سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :31

 

رشيد احمد لاشاري

مرحوم زرڪ خان لاشاري

 

زَرَڪ خان لاشاريءَ جي والد جو نالو ڌڻي بخش خان آهي. خانداني شجري مطابق سندس سلسلو لاشارين جي مشهور سردار مير گهرام خان سان هيٺئينءَ ريت وڃي ٿو ملي. زرڪ خان، ولد ڌڻي بخش خان، ولد جاني خان، ولد مقبول خان، ولد ڳهڻو خان، ولد صوبدار خان، ولد ڳهڻو خان، ولد جهان خان، ولد سليمان خان، ولد کنڊو خان، ولد مير شنبه، ولد مير حده، ولد رمضان، ولد نوزبند. نوزبند جو ٻيو پٽ مير گهرام خان هو، جنهن جي مير چاڪر خان رند سان اڻبڻت هئڻ سبب، رندن ۽ لاشارين جي وچ ۾ ٽيهن سالن واري ويڙهه لڳي.

اها خبر پوريءَ طرح پئجي نٿي سگهي ته هن خاندان مان اهو ڪهڙو ماڻهو هو، جو پهريائين سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. مان، پنهنجن وڏن جي سيني بسيني روايت موجب، فقط ايترو ياد ڪري سگهيو آهيان ته رندن ۽ لاشارين جي هجرت کان پوءِ ستت ئي مير حده جو خاندان وري اچي صادق جي گهاڙ ۾ (سيوهڻ جي ويجهو) آباد ٿيو. اسان جي خاندان جي پرئي مڙس، مرحوم لعل بخش خان، ڳالهه ڪئي ته ”بلوچستان ليويز پوليس جي نوڪريءَ جي سلسلي ۾، اسين جڏهن صادق جي گهاڙ ۾ پهتاسين ۽ پاڻ کي حدياڻي لاشاري ظاهر ڪيوسين، تڏهن اُتان جي لاشاري سردار اسان کان حده جي نشاني طلب ڪئي. اسان جا ٻيا ڀائر ته خاموش رهيا، پر پنهنجن وڏن کان ٻُڌڻ سبب مون کي بخوبي ياد هو، تنهنڪري هڪدم چئي ڏنم ته ’ڏاڏي حده وٽ ”گِري“ نالي هڪڙي بندوق هوندي هئي، جنهن جو نشانو خطا نه ٿيندو هو.‘ اُهو سردار هڪدم ڀاڪرين پئجي ويو. ۽ چوڻ لڳو ته ’اُها گري بندوق اسان وٽ اڃا تائين موجود آهي‘ پوءِ اسان سڀني کي هلي ان جي زيارت ڪرايائين.“

اهڙيءَ طرح، قريبي روايتن موجب، ڳهڻو خان اول، ڀاڳناڙيءَ جي علائقي مان سرندو سرندو، روجهاڻ جماليءَ ۾ موجوده سردار مير جعفر خان جماليءَ جي وڏن سان گڏ اچي رهيو، ۽ سندن ميل ميلاپ ايتريقدر وڌي ويو، جو ڳهڻي جي اولاد پنهنجي مادري زبان بلوچيءَ کي ترڪ ڪري، جمالي بلوچن سان گڏ سرائڪيءَ کي پنهنجي مادري زبان بنائي ڇڏيو، ۽ بلوچي سندن ثانوي زبان جي حيثيت اختيار ڪئي- يعني اڄ ڏينهن تائين انهيءَ خاندان منجهان اهڙو ڪوبه ماڻهو ڪونهي، جيڪو بلوچي زبان کان بلڪل غير واقف هجي.

ڳهڻي خان اول جو پڙ پوٽو مقبول خان، سن 1857ع واري جنگ آزاديءَ واري زماني ۾ ئي، روجهاڻ ڇڏي، خان ڳڙهه (موجوده جيڪب آباد) ۾ اچي رهيو؛ ڇاڪاڻ ته جاني ديري جي جکراڻي سردار دريا خان جکراڻيءَ سان سندس دوستاڻا ۽ برادرانا تعلقات هوندا هئا، ۽ انگريزن جي برخلاف سندس تحريڪ ۾ پنهنجي سڄي خاندان کي منظم ڪري ڇڏيو هئائين. نيٺ، 1857ع واري تحريڪ ناڪامياب ٿي، ۽ دريا خان جکراڻي ۽ دلمراد خان کوسي کي قيد ڪري انڊمان ٻيٽن ڏانهن موڪليو ويو. مقبول خان کي جاني خان نالي هڪ پٽ ۽ ست ڌيئر هيون. ست ئي ڌيئر اپر سنڌ جي جدا جدا بلوچن قبيلن ۾ پرڻائي، سڀني سان پنهنجي مائٽي قائم ڪيائين، جن مان هڪ ڌيءَ پنهنجي دوست ۽ ساٿي ملگزار خان جکراڻيءَ کي ڏنائين، جنهن مان ٻه پٽ- شاهه محمد خان ۽ فيض محمد خان- ۽ هڪ نياڻي پيدا ٿي. انهن ٻنهي پٽن  جو اولاد اڃا تائين ملگزار اپر سنڌ ۾ موجود آهي، ۽ نياڻيءَ منجهان هاڻوڪي حاجي دريا خان جکراڻيءَ جو پٽ غلام علي خان حال- حيات آهي.

مقبول خان جي پٽ جاني خان کي وري هڪ نياڻي ۽ هيٺيان ست پٽ پيدا ٿيا: (1) مغل خان، (2) پٺاڻ خان، (3) لوٽو خان، (4) ڌڻي بخش خان، (5) ولڻ خان، (6) ڳوڌو خان، ۽ (7) فضل خان.

سن 1857ع جي تحريڪ آزاديءَ کان پوءِ، مقبول خان، پنهنجي مرشد سيد غلام رسول شاهه جيلاني ساڪن نبي شاهه وڳڻ جي معرفت، انگريزن وٽ ڪافي رسوخ پيدا ڪيو، ۽ پنهنجي پٽ جاني کي پنهنجن ستن پٽن سميت بلوچستان جي ليويز ٿاڻن تي مقرر ڪرائي ڇڏيائين، ۽ پنهنجي ناٺي ملگزار خان جکراڻيءَ کي رسالدار جو ٿاڻو وٺائي ڏنائين، جو اهو ٿاڻو ملگزار خان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ فيض محمد خان کي سندس والد جي نئين ٻڌايل ڳوٺ ملگزار ۾ تبديل ٿي مليو، ۽ هن وقت به موجوده ملگزار خان اُتي جو دفعيدار آهي. جاني خان، مغل خان ۽ پٺاڻ خان، ڪوئيٽا، چمن ۽ پشين جي ٿاڻن تي دفعيدار (صوبيدار) مقرر ٿيا؛ ڌڻي بخش خان اپوزئي (فورٽ سنڊيمن) جو ٿاڻو سنڀاليو؛ ولڻ خان سيويءَ ۾ ديرو دمايو؛ ۽ باقي ٻيا ڀائر ۽ رشتيدار به سڄي برٽش بلوچستان جي جدا جدا ٿاڻن تي پکڙجي پيا. اُن وقت بلوچستان ۾ بيروني حفاظت لاءِ فوج مقرر ٿيل هوندي هئي، پر ملڪ جو سڄو اندروني انتظام ليويز پوليس جي حوالي هوندو هو. اهي سڀيئي ڀائر پنهنجي زندگيءَ جو ڪافي حصو مشهور انگريزن سان گڏ گذاري، پينشن، اعزازي سرٽيفڪيٽ ۽ انعام حاصل ڪري، پوءِ واپس موٽيا. ميڪمن صاحب جو سبيءَ ۾ دربار ڪري بلوچستان جي سردارن کان ٽانگو ڇڪائڻ، ۽ سنڊيمن ۽ ريپٽ صاحب جون ڪيتريون ڳالهيون، انهن وڏن جي معرفت اسان تائين پهتل آهن. ايران ۽ بلوچستان جي حدبنديءَ جي تڪرار وقت به مغل خان، پٺاڻ خان ۽ لوٽو خان قافلو وٺي سيستان تائين ويا هئا، ۽ ڪيچ مڪران ۽ ڪراچيءَ جي رستي واپس سبي موٽي آيا هئا. سندن سوٽن مان کٽڻ خان، حاصل خان، وسڻ خان، لَکڻ خان، مشغول خان، ڪريم بخش، محمد بخش ۽ واحد بخش به ليويز پوليس ۾ هئا.مشغول خان کي فورٽ سنڊيمن ۾ پٺاڻن شهيد ڪيو هو. منهنجو والد بزرگوار مرحوم زرڪ خان لاشاري به انهيءَ مٿئين سلسلي جي هڪ ڪڙي، يعني فورَٽ سنڊيمن بلوچستان جو دفعيدار (صوبيدار) هو، جنهن جي سوانح هن هيٺ بيان ڪجي ٿي.

ولادت جي تاريخ جي باري ۾ ڪا مستند روايت ملي نٿي سگهي، پر جيئن ته پاڻ وفات واري سال ائين فرمايو هئائون ته ’منهنجي عمر هن وقت پنجهتر سال آهي‘، ته سندن وفات 14 مارچ 1932ع ۾ ٿي، تنهنڪري اِنهيءَ اندازي موجب چئي سگهجي ٿو ته پاڻ سن 1857ع واري سال ۾ پيدا ٿيا هوندا.

مستند روايتن مطابق رزڪ خان ۽ سندس ننڍو ڀاءُ شهڪ خان. خانڳڙهه (جيڪب آباد) ۾ پيدا ٿيا، ۽ سندن ننڍپڻ جو ڪافي عرصو اتي ئي گذريو؛ ڇاڪاڻ ته سندس والد ۽ چاچا جيتوڻيڪ بلوچستان جي دور دراز ٿاڻن تي ٽڙيل پکڙيل هئا، پر سڀني جو گهر ٻار خانڳڙهه ۾ ئي هوندو هو. سڀ کان پهريائين ڌڻي بخش خان پنهنجا ٻار ٻچا اپوزئي (فورٽ سنڊيمن) ۾ گهرائي ورتا، ۽ زرڪ خان جي تعليم و تربيت به اُتي شروع ٿي.

ان وقت بلوچستان ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو نالو نشان به نه هوندو هو؛ رڳو مسجدن ۾ ديني تعليم هلندي هئي، ۽ مسجد جا تعليم يافتائي ليويز ٿاڻن ۾ محرر يعني ڪلارڪ مقرر ٿيندا هئا. شهڪ خان جي ته ماڳهين پڙهڻ سان دل ڪانه هوندي هئي، ۽ پنهنجي والده جي گهڻي پيار سببان آخر تائين هڪڙو اکر به ڪونه پڙهيو؛ باقي زرڪ خان اپوزئي جي هڪ عالم مولوي عبدالحميد خان ڪاڪڙ وٽ پشتو ۽ پارسيءَ جي ڪافي تعليم حاصل ڪئي. اُردوءَ جي تعليم عام ڪانه هوندي هئي، پر ڌڻي بخش خان جو هڪ دوست عبدالعزيز نالي، ديري غازيخان جو ويٺل، سندس ٿاڻي جو محرر يا منشي هوندو هو: اُن وٽان زرڪ خان اُردو جي اڀياس جو ڪافي موقعو مليو. ڌڻي بخش خان کي پنهنجي اُن دوست عبدالعزيز سان ايڏي ته محبت هوندي هئي، جو جڏهن کيس ٽيون پٽ ڄائو، تڏهن اُن تي پنهنجي دوست جو نالو ’عبدالعزيز‘ رکيائين، جو هن وقت انهيءَ عبدالعزيز وانگي ضلعي سبي ۾ ليويز ٿاڻي جو محرر آهي، ۽ سوڀي خان اوڳاهي تعلقي ڪنڌڪوٽ جي لڳ جڏهن سال ٻه رهڻ لاءِ موقعو مليو، تڏهن اتان جي آخوند الهه ورائي خان کان سنڌيءَ جي تعليم به حاصل ڪيائين. انهيءَ الهه ورائي خان جو پٽ ماستر عاربي خان اوڳاهي پينشنر هن وقت تائين موجود آهي، جنهن مون رشيد احمد ولد زرڪ خان لاشاريءَ کي پنهنجي پٽ الهه ورائي خان سان گڏ، سن 1936ع ۾، سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪرايو.

زرڪ خان ۽ شهڪ خان پنهنجي چاچي لوٽو خان جي نياڻين سان شادي ڪئي، ۽ اپوزئي ۾ ئي گهر ٻار ڪري ويٺا. منهنجو وڏو ڀاءُ گل محمد خان به اُتي ئي پيدا ٿيو. اپوزئي ۾ ڌڻي بخش خان جي جيئريئي ٻنهي ڀائرن کي ليويز پوليس ۾ کنيو ويو هو، پر ان جي وفات کان پوءِ زرڪ خان کي اپوزئي جو، ۽ شهڪ خان کي ٻوره (ضلع لورالائي) جو دفعيدار مقرر ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾، اپر سنڌ جا ٻيا به ڪيترائي لاشاري ۽ ڀاڳناڙي جاگراڻي بلوچ به وڃي ليويز پوليس ۾ ڀرتي ٿيا. ايڏي ساري وڏي اٽالي جي ڪري، انوقت جا انگريز آفيسر، ائين ئي چوندا هئا ته بلوچستان جا پٺاڻ جاني خيل (لاشاري) جا وڏا ڀائر آهن، ۽ انهن جي دوستيءَ جي ڪري ئي امن ۽ سک سانت سان وقت گذارين ٿا، زرڪ خان جا ناناڻا ٺل تعلقي جا پيرو شاهي لاشاري هئا، جن مان ميانجي خان محمد لاشاري هڪ علم دوست اڃا تائين موجود آهي. انهن لاشارين مان قادر بخش ۽ ٻيا به ڪيترا لاشاري، بلوچستان جي زبردست ۽ خطرناڪ پهاڙن ۾ ملازمت ڪندا ۽ گهمندا گهتندا نظر ايندا هئا. مون سان حيدرآباد سنڌ جي مشهور شاعر مرحوم محمد رمضان ”شاد“ ڳالهه ڪئي ته ”آءٌ به فورٽ سنڊيمن جي ليويز پوليس ۾ نوڪري ڪري آيو آهيان“؛ ۽ والد مرحوم زرڪ خان ۽ ٻين سڀني کي باقاعدي سڃاتائين ٿي. ان وقت اسان جي محترم دوست ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ جو والد بزرگوار خانصاحب محمد يوسف خان به ڪوئيٽا ۾ فوجي آفيسر هو. ممڪن آهي ته اسان جن بزرگن سان به سندن چارچشمي ٿي هجي، پر اڃا تائين ڪا اهڙي روايت نه ملي سگهي آهي.

والد مرحوم، زرڪ خان، اڪثر فورٽ سنڊيمن ۾، ۽ ڪجهه وقت موسيٰ خيل، ٻوره ۽ سبيءَ جي ٿاڻن تي به گذاريو، ۽ ڪوئيٽا ۾ به ڪيترو وقت خصوصي ڊيوٽيءَ جي سلسلي ۾ گهرايو ويو. خان خداداد جي فرزند اعظم خان جي نظربنديءَ وقت به پاڻ ۽ سندس چند سپاهي ساڻس گڏ هوندا هئا.

انهيءَ وچ ۾ ڪيترا بزرگ پنهنجي نوڪريءَ جو عرصو پورو ڪري پينشن تي لهي آيا، ۽ جنهن وقت ضلعي جيڪب آباد ۾ شاهي واهه کوٽجي تيار ٿيو ۽ بلوچستان جي نصيرآباد تحصيل کي به پاڻي پهچڻ لڳو، تڏهن انگريز سرڪار جاني خيل کي، سندن خدمتن جو اعتراف ڪندي، باگڙ تحصيل نصيرآباد بلوچستان ۾ پابندي شرطن تي زمين انعام ڏني، ۽ سڀ خانڳڙهه ۽ ٻين پاسن کان لڏي اُتي اچي آباد ٿيا. آخر سن 1900ع جي وبا واري زماني ۾ حالتون ڪجهه اهڙيون ناسازگار پيدا ٿيون، جو والد مرحوم زرڪ خان کي به پينشن تي لهي گهر اچڻو پيو، ۽ سرڪار کان منظوري وٺي، باگڙ واري زمين احمد خان کوسي وٽ وڪرو ڪري، ديهه بجاراڻي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ اچي زمين خريد ڪيائون، ۽ اُتي ئي هڪ ڪچو قلعو تعمير ڪرائي، ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺا. اهڙيءَ طرح، سڀني سپهگيريءَ کان پوءِ زمينداري پيشو اختيار ڪيو.

والد مرحوم کي پهرئين گهر مان ٻه پٽ- گل محمد خان ۽ الهيٰ بخش خان- هئا، پر سن 1900ع ۾ گهرواريءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، سن 1921ع ۾، پنهنجي وڏي چاچي رئيس مغل خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائون، جنهن منجهان سن 1922ع ۾ آءٌ (رشيد احمد) پيدا ٿيس. مون تي پنهنجي ڏاڏي جو نالو ڌڻي بخش رکيو ويو، پر والد مرحوم مون کي رشيد احمد سڏڻ لڳا، ۽ فرمائيندا هئا ته رشيد احمد ڪلاچي (ديره اسماعيل خان) منهنجو هڪ فوجي دوست هوندو هو، جنهن سان گڏجي آءٌ شعر ٺاهيندو هوس. 1925ع ڌاري ملڪ جون معاشي حالتون خراب ٿيڻ لڳيون: سندن زمين کي پوري پاڻيءَ نه ملڻ سبب ڪيترن سالن جو فصل برباد ٿي ويو، ۽ پاڻ ويا ٿي ڏينهون ڏينهن قرضن ۾ پيڙبا. نيٺ، ساري زمين ڪنڌڪوٽ جي سوناري گورڌنداس کي گروي ڏيئي، پاڻ ملگزار (بلوچستان) ۾ لڏي وڃي ويٺا. منهنجو ننڍپڻ به اُتي ئي گذريو. منهنجو والد، فيض محمد خان جکراڻي جو مختارِ عام مقرر ٿيو، ۽ مان فيض محمد خان جي پوٽي مرحوم غلام رسول خان سان گڏ ملگزار جي پرائمري اسڪول ۾ اُردو پڙهڻ لڳس. غلام رسول خان منهنجو ٿڃ – شريڪ ڀاءُ به هو. نيٺ سن 1931ع ڌاري، سڀ پنهنجي گروي زمين ڇڏائڻ جي ارادي سان سنڌ ۾ واپس موٽي آيا: پر اُهو سال اهڙو ڪو نڀاڳو هو، جو ٿورن مهينن اندر مغل خان، پٺاڻ خان، ولڻ خان ۽ ٻيا سڀ باقي رهيل ڀائر، هڪ ٻئي پٺيان، انهيءَ مغل آباد جي ڪچي قلعي ۾ وفات ڪري ويا. والد مرحوم کي سخت صدمو پهتو، ۽ مالي مشڪلاتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ زمين سيٺ گورڌنداس کي هميشہ لاءِ وڪرو ڪري ڏنائين.

1 مارچ 1932ع ۾ پاڻ اوچتو بيمار ٿي پيا، اُنهيءَ موقعي تي خاندان جا سڀ ماڻهو اڳين فوت ٿيلن جي معذرت جي سلسلي ۾ آيل هئا. هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي نموني جي وصيت ڪيائون. مان اُن وقت چوٿون اُردو ڇڏي، چوٿين سنڌيءَ ۾ داخل ٿيو هوس. آخر ۾ مون کي گهرايائون، ۽ فرمايائون ته ”ڏس دُنيا ۾ سڀڪنهن جا پيءُ ماءُ مري ويندا آهن، ۽ شايد مان به مري وڃان. منهنجي مرڻ کان پوءِ، مان سمجهان ٿو ته تنهنجا ڀائر ۽ چاچا اوهان کي ٺڪرائي ڇڏيندا. تون جيڪڏهن منهنجو سچو فرزند هوندي، ته دُنيا ۾ رُلين، پنين، ديس کان پرديس وسائين، پر هڪڙيءَ ڳالهه کي هٿ مان نه ڇڏجانءِ- ۽ اُها آهي ’تعليم‘!“

پاڻ روزي ۽ نماز جا سختيءَ سان پابند هوندا هئا. 14 مارچ سن 1932ع تي رات جي وقت وضو ڪري ٻه رڪعت نماز نفل پڙهيائون، ۽ سڀني کي چيائون ته بلند آواز سان خدا جو ذڪر ڪريو. سڀ ذڪر ڪرڻ لڳا، ۽ پاڻ به ذڪر ڪندي پنهنجي خدا سان وڃي مليو- انالله وانا اليہ راجعون. کين جهنجهن جي ڳوٺ واري قبرستان ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو.

والد مرحوم زرڪ خان کي هڪ نياڻي ۽ هيٺيان پنج پٽ پيدا ٿيا: گل محمد، الاهي بخش رشيد احمد، محمد بخش، ۽ قادر بخش. منهنجا ٻيا سڀ ڀائر پنهنجي ٻئي سڄي خاندان سميت ڳوٺ دين محمد خان کوسي تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ رهن ٿا. والد مرحوم جي وفات کان پوءِ مون سان پنهنجو هيٺيون شعر ٺهڪي اچي ٿو:

دورِ شباب ايندي ترڪ- وطن ڪيم،

افسوس، مان چمن کان جدا ٿيس بهار ۾!

فڪر- معاش، رنج- عزيزان، فراقِ دوست،

ڇا ڇا ستم ڏٺم چمنِ روزگار ۾!

مرحوم زرڪ خان خوشمزاج، سنجيدو ۽ بردبار، انسان هو. منهن تي سدائين مرڪ هوندي هيس. ڪاوڙ وس ويندي ڪين ڪندو هو؛ پر جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي اوچتو ڪاوڙ ايندي هيس، ته پوءِ سندن لنؤن لنؤن ڪانڊارجي ويندي هئي، ۽ سندس جوش کي ڍرو ڪرڻ تمام مشڪل ٿي پوندو هو. پنهنجي ارادي ۽ وعدي جو بلڪل پڪو هو، ۽ جيڪي هڪڙو ڀيرو زبان سان چوندو هو سو ضرور ڪري ڏيکاريندو هو. بلوچن جي اڇوتپڻي ۽ غرور واري عادت ۽ رسم و رواج کي سخت نديندو هو. ٻيو ته ٺهيو، پر اوڏ ۽ مينگهواڙ به سندس بهترين دوست هوندا هئا، ۽ ”بامسلمان الله الله، بابرهمن رام رام“ واري اُصول جو سختيءَ سان پابند هوندو هو. اُن وقت اپر سنڌ ۾ تعليم جو رواج بلڪل گهٽ هو: ملگزار واري زماني ۾ رهڻ کان پوءِ، هن ڪيترن ماڻهن ۽ زميندارن کي پنهنجي خانگي اوقات صرف ڪرڻ سان تعليم مان روشناس ڪري ڇڏيو، ۽ سندس ئي ڪوششن سان ملگزار ۾ اردو اسڪول قائم ٿيو، جنهن ۾ مون به تعليم ورتي. ان وقت بيعلميءَ جي اها حالت هئي، جو هڪ ڏينهن فيض محمد خان جکراڻيءَ جو تاج محمد نالي هڪ بگٽي بلوچ ٻڪرار ڊوڙيندو آيو ته ’راکو ٻڪريون ڍڪ تي ڪاهي ويو آهي‘. ڍڪ جي چارج به ملگزار جي ٿاڻي جي محرر کي هئي، تنهنڪري والد مرحوم زرڪ خان ان بگٽي بلوچ کي ان محرر ڏانهن چٺي لکي ڏني ته ٻڪريون ڇڏي ڏي. ٻڪرار ڇا ڪيو جو چٺيءَ واري کليل ڪاغذ کي هڪڙي خاليءَ ڪنڊ کان چپٽيءَ سان جهلي اُٿي روانو ٿيو، ۽ چار ميل پنڌ ڪري اُهو کليل ڪاغذ وڃي محرر جي هٿ ۾ ڏنائين، ۽ چيائين ته ”منشي، اِيشي آگِر نوان اي سيهڙو سياهڙو گار بِيان رَوَنٿ!“ (منشي، هي وٺ، نه ته هي ڪارا ڪارا نشان گم ٿي ويندا!) منشي خط پڙهي ٻڪريون ته ڇڏي ڏنيون، پر ٻڪرار اچي انهيءَ ضد تي بيٺو ته ’منشي صاحب! مون کي اهو ٻڌاءِ ته هن ڪپڙي جي ٽڪر (ڪاغذ) تي ڪارن نشانن تو سان ڳالهايو به ڪونه، ۽ اُنهن کي ڏسڻ وقت تنهنجا چپ به نه چُريا، پوءِ ڀلا تو کي ڪيئن خبر پيئي جو تو سردار جون ٻڪريون ڇڏي ڏنيون!‘

مرحوم زرڪ خان کي شعر ۽ موسيقيءَ سان بيحد دلچسپي هوندي هئي، ۽ پاڻ به شسته شاعر ۽ نغمه گو هوندا هئا. رباب نهايت سٺو وڄائيندا هئا، ۽ پنهنجا تيار ڪيل بلوچي، پارسي ۽ پشتو ٻولين جا شعر اڪثر رباب تي ڳائيندا هئا. پوين ڏينهن ۾ ديري غازيخان جو مشهور ڳائڻو ۽ شاعر رسول بخش ميراڻي سندس خاص صحبتي هوندو هو، ۽ اُن سان گڏ سندس ڪچهريون عام جام ٿينديون هيون. داستان گوئيءَ سان به خاص دلچسپي هوندي هيس، ۽ شعر ۽ راڳ جي محفل کان پوءِ، بلوچن جي فرمائش موجب، ”داستان امير حمزه“ اُردوءَ ۾ پڙهڻ شروع ڪندو هو، ۽ گڏوگڏ بلوچيءَ ۾ ان جو ترجمو به ڪندو ويندو هو. هو پنهنجي خيال موجب ”داستانِ امير حمزه“ کي صحيح داستان سمجهندو هو، ۽ بلوچن کي بديع الزمان بن امير حمزه جي اولاد مان شمار ڪري، ۽ اُن تي فخر محسوس ڪندو هو. مطلب ته اِنهيءَ قصي کان ايتريقدر متاثر هو، جو پنهنجي سوٽ، پٽ ۽ ڀائٽي جا نالا به نمبروار- ’حمزو‘، ’مقبل‘، (الاهي بخش) ۽ ’عمر‘ رکيائين، ۽ چيائين ته وڏي هوندي هو ٽئي پاڻ ۾ دوست ٿي رهندا- ۽ واقعي ٿيو به اِئين. اهڙيءَ طرح، سرائڪيءَ ۾ ”جنگ نامه زيتون“، مصنف امير بخش، ۽ پارسيءَ ۾ ”مثنوي مولانا روم“ هميشہ مطالعي هيٺ رکندو هو.

ملازمت جي سلسلي ۾ سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان ۽ افغانستان ۾ رهڻ ڪري، سنڌي، پنجابي، سرائڪي، اُردو، پارسي، پشتو ۽ بلوچي زبانن تي کيس پورو پورو عبور حاصل هو، ۽ انهن سڀني ٻولين ۾ سندس شعر موجود آهي: تنهنڪري کيس ’هفت زبان شاعر‘ سڏڻ ۾ ڪنهن به قسم جو مبالغو ڪونهي. انهن ٻولين کان سواءِ، پاڻ اٺين بروهڪي ٻولي به چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو، ۽ اُن ۾ ٻين شاعرن جو ڪلام به ٻڌائيندو هو. جڏهن کانئس پڇبو هو ته ”اوهين بروهڪي ۾ ڪلام نٿا چئو؟“ تڏهن چوندو هو ته ”بروهڪي ڪا خاص زبان ڪانهي، ۽ اها ائين آهي جيئن دٻي ۾ ٺِڪريون؛ تنهنڪري اُن ۾ شاعري ڪرڻ لاءِ دل نه چاهيندي آهي“.

جيئن ته پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو اڪثر حصو فورٽ سنڊيمن بلوچستان ۾ گذاريائين، ۽ سندس تعليم و تربيت به اُتي ٿي، تنهنڪري پاڻ شعر و شاعريءَ ۽ تعليم ۾ پنهنجن استادن منجهان مولوي عبدالحميد خان ڪاڪڙ ۽ منشي عبدالعزيز ديره جاتيءَ ۽ رشيد احمد ڪُلاچويءَ جا نالا کڻندو هو. پنهنجي همعصر ۽ گَهِرن دوستن مان سردار زرغون خان پٺاڻ (نزديڪ زيارت، بلوچستان) ۽ شربت خان پٺاڻ (رٽائرڊ پوليٽيڪل ايجنٽ) کي تمام گهڻو ياد ڪندو هو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته سن 1930ع ۾ جڏهن آءٌ اسڪول ملگزار ۾ پهريون درجو اُردو پڙهندو هوس، تڏهن شربت خان پٺاڻ پهريون ڀيرو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿي ملگزار جي دوري تي آيو هو، ۽ والد مرحوم جي دعوت قبول ڪئي هئائين. اُن جي قيامگاهه تي به شعر ۽ راڳ جي هڪ زبردست مجلس منعقد ٿي هئي.

بلوچي شاعريءَ ۾ مالهو خان بکراڻي سندس خاص همعصر ۽ گَهِرو ساٿي هو، ۽ ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کي پنهنجا بلوچي رزميه ۽ عشقيه شعر ٻڌائيندا رهندا هئا. مالهي خان جو فرزند ٿاغمان خان ملگزار اسڪول ۾ مون سان گڏ اُردو پڙهندو هو.

جيئن ته مرحوم زرڪ خان پنهنجو اڪثر ڪلام في البديہ تيار ڪندو هو، ۽ لکڻ جي تڪليف ڪڏهن به گوارا نه ڪندو هو: هر نئين تيار ڪيل شيءِ سندس حافظي تي هميشہ لاءِ محفوظ رهجي ويندي هئي، تنهنڪري سندس وفات کان پوءِ سندس ڪلام به اسان وٽان هميشہ لاءِ ويندو رهيو. ڀلا، اُن وقت ڪنهن کي اهڙو شعور هو جو اهڙا ناياب جواهر سانڍي رکي، جي وقت تي ڪم اچن؟ وري به آفرين آهي سندس ننڍي ڀاءُ منشي عبدالعزيز کي، جنهن ڪيترا پنڌ ۽ تڪليفون سهي، سندس دوستن وٽان ياد ڪيل ڪلام جو ڪافي ذخيرو ڪٺو ڪيو آهي.

والد مرحوم زرڪ خان سنڌيءَ ۾ ڪلام تمام ٿورو چيو آهي: فقط ٻه ڪافيون هٿ اچي سگهيون آهن، جن مان هڪ مولوي قادر بخش ڪوٽ ڪاپاري (تحصيل نصيرآباد، بلوچستان) واري جي تتبعي تي چئي هئائون. مولوي صاحب سندن همعصر ۽ صحبتي هو. مون کي پنهنجي والد مرحوم جي چاچي سبز علي خان ٻُڌايو ته ”مولوي قادر بخش هڪ نهايت پُرگو شاعر هو، ۽ مولانا عبدالغفور صاحب همايوني ’مفتون‘ سندن خاص همعصر ۽ صحبتي هوندو هو.“ هڪ ڀيري صحبتپور (بلوچستان) ۾ اهي سڀيئي بزرگ اچي ڪٺا ٿيا هئا، جتي مولوي قادر بخش صاحب پنهنجيون ڪيتريون ڪافيون ٻڌايون، جن مان هڪڙيءَ ڪافيءَ جو ٿلهه ۽ نالي وارو ٻول هيءُ هو:

روئندي يار ڇڏيم، بر ۾ ڇڏيون ويا مان کي!

جڏه دلبر مان وٽ آيو، ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي،

پڇڻ لڳو پوءِ مان کان، ’قادر بخش‘ هيءُ ڇا هي؟

سينو سيني سان لائي، کلندي کنيون ويا مان کي!

اهو ٻول ٻڌندي ئي، مولانا همايوني هڪدم ٽپ کائي اُٿيو. مولوي قادر بخش کي کڻي سيني سان لڳايائين، ۽ چيائين ته ”يار، بخت ته تنهنجا، جو سڄڻ توکي کلندي کنيو وڃن!“ مجلس برخاست ٿيڻ کان پوءِ مرحوم زرڪ خان به انهيءَ ڪافيءَ جي تتبعي تي هيٺيون ٻول ٻَڌو:

ڪان قريبي دل ۾، محب هَنيون ويا مان کي!

گهر گهر ٿيون گلزاريون، دوست ڏنيون دلداريون،

مفت مُئيءَ کي ماريون، بِرهه بَڇيون ويا مان کي.

بيحد ڪيون مان دانهان، هَٿڙا ٻَڌي ٻئي ٻانهان،

دل تي ڪري سَو ڪاهان، ماٺ چَيون ويا مان کي.

سُور وِڌائون چولي، زخم وِڌائون کولي،

مِٺڙيون ٻوليون ٻولي، لات لَنيون ويا مان کي.

تَن ”زيرڪ“ ويو تَڻجي، پَرڙا پيا سڀ ڇَڻجي،

باز برابر بَڻجي، جَهٽ ۾ کنيون ويا مان کي!

مولوي قادر بخش جو سنڌي ۽ سرائڪي ديوان سندس ڀاءُ ميوي فقير وٽ موجود آهي. ميوو فقير اسان جي چاچي سبز علي خان جو خاص دوست، ۽ حضرت سلطان باهو رحمةالله عليہ جي سلسلي موجب سندس پير- ڀائي آهي. تازو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سنڌ جي مشهور موسيقار سيد عبدالرزاق شاهه شڪارپوريءَ به مولوي قادر بخش جي ڪلام لاءِ مٿين شاهدي ڏني، ۽ سندس ڪلام جي بيحد تعريف ڪئي. اهڙيءَ طرح، چاچو سبز علي خان، جيڪب آباد کان مٿئين علائقي، شاهپور ، لهڙي، ڪٽپار شريف، مٺڙي، محمود فقير جي لانڍي، ڀاڳ ۽ ٻين ڪيترن شهرن جي شاعرن ۽ سگهڙن جو اڪيچار سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ٻُڌائيندو آهي. مرجوده دور ۾ به فتحپور ۽ ان جي آسپاس، سائين رکيل شاهه جو فرزند سائين چيزل شاهه ۽ سندس درگاهه جا ٻيا ڪيترا سنڌي ۽ سرائڪي شاعر موجود آهن، ۽ سبيءَ ۾ هڪ ٻن مشهور سنڌي ۽ سرائڪي شاعرن جو ڏس ملي ٿو: مگر افسوس، جو سنڌ کان ٻاهر انهيءَ پاسي ڪنهن به صاحب توجهه ڪونه ڏنو آهي، ۽ ڪيترائي سنڌڙيءَ جا لعل اسان جي نظرن کان اڃا تائين لڪا پيا آهن.

مرحوم زرڪ خان سنڌي شاعرن مان سچل سائينءَ جي ڪلام کان تمام متاثر هو، ۽ سندس اڪثر سرائڪي ڪافيون رباب تي ڳائيندو هو. جيتريقدر آءٌ پنهنجي حافظي تي زور ڏيئي سوچيان ٿو ته معلوم ٿو ٿئي ته سچل سائينءَ جون گهڻيون اهڙيون سرائڪي ڪافيون به ڳائيندو هو، جي هن وقت سندس چيل رسالن ۾ موجود نه آهن- جيئن ته هڪڙي اُردو ڪافيءَ جا هيٺيان ٻه شعر مون کي ياد رهجي ويا آهن:

عدم سي تم نهين آئي، اري نادان پرديسي!

ڻوڻي هي آم کي ڊالي، روتا هي باغ کا مالي،

باغيچه هوگيا خالي، اري نادان پرديسي!

”سچل“ کي بال هين کالي، پلاؤ دودهه کي پيالي،

الله سائين خاک مين ڊالي، اري نادان پرديسي!

انتخاب

پشتو ڪلام

(مون والد مرحوم زرڪ خان کي پنهنجي ننڍپڻ ۾ هڪ پشتو غزل جهونگاريندي ٻڌو هو، جنهن جا ٽي شعر اڃا تائين ياد اٿم، ۽ شايد سندن طبعزاد ڪلام آهي.)

زڙه من پردي خوشحال شو، کہ خيرالوريٰ پيدا شو:

لقبِ اُو آمده خير الوريٰ. خيرالبشر.

 

زڙه من پردي خوشحال شو، کہ سلور يار پيدا شو:

اول يارِ نبي، ابو صديق معتبر.

 

زڙه من پردي خوشحال شو،کہ شيرِ خدا پيدا شو:

پا نعرهء حيدري کافران را بدر شو.

 


 

پارسي ڪلام

نه بهرِ عيش در دُنيا، گل و گلزار مي خواهم،

الهيٰ، از تو عشقِ سيّد الابر مي خواهم.

پرشانم، پشيمانم بعصيان و سيہ بختي،

براي گلشنِ اُميد، برگ و بار مي خواهم.

شبِ تاريک و من تنها، کجا بينم نشانت را،

بشوقِ راهِ عرفان، مطلع الانوار مي خواهم.

فدا سازم دل و جان را، درِ راهِ غمِ جانان،

شهيدِ عشق هستم، جذبہء ايثار مي خواهم.

مکن پابند در دامِ هوس اين مرغِ ”زيرک“ را،

رهائي ده، کہ حبِّ حيدرِ کرّار مي خواهم.

اُردو کلام

مري اس گلشن اميد مين، يا رب، بهار آئي،

مري دل کو قرار آئي، اگر وه گلعذار آئي!

نه چهوڻي هاتهه سي ميري جهان مين صبر کا دامن،

مصيبت زندگي مين سَر په گر ليل و نهار آئي.

گئي سب هاتهه خالي دولتِ دُنيا کي نعمت سي،

هزارون مردِ کار آئي، هزارون نابکار آئي.

مرا سايه بهي جب مجهه سي هوا فّرار جاتا هي،

بهلا وه کونسي هي چيز، جس پر اعتبار آئي؟

زبان اپني سي هر لمحه خدا کا نام ليتا ره،

کبهي لب پر تيري ”زيرک“ نه ذکر روزگارِ آئي!

 

بلوچي ڪلام

آشٿئين دڙ دان بعض زهيران، هجر نياما ششغان ورنا،

اِشتوعادت ناز جمالئي، جلد بيايئي مِرغان ورنا!

وَرغ ڇَرغ دي نيلئي ورنا، ٺونڪ ٿَنوار نه کنغان ورنا،

بِيسا جان ڦُران ني ڊَولا، گويد گُڊا، 1نني وَرغان ورنا!

گَند گَنوخان، بَدڪر داران، ڪوهان گون سَر جَنغان ورنان!

مَنان شمشتو يار شُزئي، ٿَرا، گِير کُزو مان گريغان ورنا!

مست موالي ”زرک لاشاري“ جام شراوَئي ٿِنگغان ورنا،

حامي اين مَي حضرت حيدر، دگر کسي نا گندغان ورنا!

 

پنجابي ڪلام

گئي رات فراق دي ڊهل، ماهي!

ساڊي نال نه کيتي گل، ماهي!

آدهي تک تَکدي چهپ گئي تاري،

دَهمي ويلي گيا پهِر چَل ماهي.

کون هي جس تهون اس دنيا وچ،

جاوي تير قضا دا ڻل، ماهي؟

تيري شان هي چنگي، چنگا کرنا،

تيري بهيڙيان نُون لاويِن گَل، ماهي؟

”زيرک“ نون غم زير چا کيتا،

کيا درد هي دل وچ پَل، ماهي!

 

سنڌي ڪلام

روئندي ڏسان ٿي واٽان، اجهي ٿا وڃن منهنجا جوڳي جاني!

مُرليون وڄائي، مست بنائي، نانگ نچائي، دُوڌ دُکائي،

غم جون ٻاري لاٽان، - اجهي ٿا وڃن منهنجا جوڳي جاني!

جيئري ڪري ويا مان سان جدائي، وَڻ وڻ سان آهي منهنجي وائي،

روئندي روئندي پيئي ’ڦاٽان، - اجهي ٿا وڃن منهنجا جوڳي جاني!

ناڪوئي اوهي، ناڪوئي واهي، فڪر فراق جي ڳل ۾ ڦاهي،

ڏينهن ڪَوڙا ڪاٿي ڪاٽان؟ - اجهي ٿا وڃن منهنجا جوڳي جاني!

”زيرڪ“ زوران زور زوراور، دلڙي کسي ويا دوست دلاور،

نيڻ وسائڻ ڇاٽان، - اجهي ٿا وڃن منهنجا جوڳي جاني!

سرائڪي ڪلام

پنهل نال وت پيچ پاٻيٺي آن مئن،

جليل جان ڪون وت جلا ٻيٺي آن مئن.

اها برهه بازي بڻا ٻيٺي آن مئن.

سوين سور سر تي سها ٻيٺي آن مئن.

اکين نال آرني آڙا ٻيٺي آن مئن.

ڇٽل جندڙي ڪون ڦسا ٻيٺي آن مئن.

جڏان هوش سارا گنوا ٻيٺي آن مئن.

تڏان نام ”زيرڪ“ سڏا ٻيٺي آن مئن.

 

(2)

آيا هي جوڳي يار- مُرلي وڄاوي، مست بڻاوي!

آيا دلبر ڍول پيارا، ڇوڙ ڪي اهين تخت هزارا،

گهر گهر ٿيا گلذار- گيت خوشي دي هر ڪوئي ڳاوي!

مرلي ماهي دي محبت والي، دلڙي جئين تي ٿي متوالي،

عشق ڪيتس اظهار- نينهن دي نانگي نانگ نچاوي!

جوڳي آوي ٽردا ڦردا، مالڪ ميڏي ساهه تي سردا،

دوست مٺا دلدار- آوي دل دا درد گهٽاوي!

”زيرڪ“ جوڳي يا زوراور، ڍول دليندا دوست دلاور،

دوجڳ دا سردار- عيب اساڏي آ بخشاوي!

 

 

--------------

 

مقبول احمد بلوچ

قاضي محمّد ’عرس‘

مرحوم قاضي محمد عرس ولد مرحوم قاضي محمد يوسف، ساڪن لنواري شريف، سال 1873 عيسويءَ ڌاري لنواري شريف ۾ تولد ٿيو، ۽ سال 1933ع ڌاري، اٽڪل سٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، ٿر ۾ عجيج فقير جي ڀٽ تي، شير واهه جي ڇوڙ وٽ، هيبت فقير جي ڏکڻ اوڀر ۾، ڍوري پراڻ جي اڀرندي طرف مدفون ٿيل آهي.

قاضي صاحب مرحوم فارسي ۽ سنڌيءَ جي تعليم لنواري شريف ۾ حاصل ڪئي هئي، جتي ان وقت وڏو علمي درسگاهه هو. مٽيارين جي ٻن اعليٰ هستين، مولوي ولي محمد ۽ مولوي محمد علي، کان پڻ فارسي جي تعليم پرائي هئائين.

قاضي محمد عرس ننڍي هوندي کان رنگين طبع، صوفي- خيال ۽ حسن- پسند هو. هن جو ننڍي هوندي کان پنهنجي سوٽ گل محمد سان گهڻو پيار هو- ڇاڪاڻ ته هو تمام سهڻو هو. اهو ئي سبب آهي جو سندس غزلن ۾ گهڻو ڪري ”گل“ جو نالو تخلص طور ڪم آندل آهي. ڪن ڪن غزلن ۾ پنهنجو تخلص ”عرس“ ڏنو اٿس.

قاضي عرس عباسي خاندان مان هو. پاڻ ٿر جي شيخن مان شادي ڪئي هئائين، جي عجيج فقير جي ڀٽ جي ڀر ۾ رهندڙ آهن. انهيءَ شاديءَ مان قاضي صاحب کي هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو محمد عمر آهي، جو هن وقت تائين زنده آهي ۽ پنهنجي ناناڻن ۾ رهي ٿو.

قاضي صاحب جي سوٽ قاضي علي محمد ڳالهه ڪئي ته قاضي صاحب مرحوم قمار بازي ۾ بلڪل ماهر هو، ۽ پيشنگوئي ڪئي هئائين ته جڏهن کيس بافتي جا پيل ڪپڙا سندس دوست ۽ عزيز ڏسن، تڏهين کين پڪ سمجهڻ گهرجي ته هاڻي عرس هنن کان موڪلائڻ وارو آهي. ٿيو به ائين لنواري شريف ۾، سانوڻ جي مهيني ۾، ٿڌڙيءَ جي ڏڻ تي، قماربازي ڪري، هڪ وڳو بافتي جو سبائي، بدن تي پهري، سڀني دوستن ۽ عزيزن کان موڪلائي، جئن روانو ٿيو، تئن وري نه موٽيو- پنهنجي ساهراڻي ملڪ ۾ فوت ٿيو. سندس چوڻ هو ته ’منهنجو موت اهڙي هنڌ تي ٿيندو، جتي هر وقت بلبليون ٻولينديون رهنديون‘. سو، قاضي صاحب مرحوم اهڙي هنڌ تي ئي مدفون ٿيل آهي. جتي وڻن جا ويڙهه لڳا پيا آهن ۽ ذات پکي هر وقت پنهنجون مٺيون لاتيون لنوندا رهن ٿا.

قاضي صاحب مرحوم سيلاني طبيعت جو انسان هو، مشهور شهر ۽ بستيون، ڏوري وڃي ڏٺيون هئائين. نبيسر جو ڳوٺ، جو ڍوري پراڻ تي سندس ڏينهن ۾ هڪ شاندار ڳوٺ هو، ان تي هڪ وڏو غزل چيو اٿس، جنهن جي پهرين تُڪ هيءَ آهي:

”پسي نڪتا نبيسر جا، آئي مون کي لذت لنواريءَ جي“.

قاضي عرس سنڌي غزل جو هڪ بينظير شاعر هو. لاڙ ۾ سندس ڪلام بيحد مقبول آهي. پاڻ اردو ۽ فارسي طبع آزمائي ڪندو هو.

لاڙ جو مشهور شاعر ۽ عالم، مرحوم مولوي حاجي رمضان جت، ساڪن ٻڙ جو ڍورو (ڍوري پُراڻ جي شاخ، بدين تعلقي ڪڍڻ کان هيٺ)، سندس همعصر هو. سندس ٻيو مک همعصر هو مولوي احمد ملاح، جو حال- حيات آهي، ۽ هن وقت سنڌ جي بهترين شاعرن ۾ شمارجي ٿو.

ڪلام جو نمونو

توئي سرتاج سبحاني، محمّد يا رسول الله!

بکش زين حال حيراني، محمّد يا رسول الله!

اميدون عرضدارن جون سدا تنهنجي سخاوت ۾،

نظر ڪر نور رحماني، محمد يا رسول الله!

سوين سائل تنهنجي در تي وتن مخمور منجهه محبت،

سوين ڪن ساهه قرباني، محمد يا رسول الله!

اندر جي آرزو منهنجي، سڀئي روشن نظر تنهنجي،

فڪر جنهن کان ٿيس فاني، محمد يا رسول الله!

بحر درياء عنايت جو، جڏهين آهين سخاوت جو،

تڏهين ڪيم حال نيشاني، محمد يا رسول الله!

اٿوَ معلوم سُڌ سڀڪا، ڪريان تنهن جي حڪايت ڇا،

وتان ٿيو وير ويراني، محمد يا رسول الله!

اٻوجهن کي اچي، اڪمل اُڪارج سير هيءَ افضل،

سنڀارج هيءُ سدا خاطي، محمد يا رسول الله!

پسي ديدار جي در کي، يقين آيو سدا ”گل“ کي،

ويو آزار ارماني، محمد يا رسول الله!

·

مخفي رهه محبوب سان، ظاهر ڌنڌا سڀ دور ڪر،

جئن چوي اوجان ۾، تئن من اندر منظور ڪر.

منجهه اٿئي مسجد منارا، منجهه مدينو ۽ مڪو،

قلب کي ڪعبو بنائي، تن تپائي طور ڪر.

پل پراهون ناهي پرور، وير ويجهو ٿو وسي،

ساهه ۾ سوچي سڄڻ، وسواس ڪل وهلور ڪر.

تو ۾ تڪيو تختگاهه، ۽ تو ۾ ديرو دوست جو،

ورق واري پس وصل کي، ڏاکڙا ڏک ڏور ڪر.

نينهن جو نيشان چاڙهي، ٿي نذر نانگو نسنگ،

ڳالهه ڳجهه جي ڪِيم ڪنهن سان ملڪ ۾ مشهور ڪر.

صاف صورت جي سڃاڻين، تان اکين سان ڏس عجيب،

دَر دنيا جي دم زنيءَ جا، مرد ٿي معمور ڪر.

”گل“ گدائيءَ ۾ وڃائي تو ادا پنهنجي عمر،

عشق سان الفت رکي، تنهن مَي سان دل مخمور ڪر.

·

 

هن لعل روءِ جي لال لب مرجان موهيا،

لک شوق شمع جي پروان موهيا.

حيران حُسن صاف تي انسان موهيا،

رخسار پاڪ يار تي حيوان موهيا.

زنجير زلف پيچ پهلوان موهيا،

سڀ شيخ شاب مولوي سلطان موهيا.

گلزار ”گل“ هزار زنخدان موهيا،

ايمان دين کي ڇڏي رضوان موهيا.

 

(فارسي)

شها! دست بستم، گنهگار هستم،

مي بخشي خطاها، مي بخشي خطاها!

تو درگاهِ عالي، منم دست خالي،

سحر شام سوالي، ميخواهم عطاها!

تو معراج صاحب، مي بيني عجائب،

کہ برحالِ ما کن نوازش نگاها!

ملائک فلائک، همہ انس عاجز،

کہ بردر تو آمد، چنين ”گل“ گداها.

 

اسدالله شاهه ”اسد“ ٽکڙائي

 

حافظ محمّد هارون ”دلگير“

حافظ محمد هارون ”دلگير“، ولد حافظ محمد يوسف، موجوده ٽکڙ ۾ ڄائو. علامه يوسف ڌارين شاگردن کي ئي فرش تان کڻي عرش جو سير ڪرايو، سو هيءُ ته سندس فرزند هو: اهڙو ڪري ڇڏيائينس، جو پڇاڙيءَ ۾ کانئس به گوءِ کڻي ويو! علامه يوسف جو علم هميشہ ڪڪر جيان وسندو رهيو- انهيءَ مان جن طالب علمن قطرا جهٽيا، تن مان سندس هن لائق فرزند جو رتبو سڀني کان مٿي هو. اهي علم جا قطرا، جي سپ وانگر سندس دهن ۾ داخل ٿيا، سي سڀ ماڻڪ بنجي دنيا ۾ آيا. ٻارهن سالن جي ننڍيءَ عمر تائين، ”دلگير“ مرحوم پنهنجي پيءُ وٽ پارسي، سنڌي ۽ فقہ پڙهيو، ۽ ان سان گڏ قرآن شريف به ياد ڪيائين. 1311 هه کان 1316 هه تائين، علامه اسدالله شاهه ”فدا“ وٽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين؛ 1316هه ۾ آقا محمد حسين جان کيس پنهنجي فرزندن- هر هڪ محمد اسماعيل جان ۽ محمد يعقوب جي تعليم لاءِ مقرر ڪيو. حافظ صاحب، صاحبزادن کي تعليم ڏيڻ سان گڏ خود به پير صاحب جي صحبت مان جهجهو فيض پرايو. ڏينهن ۽ رات جي رهاڻين ۽ شعر و شاعريءَ، ”دلگير“ جي قلم ۽ خيال کي ڪافي قوت عطا ڪئي. پير صاحب خود به ”دلگير“ کي نثر ۽ نظم ۾ دل کولي داد ڏيندو هو. اهو سلسلو 1328 هه تائين هليو، جيستائين پير صاحب ٽکڙ ۾ هو.

هنن برگزيدن جو سواءِ درس و تدريس جي ٻيو ڪوبه ذريعه آمدني ڪونه هو، تنهنڪري مفلسيءَ جو مڙئي مٿن مارو رهندو هو. حافظ يوسف جي وفات کان پوءِ، سندس درسگاهه ”دلگير“ جو دامن جهليو، ۽ ”دلگير“ جي سرچشمه فيض مان گهڻائي علم جا اڃايل سيراب ٿيا. سعيدپور واري سيد محمد ڪامل شاهه مرحوم جو ”دلگير“ سان خاص قرب هوندو هو. سندس خط و ڪتابت جو ڪم ”دلگير“ تي ئي هو. جڏهن به سندس صاحبزادا گرمين جي موڪلن ۾ ڳوٺ ايندا هئا، تڏهن يڪدم ”دلگير“ کي گهرائيندو هو، ته اچي کين ديني تعليم ڏئي. حافظ صاحب کي ڪامل شاهه مرحوم کان چڱي رقم ملندي هئي. جيئن ته اڳي گهڻو ڪم پارسيءَ ۾ هلندو هو، انهيءَ ڪري ”دلگير“ خط پٽ لکڻ، شادين جي دعوتن جا مسودا ٺاهڻ، ڪنهن جي ولادت يا وفات تي قصيدن يا مرثين چوڻ مان ڪجهه نه ڪجهه رقم حاصل ڪري وٺندو هو؛ مگر تڏهن به گذر سفر آجو اگوندرو نه ٿيندو هوس. ”دلگير“ حافظ خاندان جو پهريون فرد هو، جنهن پنهنجي گذران لاءِ ٽکڙ کان ٻاهر نڪري هٿ پير هنيا.

”دلگير“ نهايت اعليٰ پايي جو خطاط هو. ڪيترا ليٿو پريسن وارا، حافظ صاحب کان ئي پنهنجا ڪتاب وغيره لکائيندا هئا. گهڻا شوقين اصحاب، ناياب قلمي ڪتاب وٽانئس لکائيندا هئا. ان وقت ٽکڙ مان نڪرندڙ رسالن ”بهار اخلاق“ ۽ ”الاصلاح“ جا اکر حافظ صاحب جا ئي آهن. علامه اسدالله شاهه جي لکيل ڪتابن جا قلمي نسخا به حافظ صاحب ئي لکيا. متعلوي ساداتن جي پراڻي شجري کي اتاري نئون ڪيو ويو، سو به حافظ صاحب جي هٿ جو ڪرشمو هو، جنهن جو عيوضو کيس ڪي مڻ اناج ۽ ڪجهه روڪڙ ملي. انهن اکرن کي ڏسيو، مرحوم کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.

مرحوم کي فارسي نظم ۽ نثر لکڻ ۾ ايتري قوت حاصل هئي، جنهن تي وقت جا نامور فاضل حيرت ۽ رشڪ کائيندا هئا. فارسيءَ جي طرز ۾ نهايت تيزيءَ سان مضمون لکي ويندو هو. سليس فارسي لکڻ ۾ سندس طرز تحرير بيمثال آهي. مرحوم سنڌي زبان جو به هڪ سٺو انشا پرداز هو. سندس مضمونن کي جيڪڏهن گڏ ڪري شايع ڪجي، ته هوند پارسي ۽ سنڌي زبانن جوهڪ سٺو لٽريچر هٿ اچي وڃي ها؛ مگر افسوس، زماني جي لاهين چاڙهين جي ڪري اهي جواهر پارا اهڙي اهڏ ۾ اچي ويا، جو هاڻ انهن جو ملڻ مشڪل آهي- صرف زباني روايتون وڃي رهيون!

”دلگير“ جي وفات کان پوءِ، سندس ڀاءُ ”بسمل“ مرحوم اٽڪل ويهارو سال زنده هو، مگر ان کي به پريشانين ۽ غربت ايڏي فرصت ئي ڪانه ڏني جو رڳو پنهنجو ڪلام گڏ ڪري، سو هيءُ ته ڀاءُ هوس.

حافظ صاحب جي وفات نهايت پردرد ٿي. 1340 هه ۾ کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد فاروق رکيائين. هن جي پيشانيءَ ۾ ننڍپڻ کان ئي بزرگيءَ جا آثار موجود هئا. جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن تيئن حسن صورت سان گڏ حسن سيرت ۾ به ترقي ڪندو ويو. اهڙو اولاد هونئن به هر هڪ رشتيدار جي دل ۾ گهر ڪري ويندو آهي. مگر پيءُ جو مٿس گهڻو پيار هوندو هو. قضا ۽ قدر جي ڪير آڏو اچي؟ معصوم محمد فاروق، 4 ذوالقعد 1352 هه ۾ وفات ڪري، پيءُ جي ڄڻ ڪمر ٽوڙي وڌي. انهيءَ ڏينهن کان حافظ صاحب غمگين گذارڻ لڳو. پوري چوٿين مهيني يعني 11 ربيع الاول 1353 هه، آچر جي ڏينهن، منجهند مهل، جيئن سعيد پور مان گهوڙي تي چڙهي گهر پهتو، ۽ وهنجي سهنجي اڃان مانيءَ تي ويٺو ئي ڪونه، ته کيس رت جي الٽي آئي، ۽ جيسين حڪيمن جو هٿ رسي، تيسين هن مفلس مفڪر جو روح قفس عنصريءَ مان پرواز ڪري ويو- انالـلہ و انا اليہ راجعون!

شاعري.

شاعري ”دلگير“ جي گهر جو ورثو هو. وري شاعرن جي صحبت سندس خيال کي خوب جولان بخشيو. طبيعت ايتريقدر روان هوندي هيس، جو ڪنهن به ’طرح‘ تي هڪدم شعر چئي ويندو هو. جن ڏينهن ۾ ”مخلص“ روپوش ٿي ٽکڙ ۾ آيو، انهن ڏينهن ۾ ٻنهي جا خوب مشاعرا ٿيندا هئا.

هڪ دفعي، صبح جو سوير، ”مخلص“ مرحوم بازار ۾ آيو، بازار ۾ ماڻهو معمول کان قدري گهٽ ڏسڻ ۾ آيس: پريان حافظ صاحب به بيٺل هو؛ ”مخلص“ چيو:

”اڙي يارو سبب ڪهڙي وسي ويران ٿي ڏسجي؟“

حافظ صاحب يڪدم گرهه ملائي-

”خدا جي خلق جنهن ۾ جا بجا حيران ٿي ڏسجي!“

پوءِ ائين ڪلاڪ اڌ تائين پاڻ ۾ ڏي وٺ ڪندا هليا.

هڪ دفعي مخلص هيءَ مصرع ميدان ۾ اُڇلي:

”وئي هلي نيٺ آبرو منهنجي“

حافظ صاحب ٺهه پهه چيو:

ملڪ ۾ آهه گفتگو منهنجي، شهر ۾ آهه جستجو منهنجي،

عشق بازيءَ ۾ يار جي، هيهات، وئي هلي نيٺ آبرو منهنجي“

”دلگير“ جو جيڪو به ڪلام هٿ آيو آهي، انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته پاڻ سنڌي شعر تمام گهٽ چيو اٿس، سو به سڄو پارسي زبان جي ترڪيبن، محاورن استعارن ۽ ڪناين سان ڀريل آهي. سنڌيءَ ۾ ڪي ته اهڙا شعر به اٿس، جو سواءِ پارسي دان جي ٻيو ڪو سمجهي به ڪونه سگهندو. البت، هڪ غزل هٿ آيو آهي جو سڄو صاف سنڌي، تجنيس حرفي ۽ خاص سنڌي محاورن سان سينگاريل آهي. چند بند ملاحظه ڪريو:

سڄڻ جي سڪ ۾ ويو سينو سڙي اڄ،

پرين ڌارا پيم ڳوڙها ڳڙي اڄ.

جدائيءَ جو جيئڻ ٿيو، تنگ دل ٿي،

گنگهر گهاريان بنا تنهنجي گهڙي اڄ.

ٻَڌم ٻانڌاڻ تو سان پيچ پختو،

ٿيس آءٌ ڪڙم ۾ ڪامل ڪڙي اڄ.

نڪون لاهي وهي ٿو نير نيڻن،

ڪري لائق اچج، لائن! لڙي اڄ.

حافظ صاحب جو ڪلام پڙهڻ سان ماڻهو منجهي نٿو. هر غزل قصيدي، مرثيي، نظم وغيره ۾ رواني آهي.

اڄ وري ڪنهن ساڻ دلبر بزم آرا آهه ٿيو،

منهنجي خاران ۾ بين سان باده پيما آهه ٿيو!

هاءِ محرومي، جو عرضِ حال پڻ مشڪل لڳي،

نامه بر جو حال ڏيندي بند گويا آه ٿيو!

هل وري هيڪر ڏسون حسن و جمال روي دوست،

دل ۾ هي ”دلگير“ کي اڄ شوق پيدا آه ٿيو!

شعر جي لاءِ، خوشيءَ ۽ رنج ۾، ”دلگير“ اهي زوردار لفظ ڪم ٿو آڻي، جو پڙهڻ سان دل نه چاهيندي ته سندس ڪلام اڌ ۾ ڇڏجي. سندس غم ڄڻ پڙهندڙ جو غم ٿيو پوي، ۽ سندس خوشي پڙهندڙ جي خوشي:

ٿيو آهه درد کان بي رنگ اڄ بيان تنهنجو،

ستم جي خون ۾ ٿيو غرق داستان منهنجو،

وڃي ٿو تابفلڪ شورِ الامان منهنجو،

ڏسي هي ظلم ويو تاب ۽ توان منهنجو:

لکان آءٌ ڪهڙي طرح درد دل سندو احوال،

جو باهه فرقت کان قلب ٿيو سڙي پامال!

 

نه جوشِ علم رهيو، نه رهيو بهارِ سخن،

رهِي نه ملڪ ۾ رعنائي و وقارِ سخن،

رهيو نه آهه ٻيو گل ڪو يادگارِ سخن:

مٽي هوا ۽ ڦري ويئي ملڪ جي حالت،

نه آهه ڪنهن به بشر جي اندر کي ڪا فرحت.

پنهنجي والد محترم جي وفات حسرت آيات تي حافظ صاحب جيڪا خونشفشاني ڪئي آهي، تنهن جو هڪ بند ملاحظه ڪريو، ۽ سندس قلم جو زور ڏسو.

 

برخيز که از آه دلِ ناشاد برکشيم،

غوغاي نوحہ و نالہء بيدار برکشيم.

چون شمع سيلِ اشک فشانيم بر زمين،

از سوزِ دل غريق چو فرهاد برکشيم.

آواز دردناک رَسانيم برفلک،

وا حسرتا، بعالمِ ايجاد برکشيم.

از رودِ آه روي فلک را سيہ کنيم،

پاداش زين ستمگر جلاد برکشيم.

 

منظر نگاري حافظ صاحب جي ڪلام جي خصوصيت آهي. خاص ڪري مرثين ۽ قصيدن جو حافظ صاحب ڪمال ڪريو ڇڏي. چمن جو سير ڪريو:

باغ ۾ بلبل ٿي ڳائي اڄ ترانو عيد جو،

گل کليا، گلشن ٽڙيا، آيو زمانو عيد جو،

نو بهار آيو، چمن ٿيو آستانو عيد جو،

وات ۾ هر هڪ کي آهي داستانو عيد جو.

عيد هيءَ ڪهڙي، ڏني جنهن ڪامگاريءَ جي نويد،

غنچہء دل کي ملي اڄ نو بهاريءَ جي نويد!

 

باغبان حيرت ۾ پيو هن ساز سامان کي ڏسي،

تخت گل مهندان وري بلبل غزلخوان کي ڏسي،

سرو ۽ شمشاد تي قمري خوش الحان کي ڏسي،

سبزهء نورس تي ابرِ گوهر افشان کي ڏسي:

ڪاڪلِ مشڪين ڪڍي، سنبل سنواريو پاڻ کي،

نسترن پڻ قابلِ نظاره ڪاريو پاڻ کي.

 

شوخ نور محمد مرحوم جي فرزند جي پيدائش تي باغ جو منظر ملاحظه ڪريو:

بحمدالله که کارم خوشتر افتاد،

غم و محنت ز عالم گشت برباد!

نسيمِ صبح در بستانِ عالم،

سحر گہ مڙده و تهنيتي داد؛

صبا از لاله و گل و عطر پيزي،

بر اي لاله رويان کرد ايجاد؛

گشتہ در چمن شيرازه نسرين.

فشانده عنبر ترجعد شمشادک

گل اندر جلوه گاه خوشز باني،

حديث از مطرب و مئي کرد ايجاد؛

عرساون بهاري پرنيان پوش،

ز جام ارغواني مست و دلشاد؛

قدح در دست مستانِ برلب جو،

کفِ ساقي ز بخشش ابر جواد؛

بنفشه بر کنارِ جوئباران،

چوخطي بر لبي خوبان نوشاد؛

قدِ سرو سهي در طرف بستان،

دهد از قامتِ شيرين لبان ياد!

”دلگير“ ڪنهن اوچي خيال کي نهايت مختصر لفظن ۾ سلاست سان ادا ڪري ٿو-

لڳاءِ وصل جو لله يا نبي مرهم،

آءٌ هجر تنهنجي ۾ مدت کان دلفگار آهيان؛

خدا جي واسطي محشر ۾ ڪج ڪا منهنجي مدد،

گناهگار سراپا سياهڪار آهيان.

گهرايو مون کي مديني ۾ جلد يا حضرت.

هميشہ درد جدائيءَ کان بيقرار آهيان.

حافظ صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪڏهن ”هارون“، ڪڏهن ”دلگير“ ۽ ڪڏهين ”حافظ“ تخلص ڪم آڻيندو هو. اها خبر نٿي پوي ته پاڻ پنهنجو ڪو بياض به ٺاهيو هئائين يا نه – نهايت گهڻيءَ جستجو کان پوءِ جيڪو سندس ڪلام هٿ لڳو آهي، اهو ردي پنن، پراڻن لفافن ۽ مني آرڊر جي ٽڪرن تي ڪجهه پينسل سان ڪجهه مس قلم سان لکيل آهي. ڪي پنا ته اهڙا آهن، جو هٿ لائڻ سان ڀريو ٿا پون. ڪي وري گهڻيءَ ڊاٺ ڊوٺ جي ڪري سمجهه کان ٻاهر آهن. سندس ڪلام جي اڃا به جستجو جاري آهي. نموني طور ڪلام جو انتخاب پيش ڪجي ٿو.

آفتاب علم

روشن ٿيو جهان ۾ جڏهين آفتابِ علم،

کوليو جڏهن دلبر ازل جي ڪتابِ علم،

مفتوح ٿيو زماني ۾ جنهن وقت بابِ علم،

قدرت جڏهين ڪئي دل انسان منابِ علم:

پيدا ٿيو نورِ علم بشر جي دماغ ۾،

الله ڪيو فروغ عطا ان چراغ ۾.

طوبيٰ کان خوشنما نظر آيو نهالِ علم،

روشن ڪمالِ مهر کان افزون ڪمالِ علم،

ٿيو رشڪِ حسن حور پوريءَ جو جمالِ علم،

الله جي وصال جي زينو وصالِ علم؛

لاريب، راهِ راست جو ٿيو علم رهنما،

پڻ معرفت خدا جو اهو آهه پيشوا.

جڏ تند بادِ علم کان گم ٿيو سحاب جهل،

تڏ سر عوام جي تان لهي ويو عذابِ جهل،

ڪاشانئه جهان جو ٿيو بند بابِ جهل،

ڪانون دهر ۾ نه رهيو التهابِ جهل:

چهرو ٿيو نورِ عقل کان آئيني جي مثال،

...                      ...              ...

دريا جي ٿيو بشر، ته انهيءَ جي گهر ٿيو علم،

ذاتِ بشر چمن، شجر بارور ٿيو علم،

انسان جي شجر، ته انهيءَ جو ثمر ٿيو علم:

جي آدمي ٿيو چشم، ته ان ۾ نظر ٿيو علم:

با علم هوءِ، ته نيڪ ۽ پڻ باصفا ٿئي،

بي علم هوءِ، ته آدمي انسان ڇا ٿئي؟

انسان جو ڪمال جي آهي ته علم آهه،

هڪ مال لازوال جي آهي ته علم آهه،

تصويرِ با جمال جي آهي ته علم آهه،

تنويرِ بي مثال جي آهي ته علم آهه:

پرديس ۾ جي يار ۽ مونس ته علم آهه،

غربت ۾ غمگسار ۽ مونس ته علم آهه.

بيعلم، بيفروغ، اگر رشڪِ حور آهه،

جي علم هوءِ، ته راز نهان جو ظهور آهه،

ديجور جهل، علم جي پرتو کان دور آهن،

اکين جو نور، قلب و جگر جو سرور آهه،

بيعلم، خوش جمال ۽ با بافراغ آهه،

هڪ گهر عجيب آهه، ته اوبي چراغ آهه.

هي زر نه آهه، چور جو جنهن تي هجي نظر،

هي سر نه آهه، تيغ جو جنهن کي رسي ضرر،

هن گهر کي ناهي سيل جو ڪو خوف ۽ خطر،

هن آرسيءَ کي زنگ جو موران نه ٿيو اثر،

زينت ڪريمه جي، ۽ ڪرشمو وجيهه جو،

زيور سفيهه جو، ۽ ٿيو حُليو فقيهه جو.

ٿيو شان لاءِ ناهه، هي شوڪت جي واسطي،

شهرت جي لاءِ آهه، نه دولت جي واسطي،

حجت جي واسطي، نه خصومت جي واسطي،

ني عشق لاءِ مور نه عشرت جي واسطي،

بهرِ خودي، نه دهر جي تزئين لاءِ آهه،

علم آدمي کي وقت ٿيو دين لاءِ آهه.

واقف جو ٿيو هدايت..................،

او منجهه عرب هجي ته پڙهي علم چين کان،

بيشڪ وٺي تمتع دنيا ۽ دين کان،

جو علم کي پڙهي وڃي ڪوشش يقين کان،

پهچائي سڀ کي علم معليٰ مقام ۾،

”دلگير، جو چوڻ هي ٿيو آخر ڪلام ۾.

 

صبحِ بهار يا بهارِ صبح

بهار صبح جي آهي ڏنو پيامِ نشاط،

چمن ۾ آهه نئين سر ٿيو اهتمامِ نشاط:

ترانه سنج ٿيا شاخن تي طائرانِ چمن،

ادب سين غنچي ڏني اڄ صلاي عامِ نشاط؛

شراب ذوقِ ترنم کان مست ٿي قمري،

چمن ۾ سرو ٿيو ميناي سبز فامِ نشاط،

نگاهِ شوق کي بيخود ڪيو آبادِ بهار،

گلن جو بادهء شبنم کان پُر ٿيو جامِ نشاط،

نسيمِ صبح چمن ۾ ڦري ٿي متوالي،

شميمِ گل کان معطر ٿيو مشامِ نشاط؛

سوارِ نڪهتِ گل ٿيو هوا جي مرڪب تي،

ڪڏائي خوب سمندِ سبڪ خرامِ نشاط؛

بياض روي سمن يا ڪ جوش بوي بهار،

سوادِ گيسوي سنبل ٿيو ياڪ شامِ نشاطک

فلڪ تي باده ڪشن لاءِ هيئن چوي خورشيد،

’شراب ناب صبوحي کان پُر ٿيو جامِ نشاط؛

’پيو پيو، جو نه دائم رهي ٿو وقت بهار،

بهارِ عمر ڪٿي آهي ڪٿ قيامِ نشاط؛

’پيو پيو، جو نه دائم رهي ٿي موسمِ گل،

صداي عيش ڪٿي آهه، ڪٿ پيامِ نشاط،

سڄو چمن ٿيو طلسمِ نگار خانهء عيش،

گلن ۾ آهه ٿيو رنگِ مي دوامِ نشاط؛

لٽايو آهي خمِ عيش ساقيء گردون،

خوشا نويدِ مسرت، خوش پيامِ نشاط؛

سڄي جهان کي سيراب تو ڪيو ساقي،

رهان ٿو محفل تنهنجي ۾ تشنه ڪامِ نشاط،

مريد پيرِ مغان جو به آهي هي ”هارون،

ڪرم سان ڪر تون عطا ان کي هڪڙو جامِ نشاط!

جولان ڪريو علم جي ميدان ۾، عزيزو!

ڳوليون ٿا اسين عيش کي، ۽ ناموري پڻ،

دولت به اسان کي ٿي کپي، بي هنري پڻ،

اعزاز ٿيو مطلوب، ۽ بيهوده سري پڻ،

وارگي منظور ٿي، ۽ راهبري پڻ،

مقصود رفو آهه، مگر جامه دري پڻ،

گر پستيء همت ٿي، ته عالي نظري پڻ،

هيءَ ڳالهه نه ممڪن ٿي، نه امڪان ڪو آهي،

ڊوڙن ٿا محالات پٺيان، چيلهه کي ساهي!

بي ڪوشش و بي جهد، ثمر ڪنهن کي ملي ٿو؟

بي غوطه زني، گَنج گُهر ڪنهن کي ملي ٿو؟

بيخوف پيئڻ لقمهء تر ڪنهن کي ملي ٿو؟

بي جورڪشي، تاجِ ظفر ڪنهن کي ملي ٿو؟

بي محنت ۽ رنج جي، زر ڪنهن کي ملي ٿو،

بي ڪاوشِ جان، علم و هنر ڪنهن کي ملي ٿو؟

جي رتبهء والا جا سزا وار ٿين ٿا،

پهرين سي مصيبت جا طلبگار ٿين ٿا.

قسمت جي بُرائي، نه ٿيو تقدير سندو ڦير،

خود پنهنجي هٿن ساڻ ٿيو آهه انڌير؛

تحصيل فضائل ۾ جوانو نه ڪريو ديرو،

علمن جي ممالڪ کي فتحياب ڪريو سير؛

بزدل نه ٿيو، آهه ڪيو اُن کي خدا شير،

ڪهسار جي هوءِ، تابه ڪريو ان کي زبر زير:

جولان ڪريو علم جي ميدان، عزيزو!

آخر ٿيا اوهين قوم مسلمان عزيزو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com