سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :43

فقير”سرشار“ سروري

 

جناب مخدوم محمّد ”طالب الموليٰ“

مخدوم محمّد زمان، بن مخدوم غلام محمّد، بن مخدوم ظهيرالّدين پريل ڄام، بن مخدوم امين محمّد عرف پکن ڌڻي، سجاده نشين حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمة الله عليہ صديقي سهروردي، درگاهه سروري، هالا، سنڌ جي برگزيده هستيءَ ۽ مشهور ولي الله حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمة الله عليہ جي اولاد مان آهن، جو خليفهء اول حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ جي اولاد مان هو. انهيءَ خاندان مان مخدوم فخرالدين صغير پهريون بزرگ هو، جنهن چوڏهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري سنڌ جي قديم شهر ”هاله ڪنڊي“ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جو هاڻي پراڻا هالا سڏجي ٿو. ساڳئي زماني ڌاري، متعلوي ساداتن جي جد اعليٰ سيد حيدر شاهه بن سيد مير علي پڻ تيموري فوجن سان گڏ هرات کان اچي هاله ڪنڊيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي، جنهن جي نسل مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ آهي. مخدوم فخرالدين صغير، مخدوم نوح رحمة الله عليہ جي ڏاڏي مخدوم اسحاق جو ڏاڏو هو. حضرت غوث الحق مخدوم نوح جو زمانو 1506ع کان 1590ع (911 هه – 998 هه) آهي. سندن زماني ۾، ڌارين ارغونن جي تسلط هيٺ اچڻ سبب، ۽ همايون جي ڀاڄ ڪري ان جي فوجن هيٺ لتاڙجڻ سبب، سنڌ جي مسلمانن جي جا افسوسناڪ حالت ٿي هئي، تنهن جي سلسلي ۾ پاڻ مذهبي ۽ معاشرتي اصلاح لاءِ جيڪي تجديدي ڪارناما بجا آندائون، سي سنڌ جي قديم تصنيفن –”حديقة الاولياء“، ”ارشاد الطالبين“، ”دليل الذاڪرين“، ”رساله فتوحات سنڌي“ عرف ”رساله فتحي“ وغيره - ۾ تفصيل سان ڄاڻايل آهن. حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليہ الرحمة جو اهو جاري ڪيل فيض، سنڌ ۾ ”سروري سهروردي“ سلسلي جي نالي سان مشهور آهي. انهيءَ سلسلي ۾ منسلڪ ٿيل ماڻهن جو تعداد سندن زماني ۾ ئي نو لک هو: جنهنڪري هن سلسلي کي ”نو لکي گودڙي“ پڻ سڏيو ويو آهي، ۽ سنڌ جي چئن ئي ڪنڊن ۾، بلڪ ان جي حدن کان به ٻاهر – اتر ۾ بهاولپور، ملتان ۽ بلوچستان تائين، ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات تائين – پکڙيل آهي. سندن سجاده نشين، ساڳئي نقش قدم تي هلي، اڄ تائين اهو رهبريءَ جو سلسلو ساڳئي نموني ۾ جاري رکندا آيا آهن.

حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليہ جي سجاده نشينن جا اسماء گرامي ۽ سندن ولادت ۽ خدمات جا سال هيٺينءَ ريت آهن:

(1) مخدوم محمّد امين اول، بن مخدوم نوح 1606 – 1545ع

(2) مخدوم ابوالخير ابو محمّد، بن مخدوم امين محمّد اوّل 1640 – 1572ع

(3) مخدوم عبدالخالق، بن مخدوم ابوالخير 1670 – 1621ع

(4) مخدوم محمّد زمان اوّل، بن مخدوم عبدالخالق 1705 – 1645ع

(5) مخدوم مير محمّد اوّل، بن ميان مٺن، بن ميان مير

 

 

محمّد، بن مخدوم ابوالخير 1736 – 1687ع

(6)  مخدوم محمّد زمان ثاني، بن مخدوم مير محمّد اوّل 1770 – 1707ع

(7) مخدوم مير محمّد ثاني، بن مخدوم محمّد زمان ثاني 1788 – 1738ع

(8) مخدوم محمّد زمان ثالث، بن مخدوم مير محمّد ثاني 1807 – 1766ع

(9) مخدوم مير محمّد ثالث، بن مخدوم محمّد زمان ثالث، بن مخدوم محمّد ميرل معصوم 1808 – 1806ع

(10) مخدوم امين محمّد ثاني، بن ميان پنيلڌو، بن ميان مٺن، بن مخدوم محمّد زمان ثاني  1837 – 1791ع

(11) مخدوم محمّد زمان رابع، بن مخدوم امين محمّد ثاني 1852 – 1818ع

(12) مخدوم امين محمّد ثالث عرف پکن ڌڻي، بن مخدوم محمّد زمان رابع 1886 – 1838ع

(13) مخدوم محمّد زمان خامس، بن مخدوم امين محمّد ثالث 1913 – 1861ع

(14) مخدوم ظهيرالدين پريل ڄام، بن مخدوم امين محمّد ثالث 1927 – 1863ع

(15) مخدوم غلام محمّد، بن مخدوم ظهيرالدين پريل ڄام 1944 – 1886ع

(16) مخدوم محمّد زمان سادس، بن مخدوم غلام محمّد

(ولادت – 1919ع / سجاده نشيني 1944ع

حضرت طالب الموليٰ سائين 9 محرم 1338 هجري، مطابق 26 سيپٽمبر 1919ع، تي تولد ٿيا. سندن اذان جو نالو ”محمد زمان“ آهي. سندن ڏاڏو مخدوم ظهيرالدين پريل ڄام کين ”پيرل سائين“ سڏيندو هو، ڇو ته سندن همنام مخدوم محمّد زمان خامس جو نالو پيرل سائين هو. سندن دائي کين ”مشتاق علي“ سڏيندي هئي. پاڻ پنهنجي والد جا ٻيو نمبر فرزند آهن – پهريون فرزند به محمّد زمان نالي هو، جو کانئن ٽي سال اڳ تولد ٿيو، پر ساڳئي ڏينهن گذاري ويو. کين هڪ ننڍو ڀاءُ امين محمّد نالي کانئن ڇهه سال پوءِ تولد ٿيو هو، پر اهو به چئن سالن جي عمر ۾ گذاري ويو؛ جنهنڪري پاڻ پنهنجي والد جا اڪيلا فرزند بچيا. پهريائين درگاهه جي مجاور حافظ ولي محمّد وٽ قرآن شريف پڙهيا، پوءِ حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ آخوند عبدالرحمان ”انجم“ وٽ سنڌي پڙهيا. مولي عبدالحي ٺيڙهيءَ واري ۽ مولوي محمّد عالم وٽ فارسي پڙهيا. ان بعد، ٻه سال پنهنجي والد وٽ زير تربيت رهيا. مولوي محمّد عالم ۽ سنڌي خان ”صيد“ وٽ خوشخطيءَ ۾ خاص طرح ڪمال حاصل ڪيائون. 1927ع ۾ جڏهن پاڻ اٺن سالن جي عمر جا هئا، تڏهين سندن ڏاڏي وفات ڪئي، ۽ سندن والد سجاده نشين ٿيا.

1937ع ۾، جڏهن سندن عمر ارڙهن سالن جي هئي، تڏهن آڇ شريف لڳ ٽندي باگي جي پيرن وٽان سندن پهرين شادي ٿي. اهي پير به قريشي صديقي ۽ حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليہ جي ٻئي اولاد مان آهن. ٽن سالن بعد، انهيءَ حرم هڪ فرزند ڇڏي وفات ڪئي. ان جي وفات کان ٻه سال پوءِ، ڊسمبر 1942ع ۾، مولوي فضل احمد صاحب غزنويءَ جي دختر سان عقد ڪيائون.

سندن والد، حضرت مخدوم غلام محمد، 30 ذوالحج سن 1363 هه مطابق 16 ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪئي، ۽ 1945ع جي شروعات ۾ پاڻ سجاده نشين ٿيا. ان وقت سندن عمر پنجويهه سال هئي. سندن ڪاروبار، سندن ننڍو چاچو مولوي غلام حيدر صاحب سنڀاليندو هو، جنهن 27 رمضان 1372 هه مطابق جون 1953ع ۾ وفات ڪئي. ان بعد سمورو ڪاروبار کين پنهنجي سر سنڀالڻو پيو.

شاعري ۽ راڳ سان شغف ۽ ادب سان ذوق ننڍپڻ کان هئن. 1930ع ۾ يارهن سالن جي عمر ۾ ناري جي گشت تي ويا، جت سروري درگاهه جي مشهور شيدائي منٺار فقير راڄڙ سان رهاڻ ٿين، جو روز صبح هڪ نئون ”ڏهر“ ٺاهي کين ٻڌائيندو هو. اتان کين شاعريءَ جو شوق جاڳيو. پهريائين ”بيوس“، پوءِ ”فراقي“، ”زمان شاهه“، ۽ پوءِ ”طالب“ تخلص ڪندا هئا: 1949ع کان تخلص ”طالب الموليٰ“ ڪن ٿا. 1936ع کان هالن ۾ ”انجمن علم و ادب“ جو پايو وڌائون، جنهن جي سهاري هيٺ ڪيتريون ادبي ڪانفرنسون به ٿيون. 1937ع ۾ سنڌي خان گويو سندن پهرين شاديءَ جي موقعي تي گهرايو ويو هو، جو پوءِ هالن ۾ ئي رهيو: ان جي ذريعي سندن راڳ جي ذوق کي تقويت ملي. هالن ۾ ”الزمان“ پريس پڻ قائم ڪيائون، ۽ هفتيوار سنڌي اخبارون ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ ڪيترو عرصو نڪرنديون رهيون. 1950ع ۾ هالن مان سندن سرپرستيءَ هيٺ ماهوار ادبي رسالو ”فردوس“ جاري ٿيو، جو هن وقت خالص سندن خرچ تي هلي رهيو آهي. 1952ع ۾ ماستر جمعي خان ”غريب“، سيتان شهر مان، ماهوار سنڌي رسالو ”طالب الموليٰ“ سندن سرپرستيءَ هيٺ جاري ڪيو. 1956ع کان حيدرآباد مان رسالو ”شاعر“ سندن سرپرستيءَ هيٺ نڪري ٿو.

سنڌ جي شاعرن جي جماعت ”جميعت الشعراء“ جيئن 1946ع کان قائم ٿي، تيئن اُن سان سندن گهڻو تعلق رهيو، ۽ 1950ع جي حيدرآباد – ڪانفرنس جي موقعي تي هن جماعت کين ”محبوب الشعراء“ جو لقب ڏنو – پر پاڻ ان جو استعمال ترڪ ڪري ڇڏيائون. 1952ع جي جيڪب آباد – ڪانفرنس جي موقعي تي کين جميعت الشعراء جو سرپرست چونڊيو ويو، ۽ 1957ع ۾ گهوٽڪي – ڪانفرنس ۾ کين جميعت جي سرپرست سان گڏ جميعت جو صدر پڻ چونڊيو ويو. ون يونٽ ٿيڻ کان اڳ پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر هئا. تعليمي ڪمن ۾ سندن دلچسپيءَ جا يادگار’طالب المولي هاسٽل‘ هالا، ۽ ’طالب الموليٰ هاءِ اسڪول‘ دادو آهن. 1954ع ۾ ”اداره روح ادب سنڌ“ جو بنياد رکيائون، جنهن جي سهاري هيٺ فيبروري 1955ع ۾ هالن ۾ هڪ مخصوص انداز جي راڳ – ڪانفرنس ٿي، ۽ ماهوار رسالو ”روحِ ادب“ جاري ٿيو. نومبر 1955ع ۾ حيدرآباد ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو پايو پيو، جنهن جا پاڻ سرپرست ٿيا. هن بزم جو مَتو سنڌي ادب جي سنڀال ۽ واڌارو آهي، ۽ ڪم جو طريقو – سادو ”فقيراڻو“ آهي. اڳتي هلي، هن بزم هڪ آل سنڌ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪئي، ۽ هن وقت سڄيءَ سنڌ ۾ ان جون ٽيهارو کن شاخون قائم آهن. جنوري 1956ع کان انهيءَ بزم جي سهاري هيٺ، ۽ خواجه محمد عيسيٰ ”مست“ سروريءَ جي اهتمام سان، ”لاڙ سنڌي ادبي ڪانفرنس“ جو پايو پيو، جو هاڻ هر سال ٿيندڙ آهي. مارچ 1955ع ۾ جڏهن ”سنڌي ادبي بورڊ“ هڪ خودمختيار اداري جي شڪل ورتي، ان وقت کان پاڻ بورڊ جا ميمبر آهن. نومبر 1955ع کان پاڻ ”شاهه لطيف يادگار ڪميٽيءَ“ جا ميمبر آهن، ۽ نئين جوڙجڪ هيٺ جا ”يادگار ڪائونسل“ ٺاهي ويئي آهي، ان جا پاڻ نائب صدر آهن. ريڊيو پاڪستان جي سنڌي پروگرامن ۾ پاڻ شروعات کان وٺي مشورا ڏيندا رهيا آهن، ۽ حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن جي مشاورتي ڪميٽيءَ جا ميمبر آهن. سنڌ ۾ جتي به ڪو وڏو ادبي اجتماع ٿئي ٿو، اُتي ڏوراهين پنڌ تان به پنهنجي شرڪت ڪن ٿا – بلڪ ننڍيون ادبي جماعتون به سندن رونق افزائي ۽ همت افزائيءَ جون رهين منت آهن.

هن وقت تائين سندن ڇپيل تصنيفون هيٺئين موجب آهن:

1. امام غزاليءَ جا خط (ترجمو)، 2. اسلامي تصوف (تاليف)، 3. خودشناسي (ترجمو)، 4. شيطان، 5. بهار طالب (1946ع)، 6. رباعيات طالب (1949ع)، 7. ياد رفتگان (1953ع)، 8. مثنوي عقل و عشق (فبروري 1955ع)، ۽ 9. ڪچڪول(اپريل 1955ع). انهن کان سواءِ، سندن غير مطبوع تصانيف گهڻي انداز ۾ آهن، جن مان مکيه هي آهن: 1. ڪافي (ڪافيءَ بابت تحقيق)، 2. سنڌ جو شڪار، 3. بياض طالب الموليٰ، 4. يار خاطر، 5. مصريءَ جون تڙون، 6. مضامين طالب الموليٰ، ۽ 7. سماع العاشقين في سرور الطالبين.

هن وقت کين هيٺيون اولاد آهي: 1. ميان امين محمد سندن وڏو فرزند (پهرئين گهر مان)، ولادت آگسٽ 1939ع؛ ميان غلام محمد، ولادت فيبروري 1949ع؛ 3. ميان الهه بچايو، ولادت سپٽمبر 1951ع؛ ۽ 4. ميان عبدالحسين، ولادت 1953ع.


 

جناب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمّد دائود پوٽو*

شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽو تاريخ 25 مارچ 1896ع تي ٽلٽيءَ جي تاريخي شهر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو هڪ دفعو شاهي خاندان جو عروج ڏسي چڪو آهي. پاڻ دائود پوٽن جي انهيءَ شاهي خاندان سان تعلق رکي ٿو، جيڪو 1955ع تائين رياست بهاولپور تي حڪومت ڪندو رهيو آهي. سندس ڏاڏو عبدالمطلب هڪ آسودو آبادگار هو، پر ان جي انتقال کان پوءِ سندس سموري ملڪيت - جنهن ۾ وڏو حصو چوپايو مال هو – هندو قرضدار کڻي ويا، جنهن سبب سندن خاندان تي ڏولائن جا ڏينهن اچي ويا. هن پوءِ به زمينات جي ڪرت کي جاري رکيو، پر فصلن جي تباهيءَ سبب آخر کيس واڍڪي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.

ننڍڙي ”عمر“ کي – جنهن جي دماغ ۾ سندس ننڍپڻ جون سموريون يادگيريون اڃا تائين چٽيل آهن – ڇهن ورهين جي عمر ۾ هڪ ڳوٺاڻي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن اهڙيءَ ته هوشياريءَ جو ثبوت ڏنو جو سندس استادن کي يقين ٿي ويو ته هو اڳتي هلي هڪ ڪامياب اسڪول ماستر ٿيندو. ان خيال جي مدنظر، انهن جي خواهش هئي ته هيءُ پنهنجي ابتدائي تعليم کي ايستائين جاري رکي، جيستائين سندس ٽريننگ ختم ٿي وڃي، پر، ”بندي جي من ۾ هڪڙي ته خدا جي من ۾ ٻِي“ – پنهنجي قيمتي زندگيءَ جا


 

پورا اٺ سال پرائمري اسڪولن ۾ گذارڻ کان پوءِ، - جنهن عرصي ۾ هن ڪلاس ۾ پهريون نمبر ڪڏهن به ڪو نه وڃايو – جيئن ته وقت جي تعليمي آفيسرن منجهس غير معمولي ذهانت ۽ مستقبل جا روشن ڪرڻا ڏٺا، تنهنڪري انهن کيس ٽلٽيءَ جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني، جتي هن انگريزيءَ جا ابتدائي چار درجا ٽن سالن اندر مڪمل ڪيا. ان عرصي ۾ به هو پنهنجي سڀني هم جماعتين ۾ اول نمبر رهندو آيو.

چار درجا انگريزي پاس ڪرڻ کان پوءِ، سن 1914ع ۾ لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪليڪٽر طرفان کيس مفت رهائش (Free BoarderShip) منظور ٿي ملي. لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ هن کي ماسترن ۽ شاگردن جو بيحد پيار ۽ قرب حاصل ٿيو، جن کان هو تعليم ۾ هر لحاظ کان گوءِ کڻي ويو هو.

اها ’عمر‘ جي خوش بختي هئي جو ان وقت نوشهري فيروز مدرسي مان هڪ ماستر، حاجي محمد ميمڻ، لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ بدلي ٿي آيو، جنهن سندس حالت ڏسي کيس نوشهري فيروز جي مسلم – فند مان ٽن روپين جو وظيفو وٺرائي ڏنو، ۽ کيس نوشهري فيروز جي مدرسي ڏانهن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو – ڇو ته لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ فقط پنج درجا انگريزي پاڙهيا ويندا هئا، ۽ عمر انهيءَ ڪشمڪش ۾ مبتلا هو ته وڌيڪ تعليم لاءِ ڇا ڪجي. ان ڪري، هي تعليم جو شيدائي شاگرد، پنهنجي ڳوٺ کان اُٺ تي چڙهي، اٺاويهن ميلن جي ڊگهي ۽ هڏ – ٽوڙ مسافري طي ڪري، وڃي نوشهري فيروز پهتو. کيس اُتي ڇهين درجي ۾ داخلا ملي، ۽ پهرين ئي ڏينهن کيس پنهنجي ڪلاس جي هوشيار شاگردن جي بينچ تي سڀني کان اڳ ۾ ويهاريو ويو. ان وقت جو پرنسيپال مسٽر جي. اين. قاضي – جو بعد ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊئريڪٽر ٿي ويو – هن هوشيار شاگرد جي غربت ۽ مفلسيءَ کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن سندس هر قسم جون فيون فوراً معاف ڪري ڇڏيون.

اتي هن سڀني استادن ۽ هم ڪلاس شاگردن کي اهڙو ته پنهنجو ڪري ورتو، جو جڏهن آگسٽ 1915ع ۾ کيس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ فري بورڊ شپ ملي، ۽ هو اتان اُٺ تي چڙهي ڪراچيءَ جي گاڏي جهٽڻ لاءِ روانو ٿيو، تڏهن سندس سڀ استاد ۽ هم مڪتب دوست آلين اکين سان کيس اڳڀرو ڪري آيا.

هڪ ڳوٺاڻو ڇوڪرو، سادن ۽ کهرن ڪپڙن ۽ ڇنل بوٽ سان ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ پهچي ٿو، جيڪو ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ ثقافت جو مرڪز هو، وائيس پرنسيپال آنجهاني ڊي. پي. ڪوٽوال وٽ اچي ٿو – جيڪو ان وقت ٽي. ايڇ. وائينس جي جاءِ تي پرنسيپال طور ڪم ڪري رهيو هو -، ۽ ان جي سامهون سهڻي ۽ ڀڀڪيدار پوشاڪ ۾ ڇهين درجي جا شاگرد ويٺا آهن – انهيءَ وقت جي تضاد تي غور ڪريو: پر اهو ساڳيو ئي ڳوٺاڻو ڇوڪرو، ٿورن ئي ڏينهن اندر پنهنجي ڪلاس جو سڀ کان هوشيار شاگرد ۽ انهن جي اکين جو تارو بڻجي وڃي ٿو، ۽ اهو اعزاز هن ڪڏهن به هٿن مان وڃڻ نه ڏنو – تان جو 1917ع ۽ ميٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ سڄي صوبي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو ۽ ’سنڌ ايگزيبيشن پرائيز‘ (Sind exhibition prize) پڻ مليس.

انهن ڏينهن ۾ گورنمينٽ طرفان فقط چار اسڪالرشپون منظور ٿيل هيون، جن مان هڪ مسٽر دائود پوٽي کي ڏني ويئي – پر ڪاليج جي تعليم جي ڳري خرچ جي پورائي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پئسا ڪٿان اچن؟ پرنسيپال وائينس، جيڪو هن کي حد کان وڌيڪ چاهيندو هو، تنهن به کيس بورڊنگ هائوس ۾ رهڻ جي اجازت ڏني، ۽ ڇهين درجي جي شاگردن کي مئٿميٽڪس پڙهائڻ لاءِ کيس پارٽ – ٽائيم ٽيچر پڻ مقرر ڪيائين، جيئن پوڙهي’ڪوٽوال‘ کي پڙهائڻ جي ڪم ۾ ڪجهه سهوليت ملي. وري وڌيڪ خرچ جي پورائيءَ لاءِ هو کيس ٽيوشنون پڻ ڏيڻ لڳو، جيئن سندس پوڙهي پيءُ ۽ ٻين ڀاتين جو گذر ٿي سگهي. ڪاليج واري سڄي عرصي ۾ ’عمر‘ پاڻ ۾ سخت محنت جي عادت وجهي ڇڏي، ۽ هو ان جو مظاهرو نهايت جوش ۽ خروش سان ڪندو رهيو. ان طرح سندس ڳاٽ هميشہ اوچو رهيو، ۽ هن پنهنجو سر مالي مدد لاءِ ڪنهن جي به اڳيان نه جهڪايو. هو فقط هڪ دفعو انٽرميڊيٽ آرٽس جي امتحان ۾ اول نمبر نه اچي سگهيو، ڇو ته هو سخت بيمار هو ۽ تنهنڪري ميٿميٽڪس ۾ سٺا نمبر نه کڻي سگهيو – جنهن ۾ خاص طور تي هوشيار هو. مئٿميٽڪس ۾ پٺتي پئجي وڃڻ ڪري، هن اهو مضمون تبديل ڪيو ۽ ان جي بجاءِ فارسي ادب کي ترجيح ڏني. اهڙيءَ ريت، معمولي محنت سان، هو تعليم به حاصل ڪندو رهيو، ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي گذران لاءِ پڻ ڪمائيندو رهيو – ايستائين جو هن بي. اي. جي امتحان ۾ اعزازي ڊگري حاصل ڪري ورتي. مسٽر دائود پوٽو بي. اي. ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ اول نمبر آيو، ۽ انگريزي ادب جي طالبعلمن ۾ پڻ مٿاهون ٿي رهيو.

ڪاليج جا پرنسپال، مسٽر اي. سي. ملر ۽ مسٽر ايس. سي. شهاڻي، ۽ ٻيا پروفيسر مٿس انتهائي مهربان هئا. کيس انعام طور ’دڪشنا فيلوشپ‘ ڏني ويئي، جنهنڪري هن کي هر مهيني باقاعده طور 60 روپيه وظيفو ملڻ لڳو. انهيءَ وظيفي، ٻين ٽيوشنن ۽ پارٽ ٽائيم ماستريءَ جي مجموعي آمدني مان سال 1923ع تائين تمام مزي سان ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندو آيو – ايستائين جو هن عربي ۽ فارسيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس آنرس سان ايم. اي. جو امتحان نهايت ڪاميابيءَ سان پاس ڪري ورتو. ان سال سڄي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ مسٽر دائود پوٽو ئي هو، جنهن فرسٽ ڪلاس ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ازان سواءِ هن کي ’چانسيلر ميڊل‘ جهڙو شاندار اعزاز پڻ عطا ڪيو ويو، جو اڄ تائين ٻيو ڪو به سنڌي اسڪالر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي.

هاڻي هو پنهنجي مستقبل مان مطمئن ٿي چڪو هو. کيس ڪيترن ئي ڪاليجن مان فارسي يا عربي ليڪچرار جي عهدي لاءِ دعوت ڏني ويئي، پر سندس مهربان پرنسپال کيس ڪيڏانهن به وڃڻ نه ڏنو، ۽ پاڻ وٽ ئي عربي ليڪچرار جي هڪ خاص جڳهه وڌائي مسٽر دائود پوٽي کي ان تي مقرر ڪيو. جڏهن 1924ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان سنڌيءَ زبان کي بي. اي. لاءِ منظور ڪيو ويو، تڏهن مسٽر دائود پوٽي کي ترقي ڏيئي عربي ۽ سنڌي جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو – اها جاءِ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پنهنجي قسم جي پهرين جاءِ هئي. هن جي زندگيءَ جي نهايت شاندار گهڙي 1924ع ۾ آئي، جڏهن 345 پائونڊن جي سالياني اسٽيٽ اسڪالرشپ ڏيئي، کيس ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ تحقيقي مطالعي جو ڪم سپرد ڪيو ويو. اها هن جي خوش قسمتي هئي، جو اتي هن دنيا جي وڏن عالمن ۽ محققن – جهڙوڪ پروفيسر اي. جي. برائون، پروفيسر اي. اي. بيوَن، پروفيسر آر. اي. نڪولسن وغيره – جي قدمن ۾ تربيت ورتي.

هن اتي حڪيم ارسطو جي شعر گوئيءَ جي قاعدن تي پروفيسر ’ڪوئيلر ڪوچ‘ ۽ ’گوئٽي‘ جي ”فائوسٽ“ تي پروفيسر ’ڪامل بريول‘ جون عالمانه تقريرون پڻ ٻڌيون. ازان سواءِ، هن سنسڪرت تي پروفسر رئپسن، ۽ انگريزي ادب ۽ تنقيد تي پروفيسر رچرڊس هينري ۽ اي. ايم. فاسٽر جون عالمانه تقريرون ٻڌيون، ۽ کيس اتان جي وڏن وڏن عالمن ۽ تعليمي ماهرن سان گڏجي ويهڻ جو موقعو پڻ مليو، جن مان پروفيسر ايس. ڊي. مارگوليوٿ، پروفيسر سر. ٽي. ڊبليو. آرنالڊ، پروفيسر ايف. ڪرنيڪو، پروفيسر وينسنڪ، پروفيسر منائوڪ هر گرانجي ۽ پروفيسر ايرينڊانڪ جو کيس خاص قرب حاصل رهيو. دائود پوٽي صاحب هڪ مقالو لکيو، جنهن جو عنوان هن ”فارسي شاعريءَ جي ترقي تي عربي شاعريءَ جو اثر“، جيڪو بعد ۾ شايع ڪيو ويو، ۽ ان تي ڪيترن ئي مشرقي عالمن پنهنجي پسنديءَ جو اظهار ڪيو. دائود پوٽي صاحب کي، 1927ع ۾، انهيءَ مقالي تي ئي پي. ايڇ. ڊي. جي ڊگري ڏني وئي.

هو 1927ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ ڪراچي واپس پهتو، ۽ ڪراچي پهچڻ کان فوراً بعد هن کي اطلاع ڏنو ويو ته کين سنڌ مدرسة الاسلام جو پرنسيپال مقرر ڪيو ويو آهي – جيڪو هڪ شخص مسٽر ميٿيوز جي خراب پاليسيءَ سبب برباد ۽ زبون حالت تي وڃي رسيو هو. ان وقت سنڌ مدرسة الاسلام جي اسٽاف جي قابليت ۽ لائقي تمام هيٺانهين درجي تي وڃي رسي هئي، ان جي اخلاقي حالت ڪري چڪي هئي ۽ مالي حالت پڻ تشويشناڪ حد تي وڃي پهتي هئي. مسٽر دائود پوٽي اهڙين سڀني تڪليفن ۽ حالتن کي، جن جو بظاهرڪو به حل نظر نٿي آيو، نهايت خوش اسلوبيءَ سان منهن ڏيئي، ان ”اُم العلوم“ جي ساراهه جوڳي خدمت ڪئي. هن جي ڪوششن سان سڀني لوڪل باڊيز نه صرف پنهنجون پراڻيون گرانٽون وري ڏيڻ شروع ڪيون، پر انهن کي وڌايو به ويو ۽ اهڙيءَ طرح هو پنهني ”وقف فنڊ“ ۾ 25 هزار رپيا وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هو سڀني ڪلاسن جي بذات خود نگراني ڪندو هو، ۽ ميٽرڪ ڪلاس جي انگريزيءَ ۽ حسابن جا پيريڊ به پاڻ وٺندو هو. اهڙيءَ طرح، مسٽر دائود پوٽي سنڌ مدسةالاسلام کي هڪ سال جي اندر ئي اندر تباهيءَ جي غار مان ڪڍي ورتو، ۽ ان کي پهريون نمبر تعليمي ادارو بنائي ڇڏيو. هن جي دور ۾ ٻاهرين شاگردن جو تعداد وڌي وڃي ٽن سون تي پهتو، ۽ سڄو مدرسو شاگردن سان ڀرپور نظر اچڻ لڳو. هتي هر قسم جي تعليمي ۽ تفريحي مشاغل جو انتظام ڪيو ويو ۽ ميٽرڪ جي امتحان جا نهايت شاندار نتيجا نڪرڻ لڳا. ان ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته مسٽر دائود پوٽي جي دور ۾ سنڌ مدرسي جيتري ترقي ڪئي، اوتري ان پنهنجي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪا نه ڪئي.

سن 1928ع ۾ دائود پوٽي صاحب کي يونيورسٽي آف بامبي جو فيلو نامزد ڪيو ويو، ساندهه ٽن سالن جي مشڪل ڪم کان پوءِ، هن عربيءَ جي پروفيسري جهڙيءَ جاءِ لاءِ پنهنجي ان مصروفيت کي ڇڏي ڏنو. کيس انڌيري ۾ نئين قائم ڪيل سر اسماعيل ڪاليج ۾ بمبئي سرڪار طرفان عربيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو، جا خدمت هو اٽڪل نون سالن تائين نهايت همدرديءَ ۽ خلوص سان ڪندو رهيو. ان عرصي ۾ هن عربي تعليم تي تمام گهڻو زور ڏنو، ۽ يونيورسٽي سينيٽ ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيز جي اجلاسن ۾ پڻ سرگرميءَ سان حصو وٺندو رهيو. 1948ع تائين سندس تعلق يونيورسٽيءَ سان رهيو، پر پوءِ پاڪستان جي قيام ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پايي پوڻ کان پوءِ هن جو اهو تعلق ختم ٿي ويو.

سن 1939ع ۾، کيس بمبئي ۽ سنڌ جي پبلڪ سروس ڪميشن طرفان سنڌ جو ڊي. پي. آءِ چونڊيو ويو، جو عهدو هن 1950ع جي آڪٽوبر مهيني تائين نهايت ڪاميابيءَ سان سنڀاليو. ان کان پوءِ هن کي سنڌ گورنمينٽ طرفان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جتي هن پنهنجا فرائض نهايت ئي ايمانداري ۽ خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏنا ۽ سندس هميشہ اهائي ڪوشش رهي ته اهڙن سنڌين جي مدد ڪئي وڃي، جن بابت اڳ ۾ ڪڏهن به همدرديءَ سان غور نه ڪيو ويو آهي.

پنجن سالن جي ٽرم ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ، هو پنهنجي گهر واريءَ سميت – جا مسلم يونيورسٽيءَ جي گرئجويٽ آهي، ۽ جنهن کي هن خود عربيءَ جي تعليم ۽ تربيت ڏني آهي – فريضهء حج ادا ڪرڻ لاءِ حجاز ويو. مديني منور جي زيارت کان پوءِ هو دمشق، بيروت، جيروشلم ۽ قاهره پڻ ويا، ۽ موٽندي رستي ۾ ڪجهه وقت لاءِ بغداد، ڪربلا، نجف ۽ بحرين پڻ لٿا – وچ اوڀر جي سفر بابت سندس عجيب تاثراب عنقريب شايع ٿيڻ وارا آهن.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سندس پهريون پنج ساله ٽرم چوٿين آڪٽوبر تي ختم ٿيو، پر پوءِ سنڌ کي بدقسمتيءَ سان اولهه پاڪستان ۾ ختم ڪرڻ کان پوءِ کيس اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن ۾ وڌيڪ هڪ سال لاءِ ميمبر چونڊيو ويو. اتي به هن نهايت ئي خلوص ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا. انهيءَ عرصي ۾، دائود پوٽو صاحب لاهور جي مختلف ادبي محفلن ۾ پڻ وقت بوقت حصو وٺندو رهيو: سندس عالمانه رنگ ۾ عربي ۽ فارسيءَ ۾ بر زبان ڪيل تقريرن، اتان جي عالمن کي بيحد متاثر ڪيو ۽ انهن جي دلين ۾ سندس لاءِ خاص مقام پيدا ڪيو.

مسٽر دائود پوٽي اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبريءَ تان 3 آڪٽوبر 1956ع تي رٽائير ڪيو: ان وقت کان پنهنجون سڀ قوتون ادبي ۽ تحقيقي ڪمن تي صرف ڪندو رهي ٿو، ۽ سوسائٽي ۾ شاذو ناد رئي نظر اچي ٿو.

جيتوڻيڪ مسٽر دائود پوٽي جي زندگيءَ جا گذريل ٻارهن سال انتظامي ڪمن سبب مصروفيتن سان ڀرپور رهيا آهن، پر تنهن هوندي به هن ادبي ڪمن کان ڪڏهن به منهن نه موڙيو آهي. ڪئمبرج ڏانهن وڃڻ کان اڳ، هن، پنهنجي استاد سرڳواسي پروفيسر گربخشاڻي سان گڏجي، ”شاهه جي رسالي“ جا پهريان ٻه جلد مرتب ڪيا، ۽ سندس واپس اچڻ کان اڳ ٽيون جلد به تقريباً لکجي چڪو هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي مسٽر دائود پوٽي جي تعاون حاصل نه هجڻ سبب، شاهه جي رسالي جو چوٿون جلد ترتيب نه ڏيئي سگهيو – باوجود ان جي، جو هو رسالي جي ٽئين جلد جي اشاعت کان پوءِ به ذري گهٽ سترهن ورهيه جيئرو رهيو. عربيءَ کي سولي بنائڻ خاطر مبتدين لاءِ ”عربيءَ جو رهبر“ تيار ڪيائين، جو نهايت ئي آسان طريقي ۾ لکيل هو. اهو ڪتاب هر هنڌ پسند ڪيو ويو – ايتريقدر جو پراڻي قسم جي مولوين پڻ ان تي پنهنجي پسنديءَ جو اظهار ڪيو. هن عربي ۽ فارسي ريڊر پڻ تيار ڪيا، جي اڄ تائين سيڪنڊري اسڪولن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. سن 1934ع ۾ پي. ايڇ ڊي. جي ڊگريءَ لاءِ پنهنجي لکيل ٿيسس ”فارسي شاعريءَ تي عربي شاعريءَ جو اثر“ شايع ڪرايائين، جنهن تي رايل سوسائٽي آف گريٽ برٽن جي مخزن ۾ آڪسفورڊ جي ڊاڪٽر ڊيو ٽرسٽ تبصرو ڪيو. ٻيءَ ساراهه جي علاوه ان هي به لکيو ته ”مون کي اهڙو هندستاني شاگرد ڪو ورلي نظر آيو آهي، جو ههڙي خالص، شسته ۽ بامحاوري انگريزي لکندو هجي“. ڊاڪٽر دائود پوٽي 1936ع ۾ Survey of Mass Education in India جي نالي سان هڪ خاص نوشتو پڻ لکيو، جنهن کي هندستان جي تقريباً سڀني تعليمي ماهرن ساراهيو. ازان سواءِ، هن فارسيءَ جي ڪيترن ئي ڪتابن کي ضروري حاشين ۽ تنقيدي نوٽن جي اضافي سان مرتب ڪيو. بمبئيءَ ۾ قيام جي آخري ڏينهن ۾ هن سنڌ جي ٻن فارسي تاريخن – ”تاريخ معصومي“ ۽ ”چچ نامہ“ کي مرتب ڪيو.

ڊاڪٽر موصوف کي اسلامڪ ريسرچ ائسوسيئيشن بامبي طرفان عظيم سماجي ۽ فلسفي مورخ ابن خلدون جي تعارف جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ چيو ويو. اهو ڪم مشڪل ترين ۽ نهايت محنت طلب هو، پر ڊاڪٽر دائود پوٽي جانفشاني ڪري هن وقت تائين ان ڪتاب جو ٽيون حصو مڪمل ڪري ورتو آهي، جو هاڻي ”پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي“ جي زير اهتمام شايع ٿي رهيو آهي. دعا آهي ته فاضل ڊاڪٽر حياتيءَ جا ججها ڏينهن ماڻي، هن اهم ادبي ڪم کي پايه تڪميل تي رسائي!

ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ هندن، جن سنڌي ادب جي ترقي ۽ ترويج ۾ وڏو حصو ورتو هو، تن جي هندستان وڃڻ کان پوءِ جڏهن ته سنڌي ادب ۽ ٻولي وئي پئي روز بروز پٺتي پوندي، تڏهن ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سنڌي زبان جي سڌاري لاءِ نهايت ئي عظيم الشان قدم کنيا. هن جون لکڻيون سنڌي نثر جو بهترين مثال آهن. اهو ڊاڪٽر دائود پوٽو ئي هو، جنهن سنڌ جي قديم تصنيفن جي اشاعت لاءِ سنڌ گورنمينٽ کان هڪ لک رپيا منظور ڪرايا، ۽ هاڻي سابق سنڌ گورنمينٽ طرفان قائم ڪيل ”سنڌي ادبي بورڊ“، سنڌي ادب ۽ زبان جي ترقيءَ لاءِ انتهائي مفيد ۽ قابل قدر خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جو پڻ وري نئين سر بنياد وڌو، جنهن جي فنڊ ۾ هن وقت اٽڪل پنج هزار رپيا موجود آهن.

ڊاڪٽر دائود پوٽي ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ جو پنهنجي سر بنياد وڌو، ۽ پاڻ ئي ان جو پريزيڊنٽ آهي.، قديم علمي شاهڪارن جي اشاعت لاءِ هن سوسائٽيءَ پاران ويهه هزار رپيا گڏ ڪيا ويا، جن مان هن وقت تائين ٻه ڪتاب ”گل خندان“ ۽ ”ڪالم گرهوڙي“ ڇپجي چڪا آهن.

هن وقت، ڊاڪٽر دائود پوٽو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي مستند ايڊيشن تيار ڪرڻ جي ڪم ۾ منهمڪ آهي؛ ازان سواءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان تيار ٿيندڙ هڪ محيط سنڌي لغت جي نظرثاني جو ڪم به سندس سپرد آهي. اها ضخيم لغت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ هيٺ تيار ٿي رهي آهي، ۽ اهو اهڙو ته مشڪل ۽ محنت طلب ڪم هو، جو ان جو ذمو پاڻ تي هموار ڪرڻ جي شايد سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن شخص کي همت نه ٿئي ها.

ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب کي سنڌ جي فارسي تاريخ ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد جي ترتيب لاءِ پڻ چيو ويو آهي، جيڪو مٿي ڄاڻايل ”تاريخ معصومي“ جو حصو چئجي، ۽ سنڌ جي تاريخ کي 1175 هجريءَ سان وڃي ٿو ملائي. ابوالحسن ڏاهري جي اسلامي تصوف بابت فارسي تصنيف ”ينابيع الحياة الابدية“ جي ترتيب جو ڪم پڻ ڊاڪٽر صاحب جي سپرد ڪيو ويو آهي، جو نهايت ئي دماغ سوز ۽ محنت طلب آهي. اهو ڪم هن کان اڳ پروفيسر خسرو جي سپرد ڪيو ويو هو، پر هو ان ڪم کي نباهڻ جي سلسلي ۾ ناڪامياب ٿيو ۽ واپس موٽائي ڏنائين.

سن 1941ع ۾، گورنمينٽ آف انڊيا، ڊاڪٽر صاحب جي ادبي خدمتن جو اعتراف ڪندي، کيس ”شمس العلماء“ جو خطاب عطا ڪيو. سن 1955ع ۾ مصري حڪومت طرفان ڊاڪٽر موصوف کي عربي زبان جي ”فواد انسٽيٽيوٽ“ جو ڪريسپانڊنگ ميمبر (Corresponding member) نامزد ڪيو ويو، جو هڪ سنڌي اسڪالر لاءِ بيمثل عزت جو مثال آهي.

هن وقت ڊاڪٽر صاحب جي عمر 60 ورهين کان وڌيڪ ٿيندي، ليڪن تعجب آهي جو پاڻ هن وقت به جوانيءَ جهڙي جوش ۽ ولولي سان ادبي خدمت ڪندو رهي ٿو، ۽ هر وقت محنت طلب تحقيقي ڪمن ۾ رڌل رهي ٿو. دعا آهي ته الله تعاليٰ جلشانہ هن بزرگ شخصيت کي خضري عمر عطا فرمائي، ته جيئن هي پنهنجي خدمتن جي قافلي کي منزل مقصود تي پهچائي سگهي!


*  هن سوانح عمريءَ جو مدار، ڊاڪٽر صاحب کان انگريزيءَ ۾ پهتل مواد آهي. - مرتب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com