سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :3

حڪيم شمس الدين

 

مرحوم مولوي قاضي حاجي محمد عثمان*

ميان مولوي حاجي محمد عثمان، بن مولانا محمد شريف، بن حافظ محمد صادق، انصار خاندان مان هو. ميان محمد عثمان جا وڏا حجاز مان سنڌ ۾ آيل هئا. اڄ ڏينهن تائين هن خاندان جا گهڻا افراد حجاز ۾ موجود آهن.

ميان صاحب جو وڏو ڀاءُ مولانا حبيب الله نوشهري فيروز مان هجرت ڪري مڪي شريف وڃي رهيو، ۽ ساڻس گڏ ميان صاحب به هجرت ڪئي، جنهن جي عمر ان وقت 9 -10 سال کن مس هئي. پوءِ اتان پاڻ يمن ۾ وڃي حضرت علامه شوڪاني جا شاگرد ٿيا، ۽ بلاواسطه سندن تلامذت جو شرف حاصل ڪيائون.

تڪميل تعليم کان پوءِ، پاڻ 47 ورهين جي عمر ۾ سنڌ ڏانهن واپس آيا، ۽ هتي اچي متاهل زندگي اختيار ڪيائون. نوشهري فيروز کان هڪ ميل اوڀر طرف، ”کاهي راهو“ جي ڳوٺ ۾ سڪونت پذير ٿيا، جتي پاڻ تعليم جو سلسلو جاري رکيائون ۽ ان سان گڏ معاش ۽ روزگار لاءِ اناج جو واپار ڪندا رهيا.

انهيءَ وقت سنڌ ۾ پير صاحب پاڳاري ۽ مير علي مراد خان جا ٻئي خاندان ڏاڍا علم دوست خاندان هئا – ساڻن سندن چڱا گهرا تعلقات رهيا. خصوصاً، پير صاحب پاڳارا ديني نقطه نظر کان روشن خيال، ۽ سياسي نقطه نظر کان آزاديءَ جا علمبردار هئا؛ انهيءَ ڪري سندن آزاديءَ جي منصوبن ۽ تحريڪن کان مولوي حاجي محمد عثمان ڪافي متاثر هو. اڳ ۾ ئي حضرت سيد احمد ۽ مولانا محمد اسماعيل سِکن خلاف اعلان جهاد بلند ڪيو هو، ۽ سنڌ مان پير پاڳاري صاحب انهيءَ تحريڪ جي پوريءَ طرح مدد ڪئي. سِکن سان لڙائي هلندي، پير صاحب پاڳاري طرفان جيڪي مجاهدن جا دستا مدد لاءِ پئي ويا، انهن مان هڪ دستي ۾ ميان حاجي محمد عثمان صاحب پڻ شامل هو. سنڌي مجاهدن جي هن دستن کي منزل مقصود تي پهچندي معلوم ٿيو ته حريت ۽ آزاديءَ جا علمبردار سيد احمد ۽ مولانا اسماعيل – ٻئي ”بالاڪوٽ“ ۾ شهيد ٿي ويا ۽ مجاهدن جي فوج منتشر ٿي ويئي. انهيءَ تي سنڌ واري هن دستي جا جملي سپاهي واپس موٽيا. ميان صاحب انهيءَ جهاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ جيڪي پاڻ سان هٿيار کڻي ويو هو، انهن مان هڪ تلوار ۽ خنجر اڃا تائين سندن خاندان ۾ بطور يادگار موجود آهن.

ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ سندن وڏن کي جاگير مليل هئي، جا نوشهري فيروز ۽ ٺارو شاهه جي وچ ڌاري ”مولهڻ“ ڳوٺ جي آسپاس هئي. پر، جئن ته پاڻ ننڍيءَ عمر ۾ وطن کي خيرباد چئي مڪي مڪرمه هجرت ڪري هليا ويا ۽ پويان خاندان جو ڪو ٻيو ماڻهو سنڀال لاءِ نه هو، تنهنڪري اها جاگير ضايع ٿي ويئي – انهيءَ ڪري ئي پاڻ وطن ورڻ بعد تجارت جو سلسلو شروع ڪيائون.

نوشهري فيروز جا قاضي خاندان، سندن تعليمي حلقي ۾ داخل ٿيا. قاضي محمد عالم، قاضي محمد اڪرم، قاضي محمد فاضل ۽ حافظ جان محمد نوشهرائي سندن خاص شاگردن مان هئا. سنڌ ۾ سندن ٻيا به گهڻا شاگرد هئا. بالاخر پنهنجي شاگردن – نوشهرائي قاضين – جي مجبور ڪرڻ تي پاڻ نوشهري فيروز ۾ اچي رهيا، ۽ باقي زندگيءَ جو وقت نوشهري ۾ ئي گذاريائون. تقريباً 1875ع ڌاري وڏيءَ عمر ۾ وفات ڪيائون، ۽ نوشهري فيروز ۾ ”ميان عَدُّر“* جي قبرستان ۾ مدفون ٿيا.

وفات وقت پنج پٽ ڇڏيائون – مولانا عبدالڪريم ۽ مولانا عبدالحميد هڪ گهر مان، حافظ عبدالله ٻئي گهر مان، ۽ ٽئي گهر مان قاضي عبيدالله ۽ قاضي عبدالواحد. وفات وقت قاضي عبيدالله جي عمر نَوَ – ڏهه سال هئي ۽ عبدالواحد جي اڍائي سال، انهيءَ ڪري هي ٻئي عربي تعليم حاصل نه ڪري سگهيا؛ باقي مولانا عبدالڪريم ۽ عبدالحميد وقت جا نهايت زبردست عالم ٿي گذريا آهن. موجوده مولانا عبدالڪريم پنهنجي والد مولانا محمد عثمان وٽ پڙهيو؛ ڪجهه وقت شايد مولانا عبدالقادر پنهواري واري وٽ به پڙهيو. نهايت ذهين ۽ قوي الحافظه هو. پاڻ هڪ وڏو ڪتخانو به جمع ڪيائين. سندن ڪيترائي شاگرد سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيا. تقريباً 1905ع ڌاري پنهنجي سڪونت واري شهر ٺارو شاهه ۾ وفات ڪيائيون، ۽ نَوَ لکي واهه جي الهندي ڪناري واري مشهور مقام ۾ مدفون ٿيو. مولانا عبدالحميد به وڏو عالم هو. حاجي محمد عيسيٰ وٽ پڙهيو هو، ۽ ٺارو شاهه کان اولهه ”مڃٺ“ طرف وفات ڪيائين. مولانا عبدالڪريم توڙي مولانا عبدالحميد – ٻنهي بزرگن شادي نه ڪئي، تنهنڪري بي اولاد گذاري ويا. مولانا عبدالڪريم، وفات وقت، شرعي هدايتن موجب، ڪتبخاني جو ٽيون حصو پنهنجي هڪ سيد شاگرد خوش محمد شاهه بن سيد امام بخش شاهه ٺارو شاهيءَ جي سپرد ڪري ويا، باقي ٻه حصا سندن ٻن ننڍن ڀائرن، قاضي عبيدالله ۽ قاضي عبدالواحد، کي ورهاست ۾ آيا.

قاضي عبيدالله (وفات 1939ع) کي چار فرزند هئا: تن مان ٻن وڏن، ميان عبدالحڪيم ۽ ميان نورالدين، کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ڪيائون؛ ٽئين نمبر فرزند حڪيم شمس الدين کي عربي پڙهڻ لاءِ وهاريائون. اهو علمي خزانو (ڪتبخانو) ئي هو، جنهن کي ڪارآمد ڪرڻ لاءِ حڪيم شمس الدين کي عربي تعليم حاصل ڪرڻي پيئي. انهيءَ ڪتبخاني مان کيس مليل حصي وارا ڪتاب، هينئر حڪيم صاحب جن سنڌ يونيورسٽيءَ جي لئبرريءَ کي هديي طور ڏنا آهن. حڪيم صاحب جن عربيءَ کان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد دهليءَ وڃي اتي جي طبيہ ڪاليج مان طبي سند حاصل ڪئي. پاڻ هن وقت حيدرآباد سنڌ ۾ سڪونت پذير آهن، ۽ حڪمت ۽ طبابت ۾ سنڌ اندر چوٽيءَ جو درجو رکن ٿا.

چوٿين نمبر فرزند، قاضي فضل الله، کي سندس ڀاءُ حڪيم شمس الدين صاحب انگريزي پڙهائي، جو اڄڪلهه مغربي پاڪستان گورنمينٽ طرفان آبپاشي وزير آهي. مولانا محمد عثمان صاحب جي ڏوهٽاڻ مان قاضي عبدالرحمان زنده آهي، جو حيدرآباد ۾ رهي ٿو؛ ۽ سندس پٽ قاضي عبدالمنان لاڙڪاڻي رهي ٿو، جو ڪنهن وقت سنڌ جو وزير رهي چڪو آهي.

سنڌ ۾ سڀ کان اول توحيد جي اشاعت مولانا حاجي محمد عثمان ئي ڪئي. وقت جي ڪن عالمن جي ساڻن انهيءَ مجاهدانه سرفروشيءَ ۽ توحيد جي عَلم جي بلنديءَ ڪري علمي نوڪ جهوڪ پڻ رهي. سندن تصنيف ٿيل ڪي تحريرون ۽ رسالا هئا، پر زماني جي دستبرد سبب ضايع ٿي ويا.

(1) سرورق ڪتاب ”رسائل امام ابن تيميہ“ (ڏسو نمبر 2) جنهن جي مٿان قاضي حاجي محمد عثمان ۽ سندس فرزند مولوي عبدالڪريم جون هٿ لکيل تحريرون موجود آهن.

(2) ڪتاب رسائل امام ابن تيميہ جو هڪ نهايت قيمتي قلمي نسخو، جو علي بن الشيخ محمد ابن عبدالوهاب جي ملڪيت رهي چڪو آهي، ۽ جو پوءِ قاضي حاجي محمد عثمان سنڌ ۾ آندو ۽ هينئر حڪيم شمس الدين صاحب سنڌ يونيورسٽي لئبرريءَ کي عطيه طور ڏنو آهي.

(3) قلمي نسخو ڪتاب ”اغاثة اللهفان“ جنهن جي سرورق تي قاضي حاجي محمد عثمان جي هٿ لکيل تحرير ۽ هيٺان دستخط موجود آهن.

عبدالرؤف ڪنڊوي

 

مرحوم مولانا نُور محمد شهدادڪوٽي

مولانا نور محمد صاحب جي ولادت شهر ڪنڊي، علاقي ڀاڳناڙي، رياست قلات بلوچستان ۾ ٿي. سندس ولادت جي تاريخ معلوم نه آهي. پاڻ تحصيل علم پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي ۾ مولانا عبدالحليم صاحب جي درسگاهه ۾ ڪيائون. تحصيل علم کان پوءِ، سندن پهريون وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ عربي تعليم ڏيڻ ۾ گذريو. عمر جو پويون وقت، خان قلات (خان خداداد خان) جا قاضي ٿيا. باقي عرصو اتان لڏي، سرائي پير بخش کهاوڙ جي اصرار تي اچي، شهر شهدادڪوٽ ۾ رهيا، جتي اچي درسگاهه کوليائون، ۽ وٽن سنڌ ۽ بلوچستان جا تشنگان علم اچي علمي فيض حاصل ڪندا رهيا. ان ئي درسگاهه مان قدوة العارفين، زبد السالڪين، حضرت مولانا غلام صديق عليہ رحمة (سندن ننڍا صاحبزادا) گوهر شهوار پيدا ٿيا، ۽ پڻ ٻيا ڪيترائي صاحب دستاربنديءَ کان سرفراز ٿيا، جن مان چند نالا سنڌ جي معروف علماءَ ڪرام جا هيٺ ڏجن ٿا:

1 – مولانا مخدوم محمد قريشي صاحب، ڳوٺ ٻير، ڊويزن قنبر، ضلعو لاڙڪاڻو؛

2- مولانا نور محمد صاحب ڀٽي، ميرپور بي بي، علاقو ڀاڳناڙي؛

3- مولانا حاجي احمد صاحب بوهڙ، ڳوٺ بوهڙ، تعلقو قنبر، ضلعو لاڙڪاڻو؛

4- مولانا گل محمد صاحب شهدادڪوٽي (سندن وڏو صاحبزادو)؛

5- مولانا ميان غلام صديق صاحب (سندن ننڍو صاحبزادو)، جنهن جي درگاهه شريف شهدادڪوٽ ۾ آهي؛

6- حضرت سيد پير بخش شاهه حڪيم پير ڳوٺ راشدي (نئون ديرو، ضلعو لاڙڪاڻو)؛

7- مولانا حاجي احمد صاحب ”حلوي“، شهر ملان ابڙو، ضلعو لاڙڪاڻو؛

8- مولانا محمد حسن صاحب، شهر جوهي، ضلعو دادو؛

9- مولانا، مجاهد اسلام، حاجي تاج محمد شاهه عليہ الرحمة، امروٽ شريف؛

10- مولانا مولوي محمد هاشم صاحب، ڳڙهي ياسين، ضلعو سکر، وغيره.

سندن همعصر علماء عظام مان، جناب حضرت مولانا عبدالرحمان صاحب (سکر) ۽ جناب فيض مآب حضرت مولانا محمد يعقوب صاحب ”همايوني“ (سکر) جا نالا قابل ذڪر آهن، جن سان سندن ڪافي تعلق ۽ لاڳاپو هو.

سندن طريقت جو سلسلو قادري، جناب حضرت ميان محمد حسن صاحب ڪٽباري رحه (تحصيل لهڙي، رياست قلات) سان وابسته هو.

پاڻ 12 ذوالحج 1296 هجريءَ تي، نوي ورهين جي ڄمار ۾، وفات ڪيائون ۽ شهر شهدادڪوٽ ۾ - جتي هينئر سندس صاحبزادي ميان غلام صديق رحمة الله عليہ جن جي درگاهه فيض آثار آهي – دفن ٿيا.

سندن ڪا خاص تصنيف ۽ تاليف ڪانه آهي، مگر سندس ڪتبخاني جي سڀني عربي درسي ڪتابن تي قلمي حاشيا لکيل آهن، جي نهايت قيمتي آهن. سندن زبان يا ٻولي سنڌي ۽ سرائڪي هئي.

 

منظور احمد حليمي

 

مولانا گل محمد مرحوم شهدادڪوٽي

 

مولانا الحاج ميان گل محمد صاحب، علامه مولانا نُور محمد صاحب شهدادڪوٽيءَ جا وڏا فرزند هئا. 21 رجب 1240 هجريءَ ۾، شهر ڪنڊو، تحصيل ڀاڳ، رياست قلات ۾ تولد ٿيا. علامه ميان گل محمد صاحب ڪجهه تعليم ڪنڊي (بلوچستان)، ۽ ڪجهه شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. سمورو علم پنهنجي والد مولانا نُور محمد صاحب کان حاصل ڪيائون. آخر، تعليم ڏيڻ جي غرض سان، پنهنجي والد بزرگوار سان گڏ، بلوچستان مان هجرت ڪري، شهدادڪوٽ سنڌ ۾ اچي رهيا. سندن ڏاڏاڻن ۾ مشهور بزرگ علامه عبدالعليم ڪنڊائي عليه الرحمة هو، جنهن جي مزار شريف روهڙي ضلعي سکر جي لڳ ٽڪريءَ تي زيارتگاهه خلائق آهي.

علامه ميان گل محمد صاحب مرحوم ٻاويهن سالن جي عمر ۾ فارغ التحصيل ٿيا، ۽ سرائي پير بخش صاحب کهاوڙ جي اصرار ۽ طلب موجب شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيا.

مولانا گل محمد صاحب مرحوم کان ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيا، جن مان سندن ننڍو ڀاءُ مولانا غلام صديق صاحب شهدادڪوٽي، مولانا قاضي داد محمد صاحب (مڪران)، مولانا عبدالحڪيم صاحب افغان (ساڪن ڪابل)، ۽ مولانا محمد حسين صاحب حيدرآبادي ڪافي مشهور آهن. سندن همعصرن ۾ مولانا عبدالغفور صاحب همايوني، مولانا محمد هاشم صاحب ڳڙهي ياسيني، ۽ مولانا عبدالرحمان صاحب سکرائيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.

مولانا جي طريقت جو سلسلو قادريه هو. پاڻ عمدة العارفين مولانا ميان غلام حيدر صاحب قادري ڪٽباري (تحصيل لهڙي، رياست قلات) واري جا مريد هئا. سندن سلسلو مخدوم محمد صديق مهيسر (تعلقو گهوٽڪي) سان ملحق آهي، جنهن جو سلسلو حضرت سلطان العارفين باهو عليه رحمة سان ملي ٿو.

علامه گل محمد صاحب مرحوم ڪرامت وارا بزرگ هئا. حاجي سائينداد مستوئي بلوچ ابتدا ۾ سندن سخت مخالف هو. هو اهل علم کان پري ڀڄندو هو. هڪ دفعي علامه صاحب جي هڪ مريد اچي کين عرض ڪيو ته ”سائينداد خان مستوئي منهنجا سؤ رپيا کائي ويو آهي سي مون کي وٺي ڏيو“. ميان صاحب ٽي دفعا سائينداد کي ماڻهو موڪلي گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر هن ٽيئي دفعا چوائي موڪليو ته ”آءٌ مُلي وٽ هرگز نه ويندس!“ ان تي ميان صاحب چوٿون دفعو چوائي موڪليس ته ”هن مُلي جي در تي تنهنجون جتيون ضرور گسنديون!“ ٿيو به ائين – سائينداد اڌ رات جو سرديءَ ۾ دروازي تي حاضر ٿي ميان صاحب مرحوم کان معافي ورتي، ۽ پڇاڙيءَ تائين حضرت علامه جو سچو مريد ٿي رهيو. مرڻ وقت اولاد کي وصيت ڪيائين ته انهيءَ درگاهه کي نه ڇڏجو، ۽ بزرگن جي عرس جي خيرات ثواب خاطر ڪندا رهجو.

علامه صاحب مرحوم 27 ذوالحج 1306هه ۾ وفات ڪئي. شهر شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي درگاهه ۽ مدرسي جي حاطي اندر مدفون آهن. مرحوم حج جي سفر ۽ حرمين شريفين جي زيارت کان به مشرف هئا.

مولوي محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسين وارو، مولانا گل محمد صاحب جو شاگرد آهي ۽ وٽس مولانا مرحوم جي ملفوظات ۽ ٻيو قلمي ذخيرو موجود آهي. مولانا مرحوم فارسيءَ جا شاعر هئا. اسان کي سندن ٻه مصراعون هڪ رباعيءَ جون، جيڪا امير خسرو دهليءَ جي رباعيءَ جي ڀران جوڙي هئائون، مليون آهن، جي هيٺ ڏجن ٿيون:

امير خسرو:

بيکارم در کارم چون مد بحساب اندر،

 

خاموش بگفتارم چون خط بکتاب اندر،

 

پابسته برفتارم چون پا برکاب اندر،

 

در خانہ ببازارم چون شخص بخواب اندر.

 

مولوي گل محمد:

مي سازم، مي سوزم، چون خون بکباب اندر،

 

مي گريم مي خندم چون برق سحاب اندر.

               


 

حافظ محمد احسن

 

مولانا محمد حسن قريشي مرحوم حيدرآبادي

 

تيرهين صديءَ ۾، درويش صفت، بزرگ صورت، بحر علم، چشمهء فيض، مرد ڪامل، فاضل، عالم، حضرت مولانا مولوي ميان محمد حسن صاحب جن جي هستي سرزمين سنڌ تي فخر جو باعث هئي. سندن والد جو نالو مولوي حاجي محمد، ۽ سندن ڏاڏي جو نالو محمد حسن هو. خدا جي فضل سان پشت بپشت عالم، ڪامل ۽ فياض ٿيندا آيا آهن. سندن خاندان قريشي صديقي هو. سندن ولادت جو هنڌ نوشهرو فيروز ضلعو نوابشاهه هو.

سندن والد ماجد ۽ چاچو بزرگ محمد صالح ڪامل ولي الله انگريزن جي شروعاتي دور حڪومت ۾ هجرت ڪري اچي ڳوٺ ڪنڊي تعلقي دادو ۾ سڪونت پذير ٿيا، ۽ اتي ئي سندن درگاهه آهي. بزرگ صاحب نير جي پوک ڪندا هئا. محمد حسن صاحب به انهيءَ ڪم ۾ مدد ڪرائيندو هون. تعليم جي لائق ٿيڻ تي، پنهنجي والد مولانا حاجي محمد صاحب وٽ تعليم وٺڻ لڳا. ٿوري عرصي کان پوءِ،سندن والد شهدادڪوٽ ۾ استاد العلماء مولانا مولوي نور محمد صاحب جي درس ۾ داخل ڪراين. شهدادڪوٽ ان وقت ديني تدريس ۾ مشهور هو. مولانا نور محمد صاحب جن زبردست ۽ جيد عالم هئا. مولانا محمد حسن صاحب جن ديني علم جي تحصيل ڪري، پوءِ روحاني تعليم به پنهنجي استاد وٽ وٺڻ لڳا. آخر ظاهري ۽ باطني علمن ۾ ڪماليت حاصل ڪري، استاد جي اجازت سان، اچي پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي ۾ درس کوليائون. ٿوري وقت بعد ڳوٺ بقاپور تعلقي لاڙڪاڻي جي معزز زميندار ميان نور محمد شاهه پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو جاري ڪري کين دعوت ڏيئي اچي مدرس مقرر ڪيو.

رفتي رفتي، مولانا محمد حسن صاحب جن جي علميت جي سڄيءَ سنڌ ۾ ناموس ٿي ويئي. ان زماني ۾ حضرت خواجه عبدالرحمان صاحب سرهندي ۽ قاضي فيض محمد ساڪن ”ٽپٽا“ (تعلقو سيوهڻ)، جو حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو – انهن ٻنهي صاحبن جي مشوري سان حيدرآباد شهر جي مائي خيريءَ واري مسجد شريف ۾ ديني مدرسو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ مولانا محمد حسن صاحب جن کي مدرس مقرر ڪيو ويو. اتي سڄي زندگي تعليم ۽ تدريس جو ڪم ڪندا رهيا، ۽ سوين ماڻهو سندن علم جي درياهه مان سيراب ٿيا، جن مان هيٺيان صاحب جيد عالم ۽ مشهور ٿيا: الحاج مخدوم حافظ مولانا مولوي غلام محمد صاحب ملڪاڻي (هي صاحب وڏو عالم، فاضل، فياض، مجدد زماني جو ٿيو. هن صاحب 1302 هجريءَ ۾ دستاربندي ڪئي هئي)، مولانا حاجي محمد صادق صاحب ٿرڙي محبت وارو (سنڌ جي مشهور واعظ الاسلام مولانا محمد سليمان صاحب جو استاد)، مولوي خليفو عبداللطيف صاحب هالائي، مولوي ميان شاهه محمد صاحب مجاور هالائي، مولوي عبداللطيف صاحب حيدرآبادي، سيد فاضل شاهه صاحب حيدرآبادي، ۽ مولوي ميان حسن الله صاحب پاٽائي.

سندن همعصر ميان عطاءُ الله صاحب فيروز شاهي، مولوي غلام صديق صاحب ۽ مولوي ميان گل محمد صاحب (سندن استاد زادا) هئا.

مولانا محمد حسن صاحب جن جي ولادت جي تاريخ يقيني طور معلوم نه آهي؛ مگر وفات وقت سندن عمر 60 ورهيه هئي، ۽ سندن وفات 1309هه ۾ ٿي: انهيءَ حساب سان سندن پيدائشي سال 1249هه ٿيندو. سندن فرزند، قاضي حاجي محمد جي نام نامي اسم گرامي سان، درويش صفت ۽ صاحب علم، 75 ورهين عمر جو، حال حيات آهي، جو هاڻ دادوءَ ۾ سڪونت پذير آهي.

پاڻ پڇاڙيءَ جو زمانو مائي خيريءَ واري مسجد جي مدرسي مان ڇڏي وڃي ”ڪانگن کاڌي“* پاڙي جي مسجد ۾ مدرسو جاري ڪيائون، ۽ آخر سن 1309هه ۾ دارفاني مان لڏي داربقا ڏانهن راهي ٿيا، ۽ اتي ئي سيٺين جي مقام ۾ مدفون ٿيا.


*  هن سوانح جو مواد جناب حڪيم شمس الدين صاحب پنهنجي حافظي سان لکايو، ۽ حافظ محمد صاحب، اسسٽنٽ لئبررين سنڌ يونيورسٽي، قلمبند ڪيو، جنهن کي ڪن اضافن سان شايع ڪيو وڃي ٿو. -- مرتب

*  ميان عبدالرحمان، عرف ”ميان عَدُّر“، نوشهري فيروز جي پيرزادن صاحبن (پير قربان علي صاحب وارا) جو وڏو هو. نوشهري فيروز جي اسٽيشن کان اوڀر طرفن، سندس نالي سان مشهور قبرستان اڄ تائين موجود آهي.

*  موجود تلاءُ نمبر 2 ۽ 3 واري ايراضيءَ کي ”ڪانگ کاڌو“ (ڍنڍ) سڏيندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com