سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :44

جناب الحاج سيد ميران محمد شاهه*

الحاج سيد ميران محمد شاهه، 19 مارچ 1898ع ۾، ٽکڙ تعلقي گوني ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي ملان اسڪول ۽ پرائمري اسڪول ۾ ورتائين، ۽ ان بعد ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ انگريزي پڙهڻ لڳو. 1921ع ۾، ڪراچي جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان بي. اي. پاس ڪيائين، ۽ 1923ع ۾ بمبئي جي گورنمينٽ لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي. جو امتحان پاس ڪري، 1924ع کان وڪالت شروع ڪيائين. ساڳئي سال حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر منتخب ٿيو، ۽ 1926ع ۾ کيس ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1928ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو، ۽ 1929ع ۾ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ منتخب ٿيو.

سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ جي سلسلي، ۾ سيد ميران محمد شاهه، ”سائمن ڪميشن“ (Symon Commission) ۽ لوٿين ڪميٽي (Lothian Committee) سان گڏجي ڪم ڪيو. اهي ڪوششون آخر سجايون ٿيون، ۽ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪري خودمختيار صوبو بنايو ويو. 1937ع ۾، پهريون ڀيرو، سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو. 1938ع ۾ اسيمبليءَ جو اسپيڪر بنيو، ۽ ڏهه سال انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. 1946ع وارين چونڊن ۾ ٻيهر سنڌ اسيمبليءَ تي چونڊجي ويو. ۽ 1938ع کان 1952ع تائين سنڌ سرڪار جو وزير ٿي رهيو. اتان کيس اسپين ۾ پاڪستان سرڪاري طرفان سفير ڪري موڪليو ويو. اسپين کان واپس سنڌ اچڻ بعد، 1954ع ۾، ڪراچي ”امپروومينٽ ٽرسٽ“ (Karachi Improvement Trust) جو چيئرمن مقرر ٿيو، ۽ 1957ع، ۾ انهيءَ عهدي کي ڇڏيائين.

ادبي ميدان ۾ پڻ جناب شاهه صاحب جن ڪيتريون ئي قابل قدر خدمتون انجام ڏنيون آهن. 1938ع ۾ حيدرآباد ۾ جيڪا سنڌي ادبي سوسائٽي قائم ٿي هئي، شاهه صاحب ان جو منتظم ۽ پريزيڊنٽ هو. انهيءَ سوسائٽيءَ ڪيترائي مفيد سنڌي ڪتاب شايع ڪيا، ۽ پڻ ادبي محفلون ۽ مشاعرا منعقد ڪري، سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعريءَ کي زور وٺايو. انهيءَ ئي سوسائٽيءَ سنڌ ۾ پهريون زنانو مسلم هاءِ اسڪول کوليو، جيڪو اڄ تائين حيدرآباد جي ميمڻ محلي ۾ ”مدرسة البنات“ جي نالي سان قائم آهي.

سن 1941ع ۾، سنڌ سرڪار سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ هڪ ”سنڌي مرڪزي بورڊ“ قائم ڪيو، جنهن سنڌيءَ جي لغت تيار ڪرڻ جي رٿ رٿي، ۽ پڻ لائق اديبن کي انعام ۽ معاوضا ڏيئي، سٺن ڪتابن لکڻ لاءِ همٿايو. شاهه صاحب 1951ع تائين ڏهه سال انهيءَ بورڊ جو چيئرمن ٿي رهيو. 1951ع ۾ اڳيون بورڊ بدلائي نئون بورڊ وجود ۾ آندو ويو، جو هن وقت تائين قائم آهي. شاهه صاحب انهيءَ هاڻوڪي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو پڻ شروع کان وٺي ميمبر رهندو آيو آهي.

پنهنجي وزارت واري وقت ۾، سيد ميران محمد شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہ الرحمة جي سالياني ورسي ملهائڻ جي جيڪا شاندار روايت قائم ڪئي، سو سندس زندگيءَ جو هڪ جس جوڳو ۽ قابل يادگار ڪارنامو آهي. ان وقت کان وٺي، هر سال، ”شاهه لطيف يادگار ڪائونسل“ جي اهتمام سان، ڀٽ شاهه تي شاهه ڀٽائي رحه جي سالياني ورسي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي ويندي آهي. شاهه صاحب انهيءَ ڪائونسل جو پريزيڊنٽ آهي. شاهه ڀٽائي رحه جي ڪلام ذريعي، تصوف جي فلسفي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقبول بنائڻ لاءِ هيءَ ڪائونسل سنڌ اندر ڪافي ڪم ڪري چڪي آهي. ’ڪائونسل‘ سنڌي موسيقيءَ کي پڻ گهڻي قدر همٿايو آهي. هر سال ورسيءَ جي موقعي تي سڄيءَ سنڌ مان فنڪار اچي ميڙو مچائيندا آهن، ۽ پنهنجو پنهنجو هنر ڪانفرنس ۾ پيش ڪري، داد ۽ انعام حاصل ڪندا آهن.

سياست ۽ ادب سان گڏوگڏ، شاهه صاحب تعليمي خدمتن ڏانهن پڻ متوجهه ۽ مائل پئي رهيو آهي. سترهن سالن تائين بمبئي يونيورسٽيءَ ۽ ان سان متعلق ادارن – مثلاً سننڌي ٻوليءَ جي تحقيقي بورڊ، وغيره – جو ميمبر رهي چڪو آهي. جڏهن سنڌ جي پنهنجي يونيورسٽي کلي، ته شاهه صاحب کي ان جي سينيٽ، سنڊيڪٽ، توڙي ”ائڪڊمڪ ڪائونسل“ (Academic Council) تي ميمبر نامزد ڪيو ويو. هن وقت پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ائڪڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر ۽ ”فئڪلٽي آف آرٽس“ (Faculty of Arts) جو ”ڊين“ (Dean) آهي.

سيد ميران محمد شاهه صاحب خود به هڪ سٺو اديب ۽ شاعر آهي. سندس مضمون مختلف رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس نثر جا ٻه ڪتاب، ”گنجي ٽڪر جو سير“ ۽ ”دل جي طلب“، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران، ڪاليج جي درسي نصاب لاءِ منظور ڪيل آهن. سندس مختلف نظم پڻ يونيورسٽي ۽ هاءِ اسڪول جي ڪورس جي ڪن ڪتابن ۾ شامل آهن.

حالانڪ عمر توڙي مصروفيت جي لحاظ کان شاهه صاحب کي هن وقت تائين پنهنجي علمي ادبي دلچسپين کي قائم رکڻ جو تمام گهٽ موقعو ميسر آهي، تاهم به هو پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت جي خيال کي هر دم تازو ٿو محسوس ڪري، ۽ اڄ تائين اڪثر قابل ذڪر مشاعرن ۽ محفلن ۾ شاهه صاحب جي موجودگيءَ کي ڪارروائي جي صدارت لاءِ مناسب ڄاتو وڃي ٿو، ۽ شاهه صاحب خود به غزل ۽ ڪافيءَ ۽ ساڳيءَ طرح طبع آزمائي ڪندو ٿو رهي.

جناب عثمان علي انصاري *

 

منهنجو والد مرحوم، هدايت علي انصاري، سهارنپور ضلعي جي جنت آباد (انبهٽه) ڳوٺ ۾ ڄائو هو. 1870ع ڌاري سنڌ ۾ آيو. پوليس جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو، ۽ 1901 ۾ جڏهن سيوهڻ انسپيڪٽر هو ته وفات ڪيائين. منهنجي والده ميرپورماٿيلي جي رند خاندان مان هئي، جنهن مان والد صاحب کي هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ ٿيا.

مون کي ٻڌايو ويو ته مان 21 آڪٽوبر 1901ع جي شڪارپور شهر ۾ پيدا ٿيو هوس. والد مرحوم کي ان وقت گذر ڪئي ٻه مهينا کن ٿيا هئا. مون کي انهيءَ تاريخ تي اعتبار ڪونهي، پر لاچار ميونسپل آفيس جي رڪارڊ کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪو نه ٿو ڏيکارجي.

منهنجي ابتدائي تعليم شڪارپور جي اسڪول نمبر 2 ۾ شروع ٿي، جڏهن اهو اسڪول هاٿيدر جي ٻاهران ان جاءِ تي هلندو هو، جت هن وقت مرحوم جان محمد خان پٺاڻ جي اوطاق آهي. ٽئين درجي ۾ منهنجي مرحوم چاچي شيخ صادقعليءَ – جو ان وقت ميهڙ جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو – مون کي گهرائي ميهڙ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ميهڙ جي اسڪول مان چوٿون درجو پاس ڪري، آءٌ موٽي شڪارپور آيس ته اچي انگريزي پڙهان؛ ليڪن قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هو: مون کي شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ جاءِ ڪين ملي سگهي، ۽ مون وڃي مرحوم قاضي بهادر علي شاهه جو عربي مدرسو وسايو. ٻن سالن جي فارسي پڙهڻ کان پوءِ وري به چاچي مرحوم مون کي خيرپور گهرائي، خيرپور جي اي. وي. اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جو اسڪول اڳتي هلي ”ناز هاءِ سڪول“ جي نالي سان مشهور ٿيو. انهيءَ اسڪول ۾ به آءٌ فقط ٻه سال پڙهيس، ۽ ٻئي درجي پاس ڪرڻ سان وري مون کي لاڙڪاڻي جي ميونسپل اي. وي. اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. ٽيون ۽ چوٿون درجا، اتي پاس ڪري، وري پنجين درجي ۾ مون کي خيرپور موٽايو ويو؛ پر بنا ڪنهن وڌيڪ درجي پاس ڪرڻ جي، آءٌ موٽي شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ آيس، جتان 1918ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيم، ۽ انهيءَ سان گڏ منهنجي اسڪولي زندگي ختم ٿي.

آءٌ پڙهڻ جو جڏو ۽ راندين ۾ نهايت ڀڙ هوس. پنهنجي بدن ٺاهڻ جو ڏاڍو شوق، بلڪ جنون هوندو هوم؛ انهيءَ ڪري ڏنڊ ڪڍڻ، پڃريون کڻڻ، بلڪ ملهون وڙهڻ ۽ ٻلهاڙو کيڏڻ ۾ ڪتابن پڙهڻ کان وڌيڪ چاهه هوندو هوم. اسان جي پاڙي اوڙي جي فضا ان وقت اهڙي هئي، جو هر وقت پنهنجي جيڏن سرتن ۾ فقط بدني قوت جي ديکا ديکي ڪئي ويندي هئي. مون ۾ قدرت اهي سڀ ڳالهيون رکيون هيون، جي ڪنهن نوجوان کي پهلوان بنائي ٿيون سگهن: بدن مضبوط هو، تندرستي سٺي هئي، برين عادتن ڏي خيال به ڪين ويندو هو، ۽ نهايت سادي غذا وڻندي هيم: ياد نٿو اچيم ته ڪڏهين به بيمار ٿيو هوس، يا پيٽ ڀري کاڌو کاڌو هوندم. ساري شڪارپور ۾ ڪو به جوان مون سان منڊو ڪين ڏيئي سگهندو هو، نه وري ڪو ڊوڙڻ ۾ مون کان گوءِ کڻي ويندو هو. بندوق به چڱي هڻندو هوس، ڇو ته ورثي ۾ اهو شوق به مليو هوم. والد مرحوم جي نالي ٻڌندو ايندو هوس ته رائفل مير علمبردار خان جهڙي هڻندو هو، ۽ ڇري جي بندوق ۾ سندس ثاني ڪونه هو. منهنجي به ساري عمر اها ڪوشش رهي ته بندوق بازيءَ ۾ ڪنهن کان گهٽ نه پوان: مطلب ته انهن شونقن جيڪڏهن ڪتابن ڏي رجوع نه ڪيو، ته ڪم از ڪم هڪ سگهاري بدن ۽ بيداغ اخلاق جو مالڪ ضرور بڻايو.

ميٽرڪ پاس ڪرڻ سان جهوناڳڙهه روانو ٿيس. هفتو کن ڪاليج کلڻ کان اڳ وڃي پهتس. سنڌ کان ٻاهر جي دنيا جو اهو منهنجو پهريون سفر ڪين هو، ڇو ته 1912ع ۾ چاچي مرحوم سان گڏ دهلي درٻار تي به ويو هوس. پر اهو اٻوجهائيءَ جو زمانو هو، هينئر ڪاليج ۾ اچڻ سان ڪجهه پنهنجي نيڪي بديءَ بابت به سوچڻ لڳس. چاچو مرحوم گذر ڪري چڪو هو، تنهنڪري ٻي ڪا ننگ پال پهر ڪين هيم. سنڌ مان اسڪالر شپ ملي هيم، بس اها ئي منهنجي ڪل ڪائنات هئي. وڏو ڀاءُ مرحوم غلام علي جيئن جو 1914 واري لڙائي ۾ ڀرتي ٿي ويو هو ته وري خبر به ڪين هئي ته جيئرو به آهي يا نه. 20 جون جي ڪاليج کليو، هفتو کن ته داخلائون پئي هليون، آخر باقاعدي ڪلاس شروع ٿيا. پهرئين ڏينهن ڪاليج جا ٻه ’فيلوز‘ آيا: ڪلاس جي حاضري وٺي، ڪلاس کي چيائون ته ”اٿي بيهن اهي، جن حسابن ۾ 200 مارڪن مان 200 مارڪون کنيون آهن.“ اٽڪل روءِ اڌ ڪلاس اٿي بيٺو. وري چيائون، ”اٿي بيهن اهي، جن 190 مارڪون کنيون آهن.“ سنڌين مان هڪ مرحوم دَل هو، انهيءَ سوڌا ٻيا گجراتي ۽ ڪاٺياواڙي هڙ اٿي بيٺا. مون پنهنجي عمر ۾ ٻين کان پٺتي رهجي وڃڻ جو عذاب پهريون دفعو محسوس ڪيو، ۽ ڪلاس جي دري مان ٽپو ڏيئي ٻاهرنڪتس. سڌو بورڊنگ ۾ اچي، ٽپڙ ٻڌي، اسٽيشن جي راهه ورتم. دوستن مان مرحوم آخوند رسول بخش گهڻو ئي سمجهايو ته نه وڃ، پر مون کيس چيو ته ’جنهن ڪلاس جي سڀني شاگردن حسابن ۾ ايتريون مارڪون کنيون آهن، تنهن ڪلاس ۾ 200 مان 50 مارڪن کڻڻ وارو آخر ڪهڙا ڦاڙها ويهي ماريندو؟ تنهن کان ڪنهن اهڙي ڪاليج ۾ ڇو ڪين وڃان، جت انڌن ۾ ڪاڻو راجا ٿي ويهان!‘

ٽئي ڏينهن واپس شڪارپور اچي پهتس. عزيزن مان ٻئي ته ڪنهن ڪين پڇيو، البت ٻڍڙي ماءُ چڱي آڏي پڇا ڪئي. مون کيس چيو ته’جهونا ڳڙهه جي آبهوا ڪين ڀانءِ پئي، ڊاڪٽر چيو ته هليو وڃ نه ته سلهه ٿي پوندءِ!‘ تنهن جڏهن ٻڌو ته جهونا ڳڙهه هڪ اهڙي منحوس بيماريءَ جو گهر آهي، ته کڻي صبر ڪيائين. جولاءِ کان آڪٽوبر تائين شڪارپور ۾ رهي، پوءِ سڌو عليڳڙهه جو رستو ورتم. 1921ع ۾ انٽر پاس ڪري، ٽئي سال جي داخلا لاءِ عليڳڙهه ويس ته وري هڪ وڏي مشڪل پيدا ٿي:1921 واري خلافت هلچل شروع ٿي چڪي هئي، ۽ سنڌ مان به مسٽر جوڻيجو باريسٽر پنهنجو ارڪو ترڪو وڪڻي، هڪ اسپيشل ٽرين تيار ڪرائي، افغانستان ڏانهن هجرت ڪري رهيو هو. عليڳڙهه ۾ به مولانا محمد علي مرحوم پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ مهاتما گانڌيءَ سان گڏجي آيو، ۽ اچي شاگردن کي چيائين ته”ڪاليج ڇڏي، گهرن ڏي هليا وڃو!“ يونين هال ۾ جلسو ٿي رهيو هو ته مون اُٿي مهاتما گانڌيءَ کان پڇيو ته ”سائين، هيءُ ڪاليج جو اوهين ڇڏايو ٿا ته ڪو ٻيو ڪاليج اوهان تيار ڪرايو آهي، جنهن ۾ وڃي تعليم وٺون؟“ انهيءَ منهنجي سوال تي هڪدم مولانا محمد علي اٿي بيٺو، ۽ مهاتما کان اجازت وٺي مون کي چيائين ته ”تاريخ پڙهي اٿئي؟“ مون چيو، ”هائو“. چيائين، ”روسين جڏهن ماسڪو کي جلائي ڇڏيو هو، ته ڪو ٻيو ماسڪو به تيار ڪيو هئائون ڇا؟“ مون چيو ته ”نه“. تڏهن چيائين ته ”جهڙيءَ طرح روسين پنهنجي دشمنن کان بچڻ لاءِ پنهنجو گهر گهاٽ ٻاري ڇڏيو هو، تهڙيءَ طرح اسين به پنهنجي طاقتور دشمن کان بچڻ لاءِ پنهنجا سڀ تعليمي ادارا ويران ڪرڻ کان ڪين گسنداسين؟“ مون تي انهيءَ دليل ايترو ته اثر ڪيو جو وري به ٽپڙ ٻڌي، دوستن کان موڪلائي، سڌي ٽڪٽ پشاور جي ورتم. مسٽر دين محمد عليگ ۽ پير الاهي بخش صاحب اسٽيشن تي ڇڏڻ آيا، ۽ مون روئي عليڳڙهه کان موڪلايو. منهنجي هجرت تي وڃڻ جو داستان به نهايت الم انگيز آهي، پر طوالت جي ڪري ڇڏي ٿو ڏيان. قصو ڪوتاهه، ٻارهن ڏينهن جي ڏکن ڏولائن کان پوءِ، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر اچي گهَر لڌم. خيال ڪيم ته ڪراچي ڪاليج ۾ داخلا وٺان، پر ڇاڪاڻ ته ٽئي سال جا ٽرم وڃائي چڪو هوس، تنهنڪري خيرپورميرس ۾ اچي ناز هاءِ اسڪول ۾ ماستري ڪيم. بعد ۾ هڪ ٽرم لاءِ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ هوس، جتان 1922ع ۾ بروده ڪاليج ۾ وڃي ٽئي سال جي ٻئي ٽرم ۾ داخلا ورتيم. 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي. پاس ڪري، ساڳئي سال وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ روانو ٿي ويس.

ڪاليج جي چئن سالن منهنجي عادتن، ذهنيت ۽ روَش ۾ جو ڦيرو آندو، انهيءَ جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. عليڳڙهه ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ مون ڏٺو ته اسڪالر شپ جي ٽيهن روپين مان پورائو ڪين ٿي سگهندو، تنهنڪري اسڪول جي ڇوڪرن کي انگريزي ۾ خانگي طرح پاڙهڻ جو ڪم شروع ڪيم، ۽ پرنسپال صاحب جي مدد سان جلد ئي 35 رپين ماهوار جي هڪ ٽيوشن ملي ويئي. ڪمائڻ جي جوابداريءَ جي بار پوڻ سان، منهنجي دلچسپ مشغولين ۾ به ڪمي ٿيندي ويئي: شڪار ڪرڻ صفا بند ڪري ڇڏيم؛ بدني ورزشن جو سلسلو به سنڌ ڇڏڻ سان گهڻي ڀاڱي بند ٿي ويو – سواءِ راندين جي، جن ۾ ٽينس کيڏڻ جو اضافو به عليڳڙهه ۾ ٿيو؛ طبيعت ۾ جا جهيڙي ڪرڻ جي عادت هئي، سا به گهڻو ماٺي پئجي ويئي. انهن ايترين دلچسپين کي بند ڪرڻ کان پوءِ، لازماً ڪتابن جو کُلڻ ضروري هو. رفتي رفتي پڙهڻ جي عادت ايتريقدر پئجي ويئي جو مطالعو به هينئر منهنجو نهايت محبوب مشغولو بڻجي ويو. درسي ڪتابن کان پوءِ اچي پوري ’لٽن‘لئبرريءَ کي منهن ڏنم.

انهيءَ وچ ۾، 1920ع ۾، هڪ نامعلوم محسن وٽان مون کي هڪ چڱي چوکي رقم چيڪ جي رستي عليڳڙهه ۾ ملي، جا ٽن مهينن کان پوءِ خبر پيئي ته منهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم غلام عليءَ ايران کان موڪلي هئي. اٽڪل روءِ اَٺ مهينا اها رقم ماهوار ملندي رهي. مون انهن پيسن مان وڏو حصو بچائي، پنهنجي نالي بئنڪ ۾ رکي ڇڏيو هو، جو مون کي بروده واري زماني ۾ ڪم آيو.

انگلنڊ جي زندگيءَ جو احوال به نهايت دلچسپ آهي، ليڪن هن مختصر خاڪي ۾ ڪين اچي سگهندو، تنهنڪري ٿوري تي اڪتفا ڪري فقط ايترو لکان ٿو ته 1925ع ۾، ايم – اي ۽ جرنلزم ۾ ڊپلوما وٺي، واپس وريس.

1925ع جي آگسٽ ۾، انگلنڊ کان واپس اچي، ”بمبئي ڪرانيڪل“ جي سيد بريلويءَ وٽ ڪم شروع ڪيم، ته هڪ هفتي اندر خانبهادر، ۽ بعد ۾ سر غلام حسين هدايت الله پوني ۾ گهرائي چيو ته سنڌ ۾ نوڪري ڪر. مون عرض ڪيو ته جي تعليم کاتي ۾ چار سو رپيا پگهار ڏيندا، ته ڪندس. ٻه مهينا کن لکپڙهه هلي، انهيءَ کان پوءِ مون کي ميرپورخاص جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ڪري رکيائون. 27 نومبر 1925ع وڃي چارج ورتم، جتان وري 1927ع ۾ نوشهري فيروز بدلي ڪيائون. نوشهري فيروز ۾ 1933ع تائين رهيس، جتان وري ميرپورخاص بدلي ٿي آيس. 1940ع ۾ ميرپورخاص مان ڪراچيءَ ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيس. 1947ع ۾، ميرپورخاص کان حيدرآباد ويندي، موٽر جي اونڌي ٿيڻ ڪري ڌڪ لڳا. فيبروريءَ کان ڊسمبر تائين زير علاج رهيس. انهيءَ وچ ۾ هڪ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي بدران سنڌ ۾ ٻه رکيا ويا، ۽ ڊسمبر ۾ جڏهن موٽي نوڪريءَ تي چڙهڻ جهڙو ٿيس ته ايس. ٽي. ڪاليج ۾ پرنسپال ڪري رکيائون. چئن سالن کان پوءِ، 1951ع ۾، ڊي. پي. آءِ. جي عهدي تي آيس. جتان تازو 1957ع جي آڪٽوبر ۾ پينشن تي آيو آهيان.

ٻٽيهن سالن جي نوڪريءَ ۽ ازدواجي زندگيءَ منهنجي مشغولين ۽ عادتن تي ڪو اهڙو خاص اثر ڪين ڪيو: البت راندين جو مشغولو پهريان ڏهه سال کن جاري رهيو، جو بعد ۾ فقط ٽينس راند تائين محدود ٿي رهجي ويو؛ شڪار جو چاهه 1947ع تائين تمام گهڻو ٿي ويو، پر 1947ع جي موٽر واري حادثي کان پوءِ ڇاڪاڻ ته عضون جواب ڏيئي ڇڏيو هو، تنهنڪري لاچار ڇڏڻو پيو، ۽ انهيءَ جاءِ تي لکڻ پڙهڻ جي مشغولي وڌي ويئي. پينشن کان پوءِ، جو وقت آفيس جي ڪم کان بچيو اٿم، تنهن کي وري پنهنجي فارم جي حوالي ڪيو اٿم؛ ڇو ته ڪيئي سال ٿيا ته والٽئر جي هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هيم ته ”ڪنهن به مشغوليءَ جو نه هجڻ، حياتيءَ جي ختم ٿيڻ جي برابر آهي.... سڀ انسان نيڪ آهن، سواءِ انهن جي جن کي ڪو مشغولو ڪونهي.“ نوڪريءَ واري زماني ۾ جي ڪتاب اڻپورا ڇڏي ڏنا هئم، تن کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم به ڪندو ٿو رهان.


 

جناب آغا تاج محمد خان*

مدت مديد کان سنڌ جي سرزمين اندر آباد ٿيل افغان خاندان جي شاخ، جنهن سکر ضلعي ۾ وڃي سڪونت ورتي، تنهن مان مکيه آغا تاج محمد خان جا اباڻا هئا. هنن جي پنهنجي زمينداري، سکر شهر کان نون ميلن تي، باگڙجي ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾ هئي، تنهنڪري هنن باگڙي جي ڳوٺ کي هميشہ لاءِ پنهنجو وطن ڪري ورتو. باگڙجي جي پٺاڻن مان آغا شهاب الدين جو خاندان هڪ مشهور خاندان آهي. هن صاحب اٽڪل اسي ورهين جي ڄمار ۾ رحلت ڪئي، ۽ پٺيان ٻه فرزند ڇڏيا: هڪ آغا واحد بخش خان، ۽ ٻيو آغا عبدالمجيد خان. آغا واحد بخش خان جو واحد فرزند، آغا شمس الدين خان، لاولد ئي فوت ٿي ويو؛ تنهنڪري آغا شهاب الدين جي سموري خاندان جا وارث هن وقت آغا عبدالمجيد خان جا ٽي فرزند – هر هڪ آغا پير محمد خان، آغا تاج محمد خان، ۽ آغا داد محمد خان – آهن.

آغا تاج محمد خان 16 سيپٽمبر 1904ع ۾ باگڙجي (تعلقو سکر) جي ڳوٺ ۾ تولد ٿيو، پنهنجي خاندان جي رواج موجب، هن کي پهريائين ڪلام پاڪ جي تعليم ڏيئي، ۽ ڪجهه پارسي پڙهائي، پوءِ ڳوٺ جي سنڌي سڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن پهريائين پنج درجا سنڌيءَ جا پاس ڪيا. والد بزرگوار جي طرفان سندس نسل افغاني هو ۽ والده ماجده جي طرفان ايراني هو، تنهنڪري ابتدا کان وٺي سندس سنڌيء ٻوليءَ ۾ پارسيءَ جي آميزش گهڻيري هئي. کيس ننڍپڻ کان ئي سنڌي زبان ۾ تقرير سان ايتري ته دلچسپي هئي. جو سنڌي اسڪول جي هر تعليمي جلسي ۾ کانئس اسڪول جي شاگردن طرفان تقرير ڪرائي ويندي هئي.

ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ جي خيال سان، آغا تاج محمد خان کي سکر شهر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. سندس وڏن جي دلين تي، غلط يا صحيح، اهو خيال ويٺل هو ته خانداني ٻار جڏهين بورڊنگ هائوس ۾ داخل ٿين ٿا ته عام شاگردن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري غلط ماحول جو شڪار ٿي وڃن ٿا؛ تنهنڪري آغا تاج محمد خان کي پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ، سکر شهر جي غريب آباد واري حصي ۾، مسواڙي جاءِ وٺي رهايو ويندو هو، جتي سندن کاڌي پيتي جو بندوبست پاڙي واري ڪنهن شريف گهر ۾ رکيو ويندو هو، جتان کين رڌل پڪل کاڌو منجهند ۽ رات جو ملندو هو؛ باقي صبح جي ماني هو پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪري کائيندا هئا. هي سلسلو 1921ع تائين هليو، جيستائين آغا تاج محمد خان جو وڏو ڀاءُ، آغا پير محمد خان، ميٽرڪ پاس ڪري ويو. هاڻي هڪ اڪيلي نينگر کي اڪيليءَ جاءِ ۾ رهائڻ، والدين لاءِ مشڪل ٿي پيو – خصوصاً جڏهين ڪيترن موقعن تي کين پنهنجي ماني ڪرڻي ٿي پيئي. آغا تاج محمد خان جي خوش قسمتيءَ سبب، ان وقت سندس ننڍو پڦاٽ ميرزا حسن علي باگڙجي مان ڪن مجبورين سبب لڏي اچي روهڙيءَ ۾ ويٺو؛ تنهنڪري آغا تاج محمد، جو ان وقت پنجون درجو انگريزي ۾ پڙهندو هو، تنهن کي روهڙيءَ ۾ پنهنجي پڦاٽ جي گهر ۾ رهايو ويو؛ جتان هر روز صبح جو هو ميونسپل هاءِ اسڪول سکر ۾ پڙهڻ واسطي ايندو هو، ۽ شام جو واپس ويندو هو – ڇا لاءِ ته ان وقت روهڙيءَ ۾ ڪو به هاءِ اسڪول ڪو نه هو.

سکر هاءِ اسڪول ۾ سندس پارسي زبان جي پڙهائي لائق ۽ فائق استاد قاضي علي رضا صاحب جي حوالي هئي، جنهن جي دلچسپيءَ سببان سکر ضلعي بلڪ جملي سنڌ جي ثانوي تعليم جي اسڪولن جي تاريخ ۾ شايد پهريون ۽ پويون دفعو پارسي بيت بازيءَ ۾ مختلف اسڪولن جي وچ ۾ مئچون يعني چٽا ڀيٽيون ٿينديون هيون. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۽ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر جي وچ ۾ جا فارسي بيت بازيءَ ۾ چٽا ڀيٽي ٿي گذري، سا قابل ذڪر آهي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ پارسي زبان جو استاد، سنڌ جو مشهور اديب ۽ عالم، سيد عطا حسين شاهه موسوي هو. هن صاحب سکر هاءِ اسڪول جو چئلينج قبول ڪري، سکر هاءِ اسڪول جي بيت بازيءَ جي ٽيم پاڻ وٽ گهرائي. هن ٽيم سکر ۾ سکر هاءِ اسڪول جي طرفان ٽي شاگرد موڪليا ويا هئا، جن ۾ آغا تاج محمد خان، جو ان وقت ڇهون درجو پڙهندو هو، سو هڪ هو؛ ٻين ٻن ۾ مکيه پيرزاده عبدالستار صاحب (موجوده مغربي پاڪستان جو مالي وزير) هو، جو ان ساڳئي وقت ساڳئي اسڪول ۾ ميٽرڪ ڪلاس ۾ پڙهندو هو. مقابلي لاءِ ايتري مڪمل تياري ڪيل هئي، جو ان وقت هر هڪ کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار پارسي بيت ياد هئا. هيءَ چٽا ڀيٽي نهايت دلچسپ رهي: وقت پورو ٿي ويو، مگر مئچ جو فيصلو ٿي نه سگهيو. هن چٽا ڀيٽيءَ ۾ آغا تاج محمد خان جو مکيه حصو هو.

سال 1925ع ۾، سکر هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد، هي صاحب ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان سال 1929ع ۾ بي. اي. امتحان پاس ڪيائين. ڪاليج وارو سمورو عرصو، سنڌ مدرسي اندر ماستريءَ جي ملازمت ڪندو رهيو؛ ڇا لاءِ ته هڪ طرف کيس پڙهائيءَ جي پيشي سان ذاتي دلچسپي هئي، ۽ ٻئي طرف هيءُ هڪ پيدائش جو ذريعو پڻ هو.

سنڌ مدرسي اندر خصوصاً، ۽ ساري ڪراچيءَ اندر عموماً، آغا تاج محمد خان تقرير ۾ تمام چڱو نالو ڪڍيو. هن سلسلي ۾ هڪ واقعو نهايت دلچسپ آهي: سن 1930ع ۾ جڏهين مرحوم مغفور (قائداعظم) محمد علي جناح سکر جيل اندر پير صاحب پاڳاري جي طرفان پهريون ڪيس هلائڻ واسطي تشريف فرما ٿيو هو، تڏهين کيس عيد جي موقعي تي مسلم جيم خانه ڪراچيءَ جي طرفان خاص طرح دعوت ڏيئي تقرير جي چٽا ڀيٽيءَ جي جلسي جي صدارت واسطي گهرايو ويو هو. هيءَ چٽا ڀيٽي خاص طرح مسلمانن جي وچ ۾ هئي، جنهن ۾ ڏهن ڄڻن بهرو ورتو. انهن مان پهريون نمبر جي. الانا صاحب کي مليو، جو هن وقت مغربي پاڪستان جي اسيمبليءَ جو مسلم ليگ پارٽيءَ جو مکيه رڪن آهي، ۽ ٻيو نمبر آغا تاج محمد خان کي مليو. هن تقريري چٽاڀيٽيءَ جي فيصلي لاءِ جيڪي ٽي جج مقرر ڪيل هئا، تن ۾ پهريون سنڌ جو سابق چيف جج طيبجي صاحب هو؛ ٻيو شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب، سنڌ جو مايه ناز اديب.

آغا صاحب ماستريءَ جي فن ۾ اهڙي نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي، جو کيس پندرهن – ويهن سالن جي تجربيڪار ماسترن تي ترجيح ڏيئي، سنڌ مدرسي بورڊ، سال 1931ع ۾، بي. ٽي. واسطي مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه ڏانهن اماڻيو. هن صاحب عليڳڙهه ۾ اهڙو نالو ڪڍيو، جو سال 1932ع جي بي. ٽي. امتحان ۾ ڊبل فرسٽ ڪلاس حاصل ڪيائين. يعني، فقط تحريري پيپرن ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ، مگر پڙهائيءَ جي پرئڪٽيڪل امتحان ۾ پڻ فرسٽ ڪلاس فرسٽ حاصل ڪيائين. نه فقط ايترو، مگر ٻنهي امتحانن جي ٽوٽل ۾ ساري يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر کنيائين. هيءَ امتيازي حيثيت، يگانه طور سان ممتاز آهي. هن لاءِ مسلم يونيورسٽيءَ عليڳڙهه طرفان کيس انهيءَ سال جي ڪنووڪيشن ۾ خاص انعام عطا ٿيل آهي.

بي. ٽي. پاس ڪرڻ بعد، هن صاحب ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ماسترن جي جا خاص خدمت ڪئي آهي، سا قابل تعريف آهي. هن صاحب ڪراچيءَ ۾ ايس. ٽي. سي. ڪلاس شروع ڪيا، جن ۾ سندس دعوا هئي – ”ايس. ٽي. سي؛ ٽن هفتن اندر!“ ان جو نمايان نتيجو نڪتو جو سندس ايس. ٽي. سي. مان في صدي 99 ماستر پاس ٿيندا رهيا، جن ۾ 75 في صدي شاگرد فرسٽ ڪلاس کڻندا رهيا، جنهن ڳالهه کيس تعليم جي طبقي ۾ ڪافي شهرت ڏني.

سال 1935ع ۾ آغا تاج محمد خان سکر ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ ۾ فرسٽ ايڊيوڪيشنل سپروائيزر مقرر ٿي ويو، جتان سندس قدرشناسي ڪري پندرهن مهينن اندر کيس لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جي عهدي تي چونڊيو ويو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هن مرڪزي اسڪولن ۾ ششماهي امتحانن جي عيوض تعليمي ڪانفرنسن جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن پڙهائيندڙ طبقي ۾ ڪافي سجاڳي پيدا ڪئي. سن 1940ع ۾، جڏهين صوبائي حڪومت اسڪول بورڊن جو سلسلو ختم ڪيو، تڏهين هي صاحب، ڪلاس سيڪنڊ، سنڌ ايڊيوڪيشنل سروس ۾ کنيو ويو. تعليم سان گڏ آغا صاحب جيڪو سوشل سروس جي سلسلي ۾ نمايان ڪم ڪيو، تن خدمتن جي اعتراف ۾ کيس جون 1941ع ۾ ”قيصر هند“ جو تمغو عطا ٿيو.

سال 1942ع ۾، جڏهين هو نواب شاهه ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر هو، تڏهين، سندس لياقتن ۽ علمي سرگرمين کان متاثر ٿي، کيس خيرپور رياست جو ڊي. پي. آءِ. مقرر ڪيو ويو، جو ممتاز عهدو هن برابر پنج سال نهايت ڪاميابيءَ سان هلايو. انهيءَ عرصي ۾ آغا صاحب سرمائيدارن طرفان انتهائي مخالفت جي منهن ۾ لازمي تعليم رائج ڪئي. خيرپور رياست اندر هن صاحب جيڪو تعليمي ترقيءَ واسطي پاڻ پتوڙيو، تنهن جي اعتراف ۾ کيس سال 1945ع ۾ ”خانصاحب“ جو لقب عطا ٿيو. سنڌ جي تعليم کاتي جي جملي آفيسرن ۾ هيءُ ننڍي عمر جو آفيسر هو، جنهن کي اهو لقب انهيءَ عمر ۾ عطا ٿيو. خيرپور رياست ۾ هن صاحب ناقابل فراموش نالو ڇڏيو آهي.

سال 1947ع ۾ جڏهين سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي، تڏهين آغا صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو پهريون رجسٽرار ڪري مقرر ڪيو ويو. هن عهدي کي آغا صاحب نهايت ڪاميابيءَ سان هلايو، ۽ ڪراچي اندر تعليمي طبقي ۾ پاڻ کي اهڙو مشهور ڪيو جو 1949ع جي سيپٽمبر – آڪٽوبر ۾ جيڪا دنيا جي مشهور يونيسڪو(Unesco)ڪانفرنس ٿي، تنهن ۾ پاڪستان جي ٽن ڄڻن جي وفد ۾ آغا صاحب کي ميمبر – سيڪريٽريءَ طور موڪليو ويو هو. اها ڪانفرنس پيرس ۾ منعقد ٿي هئي، جنهن ۾ آغا صاحب پاڻ تمام چڱو موکيو.

سال 1952ع ۾ اقوام متحده جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جو اجلاس جو نيويارڪ (آمريڪا) ۾ اپريل کان جولاءِ تائين منعقد هو، تنهن ۾ آغا صاحب پاڪستاني وفد جو هڪ ڪارگر ميمبر هو. ان وفد، سيد امجد علي (جو هن وقت مرڪزي مالي وزير آهي) جي سرڪردگيءَ هيٺ، تمام چڱو ڪم ڪيو. هن اجلاس ۾ يونيسڪو(Unesco)رپورٽ تي جا آغا صاحب تقرير ڪئي هئي، سا هڪ يادگار تقرير آهي. سنڌ جي مشهور معروف ۽ بي نظير مقرر مسٽر الهه بخش بروهي صاحب کان پوءِ، آغا تاج محمد خان ٻيو سنڌي آهي، جنهن جو نالو اقوام متحده جي پليٽ فارم تي ياد رهندو.

سال 1957ع ۾، تعليمي ماهرن جي مٽا سٽا جي اسڪيم جي ماتحت، آمريڪا جي حڪومت، خاص دعوت ڏيئي، آغا صاحب کي، آمريڪا جي تعليمي ماهرن سان تبادله خيالات ڪرڻ خاطر، ٽن مهينن جي سرڪاري دوري واسطي، آمريڪا گهرايو. اهو دورو هو صاحب نهايت ڪاميابيءَ سان پورو ڪري، پاڪستاني تعليمي ماهرن جو بول بالا ثابت ڪري، واپس آيو آهي. آغا صاحب جيڪي آمريڪا جي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ تقريرون ڪيون، سي يادگار رهنديون. پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ هيءُ پهريون رجسٽرار آهي، جنهن کي هن قسم جو اعزاز حاصل آهي.

سال 1947ع کان اڄ ڏينهن تائين، آغا صاحب سنڌ جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ورسين ملهائڻ ۾ جا جوان همتي ڏيکاري آهي، سا بيشڪ تحسين جي لائق آهي. هن صاحب، سيد ميران محمد شاهه جي قابل احترام هدايتن هيٺ، ”لطيف يادگار ڪاميٽيءَ“ جو بنياد وڌو آهي، جا هن وقت هڪ باقاعدي رجسٽر ٿيل جماعت آهي، ۽ جنهن کي پنهنجو منظور شده دستورآهي. هن ڪاميٽيءَ جي ماتحت، هر سال، ڀٽ شاهه تي ڀٽائي بزرگ جي شايان شان ڌام ڌوم سان سندس ورسي ملهائي وڃي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اعليٰ اديب ۽ شيرين زبان شاعر، پنهنجا مقالا ۽ اشعار پيش ڪري، ’شاهه‘ جو پيام ۽ ڪلام عوام اڳيان پڙهندا آهن. آغا صاحب عموماً هر اهڙي موقعي تي، جتي ”يوم لطيف“ ملهايو وڃي ٿو، پنهنجي سر پاڻ تڪليف وٺي پهچندو آهي، ۽ پنهنجي ماثر ۽ مقبول تقريرن ذريعي انهي ڳالهه جي اشاعت ڪندو رهندو آهي ته سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن، سنڌ جي اصليت، روايت ۽ حڪايت جو اولين علمبردار شاهه صاحب هو، تنهنڪري سنڌ ۽ سنڌين تي لازمي آهي ته شاهه جي پيغام کي عوام تائين پهچائين. اڄڪلهه جو هر طرف کان لطيفي لات ڪنن تي پوندي رهي ٿي، تنهن تحريڪ جا سهرا سيد ميران محمد شاهه ۽ آغا تاج محمد صاحب جي سرن تي سونهن ٿا.

آغا صاحب عموماً سڀ اهي ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جيڪي سنڌ جي سنڌي خواهه انگريزي سڪولن ۾ درسي يا انعامي طور رائج آهن. سندس لکيل درسي ڪتابن جي فهرست مان، سنڌي گرامر ۽ ماضيءَ ۾ منظور ٿيل ميٽرڪ ڪلاس جو سنڌي نصاب قابل ذڪر آهن. سندس سنڌي گرامر ڀاڱو ٻيو نهايت مقبول نڪتو آهي، جو هندستان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڻ پڙهايو وڃي ٿو. هن گرامر جو پويون حصو، جنهن ۾ تفريق ۽ تقطيع جا اصول بيان ڪيل آهن، سو قابل تعريف آهي. درسي ڪتابن کان سواءِ آغا صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن، تن ۾ ”بوستان سعدي“ جو سنڌي زبان ۾ منظوم ترجمو وڏيءَ محنت ۽ محبت جو نتيجو آهي. هن ڪتاب کي ڪافي شهرت حاصل آهي.

هن وقت آغا صاحب جي عمر ٽيونجاهه سال ٿيندي. پڪيءَ طرح هو پراونشل ايڊيوڪيشن سروس ۾ فرسٽ ڪلاس آفيسر آهي، مگر سال 1947ع کان سندس خدمتون سنڌ يونيورسٽيءَ جي سپرد ڪيل آهن، جتي هن وقت هو سنڌ جي ممتاز هستي علامه. آءِ. آءِ. قاضي جي اعليٰ رهبريءَ هيٺ پنهنجا فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي.

آغا صاحب کي ٽي فرزند آهن. سندس وڏو فرزند، آغا شهاب الدين ”بشير“، ماشا الله پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلي، تقرير جي فن ۽ ميدان عمل ۾ پهچي چڪو آهي. ڊسمبر 1957ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ جيڪو ڪل پاڪستان سنڌي تقريرن جو مقابلو ٿيو، تنهن ۾ کيس انفرادي طرح پهريون انعام عطا ٿيو، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو امتيازي شيلڊ (Sheild) جا سنڌ يونيورسٽيءَ کٽي، سا آغا شهاب الدين جي طفيل هئي. سندس ٻيو فرزند، آغا عبدالمجيد ”نظير“ مشنريءَ جي ڪم ڏانهن مائل آهي، تنهنڪري هو انجنيري لائين لاءِ تيار ٿي رهيو آهي. ٽيون فرزند، آغا شمس الدين ”شبير“، پاڪستان فوج لاءِ وقف ڪيل آهي، جنهن کي ابتدا کان آغا صاحب انهيءَ قسم جي تربيت ڏني آهي.

آغا صاحب منصبي طرح ته رجسٽرار آهي، مگر سندس دلي ميلان ۽ رجحان ماستريءَ جي فن سان آهي. باوجود موجوده منصبي مجبورين ۽ مشغولين جي، آغا صاحب ماسترن جي سکيا ۾ هر وقت دلچسپي وٺندو رهندو آهي، جنهن مان ثابت آهي ته فطرتي طور سان (Essentially) هو معلم آهي، ’تا دم مرگ معلم ٿي رهڻ‘ سندس دلي تمنا آهي.

 

فقير الله بخش ”سرشار“ عقيلي*

حاجي الله بخش ولد حاجي حافظ محمد صديق عقيلي ٺٽويءَ جي ڪٽنب جي نسبت حضرت علي ڪرم الله وجہ جي وڏي ڀاءُ حضرت عقيل بن ابي طالب رضي الله عنہ ڏانهن آهي. انهيءَ لحاظ سان هي حضرت نبي پاڪ صلي الله عليہ وسلم جي خاندان ”بني هاشم“ جي هڪ شاخ آهي. حضرت عقيل جي چوڏهن فرزندن مان نائون نمبر فرزند، حضرت مسلم بن عقيل، سيد الشهداء حضرت امام حسين عليہ السلام جي پاران ڪوفين وٽ اڳواٽ نائب ڪري موڪليو ويو هو، جو ذوالحج سن 60 هجريءَ ۾ ڪوفي ۾ شهيد ڪيو ويو. اُن کانسواءِ، حضرت امام عليہ السلام سان گڏ ڪربلا جي ميدان ۾ ڏهين محرم سن 61 هجريءَ تي جن اٺهتر ڄڻن شهادت پاتي، تن ۾ ارڙهن ڄڻا سندن اهلبيت هئا، جن مان پنج ڄڻا سندن چاچي حضرت عقيل جي اولاد مان هئا: اُنهن مان ٽي حضرت عقيل جا فرزند هئا – عبدالرحمان، جعفر ۽ عبدالله-، ۽ ٻه حضرت عقيل جا پوٽا هئا – عبد بن مسلم، ۽ محمد بن ابي سعيد.

صحابه ۽ تابعين جي زماني ۾ جن بزرگن جو احوال ”عقيلي“ جي نسبت سان ملي ٿو، تن جو ذڪر ”سرشار“ صاحب پنهنجي ڪتاب ”انوار سُهيل، تذڪرہء آل عقيل“ ۾ ڏنو آهي. چوٿين صدي هجريءَ ۾ امام ابو جعفر عقيلي ٿي گذريو آهي، جنهن جو علم حديث جي فن جرح و تعديل تي ڪتاب ”رجالِ عقيلي“ جي نالي سان مشهور آهي. ساڳئي زماني ۾، مصر جي فاطمي خليفي ”المعز“ جي پاران، ابن موهوب عقيلي دمشق جو گورنر هو. خليفي المعز جي پوٽي خلفي الحاڪم جي پاران، حسن بن حيدره عقيلي شام جي دروزي قبيلي ڏانهن فاطمي – داعيءَ طور موڪليو ويو هو. انهيءَ حسن عقيليءَ جو ڀائٽيو ابوالحسن بن علي بن حيدره عقيلي، خليفي الحاڪم جي فرزند خلفي الظاهر جو درٻاري شاعر هو. انهيءَ فاطمي خليفي الحاڪم جي والد، خليفي العزيز، پنهنجي پاران، چوٿين صدي هجريءَ ۾، جلم بن شيبان کي مصر مان فوجي مدد ڏيئي، جهازن ۾ چاڙهي، ديبل بندر جي رستي سنڌ ڏانهن موڪليو هو، ۽ جلم بن شيبان ملتان فتح ڪري اُتي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. اُن کان پوءِ به وري، جلم بن شيبان جي هڪ جانشين ابوالفتوح دائود بن نصر بن حميد جي زماني ۾، چوٿين صدي هجريءَ جي پوئين سال، يعني 399 هجري ۾، هڪ ٻيڙو مصرف کان فوجي امداد ۽ داعي کڻي ديبل بندرپهتو. انهن داعين جي ذريعي جيڪي سنڌ جون مڪاني قومون مسلمان ٿيون، تن ۾ ’سومرا‘ سمجهيا وڃن ٿا، ۽ 423 هجريءَ ۾ خود دروز جي اسماعيلين اُنهن جي سردار ”ابن سومار“ کي ملتان جي اسماعيلي حڪومت جي مدد لاءِ لکيو هو. بهرحال، ديبل بندر (ٺٽي جي پسگردائي) ۾ عقيلي ڪٽنب جي اچ وڃ انهيءَ زماني ۾ ئي معلوم ٿئي ٿي.


 

 

ٺٽي جي عقيلي ڪٽنب جو جد اعليٰ قاضي قاضن بن محمد قاسم هو، مغليه نوابن جي زماني ۾ ٺٽي ۾ سڪونت رکندڙ هو، ۽ جنهن ڏانهن منسوب ٿيل هڪ ٿنڀ جو ڪجهه ڀڳل حصو اڄ تائين ٺٽي جي مولوي محلي ۾، عقيلي ڪٽنب جي گهرن جي ڀر ۾، يادگار طور قائم رکيو ويو آهي. هن جي نسل ۾ قاضي، مفتي ۽ مولوي تمام گهڻا ٿيا، جنهنڪري اهو محلو ئي ”مولوي محلو“ سڏجڻ ۾ آيو، ۽ اڄ تائين انهيءَ نالي سان سڏجي ٿو. ”سرشار“ جو ڏاڏو قاضي گل محمد بن رفيع عقيلي، انگريزن جي اوائلي دور ۾ ڪجهه حصو حيدرآباد جي شهر ۾ قضا جي عهدي تي هو.

مولائي شيدائي صاحب پنهنجي ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“ ۾ لکيو آهي:

”لس ٻيلي ۾ گهڻيون قومون آباد آهن، جن مان مکيه قوم سمه آهي. هن قوم جون ٻه وڏيون شاخون آهن: هڪڙا رونجها، جي اڳ حاڪم هئا؛ ۽ ٻيا ڄاموٽ، جي هن وقت حاڪم آهن. مٿين ٻن قومن کان سواءِ، ٻيون ٻه وڏيون قومون انڱاريا ۽ شيخ آهن. انڱاريا اصلي بلوچ رهاڪن سان رليل مليل آهن؛ باقي شيخ اصلي عرب نسل مان آهن. سندن چوڻ آهي ته اُهي حضرت عقيل رضي الله عنہ جي اولاد مان آهن، ۽ عراق کان آيا آهن. اُهي پنهنجي بزرگيءَ ۽ ڪرامات جي ڪري مشهور آهن“.

سرشار جو والد حافظ محمد صديق عقيلي، سنڌ جي اوائلي انگريزي پڙهيل مسلمانن مان هو، ۽ قائداعظم محمد علي جناح جو اوائلي ڪلاس فيلو هو. پوءِ اُن وقت جي ڪراچي ضلعي جي رونيو کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو، ۽ ڪراچي جي مختيارڪار مسٽر فرامروز پنٿڪيءَ وٽ رهيو، جنهن وٽ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم پڻ اوائل ۾ رهيو. ملازمت سبب حافظ محمد صديق مرحوم جو رهڻ ڪراچيءَ ۾ ٿيندو هو، جت 21 جنوري 1907 عيسوي تي ”سرشار“ تولد ٿيو. حافظ محمد صديق مرحوم قرآن شريف جو حافظ، ۽ نماز روزي جو سخت پابند هو. ”سرشار“ سندس پهريون پٽ هو، جو پنهنجي والد جي تربيت هيٺ پليو. سنڌي ٻاراڻي درجي کان وٺي ميٽرڪ تائين ”سرشار“ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهيو، ۽ 1923 عيسويءَ ۾، سورهن سالن جي عمر ۾، ميٽرڪ پاس ڪيائين. سندس والد جو لاڙو ديني تعليم ڏانهن  هو، جنهنڪري ”سرشار“ کي انهيءَ عرصي ۾ ئي خانگي طور سيد محمد ظهير الدين قادري مرحوم وٽ عربي پڙهڻ لاءِ وهاريائين، جنهن جو مڪتب محلي جي کتري مسجد جهوني مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ هو. سيد صاحب حضرت غوث اعظم رحمة الله عليہ جي جيلاني ڪٽنب مان هو، ۽ بغداد کان ڪراچيءَ آيو هو.

”سرشار“ کي ادبي ذوق اسڪول جي ئي زماني کان هو. 1920ع ۾، جڏهن سنڌ مدرسي ۾ چوٿون درجو انگريزي پڙهندو هو، سنڌي آکاڻين جو هڪ ڪتاب ”رموزالنساء“ نالي لکي پاڻ پنهنجي خرچ سان ڇپائي شايع ڪيو هئائين. سيکڙاٽ نموني جي شاعري به انهيءَ زماني ۾ ئي شروع ڪئي هئائين. ان وقت تخلص ”فراقي“ ڪندو هو، جو انهيءَ ڪتاب تي اهو ئي تخلص ڇپيل آهي. 1923ع ۾ ”سرشار“ جو ٻيو سنڌي ڪتاب ”دعوتِ اسلام“ نالي شايع ٿيو، جو اردو ڪتاب ”فاطمي دعوتِ اسلام“ جي هڪ حصي جو ترجمو هو. 1924ع ۾، حج جي احوال ۽ مناسڪ بابت ”سرشار“ جو ننڍڙو سنڌي ڪتاب ”مناسڪ الحج“ نالي شايع ٿيو. ساڳئي زماني ۾ اسلام جي پهرئين سپہ سالار حضرت خالد بن وليد جي سوانح عمري سنڌيءَ ۾ لکيائين، جا 1929ع ۾ شايع ٿي.

1923ع ۾ ”سرشار“ ميٽرڪ پاس ڪري، ڪراچي جي ڊي. جي . سنڌ ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم لاءِ داخل ٿيو، جتان 1927ع ۾ بي. اي. جو امتحان فارسيءَ جي اعزاز سان (بي. اي، پرشين آنرس) پاس ڪيائين. ڪاليج جي انهيءَ زماني ۾، ”سرشار“ سنڌي صحافت ۽ شاعريءَ ۾ زياده حصو ورتو. ان زماني جي اڪيلي سنڌي قومي اخبار ”الوحيد“ ۾ لاڳيتو چار سال سب ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس اوائلي سنڌي غزل، نظم ۽ ادبي مقالا، انهيءَ زماني ۾ روزانه ”الوحيد“ ڪراچي، ماهوار رسالي ”توحيد“ ڪراچي، رسالي ”الحافظ“ حيدرآباد، رسالي ”الجامعه“ ڪراچي، ’سنڌ ڪاليج مسيلني‘ ۽ ’سنڌ مدرسه ڪرانيڪل‘ ۾ شايع ٿيندا رهيا. اردو شاعري ۽ مقاله نويسي ساڳئي زماني ۾ شروع ڪيائين. اردو غزل ’سنڌ مدرسه ڪرانيڪل‘ ۾، ۽ اردو مضامين لاهور جي ماهوار رسالي ”تصوف“ ۾، سال 1922ع کان 1924ع تائين شايع ٿيا. اردو ذاتي ذوق سان سکي ويئي، ڪنهن وٽ پڙهي نه ويئي؛ ساڳيءَ طرح شاعري به ذاتي ذوق جو نتيجو آهي. دفتر ”الوحيد“ ۾ ڪم ڪرڻ واري عرصي ۾، مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ سان هڪ ٻه صحبت رهي، ۽ ان جي ئي ايماء تي ان وقت تخلص ”فراقي“ مان بدلائي ”سرشار“ ڪيو ويو. ڪاليج واري عرصي ۾ ئي محلي ۾ هڪ پرائمري اسڪول، نائٽ اسڪول سميت جاري ٿيو، جنهن جو ڪاروبار لاڳيتو چئن سالن تائين ”سرشار“ سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ هلائيندو رهيو.

1927ع ۾ بي. اي. پاس ڪرڻ بعد، 1928ع ۾ ”سرشار“ روينيو کاتي ۾ ملازمت ۾ گهِڙيو. پنج سال تعلقي هيڊ منشي رهيو. 1933ع کان مختيارڪار ٿيو، ۽ 1946ع کان ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو.

1942ع کان 1945ع تائين ڪراچيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو چيف آفيسر ٿي رهيو، ۽ ان زماني ۾ ”راجڪمل ميوزڪ ڪلب“ (ڪراچي) جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي رهيو. ”سنڌي راڳ جي مختصر تاريخ“ انهيءَ زماني جي تصنيف آهي. ساڳئي زماني ۾ ”سنڌ ائسٽراناميڪل سوسائٽي، ڪراچيءَ“ جو ميمبر ٿي رهيو، ۽ ”علم هيئت“ بابت سنڌي تصنيف اُن زماني جي يادگار آهي.

1947ع ۾ ملڪ جي تقسيم ٿي، ۽ ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن کلي. ان وقت ”سرشار“ ڪراچيءَ جي راشن کاتي ۾ ملازم هو. شروعات کان وٺي ”سرشار“ ريڊئي تي سنڌ بابت ادبي ۽ تاريخي تقريرون نشر ڪندو رهيو، ۽ مقالات ’سرشار‘ انهيءَ سلسلي جي تقريرن جو مجموعو آهي. ڪجهه عرصي بعد، مرڪزي سرڪار پاران سنڌي ماهوار رسالو ”نئين زندگي“ شايع ٿيڻ لڳو، ۽ ان ۾ ”سرشار“ جا مضامين شايع ٿيندا رهيا.

1950ع کان 1954ع تائين ”سرشار“ ڪراچي شهر جو سٽي ڊپٽي ڪليڪٽر هو، ۽ ان وقت هڪ هنڌ رهڻ سبب وري به ادبي سرگرمين جو موقعو مليو. آڪٽوبر 1950ع ۾ چند احباب گڏ ڪري هڪ ادبي جماعت جو پايو وڌو ويو، جنهن جو نالو ”محفل احباب ڪراچي“ رکيو ويو، ۽ الف – ب وار رديف سان سنڌي مشاعرا شروع ڪيا ويا، جن سان گڏ سنڌي راڳ جون مجلسون به ٿينديون رهيون. حضرت مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“، سجاده نشين درگاهه هالا، هن محفل جي سرپرست ٿي رهڻ قبول فرمايو، ۽ ڪيترن جلسن ۾ پاڻ بذات خود ڪراچيءَ اچي صدارت ڪرڻ فرمايائون. 1950ع کان 1955ع تائين، لاڳيتو پنج سال، ”سرشار“ ’محفلِ احباب‘ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. انهيءَ محفل جو ”جميعت الشعراء، سنڌ“ سان پڻ الحاق ڪيو ويو، ۽ نومبر 1951ع ۾ ’جميعت الشعراء‘ جي ’ٻارهين سنڌي ادبي ڪانفرنس، دادو‘ ۾ ’محفلِ احباب‘ جي وفد پڻ شرڪت ڪئي. انهيءَ اجلاس ۾ ”سرشار“ کي ’جميعت الشعراء‘ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. انهيءَ وچ ۾ ڀٽ شريف جي سالياني ميلي تي به ادبي ڪانفرنسن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. ان ۾، ۽ ”انجمن علم و ادب“، ”بزم سخن، جهوڪ شريف“، ”بزم بسمل، ٽنڊو محمد خان“ وغيره جي ساليانه ادبي ڪانفرنسن ۾ ”محفل احباب“ جو وفد ”سرشار“ جي سرڪردگيءَ هيٺ شرڪت ڪندو رهيو.

سنڌي ادب جي اشاعت کي زور وٺائڻ لاءِ حضرت مخدوم صاحب، هالن ۾، مئي 1954ع ۾، ”ادارهء روح ادب سنڌ“ جو بنياد رکيو، جنهن جو جنرل سيڪريٽري ”سرشار“ کي چونڊيو ويو. انهيءَ اداري جي پاران هڪ آل سنڌ موسيقي ڪانفرنس، فيبروري 1955ع، هالن ۾ ٿي.

فيبروري 1952ع ۾ ”سرشار“ جو هڪ ننڍڙو ٽريڪٽ هن مسئلي بابت شايع ٿيو ته ’اهو عام نظريو غلط آهي ته ڪو سنڌي جي موجوده صورتخطي انگريز حڪومت جي رهين منت آهي: بلڪ ٽي سؤ سال اڳ اسان جي ئي بزرگن اُهي اصول وضع ڪيا هئا، جن موجب، نقطن جي تعداد وڌائڻ ۽ انهن جي ترتيب ۾ بدل سدل ڪرڻ سان، سنڌيءَ جي خالص حرفن جي صورتخطي ترتيب ڏني ويئي‘. اپريل 1954ع ۾، چوڏهين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ڪراچيءَ جي موقعي تي، ”سرشار“ جي قومي نظمن جو هڪ مجموعو، ”سنڌ سڃاڻ سوسائٽي“ پاران، مسٽر لعل محمد ”لعل“ (ايڊيٽر ”آفتاب“ ڪراچي) شايع ڪيو، جنهن جو نالو هو ”سنڌ جو ترانو“.

نومبر 1955ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ’سرشار‘ ”سنڌي لئبرري“ جو پايو وڌو ويو، ۽ اُن جا قانون ”سرشار“ ڇپائي شايع ڪيا، جن ۾ انهن اصولن جي وضاحت ڪيل آهي، جي هڪ خالص سنڌي لئبرريءَ لاءِ موجوده دور ۾ لازمي سمجهڻ گهرجن.

ساڳئي مهيني (نومبر 1955ع) ۾، حيدرآباد ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو پايو حضرت مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي اجازت سان ۽ سندن رهبري هيٺ وڌو ويو. اڳتي هلي، انهيءَ بزم هڪ آل سنڌ تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي، ۽ هن وقت سڄيءَ سنڌ ۾ ان جون ٽيهارو کن شاخون قائم آهن. هن بزم جو متو ”سنڌي ادب جي سنڀال ۽ واڌارو“ آهي، ۽ ڪم جو طريقو پنهنجي نوعيت جو ”فقيرانه“ آهي. انهيءَ سلسلي ۾، خواجه محمد عيسيٰ ”مست“ سروريءَ جي اهتمام هيٺ، ميرپور بٺوري ۾، جنوري 1956ع ۾، ’لاڙ سنڌي ادبي ڪانفرنس‘ جو پايو پيو، جو هاڻي هر سال ٿيندڙ آهي. سرشار  ”مرڪزي بزم طالب الموليٰ، حيدرآباد“ جو پريزيڊنٽ آهي، جنهن سان سڀني شاخن جو الحاق آهي.

فيبروري 1956ع ۾، سروري درگاهه هالا جي قديم دستور موجب، منٺار فقير جي مقبري تي (ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ۾)، حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمة الله عليہ جي موجوده سجاده نشين حضرت مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“، سروري جماعت جي سڀني مکيه ماڻهن ۽ خليفن جي هڪ مخصوص ميڙ ۾، ”سرشار“ فقير کي خلافت جي لونگي عطا ڪري ”خليفه“ جو درجو تفويض ڪرڻ فرمايو. ذالڪ فضل الله يؤتيه مَن يَشاءُ. ”سرشار“ فقير پنهنجي ذاتي ذوق ۽ ميلان سان هن ”سروري سهروردي“ سلسلي ۾ بيعت ٿيل هو، ۽ سروري جماعت جي ”ذاڪرن“ ۾ داخل آهي. ”ذڪر سروري“، ”تذڪرهء سروري“، ”آبِ سرد، تذڪرهء سلسلہء سهرورد“ – اهي ”سرشار“ فقير جون هن سلسلي بابت تصنيفات آهن، جي اڃا تائين قلمي آهن.

”سنڌي ادبي بورڊ“ پهريائين سنڌ سرڪار جي هڪ محڪمي جي شاخ هو.  مارچ 1955ع تي سنڌ سرڪار هڪ ٺهراء جي ذريعي ان کي Autonomous boody يعني هڪ خودمختيار اداري جي شڪل ڏني، ۽ ان وقت کان ”سرشار“ به هن بورڊ جو ميمبر مقرر ٿيو، ۽ ان جي انتظاميه ڪميٽي تي به چونڊيو ويو. 30 نومبر 1955ع تي ”سرشار“ ”شاهه لطيف يادگار ڪميٽي“ تي ميمبر چونڊيو ويو، ۽ پهرين سيپٽمبر 1957ع کان جڏهن اهو ادارو باقاعدي جوڙجڪ هيٺ ”يادگار ڪائونسل“جي نالي سان ٺهيو، تڏهن ”سرشار“ انهيءَ ڪائونسل جو ميمبر، ۽ ان جي انتظامي ڪميٽيءَ تي ميمبر، ۽ رسالي ”يادگار لطيف“ جي ايڊيٽوريل بورڊ تي ميمبر چونڊيو ويو.

فيبروري 1956ع ۾ ڊاڪٽر سورلي ”سنڌ گزيٽيئر“ جي نئين سر ترتيب ڏيڻ لاءِ انگلنڊ کان هت پهتو، ۽ ”سرشار“، جو ان وقت حيدرآباد ۾ ”ڊائريڪٽر آف سيٽلمينٽ، سروي ۽ لئنڊ رڪارڊ“ جي عهدي تي هو، تنهن کي سرڪاري طرح حڪم مليو ته لاڙ جي گشت ۾ ڊاڪٽر سورلي سان شامل رهي، ۽ لاڙ جي قديم تاريخي هنڌن جي کوجنا ۾ سندس مدد ڪري. ڊاڪٽر سورلي جي معيت ۾ اهو علمي، ادبي ۽ تاريخي گشت مارچ 1956ع جي پهرئين هفتي تائين هليو، جيستائين ڊاڪٽر سورلي ضروري تاريخي ۽ ادبي مواد گڏ ڪري انگلنڊ واپس ويو.

”سرشار“ هن وقت حيدرآباد  ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ آهي ۽ پنهنجا فرائض نهايت ئي قابليت ۽ برجستگيءَ سان سرانجام ڏئي رهيو آهي.


*  هن سوانح جو مدار، جناب شاهه صاحب وٽان انگريزيءَ ۾ پهتل مواد آهي. - مرتب

*  هن سوانح عمريءَ جو مدار، جناب انصاري صاحب جي خود نوشت مواد تي آهي. - مرتب

*  هن سوانح عمريءَ جو مدار، آغا صاحب جي خود نوشت مواد تي آهي. - مرتب

*  هن سوانح عمريءَ جو مدار، سرشار صاحب کان پهتل مواد تي آهي. - مرتب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com