سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :24

رحمت الله فقير ونڊير

جمال الدين فقير ”جمال“

جمال الدين فقير ولد الهه اوباهيو، ذات جو سهتو، مشائخ سعدالله رحه جي اولاد مان هو، ان ڪري ”سڌوپوٽو“ به سڏيو ويندو هو. فقير جي ڄمڻ جو هنڌ ڳوٺ ”تجّل“، تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ۾ آهي. هي فقير صاحب تاريخ 5 فبروري 1907ع ۾ ڄائو هو. فقير پڙهيل ڪونه هو، باقي نماز جون سورتون ياد هئس، نماز جو پابند ۽ متشرع هو. درويشن سان دوستي گهڻي هيس. سنديس دل کليل هئي. ننڍي هوندي جڏهن مائٽن پڙهڻ وهاريس، تڏهن استاد جيڪو به سبق ڏيندو هوس، اهو ياد ڪري ٻڌائيندو هو؛ وري جڏهن اکر پڇبو هوس ته چوندو هو ته ”سائين، اهو اکر ته الاجي ڪهڙو آهي، باقي بر زبان ته ياد سڀيئي اکر اٿم“!

سندن شاعرانه صحبت، بچائي فقير رند سان به هئي. فقير جو وصال سال 1952ع جي ڊسمبر مهيني ۾ ”ملڪي“ ڳوٺ ۾ ٿيو. آخر دم تائين نماز نه ڇڏيائين، ۽ ’الله الله‘ ڪندي سندس روح پرواز ڪري ويو. فقير جو مقبرو ملڪي ڳوٺ واري مقام ۾ آهي. فقير جي ڪلام جو ڪجهه نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان

هڪڙو حمير سومرو هو، تنهن جو ٻڌ بيان:

’عمر‘ نالي تنهن جو، پٽ به هو پهلوان،

شڪار جي شوق تي، کڙو هوندو هو خان؛

مير کي ملير جو، اڳ نه هو امتحان؛

ڦري ’ڦوڳ‘ آيو، اچي شامل ٿيس شيطان؛

”’سوڍي‘ سا مائي آ سڦري، اها نار به آليشان،

”ڪونج حسن جي ڪرڙي آ، جنهن جو ڌڻيءَ رکيو آ ڌيان!“

بادشاهه ٻڌي بيان گهڻو، ٿيو حيرت ۾ حيران،

بر انهيءَ بئبان جو، سيڌو کيئين سامان،

تڪي لٿو اچي انهيءَ تڙ تي، وير به ٿيو ويران.

مارئي کي ماءُ هئي، سڌ ڏني ساڌان:

”عمر تنهنجو ڀاءُ ٿئي، متان گوهر ڪرئي گمان!“

هوءَ مُنڌ ويندي هئي مال سان، جنهن جوهو غريبي گذران،

پهر ڏينهن لٿي اچِي پاڻيءَ تي، ڏٺئين پري جو مهمان؛

عمر اتاهون وٺي هنئين ڌاڙي جو دوفان،

هن رڙ وٺي ڪيا راهڙا، ’جيڪر ڏين جيدان!‘

هن ڪشيو وٺي پنهنجي ڪوٽ تي، سورهيه هو سلطان-

”ڪيو ٿئي جڏو ڪم، ’جمال‘ چئي، مير نه تنهنجو مان:

”هاڻي قسم کڻان ٿي قرآن، پاڻ آهيون هڪ ابي امان جا!“

*         *          *

هن جهان ۾ ”جمال“ چئي، گهيڙ جوڙيئين گهٽڙا،

پهرئين ڏينهن پيدا ڪيئن، آدم جا لٽڙا،

پوءِ رب مٿس راضي ٿيو، ڏنائينس حياءَ جا هٿڙا،

پَرَ ڏنائين پکين جن جا خوب ڪيئين کنڀڙا،

مولا پيدا مال ڪيو، جنهن جا سٺا جوڙيئين سڱڙا،

ڪک چَرن ڪريم جا، پَٽِن ٿا پَنِڙا،

ٻيا ڪي جانور جهنگ ۾، پيا هِن پرور جا پکڙيا،

ڪري ”سڌو پوٽو“ سڏڙا، بخش خطائون مون سنديون!

 

هن جهان ۾ ”جمال“ چئي، مالڪ جوڙيو مير،

لانگهو اهو لنگهه، جتان گهٽ به اٿيئي گهير،

ترڪڻ اٿئي تار ۾، تون سمجهي رکجان پير،

ڪئين ٻُڏا آهن ڪيترا، جن اهو ڀيد نه آندو ڀير،

سمنڊ جي سير کي، ڏاڍو اٿئي شور،

پوءِ اڳيان درياء ڪري ٿو زور، کڻ ڪو پتڻ پاڻ سان.

 

هن جهان ۾ ”جمال“ چئي، ڏس قدرت قادر جي،

پهرئين ڏينهن بيٺون پيٽ تي، ٻيلي تون به اچي،

بنا خرچ کاڌو اٿئي، ڏس پڙهيَن کان پڇي،

گور ٿيون سنديءَ غفلت ۾، ويون مئي مجهه مچي،

خالي پيلي خواب ۾، کڻي ڪئي اٿئي ڳالهه ڪچي،

سڌ به پوندي صاحب وٽ، هت ٿو پيو پچين،

متان پاڻ پچين، رک تون خوف خداء جو.

 

هن جهان ۾ ”جمال“ چئي، تون موڳا ٻڌي ميڙهين،

دنيا دورنگي پيو ٿو سيڙهين،

هيسيو هيسين کي، موجون ٿو ماڻين،

مهموديون ململيون، چوکيون ٿو چوڙين،

’عاجس‘ تنهنجي اها آهي، انڌي اجوڙين، -(عادت)

سڄي اتي ساري، پئي هوندي موڙي،

خان توسان ”جمال“ چئي، هلندي ڪفن جي اڳڙي،

هاڻي مڻ پيو ٿو ميڙين، پر پاءُ نه هلندءِ پاڻ سان.

 

هن جهان ۾ ”جمال“ چئي، وڻي ٿو واءُ،

مزو ۽ محبت گهڻو، منجهس آ ساءُ،

خوشيون ۽ خيال، تاب گهڻو ٿس تاءُ،

راند گڏي پئي آ رنگ ۾، ڪو دادلو کڻندو داءُ،

قادر جوڙيو قدرت سان، آهي بي بقاءُ،

ٻي سڌ سماءُ، هوندي پڙهين کي ان پير جي.

ديهه ڪرڙي تپي کهنواري تعلقي ناري ۾ شروع ۾ سَرَ، ٻوڙا ۽ جهنگ هوندو هو، جتي بگهڙ ۽ ٻيا جانور رهندا هئا. تن ڏينهن ۾ ناري کي پُل يا دروازا ڪونه هوندا هئا. درياءَ جي اٿل کائڻ ڪري ناري ۾ به پاڻي اُٿلي ايندو هو، ۽ اتان وري گهارا ڪري جهنگ ۾ وهندو هو. پوءِ جيڪو وڏو گهارو ٿيندو هو، ان کي ’سانگ‘ ڪري سڏبو هو، جنهن ۾ سندن چوپايو مال چرندو هو. وري ڪٿي ڪٿي جهنگ ڪڍي، ڪجهه زمين سيلابي آبادي هيٺ آڻيندا هئا، ته ان جو حقدار اهو ٿيندو هو جيڪو زمين ٺاهيندو هو. جمال فقير به مٿينءَ ذڪر ڪيل ديهه ۾ جهنگ ڪڍي زمين جو ٽڪر ٺاهيو هو. ساڻس سندس ننڍو ڀاءُ گل محمد به رهندو هو. پوءِ سرڪار جي طرفان، نالي سيد پير علي شاهه انڪوائري آفيسر مقرر ٿيو، جنهن صاحب فرمايو ته ’جن جن ماڻهن ديهه ڪرڙي ۾ زمين ٺاهي آهي، ان سرڪاري زمين تي انهن جو ئي حق آهي، باقي زمين سرڪاري هئڻ گهرجي‘. جمال فقير کي مسڪين ڏسي، نالي ميان جنيد ملان، ويٺل ملڪي ڳوٺ جي، جمال فقير کي پنهنجو ڪڙمي ٺهرايو. ۽ زمين تي پنهنجو کاتو وجهرائڻو ڪيو. رشوتن ڏيڻ، ۽ وڏيري غلام حسين ۽ ٻين کي پيسي جي زور تي پنهنجو طرفدار بنائڻ لڳو. شاهه صاحب جڏهن تجل ۾ منزل انداز ٿيو، ۽ فقير ڏٺو ته هاڻي وڏيرا ۽ ننڍا ڪامورا سڀ ملان جو طرف آهن ۽ زمين مون کان ويندي، تڏهن ڪجهه بيت ٺاهي، سموري حقيقت بيتن ۾ ڄاڻائي، وڃي پير علي شاهه کي اڳواٽ ئي ٻڌائي. آخر انڪوائري ٿي ۽ سڀيئي رشوتي، فقير جي برخلاف بيان ڏيڻ لڳا؛ ڪن خاص خدا جي خائفن، فقير جي حقيقت کي وزن ڏنو. شاهه صاحب پورو پورو عدل ڪري، فقير کي وزن ڏياريو، ۽ اجر کٽيو. اهي بيت هي آهن:

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙي آهي جوڙ؛

پير علي شاهه پاڻ ڪَنُ ڏئي، ڪر هن درخواست جو دوڙ؛

عزت تنهنجي الله ڪئي آهي، خاوند گهڻي کوڙ؛

ٽڪر ڪيا اٿئون ٽوٽا، ڪجهه ڪڍي اٿئون ڪور،

هڪڙا جوئر جا ٻارا ”جمال“ چئي، ٻي برهه اٿئي ووڻ؛

جڏهن دڙا ڀڳا هن درويش، تڏهن سختي گهڻي هئي سوڙهه؛

ٻُوڙا پَٽُ هي ٻانهو آهي، ٻيا غائبا ڪن ٿا گوڙ؛

’غلام حسين‘ اٿئي غمزي تي، ڏامچ ڪري ٿو ڏؤنڻ؛

ملان اٿئي مطلبي، جنهن وٽ ٽَڪن جا اٿئي ٽوڙ؛

محمد جي ميڙي ۾، سيد ٻَڌندين موڙ؛

هاڻي توکي ڪريان هٿ جوڙ، سارنگ سڄي ساري جي:

 

سانگ سڄي ساري جي، توکي سيد ڪيان سدا؛

ته کاتو ڪري ڏي خوشيءَ سان، وجهه اکر صحيح سندا؛

جلد ڪر ”جمال“ چئي، وڃن پَهر ٿا پوندا؛

امين کڻي آڻاءِ پاڻهي، شاهدي ڪن سنڌا؛

اڳي به هر هنيل هو، يا هاڻي ٿي ٿا ارڙو ڪن انڌا؛

جنهن مهل قسم آين ڪورٽ ۾، تڏهن خوب اتي کنگهندا؛

جڏهن هليا ’هافيس‘ ۾، تڏهن ڀَوَ ۾ ڀرڪندا؛ (آفيس)

ڪٽيندن ڪوٽوار وڃي، ڪنڌ ڀر ڪرندا؛

ٿاٻي سان ٿڙندا، جڏهن ٻڌائون واعدو وزير جو.

 

وزير جي واعدي جي، اوهين ڪيو ڪونه پچار؛

هو ته ويٺا واجهه وجهن، ڄاريون ٻيا ڄار؛

مُلي ملڪي ۾ رڳا، اونڌا ڪيا آچار؛

سو ٻه ٻنيءَ جي ٻاري جي، ستت لهڻ آيو سار؛

اچي ته ’فتح جا‘ فري ويا، جيڪي باقي هئا يار؛

(’فتحجا‘ ذات آهي)

تن کي من ۾ ملو چئي، هئا سوين سندا سنسار؛

سيد هن سانگ جي، ڪهڙي پڇين ’پيرل شاهه‘ پچار؛

ملن جو راڄ مسڪين اٿئي، تن تي ڪري وڃ ستاري سردار؛

ڪيانءِ ٿو سوالن جا سَوَ هزار، صاحب هن سانگ جا.

صاحب انهيءَ سانگ جو، ڪيان ٿو انڪواري تو عرض؛

هڪڙا اٿئون کنڌا کنيا، ٻيو اٿئون مهتن جو ٿيو قرض؛

ڪندين ماڙ مسڪينن تي، نه آهي گهڻو غريبن کي غرض؛

پر مُلن کي مرض، اٿئي مير مهاڳن جو.

 

اسين مير مهاڳي جا، آهيون چوٽيءَ تائين چور؛

جيئن وڻئي ”جمال“ چئي، تون معافي ڏئي وڃ مور؛

هاڻ ڪجان ڪانه چور پچور، سيد هن سانگ کي.

 

سيد هن سانگ کي، ڪر نه ٻر ٻيا؛

بخشي وڃ بخشش ڪري، تنهنجا ٿورا ٿيا؛

هن تي ڪئين هل هئا، ته به سيد ڏئي وڃ سانگ اسان کي.

 

سيّد ڏئي وڃ سانگ اسان کي، ڇني ۽ ڦاڙي؛

هڪڙو غريب نالي ’گل‘ اٿئي، تنهنجو کاتو وڃ چاڙهي؛

(جمال جو ننڍو ڀاءُ)

’هيڪل‘ جي حد ۾ هڪڙو سيد سوالي ويٺو آ الله توکي ڪڏهن آڻي؛

(ڳوٺ جو نالو)

سو پيو ٿو ڏينهن ڳڻي، ڪڏهن پير علي شاهه ايندو هن پَٽ ۾.

 

هي جو فسادين ڦڏو رٿيو، سو به لاهي وڃ ڌنڌو،

حضرت هڙني جا کڻي، قادر ڪم ڪندو،

ته ڪري ڏي سيد تون به سنڌو، پاڻ ڏيکار هلي پاهڻ تون.

پير گهماءِ هلي پاهڻ تي، تون پِير علي شاهه پر ڏر؛

ٻين جي ڪَل پوي ٿي ڪانه ڪا، هڪ تو ۾ پايان ڌر؛

مون ڪنهن جي سيري ماري آ ڪانه ڪا، اتي هوندا هئا پير علي شاهه پڌر،

اڳي ته ’برا‘ هوندا هئا بگهڙن جا، برابر هئا بر؛ - (آواز)

سائين سڀڪنهن کي سڏي پڇي هوندا هئا ٿاڪر مرن جا ٿر؛

پوءِ ڪو ”اُلون“ اڏامي آيو، وئي ڄيراٽي ڄر؛-(باهه جي چڻنگ)

سڀڪو اتي سجاڳ ٿيو، اچي ڪنڌا ڏٺائون ڪپر؛

ونڍيائون ورڇيائون پاڻ ۾، هڻي ڪانن جا ڪهڄر،

پوءِ ڀي دڙيون دام هڻايائون، جهنگ مڙيئي جهر؛

پوءِ ڪانهن ڪڍياسون ڪنڌن تائين، صفا ڪياسون سر؛

مَڳُ مُڙي تون ڇڏ اسان کي، هيلهه ٻڌا اٿئون هر؛

جام توکي ”جمال“ چئي، خوب ڏيان ٿو خبر؛

سوالي پيو سوال ڪري، سيد تو سڌر؛

اها ڪور به ڏئي وڃي ڪَر، ڪري وڃ امداد اسان تي.

 

ڪري وڃ امداد اسان تي، تون سيد چڙهه سيج،

هيءَ ڏئي وڃ جاءِ ”جمال“ کي، تنهنجي نظر ٿيندي نيج؛

پير علي شاهه تنهنجي پُٽن مان، شل قادر ڪندو ڪيچ؛

جڏهن بحال ٿي آهه بريج، تڏهن وريو داءُ وڏيرن جو.

 

غلام حيدر بلوچ

مرحوم فقير پير بخش ڪلوئي

 

هي فقير، نالي پير بخش ولد جيئند، ذات ڪلوئي، ويٺل ڳوٺ بچل ڪلوئي، تعلقي ٽنڊي باگي ڳوٺ عالماڻي کان اٽڪل ميل منو پنڌ ڏکڻ طرف پُراڻ جي ڪپ تي ويٺل هو- (واضح هجي ته ضلعي ٿرپارڪر ۽ ضلعي حيدرآباد جي سرحد انهيءَ هنڌ پُراڻ تي آهي(. سندس ولادت باسعادت جو سال 1283 هجري آهي. سندس مائٽ ننڍپڻ ۾ ئي الله کي پيارا ٿي ويا هئا. پاڻ ڇورو ڇنو ننڍپڻ ۾ ڪڏهن ڪنهن جو مال چاريائين ته ڪڏهن ڪنهن وٽ پيٽ – گذر خاطر مهيني تي بيٺو. آخرڪار ڌڪا ڌوما کائي، اچي بلوغت کي رسيو. ننڍپڻ ۾ تليم جو هڪ اکر به نه ورتائين؛ جڏهن وڏو ٿيو تڏهن سِرڙيو هاري بيٺو.

ننڍپڻ کان وٺي، هاشم ولد گامون علياڻي ۽ سهراب ولد مير محمد علياڻي (حاجي ڄام جو ڀاءُ) سان گهڻي صحبت هوندي هئي- پر خاص صحبت هاشم سان هوندي هيس، جو ننڍپڻ کان مال گڏ چاريندا هئا. هاشم تنهن وقت جي لحاظ کان ٻين کان سُکيو ليکجڻ ۾ ايندو هو. پوءِ، هڪ ته سنگت جو ناتو، ٻيو وري چئن پيسن وارو ماڻهو هو، تنهنڪري اڪثر پير بخش هن وٽ هارپي طور بيهندو هو. ٽيئي نڙ وڄائڻ جا شوقين هئا. رات جو ڏاڍي مجلس ٿيندي هئي. ڪي بيت چوڻ جا شوقين ته ڪي ٻڌڻ جا، سڀ اچي هاشم جي اوطاق تي گڏ ٿيندا هئا.

پير بخش فقير پهرين حقي ڇڪڻ ۽ ٻين نشن واپرائڻ جو عادي هو، ۽ ٻيون به منجهس ڪيتريون ئي خراب عادتون هيون؛ پر پوءِ سندس صحبت حضرت پير سائين پاڳاري جن جي مريدن سان ٿيڻ ڪري، عادتن ۾ آهستي آهستي ڦيرو اچڻ لڳو. نيٺ، سن 1308 هه ڌاري، حصرت پير سائين پاڳاري علي گوهر شاهه ثاني عرف ”محفي ڌڻي بادشاهه“ کان ذڪر ورتائين. ذڪر وٺڻ کان پوءِ، مڙني عادتن ۽ نشن واپرائڻ کان بلڪل پاسو ڪيائين؛ دنيوي ڌنڌن کي ڇڏي، تارڪ فقير ٿي، مرشدن جي زيارت خاطر پاپيادو درگاهه شرف تي وڃڻ لڳو. ڪڏهن مهينو ڪڏهن پندرهن ڏينهن ترسي، پنهنجي ماڳ تي موٽي، وري به ساڳئي نموني گهمندو ڦرندو اچي پنهنجي ڳوٺ پهچندو هو. ڳوٺ گهڻو ڪونه رهندو هو، رڳو پيو گهمندو ڦرندو هو. وري جڏهن مرشد جي حب دل ۾ جاڳندي هيس، ته پيرين پيادو درگاهه شريف تي ويندو هو.

پهرين جهڙو نشي واپرائڻ ۽ برين عادتن جو گهر هو، تهڙو ئي وري مريد ٿيڻ کان پوءِ نيڪ، پرهيزگار ۽ الله- لوڪ ٿيو. مرشدن جي سڪ ۽ الاهي عشق ۾ غلطان رهي، بي انداز دل ڏاريندڙ ڪافيون چيون اٿس، جي ٻڌندڙ تي رقت طاري ڪريو ڇڏين. سندس طبيعت ۾ خوش طبعي پڻ سمايل هئي: ڪيترائي خوش طبعي جا ٽوٽڪا جوڙيا اٿس، جي ٻڌڻ لائق آهن. انهن مان هڪڙي سِٺ مينگهواڙ ۽ سندس جتيءَ تي جهيڙي بابت چيل آهي، جا دلچسپ ۽ مشهور آهي. انهي سِٺ جي خبر آهستي آهستي حضرت پير سائين پاڳاري شاهمردان شاهه عرف ”ڪوٽ- ڌڻي بادشاهه“ جن جي ڪن پيئي. پاڻ پير بخش کي گهرائي اها سِٺ چوايائون. فقير صاحب سِٺ چئي جڏهن بس ڪئي، تڏهن حضرت سائين جن فرمايو ته ”افسوس آهي، جيڪڏهن هيترو مٿو قرآن شريف تي هڻين ها ته جيڪر اهو پڙهي وڃين ها!“ فقير صاحب انهيءَ کان پوءِ قرآن شريف پڙهڻ لڳو، جو ٿوري ئي عرصي اندر پڙهي پورو ڪيائين. ان بعد ڪابه خوش طبعي نه جوڙيائين؛ اٽلندو مرشد صاحب جن جي محبت وڌڻ لڳس ۽ دلسوز ڪافيون چوڻ لڳو، جي اڄ تائين جماعت مريد حضرت پير پاڳاري جي ۾ چوڻ ۾ اچن ٿيون.

پاڻ هڪ شادي جوانيءَ ۾، جڏهن اڃا پير صاحب پاڳاري جن جو مريد ڪونه ٿيو هو، جو ڪئي هئائين؛ پر سندن گهرواريءَ جلد ئي راهه رباني ورتي، جنهنڪري اولاد ڪوبه ڪونه ٿيو، ۽ نه وري ٻي شادي ڪيائين. اٽڪل 1357 هه ڌاري، هڪ دفعي، پاڻ پاپيادو زيارت حضرت مرشد جي تي ٿي ويو، ته واٽ تي بيمار ٿي پيو، ۽ رب العزت جي رضا تي راضي رهي، دالبقا جو سفر اختيار ڪيائين- انالله و انا اليہ راجعون. اها پڪي خبر نٿي پئجي سگهي ته سندن مزار مبارڪ ڪٿي آهي، پر ايترو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته سندن مزار کڏڙي جي ڀرپاسي ۾ آهي. وفات وقت سندن عمر چوهٺ- پنجهٺ ورهين جي قريب هئي.

نمونو ڪلام جو

سڄي سيالي پوون پالي، مين اُداسڻ اُڃ دي،

يار پياري دي اوناري، مين سامڻ سڃ دي.

 

پنهل ڳولان، جبل ڦولان، بس گهولان ساٿ تون،

درس دِلان، وڃ مِلان، مين نه وَلان واٽ تون،

ڪيچ جاوان، ڪنگڻ پاوان، ميندي لاوان هاٿ تون،

پنهل ٻَهندڙ، سيج ٺهندڙ، مين جا رهندڙ رڃ دي.

 

ڪيچ ٿيوان ول جيوان، سيج سيوان حق دي،

سيج سوڙان ول جوڙان، ٻڌ موڙان ٻهڪدي،

پنهل تي پڳ، خادم جڳ، اهين ول دڳ دهڪدي.

 

اکين دي اوج، مريندي فوج، اهين ول موج منجهدي،

ڪيچ ڪاهان، ڏيوان واهان، ڪر دانهان ڊڪدي،

وڃان جيڪر، مِلان هيڪر، ٿيوان نوڪر نکدي،

عشق عزت نه عزيزت گهنان لديت ڪکدي،

پنهل هي پاڪ، مين مشتاق، سر املاڪ سڃ دي.

 

برهه باري، ڪڍ ڪٽاري، ميڪون ماري مار ڳئي،

ڏيک ڏونگر، ٻڌان هونگر، گهت گوندر گهار ڳئي،

زال زادي، پير پيادي، اهين وادي وار ڳئي،

جبل جاڙي، ڳاٽ ڳاڙي، مار ڌاڙي ڌڃ ڳئي،

 

اُٺ گونگي، زبر زونگي، ڪر جُنگي جاڙ ڳئي،

گهت ڏوري، ظلم زوري، هوت چوري چاڙهه ڳئي،

ميڏا گهن مور، پنهون ڳئي زور، سارا ڀنڀور ساڙ ڳئي،

اندر در اداس، ملڻ دي خواس، ”پيرو“ دي آس پڄ ڳئي.

*         *         *

آيا پرين جا پروانا،

دل دوست اکر مئن واريان – ڪيتوئي دوست اکر ديوانا.

ب – بدر وچ لڳي لڙائي، جنگ کٽي ڪر جوانا،

مدد علي دي مردانا، جنهن ڪفر ڪٽيا ڪفرانا.

ت – تبل وچ تاب علي دا، سر ڪلنگي تون قربانا،

منهن مبارڪ محافي والا، صورت دا سبحانا.

ع – اندر اوطاق علي دي، م – اندر ميدانا،

لوح قلم ڪنون اڳ هويا، محمد تي مهربانا.

ج – جانب دا جهلڪا جهڳ مڳ، جهٽ پٽ ڪي جهلڪانا،

گونگهٽ دي وچ سرمونگهٽ، موهي محمد تي مرڪانا.

”پيرو“ چوي پنجن تنن دي، هت هت زيب حقانا،

چارئي يار چوغان علي دي، مست گهمن ميدانا.

(ريخته)

اول نام الله دا، جنهن جوڙيئي هِن جهان ڏونهين،

هڪ جو نالا قهري، ٻيا رحمي، اهي دلبر دي هن شان ڏونهين،

لوح محفوظ ڪرسي دي نالي هِن نشان ڏونهين،

جيڪو ربّي سو رسولي، اهي ثابت هن سبحان ڏونهين،

جيڪو احمد سوئي محمد، يارو من وچ هن ميخان ڏونهين،

محبوب اساڏا هڪوئي ماڻهو دي هن مڪان ڏونهين،

اول آخر عاشق دي مرسل دي هن ميدان ڏونهين،

جبرئيل عزرائيل آگي دي هن اڳوان ڏونهين،

جڏان جبرئيل جواب آندي، ٿئي عاشق معشوقان ڏونهين،

عزرائيل الوٽ ڪيتي لک سڪندر ٻي سنان ڏونهين،

اسرافيل ميڪائيل قدرتي قربان ڏونهين،

اسرافيل  چا نفيل ڏيسي ڦوڪا، ٿيسي شوڪا، ٿيسن جملي سي جهان ڏونهين،

ميڪائيل مينهن وسي هڪ ڏينهن، تڏان گڏيسن زمين زمين تي آسمان ڏونهين،

صديق، شاهه علي، اڪبر جنگي جوان ڏونهين،

پيغمبر دي پياري هِن عمر تي عثمان ڏونهين،

عشق امر اولاد علي دي مَي پي ٿَئي مستان ڏونهين،

محي الدين ملڪ گڏئي، استنبول تي ايران ڏونهين،

جائين هن يوسف ديان، مصر تي ڪنعان ڏونهين،

خواب وچون وچ کوهه پيا، جنهن دي ماءُ پيو ٿئي حيران ڏونهين،

رو رو نيڻ زليخان دي اکين ٿيان عريان ڏونهين.

يونس پا برڪا مڇي وچ نه ٿئي ماڻهو سي حيوان ڏونهين،

هابيل ڪابيل پٽ آدم دي، توڙئون هن تڪبان ڏونهين،

منڪيران نڪيران گهِڙ آوسن سوڙي وچ سلطان ڏونهين،

پڇ جواب ڏوهه ثواب پڇين تُل سن ترميزان ڏونهين،

اٿان مرشد هوسي مئڏا، جنهن دي اڳؤن شمس قمر شرمان ڏونهين،

سج چنڊ سهڻي دي ويکڻ لئي، هن ديوان ڏونهين،

ايڏي قطب، اوڏي قطب، وچون ڪلنگي، اهي سهڻي دي هن سخان ڏونهين.

نڪ نراڙا نيلوفر، بلبل ويک باغان ڏونهين،

پنبڻيان پاڪ شهيد پگهر نازڪ هن نوران ڏونهين

ڪلهي ڪافور ڪوش وچون جوڙئي هن جلشان ڏونهين،

ڪرايان جي قوت واليان دامل وچ دستان ڏونهين،

سي گل گونٽي، ڏيوَن جهوٽي، ڀرون سي ڀرڪان ڏونهين،

واٽ درياهه وحدانت دا، لوح قلم لبات ڏونهين،

اکين ڪرن آواز الستي، لفظي هن لسان ڏونهين،

جتي جوراب جيءَ وچ سانڍان، موزي سي مهربان ڏونهين،

ڏند مبارڪ سونهاري، جيوين بادل سي برسان ڏونهين،

چشمان چوٽ چڪر لائي چوڏس چمڪاب ڏونهين،

نوري نيڻ سڄڻ دي ويکان، چمان شال گندان ڏونهين،

ول گهتن واسينگان وانگي، ٻڌ ڪرينديان ٻاڻ ڏونهين،

ڏيون گهور، گهماٽي گهاون، بشيهر وانگين بان ڏونهين،

نرگس نيڻ نبوّت والي رمزي سي ربان ڏونهين،

ڪرن سٽڪي، ڏيون جهٽڪي، ترڪش تيرڪمان ڏونهين،

مرغ ملڪ ڪيتنئي سڀ تيڏي تابع دان ڏونهين،

هڪ جو سهڻا ٻي بيپرواهي، اهي تجلي دي سي تان ڏونهين،

هڪ سڪڻ ٻيا سر ڏيوڻ، اهي عاشق دي هن ارڪان ڏونهين،

عشق لڳا اِمامان ڪون، ٿئي شير به شهيدان ڏونهين،

چار ڪتابان چار مُصّلي، لٿي هن عرشان ڏونهين،

هڪ جو مُصليٰ هي محمد دا، ڪلما تي قرآن ڏونهين،

لا الٰہ – الالله، اهي اکر هن عاليشان ڏونهين،

الله هو حق دا نعرا، اهي مرشد دي سي مان ڏونهين،

”پيرو“ آکي پڙهو ڪلما، ڇٽن وهي جهان ڏونهين.

 

------------


 

خليفو محمّد امين پلي

 

فقير قلندر بخش صوفي مرحوم

 

فقير قلندر بخش جو نام نامي اسم گرامي ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. هو ناري جي مشهور درويش صوفي محمد صديق عرف صادق فقير جو پڙ پوٽو، ۽ فقير حاجي محمد صوفيءَ جو وڏو فرزند هو. فقير صاحب قرآن مجيد گهر ۾ پورو ڪري، سنڌيءَ جي تعليم صوفيءَ جي اسڪول ۾ پوري ڪئي. سندس فارسي تعليم لاءِ فقير صاحب وڏي، مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ کي مقرر ڪيو، جنهن وٽ ”سڪندر نامہ“ تائين فارسي ۽ عربيءَ جا ابتدائي ڪتاب پڙهيائين. فقير صاحب جي ولادت تقريباً 98-1297 هه ڌاري ٿي هئي. فقير صاحب جو ننڍي هوندي کان وٺي عبادت ۽ رياضت ڏانهن لاڙو هو. سال بسال هميراڻي ڀڙي ۾ وڃي اعتڪاف ڪندو هو، جتي جس دم پچائيندي، هڪ دفعي ته سندس مرڻ جو هل پئجي ويو. قلندر بخش جهڙو جدي، بيباڪ، رحمدل، سخي ۽ فياض، عادل، بي ريا، سيرت خواهه صورت جو سهڻو ۽ پسنديده خصلت، صوفي خاندان ۾ ڪو مشڪل پيدا ٿئي.

هن حق صداقت جي علمبردار ڪڏهن به حق جو طرف نه ڇڏيو. هن جي ايمان ۽ استقلال ۾ ڪڏهن به رتيءَ ماتر لرزش ڪانه آئي. ڪنهن وڏي کان وڏي عملدار جي اڳيان به فقير قلندر بخش ڪڏهن ڪنڌ نه جهڪايو: قلندر بخش جو ڪنڌ هميشہ پنهنجي پروردگار ۽ خلائق عالم جي اڳيان جهڪيل هوندو هو. فقير صاحب، وڏي کان وڏي ظالم ساڻ به مظلوم جي حمايت ۾ ٽڪر کائڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. فقير صاحب مرحوم ارادي جو پڪو، واعدي جو وفادار، قول جو سچو ۽ مستقل مزاج هوندو هو. پنهنجي عبادت خواهه رهڻي ڪرڻيءَ جو طريقو جيڪو شروعات کان اختيار ڪيو هئائين، تنهن ۾ تِر به تفاوت اچڻ نه ڏنائين. رات جي ماني کائي، عشا جي نماز ۽ وظائف بعد وڃي آرام ڪندو هو؛ ۽ ٽي بجي ڌاري اٿي، تهجد ادا ڪري، صوفيانه طريقي جو بلند آواز سان ذڪر ڪندو هو؛ ان بعد قرآن مجيد جي تلاوت ڪري، ڪو ديني يا تاريخي ڪتاب يا اخبار ڏسندو هو؛ صبح جي نماز ادا ڪري، گهمڻ نڪرندو هو؛ تسبيح هميشہ هٿ ۾ هوندي هيس، ۽ ڪنهن سان ڪلام نه ڪندو هو؛ اشراق جي نماز پڙهي، نيرن ڪري اچي بنگلي ۾ زمين تي وڇايل شينهن جي کل تي قديم رواج موجب ڪانڀ ٻڌي وهندو هو، ۽ ماڻهن جا فيصلا به پيو ڪندو هو ۽ پنهنجي نوڪرن کي ڪاروباري هدايتون به ڏيندو رهندو هو. ٻن پهرن جو واندو ٿي، ماني کائي، ٿورو وقت قيلوله ڪري، ٻن پهرن جي نماز ادا ڪري، وري به اچي ڪچهري ڪندو هو، ۽ وچين نماز تائين ويٺو هوندو هو. ان بعد، وچين ۽ سانجهي هڪڙي مصلي تي پڙهي، ڪلاڪ ٻه وري به پنهنجي گهرو معاملات مطابق هدايتون ڏيئي، ماني کائي، عشاء جي نماز ادا ڪري، وڃي آرام ڪندو هو.

فقير صاحب مرحوم، اوائل زماني ۾، ملڪي ڪمن ۾ به بهرو وٺندو هو. هڪ ٻه ڀيرو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ۽ لوڪلبورڊ جو صدر به ٿي رهيو؛ ليڪن فقير صاحب جي حق گوئي ۽ انصاف پسندي، حڪام وقت کي نه وڻي، تنهنڪري مٿيان عهدا هميشہ لاءِ ترڪ ڪرڻا پيس.

فقير صاحب سخي ۽ فياض به هوندو هو. ڪوبه سوالي سندس در تان خالي نه ويندو هو. هڪ ٻه دفعي ته پنهنجي بدن جا سڀ ڪپڙا به لاهي سوالين کي ڏنا هئائين. ڳوٺ جي بيوهه عورتن خواهه يتيم ٻارن کي گهر ويٺي مدد پهچائيندا هئا. ڪنهن غريب مظلوم، کيس ڪنهن ظالم ۽ ڏاڍائيءَ جي دانهن ڏني، ته تيستائين آرام نه ايندو هون جيستائين مظلوم جي حق رسي نه ٿيندي هئي. غريبن جي حمايت ۾ گهاٽي کان گهاٽي دوست ساڻ به لڙي پوندو هو. فقير صاحب جو علم ۽ علم وارن ماڻهن سان به دلي چاهه هو. وقتي شعر به چوندو هو.

سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ نسخو پنهنجي قلم سان لکيو هئائين، جنهن جو اختصار ”ادبي سوسائٽيءَ“ وارن شايع ڪيو هو. سندس علمي ۽ تاريخي چاهه جو اڄ به سندس شاهي- ڪتبخانو شاهد آهي، جو سندس پوين وٽ محفوظ آهي.

فقير صاحب بدن ۾ ڀريل، قد جو پورو پنو مائل به ڪوتاهي، پيشاني ڪشادي، نڪ وڏو، اکيون سهڻيون ۽ وحدت جي نشي ۾ هميشہ سرشار، چپ سنها، وات سهڻو، گفتگو نرم، ۽ من موهڻي، ڏاڙهي چاپئين ۽ سهڻي، شهپر سنت تي پورا ورتل، وار ٻٽوئان ۽ گهنڊيدار، آواز سنهو ۽ سريلو، رفتار تيز، پوشاڪ زرق برق اميراڻي طرز جي، زيڪ ۽ چلڪ يا ڪيمخواب جو ڪوٽ، مشهدي لنگي ڪُلي تي زيب سرڪندو ۽ ٻيا ڪپڙا سڀ سفيد پسند ڪندو هو. عمر 52 ورهين هوندي به وار سڀ سياهه هوندا هئس. تاريخ 9 محرم الحرام بروز جمع سن 1349 هه ۾، بحالت روزه، سندس شهادت ڪهاڙين سان واقع ٿي. سندس قبر؛ روضي مبارڪ صادق فقير صوفيءَ جي صحن ۾ آهن. فقير صاحب مرحوم جو فقط هڪ فرزند شمس الحق نالي صالح، پرهيزگار، شب خيز ۽ عابد نوجوان هو، جو لاولد وفات فرمائي ويو.

قصيده تاريخ وفات

اي قلندر بخش صوفي، صاحبِ عزم و قلم،

لائقِ عِزّ و شرف ۽ اي امير، محترم؛

ڪامل اڪمل مڪمل اي بهادر با وقار،

عابد و شب خيز صادق جي مثل پرهيزگار؛

راتيون جاڳي خدا جي تو عبادت ٿي ڪئي،

بيوسيلن بيڪسن جي تو عدالت ٿي ڪئي؛

تو اڳيان امراء ۽ مسڪين ٻئي يڪسان هئا،

لالچن تي ڪين لرزئين، اي جبل ايمان جا؛

چاپلوسيءَ مان مزو توکي نٿي آيو ڪڏهن،

ڪنهن به افسر جي اڳيان تو سر نٿي نايو ڪڏهن؛

خوف خالق جي ۾ تنهنجي اک سدا هئي اشڪبار،

ريءَ عبادت ۽ عدالت ڪونه آيئه ٿي قرار؛

حسن صورت، حسن سيرت، اُسوه حسنه بيمثال،

باوضو ۽ باخدا، ۽ بافضيلت با جمال؛

نيڪ صورت، نيڪ سيرت، نيڪ عادت، نيڪ ڪار،

نيڪ عابد، نيڪ زاهد، نيڪ نالو آشڪار؛

هر بگهڙ ظالم صفت لءِ اسم تنهنجو هو اُهاڙ،

بيڪسن جو ڀرجهلو ۽ تون صداقت جو پهاڙ؛

حيدري حشمت ۽ همت ساڻ ٿئين تون آشڪار،

اي قلندر بخش صاحب، تون علي جو ذوالفقار؛

ڀائرن جي ويڙهه ۾ آخر ٿئين تون آشڪار،

اي قلندر بخش صاحب، تون علي جو ذوالفقار؛

درس مي دارد مدامي آرزو تاريخ جو،

”جس قلندر بخش“ صوفي – غيب مان الهام ٿيو.

1349 هه

 

-------------

 

محمّد عالم ”شور“ خانپوري

صاحب فقير رڪ

هي بزرگ ”صاحب“، ”صاحبڏنو“ ۽ ”صابو“ جي نالن سان مشهور آهي. سندس والد بزرگوار جو نالو محمّد بخش فقير هو. ذات جو رڪ، ڳوٺ محمّد عثمان رڪ تعلقي گهوٽڪي ضلعي سکر ۾ تولد ٿيا. سندن جنم خواه وفات جي تاريخ پڪيءَ طرح معلوم ڪانهي. پهرين دست بيعت ”صاحبن جي لوءِ“ عرف گهوٽڪيءَ جي خاندان جو ٿيو. ان ڳالهه کي پندرهن ويهه سال گذري ويا، ان بعد حضرت محمد حسن شاهه جيلاني بادشاهه، متولي درگاهه سوئي شريف عرف حسن آباد شريف (تعلقو اٻاوڙو)، جن ان ڳوٺ ۾ مريدن جي گهر تشريف فرما ٿيا: ٻيا گهڻا مريد ٿيا، پر هي فقير مريد نه ٿيو. وري ڪن ڏينهن کان پوءِ جيلاني بادشاهه مذڪور ڳوٺ ۾ دعوت تي آيو: جڏهن قدم ڏيڻ شروع ڪيائون، ته هن فقير پڻ عرض ڪيو ته ”جناب عالي، هن خاڪسار جي گهر ۾ قدم رنج فرمايو.“ آخرڪار، جڏهن جيلاني بادشاهه جن خير سان موڪلائي ويا، تڏهن رستي تي بيهي رهيو. ان جماعت جو فقير نالي قادر بخش پوئتي ڪنهن ڪم سان موٽيو، جو ان ڳوٺ جي ڪنڀر کان ڪوزو کڻڻ آيو، جو ان ڪنڀر جا ڪوزا تمام ڀلا هئا. اتي صاحب فقير ان قادر بخش کان پڇا ڪئي ته ’ڪيڏانهن ٿو وڃين‘، جنهن تي فقير سموري ڳالهه ڪري ٻڌايس؛ تنهن تي صاحب فقير کيس چيو ته ’چڱو، جڏهن ڪوزو کڻي واپس ورين ته هتان مون وٽان ٿيندو وڃج، تيستائين مان هتي بيٺو آهيان‘. ڳچ وقت کان پوءِ قادر بخش فقير جڏهين ڪوزو کڻي واپس موٽيو، ته صاحب فقير اتي موجود هو، ۽ يڪدم ڪافي ٺاهي، آڱر سان لکي، فقير کي ڏنائين ته هي وڃي حضرت سوئي شريف ۾ جيلاني بادشاهه جي خدمت ۾ عرض رک ته ”صابو ڄاڻ ’سوئي‘ آيو“. گهر ۾، ’صاحبن جي لوءِ‘، چوائي مڪائين  ته ”صابو هاڻي ’سوئي‘ وارن جو آهي.“ ائين چئي روانو ٿيو، ۽ اچي سوئي شريف جي ٻاهران مست ٿي ويهي رهيو. جڏهن قادر بخش فقير اهو ڪوزو جيلاني بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيو، ته سائين جن پڙهي فرمايو ته ”هيءُ صابو فقير، سچل فقير جي منزل ۾ هاڻي ئي اچي ويو آهي“!

جڏهن صابو سوئي شريف ۾ وارد ٿيو، تڏهن مٽي مٿي ۾ هئس ۽ هوش کان ٻاهر هو. وڏي کڏ کڻي، ڪوٺي بنائي، ان ۾ وڃي رهيو. جو ڪجهه اتي پاڻمرادو ڪير ڏيندو هوس ته کائيندو هو، نه ته ڪنهن کان گهرندو ڪجهه به نه هو. پوءِ شوق ۽ اشتياق ۾ اندر جي تاڪي کُلي پيس، امانت جي پلٽ ٿيس، ادراڪ روشن ٿيس، ۽ ڪافيون ۽ مولود چوڻ ۽ ٺاهڻ لڳو. جمعي جي ڏينهن تڙ ڪري، ڌوتل ڪپڙا پائي، نماز به پڙهندو هو، ۽ نماز بعد، دستور موافق، زيارتن وقت، مولود شريف به ڳائيندو هو. اها خبر نيٺ ’صاحبن جي لوءِ‘ جي بزرگن کي وڃي پيئي ته ’اوهان جو مريد صابو فقير، ڪو لاهور کان جيلاني پير آيل آهي  ان جو وڃي مريد ٿيو آهي، ۽ ان جي اڳيان مولود ۽ ڪافيون چوندو آهي.‘ تنهن تي ’صاحبن جي لوءِ‘ جي بزرگن طيش ۾ اچي فرمايو ’اسان جو مريد ٻين جي اڳيان مولود شريف نه چئي سگهندو!‘جڏهن ٻيو جمعو آيو، تڏهن فقير حسب معمول نماز پڙهي مولود پڙهڻ ويٺو، ته سندس آواز ٻاهر نه پيو نڪري! آخرڪار جيلاني بادشاهه کي عرض ڪيائين ته آواز نٿو نڪري؛ تنهن تي جيلاني بادشاهه اشارو ڪيس ته ’تون چؤ، ته زبان پاڻيهي کُلندي.‘ نيٺ چيائين، ته اڳئين کان وڌيڪ مزو ڏيڻ لڳو. اتي جيلاني بادشاهه فرمايو ته ’اسان صابو فقير کي فولاد جو ڪوٽ ڏيئي ڇڏيو آهي.- هينئر سڀڪنهن کي موڪل آهي، اميد ته فقير جو وار به ونگو نه ٿيندو.“ تنهن تي صاحبن جي لوءِ جي بزرگن فرمايو ته ’اسان وٽ فقط ڏيو ٻري ٿو، پر جيلاني بادشاهه جهنگ کي باهه ڏني آهي- هي اسان کان هر حالت ۾ زوراور بادشاهه آهي!‘ اهڙيءَ طرح، صابو فقير اتي حضرت سوئي شريف ۾ رهيو، ۽ حضرت جيلاني بادشاهه جو عاشق صادق ٿي رهيو، ۽ سندن هر فعل ۽ اطوار جو نقش چٽيو اٿس.

سندس عمر اٽڪل نوي ورهيه چون ٿا، ۽ وفات کي به ڪافي عرصو گذريو آهي. باقي جنم ۽ فوت ٿيڻ جي پوري تاريخ يا سن وغيره ڪونه ٿو ملي. سندن پويان اهڙا پڙهيل قابل ڪار ڪين هئا، جو سندس سوانح عمري قلمبند ڪن ها. يا مولود شريف ۽ ڪافيون لکن ها. ڪجهه جماعت ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. هينئر هڪ فقير نالي حاجي الهه وسايو رڪ، جو چون ٿا ته سندس ستين پيڙهيءَ ۾ آهي، مولود شريف چوندو آهي. چون ٿا ته حضرت اشرف شاهه ڪاموري واري بزرگ جو صابو فقير همعصر هو، پاڻ ۾ ڪافين رستي حال احوال ڏيندا وٺندا هئا: هوڏانهن هو ڪافي ٺاهي بس ڪندو هو، ته هي وري ان جو جواب ٺاهي عرض رکندو هو.

فقير جي تربت سوئي شريف ۾ آهي، ۽ سندس پويان هينئر سڀ حضرت سوئي جا سرويچ ۽ سچار مريد آهن. صابو فقير، چاپئين ڏاڙهيءَ، بلند قد، وڏين اکين ۽ جاڙن ڀِرن وارو سٻر جوان ۽ زماني جو قطب ٿي گذريو آهي.

ڪلام

مولود شريف

سرهو ساٿ سيد جو، مون کي ڏيکاريو ڏاتر،

سرهو سڱ مرشد جو، مون کي پسايو پرور!

جي هوند ڄاڻان جيڏيون، هِن ڪي مون وٽ مسافر،

جاڳيس ڪين جتن لءِ، هي هي ڏوريان ڪِيم ڏونگر.

ڀائر هوت پنهل جا، هُيڙا ساٿي سڀ سٻر،

ترس نه آيو تن کي، ويڙا ڇڏيون منجهه ڇپر.

ڪيچؤن آيا ڀنڀور ۾، ٿي سڄڻ سوداگر،

هوتن هانڃي جو کنيو، وڻجي سڀ وکر.

ڪانگل آيم ڪيچ ڏنهون، ڏي ڪا سندي خان خبر،

سُڻِيوَ هن سڙيءَ جي، ڪا پرين وٽ پچر؟

مولا مون کي ميڙئين، تون جي هوتن سان هيڪر،

جيئري وڃي جيءَ مان، هوند جدائي جيڪر.

سڌ نه هيم سرتيون، ته ڪي هن مون وٽ مسافر،

جاڳيس ڪين جتن لءِ، ڏورڻ آيم ڏونگر.

اهو اٿم آسرو، ڪا جا پيڙن ڪَنَ ڪُوڪَر،

”صاحب“ پنهنجي ساٿ کي، ڏيندو آرياڻي آڌر.

ڪافيون

يار سانول، تنهنجون ڳڻي ڳڻي ڳالهيون،

پاڻ پنهنجو منجهه پور وڌوسي!

بيخبريءَ جي ملڪ ۾، محڪم مستي جي مخمور وڌوسي...

اَٺ ئي پهر منجهه  اوراتي، انهي غمزن منجهه گهور وڌوسي...

يار ”صاحب“ کي يڪ رنگي ۾، ساهه سوريءَ منصور وڌوسي...

* * *

اَلا شال اچن، ويا نه وسرن، دلبر منهنجي دل جا!

عجب چاٽي عشق جي، الا، ڪئي جا ڪيچيڙن،

جن ڪاڪيون ڪم وساريا، الا ووءِ ووءِ، ويچارن ...

ٻَن حياتي هيڪڙي، الا، دم بنا دوستن،

جيڪي جيان ڏينهڙا، هجان پاڙي سان پرين ...

نيڻن ننڊ نه اُڄهي، الا، اکيون جار منجهان جاڳن،

ميلاپي جا مون پرين، من ڪي مينهن وسن ...

پائي پاند ڳچيءَ ۾، الا، ٿي پيرين پوان پانڌن،

سڏڪيو ڏيان سنيهڙو، الا، ڳاٽ ڀري ڳوڙهن ...

”صاحبڏني“ جي  سِگهڙي، الا، سپرين سار لهن،

آس اٿم آسرو، الا، من ڪي محب ملن ...

عمر! ساري رات، مون مارو سنڀاريا، ووءِ ووءِ!

وجهل ويڙهيچن جي، وائي اٿم وات ...

ڪڍ بندياڻي بند مان، ڪُهن ٿيا پيا ڪات ...

وينديس ويڙهيچن ڏي، پرهه ڦٽي پرڀات ...

”صاحبڏنو“ چئي سانگِن جي، اٿم تن اندر تات ...

* * *

جيڏيون وس نه سليان، هوند ڳالهيون پنهل جون –

اکين اورانڀو لايو هو!

ڪاڏهون آيم ڪيچ جا ڌاڙي،

ڏکن سورن جي ڏيئي ويا اماڙي،

- ويندي ور نه واجهايو هو ...

ڪڏهن پنهل هيون تنهنجون ڪيچ اوطاقون،

وِرهه وڪوڙيس تنهن ڏينهن لاڪون،

- سورن سخت ستايو هو ...

شيخ ڪري ٿو شوق شنيدان،

اڱڻ آيو پرين، اسان ڪيون عيدان،

- درد منهنجي جو ڪو دايو هو ...

”صاحب“ ويهه نه وطن وساري،

هتان ويندين ڏينهن ٻه ٽي گهاري،

ڄم ته پنهل جو جت جايو هو ...

* * *

ڀلي آئين تون ڪانگا، نچ آئين تون ڪانگا،

اچي ويهه تون اکين ۾، ٻول تون مٺڙي ٻولي!

ڏي ڪا خبر کِوِ جِي اسان کي ڀلي برهه جا بانگا،

- هينئڙي ۾ هر دم وِرهه جي هولي ...

هت هميشہ آهيون اداسي، نينهن سڄڻ جي ۾ نانگا،

- تنهنجي ٻانهن جي مان ٻانهپ ٻولي ...

اسان ڏي اچڻ جا ڪڏهن وري ٿيندا، سندا سپرين سانگا؟

- درد جي ڇلن ماري آهي ڇولي ...

صحيحون ”صاحب“ گڏيا سي ئي، لڪيون لنگهي سڀ لانگها،

- ٿيون خوشيون ڏسي تن جي ڏولي ...

* * *

ساڏي ويڙهي الله آندا، ٿيون شاديون جي شاهه آيا!

لٿو فراق ويو وڇوڙو، هاديءَ ڪيا هيڪاندا – موليٰ ساڳي محب مليا...

جنهن جي ڪارڻ منهنجو، ڙي جيڏيون، من هميشہ ماندا– تن پرين پير گهمايا...

ڪيو اتار عجيب اندر ۾، ٿيا ورهه کان واندا- جڏهن محن منجهه ڏيکاريا...

ڏسي من ناهي هوشياري، لٿا سهم سياندا- صاحب سيني منجهه سمايا...

خوش هوندو سدا، جند جيوي سدا،

پير ميان منهنجو، لکي لاهوري لاڏلو!

نائب ناهي سچي نبيءَ جو، ڪامل قطب ڪبير، ميان...

حاجي غازي نينهن نمازي، ولهن وارث وير، ميان...

”صاحبڏنو“ چوي سچي سنگت سان، پار لنگهائيندو پير، ميان...

* * *

الا، ماڳين موٽ دلبند جاني، الا وري آ سهڻا دل جاني،

او جاني آهيان مان ديواني، الا!

ڪوهه وڃين ٿو ڪيچ ڏي، او ڪيچ ڏي، سانول ساٿ کنيو،

جڙيا جاني، ير منهنجا!

وڃي ٿو مَ ولهيءَ جي، ولهيءَ جي هانڃي دل هنيو- او وري آ دلبند جاني!

ڪر سيگهڙو سپرين، سپرين، او ڀيرو منجهه ڀنڀور- جڙيا جاني ير منهنجا!

اڱڻ واس عطر سان، عطر سان، او مشڪ ڀريائي مور- وري آ دلبند جاني!

آهيان اداسي تو بنا، تو بنا، او سانول سڀ ڄمار- جڙيا جاني ير منهنجا!

سڻ ”صاحب“ جا سڏڙا، سڏڙا، او موڙي آءُ مهار- وري آ دلبند جاني!

* * *

اڱڻ آيم ٽلي، او، ٿيم ڀينر عيدان!

منهنجي هاديءَ جو هرجا هوڪو، او ڇا وکن نئن واريان،

- او ڇا وکن ڇا دلي، او ...

غم گوندر سڀ ويم وڇوڙو، او مست ڪيائون نئن واريان،

-او مست ڪيو هئون ملي، او ...

دلڙي ديواني درد ۾ هيڙي، او، خوش ڪئي نئن واريان،

- او خوش ڪيل ئون کلي، او ...

صيحون ”صاحب“ کي آهي اوهان جي، او نينهن نشاني نئن واريان،

- او نينهن نشاني ملي، او ...

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com