سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :40

 

6

 

سگهڙَ ۽ سياڻا

 

سنڌ جا سالڪ، سگهڙ ۽ سياڻا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ٻهراڙيءَ جون ڪچهريون سندن دم قدم سان قائم آهن. پرولي، ڳجهارت، بيت، ڏور، دُرائو، ست – سري ۽ سينگار – اهي سڀ سندن ايجاد ڪيل آهن. سنڌي زبان جا ڪيترائي سهڻا الفاظ ۽ اصطلاح، گفتا ۽ پهاڪا، نقل ۽ نظير، سندن شگفته طبيعتن جو نتيجو آهن. صدين ۽ سالن کان وٺي، سالڪن ۽ سگهڙن سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ۾ دهقاني ادب کي زنده رکيو آهي، ۽ ان ادب جي ذريعي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي روشن ڪيو آهي. قدر دانن جي ڪمي، نون ڪتابي پڙهيلن جي بي اعتنائي، ۽ ٻن فصلن سببان ٻارهن ئي مهينا کيتيءَ جي پَٽ – کوهه سببان، سگهڙن ۽ سياڻن جون جيتوڻيڪ اڳيون ڪچهريون قائم نه رهيون آهن، ته به سوين سگهڙ اڄ پڻ سنڌ جي هر ڀاڱي ۾ موجود آهن، جن ٻهراڙيءَ جي ڪچهرين جي روايتن کي برقرار رکيو آهي.

سنڌ جي سون سگهڙن مان اسان کي ڪن ٿورن سوکڙين جون سوانح هٿ آيون آهن، جي هت پيش ڪيون وڃن ٿيون.

 

مرحوم لعل بخش خان لغاري*

لعل بخش خان،  ولد نظر علي خان، ولد نبي بخش خان،، ولد جعفر خان لغاري، اٽڪل سن 1860ع ڌاري پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. سندس پيءُ مسڪين ۽ هر هاري هو، انهيءَ ڪري کيس به ساڳيو ڌنڌو ورثي ۾ مليو.

لعل بخش  خان وهيءَ ۾ نهايت سگهو صحتو ۽ طاقت وارو مڙس هو، ۽ سندس اها ڪايا آخير وقت تائين هلي. 26 -27 ورهين جي ڄمار ۾، اڌ – مڻِيءَ اشهد آڱر ۾ سنئينءَ ٻانهن چار دفعا کنيائين، ۽ اها ڪثرت پوءِ به ڪي سال لڳاتار ڪيائين – حالانڪ هڪ دفعي ته اها اڌ – مڻي چيچ ۾ به سنئين ٻانهن ڪري کنيائين. مرحوم ڳالهه ڪئي ته ’هڪ دفعي شهدادپور ۾ ڏاڙهون کٽيءَ وٽ ٻه لوهه جون پٽيون، جن جو وزن اڌ پاءَ گهٽ 24 سير هو، سي سنئينءَ ٻانهن کنيم‘. ٻاويهن سالن جي عمر ۾ هڪ پٿر، جنهن جي تور اٽڪل پوڻا ٽي مڻ هئي، تنهن کي ويهي ڪلهو ڏيئي کنيائين. اها ڪثرت مسلسل 28 ورهيه ڪيائين، ۽ پنجاهه سالن جي عمر ۾ به ساڳيو پٿر، پير ڏنل شاهه سجاده نشين درگاه جيلاني ڊٺڙه تعلقي شهدادپور جي آڏو کنيائين، جنهن تي پير صاحب کيس انعام به ڏنو، جوانيءَ ۾ ڪجهه وقت ملهه به وڙهيو. گلو پٽ خميسي خاصخيليءَ کي ماريائين. خليفي اقبال ۽ محمد ميربحر جو به پلاند ورتائين. جاٽ (اڏيرو لعل) جي ميلي تي ٽي ملهه لاڳيتا دسيائين. چيائين ته ”منهنجي ملهه تمام سهڻي هوندي هئي“.

لعل بخش خان نهايت ذهين هو. علم کان سندس سمجهه گهڻي هئي. مائٽن کيس ننڍي هوندي ڪين پڙهايو. اٽڪل پنجاهه ورهيه جي عمر ۾ پنهنجي مامن، گل محمد خان ۽ علي محمد خان، (رئيس حيدر خان جا پٽ) وٽ ڀائيوار هو. علي محمد خان جي عمر ان وقت اٽڪل چوڏهن سال کن هئي. لعل بخش خان چيو ته ”هڪ دفعي مون ڪُتر ويٺي ڪئي ته علي محمد خان، شاهه صاحب جو رسالو کڻي آيو ۽ هي بيت پڙهيائين:

”تڙ تماچي ڄام جو، تماچي تڙ – راءُ،

تماچي جي تڪيي، تون تماچي کاءُ،

تون تماچي آءُ، ته تماچي تيلانہ لهين.

پوءِ مون کي چيائين ته هن بيت جي معنيٰ ڪر. مون معنيٰ هن طرح ڪئي: ’تماچي، ڀٽائي صاحب حضرت رسول ڪريم کي سڏيو آهي؛ ”تڙ“ معنيٰ هيءُ جهان، جنهن جو نبي سڳورو گويا بادشاهه هو؛ ”تون تماچي کاءُ“، معنيٰ پنهنجو پاڻ وڃاءِ؛ ”تماچي آءُ“ معنيٰ تون پاڻ اهڙو ٿي پئو جو گويا خود تماچي ٿي پوين، ۽ پوءِ رسول ڪريم جو ديدار به آسان آهي – يعني ته فنا في الرسول ٿي پئو‘علي محمد خان مون کي چيو ته ’لعل بخش خان، جيڪر علم پڙهين ها ته هوند ڏاڍو قابل ٿي پوين ها‘. آخر چيائين ته ’جيڪڏهن سنڌي پڙهين ته آءٌ توکي سيکاريان‘. علي محمد خان پوءِ سنڌي اکرن جي پٽي لکي ڏني، جنهن بعد چيائين ته ’وڃي ٻاراڻو ڪتاب وٺي اچ‘. آءٌ ٻاراڻو ڪتاب وٺي آيس، ۽ پوءِ آ – با – ٻا – پا جون ڏهاڪو کن تڪون پڙهايائين؛ پر مون چيو ته اهو قصو وڏو آهي، آءٌ ڪونه پڙهي سگهندس. پوءِ مون دل ۾ خيال ڪيو ته اکرن کي ڇڪين ٿا ’ا‘ ’و‘ ۽ ’ي‘ – يعني انهن جي اچارن مان آ، او ۽ اي جي اچار نڪرن ٿا. اها ڳالهه خيال ۾ رکي، مون علي محمد خان کي چيو ته ’مون کي وڌيڪ سبق ڏي‘. هن چيو ته ’تو ته اڃا باب ئي ڪو نه پڙهيا آهن!‘ جنهن تي مون جواب ڏنو ته ’باب مون کي اچن ٿا‘. آخر مون کي ست سبق انهيءَ ٻاراڻي ڪتاب جا اک – مک وغيره پڙهايائين. پوءِ مون چيو ته هاڻي اڳتي آءٌ پاڻيهي پڙهندس. پوءِ سڀئي 29 سبق مون پاڻيهي پڙهيا.

”ان بعد وري عرض محمد خان سان ڀائيوار ٿيس. هو پاڻ پڙهيل هو. وٽس ڪتاب ’مجمع الفوائد‘ هو ۽ ماڻهو وٽس تعويذن لاءِ ايندا هئا. اهو ڪتاب هميشہ هرلي تي رکيو هوندو هو، جتي مون اهو سڄو ڪتاب پنهنجي منهن پڙهي پورو ڪيو“.

پڇاڙيءَ تائين لعل بخش خان هي ڪتاب پڙهي سگهندو هو ۽ حساب ابجد، فالنامو ستاري وغيره جي ڪڍڻ جي قاعدن کان به واقف هو. ان بعد وري ڪتاب ”سسئي پنهون“ خليفي نبي بخش صاحب لغاريءَ جو (سرائڪي زبان ۾) ورتائين، جنهن کي هن به چڱيءَ طرح سان پڙهيو. ليڪن اهي سڀ ڪتاب، لعل بخش خان، مطلب ۽ معنيٰ سمجهي روان پڙهيا، ۽ پڇاڙيءَ تائين چوندو هو ته ”هجي ڪرڻ مون کي پنهنجو نالو به ڪو نه ايندو“!

لعل بخش خان چيو ته ”پهريون استاد، معنيٰ ۽ مطلب ۾، منهنجو پنهنجو ذهن هو؛ پر پير حسن بخش ۽ نانو حيدر خان منهنجا استاد هئا. آهستي آهستي منهنجو معنائون ناني حيدر خان کان وڌيڪ پڪيون ٿيڻ لڳيون. ڪڏهين ڪڏهين بحث ڪندي فيصلو پير حسن بخش وٽ کڻي ويندا هئاسون، ته پير حسن بخش به منهنجيءَ معنيٰ کي ترجيح ڏيندو هو. ناني مون کي عرضي فقير ماري جو هيءُ بيت هيٺئين طور سيکاريو:

زلف سياه سڄڻ دي سهڻي، اکيان بشيهم ٻوٽي،

ٻيا جو سيب سهڻي دي سيني، جيوين باغان دي وچ گؤنٽي،

دم دم دور حسن ڪون ڳوڙهي، هل چه هوايان ٽؤنٽي،

هڪ هڪ ناز سڄڻ دا نازڪ، جو ڏيکان سو ڏؤنٽي،

اِتلي دام دلين ڪون ’عرضي‘، ڪون هووي جو ڇُوٽي!

”بيت جي ٽين سٽ بابت مون ناني کي چيو ته ’هوايون ۽ ٽؤنٽا رڳو اونداهيءَ رات ۾ شعاع ڪري سگهن ٿا، پر چانڊوڪيءَ رات ۾ ته انهن جو جلوو به ايترو نه آهي، تنهنڪري معشوق جي حسن جي آڏو اهي ڇا آهن، جو ڀيٽ ۾ آڻجن؛ تنهنڪري اها سٽ اصل ۾ هن ريت هوندي:

’دم دم دور حسن ڪون ڳوڙهي، ڪيا هل چه هوايان ٽؤنٽي؟‘

- جنهن تي مون کي شاباس چيائين، ۽ مڃيائين ته تون هينئر اسان کان وڌيڪ سهڻي معنيٰ ٿو ڪرين“.

لعل بخش خان لفظ ۽ معنيٰ تي عاشق هو. ڪچهريءَ ۾ ويندو هو ته هر ڳالهه ۽ هر نقطي کي پروڙي، پوءِ پنهنجو رايو ڏيندو هو. سندس سهڻي سمجهه سببان ڪيترائي خاندان سندس دوست بڻجي پيا.

اسماعيل فقير ڳاهوٽي، ”ٻاروچي باغ“ جو هڪ سالڪ شخص هو. هڪ دفعي هو ڳوٺ جعفر خان لغاري لڳ، داراب فقير آرارين وٽ اچي مهمان ٿيو. بغدي وٽ داراب فقير جو نار هو، جتي اسماعيل فقير ٽڪيل هو. لعل بخش خان به ساڻس ڪچهري ڪرڻ ويو. چيائين ته ”انهيءَ وقت منهنجو خليفي نبي بخش صاحب جو جوڙيل ’سسئي‘ تي پورو شوق هو، ۽ صفت ۾ به ڀرپور هوس. شاهه صاحب جي قول موجب ته ’احدؤن جا اڳي هئي، سوڌي سا صفت‘. – آءٌ صفت ڏي پيو وڃان، پر اسماعيل فقير چوي پيو ته ’صفت به چڱي آهي، پر حق جي طرف وڃڻ چڱو آهي‘. مون خليفي صاحب جي ڪتاب ’سسئي پنهون‘ مان هي بيت شاهديءَ طور پڙهيو:

”اول پوکيم صدر شجرا مجازي،

تڏان دلڙي نوازي عشق بازي،

ڪنون پاڻي جدا وه پاڙ جنهين دي،

اصل هي خون جگر دا خورش تنهين دي،

جيڪو اول الف – بي – تي نه پڙهسي،

ڪيوين ثابت قرآن در سيني ڌرسي؟

- مگر تنهن هوندي به، فقير ٻيو طرف وٺيو پيو اچي. تمام گهڻو وقت اسان جي گفتگو هلي، جنهن تي نيٺ فقير هيٺيون نقل کنيو:

’هڪڙو قاضي ويچارو ويٺو هو مسجد ۾، پوءِ هڪڙو جلالي قلندر به اچي مسجد ۾ ويٺو. قاضي جڏهن جلاليءَ کان خبر چار وٺڻ لڳو، تڏهن جلالي لڳو مسجد ۾ کانگهارا اڇلڻ. تنهن تي قاضيءَ چيس ته ”هيءَ جاءِ پاڪ آهي، هتي پِڪون نه ڇڏ“. جلاليءَ چيو ته ”پِڪ حلال نهين؟ - پِڪ سي کلام الله کا ورق نهين اَلڻاتا؟“ قاضيءَ خيال ڪيو ته اهو ته صرف لب سان ورق اٿلائبو، پر هيءُ ته ويٺو جهرڪي مار کانگهارا اُڇلي! پر، سمجهائين ته هيءُ جلالي آهي ۽ وڙهندي به ويرم نه ڪندو، سو وڃي ڪنهن ڀر واري اوتاري مان هڪ ٻيو جلالي، سندس مقابلي لاءِ وٺي آيو. ويٺل، جلالي سمجهي ويو ته قاضي منهنجي مقابلي لاءِ هاڻي ڪنهن ٻئي کي وٺي آيو آهي، تنهنڪري هو اڃا اندر گهڙيائي مس ته هن آڏو سوال پڇيو:

ويٺل جلالي:”آسمان پليد هووي تو کيسي پاک هووي؟“

آيل جلالي: ”هان! مرغي کي دوده سي.“

ويٺل جلالي: ”نهين! مرغي کو دوده کهان هي؟“

آيل جلالي: ”مرغي کو دوده نهين هوتا، تو آسمان بهي پليد نهين هوتا!“

ويٺل جلالي: ”تم جلالي هو؟“

آيل جلالي: ”هان، هم جلالي هي.“

ويٺل جلالي: ”هم ني بهي سمجها که همين کوئي جلالي ملا هي.“

آيل جلالي: ”تم بهي جلالي، هم بهي جلالي: چهوڙو قاضي کا کنارا، چلو اپني مکان پر!“

”اهو نقل پورو ڪري، فقير چيو ته ’سائين، توسان به ڪو جلالي پهچي، باقي اسان جي ته بات ڪانهي!‘ اتي مون وجود ۾ ٽٻي هنئي: مون کي خليفي غلام نبي صاحب لغاريءَ جي هڪ ڪافي ياد آئي –

”دل ڪعبو دلبر سندو، ديدار من ۾ مدام هو،

جان ۾ آ جانڻ يار، جاني يار جدا نه هو،

عرش اعظم قلب مومن، خود خدا فرمائيو،

عشق جنهن کي دمبدم، دل پنهنجي ۾ دوام هو.

- اتي مون خيال ڪري چيو ته ’سائين‘ جلالي ٻئي حق چئي ويا آهن‘. اسماعيل فقير چيو، ’ابا‘ ڀلا اسان کي انهيءَ جي مراد ٻڌاءِ.‘ مون چيو ’سائين‘ هڪڙي چيو ته ”آسمان پليت ٿئي ته ڇاسان پاڪ ٿئي“. ٻئي چيو ته ”ڪڪڙ جي کير سان“ – بس چيو به ٻنهي ايترو آهي يا وڌيڪ؟‘ اسماعيل فقير چيو، ’بس جو ايترو‘. مون چيو، ’سائين، معنوي لحاظ سان عرش عظيم برابر مومن جي قلب ۾ آهي، يا رڳي ڳالهه آهي؟‘ اسماعيل فقير چيو، ’سائين، ڳالهه سچي آهي‘. مون چيو، ’بس! پوءِ اهو آسمان جو اسان ڏسون ٿا، جلالين انهيءَ جي ڳالهه نه ڪئي آهي، پر انهيءَ عرش جي، جو مومن جي دل ۾ آهي. سوال آهي ته اهو مومن جي قلب وارو عرش جي ناپاڪ ٿئي، ته پوءِ ڪيئن پاڪ ٿئي: جلاليءَ چيو ته ڪڪڙ جي کير سان. هاڻي اهو عرش پليت ٿيندو آهي اسان جي هوڏ ۽ هستيءَ کان، ۽ سندس ”آءٌ“ واري خيال کان: جئن ته ڪڪڙ کي کير آهي ئي ”ڪين“ پوءِ جڏهن اها ”ڪين“ پنهنجي دل تي آڻيندو، تڏهن ماڻهو سمجهندو ته ”آءٌ ته آهيان ئي ڪين“. پوءِ هو هر ڪنهن کان معافي وٺندو. جنهن تي هن جي هستي نڪري ويندي ۽ اهو سندس دل وارو عرش پاڪ ٿي ويندو‘. اسماعيل فقير اهو ٻڌي چيو ته ’شاباس هجي تنهنجي استاد کي، تو اها پوري مراد ڪٿي آهي‘. مون چيو ته ’منهنجي ايتري لياقت انهيءَ ڪري هئي جو مون پير صاحب حزب الله شاهه کان ذڪر ورتو هو، جنهنڪري دل ۾ ايتري ته طاقت هوندي هئي، جو ڪڏهين به خيال نه ٿيندو هو ته ڪو منجهي پوندس‘.“

خليفي نبي بخش خان لغاري جي جوڙيل ”سسئي پنهون“ تي لعل بخش خان کي پورو شوق هوندو هو. گهڻو ڪري سڄو ڪتاب بر زبان ياد هوس؛ نه فقط لفظ ياد هئس، بلڪ انهن جي معنيٰ کان به بخوبي واقف هو.

غازي خان هيسباڻي بلوچ، سنجهوري تعلقي ۾، تپي ڊٺڙي تي سپروائيزنگ تپيدار هو. هو صاحب پارسي مان واقف هو ۽ لعل بخش خان سان سندس خاص محبت هوندي هئي. سندن رهاڻ هن طرح شروع ٿيندي هئي جو غازي خان پارسي جي بيتن مان مثال آڻيندو هو ته لعل بخش خان وري ساڳي شاهدي ”سسئي پنهون“ مان ڏيندو هو. انهيءَ گفتگو کان سواءِ، ٻيون به سندن پاڻ ۾ چڪريون هونديون هيون. هڪ دفعي، سيد شفيع محمد شاهه متهلي وارو رستي تي مرمت لاءِ آيل هو ۽ غازي خان به ساڻس گڏ هو. شاهه صاحب، لعل بخش خان کي تمام گهڻي قدر ڀائيندو هو ۽ سندس رهاڻ جو شائق هو؛ تنهنڪري ڏانهس ماڻهو موڪليائين. رستي تي ڪم پئي هليو، ۽ رستي جي ڀر تي پوکايل ٻٻرن جي ڇانو ۾ ڪچهري لڳي پئي هئي جو غازي خان چيو: ”لعل بخش خان پهاڪو ٻڌو اٿئي ته ’وڻ ٻاٻرو، کر ماڻهو، شل نه هجي اوڙي نه پاڙي‘“

لعل بخش خان: هائو سائين.

غازي خان: ڪڏهن کان؟

لعل بخش خان: آءٌ ٻار هوس، تڏهين کان ٻڌندو آيو آهيان.

غازي خان: پوءِ هتي ٻاٻري وڻ جو ڇو ايترو مان ٿي ويو آهي؟

لعل بخش خان: ڇاڪاڻ جو حاڪم جو اچي مٿس راز ٿيو آهي.

شفيع محمد شاهه: حاڪم جو ايترو راز ڪو نه اٿس، پر هيءُ هڪ ڪم جو وڻ آهي – پن، پلڙو، ٽاري ۽ نيٺ آخر هن جا اڱر به ڪتب اچن.

اتي لعل بخش خان، غازي خان ڏي نهاريو. جنهن تي ٻاهرينءَ طرح هائو ڪيائين ۽ اشاري سان چيائين ته ’سبب اڃا ئي ڪو ٻيو آهي.‘

لعل بخش خان چيو ته ”آءٌ ان ڏينهن وري ڳوٺ آيس. نماز ويٺي پڙهيم جو هي خيال آيو ته ’فلاڻي ماڻهو جي ايتري ڳالهه ٿا ڪن، ليڪن بغير لچائيءَ جي ٻيو ڪو به افعال ڪو نه اٿس‘. اتي غازي خان جي ڏنل ڳجهارت به ياد اچي ويئي، ۽ سمجهيم ته ٻاٻري وڻ به تڏهن زور ورتو آهي، جڏهين سندس سنگتي ’کر ماڻهو‘ زور ورتو آهي. اها ڳالهه سال کن کان پوءِ مون غازي خان کي ٻڌائي، جنهن چيو ته ’اهو عقلي دليل بيشڪ پورو آهي‘.“

چڱن سان واقفيت:

پير حسين بخش ڊٺڙو. لعل بخش خان هڪ غريب شخص هو، پر پنهنجي لياقت سببان خاندانن ۽ چڱن سان سندس واقفيت هئي. پير حسن بخش ڊٺڙي وارو، پنهنجي وقت جو بيٺل شخص هو ۽ ان کان سواءِ هڪ عاشق شاعر هو. لعل بخش خان چيو ته ”منهنجي پهرين واقفيت پير صاحب ميان حسن بخش سان ٿي، جو ڄڻ منهنجو استاد به هو ۽ مون سان سندس ايتريقدر پياس هئي جو هڪ دفعي پوئين پهر جيئن مون ٻنيءَ ۾ جهنگ بيٺي وڍيو، تيئن ڏسان ته پير صاحب سندس ماڻهوءَ جڙئي ڀٽي مستاني سان گڏ پيرين پيادو پيو اچي. آءٌ وڌي وڃي ساڻس گڏيس، ۽ پڇيومانس ته ’سائين! ڪيئن اوچتا پيرين پيادا نڪري پيا آهيو؟‘ جنهن تي چيائين ته ’ادا، اڄ دل ٿي ته وڃي يار کي ڏسي اچان‘.“

سيد مقيم شاهه. سيد مقيم شاهه، سيد ميان شفيع محمد شاهه متهلي واري جو وڏو ڀاءُ هو. وڏو معظم زميندار ۽ بنيادي طور خاندان هو. لعل بخش خان چيو ته ”منهنجي ملاقات ساڻس هن طرح ٿي. جو عيد جي ڏينهن آءٌ سيد جي ڳوٺ ملاکڙو ڏسڻ ويس. وڃان ته ڪچهري لڳي پيئي آهي، سيد به ويٺو آهي، ۽ پانڌي ميراڻي ويٺو ڪافي چوي:

ڀولي ڪنهن ڀلائي اون، اسان رنگپور ويکڻ آئي اون!

مون ڏٺو ته ڪافي غلط ويٺو چوي. پانڌي ميراڻي مون کي اڳيئي سڃاڻندو هو. جڏهن ڪافي چئي بس ڪيائين، تڏهن مون چيومانس ته ’ادا پانڌي! ڪافي صحيح هيئن ٿيندي ته

ڀولي ڪنهن نه ڀلائي اون، اسان رنگپور ويکڻ آئي اون!

”اتي سيد پڇيو ته ’هي مڙس ڪير آهي؟‘ پانڌيءَ سڃاڻپ ڪرائي، ۽ چيائين ته ’لغاري آهي، گفتگو جو ڄاڻو آهي، ۽ ڪافيون به چوندو آهي‘. اتي شاهه مون کي ڪافين لاءِ چيو. مون کي به ڪافين جو شوق هو، ۽ بنا سازن جي مون جهڙيون ڪافيون به ڪنهن ڇڊيون چيون. سيد مقيم شاهه منهنجون ڪافيون ٻڌي، ڄڻ مون تي عاشق ٿي پيو. ملاکڙي تي به مون کي پنهنجي کٽ جي ڀرسان وهاريائين، ۽ پڇاڙيءَ تائين ملهن جي دريافت مون کان رايو پڇي پئي ڪيائين. موڪلاڻيءَ وقت چيائين ته ’تون ٽڪي پئه‘. مون معافي گهري، جنهن تي چيائين ته ’چڱو منهنجي دعوت اٿيئي، ڪڏهن ٿي وڃجانءِ‘. ٻيءَ عيد تي آءٌ وري ويس. جيتوڻيڪ تمام سخت بيماري ڪاٽي هئائين، ۽ اڃا ٻاهر نڪري نٿي سگهيو، تڏهن به منهنجو ٻڌي پاڻ ٻاهر نڪري آيو، ۽ مون کي چيائين ته ’ادا، آءٌ ڪو نه نڪران ها، پر تنهنجو ٻڌي هنن ٻن لٺين جي آڌار تي رڙهي آيو آهيان‘. ان بعد، مون کي هميشہ لاءِ دعوت ڏنائين، ۽ اسان جي پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي. اهو دوستيءَ جو ناتو پڇاڙيءَ سوڌو، ويندي سيد شفيع محمد شاهه جي وفات تائين، هلنديو آيو“.

رئيس فقير بخش ڪاڇي. فقير بخش ڪاڇيءَ جو رستو سيد شفيع محمد شاهه سان هو. اتي سندس واقفيت لعل بخش خان سان ٿي، ۽ سندس ڳالهين تي ڄڻ عاشق ٿي پيو. ويندي پڇاڙيءَ تائين، جڏهن به رئيس فقير بخش، سيد شفيع محمد شاهه وٽ ايندو هو، ته بروقت لعل بخش خان ڏانهن ماڻهو موڪليندا هئا، ۽ جيترو وقت به رئيس فقير بخش مهمان هوندو هو، اوترو وقت لعل بخش خان کي به پاڻ وٽ رهائي ڇڏيندا هئا. مطلب ته لعل بخش خان جي ذهني لياقت ۽ سهڻيءَ گفتگو سببان هر چڱو ماڻهو کيس عزت ڏيندو هو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه راشدي (ڳوٺ پير صاحب پارو) پير علي مدد شاهه راڻيپور وارو ۽ ٻيا چڱا ۽ سکر سندس قدر دان هئا.

شعر.

اصل پوکيم صدر شجره مجازي، تڏان دلڙي نوازي عشق بازي،

ڪنون پاڻي جدا وه پاڙ جنهن دي، اصل هي خون جگر دا خورش تنهن دي،

اول جيڪو الف – بي – تي نه پڙهسي، ڪيوين ثابت قرآن در سيني ڌر سي.

مجازي مستيءَ ۽ موج ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين، جو ڪافي پختو آهي. سندس آڏو ڪا صورت هئي ته سندس مرشد، پير صاحب حزب الله شاهه جي هئي، جنهن کيس ڄڻ چريو ڪري ڇڏيو. پهريائين پهريائين هيءَ ڪافي چيائين:

ماڻين تيڏي مُٺي هون وو مٺي هون،

اَلا جانب ڪر نه جدائي!

چشمان چاڪي ول چاڪ چُڀيندئين، گهورين تيڏين گهٽُيي هو،

وو گھٽيي هون، اَلا ........

سُهمان ڏي ڪي يار سَهيندئين، لوڏ جو تَيڏي لُٽيي هون،

وو لُٽيي هون، اَلا ........

پير چڱي چاتل ٽور جو ٽردئين، ڪاوڙ تيڏي ڪُٺي هون،

وو ڪُٺي هون، اَلا ........

”لعلڻ“ لاهين نه دل تون وو دلبر، توڙي جاني جُٺي هون،

وو جُٺي هون، اَلا ........

پير صاحب ”اصغر“ بادشاهه جي ڪافي هئي:

ڏاڍا عشق ڪلور ڪرايا تو!

مير محمّد مصطفيٰ جان، ڏاڍا ڏند ڏُکايا تو.

شيخ صنعان کي مجوسين جا، سوين سوئر چَرايا تو.

هڪ ٻئي هٿون پٽ جابر جا، ٻڪري وانگي ڪُهايا تو.

انهيءَ جي ڀرسان لعل بخش خان هيءَ ڪافي چئي:

ڏاڍا ناز ڪري نينهن لايو تو!

مهدي ٿي تون مڪي آئين،

حڪم حق جو هلايو تو.

يوسف ۾ ڪا رمز رکي تو،

ٿي مالڪ ملهه چڪايو تو.

ڪهڪ ديوار ۾ قدرت ڪئي تو،

سڪندر کي وو لڪايو تو.

لطف ٿورا لکين تنهنجا،

هٿ پنهنجي سان هلايو تو.

سليمان شاهه جي هڪ ڪافيءَ جو ٿلهه هو:

”بنا لشڪر خزاني جي، ٿيڻ سلطان مشڪل هي.“

انهيءَ جي ڀران وري پير حسن بخش صاحب ڪافي ٺاهي ته

”گهڙي منجهه عشق جي دريا هلڻ هن پار مشڪل هي“

رانجهو نالي ماڇي ڪافيون چوندو هو، تنهن هڪڙي ڏينهن بلندي ماڇيءَ جي هڪ ڪافي اچي لعل بخش خان کي ٻڌائي، جنهن جو ٿلهه هو:

”عليءَ جي دين مان نڪري، وڃڻ هندڪار مشڪل هي“-

ڪافي ٻڌي، لعل بخش خان چيس ”عليءَ جي دين مان نڪري هندڪار ۾ وڃڻ ڪهڙو مشڪل آهي؟ ڪيترا مسلمان آهن جي خراب ٿي وڃي مرتد ٿيا آهن، انهن کي مشڪل ڪهڙي آڏو آئي؟ هندو بڻجڻ آهي ڌوتيو ٻڌڻ ۽ تلڪ لڳائڻ. تنهنڪري، هيءَ ڪافي ته اجايو شينهن جي پويان ڦيڪاري مثل آهي. ڪٿي سيد سليمان شاهه ۽ پير حسين بخش جون ڪافيون، ۽ ڪٿي هي اجايو بيان!“ انهيءَ تي رانجهي ماڇيءَ چيو ته ”رئيس، پر تون ته اهڙي ڪافي ٺاهي ڏيکار!“ انهيءَ تي لعل بخش خان اتي جو اتي چيو ته

”ڇڏ حلواڻ ڦَر هيڏا، کائڻ ڪتي ڪاري مشڪل هَئي!“

۽ ماڇيءَ کي چيائين ته ”هي سچ پچ هڪ مشڪل ڪم آهي“. جنهن تي رانجهي وري چيو ته ”رئيس ڪافي سڄي ته ڪر!“ جنهن تي لعل بخش خان رات جو وڃي هيءَ ڪافي ٺاهي، جا صبوح جو رانجهي کي ٻڌايائين؛ پر اصلوڪي ٿلهه ۾ ترميم ڪيائين:

ڪاهي ڪيهر جهلي ڪنڌ مان ڪرڻ سنگسار مشڪل هي!

مرون مالگر وتن مارا، خوني خوقي آهن ڪي ڪي،

لائي ڪاتي، لڪي لوڪؤن، ڪهڻ ڪنڌرا مشڪل هي.

لنڊيون لک نانگ ڪو راڙون وتن اڙلون آفتون ڪي ڪي،

پڙهڻ افسون اڳي تن کي وٺڻ هڪوار مشڪل هَي.

جنگي جر ۾ سوين سيسر، واڳون ويڙها وتن ڪي ڪي،

وٺڻ هٿ سان، وڃڻ ويجهو، مارڻ مردار مشڪل هَي.

جتي سودو آهي سر جو اتي ايندا مرد ڪي ڪي،

لاهي ”لعلڻ“ سانگو سر جو سٽڻ سر يار مشڪل هَي.

(هيءَ ڪافي لکائيندي لعل بخش خان چيو ته اهو سڀ اندر جي بلائن وهمن ۽ وسوسن جو بيان آهي: اهو خوني خوقي مرون نفس اماره آهي، جنهن کي پنهنجي منهن، بنا دانهن ڪڍڻ جي مارڻ به مردن جو ڪم آهي، ۽ نفس اماره اهڙي بڇڙي بلا آهي جنهن جي باري ۾ چيل آهي ته

مکن نفس اماره را پيروي، که ناگہ گرفتار دوزخ شوي“)

حمل فقير لغاري جي ٽيهه – اکري مجازي رنگ ۾ چيل هئي.

الف – آ اوري سهڻا يار جاني، ڳل لڳ ڪرون مٺيان ڳالهيان جي،

تيڏي ٻاجهه آرام حرام هويا، تيڏي مار وڇوڙي ته ڳاليان جي،

اوڙا پاڙا جيڪو مهڻا ڏيندا، تنهن ڪون ڏي آ يار ڏِکاليان جي،

هڪ ويري هس نال ”حمل“ دي، ته ڌوتيان سڙ ٿيون سڀ ڪاليان جي.

انهيءَ ٽيهه – اکري جا ’خ‘ تائين بيت لعل بخش خان کي ياد هئا. انهن بيتن جي ڀران ’ت‘ تائين هيٺان ٽي بيت ٺاهي وڃي پير حسن بخش کي ٻڌايائين، جنهن آفرين ڏنس ۽ چيائينس ته ”ادا لعل بخش! شعر نه ٺاهه، ڇاڪاڻ ته شاعر کي هڪ نه ٻي تنگي ڇڏيندي ڪانه: يا اولاد جي يا مال جي – پر تنگي ڪا نه ڪا ضرور هوندس“. پير صاحب جي انهيءَ چوڻ موجب بيت چوڻ ڇڏي ڏنائين.

الف- لڳ سڻ آه ڪران، سڻ سڏ ٿيون گڏ گلزار ميان،

حد هجر دي ڇوڙ وک وڌ آوين، ويکان روز تيڏا رخسار ميان،

مشتاقان تون منهن موڙ مهربان! جدا ٿيون نه دم ڪو ڌار ميان،

لعلڻ ڪون هر وقت هميشہ هي تيڏي ديد ويکڻ دي درڪار ميان.

 

ب – بيڪس بيڪار ڪون ڏاڍي ڏک ڏتئي ڪر ڏات ميان،

دل ڦٽ فراق فاني ڪيتي، تيڏي قرب ڪٺي گهت ڪات ميان،

دوان ٻاجهون ديدا تيڏي، او بيمار پئي هي ڏينهن رات ميان،

ايڏا ظلم زابر تڏان ڪيتئي جڏا هيڻي ڏٺئي ضعيف ذات ميان.

 

ت- تاب تيڏي بيتاب ڪيتا، هن تاب تکي تلوار ميان،

دز دوڙ ڳئي بدخار بُري چغل چَٽ جيڪي چنڊيدار ميان،

هڪ سڪ اڳون سروپاه ٻڌي، ٻيا نوري گهت نچين نروار ميان،

محبوب اتي مشتاق ٿئي، جو حسن ٿيس هادي هروار ميان.

لعل بخش خان نهايت سگلو ۽ صفائيءَ وارو ۽ وقت جو وڏو پابند هو. تقريبا 78 ورهين جي ڄمار ۾، سن 1938ع جي سياري ۾، ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾، وفات ڪيائين ۽ پنهنجي ناناڻن جي ”مقام ماڻي خان لغاري“ ۾ مدفون ٿيو.

 

احمد خان”اختر“

 

مرحوم محمّد عرس ميمڻ

 

مرحوم محمد عرس ولد عبدالرحيم ميمڻ، تاريخ 2 ماه ربيع الاول 1328ع هجري، مطابق 21 مئي 1909ع، جمعي جي رات، سهماڻيءَ مهل، ڳوٺ بولا خان شورو (تعلقو حيدرآباد) ۾ تولد ٿيو. ڄمڻ بعد، ستين ڏينهن، سندس پڦيءَ کيس سندس والدين کان خدا ڪارڻ وٺي نپايو، جو کيس اولاد ڪو نه هو. محمد عرس جي والدين به کيس في سبيل الله ڏيڻ ۾ نه ڪيٻايو، ڇاڪاڻ ته مرحوم جي پڦي به ساڳئي اڱڻ تي رهندي هئي.

بلوغت کي پهچڻ تي کيس والدين شادي ڪرڻ لاءِ چيو، مگر مرحوم شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. کيس شاديءَ کان ايتريقدر ته نفرت رهندي هئي، جو جڏهين به ڪا مٽي مائٽي ايندي هئي، تڏهين پڇا ڪرڻ تي جواب ۾ چوندو هو ته ”اڄڪلهه جي شادي ڪرڻ کان ماڻهو بنا شاديءَ ئي بهتر آهي“! وڌيڪ پڇڻ تي يا ست ستاءُ ڪرڻ تي جواب اهو ڏيندو هو ته ”جيڪڏهن خدا پاڪ جل شانہ جي حڪمن ڏانهن نظر ٿي ڪجي ته شادي به فرض اولين آهي؛ مگر اڄڪلهه جي ڇوڪرين ڏي ٿي نظر ڪجي ته شاديءَ تان ئي ارواح پلجي وڃي ٿو!“

مرحوم جي دل ۾ شاعريءَ ڏانهن قلبي لاڙو ڪافي هوندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ بلڪل اڻپڙهيل هو، ته به سندس ڪافيون، بيت وغيره ڪافي تعداد ۾ تيار ڪيل آهن، جن مان ڪي مزاحيه نموني جا پڻ موجود آهن. جيئن ته سندس ڪلام قلمبند ڪين ٿي سگهيو، تنهنڪري جيڪي ڪجهه ڳوٺ جي ڪن ماڻهن کي ياد هو، سو هٿ ڪيو ويو آهي؛ باقي بلڪل ناياب ٿي ويو.

شاديءَ بنسبت سندس دلي خيالات:

الله جي آس ڪري، ٺاهيو مون آڌيءَ،

ته بابو بنهه زور ڪري، مون کي مٿي شاديءَ،

ڀڄي آءٌ بيزار ٿيان، ڪنان انهيءَ تعديءَ،

هن دنيا جي واديءَ، ”عرس“ اجهائيا ڪيترا.

 

”عرس“ اُجهائي ڪيترا، ڪيا سڀ نابود،

پوءِ ڀلا شادي ڪرڻ مان، آهي ڪهڙو سود،

ائين ئي آسود، رهي آدمي ٿو اتي.

 

شاديءَ سندي ڳالهه ٿو، چاڙهيان آءٌ چنگ،

پرڻجڻ کان پوءِ ٿئي، ماڳهين دنگ و دنگ،

پيءُ ڪڪ پٽ مان، سس نُنهن مان تنگ،

سنجهي صبح پاڻ ۾، لڳي رهي جنگ،

انصاف جو ڪو ”عرس“ ٿيو، ڪنهن وٽ ڪونهي ڍنگ،

سس ۽ ننهن جو پاڻ ۾، وڌيو وڃي زنگ،

گهر ۾ اچ ته جهڙيون ڄونڀيون، ڪڇڻ تي هڻن ڏنگ،

شاديءَ کان پوءِ گهر جو، ابتو ٿيو وڃي رنگ،

مڙس ته گهڻوئي اڙٻنگ، پر ڪنوار کي ڪيئن چوي!

 

ڪنوار به ٻَڌي ڪينرو، ته مئا لڏ هتان،

وٺي هل تون اوڏهين، آندو اٿئيم جتان،

ويهڻ ههڙي ويل ۾، مون کي وڻي ڪٿان،

”محمد عرس“ چئي مڙس مٿان، مچيو وڃي مامرو!

 

مڙد کڻي ڪيئن نه مامرو، جيڪي ٻَڌو جوءِ،

انگل ”عرس“ نٿو کڻي، ته لڄائي ٿو لوءِ،

هلي هار سينگار ڪري، پاڙي ۾ ٿي پوءِ،

هڪڙي ڳالهه گهَرجي، ته ڏهه ٻيون وجهي چوءِ،

ڀلا ان کان پوءِ، رهي ڪهڙي عزت اشراف جي!

 

اڄڪلهه جون ڇوڪريون، آهين ڇڪيليون،

مائٽن سانڍيون سي گهڻو، ڪري البيليون،

هلڻ هر هر پاڙي ۾، ڏسڻ سرتيون سهيليون،

وَسائين سي ڪيئن ڀلا، مڙدن جون حويليون،

پتنگ پتيليون، گهمن ”عرس“ گهر گهر ۾.

 

لڄ ڪهڙي لوٺين کي، هلن ڇڏي حيا،

اُرهه نه ڍڪين گهر ۾، هلن ٿي بيحيا،

ننگ نه سڃاڻن تن جو، جن جون آهين ويا،

پوءِ ڀلا مڙدن جي، عزت رکنديون ڇا،

سنجهي صبح موچڙي جو، پوندن پيو ٺڪا،

ان سان گڏ اوڇنگارن جا، هوندن ٻيا سڏڪا،

ڪاوڙجي جي مانيءَ تي، ته مڙس لاهي پٽڪا،

ڀلا اهڙي ڪا، ”عرس“ ڪندي گهر پنهنجو!

 

شاديءَ کان بابا ڪئي، بنهه آهيم بس،

دل ٿي چوي ڪينڪي، آهيان ٿيو بيوس،

اگر اُن کي خيال آهه، ته ڳوليو ٻيو گس،

شادي ڪرڻ ۾ ڀائرن کي، ڪا نه لڳندي ڪس،

پوءِ لوٽو ۽ تس، ايندن ”عرس“ مٿي تي.

 

”عرس“ کڻي هلندا اهي، پوءِ لوٽو ۽ تس،

درن تي ٻين جي وڃي، ڪندا وڏو وس،

انهن کي چوندا عاجزيءَ سان، ته آهيون ٿيا بيوس،

پرڻي کان پوءِ مائٽن سان، زال ڪرائيسون بس،

گهر گهنگهر ڳچيءَ ۾، ڇٽڻ جو ڏيو ڪو ڏس،

”عرس“ چوي آزيون ڪري، ڪڍندا وڃي گس،

لائي منهن تي مس، هلندا هڪجيڏن ۾!

 

اڄ جون آهن اور ٿيون، اهڙيون ئي ڇوريون،

مڃين ڪين مڙسن کي، نه ننگ ڳولين ندوريون،

گڏهن وانگر انهن تي، لڏجن رڳيون ٻوريون،

جي بنا ڪم کايو پيو، چاڙهين ٿيون ڍوريون،

گهر جي ڪمن ڪارين کان، رهن سدا ڪوريون،

پچائي پور مائٽن جا، وييون ٿي پوريون،

لهن نه ڪي ڪوريون، ”عرس“ رکان پوءِ آس ڪيئن!

 

شادي ڪندس هڪڙي، جا ڪرڻي آهي ضرور،

سنجهي صبح جنهن جو، پلپل پوي پور،

ڪنوار ته اٿم ڪونج سا، جا منهن نه مٽيندي مور،

ماءُ پيءُ کان پڻ ڪندي، مٿي مون مذڪور،

”عرس“ اڳيان عام جي، سا نه سليندي سور،

ڪڏهين ڪين پري ڪري، توڻي ٿئي جهور،

هن زماني جي شادي رڳي، آهي قسمت ساڻ ڪلور،

جهلي هوءَ ٿي جهوليءَ ۾، وڃي نه وهلور،

قابو ڪري ڪڇ ۾، ٻيءَ ڏانهن ڇڏي نه مور،

هوءَ پوڙهو يا ڳڀور، پر راضي رکي تنهن کي!

راضي رکي سا گهڻو، واپس ڪين ڇڏي،

نڪي وڃڻ پاڻ ٿي، ٻئي ڪنهن جي به تڏي،

نڪي مائٽن ڏي، ور کي وڃڻ ڏي،

لوڪ لڙهي لهوارو ٿئي، يا وڃي ڪيڏانهن لڏي،

ڪابه خبر مائٽن کي ڏيئي، نه گوندر منجهه گڏي،

هاڻ ”محمد عرس“ جڏي، جي پارت پوڙهِي هوءِ ڪَڻئِي!

شاديءَ کان شهيد ٿي، مرڻ چڱو آهه،

”عرس“ اسان جي دل ۾، آس شاديءَ جي ناهه،

سجهندي ڪڙهج ڪنوار لءِ، جا ماءُ تنهنجي آهه،

ڪلمي سندي قلب ۾، ريڙهيندو ڪر راهه،

خذمت ۾ ماءُ پيءُ جي، گهٽ ڪج ڪين گراهه،

توڻي سختيءَ ۾ سندءِ، سُڪي ٿئي سوڙهو ساهه،

اميد الله مان نه لاهه، جو ڏاتار آهي ڏيهن جو!

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته مرحوم ڪن دوستن سان گڏ اُٺ تي چڙهي ڳوٺ کان ٽکڙ (وسي ملوڪ شاهه) ناناڻن وڃي رهيو هو، ٻين جي اٺن کان سندس اُٺ اڃا جڙ هو، جنهنڪري مَيي جي مهار پنهنجي هڪ دوست جي حوالي ڪري، پاڻ ان جي پٺيان توڏو تڙيندو ويو. جڏهين ميين حاجي شاهه جي مقبري (گنجي ٽڪر جي ڇيڙي تي، سنڌو درياهه جي ڪپ سان لاڳو) کان مَٽي، لَيُن جي وچان بند تان ٺهيل رستي تي چريي واهه کان مَٽي اڳتي ويا، تڏهين اتي ٻهراڙيءَ جي هڪ حسين و جميل دوشيزه، درياهه تان پاڻي ڀري، ٻه دلا هڪ ٻئي جي مٿان مٿي تي رکي، هڪ دلو ڪڇ ۾ قابو ڪري، ڊيل وانگر ٽلندي، لين کي پاسي ڪندي، پنهنجي منهن واٽ وٺيو، پنهنجي ڀونگين ڏانهن وڃي رهي هئي. لين جي لڏڻ تي جو اوچتو اٺ جي نظر وڃي پيئي، سو ڇرڪ کائي وٺي ڀڳو. مرحوم کيس ڪافي روڪيو، پر ميَي نه مڃيس ۽ کڻي وڃي کامي ۾ ڪيرايائينس. سنگت وارن ويچارن گهڻيئي پٺيانس توڏا تڙيا، پر پهچڻ کان پروَس ٿي پري رهجي ويا. جڏهين مرحوم پنهنجيءَ منزل مقصود تي وڃي پهتو، تڏهين رواج موجب سندس عزيزن کانئس گَسان پنڌان خير سان اچي پهچڻ بابت احوال پڇيو. ان تي پاڻ کين ٻڌايائين ته

ڳوٺ ته خوش هئس گهڻو، پر ٿيس واٽ منجهه هلاک،

اٺ اچي مون گهٽيو، ٿيو حرامي تاک،

وس کان ويو وسلي، سليان ڪهڙي ساک،

ڏسي ڀونءِ تماک*، اُتي ڪيرايائين ”عرس“ کي.

 

جان وٺيو واٽ اچون، ته ٿيو لين منجهه لوڏو،

ڪرهو هو ڪؤنتيل، پر ڀڄي پيو ڪوڏو،

تنهن کي روڪيم تيز مان، پر تکو ٿيو توڏو،

ميو مڃي نه مهار کي، رهي نه روڏو،

ڀڳو وٺي بند تان، مڃي نه موڏو،

کسڪيس پير کامي ۾، وڃي گونري کوڙيو گوڏو،

”عرس“ اچي اوڏو، ويجهو بنهه وسيءَ کي.

اها حقيقت ٻڌي، سندس ٻن مامن – هر هڪ سيٺ موريو ۽ ربڏنو مرحوم – کانئس ورجائي پڇيو ته ’ابا کولي ٻڌاءِ‘. جنهن تي پاڻ وري به چيائين:

آياسين پئي واٽ وٺيو، ڪرها قطاري،

مٽي آياسين مقبرو، وڏيءَ ٻنڌ ڌاري،

ته ليَون لُڏيون اوچتو، جان نظر ڪريون نهاري،

ته نماڻي هڪ نار ڏٺي، اسان لَيُن ڌاري،

گهڙا ٻه جنهن مٿي ٿي، ۽ ٽيون ڪَڇ ۾ واري،

هلي آئي هرڻيءَ وانيگيان، ڳچ پيئي ڳاري،

اسان به ڏٺو ان ڏي، ته وڌائين ماري،

حسن تنهن هٺيليءَ جو، گهڻن کي گهاري،

توڏا تڙياسين تڪڙا، واڳون ئي واري،

ته من نماڻي نار سا، اسان ڏي نيهاري،

ماريو وڃي منڌ جا، کاڻي ٿي کاري،

چريو چڙهي اور تان، گهڙِي منجهه گهاري،

اٺ البيلا آئيا، پئي ته اوڳاري،

ڏسڻ سان ٺاري، ”عرس“ اسان کي ڇڏيئين!

هن بيت پوري ڪرڻ تي سندس مامي ربڏني کيس چيو ته شاهد ڏي؛ مرحوم ان تي هيٺيئنءَ طرح شاهد ٿو پيش ڪري:

ڏسي ڏيهه پرائو، تڙياسون توڏا،

پسي پريان اوچتو، لَيُن جا لوڏا،

ميا مڙيا ڪين، پر رسيا نه روڏا،

اچي ٿياسون اُنهيءَ، البِيليءَ اوڏا،

نار نه هئي، هڪ نور هو، چمڪن جيئن ڪوڏا،

حورون حيرت ۾ پون، پسي تنهن دوڏا،

”عرس“ نهاريم اوڏهين، تاسين گؤنري کوڙيا گوڏا،

آيم ڌڪ قهر جو، جو لٿم گوڏن تان ڇوڏا،

ٻيا شاهد ميا موڏا، جن هَرَڻن هت پڄائيو!

هڪ دفعي مرحوم محمد عرس ميلي ساجن سوائيءَ تان ٿي، ٻه اُٺ وٺي، پنجن ڏينهن بعد واپس وطن وريو هو. ڳوٺ پهچڻ تي کانئس سندس ننڍي ڀاءُ مرحوم محمد سومار ميلي جي، وهٽن جي مهانگائيءَ ۽ سهانگائيءَ وغيره جي حقيقت پڇي، جا هيٺينءَ طرح ساڻس ويهي بيان ڪيائين:

واه واه خوب لڳو هو، ميلو سوائي،

سنگت مان جيڪو ٽُٽو، ته ٿي ويو توائي،

مال گهڻو موجود هو، ڪمي نه هئي ڪائي،

وهٽن جي وڪري جي، وات نه ڪنهن وائي،

گوڏر گهڻا آئيا، جن ڪئي پڪائي،

هڪ مالڪ مهانگا گهڻو، ٻي وٽن وڏائي،

ڇڳو، چؤڳو، دوق، ڇٽ، جنهن قيمت چڪائي،

چوڏهن ويهون چؤ ڳولهي، ته مالڪ پَنج سؤ ٻُڌائي،

ڇڳو لهي ڇهه سؤ، ته ڌڻيءَ ٻارهن سؤ ٻولائي،

”عرس“ قيمت اُٺن جي، هئي وڌ ٿي اجائي،

ههڙي مهانگائي، ڪا نه ڏٺي سون ڪڏهين!

ڪو نه ڏٺو سون ڪڏهين، اهڙو مهانگو ميلو،

مالڪ تائي مُڇ کي، هلي البيلو،

ماڻيتو ٿئي ان ڪري، ته ٽري وڃي ويلو،

سوين سوداگر گڏجي، ٿي آيا سويلو،

اتر، اڀرندو، الهندو، ڪٺو ٿيو ڪاڇيلو،

”عرس“ اويلو، ڪو ئي آيو ڪو نه ٿي.

 

سوداگري پاڻ هئي، ڍڳن جي ته ڍري،

آيا جيڪي اوج ۾، سي واپس ويا وري،

ڪنهن کي قيمت ڪينڪي، پوري هئي ته سري،

”عرس“ بازر آڪري، اٺن جي هئي کري،

ڍڳن وارا ڳري، واپس ويا وطن ڏي.

 

ڍڳا به ڏاڍا ڍول هئا، سهڻا متارا،

ڳاڙها، اڇا، ڪمرا، ڌنئرا ۽ ڪارا،

مايا مٿن اڻ مئي، واه واه ڀٽارا،

هرڻين وانگر هليا ٿي، ڏيئي ڇال ڇلڪارا،

پسڻ آيا پڙ ۾، ننگر ۽ نارا،

پڇن ڪين پڇ کڻي، سوداگر سارا،

ڀلا ڀلا هئا ڍڳا، نالي ناميارا،

ٿري ڪڪڙي رنگ جا، سنڱن سونهارا،

گوڏيون ننڍيون جن جون، ڪن وهڻ سان وارا،

تعريف هڪ خدا جي، جنهن پيدا ڪيا پيارا،

نرمل نيارا، ”عرس“ عجب ڪيا چهچٽا!

جڏهين مرحوم کان سندس ڀاءُ پڇيو ته ’ادا‘، تو هي اٺ ڪيتري ۾ آندا آهن؟ تڏهين جواب ڏنائين:

پنج سؤ پنجاهه، نيش، ۽ ڇڳو ڇهن سون،

ميلي ۾ ان ملهه کان مٿي، مليون ٿي نوويهون روپين،

پر ڏٺم ڪنهن کي ڪين ڪي، جوڙي ايءَ اٺن،

سنگت سڀ ڀڄي ويئي، باقي آءٌ رهيس اُتن،

ڪاهي آيس ڪوڏ مان، منجهان گسن ۽ پنڌن،

قيمت ڪانهي ڪا گهڻي، اهڙن ئي ارڏن،

شل ڌڻين ساڻ بچن، ”عرس“ اليبلا اهي!

واحد جي وحدانيت بنسبت جيڪي مرحوم جو جوڙيل مواد ميسر ٿي سگهيو آهي، ان مان ڪي قدر هن هيٺ بيان ڪريان ٿو.

الله تنهنجي عنايتن جو، مالڪ ناهي مپ،

قادر پنهنجيءَ قدرت جو، ڪونهي ڪوئي ڪپ،

چوري نه سگهان چپ، ”عرس“ آءٌ ساراهه ۾.

 

آهين هڪ الله تون، مڙنئان مٿانئون،

سدا ڪرين سڀن تي، تون ئي ٿو ڇانئون،

واحد تنهنجي وڏائي، ڪهڙي ڳايان آئون،

”عرس“ جهڙي عاجز تي، تو ڪيون باري ڀلايون،

مالڪ مدايون، ميٽين مون مسڪين جيون.

 

پيارو پيغمبر ڪيُئي، مٿانهون مڙن،

جڳ سارا جنهن جي، جتي جيس نٿا سونهن،

برڪتن جو بحر سو، آهي ڏڍ ڏڏن،

آهن اميدون ”عرس“ کي، مهر سنديون به منجهن،

آهي جو آخرت ۾، وسيلو ولهن،

قادر سان ڪرمن، مدايون ميٽي سندم.

هڪ دفعي، سخت جهولي ۾ ٻن پهرن وقت مرحوم پنهنجي نار تي ليٽيو پيو هو؛ جهولي جي جهڙپ سبب وهندڙ پاڻيءَ مان ڇنڊون اڏامي اچي مرحوم تي ٿي پيون، جن کيس ڪافي فرحت بخشي: نار، آڏن، کيرن، کيڙين ۽ فصل وغيره تي پاڻ ان وقت هن طرح طبع آزمائي ڪئي اٿس:

نار ته آهي دلدار، جو جهولي سندي جهل،

ٿڌيون ڇنڊون جنهن جون، آهن جهولي – پَل،

ٻاهر نڪرڻ سان ٻَرن، ڳڀرن سندا ڳَل،

”عرس“ نه آهي ڪَل، ڪاريون ڪري ڪهڙيون!

 

وجهي رينگٽ نار جو، جان اندر ٿو جهور،

وڻي وه واه دل کي، ڪي ڪري ڪور،

رهي ڪئن تڪ تور، ”عرس“ اندر ۾ ان جي!

 

ڍڳا ڀلا ڍولڻا، آرڏا اُٺ وهن،

اکياڙيءَ سان ان ۾، ٺاهوڪا به ٺهن،

اهو مرڪ مين جو، نه ڳهلن جيئن ڳهن،

ڪريو ڪاهه ڪهن، ”عرس“ پچائين پوک کي.

 

پچائين جي پوک ٿا، جنهن تي ٿئي گذران،

کاڌي ري ڪو ڪونه ڪو، هلي سگهي انسان،

هاري ڪاهي هر ٿو، ڪٺو ڪري سامان،

نوڙت ۽ نياز جي، جنهن وٽ ڪمي ڪان،

ارڏن کي سڌو ڪري، واهيو خوب جوان،

”عرس“ اهو ارمان، ته سمجهه ڇڏي ڇو سڀي.

سمجهه ڇڏي ويا سڀيئي، پر ۾ ڪن نه پچار،

ڇا ڏيڻي ڇا وٺڻي، ناهي تات تنوار،

نڪي ڪن پڪيءَ تي، هڪل ۽ هاڪار،

پکي کائين پيا پٽي، سنگ سٽا چوڌار،

”عرس“ نه الڪو آهه ڪو، نه آڻين ٿا اختيار،

عقل انهن جي ۾ آهي اهو، ته ٿيندا انّ انبار،

آ هتي ايندا آ هت لءِ، لهار موچي ڪنڀار،

ڀري ڏين بسم الله ڪري، کوڙي ڌارو ڌار،

پر جي نه ٿي سنڀار، ته منهنجي ويندا ماڳهون.

 

آڏون، کيرا، کيڙيون، محنت ساڻ ٺهن،

ڪيڙون هڻي قرب مان، لوچي ٿا به لهن،

لنڊيون لتاڙين لاڏلا، رات ۽ ڏينهن ڳهن،

پورهئي سنديون پاڻ ۾، صلاحون سي ڪن،

آبٿُو آڻين جي، وَليو ٿا وَهسن،

گُڏون، رُنبون گوڏيا، قرب منجهان ٿا ڪن،

سيءَ واءَ ۾ سک نه ڪو، اچي عادتين،

پوکيءَ مٿي پريت مان، اٿيو اَسر وڃن،

ڀيل ڀراڙي لاءِ سي، ور ور ور ڏين،

پڪيءَ ۾ پوکون لُڻي، ڍير پسي وَهسن،

ٻنيون آڻي ٻار ۾، ٻارن سان ٻهڪن،

انّ ته ٿيندا اڻ مَيا، کوڙين تي تَڪَ ڪن،

کڻي خرار خوشيءَ مان، مانجهي ٿا مرڪن،

سڄيءَ ڪتيءَ جا سور سڀ، وسريو تن وڃن،

کڻي کرا خوب ٿا، وڃيو ڪارون ڪن،

هٽ تي چڙهي، هڪل ڪري، چون شاهوڪارن:

’ڀائي ليکو لاهيو، کثت سندو پئسن‘،

اڳتي سندي ڪار ٿا، اَهي ”عرس“ رکن،

ڏيو وِير ورن، قرضين سندي قرض کي.

مرحوم جي اها دائمي فطرت هئي جو هو وڏي اسر کان سجاڳ ٿيندو هو، ۽ اُٿي ٻنيءَ ٻاري تان ور – وانجهو ڪري، واپس اچي، پنهنجي بستري تي ويهندو هو، جتي ويهي مولود ۽ وارڙيون ڪافيون وغيره وڏي آواز چوندو هو. سندس تيار ڪيل ورڙين ڪافين مان هڪ ڪافي مثال طور پيش ڪريان ٿو.

 

سڄڻ لهه سارون، الا، جهولي جهوريم جهوپڙي!

ڪاهي ويا قهر ڪري، ڪيچي قطارون – الا!

اوها ٻاجهؤن، اي مٺا، ٻيو ڪير کڻي اُها رون – الا!

لئون لئون منجهه لڳي وييون، لالڻ تنهنجون لغارون – الا!

”عرس“ مارين اڳ جون، مُئيءَ کي ميارون – الا!

 

----------------


*  مرحوم لعل بخش خان لغاريءَ جي زباني، سندس وفات واري سال، جي حالات معلوم ٿيا سي قلمبند ڪيا ويا آهن. - مرتب

*  جنهن کامي ۾ اٺ وڃي ڪريو هو، اتي ڪنهن زماني ۾ تماڪ جي آبادي ٿيندي هئي؛ جنهنڪري ان ٽڪري کي اڄ تائين به ’تماڪ وارو ٽڪرو‘ ڪري سڏيندا آهن، جو ٽکڙ شهر کي ويجهو، سڏ کن پنڌ تي، اتر – الهندي طرف، کير ڊهي ڍنڍ ۾ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com