سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :10

مرحوم علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسيني*

 

حضرت مولانا، سال سن 1305هه ۾، مهيني ربيع الثاني جي سورهين تاريخ آچر جي ڏينهن صبح جو ڄائو. سندس ڄمڻ جو تاريخي بيت هي آهي:

پرمش از ميلاد او کردم سروش ”صدراعظم“ گفت تاريخش بگوش

1305

مولانا سمورو علم اول کان آخر تائين پنهنجي والد مولانا محمد هاشم صاحب وٽ پڙهيا؛ فقط ٻه ڪتاب والد صاحب جي وفات کان پوءِ علامه مولانا عبدالغفور صاحب همايونيءَ کان پڙهي فارغ التحصيل ٿيا.

علم جي دستاربندي ڪري، پنهنجي والد بزرگوار واري مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳا. سندن طبيعت جو ذڪاءُ ۽ تقرير جي فصاحت شهره آفاق هئي، جنهنڪري پري پري کان ڪيترائي طالبعلم، سڄي سنڌ، مڪران، بلوچستان، افغانستان ۽ پنجاب مان سندن مدرسي ۾ پڙهڻ آيا ۽ چڱي استعداد وارا ٿيا. ڪيترن ئي دستاربندي ڪري پنهنجا مدرسا وڃي کوليا، جن مان هي مشهور معروف آهن: سندن ڀاءُ مولانا محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسيني، مولانا صاحبداد خان صاحب (مفتي اعظم پاڪستان)، مولانا احمد صاحب قاضي مڪران، مولانا ولي محمد صاحب (قاضي ملهڙي بلوچستان)، مولوي عبدالحليم صاحب، مولوي غلام صديق صاحب خجکي، مولانا محمد حسين صاحب (مدير ”الحنيف“ جيڪب آباد)، مولوي محمد حسن صاحب مڪراني، مولانا صاحبڏنو صاحب قرني، مولوي عبدالرحمان صاحب بلوچستاني ثم جيڪب آبادي، مولوي حافظ محمد هاشم صاحب اسحاق ديرائي، مولوي فضل محمد صاحب واعظ ڳڙهي ياسيني، مولوي محمد عابد صاحب اُستوي ۽ مولانا نصيرالدين صاحب شهدادڪوٽي.

مولانا صاحب فارسي جي پڙهڻ کان وٺي شعر چوندا هئا. سندن شعر نهايت شسته ۽ برجسته آهي. حضرت عارف ڪامل سيد احمد شامي، جو اعليٰ درجي جو شاعر هو، مولانا جو شعر ٻڌي هڪ هڪ بيت تي ’عجيب عجيب‘ جا لفظ چوندو هو. نموني جي لاءِ چند اشعار هيٺ ڏجن ٿا.

روي دلدار من است اين يا منور اختري،

يا يد بيضا است اين يا ماهتاب انوري.

حلقہء لعل است يا قند است يا آب حيات،

يا لبِ يار است يا حوضي ز آب ڪوثري.

چهچهاي طوطي است اين يا نواي عندليب،

يا کلام ”قاسم“ است اندر ثناي سروري.

*          *          *

دل بتار زلف آن دلدار شد آويخته،

ني رهائي را اميد و ني شود بگسيخته.

قد و خدو روء موء وبوء گيسوي دراز،

بر سر روي زمين شور و شغب انگيخته

عقل ”قاسم“ در فراقش شد پريشان اي عجيب،

کي عجب چون عشق آمد عقل شدبگريخته.

*          *          *

دل دلداده را در درد دائم تابکي داري،

حديث هجر را هر روز قائم تابکي داري.

زلالِ وصل از جام وفا در کام تشنه ريز،

بروز عمر عطشانم چو صائم تابکي داري.

هم از بلبل شنيدم ”قاسما“ ميگفت با ناله،

دل دلداده را در درد دائم تابکي داري.

*          *          *

ساقي بيار جام جهان بين پر از شراب،

تا عکس صورتش نگرم در شراب ناب.

خضر حيات من بچشان جرعهء زلال،

تشنهء لب آمدم بجنابت براي آب.

ظلمت نشينم اندر ظلمات ”قاسما“،

باشد که پرتوي فگند نور آفتاب.

*          *          *

چوصوفي سبز پوشش برسر اشجارمي زبيد، بهار آمد نظر بر سبزه و گلزار مي زبيد،

بده ساقي مَيء باقي بدست عاشق مضطر،

کہ جام باده گلگون در کف ميخوار مي زيبہ.

بيا ”قاسم“ ز اوج عرش خوشخوان اين غزل خوش را،

که چون مہ درنجوم ، اين شعر در اشعار مي زيبد.

مولانا جو شعر فارسي ۾ بالڪل گهڻو آهي- غزليات، تواريخ، رقعات، منظوم، مناجات، قصائد ۽ متفرق اشعار. سنڌيءَ ۾ به ڪجهه شعر چيو اٿن. نموني لاءِ ٻه چار شعر هت لکجن ٿا:

مٽ ماه روي مدني اهل زمين جو ڇاهي

نيڻن سندس برابر نرگس چمن جو ڇاهي

قدسي دهن سان دلبر زنده ڪري مئن کي

اعجاز عيسوي جي مٽ تنهن دهن جو ڇاهي

مرسل جو معجزو ڏس آڱر سان چنڊ چيرڻ

حاذق عصاءَ موسيٰ بيضا هٿن جو ڇاهي

عربي عجيب بيشڪ ڪوثر جو ”قاسم“ آهين

تشنه کي دير بخشڻ جام سڪن جو ڇاهي

مولانا جي تصنيف مان فتوائن جو هڪ جلد ”فتاويٰ قاسميه“ نالي ڇاپيل آهي، ۽ چئن پنجن جلدن جيتريون قلمي تحريرون موجود آهن- رساله دربارهء تقليد؛ الفاظ القرآن با معنيٰ، فارسي، قلمي، ناتمام؛ مجموعه اشعار (قلمي)؛ عمرة الا وفي ذکر اخيار الکتبار (مطبوعه).

مولانا جي فتوائن کي ايتري مقبوليت هئي، جو سندس مهر ۽ صحيح کان سواءِ ٻئي ڪنهن به عالم جي فتويٰ تي خلق الله اعتبار نه ڪندي هئي. بلوچستان جا ڪيترا معاملات فيصلي لاءِ مولانا وٽ ايندا هئا. بعض اوقات بلوچستان جا حاڪم مولانا کي موقعي تي گهرائي فيصلو ڪرائيندا هئا.

مولانا جي بيعت سلطان الاولياء حضرت خواجه عبدالرحمان صاحب سرهنديءَ سان هئي. ساري عمر پاڪدامني، تقويٰ، صبر، استقلال، صلواة وصوم جي پابندي، حلم، خوش اخلاقي ۽ خنده روئيءَ سان گذاريائون. ٻاهر يا گهر ۾ ڪڏهن به ڪنهن تي غصو ۽ ڪاوڙ نه ڪئي هئائون.

مولانا سنڌي، فارسي ۽ عربي ڳالهائڻ ۾ نهايت فصيح ۽ بليغ قادر الڪلام هئا. جڏهن عربن سان عربي زبان ۾ ڳالهائيندا هئا، ته سندس فصاحت بلاغت کي ڏسي عرب خود حيرت ۾ پئجي ويندا هئا.  ڳڙهي ياسين جو زميندار اعظم خانصاحب حاجي شمس الدين خان دراني بارڪزئي، هڪ دفعي سيد جمال الدين جيلاني سيد عبدالرحمان- سجاده نشين خانقاهه حضرت غوث اعظم جيلاني بغدادي- جي فرزند کي دعوت ڪري وٺي آيو؛ سندس همڪلاميءَ ۽ مجلس لاءِ مولانا جي به دعوت ڪيائين. سيد جمال الدين مولانا جي فصيح عربي ڳالهائڻ کي ٻڌي ايترو محظوظ ٿيو، جو حاضرين مجلس کي چيائين ته ”مون قلات کان وٺي سورت تائين سڄو هندستان ڏٺو آهي- ههڙو عالم ڪٿي به نه ڏٺو اٿم!“ مرحوم جن 45 ورهيه عمر جا پڙهڻ، پڙهائڻ، فتويٰ ۽ قضا جي شغل سان گذاري، 18 تاريخ ذي القعد جي سال 1349 هجريءَ ۾ وفات ڪئي- اِنالِله واِنّا اليہ راجعون. سندس مزار ڳڙهي ياسين جي اولهه طرف هڪ صفحي جي هيٺان زيارتگاهه خلق الله جي آهي، جتي سال بسال انهيءَ تاريخ تي عالمن، حافظن ۽ ٻين صالح انسانن جي وڏي مجلس ختمي خوانيءَ جي ٿيندي آهي.

مولانا مرحوم جي وفات جو صدمو نه فقط عزيزن ۽ شاگردن، دوستن ۽ مخلصن تائين محدود رهيو، بلڪ هڪ عام ماتم هو. سچ چيو اٿن- ”موت العالِم موت العالَم“. پري پري کان سندن مخلصن مرثيا لکي موڪليا: سيد عبدالفتاح صاحب رضواني شيخ الدلائل في المسجد النبوي مديني منور کان عربيءَ ۾ چند ابيات لکي موڪليا، حاجي پير محمد اسماعيل جان سرهنديءَ ٿرپارڪر ضلعي مان فارسيءَ ۾ مرثيو تاريخي بيتن سميت موڪليو؛ حڪيم مولوي مطيع الرحمان صاحب اردوءَ ۾ ضلعي فيض آباد مان، مولوي محمد عظيم صاحب ”شيدا“ سنڌيءَ ۾، مولوي نذير حسين صاحب ۽ ماستر جان محمد صاحب ”محسن“ به سنڌيءَ ۾ مرثيا چيا؛ مولانا صاحبداد صاحب مفتي اعظم پاڪستان، قاضي محمد ابراهيم صاهب ڪارڙائي ۽ مولوي قمرالدين صاحب مدير مهيسر ۽ ٻين ڪيترن فارسي ۾ تاريخون ۽ مرثيا چيا. انهن مان ڪي بيت هيٺ لکجن ٿا.

پير صاحب سرهندي، تخلص به ”روشن“:

محمد قاسم آن علامهء دهر

 

نکو رو و نکو خو و نکو نام

هزاران طالبان نزدش رسانيد

 

نصاب علم حقاني بانجام

ز وصلش گفت ”روشن“ باصد آه

 

بگو گل گشت شمع اهل اسلام

1349 هه

مولانا صاحبداد صاحب ”ناصح“:

آن امامِ محمد قاسم،

 

که بحسنِ خصال بود فريد

کس نظيرش لديد در عالم

 

خلق حق را بخلق نيک خريد

گفت ”ناصح“ سنش بزيب جلوس،

 

”طائر روح او بعرش پريد“-1349 هه

 

قاضي محمد ابراهيم صاحب ڪارڙائي:

آن فقيدالمثيل و حبر امين

 

مفتيء عصر فاضل ياسين

بي سر وقف گفتش تاريخ

 

”فخر احناف زيب زمرهء دين“

-1349هه

حڪيم مطيع الرحمان صاحب ”مطيع“:

جو محمد قاسم اَهل فيض تهي

 

عالم بيمثل يڪتاري جهان

ديڪي داغ غم مہ ذيقعد مين

 

چل بسي وه جانب باغ جنان

سال رحلت تم سنائو اي ”مطيع“

 

”واصل رب هوگيا فخر زمان“

مولوي محمد عظيم صاحب ”شيدا“:

روز روشن اڄ ٿيو ديجور کان تاريڪ تر

رات ٿي تاريڪ ويتر جو ٿيو خسف القمر

مان پريشان ٿي چيو شايد ٿيو يوم الحشر

غيب مان هاتف چيو روئي ته علامه بشر

يعني مولانا محمد قاسم مفتي دهر

پنهنجي رونق کان ڪري خالي ويو بر و بحر

خون گريان ٿي ويو پير ڪهن هي آسمان

غم انهيءَ ۾ مبتلا آهي ٿيو سارو جهان

هر بشر جي روءَ مان ماتم اهو آهي عيان

درد دل جي جو ٻڌايان مان ڪري ڪهڙو بيان

مرض ۾ ماتم ڪندي ”شيدا“ گهڻو بيمار ٿيو

ابر لسان کان زياده چشم اڄ خونبار ٿيو.

------------

 

حڪيم دين محمد بٺوي

 

مولانا دين محمد مرحوم بٺوي

 

مولانا صاحب جو اسم گرامي دين محمد هو؛ سندن والد جو نالو ڳهڻو خان هو، ۽ ذات جو چانڊيو بلوچ هو. مولانا جن جي نسب ۾ علم جي رونق ڪانه هئي- اهو ئي سبب آهي جو موصوف جي ڄمڻ جي تاريخ ملي نٿي سگهي.

مولانا صاحب جي والد کي پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ جو خيال بلڪل ڪونه هو، ليڪن جيئن جيئن مولانا جن وڏا ٿيندا ٿي ويا، تيئن تيئن کين خودبخود علم جو شوق وڌندو ٿي ويو. نتيجي طور، مولانا صاحب جن پاڻ پنهنجي سِر پڙهڻ خاطر ڳوٺ ڇڏيو، ۽ سندن ابتدائي تعليم پنوهرن جي ڳوٺ تعلقي ميرو خان ۾ ٿي؛ ان کان پوءِ شهدادڪوٽ جي مشهور معروف عالم ميان غلام صديق جي شاگرد خاص قاضي الله بخش صاحب وٽ شاگرديءَ ۾ رهيا. قاضي صاحب جن فارسيءَ جي علم ۾ وڏو درڪ رکندا هئا. فارسي ”دوايه“ به قاضي صاحب جن جو تاليف ڪيل آهي. فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، عربيءَ جا ابتدائي ڪتاب شروع ڪيائون. موصوف جن تمام ذهين هوندا هئا. همعصر شاگرد کانئن سبقن جا گهمرا پڙهندا هئا. عربيءَ جي ”ڪنز قافيه“ تي پهچڻ کان پوءِ تبرڪ لاءِ مولانا غلام صديق جن کان پڙهڻ شروع ڪيائون.

مولانا جن شاگرديءَ جي زماني ۾ ئي طبع جا سادا ۽ فقيراڻي خيال جا هوندا هئا. طالب علمن واري ٺاڪ ٺوڪ کي بلڪل پسند ڪونه ڪندا هئا. ڪپڙا گهڻو ڪري سادا ڍڪيندا هئا، جنهنڪري ڪوبه کين بلوچ ڪونه سمجهندو هو- بلڪ سندن استاد کي به اها حقيقت پوءِ معلوم ٿي، جڏهن مولانا جن کان ڪنهن ماڻهوءَ قوم بابت پڇا ڪئي، جنهن تي جواب ۾ فرمايائون ته ”مان چانڊيو آهيان“. تنهن تي ميان غلام صديق جن ڪيترو وقت حيرت ۾ هئا ته ”مان پنهنجي خيال ۾ دين محمد کي تونيو ڄاڻندو هوس“!

شهدادڪوٽ جو مشهور رئيس، خان بهادر پير بخش خان، ميان غلام صديق جن جو بيحد معنقد هو. جڏهن سندن فرزند محمد بخش خان پڙهڻ لائق ٿيو، تڏهن ميان صاحب جن کان استاد جي گهر ڪيائون. ميان صاحب جن مولانا دين محمد کي موزون سمجهيو ۽ کين حڪم ڪيائون ته هو ڪامل جي ڳوٺ ۾ محمد بخش خان کي وڃي تعليم ڏي. استاد جي حڪم تي سر تسليم خم ڪندي، ڪامل جي ڳوٺ ۾ وڃي رهيا. ڪجهه وقت کان پوءِ وري دوباره علم جي تحصيل جو خيال ٿين،- بلڪ سندن زباني چوڻ آهي ’ته رئيسڪي ماني کائڻ ڪري منهنجي دل ۾ نخوت ۽ غرور پيدا ٿي ويو، جنهنڪري علم کان دوري ٿيندي ٿي ويئي: خيال ڪيم ته جيڪڏهن اڃا اتي رهندس، ته حاصل ڪيل علم به هٿان ويندو‘. اهو ئي سبب هو، جنهنڪري مولانا جن وڌيڪ تعليم وٺڻ جو خيال رکيو. ان وقت سنڌ ۾ مشهور مدرسا ٺوڙهي، همايون ۽ ابڙيجا هئا. موصوف پهريائين ٺوڙهي ۾، پوءِ ابڙن ۽ بعد ۾ همايون کان تعليم ورتي. آخرڪار، تحصيل سيالڪوٽيءَ جا پويان ڪتاب پنجاب جي ڀنگ شهر ۾ مولانا نظر محمد صاحب جن وٽ پورا ڪيائون. علم جي دستاربندي به اتي ئي ڪيائون.

مولانا جن دستاربندي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي آبائي ڳوٺ بٺي تعلقي ميرو خان ۾ سن 1312 هه ۾ اچي رهيا. ان وقت مانهو عالمن کان مانوس نه هئا: ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته اهڙن جهل مرڪب ۾ ڪو علم جي شمع روشن ٿي ويندي. پهريائين مدرسي جي جڳهه ڪکائين ٺهرايائون. سندن ننڍو ڀاءُ اميد علي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺن، ۽ وڏو ڀاءُ فقير محمد ايترو متاثر نه ٿيو؛ جنهنڪري فقير محمد ايترو فيض ڪونه ورتو، جيترو اميد علي خان، اميد علي خان جا پٽ علم وارا پيدا ٿيا ۽ فقير محمد جو پٽ جاهل رهجي ويو. مولانا جن جي حلقه درس ۾ سوَن جي تعداد ۾ شاگرد اچڻ لڳا، ۽ ڪيترا دستاربندي ڪري مبلغ الاسلام ثابت ٿيا. طالبن جي رهائش ۽ خوراڪ جو انتظام ڳوٺ مان مليل فقر تي ٿيندو هو. مدرسي ۾ عربي فارسي تعليم اعليٰ نموني ۾ ڏني ويندي هئي. مولانا جن جو گذر الله جي توڪل تي هو؛ ڪنهن به ماڻهوءَ تي ڪو خاص وظيفو مقرر ڪونه هو.

مولانا جن جي شاگردن مان ڪن جا نالا هي آهن: مولانا خوش محمد ميروخاني، مولانا فتح محد سيلاني، مولانا عبدالڪريم بٺوي، مولانا نواب الدين چانڊيو، مولانا علي انور تونيو، مولانا محمد ابراهيم چانڊيو (سندن فرزند)، مولانا فتح محمد چانڊيو، حاجي محمود  ”خادم“ لاڙڪاڻوي، حاجي محمد حسن چانڊيو، ميان فقير محمد ڪاتب، حڪيم محمد عالم چانڊيو، ۽ ٻيا به ڪيترا عالم کانئن فيضياب ٿيا.

مولانا جن جي زماني ۾ اگرچ اڪثر علماء خلوت نشين هوندا هئا، مگر مولانا جن حجري ۾ ويهڻ پسند ڪونه ڪندا هئا. موصوف تي سياسي علمائن جو پڻ اثر هوندو هو. انگريزن جي حڪومت کي اسلام لاءِ خطرو تصور ڪندا هئا. جڏهن خلافت تحريڪ شروع ٿي ته ان وقت بيباڪ ٿي تحريڪ ۾ حصو ورتائون، ۽ گورنمينٽ کان جا گرانٽ ملندي هين ان تان دستبردار ٿيا.

مولانا صاحب جن شعر نه چوندا هئا- مگر عروض جي علم سان گهڻي دلچسپي رکندا هئا. سندن شاگردن مان حاجي محمد حسن ۽ حاجي محمود ”خادم“ لاڙڪاڻوي مشهور شاعر آهن. مولانا جن خوشخط هوندا هئا، جنهنڪري خوشخط شاگردن کي گهڻو پسند ڪندا هئا. خاص طرح حاجي ”خادم“ ۽ ميان فقير محمد ڪاتب مولانا جي شفقت کان وڌيڪ فيضياب ٿيا.

سندن فرزند مولانا محمد ابراهيم صاحب بٺوي اڃا تائين بٺيءَ ۾ رهي ٿو، ۽ پنهنجي گرد و نواح ۾ ڪافي عزت ۽ شهرت جو مالڪ آهي. حج کان واپسيءَ بعد ٿورڙي عرصي گذرڻ کان پوءِ مولانا جن کي پٺيءَ ۾ ’ٻلي ڳَڙ‘ نڪتو، جنهن جو آپريشن لاڙڪاڻي سول اسپتال ۾ ڪرايو ويو؛ مگر منحوس مرض پنهنجي شدت ڪري اندر نفوذ ڪري ويو، جنهنڪري دوباره به آپريشن ڪرايو ويو. مولانا صاحب جن ان منحوس مرض کان نجات حاصل ڪري ڪين سگهيا، ۽ تاريخ 2 جمادي الاول 1350هه، مطابق 15 سپٽمبر 1931ع ۾ بوقت چار بجا شام، هن دارالفنا کان دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا- الله پاڪ کين مغفرت ڪري!

 

----------

مولانا دين محمد ”اديب“

 

علامه محمود مرحوم صديقي پاٽائي

مرحوم محمود صاحب جن جي ولادت ۽ خانداني بزرگيءَ بابت روايتون آهن ته مغل بادشاهت طرفان پاٽ ۽ سيوهڻ جا قاضي دهليءَ مان سنڌ ۾ موڪليا ويا هئا. فضل الله ۽ حاجي حسن الله سيوهڻ مان لڏي اچي پاٽ ۾ سڪونت پذير ٿيا. حاجي فضل الله عارف بالله ۽ يگانه روزگار عالم هو؛ سندس صاحبزادو نظام الدين به درويش ۽ عالم هو. انهن جو سلسله نسب حضرت شيخ شهاب الدين سهرورديءَ سان ملي ٿو. حاجي فضل الله جي بزرگيءَ جو هڪ واقعو بيان ڪندا آهن ته سندن هڪ مريد، سچوءَ نالي، مدرسي ٻانهي لاکير ۾ آيو، جنهن جون اکيون لال هيون ۽ عمر رسيدو هو: ان چيو ته ”آءٌ حاجي فضل الله جون مينهون چاريندو هوس. مون کان نهايت خوش هئا. هڪ ڏينهن مسجد ۾ مون کي قرآن ڏيئي فرمايائون ته ’سچو قرآن شريف پڙهه!‘ مون چيو ته ’قبلا، آءٌ الف – ب به ڪونه پڙهيو آهيان، سو قرآن شريف ڪيئن پڙهان؟‘ پاڻ توجهه ۽ زور سان چوندا رهيا ته ’پڙهه! پڙهه!‘ نيٺ ان مهل ئي مون کي قرآن شريف پڙهڻ اچي ويو“!

سندن فرزند مولانا نظام الدين جو مريد، خليفو عيسيٰ لاکير، ڳوٺ ٻانهي لاکير جو زميندار هو. چون ٿا ته زور آور هو ۽ زبردستيءَ جا ڪم ڪندو هو. پوءِ بزرگ نظام الدين جي خدمت ۾ وڃي رهيو، جتي سندس ڪم ڪار به سنڀاليندو هو ۽ ذڪر فڪر به ڪندو هو. اُتي پيريءَ ۾ قرآن شريف به پڙهيائين. هو قرآن شريف جي تلاوت مهل بي اختيار روئندو هو، ۽ اسان جي استاد کي چوندو هو ته ’مولوي صاحب، عجب آهي اوهان تي، جو اوهان قرآن شريف جي معنيٰ ڄاڻو ٿا، ته به تلاوت وقت نٿا روئو! آءٌ بنهه اڻپڙهيل آهيان، ته به روئڻ کان رهي نٿو سگهان‘. مولانا محمود صاحب، جو والد ماجد ميان محمد صالح به عالم، مفتي ۽ صوفي هو. حضرت عنايت الله رامپوريءَ جو خليفو هو. هي بزرگ به گهڻين ڪماليتن جو جامع هو. هو مولانا نظام الدين جو ڏوهٽو ۽ ميان رزق الله جو پٽ هو. مخدوم محمد مجذوب سيوهاڻي، کيس نظام الدين جي گاديءَ تي وهاريو، ۽ اهو فيض سندن خاندان ۾ بيشڪ رهيو.

ميان محمود ابتدائي ڪتاب مولانا حاجي حسن الله صاحب وٽ پڙهيو؛ پوءِ ٽَونڪ ۾ مولانا حڪيم برڪات احمد وٽ پڙهڻ ويو- اتي ڪافي زمانو پڙهيو. ان بعد، اجمير ۾ مولانا معين الدين وٽ به پڙهيو، ۽ دستاربندي غالباً حڪيم صاحب وٽ ڪيائين. معقول ۾ سندس بينظير مهارت هئي: فقه، حديث ۽ تفسير ۾ به قابل هو، پر معقولات ۾ قابليت جو پُڙ ڳورو هوس.

پاڻ پڙهڻ جي زماني ۾ ڏاڍيون مشقتون برداشت ڪيائين. چوندو هو ته ’جڏهن ٽونڪ ايندو هوس، تڏهن ٽي ڏينهن ريل گاڏيءَ ۾ کاڌو نه کائيندو هوس- ڇو ته ماني کائڻ کان پوءِ قضا حاجت پيدا ٿيندي ته اها ڪٿي ڪريان؟ ريل جي ڪاڪوس ۾ آءٌ لطافت مزاج جي ڪري وڃي نه سگهندس: ان ڪري برابر ٽي ڏينهن بک تي صبر ڪرڻو پوندو هوم. طالب علميءَ ۾ مون کي هيءُ سوداءُ ٿيو ته ذهن ڪيئن وڌي؟ بلغمي ماڻهو ذهين نه ٿيندو آهي. بلغم وڌندو آهي پاڻي پيئڻ سان، ۽ پاڻي پيئڻ جي ضرورت ٿيندي آهي ماني کائڻ سان، انهيءَ ڪري ماني تمام ٿوري کائيندو هوس، پر اُن هوندي به اُڃ ته ضرور لڳندي هئي: سو برابر ٽي سال پاڻي پيئڻ ڇڏي ڏنم ۽ پاڻيءَ جي بجاءِ چانهه پيئندو هوس. اُن جو نتيجو هيءُ نڪتو جو مون کي خوني بواسير ٿي پيو، جنهن سيرن جي منهن مون کان خون ورتو. مولانا برڪات احمد صاحب سنڌي هجڻ ڪري مون کي ڪو ذهين ۽ هوشيار ڪونه سمجهندو هو. هڪ دفعي حڪيم برڪات احمد صاحب کان شمس بان نمبر 1 پڙهندي، هڪ جاءِ تي سوال ڪيم. اهڙي ڏکئي ڪتاب ۾ منهنجي سوال ڪرڻ تي کيس عجب ٿيو، ۽ مون کي چيائين ته ”ماقبل جي تقرير ڪر ته جواب ڏيانءِ“. منهنجو اهو سوال منقح تڏهن ٿيڻو هو، جڏهن آءٌ ماقبل جي اَٺن ڏهن صفحن جي مضمون جي تقرير ڪريان! آءٌ اها سڄي تقرير فر فر ڪري ٻڌائي ويس. حيران ٿي ويو، ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. ان کان پوءِ مون کي به چڱو سمجهڻ لڳو ۽ مون تي گهڻو توجهه ڏيڻ لڳو- انهيءَ ڪري به، جو هو سهروردي هو ۽ سهروردي طريقو اسان جي ڏاڏي شهاب الدين ڏانهن منسوب آهي‘.

سيد علي اڪبر شاهه چوي ٿو ته ’مولانا مناظر احسن گيلانيءَ سان مون جڏهن ملاقات ڪئي، تڏهن اُن چيو ته ”ڀائي، سنڌ مان پاٽ شهر ٻُڌل اٿم، ۽ پاٽ جو مولوي محمود ڏٺل اٿم، جو مون سان گڏ ٽونڪ پڙهندو هو؛ پر هو مون کان وڌيڪ قابل هو“.‘

مولانا محمود صاحب دائم المريض هو. وٽس غير معمولي قابليت جي شهرت ڪري فارغ التحصيل عالم پڙهڻ ايندا هئا. وٽس سارو نصاب باقاعدي ٻن ڀائرن پڙهيو- مولوي محمد اسماعيل لانگاهه ۽ مولوي غلام محمد لانگاهه، رتيديري جا ويٺل. مولانا محمود صاحب يوناني حڪمت جو ماهر هو. صوفي صافي هو. مولانا اشرف علي ٿانويءَ جو به مريد هو. اُتي به هڪ مهينو رهيو هو. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ، حضرت مولانا عنايت الله رامپوريءَ وٽ ڇهه مهينا رهيو هو. ۽ اُتي ذڪر ڪري خلافت وٺي آيو. سندس عربي مدرسو به هوندو هو. مون به وٽس ساڍا ٽي سال پڙهايو، ۽ وٽس ”مهديہ سعيديہ“  شرح هدايت الحڪمت خيرآباديءَ جو پڙهيو اٿم. وفات کان ڪجهه اڳ، پنهنجي فرزند ميان نظام جي درسي ڪتابن جا سبق بند ڪري، کيس مولانا اشرف علي مرحوم جا مواعظ پڙهايائين. چوندو هو ته ’انهن ديوبند جي بزرگن جو علم ”کالشمس في نصف النهار“ (منجهند جي سج جهڙو) آهي‘. ڪنهن ماڻهوءَ چيس ته ’اوهين خيرآبادين جا شاگرد آهيو، ديوبندين سان انهن جو بعض مسئلن ۾ اختلاف هو، پوءِ به اوهان ديوبندين جا موافق آهيو!‘ ان کي چيائين ته ’حديث جو علم خيرآبادين به ديوبند مان آندو‘. گهڻا ئي ماهوارعلمي ۽ طبي رسالا گهرائيندو هو. آخر عمر ۾ فقط مولانا ٿانويءَ جا مواعظ ”التبليغ“ ۽ ”النور“ گهرائيندو هو، ۽ چوندو هو ته ٻيا رسالا اجايا آهن.

طبع ۾ گهڻو جلال هوس، ۽ سخت متواضع هو. هڪ سائل کيس منهنجي روبرو گهڻو سخت سست چيو، پر ان کي ڪجهه به نه چيائين. سندس پاڻي پيئڻ لاءِ چينيءَ جو پيالو هوندو هو، جو خادم کان ڀڄي پيو؛ جنهن تي مولانا جي مزاج ۾ حرارت پيدا ٿي: قريب هو جو ان کي گوشمالي ڪري، پر اُن مهل هڪ مسافر عرب طرابلس الغرب جو عبدالقادر نالي ويٺو هو، اهو واقعو ان جي روبرو ٿيو هو: مولانا جڏهن اُن ڏانهن تيز نظر ڪئي، تڏهن اُن عرب چيو، ”شيخ محمود! ’لِکُلِ اَجَلِ ڪِتَاب’“ – (هر هڪ کڻ لاءِ لکيت آهي). انهيءَ ٻڌڻ سان سندس غصو لهي ويو. مون کي چوندو هو، ’ادا، مون کي اولاد به گهڻو آهي، ان هوندي به زرعي زمين مدرسي لاءِ وقف ڪندس’ – پر موت کيس مهلت نه ڏني.

پاڻ عربيءَ ۽ فارسيءَ جا اديب به هئا. عربيءَ ۾ امور عامه تي هڪ ڪتاب به لکيو اٿن. ان جي لکڻ ۾ سخت انهماڪ سان محنت ڪئي اٿن. فرمائيندا هئا ته ’اهو ڪتاب لکڻ ۾ اهڙو محو ٿي ويندو هوس، جو عالم خيال ۾ پرواز ڪندو هوس ۽ بت کان مجرد ٿي ويندو هوس. آخر انهيءَ غير معمولي مشقت جي ڪري رت وهي ڇڙيو، ۽ مشڪل سان ان مان جانبر ٿيس. انهيءَ ڪتاب جا اوراق محبوب جي زلفن وانگر پريشان پيا آهن، وري نٿي همت ٿئي جو انهن کي ترتيب ڏيان‘.

مولانا صاحب پنجاهه ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. آچر ڏينهن 29 جمادي الاخر 1351هه ۾، سج جي لهڻ وقت، هي علم ۽ عرفان جو سج به هميشہ لاءِ لهي ويو. سندس مادهء تاريخ ”غَفَرَ لَہ“ ۽ ”غَفَرَهُ الله“ آهي.

قطعہ تاريخ وفات

راح محودنا اِلي الرحمان

اَعلم الناس صاحب العرفان

مطلع النّور منبع الفيضان

صاحب العشق صاحب الهيمان

مَلک العلم صاحب التيجان

مثلہ اليوم لم ير العينان

خالف النفس مصدر العصيان

ما انفعل مِن مکائد الشيطان

عمدة الفاضلين فرد زمان

عمدة العصر قدوہ الدوران

فاق في دهرة علي الا قران

ذاق حقاً حلاوة الايقان

آفقہ النّاس کان بالقرآن

مال عمّا نهاہ في الفرقان

کان في الطب بو علي سينا

في المعاني کسعد تفتازان

نال فضل الا لٰہ والاحسان

نال عفو الا لٰہ و الرضوان

اعطہ يا کريم ”غفرانک“

بالنبيّ الجواد ذي الاحسان

استجب يا مجيب دعوتنا

”غشّنا“ بالعطاءِ والغفران

جاءَ عبدک ”اديب“ ملتجياً

يطلب الارتحال بالايمان

 

 

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

مولوي بهاؤالدين “بهائي“ مرحوم

ايران جو ”بهائي“ بهاؤالدين عاملي هو، ته سنڌ جو ”بهائي“ وري مولانا بهاؤالدين بن جلال الدين پتافي هو. مولانا بهاؤالدين ”بهائي“، ڳوٺ نصير ڪوٺي لڳ گهوٽڪي (ٻه ميل ڏکڻ اولهه) ۾، سن 1239هه ۾ ڄائو. هو پتافي قوم جي ”ڀاوناڻي“ قبيلي مان هو. ڳوٺ ۾ مولوي سيد علي اڪبر شاهه وٽ مدرسه جامع مسجد ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي تڪميل ڪيائين؛ ۽ گهڻو وقت ساڳي جامع مسجد ۾ درس ڏنائين. ان بعد درياءَ جي پار ڪنڌڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ ”هيبت شهيد“ (لڳ غوثپور) ۾ سيد رمضان شاهه جي ڪوشش سان قائم ڪيل مدرسي ۾ وڃي درس ڏنائين، ۽ ڳچ وقت اتي رهيو. ان بعد رئيس مٺان خان لغاري (لڳ داد لغاري) جي دعوت تي سندس ڳوٺ ۾ اچي تعليم ڏنائين. ان بعد، ڳوٺ
داد لغاري کان پنج ميل اولهه طرف ”ڳوٺ مولوي بهاؤالدين“ نالي پنهنجو ڳوٺ ٻڌائين، جتي آخر عمر تائين درس ڏيندو رهيو. مولوي صاحب 114 سالن جي وڏيءَ عمر ۾، پنهنجي ڳوٺ ۾، 24 محرم 1352هه ۾ وفات ڪئي، ۽ اتي ئي سندس آخر آرامگاهه آهي.

اولاد

مولوي صاحب کي ڇهه پٽ ٿيا، جن سڀني سندس زير نظر تعليم حاصل ڪئي ۽ وڏيءَ لياقت جا صاحب بنيا.

(1) مولوي محمد يوسف صاحب: سڀ ۾ وڏو هو. فارسيءَ جو وڏو عالم هو، تقريباً ارڙهن سال کن ٿيا جو گذاري ويو. (2) جلال الدين: حيات آهي، سندس عمر اٽڪل ستر ورهيه آهي. (3) مولوي محمد بخش صاحب: عمر اٽڪل پنجهٺ ورهيه، حيات آهي؛ فارسيءَ جو عالم آهي ۽ پڻ شاعر آهي؛ سندس تخلص ”خيالي“ آهي؛ سندس تصنيف ”ڪريما خيالي“، مولوي حاجي رحيم بخش صاحب وزير رياست بهاولپور جي حڪم سان، 1910 ۾ ”صادق الانوار“ پريس مان شايع ٿي. (4) ماستر احمد دين صاحب پينشنر: عمر تقريباً سٺ ورهيه، سنڌي خواندو آهي. (5) مولوي محمد اعظم صاحب: فارسيءَ جو عالم ۽ شاعر آهي؛ سندس تخلص ”سراجي“ آهي؛ سنڌيءَ ۾ به شعر چيو اٿس. (6) مولوي عبدالرحمان صاحب: فارسي ۽ عربيءَ ۾ تحصيل ڪيل اٿس. فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر آهي؛ تخلص ”ضيائي“ اٿس؛ هن وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ درس تدريس ۾ مشغول آهي؛ علم عروض ۾ خاص طرح مهارت اٿس؛ فارسيءَ ۾ سندس ڪتاب ”روايح العروض شرح بدرالعروض“ ڇپيل آهي؛ هڪ ٻيو ڪتابڙو به ”القول الکافي في شرح تذکرة القوافي“ جي نالي سان فارسيءَ ۾ لکيو اٿس، جو قلمي صورت ۾ موجود آهي.

همعصر علماء ۽ شعراء

اهي مشهور همعصر علماء، جن سان مولوي بهاؤالدين جي خاص دوستي هئي، سي هي هئا: (1) پير صاحب پاڳارو شمس العلماء جناب سيد شاهه مردان شاهه صاحب، (2) مولانا عبدالرحمان صاحب سکر وارو، (3) مولانا عبدالغفور صاحب همايوني، (4) مولانا محمد ابراهيم صاحب سرحدي (تعلقي گهوٽڪي جو)، ۽ (5) پير صاحب حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارو.

اهي همعصر شعراء جن مولوي صاحب جي قدرداني ڪئي يا جن سان مولوي صاحب جو لاڳاپو هو، سي هي هئا: (1) پير صاحب پاڳارو سيد حزب الله شاهه ”مسڪين“؛ (2) مولوي عبدالغفور صاحب همايوني ”مفتون“؛ (3) غوث بخش صاحب، نائب والي قلات، جيڪب آباد جو فارسي توڙي سرائڪي زبان جو شاعر هو؛ سندس تخلص ”خاڪي“ هو؛ اڪثر نعتيه ڪلام چيائين؛ نبي صلعم جي شان ۾ سندس چيل نعت ”برات نجات خاڪي“ مشهور آهي؛ (4) مرزا قليچ بيگ ”قليچ“؛ (5) مولوي صاحب آخر عمر ۾ هو، جو سردار گل محمد ”زيب“ به ساڻس مليو هو.

”بهائي“ طريقت ۾، خواجه غلام فريد صاحب چاچڙان شريف وارن جو مريد هو. انهيءَ عقيدت ۽ صحبت جو مٿس گهڻو ڪجهه اثر ٿيو. همعصر سخندانن ۽ شاعرن سان به سندس صحبتون رهيون. پنهنجي ديوان ۾ پير صاحب حزب الله شاهه، مولوي عبدالغفور همايوني ۽ مرزا قليچ بيگ کي خاص طرح ياد ڪيو اٿس.

تصنيفات.

مولوي بهاؤالدين مرحوم جون ننڍيون وڏيون 18 تصنيفون فارسيءَ ۾ ۽ چار سنڌيءَ ۾ آهن، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. سندس اڪثر ڪتاب، رياست بهاولپور جي نواب ۽ وزراء قدردانيءَ سان، بهاولپور جي سرڪاري پريس ۾ ڇپيا. پير پاڳاري شمس العلماء شاهه مردان شاهه صاحب جن، مولوي صاحب کي مستقل طور هڪ دستي پريس وٺي ڏني، جا ”مطبع راشديه“ جي نالي سان مولوي صاحب ڳوٺ سلطان (تعلقو ميرپور ماٿيلو) ۾ قائم ڪئي. انهيءَ مطبع راشديه مان – جنهن کي ”مطبعة بهائيہ“ پڻ سڏيو ويندو هو – ڪي ٻه ٽي تصنيفون شايع ٿيون، ۽ اها پريس پوءِ سيلاب ۾ ٻڏي ويئي. هيٺ ”بهائي“ مرحوم جي جملي ڇپيل توڙي اڻڇپيل تصنيف جا نالا ڏجن ٿا.

فارسي ڪتاب

(1) ”بدرالعروض“ – مطبوعه صادق الانوار پريس، بهاولپور، 1313هه/جولاءِ، 1903ع؛

(2) ”تذڪرہ القوافي“ – فن عروض ۾ خاص طرح ”قافيہ“ تي لکيل، مطبوعه راشديه دستي پريس، ڳوٺ سلطان؛

(3) ”ياد خدا“ (مثنوي) – ڇاپيل حسب الحڪم حضور نواب محمد بهاول خان ”خامس“ عباسي، والي رياست بهاولپور، ڪارخانه بلالي اسٽيم پريس، ساڍورا، ضلعو انبالا، 1904ع؛

(4) ”خورد و خواب“ (مثنوي) – ايضاً، ڪارخانه بلالي اسٽيم پريس، ساڍورا، ضلعو انبالا، 1904ع؛

(5) ”مثنوي“ – ايضاً، ڪارخانه بلالي اسٽيم پريس، ساڍورا، 1904ع؛

(6) ”ديوان نعتيه“ (در نعت نبي صلعم) –ايضاً، بلالي اسٽيم پريس، ساڍورا، 1904ع؛

(7) ”ديوان بهائي“ – مصنف جي خرچ تي صادق الانوار پريس بهاولپور ۾ ڇپيو؛

(8) ”سرمايہء اخلاق حسن“ (ترجمه منظوم، صد پند سودمند لقمان حڪيم) – صادق الانوار پريس، بهاولپور، 1904ع؛

(9) ”ماشهيدان“ (”صيرفي“ جي مشهور ترجيع بند نظم ”ما مقيمان ڪوي دلداريم“ جي تتبع تي) – حسب الحڪم تاجدار رياست بهاولپور، صادق الانوار پريس، بهاولپور، 1910ع؛

(10) ”مناجات بقاضي الحاجات“ (رباعيات) – حسب الحڪم عاليجناب مولوي حاجي رحيم بخش صاحب بهادر، پريزيڊنٽ ڪونسل آف ريجنسي رياست بهاولپور، صادق الانوار پريس بهاولپور، 1910ع؛

(11) .ڪريما بهائي“  باهتمام مولوي عطاء الله، ايڊيٽر ۽ سپرنٽنڊنٽ صادق الانوار پريس بهاولپور، 1321 هه؛

(12) “مراس العلوم يعني در منظوم“ (در مفردات، فوائد حروف الف – با و استعمال اين حرف از روي لغت) – صادق الانوار پريس، بهاولپور، 1321هه؛

(13) ”مجمع القواعد“ (فارسي: علم بديع ۽ معاني ۾) – باهتمام مولوي محمد اعظم صاحب ”سراجي“) ابن المصنف)، صادق الانوار پريس، بهاولپور، محرم 1339هه/آڪٽوبر 1920ع.

(14) ”داستانه عاشقانه“ – باهتمام مولوي محمد اعظم صاحب .سراجي“، صادق الانوار پريس بهاولپور، محرم 1339هه/آڪٽوبر 1920ع؛

(15) ”مراة الخيال“ – مطبع اراشدي (دستي پريس“ ) ڳوٺ سلطان، تعلقو ميرپور ماٿيلو.

(16) ”چهل احاديث منظومه“ – مطبعه بهائيه (دستي پريس)، ڳوٺ ”فقه آباد“ (ڳوٺ سلطان جو نالو ڦيرائي فقه آباد رکيو ويو هو)؛ ۽

(17) ”تنبيہ نجدي“ – ڇپيل مگر ناپيد (قلمي نسخو مصنف جي فرزند مولوي عبدالرحمان صاحب ”ضيائي“ وٽ موجود).

سنڌي ڪتاب

(1) ”تنبيہ الڪاهلين“ – نصيحت ۽ نماز جي مسائل ۾، قلمي؛

(2) ”بلال نامه“ – ڇپيل دستي پريس؛

(3) ”ڏاچي نامه“ (معجزو نبي صلعم جو) – ڇپيل دستي پريس؛ ۽

(4) ”خطبن جو مجموعو (جمعي ۽ عيدن جا خطبا) – دستي پريس.

شاعري.

ڪتابن جي مٿين فهرست مان معلوم ٿيندو ته شعر ۽ نظم ۾ ”بهائي“ جا ڪافي ڪتاب لکيل آهن. وقت جي شاعرن وٽ سندس وڏي عزت هئي – خاص طرح پير صاحب پاڳارو جناب حزب الله شاهه صاحب، ”بهائ“ جي وڏي قدردادني ڪئي ۽ کيس دل کولي نوازيو. ”بهائي“ کي جناب پير صاحب جي ملاقات، پير صاحب جن جي عمر جي آخري ڏينهن ۾ نصيب ٿي. هڪ دفعي ”بهائي“ پير صاحب جن جي آڏ هڪ غزل پيش ڪيو، جنهن جي هن مصرع تي پير صاحب جن تحسين ۽ آفرين چيس.

”بشمشيرِ محبت سر بريدم هستيء خود را،

شهيدِ تيغِ عشقم پيرهن برتن کفن دارم“.

وري ”بهائي“ هيٺيون غزل پيش ڪيو، جنهن تي پير صاحب تحسين ۽ آفرين چيس، ۽ پنهنجو هاٿي پالڪيءَ سميت مولوي صاحب کي انعام طور ڏنائون. مولوي صاحب جن هاٿي وٺڻ کان معذرت ڪئي ته ’آءٌ فقير آهيان، هاٿي سنڀالڻ ڪم اميرن ۽ بادشاهن جو آهي‘. انهيءَ تي پير صاحب فرمايو ته ’اسان کي معلوم آهي ته اوهين فقير آهيو؛ پر اسين اوهان کي پنهنجو پيلبان ساڻ ڪري ٿا ڏيون، اوهين اهو هاٿي وڃي پنهنجي نواب (بهاولپور) کي تحفو ڪري ڏيو، ته جئن اهو اوهان جي پوين لاءِ يادگار رهي ته هي اولاد مولوي بهاؤالدين ”بهائي“ جو آهن. جنهن نواب کي هاٿي تحفي طور ڏنو هو‘. اهو هيٺيون غزل هو، جنهن جي ٻُڌڻ سان پير صاحب پاڳاري اها نوازش ڪئي:

قُربِ حق شد منزلِ ما، عشق جانِ جانِ ماست،

ماشہِ ملکِ دل و عرشِ عظيم ايوانِ ما ست.

باعثِ ايجاد مائيم از پيء هردو جهان،

بر دو عالم في الحقيقت منّتِ احسانِ ما ست

ما کہ از روزِ ازل ما را محبت مشرب ست،

عشقبازي دينِ ما و عشقِ عشق ايمانِ ما ست.

عشق يعقوب ست و عقل اخوان ما، ما يوسفيم،

ما عزيزِ مصر عشقيم و خودي زندانِ ما ست.

ما بدنيا سخت نادانيم و در ديوانِ عشق،

عقلِ عالم نو سبق شاگردِ شاگردانِ ما ست.

آفتابِ عالم افروز ست نورِ فيضِ ما،

از ’متهيلہ‘ تا ’کراچي‘ جلوهء جولانِ ما ست.

عالمِ عقبيٰ کراچي و متهيلہ اين جهانست،

هر دو عالَم روشن از خورشيدِ نور افشانِ ما ست.

مدحِ ما مشهور ’الانسان سرّي‘ واقع است،

برقعِ آن شاهدِ سر صورتِ انسانِ ما ست.

از ازل ما را چہ دستارِ خلافت بر سر ست،

شانِ ما ايمانِ ما قرآنيِ مان برهانِ ما ست.

در دو عالم گوي اقبال از همہ کس بُرده ايم،

از زمين تا نُہ فلکها عرصهء ميدانِ ما ست.

در دو عالم گردي ارچيزي نيابي چون سخن،

بارء بنگر کہ آن هم لعل خوش از کانِ ما ست.

از پيء ما خاک گسترده بساطِ انجمن،

آسمان در رقص و حالتها هم از دستانِ ما ست.

طالبِ ذاتِ خدائيم و خدا مطلوبِ ما ست،

دردمندِ ايزديم و ذاتِ حق درمانِ ما ست.

اين همه اقبالها داريم از اقبالِ عشق،

بندگانِ حضرتِ عشقيم و او سُلطانِ ما ست.

اين نہ فخريہ بگفتم بلکہ حمديہ بود،

’نحن اقرب‘ را ببين برهانِ ما قرآن ما ستِ.

گر کلامِ ما ز قانونِ خرد خارج فتاد،

باک نبود چون کمالِ دوستان نقصانِ ما ست.

اي ”بهائي“ قدرِ خود را کاش کہ نشناختيم،

ورنه مدحِ بيحدِ ما ني حدِ امکانِ ما ست.

پير صاحب حزب الله شاهه پاڻ فارسيءَ جو اعليٰ شاعر هو. سندس تخلص ”مسڪين“ هو، ۽ ”ديوان مسڪين“ اڄ تائين موجود آهي. انهيءَ ڪري، سندن طرفان ”بهائي“ جي قدرداني، بهائي لاءِ هڪ وڏو انعام هو. پير صاحب جن وعدو فرمائي ”بهائيءَ“ کي چيو هو ته ” اسان اوهان جي ديوان کي سونهري حرفن ۾ ڇاپائينداسون“؛ پر افسوس جو هن سخي مرد سان حياتيءَ وفا نه ڪئي ۽ هن آخري صحبت کان چاليهه ڏينهن پوءِ وفات ڪيائون. ان بعد، سندن جانشين پير صاحب پاڳاري علي گوهر شاهه ثانءَ (محفي ڌڻي) ۽ ان بعد شمس العلماء شاهه مردان شاهه، مولوي بهائيءَ جي هڪ وڏي عزت ڪئي ۽ کيس پوريءَ طرح نوازيو.

هيٺ اسين ”بهائي“ جي ديوان مان ڪي غزل نموني طور ڏيون ٿا – پهريون غزل، ”ديوان بهائي“ جو شروعاتي غزل آهي.

نخستين حرفِ عشق آمد چو بسم الله قرآن را،

پيء دفعِ گزندِ چشمِ بد عنوانِ ديوان را.

بگوشِ جان رسد چون نامِ عشق از خود فُتم بيخود،

نداند کس بجز هشيارِ مست اين رازِ پنهان را.

بخاکِ آستانِ بادشاهِ عشق در هردم،

ز روي عجز في الحق سجدها باشد دل و جان را.

ببازارِ حسابِ حشر چون رحمت کند جلوه،

بطاعت خندها باشد لب و دندانِ عصيان را.

ز روي شاهدِ رحمت، نقابِ منع دور افتد،

عجب گرمي بود آنجا، مگر بازار غفران را.

عنانِ اختيارِ خود سپر دستم بدست او،

”بهائي“ از دل و جان بنده ام آن شاهِ خوبان را.

 

من مريدِ پير عشقم پيرِ من کامل بود،

ناقصم در نفس خود، ليکن سخن کامل بود،

پيرِ عشقم ساختہ فارغ ز فِکر مرد و زن،

هر کہ شد فارغ ز فکرِ مرد وزن کامل بود.

کاملي کَز فيضِ پيرِ عشق کامل مي شود،

فارغ از خود گشتہ و بيخويشتن کامل بود.

جانبِ دير و حرم شد پير عشقم رهنما،

شيخِ کامل ديدم و هم برهمن کامل بود.

جلوهء او جا بجا شد جلوه گر در چشمِ من،

موجِ حسنِ او چو بحرِ موجزن کامل بود.

اي ”بهائي“ گرچہ پيرم، ليک عشقِ آن جوان،

شکر لله در دل و در جان من کامل بود.

 

دل بنورِ محبت چنان منّور شد،

کہ آفتاب بيک زره ام برابر شد.

هزار شکر کہ شادم بشغلِ مستيء يار،

کہ هرچہ بُد بغيرِ غمش ز دل بر شد.

بسوي منزلِ مقصود راه خوش بُردم،

چو خضر لطفِ خدايم رفيق و رهبر شد.

بآبياريء احسانِ باغبانِ ازل،

درخت دوحہء بي برگِ من مثمر شد.

چو حسنِ صنع حکيم کريم جلوه نمود،

ز کيمياي کرمهاش مس همہ زر شد.

ز صيقلات صفا ساز رحمتِ موليٰ،

دلم مُنير چو آئينہء سکندر شد.

شده فسونِ سليمانِ فضلِ حق ياور،

کہ ديوِ نفس بزورش مرا مسخّر شد.

”بهائيا“ بکر مهاي باغبانِ کريم،

درختِ دولتِ مقصودِ من ثمرور شد.

 

هزاران خنده بر خورشيد دارد روي رخشانش،

دو صد طعنہ بمرجان ميزند لعلِ دُر افشانش.

بمن آرد چو يزدانش بتنها از رقيبانش،

دل و جان کرده قربانش زنم دستي بدامانش.

پس از عمري شوم يا رب چہ شيرين کام چون بوسم،

لبانِ شکّر افشانِ دواي تلخکا مانش.

بعشاق آن ستمگر برسرِ پيکار مي آيد،

دو ابرو تيغ و مزگان خنجر و خوشي ست سامانش.

وظائف را بجان متروک سازد عابد ار بيند،

گهي از دور ابروي چو بسم الله قُرآنش.

ز خود بيخود هزاران خندها دارد بعمرِ خضر،

کسي کو بارهء بوسد لبِ چون آب حيوانش.

سيہ پوشي ميسر کرد شام از زلفِ يارِ من،

رخ افروزي سحر آموخت از چاکِ گريبانش.

زليخا وار دل ده آن عزيزِ مصر خوبي را،

کہ باشد يوسفِ کنعان غلامي از غلامانش.

”بهائي“ ميرود برباد يادِ جنّتم از دل،

چو ياد آيد هو اي خاکِ کوي چون گلستانش!

 

اي کہ در من چون بَدن در پيرهن جا کردهء،

يا چو بوي خوش بگلهاي چمن جا کردهء.

يا چو عيشِ ميخوري در انجمن جا کردهء،

يا چو معنيء لطيف اندر سخن جا کردهء.

کي توانم شد تُرش از تلخيء غمهاي تو،

اي کہ چون شيرين بمن در کو هکن جا کردهء.

عين شد در عين، عين و درميان غيري نماند،

من شدم تو، تو شدي من، تا بمن جا کردهء.

اي دمادم جلوه گر شد جلوهء تو جابجا،

جلوهء بر دُر فگندي، در عدن جا کردهء.

چون نگاهِ لطفِ خود را بر اويس انداختي،

گشتہء با او قرين و در قرن جا کردهء.

من نگويم اي بهر مظهر ظهورت جلوه گر،

بي تکلف مي بر آيد از دهن جا کردهء.

در چمنها جلوه گر گشتي بهر سرخ و سپيد،

در گل و در لالہ و در نسترن جا کردهء.

چون زمن من رفت، من بي من شدم، ماندي تو بس،

خويش را بشناختي، در خويشتن جا کردهء.

چون ”بهائي“ از تو دورم، باوجودِ آنکہ تو-

درميانِ جانِ من چون جان به تن جا کردهء.

 

اي کہ در روي بتان نور خدا مي بيني،

مزده باد ارز گل و آب جدا مي بيني!

اين بود آئنہء در عالم،

چشم روشن کن و بنگر کہ چها مي بيني.

نور محض ست و بجز نوردگر چيزي نيست،

هر چہ زان آئنہء نور نما مي بيني.

ديدهء پاک نظر داد ترا ايزدِ پاک،

شکر بين تو کہ کجا تا بکجا مي بيني.

گر ”بهائي“ بدر آئي نفسي از من وما،

آنچہ معنيٰ اس تو در صورتِ ما مي بيني!


*  هيءَ سوانح عمري، مولوي نجم الدين ۽ سندس دستخط مواد تان ورتل آهي.- مرتب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com