سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :4

اسداللہ شاهه ”اسد“ ٽکڙائي

 

مرحوم مولانا حافظ اسداللہ شاهه ٽکڙائي

سيد حڪيم حاجي حافظ قاضي اسداللہ شاهه ”فدا“، ولد سيد الهه بخش شاهه، تاريخ 15 شعبان المعظم 1285هه جي متبرڪ ڏينهن اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. ٽکڙ جي پهرين شخصن مان جن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شهرت حاصل ڪئي، اسداللہ شاهه به هڪ هو.

تعليم و تربيت. سندس پهريون استاد حافظ يوسف هو، جنهن وٽ سنڌي پارسي ۽ فقہ پڙهڻ بعد، صرف نون مهينن جي قليل عرصي ۾ قرآن شريف حفظ ڪيائين. حضرت صاحب جن جي مريد هئڻ سان گڏوگڏ وٽن مڪتوبات شريف امام رباني مجدد الف ثاني ۽ مڪتوبات خواجه محمد معصوم عروة الوثقيٰ به پڙهڻ شروع ڪيائين. اتان فارغ ٿي، حيدرآباد ۾ مولوي محمد حسن وٽ عربي پڙهڻ لاءِ ويو، جتان تحصيل يافته ٿي نڪتو. مگر، شاهه صاحب کي اڃا به علم لاءِ گهڻي اُڃ هئي، ۽ علم حديث پڙهڻ جو ارادو ڪيائين؛ پر جيئن ته سنڌ جا عالم انهيءَ ڪم ۾ ڪمزور هئا، انهيءَ ڪري مائٽن کي ٻڌائڻ سڻائڻ کان سواءِ ديوبند هليو ويو- ڇو ته کيس خبر هئي ته مائٽ ايڏي دور دراز سفر جي اجازت نه ڏيندا. اتي پهچي، نهايت محنت ۽ جفاڪشيءَ سان پنهنجو سبق سمجهڻ ۽ ياد ڪرڻ لڳو. اتي جو مدرس شيخ الهند مولانا محمودالحسن ديوبندي، شاهه صاحب ڏانهن خاص توجهه ڏيندو رهيو.

هوڏانهن وري مائٽن مٽن کي سندس گم ٿيڻ پريشان ڪري وڌو هو: کين اها خبر ڪانه هئي ته ڪو هي ماٺيڻو ٻار ايترو پري وڃي نڪرندو! اٺن مهينن گذرڻ کان پوءِ، شاهه صاحب خود پنهنجي خيريت جو خط لکيو. مائٽن اڃا کيس ڳوٺ آڻڻ جو خيال پئي ڪيو، تنهن کان اڳ سيد ميران محمد شاهه اول، جو سرهند شريف ويل هو، ڳوٺ وٺي آيس. طب ۾ سندس استاد ميران محمد شاهه اول هو.

ڳوٺ پهچڻ سان، شاهه صاحب هٿ هٿ تي رکي اکيون ٻوٽي ويهي ڪين رهيو، مگر علم سان اڳي کان وڌيڪ دلچسپي رکيائين. سندس هڪ عاليشان ڪتبخانو هو، جنهن ۾ پنج ڇهه هزار ڪتاب هئا. جي سندس اولاد جي ڪم توجهيءَ ڪري اڏوهيءَ جي نذر ٿي ويا.

تحريڪ خلافت. هي اهو زمانو هو، جڏهين هند ۾ هر هندو ۽ مسلمان، انگريزن مان بيزار ٿي، پنهنجي گردن مان غلاميءَ جي طوق لاهڻ لاءِ جدوجهد آزادي اڳ ئي شروع ڪري ڏني هئي، ته وري انگريزن جي اسلامي ملڪن تي جارحانه حملن، هندستاني مسلمانن کي هيڪاري مشتعل ڪري وڌو، ۽ خلافتِ عثمانيه جي تائيد ۾ هندستان ۾ تحريڪ خلافت عمل ۾ آئي. خلافتين ۽ ڪانگريسين گڏجي هڪڙي پليٽفارم تي ڪم ڪيو؛ ۽ اُهي جوش خروش ڏيکاريا، جو هندستان جي وائسراءِ لارڊ ريڊنگ جا وائيسر ئي ڦري ويا ۽ حڪومت کي لکيائين ته جيڪڏهن ترڪن سان صلح نه ڪندا ته هندستان ۾ بلوو ٿي پوندو. انهيءَ کان پوءِ ئي انگريزن ترڪن سان ”لوڪارنو“ وارو عهدنامو ڪيو.

سنڌ ۾ خلافت جو باني سيد اسداللہ شاهه هو. سندس دل ۾ ملتِ اسلاميه  جي محبت جي اُها قنديل روشن هئي، جنهن کيس گهر ويهڻ نه ڏنو ۽ يڪدم تائيد خلافت ۾ اُٿي کڙو ٿيو، خوشقسمتيءَ سان کيس نور محمد وڪيل عبدالجبار وڪيل شيخ عبدالمجيد، پير غلام مجدد سرهنديءَ وغيره جهڙا مخلص ۽ بي لوث نوجوان ڪارڪن ملي ويا، جن جي قومي خذمتن کان سنڌ جو ٻچو واقف آهي. شاهه صاحب سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪري، غافل مسلمانن کي غفلت جي ننڊ مان جاڳايو.

امن – سڀا. تحريڪ خلافت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريزن وري ”امن – سڀا“ برپا ڪئي، جنهن جا ڪيترا ملت فروش سرڪردا ٿي پيا، جن وقت بوقت زبان توڙي قلم سان آزاديءَ جي متوالن جي راهه ۾ رنڊڪون پئي وڌيون. حيدرآباد شهر جي قاضي ابراهيم شاهه به امن-سڀا ۾ شامل ٿي مسلمانن جي دلين کي سخت صدمو پهچايو-  کيس ڪيترو ئي سمجهايو ويو، پر بيسود.

شهر جو قاضي ٿيڻ. رمضان جي عيد هئي، قاضي ابراهيم شاهه حيدرآباد جي ڪليڪٽر گبسن کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ته ”هن عيد تي انگريزن جي خلاف ريزوليشن پاس ڪيا ويندا“. گبسن يڪدم آرڊر ڪڍيو ته ”جيئن ته عيدگاهه ڪنٽومينٽ ايريا ۾ آهي، انهيءَ ڪري انگريزن جي خلاف ڪنهن جي به زبان مان هڪ لفظ نڪتو ته کيس هڪدم گرفتار ڪيو ويندو!“ خلافتين مجبور ٿي شاهه محمد مڪيءَ واري ميدان تي نماز پڙهڻ جو فيصلو ڪيو؛ پر اتي وري ابراهيم شاهه جي ڀاءُ محمود شاهه اعتراض اٿاريو ته آءٌ نماز پڙهائيندو آهيان. نيٺ، شاهه جي قدمن وٽ نماز پڙهڻ جو فيصلو ٿيو. عيد واري ڏينهن گرمي به ڏاڍي هئي. شاهه جي قدمن وارو ميدان گند ڪچري سان ڀريل هو. نماز پڙهڻ لاءِ نه ڇانو هئي، نه وري ڪي تڏا توريون هئا؛ مگر مومنن جي دلين ۾ ذرا به جنبش نه آئي، ۽ صفون ٻڌي بيهي رهيا. امامت جا فرائض علامه اسداللہ شاهه ادا ڪيا. انهيءَ ڏينهن مسلمانن قاضي ابراهيم شاهه سان بائيڪاٽ ڪيو، ۽ انهيءَ ڏينهن اسداللہ شاهه کي شهر جو قاضي مقرر ڪيو ويو.

سندس تقرير نهايت اثر واري ۽ آواز رعبدار هو. پير غلام مجدد ڳالهه ڪندو آهي ته جيڏيءَ مهل انگريزن جي ظلم وتشدد جو ذڪر ڪندو هو ته سندس منهن غصي کان لال ٿي ويندو هو، ۽ اهڙي ته پر جوش تقرير ڪندو هو، جو ٻڌندڙن جون دليون جوش سان ڀرجي وينديون هيون.

انهن ڏينهن ۾ ٻئي هڪ مولوي فيض الڪريم، تحريڪ خلافت خلاف هڪ رسالو ”تحقيق الخلافة“ لکيو، جو حيدرآباد جي ڪليڪٽر گبسن پنهنجن هٿن سان ورهايو. شاهه صاحب، مولوي صاحب جي رد ۾ رسالو ”اثبات الخلافة للدولت العثمانيه“ لکيو، ۽ کيس اهي ته دندان شڪن جواب ڏنائين جو وري اُسري نه سگهيو.

دواخانو. شاهه صاحب جو ٽکڙ ۾ هڪ عاليشان دواخانو هو. سندس دوا ٿوري پيسي واري ۽ زود اثر هئي. اڪثر مريضن جو علاج مفت ڪندو هو.

عادات واطوار. شاهه صاحب هڪ نهايت سٺو تارُو هو. هڪڙي دفعي پاڻ ”جونِ واهه“ ۾ واڻين جي گهيڙ کان ٽٻي ڏنائين ته سيدن جي گهيڙ کان وڃي نڪتو! انهن ٻنهي گهيڙن جي وچ ۾ اٽڪل مُني فرلانگ جو مفاصلو ٿيندو.

سندس طبيعت ننڍپڻ کان ئي سادي هئي. ججهو ٺاهه ٺوهه ڪونه وڻندو هوس.

لطيفو: پاڻ اڃا ننڍو هو. حافظ يوسف جي مڪتب ۾ پڙهندو هو. هڪ دفعي صاحب امتحان وٺڻ آيو. شاهه صاحب جا ٻيا ڀائر به مڪتب ۾ پڙهندا هئا ۽ صاحب جي اچڻ جو ٻڌي ٺهي ٺڪي سٺا ڪپڙا گنديون پائي آيا، مگر شاهه جهڙو هميشہ رهندو هو اهڙو ئي مڪتب ۾ آيو. امتحان وٺندي، صاحب پڇيس ته ”تون هنن سيدن جو ڀاءُ آهين؟“ چيائين ته ”ها سائين“. وري پڇيائينس ته ”نالو؟“ چيائين ته ”سائين، اسداللہ شاهه.“ صاحب کلي چيو: ”نالو وڏو، شهر سڃو!“

لطيفو: ٻئي دفعي پاڻ ملا ڪاتيارن ۾ خلافت جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو. ساڻس گڏ ڳوٺ جا ٻيا به گهڻا ماڻهو هئا. رستي جي ڀر ۾ هڪڙو مينهن جو ننڍو پاڏو چري رهيو هو. بچُو نانوائي – جو اُن وقت ڇوڪرو هو ۽ ٻين ٻارن وانگي جهنڊو کڻي هلندو هو- چيس ته ”سائين هي پاڏو ڍڳيءَ مان پيدا ٿيو آهي!“ پاڻ جواب ڏنائين ته ”ابا، اِها ڳالهه خدا جي قدرت کان بعيد ناهي- ائين هوندو.“

وفات. اسداللہ شاهه 59 ورهين جي عمر ۾ 27 رجب المرجب 1344هه تي ٽکڙ ۾ وفات ڪئي. اها به هڪ عجيب حقيقت آهي ۽ سندس بزرگيءَ جو ثبوت آهي، جو سندس ولادت ۽ وفات جا ٻئي ڀلارا ڏينهن آهن- يعني 15 شعبان ۽ 27 رجب.

نثر نويسي. شاهه صاحب هڪ سٺو نثر نويس هو. بقول سيد ميران محمد شاهه- ”قاضي اسداللہ شاهه، باوجود سادي عبارت لکڻ جي به پنهنجي مضمون ۾ دلچسپيءَ جا ڪافي جزا ملائيندو هو، جنهنڪري سندس مضمون پڙهڻ مان لطف ايندو هو.“

تصنيفون. 1906ع ۾ جڏهين ”مخلص“ مرحوم روپوشيءَ جي حالت ۾ ٽکڙ ۾ موٽي آيو، تڏهين سندن صلاح سان شاهه صاحب هڪ رسالو ”بهار اخلاق“ ٽکڙ مان شايع ڪيو، جنهن جو ايڊيٽر شاهه صاحب پاڻ هو، ۽ جنهن ۾ هر مهيني سندس اعليٰ مضامين ايندا هئا. هيءُ رسالو سالها سال سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهيو. منجهس اُن وقت جي مشهور شاعرن ۽ اديبن جا شعر ۽ مضمون هوندا هئا.

”هديہ اسديه“: هي ڪتاب شاهه صاحب سن 1331هه ۾ شايع ڪرايو، جنهن ۾ رسول اللہ جن جي علم غيب هئڻ يا نه هئڻ جي مسئلي تي نهايت سهڻي ۽ عالمانه سمجهاڻي ڏني اٿس.

”الانتصار في جواب الاشتهار“: هدايت اللہ ”مشتاق“ جي لکيل ڪتاب ”ڪواڪب السادات في شرح مناقب السادات“ تي مولوي احمد آبڙي واري جيڪي اعتراض اٿاريا هئا، انهن جي جواب ۾ هي ڪتاب شاهه صاحب لکيو.

”فتح الهادي في رد گمنام حيدرآبادي“: هي ڪتاب هڪڙي عيسائيءَ جي اسلام تي ڪيل حملن جي رد ۾ آهي.

شعر و شاعري. شاهه صاحب جنهن مڪتب جو شاگرد هو، اُتي ٻين سبقن سان گڏ شاعريءَ ڏانهن به توجهه ڏنو ويندو هو. انهيءَ کان سواءِ، ٽکڙ جي شاعرانه ماحول، مرحوم غلام محمد شاهه ”گدا“ جو ٽکڙ ۾ اچڻ ۽ ڏينهن رات رس رهاڻيون ڪرڻ، حافظ ”حامد“ جي هر وقت في اليديهه غزل گوئي ”مخلص“ ۽ آغا حسين جي جان جي صحبت هڪ تيز فهم ۽ سليم الطبع ٻار جي دل شعر چوڻ جون امنگون ڪيئن نه اٿارينديون؟

اندازي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب اٽڪل تيرهن چوڏهن سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو هو. ”انيس المريدين“ ۾ سندس هڪ اوائلي پارسي شعر آهي، جو پنهنجي مُرشد خواجه عبدالرحمان رحه جي شان ۾ چيو اٿس. شروعات ۾ سندس تخلص ”اسد“ هو.

اي کہ ره گم کردگان را بي گمان رهبر توئي،

راست گويم سرورانء دهر را سرور توئي.

اي شہِ ملکِ طريقت، وي دلم را چاره ساز!

چارہء بيچارگان در اوّل و آخر توئي.

هاديء راهِ هدايت، مهديء دوران، بحق،

آسمانء دينِ احمد رامہِ انور توئي.

کن نظر بر حالِ زارِ بندهِ مسکين ”اسد“،

زانکہ او را در دو عالم نافع و رهبر توئي.

شاهه صاحب جي ڪلام ۾ صاف ۽ سلوڻي سنڌي تمام گهٽ لڀندي. ڪلام تي عربي ۽ پارسي رنگ چڙهيل آهي. پارسي ترڪيبون، استعارا، محاورا، تلميحون، تشبيهون، وغيره چڱي قدر ڪم آيل آهن. سندس ڪلام ۾ معياري مضمون سان گڏ لفظن جي بندش ۽ چستي ۽ وزن جي پختگي قابل تعريف آهي. هڪ نعتيه ڪلام ۾ فرمائي ٿو:

ڌوم ٿي عالم ۾ شاههِ انس و جان پيدا ٿيو،

اول و آخر، هويدا ۽ نهان پيدا ٿيو،

مصدر اربع عناصر، نورِ جان پيدا ٿيو،

مظهرِ ڪامل، ظهورِ ڪن فڪان پيدا ٿيو:

شاهِ شاهان، جان جان، جانِ جهان پيدا ٿيو.

فخرِ عرش و فخر فرش و فخرِ عزّ وفخرِ جان،

فخرِ بطحا، فخرِطيبه، فخر اِنس وفخرِ جان،

فخرِ اب، فخرِ عرب، فخرِ جهان،

فخرِ دنيا، فخرِ دين، فخرِ زمين، فخرِ زمان:

فخرِ آدم، فخرِ روحِ قدسيان پيدا ٿيو.

 

تلميح.

تاريخي واقعي کي پنهنجي ڪلام ۾ آڻڻ:

 

گرچ ٿي خلقِ جهان مهرِ سليمان جي مطيع،

آهه ٿيو ڪون و مڪان شاها سندئي زيرِ رنگين.

 

هتي ’مهر سليمان‘ کي آندو ويو آهي. اهو هڪ مشهور تاريخي واقعو آهي ته حضرت سليمان وٽ هڪ منڊي هوندي هئي، جنهن جي زور تي پاڻ جن و انس کي مطيع ڪيو هئائين. ساڳئي وقت مهرِ سليمان سان رسول اڪرم جي ’نگين‘ کي تشبيهه ڏيئي، سندن شان مٿي ڏيکاريو ويو آهي.

تشبيهه:

انهيءَ جو ورق، نزاڪت ۾ مثل لبِ دلبر،

ٿيو سو رنگ ۾ مٽ، ساڻ يار جي رخسار.

گلاب جي تعريف ڪندي، ان جي پنن کي يار جي چپن سان تشبيهه ڏئي ٿو، ۽ رنگ ۽ روءِ کي يار جي ڳلن سان ڀيٽيو اٿس.

تخيل. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ جتي ڪٿي فڪر جي بلندي موجود آهي-

عشق ٿيو دل کي نبيءَ جي گيسو و رخسار جو،

ڪيئن نه ڪريان روز و شب نعت وثناي مصطفيٰ.

نبي صلعم جي وارن ۽ رخ مبارڪ تي عاشق ٿيو آهي، ۽ ڏينهن رات سندن وصف ۽ واکاڻ ڪري ٿو- هتي هي بلند تخيل جو مثال آهي. جيئن اڪثر شاعر ڳلن کي آفتاب، مهتاب ۽ ڏينهن وغيره، ۽ زلفن کي ڪاري رات، نانگ، ڪڪر وغيره سان تشبيهه ڏيندا آهن تيئن هتي به اها حالت آهي. ڏينهن ۽ رات ڇو ٿو ثنا ڪري؟ انهيءَ لاءِ ته زلفن ۾ رات جي ڪيفيت ۽ ڳلن ۾ ڏينهن جي ڪيفيت آهي: ٻنهي سان عشق آهي، پر پوءِ ڇو  انهن جي سودا ۾ رات وهائي ڏينهن ڪري، ۽ ڏينهن گذاري رات ڪري!

سلاست. شاهه صاحب جي شعر ۾ سلاست به ملي ٿي. تمام اوچي مضمون کي نهايت سليس پيرايي ۾ بيان ڪري ٿو، ۽ پڙهندڙن کي ائين سمجهه ۾ ايندوڄڻ ته نثر پڙهي رهيو آهي-

منهنجا  دشمن هجي مبارڪ تو،

تيغ ابروءَ جي منهنجي گهائي دل.

ڪهڙي ڪوشش ۽ جستجوء ڪجي،

جا وئي سا نه مُور آئي دل.

دل، جا دلبر جي دست ڪين ويئي،

آهه سچ پچ اها اجائي دل.

آهيان عوام مان نه آءٌ ”فدا“،

دور منزل سندم رسائي دل.

 

”فدا“ صاحب جو اڪثر ڪلام نعتيه آهي. بندي کي اهو معلوم نه ٿي سگهيو هو ته ڪو پاڻ عشقيه ڪلام به چيو اٿس؛ مگر تازو محترم ڊاڪٽر ”خليل“ صاحب کان حافظ ”بسمل“ جو لکيل هڪ ڪاغذ مليو، جنهن ۾ فدا صاحب جا ڇهه عشقيه غزل لکيل هئا.

تاريخ. ڪنهن جي مرڻ يا ڄمڻ تي شاهه صاحب جيڪي تاريخي مادا لکيا آهن، تن ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو اٿس. تاريخ جي فن ۾ گهڻن شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي. ايڏي باڪمال شاعر جي پوين جيڪو سندس ڪلام کي نابود ڪيو آهي، تنهن کان ڏک پهچي ٿو. پندرهن يا سورهن ورهين جي ڄمار – مون کي يا منهنجن ٻين ڀائرن کي ايتري به خبر ڪانه هئي ته ڪو اسان جو ڏاڏو به شاعر هو! اتفاق جي ڳالهه آهي، هڪ دفعي والد مرحوم سان گڏ حضرت خواجه عبدالرحمان رحه جي درگاهه تي ويل هوس. درگاهه جي مسجد تي لکيل قطع تاريخ-

بنا شد مسجدِ زيبا لہ الحمد،

بيا جنّات عدنِ را بکن سير،

چو شد آغاز و انجامش بخوبي،

”فدا“ سالش بگو ”اتمام بالخير“-

ڏانهن اشارو ڪري، والد مرحوم فرمايو ته هيءَ تنهنجي ڏاڏي جي لکيل تاريخ آهي، ۽ سندس تخلص ”فدا“ هو. والد مرحوم کان جڏهين سندس ڪلام جي پڇا ڪئي ويئي ته جواب نفيءَ ۾ مليو. آخرڪار، ”ڳولهين سي لهن“ جي مصداق، رلندي پنندي سندس ڪلام جو ڪجهه نه ڪجهه نمونو هٿ اچي ويو.

”انيس المريدين“ ۾، حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان جي رحلت تي شاهه صاحب جون چيل تاريخون، ٻين شاعرن جي تاريخن سان گڏ درج ٿيل آهن.

پهرين تاريخ جا چند بيت:

اي حبيبِ خالقِ يکتا، انيس جانِ ما،

وي طبيبِ جمله علتها و دردم را دوا،

يا انيسي يا عظيم الخلق يا کشف الکروب،

يا دليلي يا ولي المجتبيٰ،

مانده ام جان برلب از هجرِ تو اي وجہ الجميل،

تابچند از ناز بر رويت حجاز از اختفا.

آفتابِ برجِ معنيٰ، ماهتابِ اوجِ فضل،

سروِ بستانِ ولايت، مطلعِ صبحِ صفا،

عرش و فرش و تحت و فوق از استضايش مستضئي،

شمس بازغ از درخشِ برقِ او مثل سها.

نقشبندِ نقشبندان، سرورِ سر هنديان،

قطبِ ارشادِ مدار و دورِ شاهِ اصفيا،

از اضافاتش عبوديّت برحمان الرحيم،

زان بشاهِ عبد رحمان شد شہِ ارض و سما.

آه بي سرماند از ترحيلِ آن قيومِ دين،

”ملڪ و دين، علم و عمل، جود و کرم، فيض و هديٰ“!

هر دو مصراع اخير و مهملات و معجمات،

”گير تا آيد وصال آن مہ افق العليٰ“.

مصدر امر الحقائق، فرد عالم بي بدل،

قطب اقطابِ شب اعدل مڪمل مقتدا.

(انيس المريدين)

خواجه صاحب جي وفات تي ٻي تاريخ لکي اٿس، جنهن ۾ هر مصرع مان سال وفات ”1315“ نڪري ٿو.

آه از ترحيلِ آن حسن آفتاب،

بر سپهرِ علمِ انور ماهتاب،

مخزنِ اسرارِ حق دلدادهء،

بر طريق از بهرِ حق استادهء،

دُرِّ مکنون نقشِ او نقشِ ازل،

بحرِ عمّان، خازنِ علم و عمل،

عيسوي دم کاشفِ مکتوم راز،

بيکسان را دستگير و چاره ساز،

کوکبِ برجِ ولايت تاجدار،

سرورِ دنيا و دين عالي تبار،

کن توزع چار چند هر کلمه را،

يک بيفزا ضرب حب ده سابقا،1

طرح عشرين نما اي دلکشا،

زن در ”اسلم“ خمسه عدد ميفزا،

گير هر مصرع ز وصلِ شاهِ ما،

قدوة الارشاد محبوبِ خدا،

عام توليد مقرب راه رو،

آفرين طرز از ”فدا“ احقر شنو،

باد فايز فيض مصطفوي ”فدا،

از فيوضِ ساطعه تورِ هدا.

”انيس المريدين“ ۾ هن تاريخ ۾ ڪل 28 شعر يعني 36 مصرعون آهن، جن مان نمونتاً چند پيش ڪيم.

شاهه صاحب وري ٽي تاريخ لکي، جنهن ۾ خواجه صاحب جي ولادت جو سن 1244هه، عمر 71 سال، ۽ وفات جو سن 1315هه نڪري ٿو، جا انتخاب ۾ پيش ڪبي.

شاهه صاحب جو ڪلام سندس ڪتابن سان گڏ ناپيد ٿي ويو. سندس ڪلام لاءِ جستجو جاري آهي. جو ڪجهه هٿ چڙهي سگهيو، سو اُميد ته جلد شايع ڪيو ويندو.

 

انتخاب

(عشقيه)

صرف ٿي هيءَ عمر منهنجي درميانِ ڪُويء دوست،

بس ٿي آ مانوسِ خاطر آستانِ ڪُويء دوست.

روضہء رضوان ۾ ناهي ڪجهه نشانِ ڪويء دوست،

لامڪان جي شان سان ٿيو آهي شانِ ڪوي دوست.

قبر ۾ ڪفنِ شهيدِ ناز خون آلوده آهه،

ٿيو مٿم تا حشر آ باقي نشان ڪوي دوست.

هن سبب کان ٿي زبان بلبل سندي آهي فصيح،

روز شب جوان کي ٿي وصفِ مڪانِ ڪوي دوست.

ڇا رضا اي سوخته دل قطرهء مَي واسطي،

ساغرِ خون ٿا وٺن هي ساقيانِ ڪوي دوست.

پيرهن قاتل جو رنگين ٿيو نشانِ خون کان،

جي وري هن کان پياسين، ڪشتگانِ ڪوي دوست.

باغِ جنت همسريءَ جي ان سان دعويٰ ڪيئن ڪرين،

ڪي منقّش آهه جو خون مقتلانِ ڪوي دوست.

آهيان ڪشته تڏهين ٿا ناز مان ڊوڙيو اچن،

لطف سان مون ڏي ”فدا“ هي ڏس سگانِ ڪوي دوست.

(نعتيه)

ڪيئن نه ٿئي اعزاز ۾ آدم ملائڪ کان وڌيڪ،

ٿيو جڏهين پيدا اُنهيءَ مان دودمانِ مصطفيٰ.

تن تي ٿيو شيدا خداوندِ زمين و آسمان،

جيڪي ٿيا سوَ جان سان دلدادگانِ مصطفيٰ

مخمس بر غزل مولانا قدسي

ڪير مٽ تنهنجو ٻيو آهه رسولِ عربي،

بي وضو نام وٺڻ آهه سندئي بي ادبي؛

آهه زيبا ٿي مٿئي خلعتِ والا حسبي،

مرحبا سيد مڪي مدني العربي:

دل و جان باد فدايت چه عجب خوش لقبي!

ڇا جمالِ رخِ انور جو ٿيو هي عالم،

جنهن تي حيران ٿي پري حور ۽ جنّ و آدم؛

مظهرِ نور الاهي آهين قرآن جو قسم،

منِ بيدل بجمالِ تو عجب حيرانم:

اللہ اللہ چه جمال ست بدين بوالعجبي!

دل کي تسڪين نه ٿئي غيرِ جمالِ انور،

جلد ڏيکار تون ديدار بربِ اڪبر؛

ڪر ڪرم بهرِ خدا حال تي منهنجي سرور،

چشم رحمت بڪشا، سوي من انداز نظر:

اي قريشي نسبي هاشمي و مطّلبي!

نور کان تنهنجي زمين توڻي فلڪ ٿيا معمور، ماهه شق، مهر ٿيو ششدر ۽ پريشان ٿي حور؛

تنهنجي اعجاز نمائي ٿي خدا کي منظور،

ذات پاڪ تو درين ملڪِ عرب ڪرد ظهور:

زان سبب آمده قرآن بزبانِ عربي.

يا نبي! نور سندءِ نور کان رب جي پيدا،

موڪلي توکي خدا پاڻ مٿئي ٿيو شيدا؛

خاڪِ آدم کي ڀلا نور سان نسبت ٿئي ڇا،

نسبتي نيست بذاتي تو بني آدم را:

برتر از عالم و آدم تو، چه عالي نسبي!

منبعِ رحمتِ عالم بخدا تنهنجي ذات،

مرجعِ عالم خلائق آهين اي نيڪ صفات؛

الغياث! اي شہِ ڪونين شفيعِ عرصات،

ما همہ تشنه لبانيم تو ئي آب حيات:

لطف فرما که ز حد مي گذر تشنه لبي!

شان ۾ ڪهڙي نبيءَ جي ٿي ڀلائي لولاڪ،

زينتِ عرشِ علا تنهنجي شها ذات ٿي پاڪ؛

تو سوا ڪنهن کي مليو اهڙو براقِ چالاڪ،

شبِ معراج عروجِ تو گذشت از افلاڪ:

بمقاميڪ رسيدي، نرسد هيچ نبي.

آءٌ محتاج آهيان تون ته ڪريم و اڪرم،

منهنجي بخشائي خطا رب کان، رسول اعظم؛

ڪر خطا منهنجيءَ تي تون جلد عطا، فخرامم!

نسبتِ خود بسگت ڪردم و بس منفعلم:

زانڪ نسبت بسگِ ڪوي تو شد بي ادبي!

عرش اعليٰ تي ڪيو خوب خدا تو سان ڪلام،

قدسين توتي پڙهي شوق مان صلوات وسلام؛

اي گلِ باغِ صفا، اي دُرِ بحرِ اڪرام!

نخلِ بستانِ مدينه ز تو سرسبز مدام:

زان شده شهرهء آفاق بشيرين رطبي.

فيض بخشِ دوجهان آهين تون اي شاه حجاز،

سنڌ وارن کي ڏين هجر ۾ ڇو سوز و گداز؟

جلد ڪر پنهنجي زيارت کان انهن کي ممتاز،

بر درِ فيضِ تو استاده بصد عجز و نياز:

زنگي و طوسي و رومي، يمني و حلبي.

هجر جي مرض کان ٿي جان سندم لب تي نبي!

خود مسيحا به لکڻ نسخي ۾ ٿيو آهه غبي؛

عرض توکي هي ”فدا“ جو اي رسولِ عربي،

سيدي انت حبيبي و طبيبِ قلبي:

آمده سوي تو قدسي پيء درمان طلبي.

بر وفات حسرت آيات آغا عبدالحليم جان رحه سرهندي

(در صنعت مهملات)

لاالٰہ الاَّ اللہُ محمّد رَّسول اللہ صلي اللہ عليٰ روحہِ وسلم.

سالِ وصل محط الرحال حاوللکحال والاکمال اسعد السعد اکمل الکملا محور سماءَ العلم والعمل حاسمه مراسم طول الامد صاًعد مصاعد مراحم سالک مسالک مکارم معمّر صروح العدل هادم اساس الجهل اکمل اهل اللہ اکرم اهل الولاءِ وهو الاطهر سراً والاسلم سلوماً والا حوط عملاً ولاصلح حالاً اسمہ المکرم مملّو ”حلماً وهديٰ“(1) روح روح الاطهر العطر سرمداً- محرره اسداللہ اصلح اللہ حالہ ومٰالہ- در طرحه مهمله.

 

آه عمدالملک کرده الوداع

موصل الاَمال مسعود و مطاع

اللہ اللہ حامل اسرارِ سُمُوّ

اللہ اللہ سُلّم طارم عُلُو

سرّ اوحد سالکِ مسلک کرم

راس کمّل صاعدِ مصعد همم

ماه عالم واصلِ سرّ العمل

سعد اکرم حاسم طَول الامل

صالح الاعمال اَمُدَّ للکرام

اهل دل را اکمل و اسعد امام

مطلع الاسرار در عالَم عَلَم

درهديٰ و حلم واعطا و کرم

مالک ملک ولا مهر عُلا

مارد الحسّاد طارد للعدا

دارک مدرک صلاح وسهم سداد

طامسِ الحادها للکلّ هاد

سالِ وصلِ او ”اسد“ کرده ادا

”سرورِ اسرار صدرُ للعلا“- (1331)

طول اللٰهم عمر اولادهِ

حسم اللٰهم اعدا عادهِ!

 

بروفات حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان سرهندي ‑

(که از هر مصرع عمر سنه 71، و سنه توليد 1244 هه، و سنه وفات 1315 مشهود ميگردد)*

71             1244 

 

71             1244

هاحزن آن مطلع سر ولا رفت از جهان

 

واءِ ويلا هائي رحلت کرد آن عين اليقنن

                1315

71             1244

 

                1315

71             1244

باکبازي زيب ده آن خازن اسرار گنج

 

بوي احمد سر و ناز مرشد هر انس و جان

                1315

17             1244

 

                1315

17             1244

بود مهدي نائبِ شرع محمد حق شناس

 

بزم ايز کافل دنيا و دين فخر زمان

                1315

17             1244

 

                1315

17             1244

بدر دين بدر سماء رشد صاحب عقل و فهم

 

مهبط اجواد ارحم خواجهء سرهنديان

                1315

17             1244

 

                1315

17             1244

زبدهء اهل زهاد آن مورد فيض و ولا

 

احمدي آداب ثاني احمد و کبرا نشان

                1315

17             1244

 

                1315

17             1244

با هدا محبوب قدسي خاص رحمان عبده

 

وجهه حمّد لحاظ الله علّمہ البيان

                1315

17             1244

 

                1315

17             1244

يوم مجد دين پناه سرّ سبحان الذي

 

اطيب امجاد حق بين فائض معجز بيان

                1315

17             1244

 

                1315

17             1244

با احمد دايم بذات حق محو لا يزال

 

جاه جم او حد سکندر مدحت و صاحب قران

                1315

17             1244

 

                1315

17             1244

با ادب اين آمده رحلت ولادت سنّه

 

توبياب از جان ”فدا“ هر مصرع اي هر کاردان

صديقي عبدالوحيد پاٽائي

 

مولانا حافظ محمد شفيع صديقي مرحوم پاٽائي

قاضي مولوي حافظ محمد شفيع صديقي، ولد قاضي احمدي، دادو ضلعي جي پاٽ شهر ۾ سن 1835ع ڌاري ڄائو. سندن والد، قاضي احمدي، ميرن طرفان پاٽ جو قاضي مقرر ٿيل هو. کيس ميرن وٽان ڪجهه جاگير مليل هئي؛ ۽ پڻ مخدوم عبدالواحد صديقي مفتي سيوستان کي دهليءَ جي مغلن طرفان جا جاگير مليل هئي، ان ۾ به سندس ڪجهه حصو هو.

حافظ محمد شفيع اڃا ستن ورهين جي عمر جو هو ته سندن والد قاضي احمدي وفات ڪري ويو. اهو انگريزن جي سنڌ کي فتح ڪرڻ جو ابتدائي زمانو هو. انگريزن ان وقت ۾ اعلان ڪيو هو ته جن کي جاگيرون هجن سي پنهنجن سندون کڻي اچن ۽ اچي نيون ڪرائي وڃن؛ مگر حافظ محمد شفيع توڙي سندس ڀاءُ علي گوهر، جو کانئن ٻه ورهيه وڏو هو، ننڍي وهيءَ سبب نه وڃي سگهيا، جنهنڪري جاگيرون سندن هٿن مان هليون ويون ۽ ٻئي ڀائر مسڪين ٿي پيا. ان بعد، سندن وڏو ڀاءُ حاجي علي گوهر پنهنجي موروثي زمين ۾ پنهنجي هٿن سان هر ڪاهيندو هو ۽ حافظ محمد شفيع کي پڙهڻ تي ڇڏيائين.

حافظ محمد شفيع ابتدائي تعليم مخدوم مولوي حاجي فضل اللہ سيوستانيءَ (جيڪي پوءِ لڏي اچي پاٽ ۾ ويٺا) وٽان حاصل ڪئي، ۽ پوءِ ڦلجيءَ طرف ڪن وڏن عالمن وٽان زياده علم حاصل ڪيائون. کين علم جو ايترو ته شوق هوندو هو جو اٽڪل ست ميل کن هر روز پنڌ ڪري پڙهڻ ويندا هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه ٿا ڪن ته وٽن ڏيو ٻاري مطالعي ڪرڻ لاءِ چقمق ڪونه هو، انهيءَ ڪري ٽانڊي کڻڻ لاءِ ٻه ٽي ميل پنڌ جا هڻي ويا ته جئن انهيءَ رات جي مطالعي ۾ رنڊڪ نه پوي.

پندرهن ورهين جي عمر ۾ پاڻ علم جي پڳ ٻڌي پنهنجي ڳوٺ پاٽ ۾ آيا، ۽ سورهن ورهين جي عمر يعني هڪ سال اندر پنهنجي ذهانت جو ثبوت ڏيندي قرآن شريف ياد ڪري ورتائون. سڄو پڙهيل علم برزبان ياد هوندو هون- ايتريقدر جو تفسير، حديث، فقہ وغيره جي وڏن وڏن ڪتابن جا حوالا صفحي ۽ سِٽ سميت به ياد ڏيئي ويندا هئا. سندن لکيل ڪتابن جي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سنسڪرت زبان مان به چڱيءَ پَر واقف هئا.

باطني فيض وٺڻ لاءِ پاڻ کنياري شريف (ضلعو نوابشاهه) جي نقشبندي خاندان جي ميان محمد يوسف کان ڪجهه فيض حاصل ڪيائون، مگر اتان سندن تڪميل ٿي نه سگهي، جنهنڪري مخدوم بلاول جي روضي تي وڃي استخاره ڪيائون، جنهن ۾ کين جواب مليو ته ٻئي ڏينهن صبح جو سويل وڃي ٽه-واٽي تي بيهن: پوءِ جيڪو پهريون مسافر پريان ايندو ڏسن، سوئي سندن مرشد آهي ۽ کين باطني تڪميل ڪرائيندو. چنانچه ٿيو به ائين جو پري کان هڪڙو سيد محمد نالي بخارا جي شهر مان هليل کين مليو، ان کي پنهنجو مرشد قبول ڪري، پنهنجي وطن پاٽ شريف وٺي آيا. اهو مرشد وٽن هڪ سال رهيو، جنهن جون تعريفون پنهنجي شعر ۾ گهڻي قدر لکيون اٿن.

پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف جي شهر ۾ هڪ مدرسو به قائم ڪيو هئائون، جو سندن وفات کان پوءِ بند ٿي ويو.  ان ۾ سٺ ستر طالب العلم سندن ئي خرچ تي پڙهندا هئا، ۽ اهو خرچ پنهنجي موروثي زمين جي برڪت ڪري پورو ٿي ايندو هون.

سندن زهد ۽ تقوا ۽ چلن چاليهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! سنڌ جي ڪيترين ئي مسجدن ۾ ڏها ڪڍيائون. ”قصيده برده“ جو سنڌي نظم ۾ ترجمو به وار مبارڪ واريءَ جامع مسجد روهڙيءَ ۾ ڏهي اندر ويهي لکيو اٿن، جو قلمي حالت ۾ موجود آهي، ۽ جنهن مان شروع ۽ آخر جي حصي جو نقل مضمون جي آخر ۾ ڏنو ويو آهي.

نفس کي سزائون ڏيڻ لاءِ پاڻ ڊگها ڊگها چلا ڪڍندا هئا. چناچه هڪ دفعي پنهنجي ڳوٺ جي هڪ مسجد ۾ يارهن مهينا چلو ڪڍيائون، جنهن ۾ اٺين پهر فقط هڪ کارڪ کائي روزو ڇوڙيندا هئا.

پاڻ عامل به لاثاني هئا. ڪيترائي مريض وٽانئن شفاياب ٿي ويا. ڳالهه ٿا ڪن ته کهڙن (خيرپور رياست) جي جامع مسجد ۾ شهر ۽ آسپاس جا مريض سندس اچڻ جو احوال ٻُڌي، فجر نماز بعد، صفون ٻڌي اچي مسجد ٻاهران بيهي رهيا. پاڻ پنهنجي معمول موجب، وظيفي ۽ اشراق بعد، پنهنجي لٺ تي ڪجهه پڙهي هر هڪ بيمار تي هلائيندا ويا، ۽ اهو بيمار بروقت شفاياب ٿي پنهنجي گهر هلندو ويو!

سندن چئي ۾ ڏاڍو اثر هو. جيڪي چوندا هئا سو سچ پچ ٿي پوندو هو. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي هڪ مسجد ٺهرائي رهيا هئا، ته ان جي ٺهرائڻ کان هڪ محب نبيءَ نالي پاٽ جي سڀ کان وڏي ظالم ڀٽي زميندار کين ڪنهن ضد سبب روڪيو، ۽ پڻ رازن ڪمين کي گهٽ وڌ ڳالهايو، جنهن تي کين جلال اچي ويو ۽ محب نبيءَ کي پنهنجي هڪ ڊگهي شعر ۾ پِٽيائون. ان شعر جي شروعات هن بيت سان آهي

هن مسجد، ”محب نبيءَ“ جي پيڙهي پنائي،

وڏيرن ويچارن جي وائي وڃائي!

آخر ٿيو به ائين: ان زميندار جي زمينداري ناس ٿي ويئي، ۽ ان جا پويان صفا مسڪين ٿي پيا.

شريعت جي خلاف ٿيندو جتي به ٻڌندا هئا، اتي ڪاهي ويندا هئا ۽ وڃي تعزيرون (شرعي سزائون) ڏيئي ايندا هئا – پوءِ چاهي اهو هنڌ سندن ڳوٺ پاٽ کان ڪيترو به پري هجي.

تبليغ به ڏاڍي ڪيائون. وڏن وڏن عملدارن کي به تبليغ کان نه ڇڏيائون، ڪيترا ته مسلمان به ٿيا. هڪ دفعي تعلقي دادوءَ جي مختياڪار مولچند کي فارسي شعر ذريعي مسلمان ٿيڻ لاءِ خط لکيائون، جنهن جو نقل اڃا تائين موجود آهي. ان جي شروعات هيٺين مصرع سان ٿئي ٿي:

مولچند! بيا مسلمان شو،

آنچه کردي ازان پشيمان شو.

هڪ دفعي وري پارومل ڊپٽي ڪليڪٽر سب ڊويزن دادوءَ کي سنڌي شعر ۽ مسلمان ٿيڻ لاءِ خط لکيائون، جنهن جو نقل هيٺيون آهي:

ٽوڙٽڳو قيد ڪفر جو، پارُو، پيچرو ڇڏ،

ڪلمي عمارت عرش جي تي آشيانو اڏ؛

روزي ۽ نماز سين روح رحمت گڏ،

مهماني محمد (صلعم) جي تي سنگت ساري سڏ:

جي نه ته پوندؤ هڏ، هَي هَي وڏو هار تو.

پارُو پار لنگهيج، اَڏَ مَ ڏي اسلام کي،

وري وساريج، پرميسر ۽ رام کي.

جي پارُو مسلمان ٿئين، ته ڪر پارو ٿيو چاندي،

دلڙي ڪفر شرڪ کان ويتر ڪر واندي،

اسان امانت اسلام جي ريءَ اجوري آندي،

توکان گهرون ڪونه ٿا پئسو نه پاندي:

متان ڪري دل ماندي، رکين شرڪ ”شفيع“ سان!

 

 انهيءَ خط تي مسٽر پارومل ڪاوڙجي پيو، ۽ کيس گهرائي گهٽ وڌ ڳالهايائين. ان تي پاڻ فرمايائونس ته ”مسلمانيءَ جي نشاني ڏنيسون، پوءِ هاڻي مسلمان ٿين يا نه ٿين.“ جلد ئي ان پارومل کي اهڙي ڦرڙي نڪتي جو مسلمانن وانگر طهر ڪرائڻ کان سواءِ جند نه ڇٽس.

نثر و نظم جا ڪافي ڪتاب لکيائون، جن مان گهڻا اڏوهي کائي ويئي يا گم ٿي ويا؛ باقي جيڪي قلمي حالت ۾ موجود آهن، تن جي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ بلند پايي جا شاعر هئا. سندن شعر جو نمونو شاهه جي شعر جهڙو آهي. پاڻ سنڌيءَ کان سواءِ عربي، فارسي ۽ سرائڪيءَ ۾ پڻ شعر چيا اٿن.

کين رسول الله صلي الله عليہ وسلم ۽ اصحابن سڳورن سان نهايت گهڻي الفت هئي. چنانچه سندن وفات به انهيءَ الفت ۾ 63 ورهين جي ڄمار وقت سن 1898ع ۾ ٿي – (انا لله و انا اليہ راجعون).

پاڻ ٻه گهر پرڻيا، جن مان کين ٻه پٽ محمد احسان ۽ عبدالواحد ٿيا. انهن ٻن پٽن مان محمد احسان جو هڪ پٽ قريشي شفيع محمد ايم.اي. ٿيو، جو گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ عربي پروفيسر رهي چڪو آهي.

حافظ محمد شفيع جي باقي بچيل ڪتابن مان چند ڪتابن جا شروعاتي ۽ آخري ٽڪرا پيش ڪجن ٿا.

”قصيده برده“ ترجمو سنڌي نظم جو شروعاتي ٽڪرو:

اَمِنۡ تَذَڪُّرُ جِيَرانِ بِذِي سَلَمِ،

ڪين سبب سار سڄڻي جي پِرين پاريچا.

مَزَ جۡتَ دَمۡعًا جَرى مِنۡ مُّقُلةِ بِدَمِ،

هاريئي هنجون هيج مَون گڏي رت ڦڙا؛

اَمۡ هَبَّتِ الرَّيحُ مِنۡ تِلقَاءِ کَاظِمَةِ،

يا وريا واءَ وصال جا سڄڻ سامهان،

اَو اَومَضَ البَرۡق فِي الظَّلۡمآءِ مِن اِضَمِ،

يا چمڪي وڄڙي رات ۾ پرينءَ جي پارا؟

فَلمَا لِعَينَيڪَ اِنۡ قُلۡتَ اڪۡفُفَا هَمَتَا،

اکين ڪڄاڙو آهه، جي چوين بس ته وَهنَ!

وَما لِقَلۡبِڪَ اِنۡ قُلۡتَاسَتَفِقۡ يَهِمِ،

قلب ڪوهه ٿيئي چو هوش ڪر ٿئين منجهان حيران،

اَيَحۡسَبُ العَّسبُّ اَنَّ الحُبَّ مُنۡڪَتۡمُٗ،

ڪين ڀائين عاشق الوٽ ٿو ته محبت لڪندي.

 

”قصيده برده“ ترجمو سنڌي نظم جو پويون ٽڪرو:

وَائۡذَنۡ لسُّحۡبِ صَلواةِ مَّنۡڪَ دائِمَةً،

دائم ڪڪرن رحمت جي کي ڏي موڪل رب رزاق،

عَلَي النَّبِيّ بِمُنۡهَلِ وَ مُنۡسَجِمِ،

ته وَهن وسن وڏ ڦڙا مٿي پيغمبر پاڪ –

سَارَ نَّحَتۡ عَذَبَاتِ الۡيَسانِ رِيۡحُ صَبَا،

جيسين چوري ٽاريون بانس جون سندو صبا واء،

وَاَطۡرَبَ الۡعِيۡسَ صَاوي الۡعِيسِ بِا النَّخَمِ،

اَٺن کي هنگار ڏئي خوشي سرود سماع،

ربَّ صَلَّ وسَلَّمۡ دَائِمًا اَبَدَا،

عَلى حَبيبڪ خيرِ الخَلۡقِ کُلَّهِمَۡ

اي مالڪ ملڪ ملڪوت جا، واحد لا شريڪ،

تنهنجي احسانن ۽ نعمتن جا آهن بحر عميق:

مون جيهي مسڪين کي ڏنئي توفيق رفيق،

ترجمو ڪيم ’بردي‘ کي قدر طاقت ۽ تحقيق.

نقطا نازڪ عربيءَ ۾ بلڪل هئا باريڪ،

مون جيها ڪيئن سمجهندا، لايعقل لايليق.

سنڌي عربيءَ وچ ۾ طول وڏا تفريق،

ڪوڏ برابر ڪيئن ٿين سي يماني عقيق؟

حاسد هزارين اٿم، جي ڪڍن ويڪ وڌيڪ،

اي عيب پوش عالم جا، شهنشاهه شفيق!

رساڻج رسول کي هي ”شفيع“ جي تصديق،

’پاٽائيءَ‘ کي پانهنجا ڏي ذڪر فڪر طريق؛

اهل عيال اولاد ڪر فرمان بردار فريق،

سنگت سڀ صالح ڪر ۽ نيڪبخت خليق؛

انهن کان آزاد ڪر جي غفلت منجهه غريق،

قرب ڏيارج ڪلمي سين ۽ طباعت جي توفيق!

هڪ ڊگهي نظم جو شروعاتي ٽڪرو:

آءُ، امام رباني!

 

ڪر مجدد مهرباني،

تار آهي طغياني،

 

۽ بيحد بيفرماني،

وجهه هِندن ۾ حيراني،

 

تان مڃن مسلماني:

آءُ، امام رباني!

اهنج وڏو آهي امت سين،

 

ظلم زبوني ذلت سين،

 

ڪافر ڪوڙا دولت سين،

 

هڻ ڪامل تن کي ڪاني:

آءُ، امام رباني!

ڪوڙ دغا دولاب فريب،

 

ملڪن ۾ ٿيو ظاهر زيب،

سچ سنگت ۾ اڪثر عيب،

 

دانائن ڪئي ناداني:

آءُ، امام رباني!

مومن ويچارا مسڪين،

 

بازي بيحد تي بيدين،

وڌ ويا سڀ لچ لعين،

 

ملحد منڪر ۽ زاني:

آءُ، امام رباني!

اصل نسل جن اصلي هون،

 

دنيا تن وٽ رياسون هون،

پي پليدي پيدا ڪون،

 

نانگي تن جي ناني!

آءُ، امام رباني!

ڪافر غالب ڪل غزو،

 

حڪم هلي سڀ غير شرو،

اهنجو ٿيو ايمان ذرو،

 

لَنگي ڏس نگراني:

آءُ، امام رباني!

هئي حيرت عجب وڏا،

 

لنگورن تي لقب لڏيا،

نحس ندورا نسب جڏا،

 

وه واه خانن جي خاني

آءُ، امام رباني!

’مَل‘ مُٺا ۽ ’راوَ‘ رليا،

 

’سنگ‘ سڙيا ۽ ’چند‘ چڙيا،

’مصر‘ مئا ۽ ’داس‘ دسيا،

 

تن ولهن ڪئي ويراني:

آءُ، امام رباني!

علم ويو اسڪول ٿيا،

 

عالم ۾ اشڪيل پيا،

قانونن ڪيا کيل ڪيا،

 

ڪونه رهيو همراهه حقاني:

آءُ، امام رباني!

منشين ملڪ ڪيو تاراج،

 

رشوت روءِ رياءُ رواج،

واڻين ويتر واء وياج،

 

در در ڪن ديواني:

آءُ، امام رباني!

ٺاهه ٺهيا ڪل ڪوڙا ڪامي،

 

پِٽيَل پَٽيل هندن جا حامي،

سورين جا ٿيا سڀ سلامي،

 

دين فروش ديّوث دڪاني؛

آءُ، امام رباني!

هي هي حاڪم بي انصاف،

 

تڏهن لڳي ٿي لچن لاف،

ڪئن ڪن ويچارا اشراف،

 

مشڪل جن جي ماني؟

آءُ، امام رباني!

ڪانهي پاڪائي پرهيز،

 

پي پليتيءَ جي پرويز،

آندي اونداهي انگريز،

 

شل ناس ٿين نصراني!

آءُ، امام رباني!

واهه وڪيلن ڦوڳين ڦوڪ،

 

ملڪن ۾ مشهور ملوڪ،

ڦوڪيا وتن ڀاڙي ڀوڪ،

 

ڏيهه تنين جا ڏاني:

آءُ، امام رباني!

هڪ ٻئي ڊگهي نظم جو شروعاتي ٽڪرو:

هنئڙي لڳي هير،

 

جا آئي عرب پار جي؛

سرهي منجهه سرير

 

هدايت هٻڪار جي؛

تا عرش ثرى تاثير،

 

آئي بوءِ بهار جي؛

جاءِ نه عطر عنبير،

 

گل ڦل ۽ گلزار جي؛

ساعت منجهه سڌير،

 

ٿي همٿ دل هوشيار جي؛

اڳري ٿي اڪير،

 

محب مٺي منٺار جي؛

تسبيح ۽ تڪبير،

 

چيم جليل جبار جي،

يا رب عليم خبير،

 

مرد مدح مختيار جي.

 هڪ ٻئي نظم جو شروعاتي ٽڪرو:

يا سيّد آءُ سچا عربي،

 

نرمل نازڪ نور نبي!

ڪل مرسل سندو تون مربي،

 

لا شرقي انت ولا غربي؛

يا عافيتي في المنقلب،

 

انت غياثي في الطلب؛

ڏس مسڪينن جي مضطربي،

 

ميگريم آ ز سبب خربي-

يا سيّد آءُ سچا عربي!

جت شرمندو شيشو جلي،

 

ڪيئن چال چڱي چئبي؟

آنجا چه سفال گلال غبي،

 

پوءِ مدح مناسب تا ڳڻبي.

جا سبب ڪرين ڪو موت سين،

 

ڪر مدح پسند عجب عجبي.

نت معاف ڪجو مون بي ادبي-

 

يا سيّد آءُ سچا عربي!

 

هڪ نظم جو شروعاتي ٽڪرو:

حمد هزار حڪيم جا، جو جوڙي عجب عجاب،

امر الستي ٺاهيائين، ۽ حڪمت سين هر باب،

مافيءَ جو محبوب هو، جهڙا گل گلاب،

ان جي حسانن کي ناهي حد حساب،

ڏات ڏنائين اهڙي، جا منجهه خيال نه خواب!

 

هڪ نظم جو ٽڪرو:

الاهي، اسلام جو ڪر عزّ وڏو اقبال!

منافق مردود ٿيا، وين خام خيال-

جن قانونن تي ڪفر جي ٿي ڪيو جنگ جدال،

ڪرسيءَ ڪاڻ ڪمينن ٿي وڌو وجهه وبال،

آهن يار يزيد جا، ۽ دوست سندن دجال:

ميران محي الدين اچي دين وڌائيو،

ڄاڻو ساڻ يقين، اجهو مهدي آيو!

الاهي، اسلام جو ڪر عزَ وڏو اقبال!

مورت ڇوڙيو مهتين، ڏيئي ڇڙن ڇال،

غازين غريبن سين، ڀلي ڪيو ڀال،

ڏکيا ڏينهن لنگهي ويا، قادر ڪڍيو ڪال،

ڏسي دٻدٻو دين جو، ظالم ٿيا زوال:

ميران محي الدين اچي دين وڌائيو،

ڄاڻو ساڻو يقين، اجهو مهدي آيو!

هڪ نظم جو وچيون ٽڪرو:

هر مجلس تنهنجي حق حڪايت،

 

اي سمنڊ سخا جا ڀلا نهايت!

تنهنجو ڪرم سوال ڪفايت،

تون آهين هادي عين هدايت،

تون آهين ابر عنايت،

نرمل نازڪ نور نبي،

 

تنهنجي امت ساڻ رعايت؛

تون هيڻن حامي حق حمايت؛

يا سيّد آءُ سچا عربي!
افضل اڪمل اشرف اڪرم-

صلي الله عليک وسلم!

سندن چيل هڪ عربي شعر جو شروعاتي ٽڪرو:

جميع المحامد لرب العباد،

ولقى على لارض و تد الجبار،

و هو يخرج الحي من ميت،

سميع بصير غفور رحيم،

على کل شيءِ قدير وڪيل،

 

علي ما هدانا سبيل الرشاد؛

و خلق السمٰوات دون العماد؛

و يخرج من الحي ميتا اراد؛

و منہ المبادي اليہ المعاد؛

حفيظ حسيب لہ الانقياد.

هڪ ٻئي عربي شعر جو شروعاتي ٽڪرو:

الاهي نحمدک حمداً کثيراً،

 

ونشکر شاکِراً شکراً وَّفيراً،

فاِنک لمۡ تَزَلۡ مَلِڪاً قَدِيۡماً،

 

حَکيِماً حاکماً عَدۡلاً قَدِيراً!

هڪ فارسي شعر جو شروعاتي ٽڪرو:

ما مقيمان شرع مختاريم،

عند ليبان بيضهء اسلام،

مرغ شارخ درخت توحيديم،

باميد دليل شرع نبي،

 

رخ بقانون دون نبي آريم.

جا بجا نو بنو بگلزاريم.

درة التاج شرع سر داريم.

فارغ ازمکر و شر مکاريم.

هڪ سرائڪي شعر جو ٽڪرو:

شابس شاهه محمد ڪون،

جيڪي هوسن حق دي حامي،

اللہ ڪيتي هين انعامي،

 

جنهه خوار ڪيتا خر مرتدڪون!

جڳ تنان دا سڀ سلامي؛

دين ايمان بهشت تمامي:

ملسن برڪت بيحد ڪون-

شابس شاهه محمد ڪون!


1  صفت صنعت جامع – اولاً هر کلمه را که خواهي ازو اخذ وصال حضرت قدس سره بنمائي اعداد همون کلمه را چهار چند کن و يک برو اضافه کن بعده در ده ضرب ده، و از ماحصل بيست طرح کن. آنچه باقي ماند او را ضرب ”اسلم“ (131) ده، و در ماحصل پنج اضافه کن – تا سال وصل ميرهين گردد.

(1)  اشاره باسم شريف – در ”حالم“ اعدادِ ”هديٰ“ زياده کرده شود، ”حليم“ مي بود.

*  هيءَ تاريخ هن طرح آهي ته پهرين لفظن – مثلاً ”هاحزن“ – مان 71 نڪري ٿو، ۽ ”آن مطلع سر ولا رفت از جهان“ مان 1244 نڪري ٿو، ۽ سڄيءَ سٽ کي گڏڻ سان 1315 نڪري ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com