سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :15

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

 

مرحوم مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي هالائي

سنڌ جو هر هڪ باشندو، عالم و فاضل خواهه چار اکر پڙهيل شخص، مرحوم مخدوم غلام حيدر صاحب جن کي بخوبي سڃاڻي ٿو: اڪثر کين ماڻهن ڏٺو هوندو، نه ته به ٻڌو ضرور هوندو. پاڻ صديقي قريشي خاندان جا فرد، ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليہ الرحمة جي نمبر چوڏهين سجاده نشين، مرحوم مخدوم ظهير الدين عرف پرو ڄام صاحب، جا چوٿون نمبر فرزند هئا؛ ۽ نمبر پندرهين سجاده نشين، مرحوم مخدوم غلام محمد صاحب، جا ننڍا ڀاءُ هئا. پاڻ 12 ذوالحج سن 1316هه ۾ تولد ٿيا. سندن اذان بعد نالو ”محمد سعيد“ رکيو ويو.

ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ خاص حافظ ۽ عالم وٽ شروع ڪيائون؛ ٿوري وقت بعد هڪ ٻاهريون عالم مولانا شاهه محمد صاحب مرحوم گهرايو ويو، جنهن وٽ به ڪجهه وقت تعليم ورتئون؛ آخر سندن والد بزرگوار کين ديوبند موڪليو، جتان تعليم جو مقرر ڪورس پڙهي دستاربندي ڪري موٽيا.

ان بعد، سندن والد مرحوم پنهنجو جملي ڪاروبار سندن حوالي ڪري، پاڻ آزاد ٿي ويٺا. انهيءَ وڏيءَ مشغولي هوندي به ادبي ۽ علمي صحبتن ۽ رهاڻن کي جاري رکيو آيا.

پنهنجي خانداني ڪتبخاني ۾ وڏو اضافو ڪيائون، ۽ ٻاهران عالم گهرائي، وقت بوقت وعظ ۽ نصيحت جون مجلسون منعقد ڪرائي، عوام کي مستفيض ڪندا رهيا. سنڌ جا وڏا وڏا مدرسا ۽ تعليم گاهون هميشه سندن همدرديون ۽ پيسي جي مدد حاصل ڪنديون رهيون. گهڻن تربيتگاهن ۽ مدرسن کي سالانه مقرر ٿيل وظيفا ڏيندا هئا، جي اڃا تائين قائم آهن.

جڏهن سنڌ جدا ٿي، سنڌ اسيمبلي وجود ۾ آئي، ته پاڻ سياست ۾ پڻ بهرو وٺڻ لڳا. ابتدا کان وٺي پنهنجي آخري عمر تائين، سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر به رهيا ۽ اڳواڻ پڻ. هالا ميونسپالٽي ۽ هالا مسلم ليگ جا هميشه پريزيڊنٽ به رهيا، ۽ نهايت دانائيءَ سان انهيءَ قوم جي خدمت ۾ ڪامياب رهيا. ايڏين مصروفيتن جي باوجود به مطالعي ۾ هميشه مشغول رهيا.

چند ڪتاب به تصنيف ڪيائون، جي ڪجهه ڇپيل آهن ۽ ڪي اڻڇپيل.

حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه الرحمة جن جي درگاهه تي هڪ عظيم الشان ورانڊو سن 1351هه ۾ تعمير ڪرايائون، جنهن جو ڪم 5 جمادي الاول سن 1351هه کان شروع ٿيو، ۽ 3 ذوالحج سن 1351هه تي مڪمل ٿيو.

5 جنوري 1942ع تي، هالن ۾ ”مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول“ برپا ڪيائون، جنهن جو سنگ بنياد آنربل وزير تعليم پير الاهي بخش رکيو. وري هاءِ اسڪول جي هاسٽل برپا ڪرايئون، جنهن جو سنگ بنياد به آنربل پير الاهي بخش وزير تعليم 20 فيبروري سن 1944ع ۾ رکيو. ان کان بعد، هالن ۾ ”سروريه اسلاميه ڪاليج“ برپا ڪيائون، جنهن جو سنگ بنياد به آنربل پير الاهي بخش صاحب 2 مئي سن 1947ع تي رکيو. ازان سواءِ، ٻي به هر نموني ۾ علمي خدمت لاجواب ڪيائون.

دارفاني جي دستور موجب، هن جهان مان 26 رمضان سن 1372هه، مطابق 9 جون سن 1953ع، اڱاري ڏينهن، صبح جو نوين بجي، داربقا ڏي رحلت ڪيائون.

 

مولوي محمد قاري

 

مولانا عبدالڪريم مرحوم ڏيرو

هي عالم رباني، زاهد الزمان، ساده طبع، تڪلف ۽ تصنع کان عاري، هڪ ننڍي ڳوٺ نالي ”رضا محمد ڏيرو“ (تعلقو ڪڪڙ، ضلعو دادو، سنڌ) ۾، سن 1315 هجري ۾ تولد ٿيو. سندن والد بزرگوار جو نالو حاجي الهورايو هو، جو نيڪ ۽ تهجد گذار شخص هو. ابتدا کان انتها تائين ڳوٺاڻن مدرسن ۾ تعليم ورتائون. ابتدائي تعليم قرآن شريف، فارسي ۽ عربيءَ جا اڪثر ڪتاب، پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ۾، مولانا مولوي محمد اسماعيل صاحب ڪنڊي واري کان پڙهيائون، جو عربي علم، خاص طرح صرف نحو ۽ ادب جو وڏو ماهر هو. ان کان پوءِ باقي عربي علم، اديب الزمان، فصيح اللسان، رئيس الشعراء حضرت مولانا مولوي الاهي بخش صاحب، ساڪن ڳوٺ ”ٻانهون لاکير“ تعلقي ميهڙ جي خدمت اقدس ۾ رهي حاصل ڪيائون.

سندن طبع کي شهرت پسند نه هئي، ان ڪري ڪافي زور ڀرڻ تي به مروج دستاربنديءَ کان انڪار ڪيائون. لله في الله تعليم جو ڪم شروع ڪيائون. پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو قائم ڪيائون. سندن تعليم جي عمدگي ۽ پختگيءَ کي جلد شهرت ٿي ويئي. ان ڪري طالب علم، شمع تي پتنگن وانگر اچڻ لڳا. کين تعليم ۾ ايتريقدر مهارت هئي، جو سندن شاگرد عربي زبان ۾ تقرير ڪري سگهندا هئا، ۽ عربي زبان ۾ مضمون نويسي چڱيءَ طرح ڪري سگهندا هئا.

انهيءَ زماني ۾ کين طريقت جو به شوق ٿيو. پاڻ خاص انهيءَ مقصد لاءِ هندستان جو سفر ڪيائون. گهڻن الله وارن سان صحبت ڪيائون، پر آخري طرح طريقت جي سلوڪ لاءِ حضرت خواجه جواجگان، مرجع اهل زمان، خواجه محمد عمر جان صاحب چشموي رحمة الله عليہ جا دست بيعت ٿيا. هر سال ڪجهه وقت حضرت صاحب جي صحبت ۾ وڃي رهندا هئا.

تعليم سان گڏ، طالبن جي اخلاقي تربيت ڪندا هئا – گويا منجهن صحيح تصوف جو روح ڦوڪي ڇڏيندا هئا. علم تصوف ۽ اخلاقي ڪتابن جي پڙهائڻ جو کين گهڻو اهتمام هو: ”بداية الهداية“ امام غزالي جي ۽ ”ڪيميا سعادت“ وغيره پڙهائيندا هئا؛ ”احياء علوم دين“؛ ۽ ”اربعين في اصول الدين“ طرف توجهه ڏياريندا هئا. حضرت سيد علي اڪبر شاهه جن ”اسلامي اخلاق“ نالي، ”الاربعين في اصول الدين“ ڪتاب جو ترجمو ڇپايو، سو حضرت ڏيروي جي توجهه سان پڙهايو ويندو هو. علم اخلاق جي رواج ڏيارڻ لاءِ پوريءَ طرح ڪوشان رهيا، ته جيئن صحيح تصوف رائج ٿئي.

قرآن شريف جي صحيح قرات جي قاعدن سان پڙهڻ جو رواج سنڌ ۾ ۾ بلڪل گم ٿي چڪو هو- ان کي تمام وڏيءَ ڪوشش سان رواج ڏياريائون. سنڌي زبان ۾ قرات جا ڪتاب لکيائون. پنهنجن ساگردن کي وڏن قارين وٽان قرآن ڪريم صحيح پڙهايائون- حتاڪ عربستان تائين سندن شاگرد ويا، ۽ قران ڪريم صحيح پڙهي آيا. انهن کي تعليم ڏيڻ لاءِ همٿايائون. قرات ۽ تجويد جا دورا قائم ڪرايائون- تان جو سندن حياتيءَ ۾ تجويد ۽ قرات جي تعليم لازمي ڪئي ويئي. ٻين علمن جي معلمن وانگر هن علم جا ڄاڻندڙ قاري معلم مقرر ڪيا ويا: سنڌ لاءِ هي ڪارنامو ”تجديدي“ چئجي ته بجا ٿيندو.

حقوق العباد جي ادائيءَ بابت کين تمام گهڻو خيال رهندو هو. صفائي، معاملات ۽ آداب المعاشره وغيره جي ڪتابن جي مطالعي لاءِ پاڻ توجهه ڏياريندا هئا- انهيءَ لاءِ ته طالبن ۾ به حقوق جي ادائگيءَ جو جذبو پيدا ٿئي. پاڻ وٽ هڪ وصيتنامو رکندا هئا، جنهن ۾ حقوق لکندا رهندا هئا- حتاڪ ڪنهن کان ڪو ڪتاب مطالعي لاءِ وٺندا هئا، ته ان جي مٿان به مالڪ جو پورو نالو ۽ پتو لکي ڇڏيندا هئا ۽ پهچائڻ لاءِ پورو پورو انتظام ڪندا هئا.

تواضع سندن خاص شيوو هو: هر هڪ ماڻهوءَ سان تمام عزت سان ملندا هئا، ۽ پوريءَ طرح خدمت ڪندا هئا. پنهنجن شاگردن سان به مهمانيءَ وغيره ۾ پوريءَ طرح خدمت ڪندا هئا. گويا ان وقت خادم، ۽ سبق وقت استاد هوندا هئا. هر هڪ مسلمان جا پاڻ خير خواهه رهندا هئا. ساري عمر شريعت جي ڪمن ۾ ”اللّٰهم فاالّٰهم“ تي عمل ڪندڙ هئا. ديني تعليم ۾ به اول شاگردن کي ديني فرضي علمن جي سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ تعليم ڏيندا هئا، ته جيئن ديني ضروري علمن جي خبر پئجي وڃين. انهيءَ لاءِ پاڻ هڪ ديني نصاب به تيار ڪيائون، جو اڃا تائين موجود آهي. اهو نصاب پوءِ سڀني علمائن جي خدمت ۾ موڪلڻ جو ارادو به ڪيو هئائون، پر سندن حياتيءَ وفا نه ڪئي.

ڪنهن خصوصي نالي سان ترديد ڪرڻ کان پرهيز ڪندا هئا، ۽ عمومي طرح عقائد باطله جي ترديد ڪندا هئا. سندن ترديد جو ڍنگ نرالو هو: علماي سلف جون عبارتون لکي ڪتاب جوڙيندا هئا، ۽ ان ۾ انهن جي ترديد ڪندا هئا- جيئن ته لواريءَ جي عقائد باطله جي ترديد؛ رسمي پيري- مريديءَ جي ترديد؛ حضرت امام رباني مجدد الف الثاني جي مڪتوبات مان عبارتون چونڊي، ڪتاب ”اعتقاد نامہ امام رباني“ لکيائون؛ ”ڪتاب فصائل آل و اصحاب“ لکي، ان ۾ مختصر مگر قوي دليلن سان مخالفن جي ترديد ڪيائون.

پاڻ هر هڪ معاملي کي شريعت مطهره جي ميزان تي توريندا هئا ۽ ان موجب فيصلا ڪندا هئا. شادي غمي، خريد فروخت، کائڻ پيئڻ، سترپرده، وغيره- سڀ ڳالهين ۾ شريعت موجب رهندا هئا: پنهنجي همعصر علمائن کان انهيءَ ۾ ممتاز هئا.

تصنيفات جو سلسلو اول کان ئي جاري رکيائون- هيٺيان ڪتاب سڀ سندن تصنيف ۽ تاليف ٿيل آهن.

عربي زبان ۾: (1)مقدمہ تفسير قرآن؛ (2) المکاتيب الجديده؛ (3) صفيحةالخشوع؛ ۽ (4) راحة القلوب في لسان المحبوب.

فارسيءَ ۾: (1) اخلاق نامہء امام غزالي؛ (2) اعتقاد نامہ امام رباني؛ (3) فوائد دينيہ؛ (4) هدايت نامہ امام رباني؛ (5) تعليم قرآن؛ (6) معلم القرات؛ (7) فضائل آل و اصحاب؛ (8) قصو پير دستگير؛ (9) نصيحت نامہ پير دستگير؛ (10) قصو امام رباني؛ (11) نصيحت نامه امام رباني؛ (12) کرامات اولياءَالله؛ (13) نصيحت نيڪ؛ (14) نصيحت قرآن، (15) نصيحت ذڪر؛ (16) ضروري مسئلات؛ (17) ديباچہ فقہ حنفي؛ (18) کتاب الصلواة سنڌي؛ (19) قواعد عربيه؛ (20) قواعد فارسي؛ (21) دلائل و جوب التجويد؛ (22) معجزن جوڪتاب؛ (23) مولودن جو ڪتاب، (24) عريضه اصغف العباد في مسئله الضاد؛ (25) اعلام العباد في مسئله الضاد.

پاڻ اول پنهنجي ڳوٺ رضا محمد ڏيري ۾ مدرسو قائم ڪيائون، ۽ ڪيترا سال اتي تعليم ڏنائون. سن 1341 هه ۾، حضرت خواجه خواجگان اهل زمان خواجه محمد حسن صاحب سرهندي ٽنڊي سائينداد وارن جي ڪوشش سان، هڪ مدرسو ڳوٺ گاهي مهيسر لڳ ميهڙ ۾ قائم ٿيو، ان لاءِ خواجه صاحب جن کي قابل عالم جي ضرورت هئي: سندن نظر انتخاب حضرت مولانا ڏيرويءَ تي پيئي ۽ کين خواجه صاحب جن گهڻو اصرار ڪيو، ان ڪري پاڻ مدرسي عربيه گاهي مهيسر ۾ آيا، ۽ اتي 1349 هه تائين تعليم ڏيندا رهيا. ان کان بعد، سيد علي اڪبر شاهه صاحب جن سان مشورو ڪري، ميهڙ ۾ عربي مدرسو قائم ڪيائون، جو اڄ تائين جاري آهي ۽ هن وقت ”مدرسہ دارالقرآن“ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن ۾ ڇهه مدرس ڪم ڪن ٿا ۽ سڀني علمن جي تعليم ڏني وڃي ٿي.

سندن شاگردن جو سلسلو تمام گهڻو آهي، پر ڪجهه نالا هي آهن: (1) مولانا عبدالغفور، خدا بخش بلوچ، بهاولپور، ضلعو دادو، سنڌ؛ (2) مولانا محمد يوسف صاحب، ڏيپر، پيش امام مسجد انجمن شيڊ، ڪوٽڙي؛ (3) مولانا قاري احمد صاحب چارڻ، مدرس مدرسہ اسلاميه، مولهڻ، لڳ ٺارو شاهه، سنڌ؛ (4) مولانا دين محمد صاحب ”اديب“ فيروزشاهي، معلم دينيات، نور محمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد؛ (5) مولانا عرض محمد ”سانگي“، معلم عربي، جامعہ عربيه، حيدرآباد؛ (6) مولانا در محمد صاحب پنهور، معلم عربي، مدرسہ دارالقرآن، ميهڙ، دادو؛ (7) مولانا علي محمد صاحب گلال، معلم مدرسہ ربانيه ٽاٽري، لڳ باڊه؛ (8) مرحوم مولانا عبدالڪريم صاحب ڊکڻ، سابق مدرس مدرسه عربيه، لنڊ ڳوٺ، مورو؛ (9) مولانا حڪيم قطب الدين صاحب، ڳوٺ پٽڙا، تعلقو ميهڙ، دادو؛ ۽ (10) راقم آثم (قاري) محمد، ڏيرو، مهتم مدرسه عربيه دارالقرآن، ميهڙ، دادو.

سندن وفات حسرت آيات 8 رجب المرجب 1373 هه، مدرسه دارالقرآن ميهڙ ۾ ٿي. تاريخ ولادت جي حساب سان سندن عمر ٽيهٺ ورهيه ٿي. حضرت مولانا مرحوم، پنهنجي آخري وقت ۾، حضرت مولانا مولوي در محمد صاحب کي فرمايو ته ”هاڻي عمر حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جي عمر موافق ٿي آهي: جيڪڏهن هن وقت خاتمو ٿيو، ته موافقت عمر جو شرف به حاصل ٿي ويندو“- ٿيو به ائين. سندن مزار، ميهڙ شهر جي مغربي قبرستان ۾ آهي.

قطعه تاريخ وفات

بشد عبدالکريم آن عالمِ دين،

 

ز دنيا سوي درگاهِ خدائي.

فقيہ و مصلح و فيّاضِ دوران،

 

دريغ از دوستان کرده جدائي!

ز بدوِ عمر از پاکِيّ طينت،

 

بزد چنگل بحبلِ پارسائي.

نموده ترک لذّاتِ جهان را،

 

بحق مي باخت نردّ آشنائي.

مدرّس هم مصنّف ناشرِ دين،

 

ز بدعت داد مردم را رهائي.

کمالاتِ طريقت کرد حاصل،

 

دلش شد مطلعِ نورِ خدائي.

خدا کردش طبيبِ جسم و جانها،

 

عطا کردش خواصِ کيميائي.

فنِ تجويد را ترويج بخشيد،

 

نمود اين علم را مشکل کشائي.

”اديبا“ چون نمودم فکر تاريخ،

 

خرد گفتا: ”زخاصانِ خدائي“.

1313

(2)

’عبدالکريم ديروي‘ آن عارفِ خدا،

رفت از جهان بجنتِ فردوس دلکشا؛

بنمود چون ”اديب“ ز هاتف سوالِ سال،

ايما بلطف کرد، ”بآغوشِ انبيا“.

 

-------------

مولانا دين محمد ”اديب“

 

حاجي عمر الدين چنو مرحوم

هي بزرگ هڪ بااثر عالم هو. خيرپور ناٿن شاهه جي ڀرسان، ابراهيم چني جي ڳوٺ (تعلقو ڪڪڙ، ضلعو دادو) جو باشندو هو. سن 1288 هجري ۾ ڄائو. سندس منظر ۽ نظر جاذب هئا. فيروزشاهه ۾ مولانا خير محمد وٽ، پوءِ ان جي فرزند مولانا عطاءالله ۽ ان جي شاگرد مولوي محمد صاحب آگري وٽ تعليم ورتائين؛ آخر ۾ گهوٽڪيءَ ۾ مولانا قمرالدين انڍڙ وٽ تعليم ورتائين، ۽ 1317 هه ۾ وٽس دستاربندي ڪيائين. مولوي صاحب جي عمر پنجاسي سال هئي. اڪثر و بيشتر لاڙ ۾ پڙهايو اٿس، ۽ ڳچ وقت عمر ڪوٽ تعلقي ۾ رتي ڪوٽ ۾ پڙهايو اٿس. وٽس شاگرد گهڻا پڙهڻ ايندا هئا. ڪن مشهور شاگردن جا نالا هي آهن: مولوي محمد صاحب آڙهوٽو، ويٺل ڳوٺ احمد شاهه گروهڙي (کپرو)؛ مولوي محمد يعقوب صاحب هنگورجو، ويٺل رتو ڪوٽ، کپرو؛ مولوي عبدالحليم پهنور، ويٺل ورند جا ڀاڻ (ميهڙ)؛ مولوي محمد علي صاحب لانڊر، سانگهڙ؛ مولوي غلام محمد صاحب ٻٻر، ڳوٺ لڌاڻ (ڪڪڙ، دادو)؛ مولوي نجم الدين صاحب مهر ريگستاني (ضلعو ٿرپارڪر)؛ ۽ مولوي عبيدالله مرحوم، (مولانا جو عزيز ۽ ڳوٺائي). آخر عمر ۾ مريد به ڪيائين. پاڻ مولانا غلام صديق شهدادڪوٽيءَ جو مريد هو.

مولوي صاحب سخن- شناس به هڪڙوئي هو. مرحوم نور محمد تي لکيل مرثيو مون کين ڏنو، پاڻ پڙهي چيائين ته ”هن بيت ۾ ڏاڍو درد آهي“- هو به ائين، ڇو ته مون کي ان بيت جي جوڙڻ مهل گهڻو درد محسوس ٿيو هو. مولوي صاحب منهنجي والد جو ماسات هو. مون سان به سندس محبت گهڻي هئي.

تاريخ 16 ربيع الاول سن 1374 هه، برابر 13 نومبر 1954ع تي وفات ڪيائين. مون سندس وفات تي هيٺيون قطعه تاريخ لکيو:

فاني ست اين مکان و زمان، ارض و آسمان،

باقي ست تا ابد ز ازل ذاتِ ذوالجلال:

رفتند انبيا، نه بمانند اوليا،

تو کيستي کہ غّره شوي بر متاع و مال!

علامہء زمان عمرالدّين يا خدا،

رفت از جهان بسوي خداوندِ لايزال.

عمرِ تمام صرفَ بتعليمِ دين نمود،

عمرِ عزيز يافتہ هشتاد و پنج سال.

اي صورتت مسخّرِ دلهاي مردمان،

و اي سيرتت بدام فگنہء همہ رجال؛

سيراب شد ز بحرِ علومت جهان جهان،

اهل جهان ز مغرب و مشرق، يمين، شمال؛

گريند در فراقِ تو دلدادگانِ تو،

هم مهرو ماه انجم و شب روزو ماه و سال؛

وابستگانِ فيضِ تو نانند چون سحاب،

آن ذاکرانِ نامِ خداوندِ بي مثال.

گفة ”اديب“ سال تو ”غَفَرَ الوَحِيد لَہ“،

يابي نعم کہ نامہء در وهم در خيال.

 

---------------

مولوي محمد هالائي

 

مولانا احمد مرحوم هالائي

مرحوم مولانا صاحب جن جي ولادت، حيدرآباد ضلعي جي مشهور شهر هالا پراڻا ۾، تاريخ 7 جمادالثاني سن 1314 هجريءَ ۾ ٿي. سندن والد جو نالو مولوي محمد هالائي هو. مولانا صاحب جن ننڍي هوندي کان ئي طبيعت جا ذڪي، ذهين ۽ بالڪل هوشيار هوندا هئا- ايتريقدر جو صرف ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد بزرگوار وٽ قرآن شريف فارسيءَ جو سارو نصاب، ۽ عربيءَ جو جملي نظامي نصاب ختم ڪري دستار فضيلت ٻڌائون. سندس دستاربنديءَ جي رسم، تبرڪاً، حضرت مولانا و مرشدنا الحاج خواجه اقا حافظ محمد حسن جان صاحب مرحوم سرهندي جن کان ڪرائي ويئي هئي.

مولانا صاحب جن دستاربنديءَ بعد پنهنجي ئي ”مدرسه محمديه“ ۾ درس ڏيڻ لڳا. سندن شاگردن مان مشهور شاگرد، مولوي محمد عرس، دهري (متصل ٽنڊو آدم)، مولوي محمود سانوڻي هالائي، حڪيم شيخ حاجي عبدالواحد متعلوي، ۽ مولوي محمد هالائي (سندن فرزند)، وغيره آهن.

مولانا صاحب جن پنهنجي مدرسي جي مهتميءَ سان گڏ، تحرير نويسيءَ ۽ شرعي فيصلن جو ڪم به بلڪل گهڻي انداز ۾، باحسن الوجهه ڪندا هئا. سندن فنِ افتاء ۽ تحرير نويسيءَ جي هاڪ سڄيءَ سنڌ ۾ هوندي هئي. حضرت مرحوم مولانا دين محمد صاحب ”وفائي“ (مشهور غير مقلد) به بسا اوقات کانئس فقهي تحقيقون ڪرائيندو ۽ مسئلا لکارائيندو هو- ۽ هميشہ کين انهيءَ فن ۾ داد ڏيندو هو.

مولانا صاحب جن پنهنجي سڄي عمر پنهنجي ئي ڳوٺ هالن پراڻن ۾ بسر ڪئي، تاهم سندن صحبت ان وقت جي چڱن چڱن عالمن سان هئي. انهن بزرگن مان مرحوم مولانا محمد صادق صاحب کڏي وارو (ڪراچي)، مرحوم مولانا دين محمد ”وفائي“، مرحوم مولوي فتح محمد سيوستاني، مرحوم عبدالقيوم صاحب بختيارپوري، مرحوم مولانا عبدالرؤف بختيارپوري، مرحوم مولانا حاجي عبدالله ڪبرائي ۽ مرحوم مولانا محمد سليمان واعظ الاسلام ٿرڙائي، جن جا نالا قابل ذڪر آهن.

مولانا مرحوم جن حيدرآباد ۽ نوابشاهه ضلعن جا وڏا مفتي هئا. طريقو نقشبنديه هون، ۽ بيعت خواجه آقا حافظ محمد حسن صاحب سرهندي مجددي ٽکڙائيءَ سان هئن. سندن طبع بلڪل نرم، خوش اخلاق، مرنج مرنجان، بردبار ۽ ماٺيڻي هئي. موجوده قحط الرجال جي زماني ۾ سندن شخصيت اعليٰ درجي جي هئي: مطلب ته پاڻ صحيح معنيٰ ۾ بينظير عالم باعمل، نهايت پرهيزگار، متقي، متشرع، زبردست فقيہ ۽عالم حقاني هئا. پاڻ هميشہ قومي خيال رکندڙ ۽ سياست جا ڄاڻو هئا. خلافت تحريڪ کان وٺي جيڪي به سياسي ۽ مذهبي تحريڪون وقت بوقت ٿينديون ٿي رهيون، تن ۾ نه فقط همدرد ۽ معاون هئا، مگر پاڻ هڪ اعليٰ رڪن جي حيثيت سان مصروف عمل پڻ رهندا هئا.

مولانا مرحوم جن، 15 محرم الحرام سن 1376 هجريءَ ۾، هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي. سندن قبر پنهنجي والد بزرگوار جي قبر جي ڀرسان آهي. سندن ڀاءُ مولوي عبدالله صاحب، سندن تاريخ وفات هن طرح لکي آهي:

دريغار از وصالِ مردِ مبرور،

مثال امد تو گوئي ’نفع في الصور‘!

ز هجرتِ او چراغء فيض گل گشت،

ز رحلتِ او بر آمد ظلمت از نور.

ازين واقعہ جدائي جيد عالم،

اهالي علم و عالم گشت رنجور.

جنابِ مولوي ’احمد‘ مدرس،

ز دنيا رفت و علم دين شد دور.

اديب و عالم و مشفق محقق،

فقيہ و فاضل و مفتي مشهور:

ز هر تلميذ عندالناس مشکور،

شد از تدريس عندالله ماجور.

بخمسة عشر تاريخ محرم،

شبِ خميس گشت آن ماه مهجور.

بسالِ وصل او ”احقر“ چنين گفت:

”شده مشغولِ حق و با خير مامور“. (1376)

 

مولانا دين محمد ”اديب“

 

مولانا محمد ملوڪ

مولانا مولوي محمد ملوڪ صاحب، اصل سهاڳ ڪمانگر تعلقي ميهڙ جا ويٺل آهن. علامه حاجي عطاءالله صاحب فيروزشاهيءَ کان تعليم حاصل ڪيائون. مولانا محمد ملوڪ صاحب راقم الحروف سان پنهنجي مختصر سوانح حيات هن طرح بيان ڪئي:

”آءٌ ڳوٺ گهلو (تعلقو دادو) ۾ رهندو هوس. ڪڙمت جي ڪرت ڪندو هوس. هڪ رات خواب ۾ هڪ دلڪش صورت جي عورت ڏٺم، جا حسن و جمال ۾ بيمثال هئي، ۽ زيورن ۽ زربفت جي لباس سان آراسته پيراسته هئي. مون کي مخاطب ٿي چيائين ته ’منهنجو نالو آهي ”هدايت“، ۽ آءٌ تو لاءِ آهيان‘ انهيءَ خواب مون کي بيخواب ڪري ڇڏيو. ڪم ڪار ڪونه پيو پُڄي! کاٽيءَ تي ويس ته کاٽيءَ کان به کٽو ٿي پيس: يا ته اڳ سڀني کان اڳ ۾ هوندو هوس، ۽ اڄ سڀني کان کاٽيءَ ۾ پٺتي هوس. ماڻهن کي به منهنجي هن حالت تي عجب پئي لڳو.

”انهن ڏينهن ۾ هڪ عرب مسافر گهلن ۾ آيل هو، ان سان اهو خواب ۽ پنهنجي دل جو حال بلا حجاب بيان ڪيم. ان چيو ته ’تون فيروزشاهه وڃي ديني علم پڙهه‘. مان سندس صلاح موجب فيروزشاهه ويس. ڳوٺ کان ٻاهر مولانا عطاءالله فيروزشاهي مون کي مليو، ۽ مون کيس طلب علم جو مقصد ٻڌايو. مولانا صاحب مون کي ڦرهيءَ تي الف- ب لکي ڏني، ۽ پنهنجن اُٺن جي ڌنارپ پڻ منهنجي سپرد ڪيائين؛ چنانچه آءٌ اهو ڪم به ڪندو هوس- اُٺن سان گڏ پڙهندو به هوس. بزرگ باڪمال هو، ان جي برڪت سان منهنجي قسمت جاڳي پيئي.. ڇهن سالن جي عرصي ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي تحصيل ڪيم. انهيءَ کان پهرين، مولانا فيروزشاهيءَ وٽ ڪوبه دستاربند ڪونه ٿيو هو.

”دستاربنديءَ کان ٿورو اڳ، مون خواب لڌو ته فيروزشاهه جي مسجد يا حجري ۾ سرور ڪائنات، فخر موجودات، سيدنا رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن رونق افروز آهن، ۽ مولانا فيروزشاهي به اتي موجود آهي؛ آءٌ به ان مجلس ۾ حاضر آهيان، ۽ گفتگو اشارن ڪتابن ۾ ٿي رهي آهي. استاد صاحب مون لاءِ التجا ڪئي، جن مان ڪي سفارشون قبول ڪيون ويون، ۽ ڪي نه.“

مولوي محمد ملوڪ صاحب ڪٿي ڪٿي پڙهايو، ان جو مون کي علم نه آهي. هالن ۾ مولوي هدايت الله ۽ سندس والد مولوي محمد حسن کي پڙهايو اٿن.

مولانا محمد ملوڪ صاحب اڄڪلهه ضلعي دادو ۾ پياري ڳوٺ اسٽيشن جي ڀرسان رهن ٿا: اتي زمين خريد ڪئي اٿن، ۽ پنهنجو ڳوٺ آباد ڪيو اٿن.

مولانا دين محمد ”اديب“

 

حضرت سيد حاجي شير محمد شاهه مهاجر مدني

 

”باز گو از نجد و از ياران نجد،

تا در و ديوار را آرد بوجد.“

حضرت حاجي شير محمد شاهه، ولد سيد عارف شاهه رحه، گهوٽڪيءَ وارا، خانداني پير آهن. سندن گهڻا ئي مريد آهن. فارسي ۽ عربي پڙهيل آهن. اصطلاحي ’مولوي‘ آهن يا نه، اُن جو مون کي علم ناهي. مگر سندن علمي دستگاهه، مصطلح عالمن کان گهڻي بلند آهي. ساري عمر علم ۽ عمل ۾ آندي اٿن. فن تجويد جا ماهر ۽ قاري آهن. سندن عمر اسي سالن کي قريب آهي. سندن تاليف هيءَ آهي: (1) ”القول المغتنم في زکواة الغنم“ (اردو)- هن ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جي زڪوات بابت بحث ٿيل آهي؛ انهن ٻنهي جي زڪوات ۾ ڪجهه تفاوت اهي، جنهن بابت سنڌ جي هڪ وڏي مفتيءَ کان غلطي ٿي ويئي؛ ديوبند جي عالمن ان تي روشني وڌي آهي؛ عالمن جي ڏسڻ لائق آهي؛ (2) ”جمال القرآن“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو؛ (3) ”بهشتي زيور“ جي ستين حصي جو سنڌي ترجمو؛ (4) قراةلعينين في زيارة الحرمين“ (اردو ۽ سنڌي)- اردو وارو ڇپايل آهي.

حڪيم الامت مولانا اشرف علي ٿانويءَ جا خليفه مجاز آهن. سندن خليفن جي فهرست ۾ حاجي صاحب جو نالو چوٿون نمبر آهي- ان جو مطلب هي آهي ته حاجي صاحب جو تعلق حڪيم الامت سان پراڻو آهي. سندن خدمت ۽ صحبت مان گهڻو ڪجهه علم ۽ عمل جي دولت حاصل ڪئي اٿن. حڪيم الامت جي تعليم جو اثر ٿيو جو حاجي صاحب رسمي پيري- مريديءَ کي ڇڏي ڏنو، ۽ بالڪل سچي فقيريءَ کي اختيار ڪيو. سندن اٺ يا نو دفعا حج ڪيل آهي، مگر جوار حبيب جي اشتياق کين هتي سنڌ ۾ رهڻ نه ڏنو: آل، مال ۽ دنيوي اقبال ڇڏي، ڪيترن سالن کان وڃي ڪوي حبيب ۾ ساڪن ٿيا آهن. هن کان ٻه سال اڳ، سندن وڏو ڀاءُ ميان فخرالدين شاهه ۽ سندن اهليه حج تي ويا، انهن کين سنڌ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي؛ انهن جي اصرار ڪري تيار ٿيا، پر پوءِ چيائون ته حضور جن جي قرب کي نٿو ڇڏيان. ماني به پاڻ پچائيندا آهن. هڪ دفعي ماني پچائيندي اسٽوو تان کين باهه لڳي ويئي، جنهن کين سخت زخمي ڪيو، مگر اهي تڪليفون برداشت ڪريو ويٺا آهن. هي آهي عشق نبوي، ۽ هي آهي ترڪ دنيا!

حاجي شير محمد شاهه جو ڀاءُ، پير فخرالدين شاهه ولد سيد عارف شاهه، گهوٽڪيءَ وارو، عالم آهي؛ حاجي شير محمد شاهه کان اٺ مهينا وڏو آهي. هي بزرگ به حضرت ٿانوي رحه جو خليفو مَجاز آهي. حڪيم الامت جي برڪت ڪري، هن بزرگ به رسمي پيري- مريدي ڇڏي ڏني. دين جي خدمت ڪري رهيو آهي؛ وڏو عربي مدرسو هلائي رهيو آهي؛ مدرسن جي تنخواهه ۽ طالب علمن جو کاڌو سڀ سندس ذمي آهي؛ مدرسو تمام خوش اسلوبيءَ سان هلي رهيو آهي: هيءَ سندس اخلاص جي برڪت آهي.

 

--------------

مخدوم امير احمد

 

مولانا محمّد هاشم انصاري

حضرت استاذي و استاذالعلماء مولانا هاشم صاحب انصاري، 12 ربيع الاول 1305 هجريءَ ۾، ڦلجي تعلقي جوهي ضلعي دادوءَ ۾ ڄاوا. سندس وڏو ڏاڏو، خواجه ڪرم الله، مدينه منوره زادها الله شرفا وتعظيما ۾ رهندو هو، ۽ مديني منوره جي انصارن مان هو.

حضرت مولانا جي وڏن ۾ اها روايت مشهور هئي ته خواجه ڪرم الله جِي، لواريءَ جي مشهور نقشبندي خاندان جي مورث اعليٰ حضرت خواجه محمد زمان عليہ الرحمة سان پهرين ملاقات مديني شريف ۾ ٿي، جتي هو صاحب خواجه محمد زمان جي ولايت ۽ بلند مقامات ڏسي مٿن موهجي پيو ۽ سندن مريد ٿيو. هو صاحب خواجه صاحب جي محبت ۽ عقيدت جي زنجير ۾ اهڙو ته جڪڙجي ويو، جو وطن جي وڻن کي خيرباد چئي، ساڻن گڏجي سنڌ ۾ آيو، ۽ سندس صحبت ڪيميا- اثر ۾ رهي، رچي ريٽو ٿيو. سنڌ کي پنهنجو دائمي وطن بڻايائين.

پير صاحب جي هڪ مريد، بلال ملاح، جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. بلال ملاح ڦلجيءَ جو رهاڪو هو، تنهنڪري خواجه ڪرم الله انصاريءَ به ڦلجيءَ کي پنهنجو مستقل سڪونتگاهه بنايو. خواجه ڪرم الله، حضرت خواجه محمد زمان عليہ الرحمة جي وڏن خليفن مان شمار ٿيندو هو. سندس مزار مبارڪ ڦلجيءَ ۾ اڄ تائين موجود آهي، ۽ عام خاص ماڻهن جو زيارتگاهه آهي، خصوصاً لواريءَ شريف جي جماعت جي اتي تمام گهڻي آمد رفت رهي ٿي.

خليفي ڪرم الله کي بلال ملاح جي نياڻيءَ مان ٻه فرزند، حاجي هدايت الله ۽ مولوي عبدالصمد ۽ هڪ نياڻي پيدا ٿيا. ٽنهي جو اولاد اڃا تائين موجود آهي. اسان جو مولانا محمد هاشم صاحب، مولوي عبدالصمد صاحب جي اولاد مان آهي. سندن سلسلهء نسب خواجه ڪرم الله سان هن طرح ملي ٿو: محمد هاشم، بن ملا محمد، بن حافظ الهڏنو، بن حاجي احمد، بن مولوي عبدالصمد، بن خواجه ڪرم الله مدني انصاري.

مولانا محمد هاشم صاحب جا وڏا، خليفي ڪرم الله انصاري عليہ الرحمة جي وفات کان پوءِ به اتي ئي ڦلجيءَ ۾ رهندا هئا: اگرچ سندن والد ملا محمد صاحب، ڪن سببن ڪري، ٿورو عرصو ڦلجي شهر کي ڇڏي، اچي ڦلجيءَ جي اسٽيشن جي قريب هڪ تمام ننڍڙي ڳوٺ، ”اوباهيي فقير جو ٿلهو“، ۾ بودوباش اختيار ڪئي هئي؛ اُتي جاءِ به ٺهرائي هئائين، ۽ سندس مولانا صاحب جي ڪوشش سان اتي هڪ مسجد به ٺهي تيار ٿي هئي؛ مگر آخرڪار، والد صاحب جي وفات کان پوءِ، مولانا صاحب وري وڃي پنهنجي اباڻي وطن ڦلجيءَ کي وسايو. هن وقت سندن مستقل رهائش ڦلجيءَ جي شهر ۾ آهي. پاٽ جي مشهور معروف نيڪ نيت انسان قاضي غلام مصطفيٰ، رٽائر ڪليڪٽر، جي نيڪ ڪوششن سان کين سندن اباڻي زمين به واپس ملي آهي، جنهن تي سندن مائٽ ناجائز قبضو ڪري ويا هئا، ۽ مولانا صاحب خواهه سندس والد مرحوم يا ڀائرن کي ويجهو به اچڻ نٿي ڏنائون. قاضي صاهب، مولانا جي هيءَ مدد انهيءَ وقت ۾ ڪئي هئي، جڏهن پاڻ دادوءَ جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو.

مولانا صاحب جي والد ملا محمد کي چار پٽ ڄاوا: (1) مولانا محمد هاشم صاحب، (2) ميان محمد حسن (3) مولوي عبدالله صاحب، ۽ (4) ميان محمد عيسيٰ. هن وقت چارئي خدا جي فضل سان حيات آهن. ٻيو ۽ چوٿون نمبر پٽ، زماني جي گردش ۾ گرفتار ٿي، علم جي نعمت کان بي بهره رهجي ويا؛ باقي پهريون ۽ ٽيون نمبر خدا جي فضل سان علم جي دولت سان چڱيءَ طرح مالا مال آهن.

مولوي عبدالله صاحب، پنهنجي ڀاءُ مولانا محمد هاشم جو شاگرد آهي. راقم الحروف سان هم سبق هو. سڄي عمر مجرد رهي گذاري اٿس. هن وقت ماتلي ضلعي حيدرآباد ۾ رهي ٿو. فارسي ۽ عربيءَ جو وڏو اديب ۽ ماهر آهي. سندس تصنيفات مان شاهه ولي الله صاحب جي معرڪة الاراڪتاب ”حجة الله البالغ“ جو عربي حاشيو مشهور آهي، جو قلمي صورت ۾ وٽس موجود آهي. پاڻ سنڌي ۽ فارسي زبانن جو تمام سٺو شاعر آهي. سندس مولود، ڪافيون ۽ غزل مشهور ۽ مقبول آهن.

مولانا محمد هاشم صاحب، ننڍپڻ ۾ پنهنجي شهر ڦلجيءَ ۾ قرآن پاڪ ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪري، عربي وڃي جوهي شهر جي مشهور معروف عالم ۽ مدرس مولانا محمد حسن صاحب کوسي بلوچ وٽ پڙهڻ شروع ڪئي- (مولانا محمد حسن جو مدرسو انهيءَ وقت ”ڊگهه بالا“ تعلقي جوهيءَ ۾ هوندو هو).

مولانا محمد حسن صاحب، مولانا عبدالرحمان ڌامراهي جو شاگرد هو. ڌامراها، هڪ ننڍڙو ڳوٺ، لاڙڪاڻي جي پسگردائيءَ ۾ آهي. مولانا عبدالرحمان رياست بهاولپور جي نامي گرامي عالم مولانا نظر محمد صاحب ڀُنگ واري وٽان فارغ التحصيل ٿيل هو. مولانا محمد حسن صاحب، هونئن ته سڀني رواجي عربي ۽ ديني علمن ۾ وڏي دسترس رکندو هو، پر خاص طرح ميراث جي علم ۾ نانءَ چڙهيل هو.

مولانا محمد هاشم صاحب وچ ۾ سنڌ جي ٻين بزرگن کان به استفادو ڪيو: جهڙوڪ مولانا عطاءُ الله فيروزشاهي، جو حضرت مولانا شهدادڪوٽيءَ جو شاگرد هو ۽ وڏو صاحب فيض ۽ علم ۾ باعمل هو، مگر آخر وري به اچي مولانا محمد حسن وٽ پڙهڻ لڳو ۽ اتي ئي رواجي نصاب جي تڪميل ڪيائون.

پاڻ تمام ذهين ظالب هئا. مولوي دين محمد صاحب ”اديب“ ڳالهه ڪئي ته سنڌ جو مشهور عالم، اديب ۽ شاعر مولانا الاهي بخش صاحب ٻانهي لاکير وارو چوندو هو ته ’مون وٽ پڙهڻ لاءِ گهڻائي طالب علم آيا، پر مولوي محمد هاشم جهڙو ذهين شاگرد ڪو ڪونه آيو‘ ياد رهي ته مولانا محمد هاشم صاحب جن ڪو ٿورو وقت مولانا الاهي بخش صاحب وٽ پڙهيا هئا. طالب علميءَ جي زماني ۾ کين علم جو نهايت عشق هوندو. پاڻ ڳالهه ڪندا هئا ته ’ڪيترا دفعا ائين به ٿيو جو سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ آءٌ ڪنهن ڪتاب جي مطالعي کي لڳي ويس، ماني ڀر ۾ رکي هئي، پر محويت جي عالم ۾ ماني کائڻ وسري ويئي- خبر تڏهن پيئي، جڏهن مؤذن اچي صبح جي بانگ ڏني! مان ڇرڪ ڀري هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس، ۽ عجب وچان زبان مان نڪري ويو ته ”مار، هيتري ۾ رات گذري ويئي“!‘

تحصيل ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ دادوءَ ۾ قاضين واريءَ مسجد ۾ اچي درس تدرس جو شغل جاري ڪيائون. ٿوري ئي وقت ۾ سندن هاڪ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي، ۽ پري پري جا طالب العلم هن علم جي شمع تي پروانن وانگيان اچي جمع ٿيا. پاڻ سنڌ ۾ مختلف جاين تي تعليم جو شغل جاري رکيائون- جهڙوڪ (1) ”ميان جو پَٽ“، لڳ اسٽيشن همايون، ضلعو سکر: هتي پاڻ علامه عبدالغفور همايوني رحمةالله جي شاگرد، ميان مبارڪ، جي فرزند ميان عبدالحي جي پاڙهڻ آيا، ۽ انهيءَ سان گڏ ٻيا به ڪيئي علم جا پياسا پنهنجي پياس لاهيندا رهيا؛ (2) کهڙا، رياست خيرپور: هتي پاڻ راقم الحروف ۽ کهڙن جي مخدومن جي ٻين ٻارن کي پاڙهڻ لاءِ مقرر ٿيا، مگر هتي به ٻاهران طالب چڱي تعداد ۾ آيا ۽ فائدو وٺندا رهيا؛ (3) قاضيءَ جي ڪنڊي، لڳ اسٽيشن ڦلجي: هتي پاڻ مولانا محمد حسن ڪنڊيائي، ثم حيدرآبادي، جي فرزند قاضي حاجي محمد ۽ قاضي خاندانن جي پڳدار قاضي ميان عبدالله جي پاڙهڻ لاءِ رهيا، تڏهن به سندن علم جي درياهه مان فيض پرائڻ جي منع ڪنهن کي ڪانه هئي؛ (4) دادوءَ جي شهر ۾ ميان جيوڻ شاهه جي مسجد: هتي ڪنهن خاص ماڻهوءَ جو پاڙهڻ مدنظر ڪونه هو، بلڪ هڪ عام مدرسو هو؛ هتي به شهر خواهه ٻاهر جا ڪافي طالب علم پنهنجي مقصود جي گوهر هٿ ڪرڻ لاءِ اچي جمع ٿيا؛ (5) شڪارپور: هتي حضرت پير ضياءُ معصوم سرهندي عليہ الرحمة جي فرزند مولوي پير غلام مجدد جي پاڙهڻ لاءِ اچي رهيا، پر سندن مفتونن هتي به سندن پٺ نه ڇڏي؛ (6) کاهي ڪنڍا، لڳ نوشهرو فيروز: هتي پاڻ سنڌ جي مشهور ولي سيد ميان نورشاهه جي درگاهه جي سجاده نشين پير ميان امام بخش شاهه جي فرزندن- سيد ميان نور شاهه ۽ سندن ڀائرن- جا استاد مقرر ٿي آيا؛ سندن فيض جو دروازو هتي به عام طرح کليل هو.

کاهي ڪنڍن کان پوءِ، ڪو ٿورو وقت، نوشهرو فيروز ۾ اتي جي مشهور حڪيم ۽ عالم قاضي ميان احمديءَ جي فرزند ميان عبدالهاديءَ کي تعليم ڏنائون؛ پوءِ ستت ئي نوابشاهه جي جامع مسجد جا پيش امام مقرر ٿيا، ۽ اڃا تائين اتي رهندا اچن ٿا- متعنا الله تعاليٰ وَسائرالمسلمين بطولِ بقائہ!

سندن تعليم ۽ تربيت جي ڪهڙي تعريف ڪجي- گويا امير خسروءَ جو هيءُ مصرعو سندن حق ۾ چيل آهي:


 

”آفاقها گرديده ام، سحرِبتان ورزيده ام،

بسيار خوبان ديده ام، ليکن تو چيزي ديگري!“

پاڻ شاگردن جي تعليم کان وڌيڪ، انهن جي تربيت کي مقدم سمجهندا آهن. انگريزي ڪونه ڄاڻن، مگر انگريزيءَ جي هڪ مقولي- ”Character lost, every thing lost“ تي کين پورو پورو اعقاد آهي. انهيءَ ڪري، پاڻ شاگردن جي اخلاق، اطوار ۽ عادات جي تمام سخت نگراني ڪندا آهن، ۽ ڪنهن شاگرد جي ٿوري به ناموزون حرڪت ڏسندا، ته بروقت ٽوڪڻ ۾ دير بلڪل نه ڪندا آهن.

شاگردن جي طبيعت، رجحانات ۽ استعداد کي جاچي وٺڻ جو کين خاص ملڪو حاصل آهي: ٻن ٽن صحبتن ۾ جاچي وٺندا آهن ته هيءُ ماڻهو علم پرائڻ جي اهليت رکي ٿو يا نه: کين معلوم ٿيو ته هيءُ نااهل آهي، ته انهيءَ کي هڪدم ٽڪيٽ وٺائيندا ۽ فرمائيندا- ”تربيت نااهل را چون گردگان برگنبد ست“؛  باقي جنهن کي اهل ڏسندا، پوءِ انهيءَ سان ڪيتري به محنت ڪرڻ کان ڪين گُسندا- ڀلي ته کين ڪيتري به قيمت ڏيڻي پوي، مگر شاگرد جي حياتي وڃائڻ نه پسند ڪندا. مون کي پنهنجو مثال ياد آهي: پاڻ جڏهن اسان مخدومن جي ٻارن کي پاڙهڻ لاءِ کهڙن جي شهر ۾ تشريف فرما ٿيا، ۽ مخدومن واريءَ مسجد جي حجري ۾ رهي اسان کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائون، تڏهين اسين جملي پنج ڄڻا ننڍڙا مخدوم، وٽن تعليم وٺڻ لڳاسين. مون کي ته پنهنجي مٺڙيءَ امڙ (جا کهڙن جي مشهور عالم ۽ فاضل مخدوم ميان محمد عاقل عرف پير محمد جي نياڻي هئي؛ پنهنجي پيءُ کان تعليم ورايل هيس، ۽ فارسي- عربيءَ کان به ڪنهن حد تائين واقف هئي) پهرئين ئي ڏينهن پنهنجي ڀر ۾ ويهاري، علم، جي فضيلت، استاد جي ادب، ۽ سندس آڏو بافضيلت رهڻ تي هڪ وڏو وعظ فرمائي، هنڌ مٿي تي کڻايو، ۽ فرمايو ته ”وڃي مولانا صاحب جي خذمت ۾ رهه، ۽ نهايت ادب ۽ اخلاص سان سندن هر خدمت جي بجاوري آڻيندو رهج. خبردار، متان ڪا تنهنجي شڪايت مون وٽ آئي آهي!“ مون ته انهيءَ تي ڪاربند ٿي، دل و جان سان مولانا صاحب جن جي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي، ۽ ٻين ڌنڌن کان فارغ ٿي رات ڏينهن علم پرائڻ کي لڳي ويس؛ مگر ٻيا صاحبزادا....؟ انهن جي مغز ۾ مخدوميءَ جو واءُ ڀريل، سي ڪٿي ٿا استاد جي خدمت ڪن، يا اَٺ ئي پهر علم جي طلب ۾ صرف ڪن! وري خدا جي فضل سان منهنجو ذهن ۽ ذڪاءُ به ٻين کان ڪثر هو. هوڏانهن، وڏن مخدومن وٽان مولانا صاحب کي حڪم پهتو ته ”ڏسج، متان هيءُ ڇوڪرو اسان جي فرزندن کان اڳي نڪري وڃي!“ مگر مولوي صاحب جن فرمايو ته ”مون کان اهڙو ظلم هرگز نه ٿيندو: مان استعداد هوندي ڪنهن شاگرد جي زندگي خراب ڪرڻ گناهه ٿو سمجهان“. نتيجو اهو ٿيو، جو انهيءَ گناهه جي پاداش ۾ مولانا صاحب کي گهڻيون تڪليفون سهڻيون پيون، ۽ آخر کهڙن جا وڻ ڇڏڻا پين. پاڻ اهو سڀڪجهه برداشت ڪيائون، مگر پنهنجو اصول نه ڀڳائون.

سندن اها به خوبي آهي، جو پاڻ تعليم ڏين وقت شاگرد جي ليول تي لهي ايندا آهن: شاگرد جيڪڏهن ابتدائي ڪتاب پيو پڙهندو، ته انهيءَ کي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪين ٻڌائيندا، بلڪ سبق پاڙهڻ وقت کيس ڪتاب جي لفظن ۽ معنيٰ وغيره متعلق مختصر ۽ واضح سمجهاڻي ڏيندا آهن، جو ڪتاب جو متن هن کي پوريءَ طرح ذهن نشين ٿي ويندو. سبق جي اڳواٽ مطالعي ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏيندا آهن: جيڪڏهن کين معلوم ٿي ويندو. ته شاگرد سبق مطالع ڪونه ڪيو آهي، ته انهيءَ کي ڪتاب اڇلائي ڏيندا ۽ سبق بالڪل نه پاڙهيندا آهن. منتهي طالب العلمن سان سندن پاڙهڻ جو طريقو، بحث ۽ تمحيص جو هوندو آهي: اڄ شاگردن کي سڏي چوندا ته ”سڀاڻي هن صفحي کان وٺي هن صفحي تائين پڙهنداسون، هر هڪ شاگرد تيار ٿي اچي“؛ ٻئي ڏينهن صبح جو هڪڙو شاگرد پڙهڻ شروع ڪندو، ۽ ٻين سڀني شاگردن کي عام اجازت هوندي ته جتي ڪنهن کي ڪو سوال ڪرڻو، اعتراض ڪرڻو، يا سمجهاڻي گهرڻي هجي ته پنهنجي پڙهڻ واري رفيق کان گهري سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح، ڪتاب جي اهم مقامات تي بحث ڇڙي پوندو آهي، ۽ هر هڪ شاگرد پنهنجو خيال آزاديءَ سان پيش ڪندو ويندو آهي. آخر ۾ فيصلو پاڻ ڏيندا آهن. سندن فيصلي تي به شاگردن کي اعتراض ڪرڻ جو پورو حق هوندو آهي. ڪيترا دفعا ائين به ٿيندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شاگرد سندن راءِ کي قوي دليلن سان رد ڪيو، ته پاڻ پنهنجي راءِ کان رجوع ڪرڻ ۾ دير بلڪل نه ڪندا آهن، ۽ نهايت خنده پيشانيءَ سان انهيءَ شاگرد کي آفرين ڪندي فرمائيندا ته ’بيشڪ تون صحيح آهين‘. مگر، انهيءَ بحث ۽ تمحيص ۾ ڪنهن به شاگرد کي لايعني يا اجائي ۽ بي بنياد سوال ڪرڻ جو حق نه ڏيندا آهن- بلڪ اهڙي واهيات سوال واري تي سخت ناراض ٿيندا آهن. پاڻ ائين به ڪندا آهن، جو وڏن وڏن ڪتابن جي ڏکين مقامن جو شاگردن کي اڳواٽ اطلاع ڏيندا آهن ته ’سڀاڻي جيڪو سبق آهي، سو نهايت ڏکيو ۽ منجهائيندڙ آهي: اها جاءِ مڙس ماڻهو ٿي مطالع ڪجو، ڏسون ته ڪير ٿو سمجهي اچي!‘ پوءِ، ٻئي ڏينهن هڪ هڪ کان پڇندا، ۽ جيڪو محنت ڪري سمجهي آيو هوندو، تنهن کي آفرين ڪندا آهن ۽ ٻين شاگردن جي اڳيان ان جي تعريف ڪندا. بعضي وقت تي ڪنهن مشڪل مقام جي حل ڪرڻ تي انعام به رکندا آهن، ۽ شاگردن کي ڏيندا آهن. آءٌ هتي هڪ مثال پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪريان ٿو: شڪارپور ۾ آءٌ، مولوي عبدالله صاحب، پير غلام مجدد صاحٻ شڪارپور وارو، مولوي محمد اعظم ۽ مولوي محمد صالح صاحب، هم- سبق هئاسون. خدا جي فضل سان سڀيئي ذهين ۽ محنتي هئاسون. مٿيان ڪتاب ٿي پڙهياسون. هڪ ڏينهن پاڻ ”شرح عقائد نسفي“ جي حاشيه ”خياليءَ“ جي هڪ مقام بابت فرمايائون ته ’هيءَ عبارت نهايت مشڪل ۽ پيچيدي آهي، ۽ اڪثر طالب علمن کي سمجهائڻ کان پوءِ به سمجهڻ ۾ نه ايندي آهي: توهان مان جيڪو به اها عبارت سمجهي ايندو، تنهن کي ڏهه رپيا انعام ڏينداسون‘. ٻئي ڏينهن صبح جو اُهو سبق پڙهڻو هو. رات جو تيار ٿي، ڪتابن جا ڍير گڏ ڪري، مطالعي تي ويٺاسون. انعام جي لالچ تي، ڪو ڪنهن کي ڪجهه ڏَسي به ڪونه پيو- جنهن جيڪي سمجهيو، انهيءَ تي خوش. صبح جو اچي حاضر ٿياسون. ٻئي ته ڪنهن کي به استاد جي سامهون تقرير ڪرڻ جي جراءت ڪانه ٿي، مون ۽ مولوي عبدالله صاحب الڳ الڳ انهيءَ مقام جي سمجهاڻي ڏني. اسان جي سمجهاڻيءَ تي پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا. فرمايائون ته ’هينئر مون کي يقين آهي ته توهان عربيءَ جي ڪنهن به ڏکئي ۾ ڏکئي ڪتاب ۾ نه منجهندا‘. اسان ٻنهي کي انعام مليو، جو استاد جو تبرڪ سمجهي کڻي چمي اکين تي رکيوسون.

پاڻ پنهنجن شاگردن کي اولاد کان به وڌيڪ پيارو سمجهندا آهن: شاگرد جي خوشي پنهنجي خوشي، ۽ شاگرد جو غم پنهنجو غم ڪري تصور ڪندا آهن. مون کي تحصيل ڪرڻ کان پوءِ، ابتدائي دور ۾، مائٽن جي حسد ۽ زماني جي ناسازگاريءَ ڪري ڪي تڪليفون رسيون ٿي، ته کين هر وقت انهن جو انتظار رهندو هو، ۽ رب جي درگاهه ۾ رات ڏينهن دعائون گهرندا رهندا هئا- بلڪ ٻين پيارن کان به دعائون گهرائيندا هئا، نيٺ، سندن دعائن جي برڪت سان، اُهو تڪليفن جو ڪڪر هٽي دور ٿيو، مولا مهربان اطمينان جون گهڙيون نصيب ڪيون. اڄ تائين پنهنجي اورين خواهه پرين شاگردن جي خبرچار وٺندا رهندا آهن، ڪڏهن به ڪنهن کي وساريندا نه. خداوندڪريم شال سندن پاڇو اسان جهڙن خادمن تي گهڻو وقت قائم رکي!

مڪي شريف ۽ مديني شريف سان خاص محبت اٿن. پاڻ پهريون حج سن 1341 هه ۾ ڪيائون. ان سال مون، پير غلام مجدد صاحب سرهندي شڪارپوري، ۽ مولوي عبدالله صاحب علم جي تحصيل کان فارغ ٿي، دستاربندي ڪئي. تڏهن حجاز مقدس تي شريف حسين جي حڪومت هئي. اتي، مديني شريف جي وڏي عالم حضرت مولانا عبدالباقي انصاريءَ (’فرنگي محل‘ لکنؤ وارو) جي خذمت ۾ علم حديث جي سند حاصل ڪيائون. مولانا عبدالباقي انصاري اصل ’فرنگي محل‘ لکنؤ جو هو، ۽ لکنؤ جي وڏي ۾ وڏي عالم مولانا عبدالباري فرنگي- محليءَ جو شاگرد هو؛ هندستان جي گوڙ  ۽ گمسان کان تنگ ٿي، هجرت ڪري، وڃي مديني شريف ۾ رهيو هو، ۽ اتي حرم نبويءَ ۾ حديث جو درس ڏيندو هو. وري ٻيو دفعو حجاز ۾، نجديءَ جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ، حج ڪيائون. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو مشهور مفڪر ۽ عالم، حضرت مولانا عبيدالله سنڌي، مڪي شريف ۾ جلا وطنيءَ جا ڏينهن گذاري رهيو هو. پاڻ انهيءَ جي خدمت ۾ رهي، حڪيم الامت حضرت شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جا ڪتاب- ”حجة البالغة“، وغيره- پڙهيائون. مولانا سنڌيءَ، سندن اهليت ۽ استعداد ڏسي، کين ازخود سڀني علمن جي سند عطا فرمائي. هن حج تي سندن ڀاءُ مولوي عبدالله به ساڻن گڏ هو. پاڻ ته حج جي موسم کان پوءِ موٽي آيا؛ باقي مولوي عبدالله صاحب اُتي سڄو سال رهِي پيو، ۽ ’حجةالبالغة‘ جو حاشيہ به اُتي لکيائين، جو مولانا سنڌيءَ جي نظر مان نڪتو ۽ پاڻ پسند فرمايائون.

حضرت مولانا محمد هاشم صاحب جن، تقريباً، سن 1936ع کان نوابشاهه ۾ رهڻ لڳا آهن. نوابشاهه ۾ اچڻ کان پوءِ کين قرآن شريف جي حفظ جو شوق ٿيو، ۽ پنهنجي منهن محنت ڪري قرآن شريف ياد ڪري ورتائون. جيستائين کين طاقت هئي، تيستائين رمضان شريف ۾ تراويحن ۾ جماعت کي قرآن شريف ٻڌائيندا رهيا.

گهڻي وقت کان پوءِ، جڏهن پاڻ اٽڪل سن 21-1920 ۾ دادوءَ ۾ ميان جيوڻ شاهه واري مسجد ۾ پاڙهيندا هئا، تڏهن کين معدي جي بيماري ٿي پيئي هئي، ۽ رفتي رفتي انهيءَ بيماريءَ هڪ مستقل بيماريءَ جي صورت اختيار ڪئي. هاڻي اٽڪل ڏهن سالن کان، انهيءَ بيماريءَ تمام شدت اختيار ڪئي آهي. سندن هاضمو نهايت ڪمزور آهي – ڪنهن خاص نرم يا زود – هضم کاڌي کان سواءِ ٻي ڪا به شَي هضم ڪانه ٿي ٿئي. بدن ۾ نهايت نحيف ۽ ضعيف ٿي ويا آهن، تڏهن به حرمين شريفين جي محبت جي اها ئي تار بيٺي اٿن. هينئر ته ساڻن رب پاڪ جو اهڙو لطف آهي، جو تقريباً، هر سال حج جي موسم کان اڳ غيبي امداد سان اهڙا اسباب پيدا ٿي وڃن ٿا. جو پاڻ حرمين شريفين جي زيارت جو شرف حاصل ڪري اچن ٿا. هن وقت تائين پاڻ ڏهه دفعا هيءَ سعادت حاصل ڪري آيا هوندا. تازو هن سال به حج تي ويل آهن – مولا پاڪ کين باسلامت واپس آڻيندو – هيءُ سندن يارهون حج ٿيندو.

تفسير حديث ۽ فقہ جي علمن سان سندن خاص شغف ۽ شوق آهي. ههڙي پيرانه سالي ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ به طالبن کي مٿين علمن جو درس ڏيندا رهن ٿا. طالب علميءَ جي زماني کان ئي کين علم تصوف ۽ سلوڪ جو شوق هو. انهيءَ زماني ۾ پنهنجي والد مرحوم سان گڏ وڃي حضرت خواجه محمد سعيد مڪي لواريءَ شريف جي مشهور بزرگ جي بيعت ڪيائون. مٿئين بزرگ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سندن فرزند پير احمد زمان لواريءَ وارو ابتا پير هليو، تڏهن انهيءَ جي بيعت فسخ ڪري، وڃي حضرت مولانا خادم حسين رتيديري واري سان (جيڪب آباد جي ڀرسان ڀليڏنه آباد ۾ رهندو هو) صحبت ڪيائين، ۽ اتي رهي نقشبندي سلسلي جي اجازت حاصل ڪيائون. حضرت مجدد الف ثانيءَ جي مڪتوبات خواهه ٻين تصوف جي ڪتابن جو اڄوڪي زماني ۾ حضرت مولانا محمد هاشم صاحب کي بهترين ڄاڻو تسليم ڪيو وڃي ٿو.

مولانا خادم حسين صاحب، مولانا نظرمحمد صاحب ڀُنگ واري جو شاگرد، ۽ حضرت خواجه محمد عمر صاحب چشمي شريف واري جو خاص خليفو هو، عام طور سڀني عربي ۽ ديني علمن جو ماهر هو، ۽ خصوصي طور علم ڪلام جو وڏو ڄاڻو هو. انهيءَ وقت جي طالب العلمن ۾ هيءُ بيت مشهور هوندو هو ته

”خيالاتِ خيالي بس بلند ست،

بر اي حل آن خادم حسين ست“.

حضرت مولانا محمد هاشم جو وجود مبارڪ اڄوڪي قحط الرجال جي دور ۾ غنيمت آهي. سندن صحبت سراسر فيض ۽ برڪت آهي. سندن صحبت ۾ ويهڻ کان پوءِ دل نه گهرندي ته ڪو اُٿجي. سندن زبان ۾ خداوند ڪريم ايترو ته تاثير وديعت رکيو آهي، جو ڪيترا بدڪار گنگهار سندن صحبت ۾ اچي، بدڪاريءَ کان توبهه ڪري، تائب ٿي، پاڪبازانه زندگي گذاري رهيا آهن. هڪ دفعي نوشهري جي قاضي ميان عبدالغفور (بي.اي.، ايل.ايل.بي.) ڳالهين ڪندي ذڪر ڪيو ته ”عالم اسان به گهڻا ڏٺا آهن، پر مولانا محمد هاشم صاحب جن جي صحبت ۾ ويهڻ سان ائين معلوم ٿيندو ته واقعي ڪنهن الله واري جي صحبت ۾ ويٺا آهيون: انهيءَ وقت پنهنجو وجود قطعا وسري وڃي ٿو، ۽ سندن شخصيت اسان جي مٿان حاوي ٿي وڃي ٿي – باجوديڪ سندن زندگي نهايت سادي آهي، ۽ سندن ڪچهريءَ ۾ ظاهري ساز و سامان جو نالو نشان به ڪونهي“.

حضرت مولانا جي دعا تير بهدف آهي. سندن زبان مبارڪ مان لفظ نڪرندو، الاهي درگاهه ۾ قبول ٿيندو. هزارين عقيدتمند سندن دعا جو فائدو وٺي چڪا آهن، ۽ وٺندا رهن ٿا.

پاڻ حضرت مولانا خادم حسين جا خليفه مجاز آهن؛ مگر جيئن ته سندن خاص شوق ۽ توجهه ظاهري علم – خصوصاً قرآن، حديث ۽ فقہ – ڏانهن رهيو ۽ رهندو آيو آهي، تنهنڪري سندن بيعت جو سلسلو ايڏو دراز ڪونهي – بلڪ چند خاص اهل علم سندن بيعت ۾ داخل آهن، ۽ سندن رهنمائيءَ ۾ سلوڪ جون منزلون طي ڪري چڪا آهن ۽ ڪندا رهن ٿا. هتي مثال طور مولانا صاحب جن جي هڪ مريد جو جنسي خط نقل ڪجي ٿو، جنهن مان معلوم ٿيندو ته سندن نظر ڪيميا – اثر ۾ ڪيڏو نه آهي.

”قبلہء دارين، مد ظله العالي –

.بعد از تسليمات و آداب کي عرض هي کہ مدت هوئي، بنده حضور کي خدمت عالي مين اپني درخواست پيش نه کرسکا – معافي کا خواستگار هون.

”ظاهري زيارت کي سوا اب کوئي خواهش باقي نهين. آپ کي غائبانه توجہ سي دل مسرور هي. وه کيفيت جو دماغ سي شروع هوئي تهي، پائون تک پهنچ گئي هي. حضرت امام رباني کان خوب ارشاد هي کہ، هر انتها کي ايک اور ابتدا هي: نهايت اور هي، اور نهايت النهايات اور هي‘. آپ کي عالي توجہ سي نسبت خاصہ کا حصول، نعمتِ عظميٰ هي – اور آينده اميد هي کہ حضور کي زير قدم باري تعاليٰ رکهکر خاص اپني رحمت سي نوازينگي – والله يختص بِرحۡمَتِہٖ من يشاءُ.

”وَ کل ولي لہ قدم و اني

علي قدم النبي بدر الکمال. (هيءُ بيت غوثيه جو آهي.)

”و اني (اي اکبر علي) علي قدم رسولي (اي مولانا محمد هاشم) بدر الکمال.

(هيءُ ٽڪرو مولانا جي مريد جو تاثر آهي)

”مخدوما! يه سب حضور کي ذره نوازي هي، ورنه – ’من معمولي مرد کمينه بنجاهيم، و ليکن صحبتِ آنجناب اين من خام را کندن کرده‘.

”مکرمي جناب قاضي جان محمد صاحب بخير و عافيت هين. انهون ني علحده عريضه ارسال خدمت کيا هي –غائبانه توجہ مين شامل رکهکر ممنون فرماوين.

بروز شنبہ              - خاکپاي اکبر علي عفي عنہ“

(هيءُ اڪبر علي هڪ مولوي صاحب آهي. مولانا صاحب جن جو خليفو آهي. مريدن کان بيعت وٺڻ جي اجازت مليل اٿس. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.)

هن وقت مولانا صاحب جن نوابشاهه جي جامع مسجد جا خطيب ۽ پيش – امام آهن. وعظ، نصيحت ۽ درس قرآن پاڪ جو سلسلو جاري رهي ٿو. سندن وعظ ۾ به الله تعاليٰ تمام گهڻو تاثير رکايو آهي. پري پري جا ماڻهو شوق مان اچي سندن وعظ ٻڌندا آهن. سندن وعظ نه آهي، پر هڪ صيقل آهي، جو قلب جي ڪس ۽ ڪٽ لاهي، انهيءَ کي صاف ڪري، نوراني بڻائي ٿو ڇڏي.

حضرت مولانا صاحب جن موجوده گنديءَ سياست کان هميشہ پري رهندا آيا آهن؛ البت خلافت تحريڪ، جا پهرينءَ عالمي جنگ کان پوءِ سال 19 – 1920ع ڌاري شروع ٿي هئي، تنهن ۾ دل کولي ڪم ڪيو هئائون. سندن تقريرون ۽ تحريرون نهايت مؤثر هوندون هيون. انهيءَ وقت ۾ منعقد ٿيل تقريباً جملي ڪانفرنسن ۾ پاڻ شريڪ رهيا – جهڙوڪ حيدرآباد واري خلافت ڪانفرنس، جا شاهه جي قدمن وٽ جناب پير غلام مجدد صاحب ۽ ميان عبدالجبار وڪيل ۽ ٻين خلافت جي گهڻگهرن جي ڪوشش سان منعقد ٿي، ۽ ٻيون لاڙڪاڻي، دادو وغيره جون ڪانفرنسون. ’خلافت‘ سان سندن خاص شغف هو، مگر تڏهن به پاڻ انڌي جذبي ۽ جوش جو شڪار ٿي ڪڏهن به خلافتي بزرگن جي غلط قدم جي تائيد ڪانه ڪيائون. مثلاً، انهيءَ زماني ۾ انگريزن جي مخالفت جي جوش ۾ هندستان جي مسلمانن کي افغانستان ڏانهن هجرت ڪرڻ لاءِ اڀاريو ويو هو: هڪ طرف مذهبي فتوائن سان کين ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن هجرت نه ڪندا ته ڪافر ٿي مرندا، ۽ ٻئي طرف وري کين اُهي سبز باغ ڏيکاريا ويا ته افغانستان ۾ کين ههڙا سک ۽ آرام ملندا، وغيره. اسان جي مولانا صاحب انهيءَ وقت هن تحريڪ جي زباني خواهه عملي مخالفت ڪئي - ۽ پاڻ جيئن فرمايائون ٿي، آخر اُهو ئي نتيجو نڪتو ۽ هجرت واري تحريڪ سخت ناڪام ٿي.

انهيءَ وقت مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ جهڙن هندستان جي جوشيلن عالمن شرعي فتوا شايع ڪئي، جنهن ۾ قرآن، حديث ۽ فقہ کي مروٽي سروٽي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته ولايتي ڪپڙي جو استعمال ڪرڻ قطعي حرام آهي؛ سنڌ جي عالمن جي اڪثريت به انهن سان همنوا ٿي پيئي؛ مگر مولانا محمد هاشم صاحب، جو هڪ پڪو خلافتي ۽ ڪٽر کدر – پوش هو، تنهن بلڪل صاف ۽ واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ته ’شريعت محمديءَ جي ڪنهن به دليل سان ولايتي ڪپڙي جي حرمت ثابت ڪانهي، تنهنڪري خواهه مخواهه الله ۽ رسول تي افترا پردازي نه ڪئي وڃي؛ باقي بيشڪ مسلمانن کي ٻڌايو وڃي ته هندستاني ماڻهن جي بهتري انهيءَ ۾ آهي ته ولايتي ڪپڙو استعمال نه ڪن‘. پاڻ اهڙي تحرير لکي، وقت جي عالمن آڏو رکيائون، مگر مجموعي خواهه انفرادي ڪوششن جي باوجود به سندن تحرير جو جواب لکجي نه سگهيو.

شعر ۽ شاعري سندن ڪو خاص شغل ناهي، مگر حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي عشق جا اُڌما ڪڏهن ڪڏهن شعر جي صورت ۾ سندن زبان مبارڪ مان نڪري نروار ٿيندا آهن. سندن ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

(فارسي)

نعت شريف

شدم در عشقِ تو حيران پريشان، يا رسول الله،

فتاده خشک لب در تب چومستان، يا رسول الل!

کسي کز عشقِ تو عاري، بلاشک بيکس و ناري،

نه زائد زين زيان کاري بدوران، يا رسول الله!

چو باغِ حسنِ تو ديدم، چو لالہ داغ در دل شد،

ز گل وصلت بکن مارا تو خندان، يا رسول الله!

ز گريہ من چہ برخيزد کہ از صدمہء يکي شويد،

شعاعت کن چو بيحد شد گناهان، يا رسول الله!

’عمر دين‘ را نشد ديگر بجز ’لا تقنطوا‘ تکيہ،

رهائي ده تو ”هاشم“ راز هجران، يا رسول الله!

(’عمردين‘ سندن وڏي فرزند جو نالو آهي. ابتدا ۾ جيڪو شعر چوندا هئا، تنهن ۾ عمردين جو نالو شامل ڪندا هئا.)

(سنڌي)

مولود شريف

ادا قاصد! خبر ڏج هيءَ عرب جي تون عجيبن کي،

سڻائج حال تون هڪدم مديني جي حبيبن کي،

ادا قاصد، عرض ڪج هيءُ وڃي تون مير مرسل کي:

گهرايو سنڌ مان سائين هينئر پنهنجي مريدن کي.

آهي اُمت مٺا تنهنجِي غرق غفلت گناهن ۾،

شفاعت جو دلاسو ڏيو، پرين، پنهنجي غريبن کي.

مرض ماري وڌو آهي، درد ڳاري ڇڏيو آهي-

وڃي ڪج ڳالهه هيءَ منهنجي مديني جي طبيبن کي.

دوا هن درد منهنجي جي، آهي ديدار دلبر جو،

ڪري ڪو حال ”هاشم“ جو مديني جي حڪيمن کي.

(2)

ادا مؤمن، مديني ڏي هينئر هڪدم هلڻ گهرجي،

باقي ڏينهڙا حياتيءَ جا اتي عاشق رهڻ گهرجي.

مديني ۾ اگر قسمت ادا عاشق ٿئي تنهنجي،

مٺي مرسل جي مسجد ۾ وڃي سجدو ڪرڻ گهرجي.

رقيبن کان اگر رخصت، ادا عاشق ملي توکي،

چپن سان يار جي چانئٺ، ادا توکي چُمڻ گهرجي.

صبح سانجهيءَ سلامن سان ڪندو رهه ساهه کي سرهو،

رسول الله جو روضو اکين سان پڻ ڏسڻ گهرجي.

مديني ۾ مزا آهن، ٻڌايان يار ڇا توکي،

مديني جي گهٽين اندر محبت سان گهمڻ گهرجي.

ادا خاڪ قدم دلبر دوا آهي، شفا آهي،

”هاش۾، جهڙن مريضن کي مديني ۾ مرۡڻ گهرجي.

حضرت مولانا صاحب ’بقية السلف‘ جي حيثيت رکن ٿا. سندن علمي فيض جي درياهه ڪيئي اڃايل ڍاوا، ۽ ڪيئي بٺ ساوا ڪري ڇڏيا آهن. سندن شاگردن جو تعداد ڳڻڻ کان ٻاهر آهي – مختصر چند نامي گرامي حضرات جا نالا هيٺ ذڪر ڪجن ٿال (1) حضرت مولانا صاحب الحاج سيد امير شاهه، ساڪن اميناڻي، لڳ دادو: هيءُ بزرگ حضرت مولانا محمد هاشم جي پهرين شاگردن مان آهي؛ وڏو عالم آهي؛ چاليهن پنجيتاليهن ورهن کان وٺي پنهنجي ڳوٺ ۾ عربي مدرسو هلائي رهيو آهي، ۽ سندن مدرسي مان هن وقت تائين سوين شاگرد فيضياب ٿي چڪا آهن. شاهه صاحب به نقشبندي سلسلي ۾ داخل آهي، ۽ حضرت مولانا خادم حسين صاحب رتيديري واري جو خليفه مجاز آهي. الله تعاليَ کيس وڏي حياتي عطا ڪري! (2) مولوي ابوبڪر صاحب، ساڪن رياست لسٻيلو: هي صاحب به وڏو عالم ۽ فقه حنفيءَ ۾ نهايت مهارت رکندڙ هو؛ ڪيترو عرصو رياست لسٻيلي جو مفتي ٿي رهيو، پوءِ وفات ڪري ويو. (3) مولانا محمد قاسم صاحب پنهور، ساڪن اسٽيشن ڦلجي؛ هڪ نامي گرامي عالم آهي. وٽانئس ڪيترائي شاگرد فيضياب ٿيا آهن، جن مان ڪيترائي اڃا تائين تدريس جو ڪم ڪندا رهن ٿا. (4) مولانا مولوي عبدالله صاحب، مولانا صاحب جن جو ڀاءُ – سندس مختصر تعارف ڪرائي چڪا آهيون. (5) مولانا مولوي امام الدين صاحب ڏندي وارو: هن لاڙ ۾ چشمهء فيض جاري ڪيو، جنهن مان ڪيئي فيضياب ٿيا. ازان سواءِ، مولوي قاضي حاجي محمد صاحب ڪنڊيءَ وارو _ (هاڻي ساڪن دادو)، مولوي علي محمد صاحب حڪيم (دادوءَ وارو)، مولوي محمد عظيم صاحب شڪارپوري، مولوي محمد صالح صاحب ڳڙهي خيري جماليءَ وارو، مولوي پير غلام مجدد صاحب سرهندي شڪارپوري، وغيره بزرگن جا نالا پڻ قابل ذڪر آهن.

مولانا محمد هاشم صاحب جن ٻه شاديون ڪيون – پهريائين هڪ شادي پنهنجن مائٽن مان ڪيائون، جنهن مان هڪ فرزند نالي ميان عمرالدين پيدا ٿيو؛ انهيءَ گهر واريءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ وري ٻي شادي ڪيائون، انهيءَ مان کيس ٽي فرزند آهن. دعا آهي ته خداوند ڪريم کين پنهنجي والد بزرگوار جي نقش قدم تي هلڻ لاءِ توفيق عطا فرمائي-آمين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com