورٽ ۾، داخل ڪيا دلن،

رنگيلا رشوت جون، پيا پوڪارون ڪن،

جوان سنديءَ جاءِ تي، رکايو پهرو پليتن،

ڪيو تپاس تنهن جو، هلي حاڪمن،

ڪوڙ سارو ڌوڙ ٿيو، پاڻان مٽي پئي مٿن،

بيت دعا جا بهادر تي، ڪهيا ڪراڙن،

شاعرن ڏاڍي شونق مان، جوڙيا جوانن،

ڪيون دعائون دل سان، ڦري فقيرن،

ٿيو راضپو رب جو، واهر ڪئي ولين،

ڀڙهه ڌڻي ڀيڙا هوا، پُٺ ڀري پِيرن،

هلي ڪيهر شينهن بيٺو ڪورٽ ۾، اُتي لوڪڙ پيا لرزن،

هڻي ڪنڌ ڪُچن ۾، مٿي منهن نه ڪن،

ته ڪُچو پٽيو ڪو نه ڪو، مرد جو مٺن،

ڪوڙا ٿيا ڪورٽ ۾، هليا گانڊو گهر وڃن،

خوار ٿيا خلق ۾، ٻيون جٺيون ڪيون جوين،

تپايو تن کي، زور کڻي زالن،

هاڻي ڦِڪا ٿيو ڦِرن، سڙيا انهيءَ سور ۾!

(2)

(بيت، جوڙيل ميون ڦل محمد ڪو راڙ فقير، ساڪن ڀوجر ڏه، ٻني، تعلقو ڀوڄ، ضلعو ڪڇ.)

فيض ڀريا فقير اوهين، ٿا پڇو حقيقت حال،

ته ’نور محمد‘ نامور جو، ڏي اسان کي احوال،

ٿو ڪڇ ۾ ڪهڙا ڪم ڪري، ڪج ثابت قصو سال،

ساري منشيءَ تنهن جو، ٿو ڪريان قيل مقال،

نا مثل ’نور محمد‘ جو آهي، عزّ وڏو اقبال،

راجا راءِ صاحب جو، مٿس خاص خيال،

صاحب بهادر وٽ پسنديده افعال،

طاقت هلي نه تِر جيتري، عرض نه منڪر جي بحال،

جو ’جان محمد‘ جي جگر جو، ڪري فصيحت في الحال،

ڪامورن ڪيا ڪٽڻپا، ڏسي چتور جي چال،

تان ونگو هڪ نه وار ٿيو، ٻيا وري منجهه وبال،

جڏهن ڏٺو گوڙ گورن جو، تڪبر وارا تال،

تڏهين صوبيدار سنڀاليو، مرد بيمثال،

ته مون کي ڇا منڪر ڪندا، هجي راضي جل جلال،

گهرجي ڀلي جو ڀال، جک مارين جهنمي!

 

جک مارين جهنمي، ڪٽڻ ڪوهه ڪندا،

چڱا ڪن چڱايون، مَندن ڪم مَندا،

جي وڙ جڙن جن سين، سي وڙ تن سندا،

سچا هجن ڪم صرف، تني گندن عام گندا،

حجت عدل ۽ انصاف هجي، اُت اچن آس و ندا،

ڪم نه ايندا عرضين کي، فتوري فندا،

حڪم هن هنڌان، ڪو نه نيندو پاڻ سان.

 

ڪونه نيندو پاڻ سين، حڪومت هڪوار،

پيا هوندا پٽ تي، هي سڀ تٽتر تار،

’نور محمد‘ نوراني، هي گوهري گفتار،

ساري ٿو مشائيياٽ، پورا سندس پار،

ته  آهي اشرافن جو، يڪدم يگانو يار،

فڪو ظلم زياده ڪري، نه مسڪينن تي مار،

ڪنهن کان دمڙي ڪانه وٺي، توڻي هون هزار،

بيحد بدمعاشن تي، سختي رکي صد بار،

ڪئين تڪليفون تن کي، جيڪي چور چڪار،

سَنڌ سَنڌ منجهان سي ڀڳئين، ڀرئا ٿي پنجماڙ،

تنهن جي عقل تي آفرينون، ڪيون ساري سڀ سنسار،

ته اهڙو ڪامورو ڪونه آيو، اندر ڪڇ ڪنار،

وه واه وائي وات ۾، ننڍي وڏي يار،

ڪندو قيصر شينهن جو، قصو ڇا ’ڪورار‘،

لکن ۾ لاچار هجي، ههڙو فائق فوجدار،

قاعدا ياد قدرتي، اٿس اڪ اپار،

ملڪ موچارو تنهن جو، خلقيو خلقڻهار،

اڳي آيا ڪيترا، سمجهو صوبيدار،

پر ڏؤنڪا هن جا ڏيهه ۾، چئن ڏَسين چوڌار،

گهڻن ڏينهن کان گم هئا، جي اندر انڌوڪار،

پلڪ ۾ پيدا ڪيا، سي کاٽ خوش اطوار،

مخفي ڳجهه معلوم ڪيا، عاقل عقلدار،

عقلمند اڪابر سو، وڏو وِڄادار،

بيشڪ بهادر گهڻو، سورهين جو سالار،

ڀَلين آيو ڀُڄ ۾، غريبن غم ٽار،

هاڻون سڀ هيڻا ٿيا، لٿا گوڙ غبار،

”ڦل محمد“ چئي فضل ٿيو، وئي مسڪينن تان مار،

ڪن دعائون ڪيترا، اچيو عرضدار،

ته غريبن جو غور ٿئي، تفاوت نه تر ڀار،

”العاقل يکفيہ لا مثارة “، وير ڪريو ويچار،

بيحد ڀلا ”بلالاڻي“ آئِين آهيو عزتدار،

دعا ڪجان عادل سين، ٿيءُ سرسِي صوبيدار،

عزت وَڌيس آبرو، ڪري سهنج ستار،

ڪلي سَرن ڪم ڪار، نائيل ’نور محمد‘ جا!

 

نائيل ’نور محمد‘ جهڙا، ڪٿي ڪامورا،

نه ته هت گهڻا اڳي ٿيا، آفيسر ظالم پُر زورا،

پرڌان پرڀا هرا جن جا، گهميا ٿي گهوڙا،

تن وڍيءَ جي وٺڻ لاءِ، ڪيا هٿن سين هورا،

ڦريائون ٿي ڦرمار ۾، يتيم ۽ ڇورا،

نڪو داد فرياد جو، نه شرع جي تورا،

هي پائي پارس نه وٺي، توڙي نيو ڪن نوارا،

ٿر ۾ پڻ ٿورا ههڙا، عادل ۽ انصاف ڀريا.

(3)

(بيت، جوڙيل فقير ولي محمد ڪوراڙ، ويٺل ٻني ڀوجرڏه، تعلقو ڀوڄ، ضلعو ڪڇ)

ڪجي حمد هاديءَ جو، سدائين شڪران،

جنهن مٺو محمّد موڪليو، عربي ڪري اڳوان،

سببان شوق سيد جي، جڙيا ٻئي جهان،

سو آگو اجهو امت جو، ضعيفن لاءِ ضمان،

چارئي يار چاڳلا، ته مٿس رب ڌيان،

اٿم عشق اندر ۾، حَسينن هر آن،

سڀ صحابي سيد جا، مرڪڻ مهربان،

آگي جا احسان، عربيءَ جي امت تي.

 

عربيءَ جي امت ۾، عمدو عملدار،

جگر ’جان محمد‘ جو آهي ٿيو اظهار،

نامور ’نور محمد‘ سو، سهڻو صوبيدار،

ڪلي جزي قاعدا، سمجهي سمجهڻ هار،

عمدي ڏنيس ادراڪ ۾، سمجهه رب ستار،

مولا تنهن جو مرتبو، وڌي وير وتار،

بهادر جو ڀُڄ ۾، هجي عزّ اپار،

تنهن کي عزت گهڻي ڏي آبرو، خوش ٿي راءِ کنگهار،

صاحب بهادر جو پورو، مٿس هوءِ پيار،

حڪومت هن حاڪم جي، وڌي وارو وار،

داور رب دولي جو، ٿئي پڪو خاص پگهار،

فرزند ڪڻس فيض وارو، ڏي باري برخوردار،

طول عمر تهن جي ٿئي، ججهي ڇال ڄمار،

بلند بالا بخت تهن، سڪندري صدبار،

عمل صالح عمدا، نازڪ نيڪو ڪار،

ٿئي ٻاجهه گهڻي تنهن ٻالڪ تي، هجي خاصو خوش اطوار،

جنهن کي ڏسي جند جان، ٺرن ’نور محمد‘ جا نار،

دشمنن تي ڌوڙ پوي، آٽي ٿين اڱار،

آٽن پيا افسوس ۾، منگهرا منهن ڪار،

نامور ’نور محمد‘ تي، هجي نازل نور نبار،

ڏنڪا جنهن جا ڏيهن ۾، چئين ڏسين چوڌار،

بيٺي آفرينون ڪري، سندي ڀڄ بازار،

عاشق اچي انصاف ڪيو، مٿي ڪڇ ڪنار،

بيان تنهن بهادر جو، ڪهي ڇا ”ڪوراڙ“

فقط دست دعا جا، پني کنيو پينار،

’ڦل محمد‘ جون فريادون، ٻڌي جلد جبار،

وهم نڪو ويچار، فائق فوجدار تي!

*

ساراهيان سبحان کي، جو ملڪن جو مختيار،

جنهن مڪو محمّد هاشمي، اڙين جو آڌار،

چارئي يار رسول جا، ڀلن منجهه ڀلار،

آگي امامي کي، ڏنو عزّ اپار،

مجلسي محبوب جا، صحابي سچار،

آگي انسانن جا، ڪيا مرتبا موچار،

مهربانيون مالڪ جون، ڳڻڻ ڪنا ڌار،

قادر ڪَڇ ملڪ تي، ڪيون ڀلايون بسيار،

ننگيءَ نور محمد کي، ڪيو فائق فوجدار،

جنهن جي اچڻ سان آباد ٿيو، سڄو ڪڇ ڪنار،

پهلوان رستم کان گهڻو، سو بهادر ڀاليدار،

گهڻو نوشيروان کان، عادل آهي آپار،

عاقل وڏو اڪبر کان، دانهه سو دلدار،

سخي ڏاڍو حاتم کان، سو ڏيڻ ۾ ڏاتار،

مٺو سو ماکيءَ کان، سهڻن جو سردار،

سيرت صورت سڦرو، نازڪ نيڻن ٺار،

داغ آهي دشمنن جو، ۽ دوستن جو دلٺار،

حرامين جا هڪل سان، ڏاري وڌئين ڏار،

چورن کي چوريءَ تان، ڇڏڻي پئي پچار،

زاني سڀ زنا کان، ڀڄي ٿيا بيزار،

ڪٽڻ ڪٽڻپي کان، دست کڻي ٿيا ڌار،

ماري منڪرن جا، جهوري ڪنڌ ڪپار،

قسمت ساڻ ڪڇ مان، سو مرد ويو مڻيار،

جانب جوناگر ڏانهن، چڱا ڏينهنڙا چار،

تان ٿيو اونداهو ڪڇ ۾، چئن ڏسين چوڌار،

بدمعاشن بدمعاشيون ڪيون، اُٿيا چور چڪار،

ڪئين فسادي فتان، اچي ٿيا اظهار،

جن ڏجڻ کي ڏنجهه هئا، سي سرها ٿيا صد بار،

تان واريو واءُ فضل جو، وري ربّ ستار،

پهتو اچي پهلوان سو، ڪڇ ۾ ڪلنگيدار،

دليون دوستن جون، ٿيون کلي باغ بهار،

دشمنن جي منهن مٿي، پيا ڦوڪ ڦلهيار،

حرامي هٽي ويا، سڀني مان وئي سار،

آءٌ ٿو دعا الله کان، هينئر گهران هر وار،

فائق فوجدار جو، ونگو ٿئي نه وار،

هوءَ اڳري عزت تنهنجي، وٽ راجا راءِ کنگهار،

ٿئي ڪامورو ڪل ڪڇ جو، ’نور محمد‘ ننگدار،

سڀ سلامي تنهنجا، هو جو شينهن سندو سالار،

دشمن تنهنجا ”درس“ چئي، غرق ٿين منجهه غار،

آفت ملامتن کان، ٻيڙو هجيس پار!

فائق فرزند تنهنجو ’غلام محمد‘ گلزار،

عمر خضري تنهن کي، بخشي رب جبار،

بخت ٿئيس سڪندري، منجهه دنيا جي دار،

خاندانو خان جو، هوءِ چنڊ جي چمڪار،

سڀ سلامت تن جا، بچن ٻار يار،

واحد ”ولي محمد“ جا، سڻج سڏ ستار،

ڪلمي جي پچار، سڀ لنگهيندا لڪيون!


 


*  هن سوانح عمريءَ تي، لکڻ واري جو نالو درج ناهي. -- مرتب

*  ويلِي   =تڪڙي؛ وانچي = جانچي، پڙهي؛ وهِي= بندي.  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com