سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :25

 

سيد مظفر مديجوي

 

ڪرم فقير سومرو

هيءُ فقير، شاهه آباد نالي ڳوٺ جو ويٺل هو، جو تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ هڪ ڳوٺ آهي. فقير ذات جو سومرو ڊکڻ هو، ۽ سيد فضل علي شاهه عليه الرحمة مديجيءَ واري بزرگ جو طالب هو. پاڻ فقط ڪلام الله شريف پڙهيل هو، تاهم سنڌي پڙهي ويندو هو. هن جي عمر ستر ورهيه کن هئي.

سندس ولادت ماهه شعبان 1295 هجري ۾ ٿي، ۽ سندس وفات سن 1366 هجريءَ ۾ ٿي. سندس مزار سليم شاهه عليہ رحمت جي مقام ۾ آهي، جو شاهه آباد لڳ مرزانپور جو هڪ جهونو ۽ وڏو مقام آهي.

فقير طبيعت جو بلڪل سادو سودو هوندو هو، ۽ مرشد جو نهايت فرمانبردار مريد ٿي گذريو آهي. مٿس ، مرشد جو گهڻو راز هو، ۽ مرشد صاحب پنهنجي سخي طبيعت موجب هن کي چڱو فيض ڏنو. فقير صاحب شڪل شباهت جو چڱو هو. ڪنهن به شخص جي واتان اگر خراب لفظ ٻڌندو هو، ته فقير کي سخت مٺيان لڳي ويندي هئي. هي بلڪل هڪ سنئون سڌو مسلمان هو. مرشد جي جلالي طبيعت سبب هن ۾ به جلالي جذبو پيدا ٿي پيو هو. خدائي محبت ۾ ڪو وقت ايترو ته مست ۽ مگن هو، جو کيس چريو ڄاڻي ڪجهه وقت لاءِ ڪاٺ ۾ وڌو ويو هو؛ مگر سندس مرشد جي اچڻ تي ۽ کيس رمز رموز سمجهائڻ کان بعد ڪاٺ مان ڪڍيو ويو.

هن فقير گهڻو شعر چيو آهي، مگر افسوس جو اهو سندس وفات بعد بلڪل ناپيد آهي. فقير صاحب جي ڪلامن مان جو هڪ ٻه ڪلام هٿ لڳو آهي، اهو درج ڪجي ٿو.

(هي ڪلام هڪ ڳوٺاڻي هندوءَ نالي طوطي مل کي نصيحت ڪري چيو اٿن، جو طوطو مل ڪڙمين کي پيڙيندو هو.)

ڇڏ تون طوطا اهو تال، خاصو رکجان خيال،

نالو رکائين پکيءَ جو وري ميڙين مڏيون مال!

سيءَ پاري ڪڙمي ويچارا صبح جو ڪن سوال.

”ڪرم“ چئي ڪر تون پنهنجو، چتونءَ جيئن چال.

*        *        *

(هي ڪلام دهقاني نوجوان جي سمجهاڻيءَ لاءِ چيو اٿن.)

ڇڏ تون ٽرڙا اها ٽاءِ،

 

ٻَڌين ڏٽا، ڪرين ڏاءِ!

لنب لچو ڪين سکيو، پوليس پڇا وتي لڪو- گانڊو ڪين گساءِ.

ٽوٽ ٽرڙا ڪري ورڙا، مکي تيل گهمين گهرڙا- ڀاڙيا ائين نه ڀاءِ.

”ڪرم“ چوءِ مڃ نصيحت، واليءَ سندي وٺ وحدت- ڳالهيون

چڱيون پنهنجون ڳاءِ.

 

پير علي محمّد ”اظهر“ گيلاني

 

مخدوم پير رکيل رَيلائي

ريلائي پير، مخدوم رڪن الدين جي اولاد مان آهن. مخدوم رڪن الدين ۽ مخدوم فخرالدين ٻئي ڀائر، ڪوٽ ڪروڙ ۽ ديري جات مان سنڌ ۾ آيا. هنن جو خانداني سلسلو، خليفي اول حضرت ابوبڪر صديق رضه سان وڃي لڳي ٿو. مخدوم نوح رحه هالن وارو، مخدوم فخرالدين جي ڇهين پيڙهيءَ مان آهي. مخدوم رڪن الدين ڳوٺ درس تعلقي موري ۾ اچي ساڪن ٿيو، جتان سندس اولاد وڌي ويجهي سنڌ جي ٻين ڳوٺن ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو، جي ’ريلائي پير‘ سڏجن ٿا. مخدوم پير خاوند ڏنو، پنهنجي سؤٽي سؤٽ مخدوم پير غلام حيدر پڳدار سان ڪاوڙجي، درسن مان لڏي اچي دادو تعلقي ۾ ويٺو، جتي هينئر مشهور درگاهه مخدوم پير رکيل ريلائيءَ جي آهي. مخدوم پير خاوند ڏني کي ٻه فرزند هئا- مخدوم پير دوُرل اول، ۽ مخدوم پير ڪريمڏنو اول. پير ڪريمڏنو اول، درسن جي ڀرسان پنهنجي عزيزن مان شادي ڪري آيو. سندس زوجہ جا ٻه يتيم ڀائٽيا پڻ اتان اچي سندس سنڀال ۾ رهيا، جن مان هڪ جو نالو هو ’بيگن سائين‘، ۽ ٻئي جو نالو هو ’پير رکيل سائين‘ جنهن جو اسين هٿ ذڪر ڪريون ٿا.

پير رکيل ريلائيءَ جي ولادت باسعادت ڳوٺ درس تعلقي موري جي ڀرسان هڪ ننڍڙي واهڻ ۾ ٿي، جتي ٻٽي گهر ريلائي پيرن جا هئا. سندس والد سڳوري جو نالو پير خان محمد هو. سندس جنم جي تاريخ چٽيءَ طرح معلوم ٿي نٿي سگهي. سندس وفات کي اٽڪل چاليهه ورهيه گذريا آهن. اندازاً 16-1915ع ڌاري سندس وفات ٿي آهي. ان وقت سندس عمر اٽڪل روءِ اسي – پنجاسي ورهيه چئي وڃي ٿي: تنهنڪري اندازو ٿو لڳائجي ته سندس ولادت باسعادت 1830ع جي لڳ ڀڳ ٿي هوندي.

ريلائ پيرن جو پڳدار مخدوم پير نبي بخش درسن وارو (پير نبن شير نر) جڏهن به ايندو هو، تڏهن مخدو پير ڪريمڏني اول ۽ مخدوم پير ڀليڏني اول کي پير رکيل جي پارت ڪندو هو، ۽ چوندو هو ته ’هن ۾ ڪي داڻا مڙيوئي ڏسجن ٿا‘؛ ۽ پير خيالي اول، پير وريل اول ۽ پير پريل اول ۽ ٻين جملي پيرن کي چوندو هو ته ’ابا، هن جو مڙيوئي ادب ڪجو‘. پير ڪريمڏنو اول ۽ پير ڀليڏنو اول به وڏا درويش ۽ امانت، ڪرامت ۽ ولايت جا صاحب هئا، تن جو به هن تي ڏاڍو راز هو. ٻيو وري سَلو به انگورؤن ڀلو هو، سو پاڻ به خدمت چاڪريءَ ۾ ڪونه گهٽايائين. ڏينهن ته ٿيو ڏينهن، پر سڄيون راتيون اوجاڳا ڪري، جان کي جفا ڏيئي، خدمت ۽ رياضت جا حق ادا ڪيائين. هو ٻئي بزرگ باطن جي علم ۾ وڏا ڪامل هئا، تن کيس ريٽي وانگر رنڱي لال ڪري ڇڏيو.

جئن جواني ايندي ويئي، تيئن مستي به ويئي جوان ٿيندي، ۽ مجاز جي چوٽ لڳي ويئي. سندس نظارو هڪڙيءَ ميربحر نينگريءَ تي ٿيو، جنهن جو نالو ”خيري“ هو- ان کي ’ڪنوار‘ سڏيندو هو. مجاز جي منزل مڙسيءَ سان طي ڪري، وڃي حقيقت کي حاصل ٿيو. ننڊ ڪا تمام ٿورو وقت ڪندو هو. ”جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي“- ڀٽائيءَ جي بيت موجب، قلب، خدائي ذڪر ۾، جاڳندي خواهه ننڊ ۾، چالو هوندو هوس. مٿس وهب الاهي به هو، ۽ ڄمندي ئي ڄام هو. جيئن به چوندو هو، تئن ٿي پوندو هو. مسلمان خواهه هندو، سندس هزارين مريد ۽ معتقد هوندا هئا.

سير و سياحت سان گهڻو شوق هوندو هوس. هميشه پيادو هلندو هو. ڪنهن به وهٽ تي سواري ڪانه ڪيائين. ڪو ماڻهو وهٽ ڪاهي وٺڻ ايندو هوس، ته ان کي چوندو هو ته ’ابا، تون هل ته مان تنهنجي پٺيان ٿو اچان‘. ڪيڏو به تيز رفتار اٺ خواهه گهوڙو هجي، اهو ماڻهو ان کي تيز هڪلي جڏهن موٽي پنهنجي ڳوٺ ويندو هو، ته ڏسندو هو ته اڳ ۾ ئي شهر جي ٻاهران پير رکيل بيٺو هوندو هو. پيو پير ڇنڊيندو هو، ۽ ان ماڻهوءَ کي ڏسي چوندو هو ته ’ابا، اجهو مان به هينئر تنهنجي اڳيان آيو آهيان‘! شهر جي ٻاهران جڏهن به پهچندو هو، تڏهن بلند آواز سان ۽ وري وري ”الله تو آهر“ چوندو هو. پوشاڪ بلڪل سادي – اڇو پٽڪو، اڇو پهراڻ، اڇي يا نِير جي ٻڏل اچانگڙي ڪائنچ اوڍيندو هو، جنهن جا ور اڪثر کنجل هوندا هئا. ڪلهن تي اڇي چادر ڪندو هو، ۽ پيرن ۾ جتي پائيندو هو. مينديءَ سان گهڻو شوق هوندو هوس. اڪثر هٿن پيرن کي ميندي مکائيندو هو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ ريش مبارڪ کي به ميندي ڪرائيندو هو. جڏهن کيس ميندي مکيندا هئا، تڏهن سهرا ۽ لاڏا چوائي پوءِ ميندي مکائيندو هو. کاڌو بلڪل سادو کائيندو هو. دل ۾ ڏاڍو قياس هوندو هوس. جانورن تي ڏاڍي ڪهل ڪندو هو. وڏائي اصل ڪانه هوندي هيس. شڪل جو سهڻو، رنگ پڪيرو، بدن ۾ گنبو ۽ پوري قد وارو هو. جڏهن ڪو سندس تلاش ۾ نڪرندو هو، ته بعضي ته آسانيءَ سان هٿ اچي ويندو هو، بعضي ته ڏس پوندو ويندو هو ته ’اجهو اڳيان ٿو وڃي، هتان هاڻي نڪتو آهي‘. پوءِ گهوڙو ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪجي پئبو هو، ته به ساڳيو ڏس پوندو ويندو هو، باقي هٿ ڪونه ايندو هو.

سندس ڪرامتون تمام گهڻيون مشهور آهن. درگاهه جي ارد گرد ٻارهن – ڪوهيءَ ۾ پنجاهه سٺ ورهين کان مٿي عمر وارا هزارين ماڻهو، زالين مڙسين، سندس اکئين ڏٺل ڪرامتن جا اڄ تائين گيت ڳائين ٿا. تپ وارن کي موچڙا هڻندو هو –جن جو انداز اڪثر ٽي هوندو هو. جنهن تپيل کي موچڙا هڻندو هو ته ان کي تپ يڪدم ڇڏي ويندو هو، ۽ وري وس لڳندي ان ماڻهوءَ کي تپ نه ايندو هو.

(1) مولوي صاحب حافظ حاجي عبدالرحمان ٻٻر، مدرس مدرسو پريو جوڻيجو تعلقو ڪڪڙ، روايت ٿو ڪري ته ”اسان جي ڳوٺ گل ٻٻر تعلقي جوهيءَ ۾ پير رکيل آيو؛ اتي هڪڙن ٻن ڀائرن کي گهڻي وقت کان ٽِيَڙ تپ ايندا هئا، ۽ ويچارا سُڪي ڪاٺڙيون ٿي پيا هئا، تن جي ماءُ گهر جي در تي ٿِي بيٺي جو اتان پير صاحب اچڻو هو؛ جڏهن پير صاحب آيو، تڏهن مائيءَ حقيقت ڪيس؛ پير صاحب انهن ٻنهي ڀائرن کي ٽي ٽي موچڙا هنيا، جي نوبنا ٿي پيا ۽ وري سڄيءَ عمر ۾ ٽيڙ تپ ڪونه آين“!

(2) خدا بخش ابڙو، ڳوٺ در محمد، تعلقو ڪڪڙ؛ کبڙ ٻٻر، ويڍل ڳوٺ ٿرڙي جادو شهيد تعلقو جوهي؛ وڏيرو آڍو خان، ويٺل ڳوٺ عبدالرحيم ابڙو، تعلقو دادو؛ ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو روايت ٿا ڪن ته ’ڪيترا دفعا پير رکيل تارِ وهندڙ ناري خواهه پرچرڊ واهه مان هڪڙي ڪپر کان ٻئي ڪپر لنگهي ويو، ته کيس پنيءَ – ٻوڙ پاڻي مس آيو‘! هيءَ تمام مشهور ڳالهه آهي.

(3) ڳوٺ عبدالرحيم ابڙي تعلقي دادوءَ ۾ باغ ابڙي جو پٽ امام بخش بيمار ٿي پيو؛ طبيبن ۽ حڪيمن ان کي لاعلاج ڪري ڇڏيو؛ باغ اچي پير رکيل کي چيو ته ’سائين، دعا ڪيو ته الله سائين مون کي هڪڙو ڪڻو رکي ڏئي‘“ پير صاحب هن سان گڏجي سندس گهر ويو، پِڪ ڪڍي امام بخش کي وات ۾ وڌائين، ۽ چيائينس ته ’ابا ٺينگُو، اٿي ٺينگ ڏي‘“ باغ کي چيائين ته ’الله سائين تنهنجي ڪڻي مان ڪيچ ڪندو‘. ٺينگُو انهيءَ ئي ڏينهن چڱو ڀلو ٿي پيو؛ پوءِ هميشہ پير صاحب وٽ گهڻو ويندو هو، ۽ پير صاحب به کيس ڏاڍو ڀائيندو ۽ دعائون ڪندو هو. اهو ڇوڪرو امام بخش، ”ٺينگوءَ“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو، ۽ ماڻهو کيس اڄ تائين ’ٺينگُو‘ سڏيندا آهن. اڃا به زنده آهي؛ عمر پنجاهه کن ورهيه ٿينديس کيس ڏهه پُٽ آهن، ۽ ڏاڍو سکيو ستابو ماڻهو آهي؛ عام خاص کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن.

(4) محمد پريل پريي (ويٺل ڳوٺ پريا، تعلقو ڪڪڙ) جي روايت آهي ته مان جڏهن انگريزي پڙهندو هو، تڏهن پنهنجن ٻين ٻن دوستن سان گڏ فوٽو ڪڍايو هوم، جو اسان جي گهر ٽنگيو پيو هو؛ پير صاحب اسان جي گهر آيو ۽ فوٽا ڏسي چيائين ته ’ابا، هي صاحب آهن‘“ کيس چيو ويو ته ’قبلا، اوهان جي ننڍڙي مريد پريل ۽ ان جي سنگتين جا فوٽا آهن‘، ته چيائين ته ’هائو ابا هائو، هي وڏا صاحب آهن‘- آخر اهي ٽيئي فوٽن وارا ماڻهو، گزيٽيڊ آفيسر ٿيا!،

(5) ميان دوست محمد جوڻيجو پاٽائي ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو روايت ٿا ڪن ته ’پير صاحب پاٽ جي شهر ۾ مريدن ۾ تمام گهڻو ايندو هو، پاٽ جو هڪڙو قاضي صاحب، جو شريعت جو پابند ۽ بزرگ شخص هو (ان جو نالو راقم کان وسري ويو آهي)، سو پير صاحب جي مريدن کي چوندو هو ته ”هن چريي مست پير ۾ ڇا رکيو آهي: شريعت جي ڪابه پابندي ظاهر ۾ منجهس ڪانه ٿي ڏسجي، هن ۾ ڪهڙي ڪرامت ۽ ولايت هوندي، هن جي پٺيان لڳي ڇو گمراهه ٿيا آهيو؟“ انهيءَ قاضي صاحب تي ايترو قرب ٿيو، جو حضور جن جي درٻار ۾ ويو! جڏهن نماز جو ٽائيم ٿيو ۽ جماعت نماز پڙهڻ لڳي، تڏهن قاضي صاحب کي پاڻي ڪونه پيو لڀي جو وضو ڪري نماز پڙهي. ڏاڍو پريشان ٿيو، ته پير رکيل اتي اچي ٻانهن مان ورتس ۽ چيائينس ته ”قاضي، هل ته توکي بنا وضوءَ نماز پڙهايان!“ ۽ گڏجي وڃي جماعت سان سان نماز پڙهيائون. وري جڏهن پاٽ جي شهر ۾ پير رکيل آيو، ته قاضي صاحب به زيارت ۽ ملاقات لاءِ آيو. پير صاحب قاضيءَ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو ته ’يار، اسان جو حال ته برابر اهو آهي جو ماڻهو اسان ۾ شريعت جي ظاهري پابندي ڪانه ٿا ڏسن، پر تو جهڙي شريعت جي پابند کي به ته بنا وضوءَ نماز پڙهائي ڇڏيسين!‘ قاضي پيرن تي ڪري چيو ته ’قبلا، مون تي وڏو احسان آهي، تون بيشڪ الله جو پيارو ٻانهو، ولايت ۽ ڪرامت جو صاحب آهين‘.

(6) پير رکيل هڪڙو لاطمع درويش هو کيس جيڪو به نذرانو ملندو هو، سو اڪثر پير ڪريمڏني دوم – پير ڪريمڏني اول جي پوٽي – يا لونگ فقير بڙديءَ کي ڏيئي ڇڏيندو هو؛ هڪڙن کان وٺي ٻين کي ڏيئي ڇڏيندو هو؛ يا انهن مان شربت ٺهرائي، ماڻهن کي پياريندو هو. پاڻ مال ملڪيت گڏ ڪونه ڪيائينک نه زمين ورتائين، نه وري ڪا جاءِ جڳهه ٺهرايائين. پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪڙو کوهه کڻايائين: جڏهن کوهه لاءِ سرون پچي راس ٿيون، چَڪ تيار ٿيو، جنهن کي ميندي مکي، ڳانا ۽ موڙ ٻڌي، کڏي ۾ لاهڻ لاءِ تيار ڪيائون. دهل شرنايون پيون وڄن، مريد ۽ معتقد زالين مڙسين اچي ڪَٺا ٿيا، سهرن ۽ لاڏن جو اچي ڌمچر متو، تڏهن پير خيالي وڏو اچي ناراض ٿيو ته ’کوههُ کڻائڻ به هڪڙي پُني مراد آهي، هن موقعي تي عزيزن قريبن ۽ ريلاين جي پڳدار مخدوم پير سوائي سائين درسن واري کي دعوت نه ڏني ويئي آهي، سي ضرور دل ۾ ڏک ڪندا‘. ماڻهن انهيءَ حقيقت کان پير رکيل کي واقف ڪيو، جنهن يڪدم چيو ته ’ابا، اُهي به ايندا ۽ ضرور ايندا؛ جيستائين اهي نه ايندا، تيستائين چَڪ کَڏي ۾ ڪونه لهرائبو‘. پاڻ پير خياليءَ اول کي اچي روبرو چيائين ته ’سائين، مخدوم پير سوائي سائين ۽ مٽ مائٽ سڀئي ايندا، ۽ انهن جي اچڻ کان اڳ چَڪ کڏي ۾ ڪونه لهرائبو، مون کي اها ڳڻ اڳي ئي آهي‘. ان چيس ته ’مست! انهن کي ڪهڙي خبر، اهي ڪيئن ايندا؟‘ جواب ڏنائين ته ’قبلا، اجهي ٿا اچن، ۽ ضرور ايندا‘. آخر ڪلاڪ کن مس گذريو، ته مخدوم پير سوائي سائين ۽ ٻيا ريلائي پير گهوڙن تي ڊَنب ڪري اچي نڪتا، جن چيو ته ”اڄ صالحپور تعلقي موري ۾ سڀ قدرتي اوچتي اچي گڏ ٿياسين، ڳالهين ڪندي ڳالهه نڪتي ته اڄ سڀئي پير گڏ به ٿيا آهيون، پير خيالي ۽ پير رکيل وارن سان هلي ملي اچون ته ڏاڍو چڱو، جو ملئي گهڻو وقت گذري ويو آهي؛ اهڙي ڪشش ٿي، جو يڪدم تياري ڪري، گهوڙا تيز ڪري، پَتڻ ٽپي، ٽن چئن ڪلاڪن ۾ اچي هت رسيا آهيون‘. ”گهوڙا ۽ گهر، ڏورِ ڇو ٿو پُڇين ولها“ – ست اَٺ ڪوهه پنڌ ڀلن گهوڙن جي آڏو ڪهڙي ڳالهه آهي؟ مهمان ۽ ميزبان ڏاڍو خوش ٿيا. چَڪ کڏي ۾ لاٿو ويو، ۽ پوءِ کوهه تيار ٿيو. سمورو ڪم ۽ خرچ پکو مريدن ڪيو. ٻي پنهنجي ڳوٺ ۾ جامع مسجد نهايت شاندار پنج – قبائين ٺهرائين هئائين، جا پنج ڇهه سال ٿيندا ته شهيد ٿي پئي، ۽ ان کي وري پير ڪريمڏني دوم (منهنجي والد سڳوري) تيار ڪرايو.

(7) هڪڙي سال ڪاڇي ۾ اچي جوئر ۾ سوڪ ٿي؛ مريد کيس دعا لاءِ وٺي ويا؛ جوئر گهمندو وتي، ۽ چوندو وتي ته ’ابا، هيٺان پاڻي مٿان اَنّ، سڀ پَچَندي‘ – ٿيو به ائين، ڪاني کي ڇڪ ڏئي پٽيندا هئا ته پاڙن ۾ آلي گپ لڳي پئي هوندي هئي.

(8) ٻئي دفعي وري ڪڪڙ تعلقي ۾ ٻوڙريءَ جي ڀرسان، سارنگ چانڊيي جي ارد گرد، پاڻيءَ جي ڪميءَ سبب جُواريون سوڪ ٿي پيون؛ پير صاحب جن کي دعا لاءِ وٺي ويا، جوئر گهمندي گهمندي، وٺي ’ڀيڄ ! ڀيڄ!‘ ڪيائين: نڪو آسمان ۾ جهڙ، نڪو ڪڪر – جهٽ پلڪ ۾ آسمان ڪڪرن سان ملجي ويو، ۽ ڏاڍو مينهن اُٺو، فصلن کي پاڻي اچي ويو، جواريون رائيٽ پچي تيار ٿيون!

(9) پير ڪريمڏني اول جي پوٽي پير ڪريمڏني دوم (منهنجي والد سڳوري) کي وڏن جي نالي جي ادب کان نالو وٺي ڪونه سڏيندو هو؛ کيس ”ننڍڙو نينگر“ ڪري سڏيندو هو؛ ۽ ڏاڍيون دعائون ڪندو هوس. چوندو هو ته ’ابا، ننڍڙي نينگر کي هڪڙو پٽ ڄمندو، ته نالو رکنداسونس پير شاهه محمد؛ ٻيو پٽ ڄمندس، ته نالو رکنداسونس پير علي محمد؛ ۽ ٽيون پٽ به ڄمندس.! پر، ٽئين جو نالو اڳواٽ ڪونه رکيائين. ان وقت پير خيالي اول به حيات هو. بابي سائينءَ کي پهريون پٽ پير شاهه محمد، منهنجو وڏو ڀاءُ، پير رکيل سائينءَ جي حياتيءَ ۾ ڄائو، ۽ مان (پير علي محمد) پير رکيل جي وفات کان پوءِ ساڳئي ئي سال ڄائس؛ وري جڏهن پير خيالي اول وفات ڪئي، ته ان کان پوءِ ساڳئي ئي سال اسان کي ٽيون ڀاءُ به ڄائو، جنهن جو نالو پير خيالي دوم رکيو ويو: پوءِ ماڻهن اندازو اهو لڳايو ته ٽئين پٽ جو نالو پير رکيل انهيءَ ڪري نه ٻڌائيندو هو، جو پير خيالي اول زنده ويٺو هو.

(10) سندس دعا ۽ ڪلام سان، لونگ فقير بڙديءَ کي پنج پٽ ڄاوا؛ ميان دوست محمد جوڻيجي پاٽائيءَ کي پنج پٽ ڄاوا؛ رئيس ولي محمد خان چانڊيي (لڌاڻ وارو) کي ٻه پٽ – محمد وارث ۽ صحبت خان ڄاوا.

اهڙيءَ ريت، ڪئين مثال آهن، طوالت کان وڌيڪ ڪرامتن جو بيان نٿو لکجي.

سندس دل وارا طالب – شامون فقير هندو جبير جيءَ وارو، سيٺ ڌنراج مل ڪاٺين وارو، لونگ فقير بڙدي ڪڪڙ وارو، ميان دوست محمد ۽ ميان فيض محمد جوڻيجا پاٽ وارا، احمد موچي غازيخان جي ڳوٺ وارو، وڏيرو موريو ڪاٺيو ڪاٺين وارو، گلڻ ميربحر چڪڻ وارو، ٻڍو جوڻيجو ٻئي وارو، حاجي ماڇي دلوءَ جي ڳوٺ وارو، ۽ ٻيا ڪي هوندا هئا، جن وٽ گهڻو رهندو هو؛ باقي مريدن ۽ معتقدن جو شمار ۽ انداز ڪونه هو، جي اڄ سوڌو سندس درگاهه جا پانڌيڙو آهن. فقيرن مان فقط ميان فيض محمد جوڻيجو ۽ گلڻ ميربحر چڪڻ وارو زنده آهن.

پاڻ شادي ڪانه ڪئي هئائين ۽ جَتِي سَتِي هو. آخر عمر ۾ جڏهن بيمار ٿيو، تڏهن لونگ فقير بڙديءَ وٽ ڪڪڙ ۾ رهيل هو، جتان عزيز ۽ مريد کيس ڏوليءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ کڻي آيا. پهريائين اچڻ کان انڪار ڪيو هئائين، پر جڏهن کيس عرض ڪيو ويو ته ’حالت ضعيف آهي، مبادا هن جهان مان سفر پورو ٿيڻ وارو هجي، ان ڪري پنهنجن ڪکن ۾ هلڻ بهتر آهي‘، تڏهن صبر ڪري کڻي اکيون ٻوٽيائين. سندس وفات جي تاريخ 27 محرم آهي. وفات جو سال مٿي ڄاڻايو ويو آهي. سندس رحلت جو پڪيءَ طرح سال چئي نٿو سگهجي، جو حاويلين ٺرڻ جي ڪري اڳيون سمورو دفتر سڙي ويل آهي. سندس آرام واري کٽ ۽ ٻيون سندس هٿن جون ڪي شيون هن وقت تائين مون وٽ موجود آهن. سندس رحلت کان پوءِ ستت ئي شامون فقير هندوءَ کي حڪم ٿيو ته ’اچي مجاور ٿي!‘ هن مجاوريءَ جا فرائض تاحياتيءَ دل و جان سان بجا آندا، ۽ سڄي عمر درگاهه تي درگاهه جي خدمت ۾ گذاري، جو 1942ع ۾ گذاري ويو.

پير صاحب جي وفات کان وٺي اڄ تائين سندس درگاهه تي هر سال تاريخ 27، 28 ۽ 29 محرم مهيني جي ٽي ڌمالون وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ تمام وڏي خلق ايندي آهي، واپار جو ڏاڍو چلتو ٿيندو آهي. ٽئي ڏينهن ملاکڙو به لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا وڏا مشهور پهلوان ايندا آهن. هڪڙي پاسي عالم ۽ حافظ قرآن شريف جا ختما ڪڍندا آهن، ٻئي پاسي شغلي خوش الحان سان ٻيا غزلخواني ڪندا آهن، ٽئين پاسي صوفي فقير يڪتارا ۽ ڇيريون وڄايو پيا نچندا ۽ ڳائيندا آهن، ته چوٿين پاسي وري ڪڃريون ۽ ناچُو پيا مجرو ڀريندا آهن. ٽئي ڏينهن صبح جو دهلن شرناين ۽ نغارن تي پڙ ۾ ڌمال لڳندي آهي، جتي فقير نفيلون ناد وڄائي نچندا آهن: مطلب ته جئن سنڌ جا ٻيا وڏا ميلا لڳندا آهن، تئن هي ميلو به وڏي پيماني تي لڳندو آهي. ميلي کان سواءِ، هر ڪنهن مهيني ۾ ماه – پهريون – سومار به لڳندو آهي. جنهن تي پڻ راڳ ناچ، شغلين جي غزلخواني ۽ ميانوالن جي موج ٿيندي آهي. سنڌي سازن جا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن، ڪئين زوائر ۽ سوالي ايندا آهن. ان کان سواءِ ٻارهوئي درگاهه تي رنگ لڳو پيو آهي. جهنڊين مُنڻن جا منڊل، زوائرن ۽ سوالين جي آمد رفت هميشہ چالو آهي.

درگاهه تي ڌنراج مل ڪاٺين واري جي کهي کڻايل آهي. پير صاحب جي مزار تي پکو پيل هوندو هو. 1941ع ۾ سيد ڪامل شاهه لڪياريءَ آراضيءَ واري ۽ منهنجي ڪوشش سان قبو تيار ٿيو، جو 1942ع واريءَ ٻوڏ ۾ شهيد ٿي پيو، رهيل کهيل ڀتيون 1956ع جي برسات ۽ ٻوڏ ۾ زبون ٿي ڊهي پيون آهن. مسافرن جي رهڻ جا مڪان ۽ درگاهه جي ننڍڙي مسجد 1942ع جي ٻوڏ ۾ صفا ڊهي ويا هئا، جي فقيرن ۽ مريدن وري ٺهرايا هئا، پر اهي به 1956ع جي برساتي ٻوڏ وري ٻوڙي ڊاهي ڇڏيا آهن. هينئر وري به مريدن ۽ معتقدن کي مڪانن ۽ ننڍڙي مسجد ٺهرائڻ جو خيال ۽ تياري آهي، جي اميد ته جلد ٺهي راس ٿيندا. مزار مبارڪ تي چوکنڊي ٺهرائڻ لاءِ، مخدوم المخدومين پير محمّد زمان طالب الموليٰ، سجاده نشين درگاهه غوث الحق مخدوم نوح عليہ الرحمة، هالن واري، حڪم ڪرڻ فرمايو آهي، ۽ پاڻ به ان تعميرات ۾ مدد ڪرڻ جو واعدو ڪرڻ فرمايو آهي. هن وقت درگاهه جو سجاده نشين مان آهيان، سالياني ميلي ۽ ماهه پهرئين – سومار کي دستور موجب چالو رکيو اچجي ٿو.

 

احمد خان طالباڻي عامري

پير حاجي نظر محمّد شاهه جيلاني

جناب پير حاجي نظر محمد شاهه، ولد پير ڇٽل شاهه، ولد پير نور محمد شاهه، ولد پير نظر محمد شاهه، سن 1307هه ۾، ڳوٺ ”ناسري“ (تعلقو سڪرنڊ، ضلعو نوابشاهه) ۾ ڄائو ۽ سندس گهڻو عرصو ڳوٺ ناسري ۾ رهڻ ٿيو. 1928ع ۾، ڳوٺ ناسريءَ کي درياهه پائڻ سبب، انهيءَ ڳوٺ کان اوڀر طرف، بچاء – بند جي اندر، ڳوٺ ڇتن شاهه لڳ پنهنجو ڳوٺ ٻڌارائي رهڻ لڳا. اهو ”ڳوٺ پير نظر محمد شاهه“ اڄ تائين موجود آهي. پاڻ انهيءَ ڳوٺ جي ڀرسان دفن ٿيل آهن.

پاڻ ننڍي هوندي ملا محمّد ابراهيم ڏونگري (ويٺل عامري) وٽ قرآن مجيد پڙهيائون، جنهنڪري لکي پڙهي سگهندا هئا. شاهه صاحب جن جڏهن سورهن سالن جا ٿيا، ته سندن والد وفات ڪئي؛ پوءِ اسم – ذاتي جي حاصل ڪرڻ لاءِ ديس ڇڏي پرديس روانا ٿي ويا.

سنڌ ۾ ڪيتريون ئي زيارتگاهون ڏسندو گهمندو جستجو ڪندو، ’شيخ ڀرڪئي‘ (ضلعو حيدرآباد) جي اتر ۾ مڪان درگاهه ”ٻوچڙائي“ تي پهتو، جتي بزرگ مخدوم عبدالحميد ڪاتيار جي گادي نشين سيد محمد علي شاهه جي خدمت ۾ حاضر رهيو. ٻوچڙائي درگاهه شيخ ڀرڪئي کان ٻه ميل اتر طرف آهي، جتي درگاهه جي گادي نشين الحاج سيد محمد علي شاهه جن، پير نظر محمد شاهه جيلانيءَ کي، حق جو طالب سڃاڻي، پنهنجي محبت ۾ محو ڪري، ذات پاڪ جي اسم اعظم ڏيڻ سان سرفراز ڪيو. اهڙيءَ ريت، پنهنجي مرشد سڳوري جي حضور ۾ حاضر رهي، جهد ۽ تڪليفون ڪري، ڪمال درجو حاصل ڪيائين.

جڏهن مرشد پير حاجي محمد علي شاهه جن برقعو مٽايو، تڏهن پير حاجي نظر محمد شاهه ويڳاڻو ٿي لڪيءَ ۾ حضرت شاهه صدر رحمت الله عليہ جي درگاهه تي ويهي ذڪر ۽ فڪر ۾ محو رهيو. هر هڪ جمعي رات، مشڪلات خواهه مرض ۾ مبتلا ٿيل، ته به اچي جماعت سان صلوات سڳوري ۽ ذڪر ذاتي جي محبت ۾ مائل ٿي، هر طرح جي فائدي کان فيضياب ٿيندا رهيا. کين حضرت شاهه صدر رحه جي روضي شريف جي اڳيان مسجد شريف ٺهرائڻ جو شوق ٿيو، تنهنڪري پاڻ ملتان مان ڪاريگر گهرائي موجوده مسجد شريف ۽ درگاهه جو ٻاهريون دروازو تيارڪرايو. پاڻ پخاليءَ هٿان ميل ٻه پنڌ تان درگاهه شريف تي پاڻي ڀرائي غريب غربا مريض مسافرن جي رهائش ۽ کاڌي خوراڪ وغيره لاءِ خاص خدمتگار موجود ۽ مُهيا ڪري، رات جو جانڊهه هلائي، ڪلمهء توحيد جي تنوار سان، اندر اوجاريندڙ آلاپن سان، ساهه سائينءَ جي سپرد ڪري، ڏينهن جو غرباء ۽ فقراء جي کاني کائڻ ۾ مست رهيا؛ جنهنڪري گلستان بارگاهه جي گلڙن، ”جماعت“ جون مکڙيون مرڪڻ سبب، شاهه صدر عليه الرحمة جي نوجوان ۽ نونهال ننڍن کي اچي دل مبارڪ تي اهو وهم ويٺو ته مبادا اهو جيلاني جوان (حاجي نظر محمد شاهه( اسان جي ڏاڏا سائينءَ تي هميشہ لاءِ قبضو ڪري، تنهنڪري هن درويش ۽ غربا جي دلين جي سوداگر، اهو سُر سمجهي، سواءِ سبب جي، پنهنجو سمورو فقرآء وارو لڏو ساڻ کڻي، وطن واصل ٿيو. اندر ۾ اها ئي آس ته ڪنهن جي دل نه رنجائجي.

تنهن کان پوءِ، پاڻ حضرت مخدوم نوح رحه جي درگاهه تي جماعت سميت ايندا رهيا، ۽ الاهي عشق ۾ دنيا کي ترڪ ڪري، عبرت جي مڪان کي لوچي لڌائون. سندن سدائين پاٿاري پَٽ تي هوندي هئي. هن درگاهه تي ڪيل خدمت ۾، مخدوم غلام حيدر سندن سهڻيءَ سيرت تي موهجي پيا.

آخر درگاهه شريف قلندر شهباز رحه جي سجاده نشين سردار ولي محمد شاهه صاحب، لڪي شاهه صدر رحه جو سرسبز ٿيل غنچو، ذرا موسم سرديءَ ڪري ڪومايل پَسي، پير حاجي نظر محمد شاهه جن ڏانهن حضرات لڪياري سادات جو وفد (جناب حاجي قادر بخش شاهه، حاجي غلام عباس شاهه صاحب ۽ سيد جئندل شاهه صاحب) دوباره درگاهه شريف تي آڻڻ لاءِ موڪليو، جن کيس آڻي لڪي شريف ۾ ميان غازيخان جي اوتاري ۾ رهايو.

ننگرخاني لاءِ، رسول بخش فقير، جانڊهه پيهي، مسافرن جي خدمت ڪري، ذڪر ذاتي ۾ مشغول آهي: اهو ننگرخاني جو سنڀاليندڙ، سڄو سُڪي ۽ هلڻ چلڻ کان عاجز ٿي، کٽولي داخل هو، جو پير صاحب جي دعا سان هاڻي پاڻي ڀري، کاڌو رڌي ۽ پچائي پيهي، مسافرن جي خدمت ڪرڻ سان، اڄ اولياء صاحب جي درگاهه جو خادم ۽ موجود آهي، جنهن جي دعا پڻ الاهي درگاهه ۾ مستجاب آهي – (ثابتيءَ لاءِ درگاهه لڪي شاهه صدر عليہ الرحمة تي ڏسي سگهجي ٿو).

شاهه صاحب موصوف جي حياتيءَ جو سمورو وقت ۽ زمانو، مماتي وارن جي محفل ۽ مجلس ۾ گذريو. هميشہ اهو فڪر هوندو هون ته نفس اَمّاره کي نابود ڪجي. هڪ دفعي، آمريءَ وٽان لنگهندي، سندن مريد چيو ته ’سائين، اوهان تي خدا جي ايتري نوازش آهي جو جيڪر نظر ڪريو ته هي جو ڳوٺ لڳ (اُتر طرف) مٽيءَ جو دڙو آهي، سو به هوند سونو ٿي پوي!‘ جواب ۾ چيائون ته ’مٽيءَ جو دڙو سونو ڪرڻ يا درياء مان جيئرا پَلا هٿ سان وٺڻ واري کي پِيرنه چئبو؛ پير پِير اُهو آهي، جو پنهنجي نفس ناقص کي ماري مات ڪري، رت ماس خدا تعاليٰ جي عشق ۽ ياد ۾ سُڪائي‘. مگر، اڄ تيل تماڪ جا طالب گهڻا آهن، پر حق جو طالب ڪو ڪو: جو مُئي دل جياري، سوئي عاشق الله تعاليٰ جل جلالہ جو آهي. سخا جو ته اهڙو عاشق هو، جو پئسو ۽ مال ته بجاءِ خود، پر جُسي جا ڪپڙا به خيرات ڪرڻ کان ڪين گسندو هو!

سندن مرشد سڳورن جي درگاهه تي پير غلام حسين شاهه صاحب ”موجوده“، جي دستاربنديءَ کان پوءِ ته هر طرح خدمت ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشي، مانجهي مرد، ميدان ۾ نروار ٿي، اُن درگاهه شريف، مسجد شريف ۽ ٻين جاين جي تعمير ڪرائڻ ۾ مشغول رهيا، ۽ صبح شام، رات ڏينهن، قلب کي پرين جي تات ساهه پساهه، قلبي ذڪر سان ذوق ۽ شوق زياده هون؛ ۽ ساري فقراء جماعت جو جنسار، اندر اوجار سيلاني، سدائين سفر ۾ گذاريندو هو.

سندن همعصر حضرات مان هيٺيان صاحب قابل ذڪر آهن؛ سيد ولي محمد شاهه، سجاده نشين درگاهه قلندر شهباز رحه؛ مخدوم مولوي حيدر صاحب مرحوم؛ طالب الموليٰ جناب مخدوم محمد زمان (ان وقت ننڍا هئا، مگر ساڻس مجلس ڪندڙ هئا)؛ سيد قاضي محمد ابراهيم شاهه صاحب ۽ سندن ڀاءُ حاجي محمود شاهه (حيدرآباد جا قاضي صاحب)؛ پير غلام حسين شاهه صاحب درگاهه پوچڙائي؛ سيد الحاج ميران محمد شاهه صحب؛ ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب، وغيره. مطلب ته سندس ساريءَ سنڌ اندر هر هنڌ هٻڪار هئي، بلڪ اڄ تائين عربستان اندر پڻ سندس فرزند ارجمند ۽ خليفي احمد نُوناريءَ خواهه ساداتن جي آمد رفت ۽ سندس معتقدن سان خط ڪتابت جاري آهي.

سندن وفات تاريخ 29 جمادي الثاني سن 1370هه، ڇنڇر رات، ٽيهٺ ورهين جي عمر ۾، پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿي، جو تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ آهي. سندن مزار پڻ اُن ڳوٺ جي ڀرسان آهي.

ڪارناما: هن ڪامل درويش، مرشد صاحب، فيض بشارت، جي وطن پهچڻ تي وٽس هڪ عورت دانهين آئي ته ’منهنجو مڙس مجازي عشق ۾ اهڙو غلطان آهي، جو ان کي شايد ڏينهن ٻن ۾ مخالف ڌر، جان جو نقصان ڪري وجهن، جنهن کي دعا ڪريو ته خدا هدايت بخشيس‘. قدرتاً، اهو مرد (ذات جو لاکو)، ٻئي ڏينهن، عشق جي انڌي گهوڙي تي هسوار، تاڪيي جي سلوار، ٺٽي جي ريشمي لونگي، زريءَ سان جُتي پايو، شاهه صاحب جي اوتاري وٽان اچي لانگهائو ٿيو. سندس دل ۾ آيو ته پير نظر محمد شاهه ويٺو آهي، ڇو نه پيرين پوندو وڃان. بس، لاکي احمد جو پير صاحب جي ملڻ لاءِ اچڻ، ۽ درويش ڪامل جو توجهه ڪرڻ. . . پوءِ ته زمين تي ڪڪڙ کي سير وجهڻ وقت جئن ڦٿڪو لڳندو آهي، تئن سندس ڦڦڙن ۾ ڦٿڪو ۽ جان ۾ جولان جاڳيو، جو ڪلاڪ کن هليو. تنهن کان پوءِ جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن اُٿي پير صاحب جو حضور ۾ حاضر ٿي، اڳيان اچي، مولا سائين جي محبت ۾ محو ٿي ويو. ڪاڏي ويا ويس وڳا؛ عشق مجازيءَ مان ڦِري عشق حقيقي اهڙو حاصل ٿيو، جو کٿي جي گوڏ، پير اگهاڙا ۽ ٻانهن جهڙي ٻٻر جي ٿلهي لٺ ڪلهي تي کڻي، ڪلمهء توحيد ۽ حياتي خواهه مماتي وارن بزرگن جي محفل ۽ مجلس لاءِ حيران پريشان، باقي وقت حياتيءَ جو خدا تعاليٰ جي خوف کان سمهي آرام نه ڪيائين؛ پڻ عشق جي آتش جا آواز اُچاريندو، ڪلمهءَ توحيد جي برڪت سان ڪافرن ۽ ڪَٽن جون مئل دليون جياريندو، شاد ۽ آباد ڪندو رهيو.

منهنجي شاگرديءَ جي زماني ۾، هڪ دفعي، ڪنهن سادات جي چوڻ تي، ذڪر توحيد جو ڪندي، منهنجي استاد کيمچند نالي، سندس ذڪر ٻڌي، کيس اهڙو ته بدن ۾ لرزو اچي ويو، جو اُن سيد کي چيائين ته ’هاڻي بند ڪرائينس!‘ جنهن تي مذڪوره سيد وراڻيو ته هي پنهنجي مرضيءَ سان بند ڪندو، نه ڪنهن ٻئي جي چوڻ سان، ان کان پوءِ استاد کيمچند جيترو وقت حيات هو، سو پير صاحب جي خدمت، صداقت ۽ رات جو جاڳڻ سان گذاريائين.

مٿئين احمد لاکي لاءِ ڪنهن ٻئي فقير، پير صاحب پاڳاري کان دعا گهري؛ جواب ۾ فرمايائون ته ’کيس پير صاحب کٿي جي گوڏ ٻڌائي آهي، جا امانت وٽس قائم رهندي.‘ سندس پٽ گلڻ لاکو به اهڙو ئي درويش فقير، محبت وارو ٿي گذريو آهي.

حاجي موليڏيني درس فقير تي، ڪنهن شخص، دشمنيءَ سبب، برٽس مان بلوچستان ۾ ڪيس ڪرائي، ڇهه مهينا دربدر خاڪ بسر، بيروزگار ۽ ذليل ڪرايو، جنهن لاءِ سندس عزيز خويش خرچ ڪري ڏاڍي ڪوشش ڪئي، مگر وريو ڪي به ڪين. آخر، هن درويش جي دعا ۽ خدا تعاليٰ جي عنايت سان، هڪ هفتي اندر ئي، هڪ مرد مولا جو، بلوچستان جو رهاڪو، سندس ضامن پئي، جند آزاد ڪرائي. حاڪم پڻ فرياديءَ تي ڏنڊ ڪري، کيس آجو ڪري، وري ساڳيو روزگار نوڪري بحال ڪيو؛ جنهن جي آزاد ٿيڻ تي هي لفظ نڪتا: ”ڪئن ڪريان ڪيڏانهن وڃان، ڪونهي منهنجو وس؛ جڏهن ڏاهي ڏنو ڏس، ته ويڄ وري آئيا!“

محمد اسماعيل جوئي کي اولاد بچندو ئي ڪونه هو؛ پير صاحب جي دعا سان، خدا تعاليَ مٿس راضي ٿي کيس چڱي انداز ۾ صالح اولاد عطا ڪيو آهي.

هڪ ڪوڙهه جو بيمار سوالي وٽس آيو، جنهن کي چيائين ته ’وڃي ڊڀن جون پاڙون پُسائي ڪاڙهي پيءُ‘ اهو هفتي کن علاج سان تندرست ٿيو. مخدوم در محمد خان رٽايرڊ سب انسپيڪٽر پوليس بوبڪ جي کي اولاد ڪونه هو، جنهن کي پيريءَ جي زماني ۾ ڪجهه علاج ۽ پنهنجي دعا جي اثر سان سرفراز ڪيائين، جو سندس اولاد ”مخدوم عبدالرحمان“ اڄ تائين قائم آهي.

هن درويش وٽ هِندن جي ڪوڙين دعوائن سان دربدر ٿيل، ڊڪريون جاري ٿيل يا ڪوڙن ڪيسن ۾ مبتلا ٿيل جوابدار، قدم بوسي ڪرڻ سان، آزاد ٿي نماز صلوات کي هٿ ڪري، آئينده آخرت لاءِ سوغات سپرد ڪري رهيا.

مطلب ته اڄوڪي وقت ۾ اهڙو هادي رهنما جزوي ڪو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندو، جو سڀڪنهن صحبت واري لاءِ دل جو سوداگر هو، ۽ نه دنيا فانيءَ جو طالبو. هر هڪ مريد خادم محبتيءَ کي سندس درجي مطابق پنهنجي هٿن سان ماني کارائڻ، ۽ پنهنجي فقراءَ جي پنهنجي درگاهه تي پاڻ خدمت ڪندو رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com