سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :26

نور محمّد خان جمالي

خليفو محمّد خان جمالي

اسان جي سنڌ سڳوريءَ ڪيترن ئي بزرگن، شاعرن، سگهڙن ۽ سالڪن کي جنم ڏنو آهي، جن مان جناب مرحوم خليفو محمد خان، ولد غلام محمد خان، ولد مراد علي خان، ولد در محمد خان، ولد مهر علي خان جمالي بلوچ هڪ سچو سالڪ، عالم، درويش ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. خليفو صاحب، تاريخ 5 جمادي الاول سن 1274 هجريءَ ۾، ڳوٺ ميوي خان جمالي تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو. کيس ننڍي هوندي کان پڙهڻ جو گهڻو شوق هوندو هو، مگر جيئن ته ان وقت ڳوٺن ۾ مدرسا پري پري هوندا هئا، ۽ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪئين مشڪلاتون درپيش هيون، تنهنڪري سندس مائٽن کيس مال چارڻ تي ڇڏيو. هڪ ڀيري سندس ڳوٺ ۾ حضرت پير صاحب جناب رشيدالدين شاهه جهنڊي وارا تشريف فرما ٿيا. خليفو محمد خان به ٻين ڇوڪرن سان گڏجي پير صاحب جي زيارت لاءِ ويو، جنهن تي سندس والد کيس مال جهنگ ۾ ڇڏي اچڻ تي ڪاوڙ ڪئي، مگر پير صاحب جن خليفي صاحب جي نماڻائي ۽ نهٺائي ڏسي سندس والد کي روڪيو، ۽ کيس پڙهائڻ لاءِ تاڪيد ڪيو. ان کان پوءِ جلد ئي خليفي صاحب کي ڏهن ورهين جي عمر ۾ قاضي جان محمد جماليءَ وٽ، ڳوٺ ميان جان محمد جمالي تعلقي هالا جي مدرسي ۾، پارسي – عربي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو، جتي ڳچ عرصي پڙهڻ کان پوءِ مدرسي ”ملاڪاتيار“ جي بزرگ ميان ولي محمد صاحب جن وٽ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، جتان گهڻو ئي پرايائين. پاڻ ٽيهن ورهين جي ڄمار ۾، پير صاحب رشيدالدين جن جي فقيريءَ جي واکاڻ ٻُڌي، سندس زيارت لاءِ ڳوٺ پير جهنڊي ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي سندس دل ۾ اهو خيال آيو ته سندس مقبرو ڪنهن موزون جاءِ تي هجي. جڏهن پير صاحب جن جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن رواجي خوش خير عافيت کان پوءِ دوران گفتگوءَ ۾ پير صاحب جن خليفي صاحب کي مخاطب ٿي چيو ته ”گهڻن ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته سندن مقبرو ڪنهن موچاريءَ جاءِ تي هجي، مگر اسان جو ارادو آهي ته اسان جي قبر عام رستي تي هجي، جتان ماڻهن جي اچ وڃ گهڻي هجي“. خليفو صاحب پنهنجي ارادي ظاهر ڪرڻ کان سواءِ پير صاحب جن جو جواب ٻڌي، سندس مريد ٿيو ۽ اتان ئي خليفي جو لقب عطا ٿيس.

خليفو صاحب پوءِ ڪيترو ئي عرصو پير صاحب جي صحبت ۾ رهي گهڻو فيضياب ٿيو. ڪجهه وقت اتي رهڻ بعد، پنهنجي علم کي ٻين تائين پهچائڻ ۽ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ لاءِ، ڳوٺ علي بخش خان پٺاڻ تعلقي هالا ۾ بنا ڪنهن اجوري جي پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيائين. ڳچ مدت اتي تعليم ڏيڻ کان پوءِ، پنهنجي ڳوٺ ”ميوو خان جماليءَ“ ۾ اچي مدرسو کوليائين. کيس خداوند ڪريم ظاهر ۽ باطن جو علم عطا ڪيو هو، جنهنڪري ڪيترائي طالب علم پري پري کان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس ايندا هئا. سٺ ستر شاگرد هميشہ وٽس رهندا هئا. پاڻ سخي مرد هو. ڪجهه ٽُڪر زمين آباد ڪرائي، ان جي پيدائش غريبن ۽ مدرسي جي حوالي ڪندو هو. خليفو صاحب نهايت ئي بااخلاق ۽ شريعت جو پابند هو. ڪنهن سان به حب يا بعض خدائي ڪمن لاءِ رکندو هو، ۽ سڄي زندگيءَ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ سان شخصي ڪمن لاءِ دوستي يا دشمني نه رکيائين.

شروعات ۾ سندس طريقو ’نقشبندي‘ هو، جو درگاهه ملاڪاتيار جي بزرگ وٽان ورتو هئائين؛ ۽ بعد ۾ سندس طريقو ’قادري‘ هو، ۽ پڇاڙيءَ تائين سندس طريقو قادري رهيو. خليفو صاحب، آسپاس ٻين ڳوٺن يا سندس راڄ ۾ ڪٿي به ڪن ڌرين جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿيندي هئي، ته پاڻ هلي وڃي انهن جي ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. خدا جي فضل سان اڪثر پنهنجي ارادي ۾ ڪامياب ٿيندو هو. جيڪڏهن اتفاق سان ڪا ڌر فيصلي کان نٽائيندي هئي، ته پاڻ انهيءَ ڌر کي نصيحت ڪندو هو ته ’ٻئي ڪنهن جي چوڻ تي اوهان ٺهندا، ته اهو به اوهان جو مون تي احسان آهي.‘ نه رڳو ايترو، پر هڪ دفعي سرڪاري ڪورٽ ۾ سندس والد ۽ ڀاءُ جي مخالف ڌر سندس شاهدي وڌي. خليفي صاحب جي شاهدي ڏيڻ جي حالت ۾، سندس والد ۽ ڀاءُ مجرم ثابت ٿيا ٿي، مگر پاڻ حق جي گواهي ڏيڻ ۾ ماسو به نه مُڙيو، ۽ مئجسٽريٽ، خليفي صاحب جي سچائي ڏسي، سندس عزيزن کي معافي ڏني. پاڻ اهڙو ته رحمدل هو، جو هڪ ڀيري پنهنجي پوک تي ڪانن جي بند کڻڻ لاءِ هڪڙو شاگرد ساڻ ڪري ويو؛ جڏهن ٻنيءَ تي پهتو، ته ڇا ڏسي جو ڪو شخص سندس ڪانا چوريءَ پيو کڻي؛ پاڻ ان کي ڏسي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪي ويٺو، ۽ جڏهن چور ڪانا کڻي ويو، تڏهن ظاهر ٿيو. شاگرد کانئس انهيءَ جو سبب پڇيو، تڏهن چيائين ته ”جي اهو چور مون کي ڏسي ها، ته شرمسار ٿئي هئا، ۽ سندس دل ناراض ٿئي ها ان لاءِ آئون لڪي بيٺس، ته ڀلي هو پنهنجو مطلب پورو ڪري وڃي“: مطلب ته انسانيت، سخاوت، ڪرامت ۽ عبادت جا سڀيئي گڻ منجهس موجود هئا.

خليفي صاحب جا هٿ – لکيل ڪتاب گهڻا ئي هئا، جن مان نقلات جناب پير سائين جهنڊي واري جو، مدحيات جناب نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم، خطبات ۽ مولود شريف، غزل، ڪافيون، مناجات، لوليون وغيره، سيپاره عم جو ترجمو تفسير، توحيد نامو، ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب هن وقت پير سائين جهنڊي واري جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن.سندس شعرن مان نموني طور مختصر شعر هيٺ ڏجن ٿا. شعرن ۾ تخلص ”خليفو، ڪم آندو اٿس؛ ڪٿي پنهنجو نالو ”محمّد“ به ڄاڻايو اٿس، ته ڪٿي ”جمالي“ ظاهر ڪيو اٿس.

ڪافي

مديني هلڻ جو آهي روح رايو،

سنڀر ساٿ ويڙو، سهي ڪر تون سعيو-

1-

ڏاڍو ذوق زاري،

 

هلي ڪر هچاري،

 

وتين ڇو ويچاري،

 

پري پير پايو.

2-

اکين ڪاڻ غريبن،

 

ڇڏيو تاب تربين،

 

سدا منجهه سربين،

 

چڱو رڻ چتايو.

3-

روضي پاس روئي،

 

دغا ڇڏ تون دوئي،

 

شر ۽ شرڪ سڀوئي،

 

ڪڍي ڪُوڙ ڪايو.

4-

روضي پاس راحت،

 

سدائين صلاحت،

 

مُٺي سا ملاحت،

 

حرم ۾ هلايو.

5-

خالي ڪر، ”خليفا“،

 

لعلڻ ريءَ لطيفا،

 

ساري ڏس صحيفا،

 

اندر يار آيو.

 

خطبو

ساراهيان سبحان کي،

 

هر دم صفت حنان کي،

مالڪ مٺي منان کي،

 

وصفون وڏائيءَ جون وَتر.

 

 

 

موليٰ نبي ان مان مڪا،

 

مرسل مڙيئي جي هئا،

داور ڌڻيءَ سڀ ڌُئا،

 

انسان آدم جا پسر.

 

 

 

محمد مٺو منٺار ٿيو،

 

امت سندو آڌار ٿيو،

ياور يتيمن يار ٿيو،

 

آگي گهرايو عرش بر.

 

 

 

فائق مٿي فرقان ٿيو،

 

’امرون‘ جو احسان ٿيو،

مجمع منجهس فرمان جو،

 

روزا نمازون حج ڪر.

 

 

 

ضايع م ڪر تن مان ذرو،

 

ماڻين متان دوزخ ترو،

ڏينهڙو ايند ئي ڏاڍو ڳرو،

 

هٿڙا هڻندين هي حشر.

 

 

*

هي پند ناصح جي سڻو،

 

دل گوش ۾ تنهن کي ڌڻو،

ميوا جنت چستون چڻو،

 

حورون هزارين ڪئين اپر.

”محمد“ چڱو ماڻهو چئين،

 

ڪهڙا ڪبيرا تون ڪرين،

واڌو ڪنان انهيءَ سئين،

 

بيحد گهڻا بسيار تر.

رحمت ڀريا تون راحمين،

 

آگا الٰہُ العالمين،

ڪر محو مهرون مون ڌڻي،

 

جيڪي بديون جنهن جون بتر.

اميد رحمت ۾ رکان،

 

توڙي گنهه ڪيڙم لَکان،

لذت شفاعت جي چکان،

 

من ڪِي ملان محبوب در!

 

بيت

ڏيرن چيس ڏور، ڪيچ پراهون پنڌ،

جان رڙهي کنيم رند، ته وک نه پوري واٽ ٿي.

 

لولي

(خليفي صاحب با پياده ٻه حج ڪيا، ۽ مڪي شريف مان مديني منور ڏانهن ويندي جيڪي منزلون ڪيائين، تن جو احوال هن لوليءَ ۾ ظاهر ڪيو اٿس.)

بسم الله سين هل تون بندا،

منهن رک مديني ڏي مندا،

صلوات پڙهه تون گولا گندا،

بلڪل گهڻي بسيار تر.

هل تون هلون محبوب ڏي،

من جي مٺي مطلوب ڏي،

مڙنيان وڏي مقصود ڏي،

سردار سڀني سر بسر.

ماءُ پيءُ ڪنا مشفق وڏو،

عاصين سندو آهي اَڏو،

جيئڙو جنهين لاءِ جڏو،

سنگت ڪري تنهن سين سڀر.

منت خدا جي ٿي گهڻي،

ڪئين ڪرم ڪيا قادر ڌڻي،

مڪي منجهان منزل کڻي،

منهن رک مديني مانور.

تُرتان لنگهيا تعظيم کان،

عارف پڙهن عمرا جتان،

راهي مديني ره ٿيا،

جانب ٽڪي جنهن جاءِ در.

صرف ۾ سهماڻي پڙهي،

چالاڪ ڪر چستان چڙهي،

ڪر قافلو قصدان ڪڙهي،

جهاڳي لڪيون جهولا اپر.

مرطهران مان ڪري منزلُن،

وادي فاطمه جنهن کي چون،

نديون نهراني جِت وهن،

عينون وڏيون ارشادور.

بير مناري جي هلي،

فجر پرهو مهرون ملهي،

اهڙي نه ڪا آهي ڀلي،

واٽن منجهان واڌو ڪثر.

عارف اچو عينان تي،

چئن يارن سندا کوهڙا جتي،

ترتؤن ٽڪي تهدل تتي،

منزل کڻو موٽي مگر.

قرآن واديءَ ۾ ڪهي،

بدوين منجهان بهرا لهي،

صالح سڳوري وٽ سهي،

قربؤن رسيا ڪشي ڪمر.

آيا هلي اڪليس ۾،

دلبر سندي سڀ ديس ۾،

پرسن ڇڏيا پرديس ۾،

پنهنجا برادر ڪئين پسر.

ڪاهي رسون قديد کي،

نوري نديون آهن جتي،

مڪتب پڙهي تهدل تتي،

خرم خطابي خوش سير.

شيخ حامدي وٽ هلي،

مهرون رسيا مڙيئي ملهي،

آهي سخا جنهن جي ڀلي،

خدمت ڪري خوش نام تر.

ڪليا مٿي ڪاهي رسون،

رابق لنگهي رڻ ۾ هسون،

پنهنجا پرين پارس پسون،

جهاڳي لڪيون جهولا اپر.

بير مستور تي منزل ڪري،

ڪاهيو ادا ڪيچين ڳري،

پر تان پرين ناهن پري،

جان تون کڻين سڪ جو ثمر.

شيخ البير تي شل مان رسان،

پنهنجا پرين پارس پسان،

هوتن ڏسي هردم هسان،

شمعون پسي ٿيان شادتر.

صفرا منجهان ساهي ڪري،

هل تان هلون دوستن دري،

وارث ولين من وري،

حميرا منجهان هل هوت در.

وادي جديدان ۾ جڙي،

سنگت سندي صحبت پڙي،

محبن ڪنان دل نه مڙي،

شڪرانا ڪئين شاديون شهر.

بير عباس تان بهرا لهي،

سهڻي هلي سنگت صحي،

روما مٿي ڪاهي ڪهي،

سڀني سانداريون ڪيون سڌر.

بير شريف تي حاجي هلو،

منزل ڪري تنهن کان ملهو،

روما مٿي ڪاهي ڪهي،

سڀني سانداريون ڪيون سڌر.

بير شريف تي حاجي هلو،

منزل ڪري تنهن کان ملهو،

آهي جتي کوهڙو ڀلو،

مهندا جنهين مجنون بر.

مجنون لنگهي مهرون ميان،

ڌر تون منارن تي ڌيان،

شر شور ويو شاد جان،

الحمد چئو الفؤن اپر.

لطفان لنگهي بيرالعلي،

ترسون متان تڪرار جي،

مون کي مديني پار جي،

آهي اُڪنڊ ارشاد ور.

پيهي مديني ۾ ملهي،

جمعو پڙهون جو دؤرن هلي،

جت آهي وارث ۽ ولي،

سردار سڀني جو سڌر.

گهوري هيس جنهن گهوٽ کي،

عربي مِٺي اڻموٽ کي،

آيس هلي تنهن ڳوٺ کي،

جنهن ۾ ٽِڪي منهنجو جگر.

من جون مرادون مون پنيون،

ابليس جون اکڙيون رنيون،

ڀوري نفس جون ڀڳيون ڪنيون،

خوش ٿي ڏٺم خيرالبشر.

ڪريو زيارت ذوق مان،

شب روز شاديون شوق مان،

ترتان ڪريان هلي طوق مان،

بيزار پاڙوسين پڌر.

روضي اڳيان روئي چوان،

دل جي دغا ڌوئي چوان،

صادق اڳيان موٽي چوان،

دل جو غرض دارين در.

’سيد مٺا سڻ تون سدا،

گولو ڪري تو در گدا،

’انبار عاصين ٻڌا،

بخشش گهران تن جي بدر.

’ويئي وهي منهنجي ونگي،

اوجهڙ عمر ڪيم ڏنگي،

’رهبر رسين تو در رنگي،

سڏڙا سڻج منهنجا سڌر.

اڳواڻ تون اونڌن سندو،

مالڪ سدا مونڌن سندو،

’گنجو گرو جيڪو گندو،

آهيو اوهان پارس پڌر.

’حامي اچو مئي ڏي هلي،

محب ماندي ڏي ملهي،

ڳولي جهليم اوهان جي ڳلي،

جڳ ۾ چئي ”جمالي“ چئي جمر.

’هيڪر گهران هيڪاندگي،

مشفق مديني ماندگي،

’روضي اڳيان رساندگي،

ڪلمو ڪهي ٿيان منجهه قبر!‘

خليفي صاحب ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾، تقريباً 1918ع ۾ وفات ڪئي. سندس والد به ساڳئي ڏينهن، ساڳئي وقت تي رضا ڪئي. چون ٿا ته ڪانڌين پهريائين خليفي صاحب جي جنازي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر کٽ اهڙي ته ڳري هئي، جو ڪانڌي ان کي زمين تان به چوري نه سگهيا: گهڻيءَ سوچ کان پوءِ ڪانڌين پهريائين سندس والد جو جنازو کنيو، ۽ بعد ۾ خليفي جو، جنازو آسانيءَ سان کڄي آيو. کيس تاريخ 27 صفر 1337 هجريءَ ۾، ڏينهن سومر جي، ”دوس پير قبرستان“ ۾ دفن ڪيو ويو.

 

عبدالحڪيم پلي

مرحوم خليفو ڇٽو

خليفو ڇٽو، ولد خليفو قابل، ذات پلي، ڳوٺ سگهه تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. سندن شجرو هن ريت آهي: خليفو ڇٽو، بن خليفو قابل، بن ڇٽو اول، بن رتو، بن عزاءالدين، بن محبو، بن نورالدين، بن اويس، بن عبدالحميد، بن درس پلي ساڳرائي. درويش عبدالحميد، سيد شاهه عنايت رضوي نصرپوريءَ جي يارن مان هو. عبدالحميد  ۽ درويش پليءَ جو احوال، مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجي تصنيف تحفةالڪرام“ ۾ لکيو آهي.

خليفو ڇٽو مرحوم، سن 1275 هجريءَ ۾، ڳوٺ سگهه ۾ تولد ٿيو هو. ابتدائي تعليم پنهنجي ناني مولوي لائق ڏني وٽ شروع ڪيائين. قرآن مجيد جا ٻاويهه پارا، حافظ ابراهيم هاليپوٽي (ويٺل کپرو) وٽ ياد ڪيائين. اهو حاجي ابراهيم، حافظ سيد علي محمد شاهه دائري شريف واري جو تلميذ رشيد هو. فارسيءَ جا شروعاتي ڪتاب، حاجي گل محمد رند وٽ پنهنجي ڳوٺ واري مڪتب ۾ پڙهي، وڌيڪ فارسي وڃي مولوي محمد پٺاڻ، ڳوٺ سيد علي حسين شاهه تعلقي ميرپور خاص واري، وٽ ختم ڪيائين- جتي حاجي ابراهيم دَل، مصنف ”عمر- مارئي“، ۽ حافظ محمد عالم پلي شاعر سندس هم – سبق هوندا هئا، ۽ ڪجهه وقت مولانا قِرآني صاحب جن به اتي تعليم ورتي هئي.

چون ٿا ته ميان محمد عليءَ جا سڀ شاگرد خوش خوشخط ۽ گهڻو ڪري شاعر هئا. خليفو ڇٽو به نهايت اعليٰ درجي جو خوشخط ڪاتب هو. قلم تراشڻ ۾ سڀني شاگردن ۾ پهريون نمبر هو: اهڙو ته باريڪ قلم تراشيندو هو. جنهن سان سورت ’ڪوثر‘ نر – انگشت جي ننهن تي مڪمل لکي ويندو هو، ۽ چانور جي داڻي تي ڪلمو شريف اهڙيءَ صفائي سان لکي ويندو هو، جو هرڪو سالم نظر وارو پڙهي ويندو هو. ازانسواءِ، حسابي ڪمن ۾ به نهايت ڀڙ برجستو هوندو هو. هندي، سنڌي ۽ گجراتي اکر به ڄاڻندو هو. زبان سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ قدري پشتو به ڳالهائي ويندو هو.

طريقي سهروردي ۾، خليفو صاحب، حضرت غوث عالم شيخ بهاء الدين زڪريا جي وڏن خليفن مان هو. سندس بيعت ملتان جي سجاده نشين حضرت مخدوم بهاول بخش سان هئي.

ڪتاب ”ذڪر العارفين“ (سنڌ جي سهروردي مشائخ جي احوال ۽ ڪرامات ۾ لکيل)، مسئلي ’آخر ظهر‘ بابت هڪ رسالو فارسيءَ ۾، شعرن جو انتخاب، ”ڪنز الاشعار في ڪلام الهيار“ (جنهن ۾ سنڌي مداحون، ڪافيون، بيت ۽ غزل هئا، ۽ ڪي فارسي غزل به هئا، ۽ جن مان ڪي اخبار ”مفرح القلوب“ ۾ به ڇپايل هئا) – اهي سندس سڀ ڪتاب هن وقت سالم حالت ۾ نه آهن.

سندن همعصرن مان حاجي ابراهيم دَل، فقير پاهڙ دَل ۽ حافظ محمد عالم سندن دوست ۽ صحبتي هئا. پاڻ شعر جي اصلاح حاجي گل محمد رند ۽ مرحوم ”مخلص“ کان وٺندا هئا. منٺار فقير راڄڙ به سندن صحبتي هو. شمس الدين ”بلبل“ سيد غلام محمد شاهه .گدا“ ۽ سيد فاضل شاهه ”فاضل“ سان به سندس رستو هوندو هو. مرزا قليچ بيگ ۽ ميان محمد يوسف مختيارڪار (سردار يعقوب خان جو ڀاءُ) سان به روحَ رهاڻيون هيس.

پنجاهه يا ٻاونجاهه ورهين جي عمر ۾، خليفو صاحب، هڪ قلندر فقير سيد قادر بخش سهروردي هالويءَ جي صحبت ۾ دنيا کي ترڪ ڪري، پنهنجي وڏي زمينداريءَ (ڇهه – ست هزار ايڪڙ زمين) ۽ ڪاروبار کي ڦٽو ڪري، ياد الاهي ۾ مشغول ٿي ويهي رهيو. هن عارف ڪامل جيڪي پِيريءَ ۽ ظهيريءَ ۾ مجاهدا ۽ رياضتون ڪيون، سي ڪنهن جوان کان به شايد ٿين. تزڪيهء نفس ۽ چلئه – ڪشيءَ جو هي حال هو، جو ساري رات فقط هڪ تڏي تي بنا ٽيڪ قبله – رو ويٺو ’الله الله‘ ڪندو هو؛ ٽئي ٽئي ڏينهن ٻاجهريءَ جي مانيءَ جو پاروٿو ٽڪر کائيندو هو (ڏندن جي ضعف سبب اهو ٽڪر، پاڻيءَ ۾ پسائي، نرم ڪري کائيندو هو). حالانڪ مهمانن لاءِ ٻوڙ پلاءُ تيار ٿيندو هو، ليڪن پاڻ ترڪ دنيا بعد ڪڏهين به اهڙي روغني غذا پيٽ ڀري نه کاڌائين. ڪڏهن ڪڏهن سَڪر جي حالت ۾ اهڙو محو ٿي ويندو هو، جو ساري رات ۽ سارو ڏينهن اصل چرندو به ڪين هو، ۽ جيئن گريبان ۾ ڪنڌ وجهي ويهندو هو، تئن اتي ئي ويٺو هوندو هو. ڪنهن ڪنهن وقت خوف الاهي سبب اهڙو ته ڇرڪ پوندو هوس، جو پٺيءَ ڀر وڃي ڪرندو هو. سيد حاجي علي اڪبر شاهه نقشبنديءَ مٿس ٻه ٽي دفعا توجهه ڪيو، ليڪن ڪو به اثر ڪونه ٿيو. پاڻ هڪ سيد پوليس واري تي توجهه ڪيائون، جنهن جي قلب مان بروقت اسم ذات جاري ٿي ويو.

هر ڪنهن مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي ڪو چوپايو جانور يا ديڳ ٻه ڀَت جي خيرات ڪرائيندو هو. ترڪ دنيا کان پوءِ نه ڪنهن سِڪي کي هٿ لائيندو هو، ۽ نڪي نئون ڪپڙو بدن تي ڍڪيندو هو؛ نه وري ڪڏهين پنهنجي پُٽ يا ڪاروباري ماڻهن کان پنهنجي اخراجات لاءِ ڪجهه فرمائش يا خواهش ڪيائين: سڀ ملڪيت پنهنجي پٽ کي کاتو تبديل ڪري ڏيئي ڇڏي هئائين.

پلي قوم کان سواءِ، ڀرپاسي جا هندو خواهه مسلمان، خليفي صاحب جو نهايت ادب ۽ تعظيم ڪندا هئا. الله تعاليٰ سندس زبان کي قبول ۽ سيف ڪيو هو.

خليفو صاحب مرحوم، تاريخ 4 شعبان سن 1338 هجري، رات جو ڏهين بجي، زبان ۽ قلب سان ذڪر تحليل اچاريندي، وڃي اعليٰ عليين ۾ آرامي ٿيو. سندس مقبرو مقام سامڙجي تعلقي کپري ۾ آهي. شعر ۾ سندس تخلص ڪٿي ”درس“ ۽ ڪٿي ”الهيار“ آهي.

 

س.ڪ. جمالي

ڪيهر فقير جمالي

 

فقير صاحب، سن 1880ع ۾، ڪنب ليمان شهر جي ويجهو گوٺڙي ۾ ڄائو. سندس والد کيتي ڪندو هو. غربت ۽ علم سان چاهه نه هئڻ ڪري، فقير صاحب تعليم حاصل ڪري نه سگهيو.

هڪ دفعي کيس اسڪول ۾ به ڇڏيو ويو، پر هو پنهنجي چلولائيءَ ڪري ڪجهه به پڙهي نه سگهيو. ننڍي هوندي ئي کيس دنيا جي بادشاهن جي روش، ڪورٽن جي فيصلن ۽ دنيا ئي ماڻهن جي روز مرهه جي معاملات تي ڏاڍو ويچار ۽ تعجب لڳندو هو. هو ڪڏهين خيال ڪندو هو ته دنيا ڪيئن ٿي هلي، ته ڪڏهين وري درويشيءَ جا پُور پوندا هئس ته وڃي ڀر واريءَ ڀٽ تي پنهنجي الله کي نويڪلائيءَ ۾ ياد ڪندو هو. انهن ڳالهين هوندي به هن دنيا جي دامن کي نه ڇڏيو.

فقير صاحب، جوانيءَ جي ڏينهن ۾ اوڏن جو هڪڙو لڏو فقير صاحب جي ٻنيءَ جي ڀرسان اچي لٿو. ان لڏي ۾ هڪ حسين جوان ڇوڪري پڻ هئي، جا پنهنجي جوانيءَ، ارڏائيءَ، چلولائيءَ ۽ نٽ نخري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي، تنهن فقير جي چيتي کي چرخ ڪري ڇڏيو. آخر اهو وقت آيو جو اوڏن جو لڏو رخت ٿي ويو. فقير صاحب پنهنجي محبوب جي جدائيءَ ۾ اتي ئي ويهي رهيو. آخر ڳولي ڳولي ٽئين ڏينهن کيس ڳوٺ وٺي آيا، ليڪن سندس هوش سالم نه ڀانيائون. ڏاڍو ڏک ٿين ته خدا ڄاڻي ڇا ٿيو اٿس – پر برهه جي بيمار جي ڪنهن کي خبر! ماڻهن طبيبن جا ڏس ڏنا، مگر فقير صاحب خود هيٺيون بيت چئي اٿي ويٺو ته

”عشق هن زماني جو، ڪوڙو ۽ ڪارو،

ظاهر ٿئي ته ضرر ۾، پوي ملڪ سڄو ئي سارو،

ڏيندين ته وڻندين، نه ته چوندئي وٺ چارو،

توڙي گهر لٽائي سارو، ته به قدر ڪونهي ’ڪيهر‘ چوي.“

[ان ڏينهن کان وٺي فقير صاحب جو ڏاڪو ٿڙي ويو، ۽ هو جهر جهنگ، ڳوٺ شهر، هر هنڌ بيت ۽ ڪافيون چوندو وتندو هو. پوءِ ته فقير جي ڪلام جو خزانو گهڻو ئي ٿي ويو. جو اسان گڏ ڪري فقير جي اجازت سان ڇاپائڻ جو خيال ڪيو، ۽ ڪوشش ڪري سڀ بيت، غزل وغيره هن ننڍڙي ڪتاب ۾ داخل ڪيا اٿئون، جي اميد ته پڙهندڙن لاءِ خوشيءَ جي خوراڪ ثابت ٿيندا. اسين فقير صاحب جا شڪر گذار آهيون، جو هن صاحب تڪليف ڪري ويهي اسان کي بيت لکايا آهن.

عاشق

عاشق سڏائين، دک پرائين، تون مچ ڏسي مَ مُڙ،

وڍي ٽڪي ماس لڱن تان، ”ڪيهر“ ڪني ۾ ڪڙهه،

وڏائي اٿيئي وڙ، مر ته مان مٽي ٿئين.

 

 

چوڏهون سن

 

چوڏهين زماني ۾، چڱا مڙس ٿيا چور،

عزت ويچاري اَڀري ٿي، گڏهيون چَرن گور،

وؤڻن کڻي وڏيرا ڪيا، اڳواڻ جن جا اَٺور،

دريافت منجهه داڻو نه ڏسان، ڏڦو ڪلهي تي ڪُتا ۽ سور،

اصلي وڃي آرامي ٿيا، نقل پيدا ٿيا نور،

”ڪيهر“ ڏک نه ڏور، متان سچ چوڻ ۾ ساهي ڪرين!

*              *      *

ڪهڙو ڏوهه زماني جو، گهر گهر ٿيو چور،

پوئنر منجهه پاڻي نه ڏسان، مرد لڏي ويا مور،

جتي عدالتون اميرن جون، اتي سانباها ڦرن سور،

جتي دونهان درويشن جا، اتي هڪل نه ڏسان هور،

مولوي به مطلبي ٿي پيا، قاضي به ڪَنَ – ڪور،

جتي علم وارا اڪابر هئا، اتي نانگا ڏسان نور،

ڪلنگن ڪينجهر ڇڏيو، شَڪر! ڪن شور،

ڪبوتر ڪالهه لڏي ويا، ڏسي ٽيٽهرن جا ٽور،

ڳوٺَ وڙهيو ڳيرا ٿين، چوڌاري چور پچور:

”ڪيهر“ ڏک نه ڏور، متان سچ چوڻ ۾ ساهي ڪرين!

*              *      *

چوڏهين زماني ۾ خلل وڏا، ۽ خونَ ڏسان ٿو؛

موچارا مارجي ويا، دريافت وري ڪونه ڏسان ٿو،

رشوت راڄ ڦري ڇڏيا، ملڪ سڄو ئي دون ڏسان ٿو،

جتي پوليس جو پير نه هو، اتي ڪامورن جا ’رون‘ ڏسان ٿو،

- گشت

حڪومت حال هيڻو ٿيو، عاشقن جي اندر ۾ اون ڏسان ٿو،

لڏيندي سون ڏسان ٿو، پِتل اچي پير کوڙيا!

*              *      *

پِتل اچي پير کوڙيا، هر ڌات پيو هلي،

ڪمپٽ ڪٽ ڪافور گڏجي پيا، چاندي ڪين چلي،

نوٽ ۽ کوٽ اکر هيڪڙو، ڪوڙو پيو چلي،

”ڪيهر“ ڪنهن سان سور سلي، گِلٽ وري گڏهه سوار ٿيو.

 

پرين نه آيا

اَن مهانو، آيا نه پرين، وسري وين وار،

سهانگ ۾ ڏيئي سور پرايم، جڏهن کڄي ويئي ٻار،

ڏڍم اگهه اکين سين، پوءِ نيڻ وهايم نار،

وڃائي پتڪار هاڻ، ”ڪيهر“ پڇين ڪڻڪ کي!

 

پوکڻ جا ڏينهن

پوکڻ ڏينهن تو وڃايا، هاڻ اُڌارا ڏيندءِ ڪير،

جڏنهن ڪڙمين ٿي ڪاهيو، تڏنهن پٽ تي نه کوڙيئي پير،

ٻج ڇَٽڻ وارا ڏينهن، ٻروچ چئي، تو غفلت ڪئي گير،

ساٿ ڀري سوير، داڻا داخل ٿيا وڃي دِڪي تي.

*              *              *

 

پوک پوکج مندائتي، متان ٻج وڃائين،

ٻارا ٻنا ٻڌ سولا، متان ڪر ڪاهين،

مٿاهين تي پاڻي مور نه مري، متان ابتا اَڏ وهائين،

سوگهو ٿي سلي تي، متان ڀڄندي ڀيلائين،

”ڪيهر“ قرض لاهين، پوءِ رند به ايندءِ راهه تي.

*              *              *

پوک پوکج مندائتي، متان سانوڻ وڃائي پرائين سُور،

ٻائڙ ڏينهن ٻه ٽي ڦري، چڪرو به ٿيندءِ چُور،

بڊي ۾ بار کڻندا پکي، ويندا پهرين ئي پور،

پڪو ٿي ويهه پيهي تي، متان ٻوڙي چٽي وڃئي ٻور،

کَنڌا کڻي خان خوش ٿئين، زميندار به ايندءِ ضرور،

مجيري اڳيان منهن ۾، متان قرضي ڪنئي ڪُور ڪُور،

موڳا اهو مذڪور، هنڊاءِ ته ’هاري‘ سڏجين!

*              *              *

هاري سڏائين ته هوش ڌر، ريت ڪڙمت جي رهاءِ،

ساڙي ڪهڙ صفا ڪر، ڍنگهر ڇڏائي پير ڊاهه،

هر پنجاريءَ هوش ڪر، لکين ايندئي لاهه.

پچي وڃي ته پيهو وجهه، ڪانءَ ڪٻر اُڏاءِ.

لابارو پوي ته لهي وڃي، سنگ سرڪي سنڀاءِ،

مجيريءَ سين مقابلو، ٿيندو سنجهه صباءِ،

بٽئيءَ ڏينهن بلوچ چئي، توکي ايري وارا چوندا آءِ،

ٽويو پئي ته ٽڙي وڃي، هاڻي ليکو تون لاهه،

”ڪيهر“ ڪاهو ڪاهه، ته اڳ کاڌي کان اڪرين!

پچي ويئي پوک، پيهو پوءِ پيو،

جهٽ پٽ جهار لڳي، وهيو اڏامي ويو،

لابارا لهي ويا، هيڻو حال ٿيو،

ڳاهه به ڳهي ويا، پتو پوءِ پيو،

وائر وارا ويسرا، انّ اڇو نه ٿيو،

جڏنهن مجيريءَ ميو، تڏهن قرضي ڪڻا کڻي ويا!

*              *              *

ڪاٻاڙو ڪهنو ٿيو، چڪر ڪين چُري،

مئا مڙي ويا، ڪاڃڻ پاڻ ڪري،

پڙاٺيون پائمال ٿي ويون، ڳاڌي ڳڻتين ۾ ڳري،

نيسر پاڙڇا نڌر ٿيا، ٻائڙ اڏ نه ڀري،

ڦرهيون اوڀارا ڦٽي ويا، ونگ تان ڪين وري،

پيو لابارو لوٽن ۾، مالهه مور نه تري.

هاڻ ”ڪيهر، ڇا ڪري، پاڻي موٽي ويو پوئتي.

پيريءَ کوڙيا پير

ڏند کائي ڏاٺ ويا، پيريءَ کوڙيا پير،

چٻاڙڻ وارا چور ٿي ويا، گرهه تي لڳي گير،

کارڪ ۽ ڏونگهيءَ لاءِ هنيون کامي، ٻروچ ويا ٿي ٻير،

هاڻ ”ڪيهر“ پڇندي ڪير، تنهنجا مٺاڻ کائڻ وارا ملڪ ڇڏي ويا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com