سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :20

 

علي نواز وفائي

مولانا عبيدالله سنڌي رحه

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جهڙي انقلابي، سياستدان، قرآن ۽ حديث جي عالم، تاريخ ۽ تصوف جي ماهر، شريعت ۽ طريقت جي جامع، فلسفيءَ، پاڪ دل صوفيءَ ۽ عارف بزرگ لاءِ ڇا لکجي ۽ هن جو ڪهڙيءَ زبان ۽ ڪهڙيءَ عبارت ۾ تعارف ڪرائجي!

نکته دان، نکته سنج، نکته شناس،

پاک دل، پاک ذات، پاک صفات.  -”حالي“

مولانا عبيدالله جن، 1857 واري بلوي کان ٿورو عرصو پوءِ، 12 تاريخ محرم الحرام سن 1289 هه مطابق 10 مارچ سن 1857ع ۾ خميس ڏينهن صبح جو ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ چيانواڻيءَ ۾، هڪ سک خاندان جي گهر ۾ پيدا ٿيا. مولانا جي پيءُ جو نالو رامسنگ، ڏاڏي جو نالو چسپتراءِ، ۽ سندس پڙڏاڏي جو نالو گلاب راءِ هو. سکن جي حڪومت جي دور ۾ گلاب راءِ پنهنجي ڳوٺ جو مختيارڪار هو. سندس خاندان جو اصلي پيشو سونارڪو هو، پر ڪنهن وقت کان هڪ حصو سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳي ويو، ۽ انهن ۾ ڪيترا شاهوڪار وياج تي پيسو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. مولانا جو والد، مولانا جي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ئي وفات ڪري ويو هو؛ ٻن سالن کان پوءِ سندس ڏاڏو به گذاري ويو؛ نيٺ مولانا جي والده پنهنجي يتيم ٻارڙن سميت پيڪي گهر اچي رهي.

مولانا جو مامو ڄامپور ضلعي ديري غازيخان ۾ تپيدار هو، مولانا سن 1878ع ۾ ڄامپور جي هڪ اردو مڊل اسڪول ۾ تعليم وٺڻ شروع ڪئي. سن 1884 ۾ اسڪول جي هڪ آريه سماجي شاگرد وٽ مولانا صاحب ”تحفةالهند“ ۽ شاهه اسماعيل شهيد جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ ڏٺو: مولانا جن ڪتابن ڏسڻ سان انهن جي مطالعي ۾ محو ٿي ويا ۽ کين اسلام جي صداقت تي يقين ٿي ويو.

سن 1887ع ۾ جڏهين مولانا ستين درجي ۾ پڙهندا هئا، تڏهين مسلمان ٿيڻ جي شوق ۾ پنهنجي گهر کان هميشہ لاءِ ڌار ٿي ويا، ۽ ”تحفةالهند“ جي مصنف جو نالو ”عبيدالله“ پاڻ تي رکيائون.

سنڌ ۾ پهريائين جناب حضرت حافظ محمد صديق رح ڀرچونڊي وارن بزرگن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. حافظ صاحب جن پنهنجي دور ۾ مذهب جي لحاظ سان ڏاڍا مشهور معروف هئا. مولانا تي حافظ صاحب جن جي صحبت جو وڏو اثر ٿيو. مولانا صاحب جن 1910 ۾ پير جهنڊي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو کوليو، جنهن جا پاڻ ناظم ۽ نگران هئا ۽ پڻ بطور معلم پڙهائيندا رهيا. حضرت موصوف هڪ ڏينهن ڀريءَ مجلس ۾ مولانا متعلق فرمايو ته ”عبيدالله، الله ڪارڻ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ مذهب ڇڏيو آهي- هاڻي اسان هن جا ديني ماءُ پيءُ آهيون“. مولانا جي دل تي انهن لفظن ڏاڍو اثر ڪيو، ۽ پاڻ به حضرت حافظ جن کي پنهنجو ديني پيءُ ڪري سمجهيائون. انهيءَ سبب ڪري، سنڌ کي مستقل طرح پنهنجو وطن سمجهيائون. مولانا جن قادري ۽ راشدي طريقن جي بيعت حضرت حافظ جن وٽ ڪئي. چئن پنجن مهينن کان پوءِ جڏهين مولانا جن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اتان روانا ٿيا، تڏهين حافظ صاحب جن دعا فرمائي ته ’خدا ڪري ته عبيدالله جو ڪنهن راسخ عالم سان لاڳاپو پيدا ٿئي!‘ چنانچه اها دعا قبول ٿي، ۽ الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان مولانا کي حضرت شيخ الهند جي خدمت ۾ پهچايو.

شوال سن 1308هه ۾ مولانا جن حضرت ابوالحسن تاج محمود صاحب وٽ امروٽ ۾ ويا. ان وقت بزرگ امروٽيءَ خيال ڪيو ته مولانا جي شادي ڪرائجي، سو کين سکر ۾ اسلاميه اسڪول جي مولوي ماستر محمد عظيم خان يوسف زئي جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائون. مولانا جي والده کي به ان وقت گهرايو ويو. ان کان پوءِ سندن والده ساڻن گڏ رهي، ۽ پنهنجي اصلي سک مذهب تي محڪم هئي. حضرت امروٽي، مولانا جي مطالعي خاطر تمام وڏو ۽ ناياب ڪتبخانو گڏ ڪيو. سن 1315 هه تائين مولانا جن نهايت ئي اطمينان سان مطالعو ڪندا رهيا، ۽ حضرت جن مولانا کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا.

ڳوٺ پير جهنڊي ضلعي حيدرآباد ۾ راشدي طريقي جي پير صاحبن وٽ ديني علم جو بينظير ڪتبخانو هو. مولانا جن دوران مطالعي ۾ ڳوٺ پير جهنڊي واري پير صاحب ڏانهن به تمام گهڻو ايندا ويندا هئا. مولانا جي مطالعي جي اضافي ۾ ڪتبخاني جو وڏو دخل هو، ان سان گڏ حضرت مولانا جن پير رشيدالدين صاحب جي صحبت مان به مستفيد ٿيا، ۽ ذڪر ”اسماءَ الحسنيٰ“ به انهن کان سکيا. هي بزرگ دعوت توحيد ۽ جهاد جو هڪ مجدد هو. حضرت مولانا جن پير ابوالتراب رشدالله صاحب العلم الرابع سان به علمي صحبتون ڪيون. هو صاحب علم حديث جو وڏو عالم ۽ صاحب تصنيف هو. ان کان سواءِ، قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحب سان به علمي باري ۾ روح- رهاڻيون ڪيائون. قرآن شريف، حديث ۽ فقہ جي تحقيق ۾، حضرت مولانا محمد قاسم صاحب رحه ديوبنديءَ کان ويندي امام شاهه ولي الله رحه دهلويءَ تائين جيڪي به وچ ۾ عالم ٿي گذريا، تن کي مولانا صاحب پنهنجو امام تسليم ڪيو.

مولانا صاحب جن 1914ع ۾ دهليءَ ويا، جتي پاڻ ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان سان گڏجي، ترڪيءَ کي بچائڻ ۽ هندستان کي آزاد ڪرڻ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائون. سن 1333هه مطابق سن 1915ع ۾، حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم موجب، مولانا جن ڪابل ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ کين اتان جو ڪو به مفصل پروگرام ڪونه ٻڌايو ويو هو. مولانا جن دهليءَ جي سياسي جماعت کي پڻ ٻڌائي ڇڏيو هو ته مان ڪابل وڃڻ وارو آهيان. انهن مولانا کي هندستان جو نمائندو ڪري موڪليو. ڪابل پهچڻ شرط مولانا کي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند رحه جنهن جماعت جو نمائندو هو، ان جي پنجاهه سالن جي محنت جو حاصل سندس اڳيان غير منظم شڪل ۾ حڪم مڃڻ لاءِ موجود ۽ تيار هو. انهيءَ راز معلوم ڪرڻ بعد، پنهنجي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند طرفان سندن انتخاب تي ويتر کين خوشي ٿي.

مولانا صاحب جن ست سال ساندهه ڪابل جي حڪومت ۾ شريڪ ٿي هندستان جي سياسي جماعتن سان انقلابي ڪم ڪندا رهيا. سن 1916ع ۾ امير حبيب الله خان کين هندستان جي سياسي جماعتن سان ملي ڪري ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. امير حبيب الله جي چوڻ موجب، مولانا صاحب انڊين نيشنل ڪانگريس سان رابطو پيدا ڪيو. جيئن ته مولانا صاحب جن تي ڪابل اچڻ کان اڳ انگريزي حڪومت طرفان گرفتاريءَ جا حڪم جاري ٿيل هئا، تنهنڪري انگريزن ڪابل جي بادشاهه امير حبيب الله کان مولانا جي ٻانهن گهري، پر بادشاهه مولانا جن کي موٽائڻ کان انڪار ڪيو.

مولانا صاحب ڪابل ۾ رهي انگريزن کي هندستان مان تڙي ڪڍڻ جو عملي تجويزون سٽيندو رهيو. امير امان الله جي هندستان تي حملي ۽ ان کان پوءِ صلح ٿيڻ بعد، مولانا جن ماسڪو ويا ۽ پنهنجي نوجوان رفيقن جي مدد سان اتي سوشلزم جو باقاعدي مطالعو ڪيائون. روس جي حڪومت مولانا کي پنهنجو معزز مهمان ڪري ڄاتو، ۽ کين مطالعو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي سهوليت ڪري ڏنائون: انهيءَ مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو، جو مولانا جن پنهنجي مذهبي تحريڪ (جا امام شاهه ولي الله دهلويءَ جي فلسفي تي مبني آهي) کي هن زماني جي لادينيءَ جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ تدبيرن سوچن ۾ ڪامياب ٿيا.

سن 1924ع ۾ مولانا جن انگورا ويا. ترڪيءَ جي سفير ۽ ماسڪو جي وزارت خارجه- ٻنهي گڏجي مولانا لاءِ سفر جو رستو آسان ڪري ڏنو. برطانوي جاسوسن کي انهيءَ راز جي بلڪل خبر ڪانه هئي. مولانا جن ساندهه ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهي، تحريڪ اتحاد اسلاميءَ جو تاريخي مطالعو ڪيو.

حضرت مولانا يورپ مان ٿيندا مڪہ معظمہ پهتا، ۽ ساندهه ٻارهن سال مڪہ معظمہ ۾ رهيا؛ پر حڪومت سان سندن ڪوبه تعلق ڪونه هو، نه وري مولانا جن ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته ’اسان خانہ ڪعبہ ۾ اچي امن ورتو آهي‘. اتي مولانا صاحب جن ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا، ۽ پنهنجي هميشہ واري دستور موجب توڪل واري زندگي بسر ڪندا هئا. اسلامي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ هندستان جا انگريزي خواندا کانئن قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪي معظمه جي حرم جو پيش امام ۽ ٻيا علماء ڪرام، جي جامع ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي به مولانا مرحوم وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. روس جو عالم موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمہ ۾ آيو، ته مولانا جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيو ۽ مولانا صاحب کان درس وٺندو رهيو.

1938ع جي شروعات ۾، مولانا مرحوم، سنڌ جي ليڊرن جي ڪوشش سان، پنهنجي وطن سنڌ ۾ پهتا. ان وقت مولانا پوڙها ٿي ويا هئا ۽ مسلسل ٽيهن سالن جي سفر جي تڪليف کين ضعيف ڪري ڇڏيو هو- تاهم سندن فڪر جوان هو، ۽ همت هالي هئي؛ وطن جي خدمت جو جذبو پڻ منجهن ڀرپور هو. اهو ئي سبب هو، جو مولانا جن انهيءَ پيريءَ ۾ پڻ هندوستان جي قومي ۽ ذهني آزاديءَ لاءِ عملي تدبيرون سوچيندا رهيا.

مولانا عبيدالله جي سموري زندگي، قوم لاءِ، ڏکن ڏاکڙن ۾ گذري. عموماً ننڍپڻ، ايندڙ زندگيءَ لاءِ اميدن جي خوابن جو زمانو هوندو آهي، جواني انهن اميدن جي حسرتن پوري ڪرڻ لاءِ، ۽ ٻڍائي آرام گهرندڙ آهي؛ پر مولانا سنڌيءَ جي حياتي انهن حالتن ۽ خيالن کان بنهه مختلف گذري؛ ننڍپڻ ۾ سندن نيڪي- طلب طبيعت جي نڪته رس دماغ، دل جي آرام خاطر، مذهبي عقيدن کي پنهنجي اعليٰ صلاحيت واري طبيعت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ لاءِ مجبور ڪيو، ۽ پنهنجي بيقرار دل جي قرار خاطر گهر ڇڏي بي گهر ٿيا. ديني اعتقاد کين عمل لاءِ اٿاريو. ان کان پوءِ جواني آئي، پر اها به سر تاپا انقلاب ۽ عمل بڻجي آئي: ڪا جاءِ نه هئي، ڪو شهر نه هو، جتي مولانا سنڌيءَ جي پاري وانگر تڙپندڙ دل آرام ورتو! ٻڍاپي کين مايوس ڪرڻ بدران وڌيڪ جوش ڏياريو: پنهنجي زندگيءَ جو ڏيو وسامندو ڏسي، نهايت جوش سان ڪوشش ڪرڻ لڳا ته جيئن ڪي اهڙا نوجوان پيدا ڪري وجهجن، جيڪي پنهنجي ذهني بيداري ۽ حڪمت علميءَ سان قوم، ملڪ ۽ ملت جي خدمت ڪن ۽ هن برعظيم کي ڌارين جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائين. آخرڪار، 22 آگست 1944ع ۾، شمع هدايت ۽ انقلاب جو امام اسان جي نظرن کان هميشہ لاءِ غائب ٿي ويو. مگر، سندن علمي توڙي عملي ڪارناما اسان جي آڏو موجود آهن، جن جي روشنيءَ ۾ اڄ به اسين ترقيءَ جون منزلون طي ڪري سگهون ٿا.

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مولوي عبدالله لغاري*

عبدالله، بن نهال خان، بن محمّد خان، بن رستم خان، بن فتح محمّد خان (پاڙو ڪالو واڻي احمداڻي) لغاري، سن 1288 هجريءَ ڌاري، ڳوٺ داد لغاري تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ ڄائو، مولوي محمّد يعقوب صاحب لغاريءَ(1) سندس نالو ’عبدالله‘ رکيو. پهريائين ڳوٺ داد لغاريءَ ۾ پنهنجي پُڦاٽ مولوي محمّد امين لغاريءَ وٽ پڙهڻ ويٺو ۽ اتي ’صرف‘ تائين پڙهيو؛ ان بعد مولوي عبدالقادر صاحب وٽ ڳوٺ ”پنهواري“ (لڳ اسٽيشن ’سانگي‘) ۾ پڙهيو، جتي


صرف ختم ڪيائين ۽ ڪجهه ’نحو‘ به پڙهيائين؛ ان بعد نوشهري فيروز ۾ قاضي محمّد عالم، قاضي عبدالرؤف، قاضي عبدالحفيظ ۽ مولوي فيض الڪريم وٽ پڙهيو؛ ان بعد ٺارو شاهه لڳ ”ساندن“ جي ڳوٺ ۾ حڪيم شمس الدين صاحب جي چاچي مولوي عبدالڪريم بن مولوي محمد عثمان(1) وٽ پڙهيو؛ اتان وري ڊڀري لڳ مخدوم حبيب الله جي پٽ مخدوم غلام محمّد وٽ پڙهيو؛ اتان ويجهو ”تڳرن“ جي ڳوٺ ۾ مولوي عبدالقدوس صاحب رهندو هو، جو هڪ صوفي درويش ۽ وڏو خطاط هو، ان وٽ ”شرح تهذيب“ ۽ ٻيا منطق جا ننڍا ڪتاب پڙهيائين. ان بعد، ڪراچيءَ ۾ مولوي محمد صادق جي والد مولوي عبدالله وٽ ڪي ٿورا سبق پڙهيو. اتان ٺٽي ۾ آيو، اتي جو مشهور مدرس ۽ عالم مولوي محمد علي فوت ٿي ويو هو، پر سندس شاگرد موجود هئا، جن سان ٽي چار مهينا کن صحبت ڪيائين. ٺٽي مان موٽي ڳوٺ آيو، پر مولوي محمد امين صاحب مٿس ڪاوڙيو ۽ چيائين ته ”تو اجايو وقت وڃايو آهي، پر پڙهئين ڪونه؛ هاڻي ملتان ۽ پنجاب طرف وڃي علم جي تڪميل ڪر“.

مولانا عبدالله صاحب چيو ته

”پوءِ آءٌ سنڌ مان روانو ٿيس، هڪ سال کن مولوي سلطان محمود محدث (غير مقلد) ملتانيءَ وٽ پڙهيس. ان بعد، رياست بهاولپور ۾ ’صاحب السير‘ جي خانقاهه تي سال کن مولوي عبدالرشيد وٽ پڙهيس. ان بعد، ڪي ڏيهاڙا مولوي محمد عاقل صاحب وٽ ’جلال پور پير واري‘ (تعلقو شجاع آباد، ضلعو ملتان) وٽ پڙهيس. اتي اسان حافظ فتح محمد صاحب کي ڏٺو، جو هڪ وڏو بزرگ هو ۽ ڀرچونڊي وارن بزرگن جو خليفو هو. اتان پوءِ جلال پور لڳ ٻن ميلن تي ’ديهه عمرپور‘ ۾ مولوي الاهي بخش لانگاهه منطقي عمرپوريءَ وٽ حديث، فقہ ۽ منطق جي آخري ڪتاب ’ملاحسن‘ (تصورات) ۽ ’حمدالله‘ (تصديقات) پڙهيس(1).

”اڳ جدا جدا ڪتاب، جدا جدا استادن وٽ پڙهندا هئاسون: معلوم هوندو هو ته فلاڻو استاد فلاڻو ڪتاب سٺو ٿو پڙهائي، ۽ ان لحاظ سان، پنهنجي ذوق ۽ ضرورت موجب، شاگرد وڃي اهو خاص ڪتاب انهيءَ استاد وٽ پڙهندا هئا“.

ان بعد مولانا عبدالله جي پڙهائي ختم ٿي، ۽ واپس وطن آيو. سن 1316 هجريءَ ۾ شادي ڪيائين. ان کان پوءِ امروٽ ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان سندس ملاقات ٿي. انهيءَ ملاقات سندس زندگيءَ ۾ هڪ نئون ورق ورايو، ۽ کيس انقلابي سياست ۾ مولانا عبيدالله جو رفيق بنايو. عبدالله چيو ته

”مولانا عبيدالله جي انقلابي خيالن مون تي ايترو اثر ڪيو، انهيءَ لاءِ هڪ خاص سبب هو: اسان جو وڏو ڏاڏو ميان احمد خان لغاري، مير شير محمد جي ساٿين ۽ سپهه سالارن مان هو. آخري طور جڏهين ڪونهيري واري لڙائيءَ ۾ مير شير محمد کي شڪست آئي، تڏهين مجبوراً هنن کي هيءُ پاسو ڇڏڻو پيو. جيڪو سندن لشڪر بچيو، اهو، ٻه توبون ۽ ٻيو اٽالو ساڻ ڪري، سانگهڙ وتان اچي ناري جي اُٿل واري پاڻيءَ ۾ گهڙيا، ۽ پاڻيءَ واري خفيه واٽ ذريعي هو نڪري ويا، ۽ انگريزن جو لشڪر اچي بيهي رهيو. پوءِ، هي سڄو اٽالو اڀرندي طرف ناري جي پريان نڪري ويو، ۽ ”راوَلي بند“ وٺي وڃي ميرپور ماٿيلي ۾ لغارين ۽ ٻين بلوچن جي جميعت هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. انهيءَ شڪست ۽ سفر ۾ ڏاڏو محمد خان، پنهنجي ٻارن ٻچن سميت، مير شير محمد خان جي ڪئمپ سان گڏ هو. اسان جي ڏاڏي ، اها سڄي ڳالهه اسان کي ٻڌائيندي هئي، ۽ چوندي هئي ته ميان محمد خان هميشہ چوندو هو ته ’وري سنڌ فتح ڪنداسون‘. انهن ڳالهين ٻڌڻ سببان، انگريزن کي ملڪ مان ڪڍڻ ۽ آزادي حاصل ڪرڻ جا خيال دماغ ۾ جائگير ٿي چڪا هئا. مولانا عبيدالله جي انقلابي خيالن ۾ اسان کي پنهنجي خواب جو تعبير نظر آيو، ۽ مولانا موصوف جي رهنمائيءَ هيٺ انقلابي سياست کي مون پنهنجو نصب العين بنايو. ان کان پوءِ منهنجي زندگيءَ جو احوال، مولانا عبيدالله صاحب جي زندگيءَ جي احوال سان وابسته آهي“.

مولانا عبيدالله جي پوليٽيڪل نظرين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اداري جي ضرورت هئي؛ انهيءَ ڪري امروٽ شريف ۾ هڪ مدرسو کوليو ويو، پريس قائم ڪئي ويئي ۽ ”اخوان المسلمين“ نالي هڪ رسالو ڪڍيو ويو. لٽريچر جي اشاعت جي سلسلي ۾، ”طحاوي جا عقائد“ ۽ ٻيا رسالا ڇاپيا ويا. انهيءَ اداري جو باني مولانا عبيدالله صاحب هو، ۽ مئنيجر مولوي عبدالله صاحب هو. اداري تي ڪافي قرض ٿي ويو. مولانا عبيدالله مالي امداد جي تلاش ۾ هليو ويو، ۽ مولوي عبدالله کي قرض وارن اچي وڪوڙيو. امروٽ وارو بزرگ به ناراض ٿي پيو، جو قرضدارن چيو ته اوهان جي ڪري ئي اسان هن اداري کي قرض ڏنو. نهايت نازڪ حالت هئي، جو رُڪ اسٽيشن تي، جيڪب آباد جي ڪنهن صاحبِ خير، مولانا عبيدالله کي پاڻمرادو سڏي، ڪافي رقم ڏني، جا هو صاحب کڻي اچي امروٽ ۾ پهتو. رقم ايتري هئي جو سڀني قرضدارن جو قرض لاٿو ويو. تقريباً ٽي سال، سن 1316هه کان 1319هه تائين، هنن ٻن رفيقن اهو ادارو هلايو؛ پر امروٽ جهڙي ٻهراڙيءَ واري ڳوٺ ۾ رهي، هن اداري ذريعي رٿيل سياسي پروگرام کي ڪامياب بنائڻ مشڪل نظر ٿي آيو. مولوي عبدالله چيو ته

”مون آخرڪار مولانا عبيدالله صاحب کي چيو ته ’جي پريس ۽ اشاعت ذريعي پروگرام هلائڻو اٿوَ، ته هلو ته ڪم ازم ڪم حيدرآباد جهڙي شهر کي هلي مرڪز بنايون؛ ۽ جيڪڏهن هروڀرو پيرن ۾ ويهي ڪم ڪرڻ ٿا چاهيو، ته پوءِ هلو ته پير صاحب پاڳاري وٽ هلون.‘ ”انهن ڳالهين ۽ خيالن ۾ رهياسون جو هڪ ڏينهن هڪ ماڻهو اچي پهتو، جنهن مولانا عبيدالله صاحب کي چيو ته ’مدرسي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اوهان کي پير صاحب جهنڊي واري گهرايو آهي‘. امروٽ وارن بزرگن کان مولانا کي وڃڻ جي اجازت ملي چڪي هئي، انهيءَ ڪري اسان هاڻي امروٽ کي في الحال ڇڏيو. آءٌ هليو ويس دينپور، ۽ مولوي صاحب به وڃي ٺلاهه (ضلعو لاڙڪاڻو) ۾ پير جهنڊي وارن سان ملي آيو. پير صاحب جن ٽي سؤ روپيا ماهوار نفقي طور منظور ڪيا. مولوي صاحب اها ڳالهه قبول ڪري دينپور آيو. جڏهين دينپور وارن بزرگن ٻڌو، تڏهين چيائون ته ’اها رقم نفقي طور اسين ئي ڏيون ها،- ڪهڙو نه بهتر ٿئي ها جو اوهان هت رهو ها!‘ بهرحال، وعدي موجب، اسان هاڻي پير صاحب جهنڊي واري جي ڳوٺ کي مرڪز بنائڻ جو ارادو ڪيو.“

مولوي عبدالله، اڳواٽ ابتدائي انتظام، خاطر، ’پيرجهنڊي‘ پهتو؛ ان بعد مولانا عبيدالله به آيو. مدرسي جو نالو ”دارالرشاد“ تجويز ٿيو. مولوي عبدالله جي راءِ موجب، مولوي محمد صاحب لغاريءَ کي ڄام پور (ضلعو ديرو غازي خان) مان، ۽ مولوي محمد امير کي ’جهنگ‘ مان، گهرايو ويو. مولانا عبيدالله صاحب مدرسي جو ناظم ۽ مهتمم هو، مولوي عبدالله صاحب نائب مهتمم هو، ۽ تعليم جي نگهباني توڙي طالبن جي سنڀال سندس حوالي هئي. تقريباً 1319 هه تائين مدرسو ’دارالرشاد! هلايائون، ۽ تعليم جو هڪ وڏو مقصد ”طالبن جي ذهني بيداري“ ڪري ورتائون.

انهيءَ وچ ۾ سندن خط وڪتابت جو سلسلو ديوبند سان به رهيو. مولانا محمود الحسن صاحب نيٺ خط لکي مولانا عبيدالله کي ديوبند گهرايو. مولوي عبدالله صاحب چيو:

”مولانا محمود الحسن صاحب، ’جمعيت الانصار‘ جي دستاربنديءَ واري جشن کان تقريباً ڏيڍ يا ٻه سال کن اڳ، مولانا عبيدالله صاحب کي ۽ مولوي محمد صادق صاحب کڏي (ڪراچي) واري کي گهرايو. آءٌ به مولانا عبيدالله سان گڏجي ويس. انهيءَ ملاقات کان پوءِ اسان جي انقلابي سياسي زندگيءَ جو آغاز ٿيو.

”انهيءَ ملاقات واري موقعي تي، مولانا عبيدالله ۽ مولانا محمد صادق ٻئي مولانا محمود الحسن صاحب جي آڏو ويٺا هئا، ۽ آءٌ پويان ويٺو هوس. مولانا محمود الحسن صاحب چيو ته ’هيءُ ديوبند جو مدرسو سن 1866ع ۾ قائم ٿيو. آءٌ پهريون شاگرد هوس. مولانا محمد قاسم صاحب نانوتوي ان موقعي تي جيڪا تقرير ڪئي، سا مون کي ياد آهي‘. چيائون ته ’هيءُ مدرسو انهيءَ لاءِ کوليو ويو آهي ته 1857عه واريءَ شڪست جي تلافي ڪجي: مگر هن وقت هيءُ مدرسو انهيءَ اصل مقصد کان ڪري پيو آهي. محض پڙهائڻ لاءِ ته هاڻي هن قسم جا ٻيا مدرسا به قائم ٿي چڪا آهن. ڇا ڪرڻ گهرجي، جو مدرسو پنهنجو اصل مقصد پورو ڪري- آءٌ هڪ رات خواب ۾ به انهيءَ خيال ۾ غرق هوس، جو ڏٺم ته سنڌ مان هڪ شخص آيو آهي، جنهن جي ڏاڙهي چاپئين ۽ وضع قطع ۾ پوري آهي، ۽ انهيءَ شخص اچي هن اصل مقصد طرف رهنمائي ڪئي آهي. ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ تي غور ڪيم، ته خيال ۾ آيو ته سنڌ ۾ مولوي عبيدالله ۽ مولوي محمد صادق انهيءَ وضع قطع وارا ٻه شخص آهن- ۽ انهيءَ ڪري اوهان کي مشوري لاءِ سڏيو اٿم!. اهو ٻڌي، مولوي عبيدالله چيو ته ’منهنجي راءِ آهي ته هن مدرسي جي جملي فارغ شده طالبن کي، جي هندوستان خواه هندوستان کان ٻاهر آهن تن کي، دستاربنديءَ جي جلسي لاءِ گهرايو وڃي. انهيءَ اجتماع ذريعي، هن مدرسي جي مرڪزي حيثيت ۽ اهميت به واضح ٿيندي، ۽ مدرسي جي اصل مقصد واريءَ تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پڻ تجويز سوچي سگهبي‘. انهيءَ تي مولانا محمود الحسن صاحب مولوي صاحب کي چيو ته ’اوهين هاڻي هتي رهو، ۽ انهيءَ جلسي جي تدبير ڪريو؛ باقي مولوي عبدالله ڀل واپس وڃي مدرسو (دارالرشاد، جهنڊو) هلائي“.

انهيءَ فيصلي بعد، مولوي عبدالله صاحب ديوبند مان واپس ڳوٺ پير جهنڊي آيو، جتي مدرسي ’دارالرشاد‘ جو مهتمم توڙي ناظم ٿي رهيو. دستاربنديءَ واري جلسي جي موقعي تي ديوبند ويو، ۽ مولانا عبيدالله صاحب ۽ ٻين سان ملي وري موٽي آيو، ۽ مدرسي ’دارالرشاد‘ جي ڪم ۾ رڌل رهيو- تان جو 1914ع ڌاري مولانا عبيدالله کي ڪنهن سياسي مشن سان ڪابل ڏانهن وڃڻو ٿيو؛ انهيءَ خيال سان هو مدرسي ’دارالرشاد‘ ۾ پهتو، ۽ مولوي عبدالله کي آگاهه ڪيائين ته کيس پڻ رفيق ٿي ڪابل هلڻو پوندو.

مولوي عبدالله صاحب چيو:

”هڪ سال کن اسان کي ضروري تياريءَ ۽ تدبير سوچڻ تي لڳو ته انگريزي حڪومت جي سخت چؤڪسيءَ هوندي به ڪيئن ڪابل پهچون. آڏو رمضان شريف آيو، جنهن ۾ آءٌ ڳوٺ پير جهنڊي مان پنهنجا ٻار ٻچا وٺي، ڳوٺ (ڪوٽ نواب، تعلقو سانگهڙ) ڇڏي، تيار ٿي آيس. غالباً آگسٽ (سن 1915ع) جي بالڪل شروعات هئي، جو مولانا عبيدالله خانپور طرف روانو ٿيو، ۽ مون کي چيائين ته پاڻ اتي بزرگن (عارف غلام محمد صاحب دينپوري) کان اُٺ هٿ ڪري مون کي تار ڪندو. جڏهين تار پهتي، ته آءٌ به وڃي اتي پهتس. مولانا عبيدالله چيو ته ’اُٺ گهراياسون سي آيا، پير بزرگن ڪين ڏنا؛ باقي ڪڻڪ جو هيءُ ستُون ڏنائون: پئسو به ڪونهي، هاڻي ڪهڙي تدبير ڪجي؟‘. اتي مون وڃي بزرگن جي ناٺيءَ مولانا عبدالقادر کان ٽي گنيون ورتيون- جن مان ٻه مولانا صاحب کي ڏنم ۽ هڪ پاڻ وٽ رکيم. ان بعد، اها صلاح بيٺي ته مولانا صاحب سنڌ جي سرحد کان سبيءَ تائين خشڪيءَ ذريعي پهچي، ڇاڪاڻ ته ريل ۾ سندس پڪڙجڻ جو امڪان آهي؛ باقي آءٌ اڳواٽ انتظار خاطر ريل ذريعي روانو ٿيس. مولوي احمد علي صاحب لاهوريءَ جو ڀاءُ محمد علي (جو ان وقت ننڍو هو) به مون سان گڏ هليو، ۽ اسين اچي سبيءَ پهتاسين. مولانا عبيدالله صاحب، امروٽ شريف مان ٿيندو، جيڪب آباد کان پيدل روانو ٿي ’جهٽ پٽ‘ اسٽيشن تان اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيو، ۽ سڌو وڃي ڪوئيٽا پهتو. اتان جڏهين سندس پيغام اسان کي پهتو، تڏهين اسين به وڃي ڪوئيٽا پهتاسون. اڃان اهو مهينو آگسٽ سن 1915ع هو. اسان وٽ سفر جو خرچ خيرڪو هو. سبيءَ ۾ مون چندو ڪيو، جنهن مان اَسي روپيا ٿيا، جي ساڻ ڪري ڪوئيٽا پهتو هوس. ڪوئيٽا کان اڳتي پيدل وڃڻو هو. اختر نالي هڪ پٺاڻ نوجوان کي هڪ گني ڏنيسون، ۽ هن اسان کي، عام رستن جي بدران مخفي رستن ذريعي سرحد تي پهچائڻ جو وعدو ڪيو. جنهن ڏينهن اسين روانا ٿيڻا هئاسين، انهيءَ ڏينهن شيخ عبدالرحيم صاحب حيدرآبادي به اچي پهتو، جو پنهنجي ٻارڙن جا ڳهه ڳٺا وڪڻي ست سؤ رپيا کڻي آيو هو، جي اسان کي ڏيئي پاڻ فوراً واپس هليو ويو. اسين پوءِ خشڪي رستن سان شوراوڪ، ڪَدني (چمن، افغانستان) ۽ قنڌار مان ٿيندا، بالاخر اچي ڪابل پهتاسين“.

ڪابل ۾ قيام واري عرصي ۾ مولوي عبدالله، مولانا عبيدالله صاحب جو محمّد صلاحڪار ٿي رهيو. امراء ۽ رؤساء سان ملاقاتين ۾ هميشہ مولانا عبيدالله سان گڏ رهيو: صرف امير حبيب الله کي مولانا عبيدالله صاحب اڪيلو مليو، باقي ولي عهد عنايت الله خان، نادر خان، امان الله خان، محمود خان ترزي وغيره امراء سان ملاقاتين وقت، مولوي عبدالله، بحيثيت معّمد صلاحڪار جي، مولانا عبيدالله صاحب سان گڏوگڏ رهيو.

تقريباً ٻن سالن کان پوءِ، مولانا عبيدالله صاحب، مولوي عبدالله صاحب کي واپس هندوستان ڏانهن هڪ خاص ڪم لاءِ موڪليو: اهو ڪم هيءُ هو ته اول مولوي عبدالله صاحب، راجا موهندر پرتاب جا خط ۽ مولانا عبيدالله صاحب طرفان لکيل خط (مولانا محمد علي، ڊاڪٽر انصاري، حڪيم اجمل خان ۽ ٻين ڏي) سلامتيءَ سان پهچائي؛ ۽ ٻيو ته بزرگ دينپوري، بزرگ امروٽي ۽ پيرجهنڊي وارن کان هڪ عبارت (جا کيس قلمبند ڪرائي ويئي هئي) سندن دستخط لکارائي، انگريزن خلاف جهاد جي اجازت وٺي، واپس ڪابل موڪلي. انهيءَ مقصد جي تڪميل لاءِ، مولوي عبدالله صاحب ڪابل مان روانو ٿيو. شيخ عبدالرحمان نالي هڪ نؤ مسلم به پريان ساڻس گڏجي وطن ڏانهن واپس اچڻ لاءِ رفيق ٿيو. مولوي صاحب مارچ اپريل 1916ع ۾ هندوستان پهتو، ۽ جملي خط پهچائي، مولانا عبيدالله کي خط ذريعي اطلاع ڏنائين. ان بعد، لکيل عبارت تي دستخط وٺي، اهي جهاد جون اجازتون، ڏنل حڪم موجب، سردار عبدالرزاق ميزان العلماء* ڪابل ڏانهن سڌو روانيون ڪيائين.

مولوي عبدالله صاحب چيو؛

”اسان کي پوءِ خبر پيئي ته جهاد جون اهي بيعتون ۽ اجازتون امير حبيب الله جي ڪم جون هيون. مولانا عبيدالله صاحب کي به خبر ڪانه هئي، ورنه مون کي هندوستان ڏانهن ڪونه موڪلي ها. حقيقت هن طرح هئي ته امير حبيب الله اهي جهاد جون بيعتون گڏ ڪري هندوستان جي وائسراءِ ڏانهن موڪليندو هو، ۽ کيس هر هڪ بيعت لاءِ چار پنج گنيون ملنديون هيون. انگريزن کي خدشو هو ته متان لڙائيءَ جي دوران ۾ مسلمانن طرفان ڪا بغاوت ٿئي: هنن ڄاڻي ٻجهي امير حبيب الله کي ان بغاوت جو سرڪردو بنايو؛ جهاد جون سڀ بيعتون امير حبيب الله سان ٿي ٿيون: جنهن جي معنيٰ ته امير حبيب الله جهاد جو امير هو، ۽ سندس طرفان ئي جهاد جو اشارو ۽ اعلان ٿيڻو هو. مگر، امير حبيب الله سان انگريزن جو معاهدو هو، ۽ هو سان وفادار هو. اهي بيعتون صوبي سرحد ۽ ٻين هنڌان ورتيون ٿي ويون“.

هندوستان ۾ پهچڻ تي، انگريزن کي کڙڪ پئجي ويئي ته عبدالله پهچي ويو آهي ۽ ڪابل مان ڪي شيون آنديون اٿس- پر مولوي عبدالله پنهنجو ڪم پورو ڪري ورتو. ان بعد، انگريزن جي چؤڪسي محسوس ڪري، هو في الحال وري دينپور جي بزرگن جي ٻارن پڙهائڻ لاءِ معلم ٿي ويهي رهيو. ان بعد، مئي جو مهينو (1917-؟) هو، جو شيخ عبدالحق ڪابل مان مولانا عبيدالله صاحب کان خط وٺي اچي دينپور پهتو، ۽ بزرگن سان ذڪر ڪيائين، اهي خط مخفي طرح ريشمي رومالن تي لکيل هئا. شيخ عبدالحق کي اهي خط حيدرآباد ۾ شيخ عبدالرحيم کي پهچائڻا هئا، جنهن کي وري اهي خط مولانا محمودالحسن صاحب کي حجاز ۾ پهچائڻا هئا. شيخ عبدالحق اصل ۾ ملتان ۾ مسلمان ٿيو هو، سو ڪابل مان ايندي غالبا اڳ ۾ ملتان لٿو، ۽ اتي ربنواز (؟) نالي هڪ پٺاڻ سان ان راز جو ذڪر ڪيائين. ربنواز اها خبر ٻڌي فوراً انگريزي حڪومت تائين پهچائي، ۽ سڀني واسطيدارن کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ منصوبو سٽيو ويو.

مولوي عبدالله صاحب چيو:

”شيخ عبدالحق دينپور ۾ آيو، ۽ بزرگن آڏو اچي ريشمي رومال وارا خط پيش ڪيائين. ان سان گڏ ٻيا خط بزرگ دينپوري، امروٽي ۽ پير جهنڊي وارن ڏانهن پڻ هئا، جي اسان کانئس وٺي رکيا. مون کي سندس ڳالهين مان ڪجهه شڪ جاڳيو، انهيءَ ڪري جڏهن هن اجازت گهري ته هو اهي مخفي خط کڻي وڃي حيدرآباد ۾ شيخ عبدالرحيم کي پهچائي، ته مون بزرگن کي جهليو ته ’هن کي خط نه ڏيو، آءٌ پاڻ پنهنجي سر وڃي پهچائيندس‘؛ مگر جئن ته هو سڌو بزرگن وٽ آيو هو، انهيءَ ڪري فيصلو سندن هٿ ۾ هو- پاڻ چيائون ته ’نه، ڀلي خط هيءُ پاڻ وڃي پهچائي‘. شيخ عبدالحق اسان کي ٻڌايو ته خط پهچائڻ بعد هو ڪابل روانو ٿي ويندو، انهيءَ ڪري مون کان خط ورتائين ته مون هت اچي ڇا ڇا ڪيو. مون اهڙو خط کيس ڏنو، جنهن ۾ بيعتن جو ذڪر هو، جڏهن عبدالحق روانو ٿيو ته احتياط طور اسان، بزرگن جو پٽ ۽ سندن ناٺي مولوي عبدالقادر ساڻس گڏ روانا ڪيا ته کيس وڃي سڌو حيدرآباد جي ٽڪيٽ وٺي ڏين. هنن ائين ڪيو، پر ڀانئجي ٿو ته هو اڳتي ڪنهن اسٽيشن تي لهي فوراً ملتان پهتو، ۽ جملي خط وڃي ربنواز کي ڏنائين، ۽ ساڻس سڄو احوال ڪيائين. انهيءَ وچ ۾ ربنواز سڄو انتظام رکيو هو: خط سڀئي سرڪار جي حوالي ٿيا، ۽ وڃي وائسراءِ تائين پهتا؛ ربنواز کي خانبهادريءَ جي خطاب ۽ 12 مربع زمين جي انعام لاءِ حڪم صادر ٿيا؛ ۽ اسان سڀني جي گرفتاريءَ جا آرڊر نڪتا. پوليس اچي بهاولپور ۾ لٿي، اتان راتو رات دينپور پهچڻي هئي، پر اتي جي ڊي. ايس. پيءَ کين ترسايو ۽ صبح جو وڃڻ جي صلاح ڏني؛ راتو رات بزرگن کي پيغام موڪليائين ته ’پوليس اوهان وٽ ايندي ۽ ڪي گرفتاريون ٿيڻ واريون آهن“. بزرگن منهنجي نالي سمجهيو ته شايد آءٌ (عبدالله) گرفتار ٿيندس، سو رات جو مون کي اچي ننڊ مان اٿاريائون ۽ چيائون ته ’تون هليو وڃ!‘ مون سندن حڪم مڃيو، پر سندن ناٺي مولوي عبدالقادر کي چيم ته ’آءٌ فلاڻي هنڌ جهنگ ۾ وڃي ٿو ويهان، جي ضرورت پوي ته مون کي سڏجو‘. اسان جي خيال ۾ هو هي گرفتاريون بيعتن وٺڻ سببان آهن- اسان کي ريشمي رومال وارن خطن ڏانهن گمان ڪونه ٿي ويو! بهرحال، پوليس اچي پهتي، ۽ بالاخر منهنجي ٻانهن هٿ ڪرڻ لاءِ زور رکيائون. مولوي عبدالقادر اچي مون کي ڳولي لڌو، ۽ چيائين ته ’تون هل، نه ته بزرگ کي ٿا گرفتار ڪن!‘ آءٌ ساڻس گڏجي آيس. اول منهنجي ڪمري جو جهاڙو ورتائون: ميز جا ٻه خانا جانچيائون، پر ٽيون، جنهن ۾ بزرگ امروٽي ۽ پير جهنڊي وارن ڏانهن آيل خط رکيل هئا، سو ڪونه کوليائون. اتي پوليس سپرنٽينڊنٽ منهنجي بدن جي تلاشي ورتي، ۽ اوچتو منهنجو پٽڪو لاٿائين. جئن ئي منهنجو پٽڪو لاٿائين، ته مون به هٿ سان سندس پڳڙيءَ کي ڌڪ هنيو، جا اڏامي وڃي پري پيئي! اتي گوڙ ٿي ويو، ۽ انهيءَ ڪري اهو ٽيون خانو، جنهن ۾ خط پيل هئا، اهو بنا تلاشيءَ جي رهجي ويو“.

پوليس اتان بزرگن کي، مولوي عبدالله کي ۽ ٻين سڀني واسطيدارن کي گرفتار ڪري لاهور وٺي ويئي. جيل ۾ سڀني کي جدا جدا رهايائون. مولوي عبدالله پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”شيخ عبدالحق جيڪڏهين ڪي مخفي خط آندا، ته اهي وٽس ئي رهيا؛ باقي جيڪي خط بزرگ امروٽي ۽ پير جهنڊي وارن ڏي لکيل هئا، سي مون کي ڏنائين، جي مون وٽ ئي رهيا ۽ مون ڪنهن کي به ڪين پهچايا“. سندن انهيءَ بيان تي بزرگ امروٽي ۽ جهنڊي وارا آزاد ٿيا. مولوي عبدالله کي هڪ مهينو لاهور جيل ۾ رهائڻ بعد، پٺاڻ ڪوٽ جيل ڏانهن موڪليائون. انهيءَ سال ڊسمبر ۾، يا ٻئي سال جي شروع ۾، کيس وٺي اچي دينپور جي جيل ۾ نظربند ڪيائون. ڪجهه عرصي بعد کيس ڪراچي جيل ۾ اماڻيائون، جتان اٽڪل هڪ سال بعد وري کيس موٽائي آڻي دينپور جيل ۾ رکيائون. اتي نوَ مهينا يا سال کن رهيو، جو پهرين عالمگير لڙائي ختم ٿي ۽ کيس جيل مان آزاد ڪيائون. جيل مان نڪرڻ بعد، مولوي عبدالله اول دينپور ۾ بزرگن وٽ ويو، ۽ اتان پنهنجي ڳوٺ ڪوٽ نواب ضلعي سانگهڙ ۾ آيو. اتي پوءِ يڪدم ئي کيس وري پنهنجي گهر ۽ ڳوٺ ۾ نظربند ڪيائون.

مولوي عبدالله چيو ته:

”نظربنديءَ جي آرڊر ٻڌائڻ وقت مون کي ڊي. ايس. پيءَ. چيو ته ’تو کي نظربند ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته تنهنجو استاد مولوي (عبيدالله صاحب) سرڪار سان وڙهي پيو آهي‘. حقيقت هيءَ هئي جو ان وقت امان الله، انگريزن سان جنگ شروع ڪئي هئي. انگريزن جي خيال موجب انهيءَ منصوبي جو سٽيندڙ مولانا عبيدالله هو، جو ان وقت ڪابل ۾ وڏي حوصلي سان ڪم ڪري رهيو هو“.

ڪجهه عرصي بعد، مولوي عبدالله صاحب کي گهر ۽ ڳوٺ جي نظربنديءَ کان آزاد ڪيو ويو. ان بعد کيس معلوم ٿيو ته مولانا عبيدالله صاحب حجاز ۾ اچڻو آهي، انهيءَ ڪري حج تي روانو ٿيو. هڪ سال اتي انتظار ۾ رهي پيو، پر مولانا عبيدالله ڪونه پهتو؛ انهيءَ ڪري مولوي عبدالله صاحب واپس موٽي آيو. هت پهچڻ بعد، ٻئي حج جي موقعي تي، کيس معلوم ٿيو ته مولانا عبيدالله صاحب مڪي شريف ۾ پهچي ويو آهي؛ انهيءَ تي هو وري هتان روانو ٿيو، ۽ وڃي مولانا عبيدالله صاحب کي مليو. بس، پوءِ مولوي صاحب اتي ئي رهي پيو. مولانا عبيدالله صاحب سان حجاز ۾ قيام واري عرصي ۾، مولوي عبدالله صاحب وڏي علمي خدمت سرانجام ڏني: مولانا عبيدالله صاحب انهيءَ عرصي ۾ قرآن شريف، اسلامي علوم، ۽ شاهه ولي الله جي فلسفي جي تعليم ڏيندي جيڪي به تقريرون ڪيون، سي مولوي عبدالله صاحب قلمبند ڪيون؛ مولانا عبيدالله صاحب جي سياسي ڊائري به قلمبند ڪيائين؛ لاهور مان جيڪي ڪتاب مولانا عبيدالله صاحب جي افڪار ۽ شاهه ولي الله جي فلسفي تي شايع ٿيا آهن، تن جو مواد درحقيقت مولوي عبدالله صاحب جي قلمي ڪشالي جو نتيجو آهي – جيتوڻيڪ انهن ڪتابن ۾ هن بزرگ جي خدمت جو ڪماحقہ اعتراف نه ڪيو ويو آهي.

1938ع ڌاري، مولانا عبيدالله صاحب جي پنهنجي وطن ڏانهن واپسيءَ جو هواڻو ٿيو. مولوي عبدالله فوراً روانو ٿيو ته اڳواٽ پهچي سڀني احبابن کي آگاهه ڪري، ۽ اڳتي جي پروگرام خاطر ابتدائي انتظام ڪري. مولوي عبدالله صاحب هتي 1938ع ۾ پهتو، پر مولانا عبيدالله صاحب 1939ع ۾ آيو. مولوي عبدالله صاحب ساڻس گڏ کَڏي (ڪراچي) ۾ رهيو – تان جو مولانا صاحب هندوستان روانو ٿيو، ۽ مولوي عبدالله صاحب، سندس ارشاد موجب، کڏي ۾ رهيو. مولانا عبيدالله صاحب موٽي آيو ۽ وري دهليءَ روانو ٿيو، ۽ مولوي عبدالله کي چيائين ’هاڻي تون ڀلي وڃي پنهنجي گهر رهه‘. ان بعد، ”مارشل لا“ جي وقت (1942ع) ۾، مولوي عبدالله ميرپورخاص ۾ لڏي آيو. مولانا عبيدالله صاحب سنڌ ۾ ايندو هو، ته وٽس ميرپورخاص ۾ ايندو هو. ان بعد چار مهينا کن وري مولانا عبيدالله صاحب ۽ مولوي عبدالله صاحب وڃي پير جهنڊي ۾ رهيا. ان بعد مولانا عبيدالله صاحب وري دهليءَ ويو، جتان بيمار ٿي پير جهنڊي ۾ پهتو. مولوي عبدالله صاحب کيس وڃي اتي مليو، ۽ اتان ساڻس گڏجي حيدرآباد ۾ آيو، جتي بيماريءَ جي حالت ۾ پڻ مولانا عبيدالله صاحب شاگردن جي هڪ جلسي ۾ قلعي اندر تقرير ڪئي. اتان مولانا عبيدالله صاحب ڪراچيءَ ويو، ۽ هيڪاري وڌيڪ بيمار ٿي پير جهنڊي پهتو – مولوي عبدالله صاحب اتي سندس خدمت ۾ رهيو. ان بعد، مولانا عبيدالله صاحب جو ڏوهٽو اتي آيو، جو مولانا صاحب کي دينپور وٺي ويو، جتي مولانا صاحب وفات ڪئي. مولوي عبدالله صاحب خبر ٻڌڻ تي دينپور پهتو، ۽ پنهنجي استاد جي وفات جي صدمي کان نهايت متاثر ٿي واپس سنڌ آيو، ۽ پڪو ارادو ڪيائين ته تادم حياتي پنهنجي استاد مولانا عبيدالله صاحب واريءَ تحريڪ (يعني اسلامي فڪر جي اشاعت ۽ آزاديءَ جي ترغيب ڏيڻ) کي اڳتي وڌائيندو رهندو.

ان بعد مولوي عبدالله صاحب سنڌ جي علمي اداري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رهي، يونيورسٽيءَ جي تعليم يافته استادن ۽ نوجوان شاگردن کي قرآن شريف جي تفسير، شاهه ولي الله جي فڪر، ۽ مولانا عبيدالله جي علمي تحريڪ جي تعليم ڏيڻ کي پنهنجو نصب العين بنايو، ان سلسلي ۾ اول هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي نيڪ نيت ۽ روشن خيال وائس چانسيلر سان مليو، ۽ 1953ع ۾ استادن ۽ شاگردن جي مخصوص گروهه کي قرآن شريف جي حڪمت ۽ حقيقت تي ليڪچر ڏنائين.

ان بعد مولوي صاحب جن جو مستقل قيام، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، جناب ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي صاحب وٽ يا بنده راقم الحروف وٽ رهيو، ۽ اسين ٻئي توڙي ٻيا تشنه ڪام طالب العلم وٽانئس مستفيد ٿيندا رهيا. سندس صحبت مان معلوم ٿيو ته قرآن شريف جي حڪمت خواهه اسلامي فڪر بابت مولوي صاحب جو نظريو انقلابي آهي: يعني ته مظلوم جي حمايت ڪري ظالم کي شڪست ڏيڻ، انسان ذات کي آزاد ڪرڻ، ۽ حق ۽ انصاف جي بناء تي حڪومت قائم ڪرڻ. هڪ دفعي مون کانئس اسلامي تصوف بابت ڪجهه سمجهڻ چاهيو، ته مولوي صاحب نهايت ئي سهڻي نموني ۾ هن مسئلي تي روشني وڌي، ۽ ”وحدت الوجود“ ۽ ”وحدت الشهود“ جي مسئلن تي فلسفيانه نڪته نظر سان بحث ڪيائين. انهيءَ عرصي ۾، مون کانئس مولانا عبيدالله صاحب جي سياسي ڊائريءَ ۾ ڄاڻايل ڪن مختصر حقيقتن جي تشريح ٻڌي، ۽ هندستان ۽ افغانستان ۾ مولانا عبيدالله صاحب جي عملي زندگيءَ بابت سوال پڇيا. مولوي صاحب جن جي جوابن مان معلوم ٿيو ته بيشڪ هو مولانا عبيدالله صاحب جو هڪ مخلص، عقيدتمند ۽ بيدار مغز ساٿي هو. انهيءَ دوران ۾ مولوي عبدالله صاحب، مولانا عبيدالله صاحب جي سياسي ڊائريءَ ۾ بيان ٿيل اشارن کي تفصيل وار لکايو، جنهن کي بنده راقم الحروف دوباره صاف ڪرايو – (انهيءَ مسودي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر محترم ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان نظرثاني ڪئي آهي، ۽ اميد ته هيءَ ڪتاب عنقريب شايع ڪيو ويندو.)

گذريل پنج ڇهه مهينا مولوي عبدالله صاحب جن پنهنجي گهر شهر سانگهڙ ۾ گذاريا آهن. وچ ۾ پاڻ آيا هئا، ۽ انهيءَ صحبت ۾ کانئسن سندن سوانح حيات جو هيءُ مواد قلمبند ڪيو ويو. هن وقت سندن عمر 90 سال کان به مٿي آهي، ۽ اڃا تائين مطالعي جو مشغلو باقاعدي جاري آهي. پاڻ نهايت خوش مزاج ۽ خوش خلق آهن. سندن صحبت مان سنڌ جي گذريل سياسي ۽ علمي تاريخ بابت ڪيئي مفيد معلومات حاصل ٿي سگهن ٿا.

”تان ڪي وٽن ويهه، جان ڪي آهن جوءِ ۾!“


*  هن مضمون جو مدار اسان جي پنهنجي يادداشت تي آهي، جا مولوي عبدالله صاحب سان مختلف ملاقاتن جي دوران ۾ قلمبند ڪئي ويئي – نبي بخش

(1)  مولوي محمد يوقب صاحب سن 1289هه ۾ وفات ڪئي. مولانا عبدالله صاحب چيو ته ’منهنجي ڄمڻ کان ٿورو پوءِ، مولوي محّمد يعقوب صاحب وفات ڪئي‘. چيائين ته ’مولوي محّمد يعقوب صاحب وڏو عالم، فاضل، شاعر ۽ هڪ بيدار مغز قومي ڪارڪن هو. فارسي توڙي سنڌيءَ جو شاعر هو. تخلص ”سامي“ ڪندو هو. سندس هڪ مصرع آهي: ”سامي از ذات است صفاتش بصفات“. مولوي بهائي صاحب هر لحاظ سان شاعريءَ ۾ مولوي محمد يعقوب جو رهين منت هو، ۽ سندس گهڻا اشعار تضمين طور پنهنجي ديوان ۾ آندا اٿس. مولوي محّمد يعقوب، ڀرچونڊي وارن بزرگن جو خليفو هو. خدمت خلق، غريبن جي مدد ۽ مظلومن سان همدردي سندس زندگيءَ جا خاص مقصد هئا. پنهنجي ڳوٺ جي آسپاس ڏهن ٻارهن ڪوهن ۾ گشت ڪندو هو، ۽ تڪليف وارن جون تڪليفون دور ڪندو هو. هارين کي قرض کان بچائيندو هو – ڪنهن کي ڍڳا وٺي ڏيندو هو، ته ڪنهن جي لاءِ ٻج جو انتظام ڪندو هو. نه فقط مسلمانن جي، پر هر مظلوم جي مدد ڪندو هو – رامو ڊيڊ کي واڻين کان ان وٺي ڏنائين. هارين کي چوندو هو ته گڏجي ڪم ڪريو ۽ پنهنجا جوڙا گڏجي وَهايو. مولانا عبيدالله چوندو هو ته ’مولوي محمد يعقوب جي تحريڪ جو قدر اسان کي تڏهين پيو، جڏهين اسين روس ۾ وياسون“‘. 

(1)  مولوي محمّد عثمان صاحب حديث جو حافظ ۽ ڄاڻو هو. هو علامه شوڪاني (مصنف ”نيل الاوطار“) جو شاگرد هو – (مولانا عبدالله).

(1)  اهي ٻئي ڪتاب، منطق جي مشهور ڪتاب ”سُلّم“ جون شرحون آهن. مولانا عبدالله جي راءِ ۾- ”’تڪميل الاذهان‘، ’سُلّم‘ کان زياده بلند آهي، ۽ ان کي مدرسن جي نصاب ۾ داخل ڪيو وڃي ته زياده مفيد ٿيندو“، ”تڪميل الاذهان“ آڳاٽو ليٿو ۾ ڇپي هئي، پر هاڻي ناياب آهي. ان جو هڪ قلمي نقل سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

*  سردار عبدالرزاق، مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جو شاگرد هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com