سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :21

3

 

قومي خادم ۽ سياسي رهنما

 

قومي ۽ ملڪي خدمت جي شريف جذبي جو بنياد نيت جي صفائي، خلوص ۽ ايثار جي اصولن تي آهي. هر قوم ۽ ملڪ ۾ اهڙا اصول پرست انسان هر وقت پيدا ٿيندا پئي رهيا آهن، جن پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي خدمت جي راهه ۾ هر طاغوتي طاقت سان ٽڪر کاڌي، ڪال – ڪوٺڙين ۾ هڏ ٽوڙ سزائون ڀوڳيون، اهل اولاد جون دربدريون سَٺيون، بک ۽ افلاس جا ڏولاوا ڏٺا: مطلب ته هر ذهني ۽ جسماني عذاب کي خوشيءَ سان برداشت ڪيو – حتاڪ گولين جي وسڪارن ۽ ڦاهيءَ جي ڦندن ۾ به انهن کي مرڪندي ڏٺو ويو! انهن ايثار وارن اڳواڻن پنهنجون حياتيون قومي ناموس کي برقرار رکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون، ۽ پنهنجي ملڪ جي سرخروئيءَ کي آخر دم تائين قائم رکڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي. ٻئي طرف، اهڙا ضمير فروش شخص پڻ هر وقت موجود رهندا پئي آيا، آهن، جيڪي پاڻهي پنهنجي ”قومي اڳواڻ“ هجڻ جي دعويٰ ته وڏي واڪي دهرائيندا ئي رهندا آهن، پنهنجي ذاتي مفادن جي مقابلي ۾ هو اڪثر پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي ننگ ۽ ناموس کي ڪوڏين جي ملهه ڌارين وٽ وڪڻي ڇڏڻ کان به ذري ماتر ڪين شرمائيندا آهن!

قوم ۽ ملڪ جي خدمت، حفاظت ۽ حرمت جا امانتدار ۽ دعويدار اهي ٻئي اڳواڻ ٽولا – خادم ۽ غدار – دنيا جي هر ملڪ جي تاريخ ۾ ٻِٽو ٻٽ نظر ايندا: جنهن قوم پنهنجي خدمتگذارن کي صحيح سڃاتو، ان کي پنهنجا غدار پڻ نظر اچي ويا؛ ۽ جنهن قوم کي پنهنجا غدار نظر اچي ويا، ان کي پنهنجي صحيح رهنمائن جو قدر پڻ معلوم ٿي ويو.

سنڌ پنهنجي اڳواڻن سببان سدائين خوش نصيب رهي آهي. سنڌ وقت بوقت جيڪي قومي خادم ۽ رهنما پيدا ڪيا، سي نه صرف پنهنجي ماحول جي وسعتن تي اثر انداز ٿيا، بلڪ اڪثر وقتگير انقلابن جو آغاز ئي سنڌ جي سرزمين تان ٿيو، ۽ انهن جي پيشوائيءَ لاءِ سنڌ جا ئي سڄاڻ سردار سرگرم عمل رهيا. اهڙن مڙني محسنن جي ڪارنامن کي ور ور ڏيئي ورجائڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ جي قومي خادمن ۽ سياسي رهنمائن جي فهرست نهايت طويل آهي. افسوس جو هن باب ۾ اسين ڪوشش جي باوجود به ڄڻ ڪجهه پيش ئي ڪري کين سگهيا آهيون.

 

رئيس المهاجرين مرحوم جان محمد جوڻيجو*

اسان جي سنڌ سونهاري انگريزن جي غلاميءَ واري زماني ۾ به اهڙا جليل القدر ۽ صاحب استقلال مرد پيا ڪيا، جن آزاديءَ جي جدوجهد ۾ هر قسم جون قربانيون ڪيون. انهن مان رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي صاحب، مولانا عبيدالله صاحب سنڌي، مولانا تاج محمّد صاحب امروٽي ۽ رئيس المهاجرين جان محمّد خان جوڻيجو قابل ذڪر آهن.

خلافت جو سوال ۽ ترڪيءَ جي تباهي، سنڌ جي مسلمانن لاءِ هڪ امتحان هو، ۽ کين ورهين جي غفلت ۽ غلاميءَ جي گهريءَ ننڊ مان بيدار ڪرڻ لاءِ هڪ الاهي رحمت هئي. ٺيڪ انهيءَ وقت، جڏهن آزمايش لاءِ آواز بلند ٿيو، تڏهن اسان جو رئيس المهاجرين پهريون شخص هو، جنهن سر تريءَ تي کڻي سنڌ جي سرفروش مسلمانن جي جماعت ساڻ ڪري هجرت ڪئي. خلافت – هلچل ۽ ڪابل جي هجرت ۾ سنڌ جي هن مرد مجاهد جيڪي قربانيون ڪيون، تن جي مثال ڏيڻ کان هندوستان به قاصر آهي.

مرحوم جان محمّد خان جوڻيجو، سن 1304هه ۾، لاڙڪاڻي جي ويجهو ”ڌامراها“ ڳوٺ ۾ ڄائو هو. سندس والد بزرگ، حاجي ڪريم بخش خان، شهر جو معزز زميندار ۽ دولتمند ماڻهو هو. هن پنهنجي فرزند کي ابتدائي تعليم لاءِ

ڳوٺ جي مدرسي ۾ ويهاريو، جتي هن فارسيءَ جي نصاب ختم ڪرڻ سان گڏ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪئي، ٻارهن ورهين جي عمر ۾ ڳوٺ خيري دير (تعلقو رتوديرو) جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو، ۽ ستت ئي انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ اچي داخل ٿيو. مدرسي ۾ فقط پنج درجا انگريزي هئا، جي پورا ڪري، ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ داخل ٿيو، جتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. اتي مسٽر عبدالرحمان حسن علي بئريسٽر ۽ مسٽر علي گوهر ڀُٽي (جو اڃا حيات آهي) سان صحبت هوندي هيس. مسٽر علي گوهر جي ولايت وڃڻ ڪري مٿس به ولايت وڃڻ جو شوق ٿيو، ۽ سندس والد کيس 1910ع ۾ ولايت موڪليو. اتي ٽي سال رهي، بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيائين؛ ان بعد ٻه سال پرئڪٽس خواهه سير و تفريح لاءِ رهي پيو. سندس پوين جي چوڻ موجب پهريائين مرحوم کي في الحال وطن ڏانهن موٽڻ جو خيال ڪونه هو، ان ڪري سندس والدين سخت پريشان ٿي پيا. هڪ دفعي خواب ۾ ڏٺائين ته پاڻ لنڊن شهر جي هڪ بازار ۾ گهمي رهيو آهي، ته اوچتو هڪ فقير ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍيس ۽ چيائينس ته ’پٺيان عزيز روئي رهيا اٿيئي، ۽ تون هتي گهمي رهيو آهين!‘ هڪدم سجاڳ ٿي پيو، ۽ ڳوٺ ورڻ لاءِ نهايت پريشان ٿي پيو – پوءِ جلد ئي اچي ڳوٺ پهتو.

سنڌي مسلمانن ۾ غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ کان هي ٻيو نمبر نوجوان هو، جنهن بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو. سندس بلند اخلاقيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، جو انگلنڊ کان موٽڻ بعد سندس آزاد طبيعت ۾ ڪنهن به قسم جو فرق نه آيو. آزمودي وڌائڻ لاءِ، ڪجهه وقت پهريائين ڪراچيءَ ۾ رهيو، پر پوءِ لاڙڪاڻي ۾ اچي مستقل طرح وڪالت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. ٿوري ئي عرصي ۾ سندس والد بزرگوار وفات ڪئي، جنهنڪري زمينداري ڪاروبار به سندس سر تي اچي ويس. انهيءَ زماني ۾ هارين نارين سان ڏاڍا سهنج ڪري، مقروض هارين کي قرض کان آجو ڪيائين. ان کان سواءِ، ٻيون به هر قسم جون سهوليتون ڏنائين: انهيءَ ڪري ڪڙمي کيس ڏاڍو ڀائيندا هئا.

1917ع ۾، جڏهن مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي ڪوشش سان ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جي شاخ کُلي، تڏهن پهريائين جيڪي چند ميمبر ٿيا، تن مان هڪ اسان جو نوجوان رئيس به هو. اتان کان سندس قومي زندگي شروع ٿي، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ’فنا في القوم‘ کي وڃي پهتي. مارچ 1918ع ۾، شيخ عبدالعزيز صاحب سنڌ ۾ ”عربي – انگريزي اسڪول“ جي قيام لاءِ سکر ۾ هڪ تعليمي ڪانفرنس سڏائِي، ان ۾ جان محمد خان فراخدليءَ سان حصو ورتو ۽ رٿيل اسڪول ۾ ٻن شاگردن لاءِ اسڪالرشپون ڏيڻيون ڪيائين – مگر افسوس جو خلافت – هلچل کان پوءِ اهي رٿون عملي جامو پهري نه سگهيون.

ترڪي سلطنت جي ورهاڱي جي سوال تي پهريائين پهريائين لکنؤ ۾ هڪ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس سڏائي ويئي هئي، جنهن ۾ هيءَ رٿ پاس ڪئي ويئي ته 17 آڪٽوبر 1919ع تي ننڍن وڏن شهرن ۾ ترڪي جي سلطنت جي بقا لاءِ دعا گهري وڃي: انهيءَ ڏينهن کي ’پهريون يوم خلافت‘ سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ وقت اهڙو ڏينهن ملهائڻ سٿرو نه هو؛ پر اسان جي رئيس، حضرت پير تراب علي شاهه جي مدد سان، سر ٽوڙ ڪوشش وٺي، پنهنجي بنگلي جي سامهون عيدگاهه ۾ ڌام ڌوم سان هڪ عام جلسو ملهايو. نومبر 1919ع ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس دهليءَ ۾ سڏائي ويئي،جتي اهو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته ’ايندڙ صلح – جشن، جو نومبر جي 13 کان 16 تاريخ تائين ٿيڻو آهي، ان جي خلاف بائيڪاٽ ڪيو وڃي‘- جنهن جي تصديق ’جميعت العلماء هند‘ به ڏني. ڪانفرنس ۾ سنڌي ليڊرن جي ويل وفد ۾ اسان جو رئيس به شامل هو، اتي لاڙڪاڻي ضلعي جي هلچل سندس ذمي ڪئي ويئي. هن موٽي اچي پير تراب علي شاهه جي رفاقت سان زبردست هلچل هلائي. ”صلح-جشن-ڏينهن“ تي لاڙڪاڻي مان ڪارن جهنڊن سان سرگس ڪڍي ويئي، ۽ هڙتال پڻ ڪئي ويئي.

تاريخ 4 جنوري 1920ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پهريون دفعو خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ رئيس مرحوم لاڙڪاڻي ضلعي جي ظلمن متعلق هڪ ولوله انگيز تقرير ڪئي. تاريخ 6-7-8 جون تي وري سندس سرٽوڙ ڪوشش سان لاڙڪاڻي ۾ ٻي خلافت ڪانفرنس، زير صدارت پير صاحب جهنڊي واري جي، منعقد ٿي، جنهن جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري پاڻ هو. هن ڪانفرنس ۾ مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي، مولانا عبدالجبار لکنوي، مولانا آزاد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سيٺ عبدالله هارون، مولانا امروٽي، مهاتما گانڌي، ڊاڪٽر ڪچلو، وغيره جن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي فيصلو ٿيو ته سنڌ جو هڪ وفد بمبئيءَ وڃي، سنڌ ۾ ڪامورن جي ٿيل ظلمن بابت گورنر جو ڌيان ڇڪائي. انهيءَ فيصلي مطابق، هڪ سفارت تيار ٿي بمبئيءَ ويئي، جنهن ۾ پير صاحب جهنڊي وارو، مولوي دين محمد ”وفائي“ ۽ ٻيا ڪيترا معزز شريڪ هئا. ان سفارت جو لسان الوفد رئيس صاحب هو. بمبئيءَ ۾ ڇويهن ڏينهن جي رهڻ کان پوءِ به گورنر کين ملاقات جو موقعو نه ڏنو، ليڪن سندن وڃڻ مان هڪ ٻيو فائدو ٿيو جو کين آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جي اجلاس (جو غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي زير صدارت منعقد ٿي رهيو هو) ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو.

اپريل 1920ع ۾، سيوهڻ ۾، مولانا عبدالڪريم ”درس“ جي زير صدارت، خلافت جلسو ملهايو ويو هو، جنهن ۾ رئيس مرحوم ۽ ٻين زوردار تقريرون ڪيون. هجرت بابت ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن جيڪب آباد واريءَ ڪانفرنس ۾ عملي صورت اختيار ڪئي. جيڪب آباد واريءَ ڪانرنس ۾ رئيس مرحوم پهريائين پهريائين قطع تعلقات جو سوال اٿاريو. جيڪب آباد ۾، ساڳئي ئي سال، مولانا تاج محمود صاحب امروٽيءَ جي زير صدارت، خلافت جلسو منعقد ٿيو. جلسي ۾ تقرير ڪندي رئيس صاحب اعلان ڪيو ته ”مان سرداريءَ جي ٻيو نمبر ڪرسي، ميونسپل ڪمشنري، لوڪلبورڊ جي ميمبري، بئريسٽريءَ جي ڊگري – سڀ ترڪ ڪريان ٿيو ۽ ڍل ڏيڻ کان به انڪار ڪريان ٿو!“ سندن تقرير جو اهو اثر ٿيو، جو ”ترڪ موالات“ جو جوش اهڙو ته ڦهلجي ويو جو ڪيترن ماڻهن حيثيت سارو انگريزن سان قطع تعلقات جا اعلان ڪيا.

انهيءَ کان پوءِ، هجرت جي سانباهي لاءِ باقاعدي هجرت – ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن جو صدر پير تراب علي شاهه، ۽ سيڪريٽري رئيس مرحوم چونڊيا ويا. ڪيترن ماڻهن ڪابل ڏانهن هجرت ڪرڻ لاءِ دفتر ۾ نالا داخل ڪرايا. سندن بنگو هجرت – ڪاميٽيءَ جو دفتر ڪيو ويو. مئي مهيني جي 24 تاريخ، حيدرآباد ۾ پير تراب علي شاهه جي زير صدارت جلسو منعقد ٿيو، جنهن ۾ رئيس مرحوم جي صحيح سان بمبئيءَ جي گورنر جي پوليٽيڪل سيڪريٽريءَ ڏانهن تار به ڪئي ويئي. ان کان پوءِ حڪومت سندن ٻنين کي پاڻي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو، پر رئيس صبر ڪري هجرت جي تياريءَ ۾ لڳو رهيو. ساري هندستان ۾ هي پهريون سنڌي مجاهد هو، جنهن هجرت ڪئي. مٿس سنڌ ۽ سنڌي جيترو به ناز ڪن، اوترو ٿورو آهي.

جولاءِ 1920ع تي پهريائين پهريائين لاڙڪاڻي شهر مان، اسپيشل ٽرين ڀاڙي ڪري، ساڍن ستن سون مهاجرن جو ساٿ ساڻ ڪري، افغانستان روانو ٿيو. ضلعي خلافت ڪانفرنس جو اٺون اجلاس، جو زير صدارت رئيس الاحرار مولانا شوڪت علي صاحب جي 2، مارچ 1924ع سکر ۾ منعقد ٿيو، ان ۾ ضلعي سيڪريٽريءَ عبدالستار آدم جيڪا رپورٽ پيش ڪئي (جا پوءِ ڇپائي ويئي)، ان جي صفحي 9 تي سيڪريٽريءَ رئيس جي هجرت کي هن طرح ساراهيو آهي: ”هجرت جو معاملو؛ جنهن گورنمينٽ کي هڪدم پريشان ڪري ڇڏيو، انهيءَ جي ڪاميابيءَ جا سهرا سڄي هندستان ۾ جنهن هستيءَ جي سر تي سونهن ٿا، سو رئيس المهاجرين نواب مرحوم جان محمد خان جوڻيجو هو، جو سنڌ مان پهرين مهاجرن جي اسپيشل ٽرين وٺي ويو“. مهاجرن کي لاڙڪاڻي کان روهڙيءَ تائين سڀني اسٽيشنن تائين هزارن ماڻهن الوداع ڪئي. سنڌ کان ٻاهر پڻ هنن مهاجرن جي بلڪل چڱيءَ طرح مرحبا ٿي. هي قافلو 19 جولاءِ جلال آباد ۾ پهتو. افغان سرڪار کين سهوليتون ڏنيون، مگر پوءِ گهڻن مهاجرن وڃڻ ڪري بي بندوبستگي ٿي پئي. آڪٽوبر مهيني ۾ رئيس المهاجرين هڪ وفد ساڻ ڪري اول مقصد سرانجام ڪرڻ لاءِ مولانا محمد علي ”جوهر“ جي ملاقات لاءِ روانو ٿيو. مولانا انهن ڏينهن ۾ ”ترڪ موالات“ جِي ڪاليج جي شاگردن ۾ تبليغ ڪري رهيو هو، ته رئيس صاحب به وڃي ساڻن شريڪ ٿيو؛ ۽ ان بعد مولانا صاحب سان گڏجي هندوستان جي گهڻن شهرن جو گشت ڪيائين.

نومبر جي پوين تاريخن ۾ الله آباد واري ڪانگريس اجلاس ۾ شرڪت ڪري، لاڙڪاڻي موٽي آيو ته کيس سنڌ جي جڊيشنل ڪمشنر جو نوٽيس پهتو، جنهن ۾ حڪم مليو هو ته ڪراچي اچي ۽ جيڪب آباد وارين تقريرن بنسبت جواب ڏي؛ پر رئيس صاحب وڃڻ جي بجاءِ کين هي جواب موڪليو ته ”جيئن ته مان افغانستان جي بادشاهه جي رعيت آهيان ۽ انجمن مهاجرين هند جي طرفان موڪليل آهيان، تنهنڪري جيڪڏهن انهن جو حڪم ايندو ته ايندس، نه ته نه“. نيٺ بمبئيءَ ويو، جتي کيس ”بمبئي خلافت ڪاميٽيءَ“ طرفان پنجاهه لک روپيا بروقت امداد ڏني ويئي، جا هڪدم ڪابل رواني ڪيائين، ۽ پنجن لکن رپين ڏيڻ جو واعدو ٿيو. ڪابل ويندي کيس سرحد تي روڪيو ويو، جتي کيس ويهه ڏينهن لڳا. پشاور ۾ فارسيءَ ۾ تقرير ڪيائين، جنهن ۾ پاڻ کي افغان رعيت ڄاڻايائين، ۽ وڃڻ کان روڪڻ جو اظهار ڪندي انگريز حڪومت کي خوب ننديائين. پشاور مان به کيس نڪري وڃڻ جو نوٽيس مليو، جنهنڪري لاهور آيو ۽ اتان لکنو ۽ ائوڌ خلاف ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي فارسيءَ ۾ تقرير ڪيائين.

ان بعد، مولانا محمد علي ”جوهر“ جي سنگت ۾ اجمير جي خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيو. اتي کيس ٿورو بخار ٿي پيو ۽ جلسي ۾ اچي نه سگهيو، پر پنهنجي فارسيءَ ۾ لکيل تقرير پڙهڻ لاءِ موڪليائين. سندس بخار وڌي وڃي خوفناڪ بيماريءَ جي صورت اختيار ڪئي – تان جو 27 رجب المرجب 1339هه، برابر 16 اپريل 1921ع تي، مسافر ۽ مهاجر جي حالت ۾، حضرت ولي الهند خواجه معين الدين چشتي، غريب النواز، جي درگاهه اجمير شريف ۾، صبح جي وقت، قومي شهادت جو جام نوش فرمائي، حياتِ جاوداني حاصل ڪيائين – انا لله و انا اليہ راجعون. سندس جنازي جي نماز خواجه صاحب جي درگاهه ۾، مولانا حڪيم معين الدين اجميريءَ پڙهائي. سندس جنازي کي ساگر تلاءَ جي ڪناري مدفون ڪيو ويو.

”شيرل“ صاحب، رئيس صاحب جي هجرت واري قافلي ۾ شريڪ هو، جنهنڪري سندس بيتن مان هجرت جو سچو احوال ملي ٿو. هي بيت ”شيرل“ جي شعر جي ڇپايل چوپڙيءَ ”’عشق جو رسالو، نينهن ۾ نرالو‘ عرف ’فراق نامو حسيني‘“ تان ورتل آهن.

*

جان محمد جوڻيجو سورهيه سامايو،

راضي تنهن تي رب ٿيو، تنهن کي واحد وڌايو،

سخي هو سخاوت ۾، ڪيائين روح اندر رايو،

ڳالهه اها ڳايو، مرد تنهن ملوڪ جي.

*

مرد تنهن ملوڪ کي ڏاتر ڏنا ڏاڻ،

عهدو وڪالت بئريسٽريءَ جو ورتائين همت ساڻ،

علم پڙهي عالم ٿيو، هيس انگريزي اهڃاڻ،

هاڻ ڪيان روح رهاڻ، ساراهه سپرين جي.

*

ٻڌ ساراهه سپرين جي، جنهن کي مولا ڏنو مان،

هٿ هوس حاڪمن جو، شاهي جنهن جو شان،

ڪامل ٿي ڪورٽون ڪيون ٻڌي بات بيان،

جيءَ اندر آهن جولان، سڪ تنهنجي ساهه کي.

*

سڪ تنهنجي ساهه کي اندر نه آهي آرام،

کائڻ نه آهي خوشيءَ جو، چش نه ڏئي طعام،

هجرت جي سنڀري هليو ڪري، اهو انجام،

اڳ ۾ ٿي امام، قافلو ڪيائين ڪيترو.

*

قافلو ڪيائين ڪيترو لکين خرچ کڻي،

جيڪا رضا رب، واهه تنهن کي وڻي،

مهاجرن کي محبت ۾ پاڻ ڪيائين پڻي،

لاڙڪاڻي تي لقب هڻي، ريل تي چڙهي رڪن ڏي هليا.

*

ريل تي چڙهي رڪن کون ٿيا سکر روانا،

عرض ڪيائين الله کي اسين آهيون تنهنجا ٻانها،

داڻي پاڻي نصيب جي آهي، انهي ۾ معنا،

اچي ملتانا، ڏپهرو ڪيائين ڏينهن جو.

*

ڏپهرو ڪيائين ڏينهن جو، هليا چڙهي لاهور،

اتي عزت ملي امير کي سرڪائين گهور،

کائڻ آندائون خوشيءَ مَون ڏنائون زور،

اهڙي دستور، راولپنڊي رڙهي هليا.

*

راولپنڊي رڙهي هليا، ڪانولپور ڪاهي،

واڳ وس نه پنهنجي ڏور وڌي ڏاهي،

گاڏي ڇٽي ڇوهه مون ڏس ڇا منجهون ڇاهي،

پشاور ۾ لاهي، ڏينهن ڇڏيائون ڪيترا.

*

اتي ڏينهن رهي ڪيترا هليا پيادا ڪلي پنڌ،

رفيق ٿياسون راهه مَون راهي مٿي رند،

رکيائون ناسڪ سرير ۾ خودي ڪيائون بند،

اچي ٿيا سي هڪ هنڌ، بيني ڪوٽ جنهن کي چون.

*

بيني ڪوٽ جنهن کي چون، رکيائون جلال آباد جوش،

عقل ڇڏي ويو اڳ ۾ ڪونه رهيو هوش،

ڪونه وڙهي ڪنهن سان دشمن توڙي دوس،

مڙني ڪئي خاموش، محبت رکي مَن ۾.

*

محبت رکي من ۾ ڪابل ڪيائون ڪاهه،

دونهان درد دکايا، عشق اندر آڙاهه،

پنڌ اڙانگو پٽيون رهي آيا راهه،

اهڙو ئي آهه الله، امير صاحب ڏٺائون اکين سان.

*

امير صاحب عزت ڏني مولوي عبيدالله صاحب سڏائي،

دعوت کاڌائون دل سان راتيون رهائي،

سينڌن چيو سڪ مان آيا آهيون سرڙا لهرائي،

توڻي وجهين ڪهائي، جان محمد چيو جوش مان.

*

امبر کي ائين نه گهربو هو ڏنائين مهاجرن کي موڪل،

سيءُ رکيائين سرير ۾ نه ڪيائين توڪل،

ڳجهه اندر جون ڳالهيون تون جوش اندر ۾ جل،

راهي ٿيا رلمل، موٽي پنهنجي ملڪ تي.

*

موٽي پنهنجي ملڪ تي آيو جان محمد جائي،

رات ڏينهان روح ۾ هيس وات اها وائي،

دانهون ڪيان درد مؤن ڪونهي حال ڀائي،

نصيب داڻو پاڻي، کائي هلي آيا هندستان ۾.

*

هندستان ڏي روانا ٿيا خواجه اجمير شريف،

سڪ رکيائين ساهه ۾ ڪهڙي ڪريان تعريف،

ملڪ ڇڏي مسافر ٿيو سهي گهڻي تڪليف،

اکيون ڪڪوريون ڪيف، مانجهيءَ تنهن ملوڪ جون.

*

مانجهي تنهن ملوڪ جي هئي عمر ٽيهه ورهيه پوري،

رضا تي راضي رهيو ڪيائين صبوري،

مرڻ مهل تي موت رکيائين منصوري،

آيا ملائڪ صفوري، سڪرات ڏٺائين ڪانه ڪا.

*

سڪرات ڏڍائين ڪانه ڪا، ساهه ڏنائين سهنجو،

”شيرل“ چوي شهيد ٿيو وطن ڇڏي پنهنجو،

سوال ڪريان توکي سيّدا ڪر نه ڪانيارو ڪنهن جو،

هٿ آهي منهنجو، دامن دستگير جي.

*

جان محمد جُوءِ مان ويو ڪست منجهان ڪاهي،

مال مڏيون ڦٽيون ڪري ويو لاڳاپا لاهي،

جنهن کي سڪ سرير ۾ ڏور وڌي ڏاهي،

اجمير ۾ آهي، مقبرو ملوڪ جو.

*

مقبرو ملوڪ جو جودؤن جوڙيائون،

جهنڊ تنهن جوان جا خوبا کوڙيائون،

ماتم ڪيائون من ۾ ڳل ڳوڙها ڳاڙيائون،

پريت پاڙيائون، جو صوبو هو سنڌ جو.

*

صوبو هو سنڌ جو مُلڪن جو مير،

صاحب ٿي صاحبي ڪئي جو بادشاهي وزير،

شهيد ٿيو شوق مان نيڻن وهايان نير،

اتر وارا پير، پناهه ڏيندين پرديسيءَ کي.

*

پناهه ڏيندين پرديسيءَ کي جنهن صدقي ڪيو ساهه،

ميڙي محمّد صلعم ڄام جي توکي آڻيندو الله،

حضرت ٿيندءِ حامي ڪندءِ واهه،

باري آهين بيپرواهه، سام اوهان جي سيّدا.


*  هن مضمون جو مدار ميان نبي بخش منگي ۽ ميمڻ عبدالمجيد صاحب سنڌيءَ جي موڪليل مواد تي آهي. - مرتب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com