سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :12

محمد قاسم صاحب

 

مرحوم مولانا الهه رکيو عرف ڪريمداد چانڊيو معرفاڻي

 

ميان الهرکيو چانڊيو معرفاڻي مرحوم، سن 1851 ڌاري، ڳوٺ ”ڊگهه سومر چانڊيو“، (تعلقو قنبر ضلعو لاڙڪاڻو) ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم مقامي مڪتبن ۾ ورتائين، ۽ پوءِ سيتا شريف ۽ روهڙي شڙيف ۾ پڻ حصول تعليم جي خاطر ڪهي ويو؛ مگر سندس تشنگيء علم اتي ختم نه ٿي، بلڪ تعليم جي تڪميل لاءِ مولانا نظر محمد (ڀنگ شريف، ڊويزن ملتان) کان وڃي فيض حاصل ڪيائين، ۽ سهارنپور ۽ ديوبند (ڀارت) جا به سفر اختيار ڪيائين. ميان صاحب مرحوم جن جن استادن کان فيض علم حاصل ڪيو، تن مان چند بزرگن جا نالا هي آهن: مولانا نظر محمد صاحب (ڀنگ شريف، ڊويزن ملتان)، مولانا سيتائي (ضلعو دادو سنڌ)، مولانا فضل الحق صاحب رامپوري (سهارنپور)، ۽ شيخ الهند حضرت مولانا محمود الحسن صاحب (ديوبند).

ميان صاحب مرحوم کان جيڪي شاگرد فيضياب ٿيا، تن جو تعداد تمام گهڻو آهي. طوالت جي خوف کان، هتي فقط چند بزرگن جا نالا پيش ڪجن ٿا: 1- قاضي تاج محمد بروهي (استاد واليء قلات، بلوچستان)، 2 – مولانا ابوبڪر لاسي (ٺٽو، سنڌ)، 3 – مولانا ابوبڪر (ميرپورخاص ساڪرو)، 4- مولانا محمد مختار پرڏيهي، 5- مولانا عبدالرئوف ابڙو، 6- مولوي علي محمد (ديرو غيبي خان)، 7- مولوي محمد افضل مورو، 8- مولوي خير محمد مگسي (سجاول)، 9- مولوي غلام رسول چانڊيو، 10- مولوي محمد موسيٰ، مڪران، 11- قاضي حبيب الله  لاسي، 12- مولوي محمد عمر مگسي (سجاول)، 13- مولوي سعد الله، 14- مولوي فضل الحق (سندن فرزند)، ۽ 15-مولوي عبدالحڪيم (ڊگهه) وغيره.

هيٺيان علماء ڪرام ميان صاحب جا مشهور همعصر هئا؛ 1- مولانا مير محمد نورنگي، 2- مولوي عبدالڪريم ڪورائي، 3- مولانا خوش محمد ميروخاني، 4- مولانا عبدالرزاق (گهوٽڪي)، 5- مولانا محمد صاحب ٺيڙهي، 6- مولانا پير محمد جوڻائي (لاڙڪاڻو)، 7- مولانا حسن الله پاٽائي، 8- مولانا اميد علي جيڪب آبادي، 9- مولانا شمس القمر (سابق وزير معارف، قلات، بلوچستان)، 10- مولانا عبدالوهاب اوستو، 11- مولانا خادم حسين (رتوديرو)، ۽ 12- مولانا عبدالحڪيم شاهل سدايو، وغيره.

ميان صاحب مرحوم نقشبندي طريقي جو بزرگ هو، ۽ محمد عمر جان مرحوم چشموي جو عقيدتمند هو. سندس سموري زندگي درس و تدريس ۾ گذري، ۽ کانئس هزارها طالبعلم بهره ور ٿي ويا. مرحوم بدعتن جي سخت خلاف هو. قومي رسمن جي اصلاح ۽ عام ديني تبليغ سندس زندگيءَ جو مقصد هو. ميان صاحب 11 سيپٽمبر 1937ع ۾ پنهنجي جان جان آفرين کي سپرد ڪئي. مرحوم جي آخري آرامگاهه ”ٺوڙهي بجار“ تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي سنڌ ۾ آهي.

پير احسان الله شاهه راشدي مرحوم*

 

مرحوم احسان الله شاهه ولد رشدالله شاهه راشدي جن جو تولد، 27 رجب سن 1313هه ۾، ڳوٺ پير جهنڊو تعلقي هالا ۾ ٿيو. عمر جو اڪثر حصو پاڻ ڳوٺ پير جهنڊي ۾ ئي گذاريائون؛ پوءِ برادري تنازعي سبب اهو ڳوٺ ڇڏي، ان جي ڀرسان ٻيو ڳوٺ ’درگاهه شريف‘ جي نالي سان ٻڌائي، ات سڪونت اختيار ڪيائون – ليڪن تقريباً ڏيڍ سال کن بعد 15 شعبان سن 1358هه ۾ وفات ڪيائون.

پاڻ تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ (پير جهنڊو) ۾ سندن والد ماجد جي قائم ڪيل مدرسي مان ورتائون. سندن استاد ڪرام هي آهن: حضرت مولانا عبيدالله صاحب سنڌي، مولانا محمد صاحب، مولوي الاهي بخش صاحب، مولانا احمد علي صاحب لاهوري، مولوي خدا بخش صاحب، ۽ مولوي محمد اڪرم صاحب هالائي. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد پاڻ باقاعدي ويهي ڪنهن به درسگاهه ۾ تعليم ڪانه ڏنائون، ان ڪري ڪنهن خاص شاگرد جو نالو وٺي نه ٿو سگهجي؛ البت پاڻ سندن معتقدن کي پنهنجي پيشرو مرشدن جي نقش قدم تي هلڻ لاءِ ارشاد ۽ هدايت ڪندا رهندا هئا، ۽ بحمد الله سندن صحبت اڪسير مان بيشمار فيضيافتہ موجود آهن.

سندن حلقهء احباب بلڪل وسيع هو. ساري هندستان، بلڪ ان کان ٻاهر به بي انداز علماء سان سندن تعلق هو؛ خاص طرح اڳئين سلطان ابن سعود مرحوم سان سندن ڪافي تعلقات هئا، ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو به باقاعدي جاري هو. سندن طريقو ’قرآن ۽ حديث تي عمل‘ هو. ٻئي ڪنهن جي راءِ کي انهن ٻنهي ماخذن کان مٿي نه سمجهندا هئا. سندن طريقت جو سلسلو قادري هو، ۽ پنهنجي والد بزرگوار حضرت پير سائين رشدالله شاهه (صاحب اللواءِ الرابع) جي دست مبارڪ تي بيعت ڪيائون.

پير صاحب جن ٻه ٽي ڪتاب تصنيف ڪيا: جهڙوڪ (1) رسالو ”المقالة المحبوبة في الدعاءِ بعد صلواة المکتوبہ“، جو اردوءَ ۾ آهي ۽ ڪٿي عربي عبارت به ڪم آندل آهي؛ هن ۾ فرضي نماز کان پوءِ هٿ کڻي دعا گهرڻ جو مسنون هجڻ، احاديث مان ثابت ڪيو ويو آهي. (2) ٻيو هڪ رسالو لکيو هئائون، جنهن جو نالو ياد نه آهي، مگر ان جو موضوع هو نيڪ انسانن جي هٿن چمڻ جي جواز جي اثبات ۾؛ اهو رسالو گم آهي؛ (3) پاڻ ابن ماجہ جو شرح به لکڻ شروع ڪيو هئائون؛ ان جو نالو رکيائون ”خيمة الزجاجة في شرح ابن ماجہ“ مگر کين ايتري فرصت ڪانه ملي جو ان جو اتمام ڪن ها؛ ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد آخر پاڻ وفات ڪيائون، ۽ شرح رهجي ويو؛ جيڪو شرح لکيائون سو به گم آهي؛ (4) هڪڙي سندن تقرير آهي، جا پاڻ خانپور جي جلسي ۾ ڪئي هئائون؛ اها تقرير اردوءَ ۾ آهي.

سندس زندگيءَ جو مقصد هو- ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله جي نشر و اشاعت. حديث پاڪ جي علوم ڏي سڀ کان وڌيڪ توجهه هون. حديث ۽ حديث جي علوم جي ڪتابن جو کين ايترو ته شوق هو، جو ڪيترن ئي ملڪن – جهڙوڪ شام، مصر، مديني منور، مڪي معظم ۽ هندستان – جي ڪن شهرن مان ڪيترائي ڪتاب ڪثير رقم خرچ ڪري ماهر ڪاتبن کان لکارايائون: حيدرآباد دکن ۾ مولانا قطب الدين صاحب هاليجوي ۽ قاضي لعل محمد صاحب کي اماڻي، نظام نواب عثمان علي خان جي خاص ڪتبخاني مان ڪيترائي ڪتاب اتارايائون. پاڻ اتي جي ”دائرة المعارف“ جي اراڪين مان هڪ رڪن هئا. ’دائرة المعارف‘ جي ڪتبخاني ۾ جيڪي ڪتاب ڇپايا ويندا هئا، سي سندن ڪتبخاني عاليه علميه کي مفت ملندا هئا. سندن علمي ذوق اهڙو هو، جو مشهور ”تاريخ بغداد“ خطيب بغداديءَ جي اڃا مطبوع نه ٿي هئي، تڏهن پاڻ 15-16 سوَ روپيا خرچ ڪري ان جو مصر مان فوٽو حاصل ڪيائين- پوءِ ڪافي عرصي بعد اها تاريخ ڇپجي شايع ٿي. ”تاريخ اصفهاني“ جو فوٽو به لنڊن جي ڪتبخاني مان ڊاڪٽر ڪرنڪو، محافظ ڪتبخانه لنڊن جي معرفت حاصل ڪيائون- ڪرنڪو صاحب جي وساطت سان جرمني حڪومت تائين ”صحيح ابن خذيمہ“ ۽ ٻين تفسيرن جي لاءِ پڻ ڪو شان ٿيا، ليڪن اتي ڪاتب ۽ فوٽو نه ملڻ سبب اهي ڪتاب حاصل ڪري نه سگهيا. حديث جي علوم مان خاص طرح رجال جي فن ۾ کين ڪافي درڪ هو. هڪ دفعي، مولانا ثناءُ الله صاحب مرحوم امرتسري وٽن آيو ۽ ٻه ٽي ڏينهن قيام ڪيائين. پنهنجي قيام جي دوران ۾ مرحوم پير سائين جن سان رجال جي متعلق ڪافي گفتگو ڪيائين. پوءِ جڏهن مولانا صاحب واپس ويو، تڏهن چيائين ته ”اڄ (هن وقت) جيڪڏهن ڪو رجال جي فن جو امام آهي ته پير احسان الله شاهه راشدي آهي“.

خلافت واري تحريڪ جي وقت جڏهن سندن والد ۽ مرشد حضرت پير سائين خلافت ڌڻي عليہ رحمت پنهنجي دستار مبارڪ لاهي ”اگهورا فند“ ۾ ڏني، ۽ ٻئي ڏينهن جمعي نماز تي پير سائين خلافت ڌڻيءَ جي فرزند جناب پير محمد امام الله شاهه صاحب جن اوڏيءَ مهل ٻه سو رپيا رقم ڏيئي دستار خريد ڪئي.

هڪ دفعي، پاڻ سندن چاچي پير ميان محبوب شاهه صاحب وٽ سڱ لاءِ ويا؛ پير صاحب مرحوم چيو ته توهين نماز ۾ رفع اليدين نه ڪريو ته پوءِ توهان کي سڱ ڏيان، مگر پاڻ فرمايائون ته ’حضرت رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن جي سنت، زال خاطر ڪونه ڇڏيندس: اها ته هڪڙي آهي، پر اهڙيون هزار زالون به سندن سنت تان قربان ڪري ڇڏجن!‘ ائين چئي پاڻ ويا هليا- ۽ پوءِ آخرڪار کين ئي اهو سڱ مليو.

هڪ دفعي، پير ضياءُ الدين شاهه، ان وقت جي ڪمشنر وٽان ٿي آيو، تنهن کان پوءِ وري پير احسان الله شاهه جن ان ڪمشنر وٽ منزل هالا اُسريا. جيئن ته ساڻن جماعت تمام گهڻي هئي، ۽ دستور موجب تڪبيرن مان فلڪ شگاف نعرا پئي لڳا، سو ڪمشنر صاحب پڇا ڪئي ته ’هيءُ ڪير آهي؟‘ جواب مليس ته ’پير صاحب جهنڊي وارو اچي رهيو آهي‘. پاڻ جنهن وقت ڪمشنر وٽ پهتا، ته دوران مجلس ۾ کانئن پڇيو ته ’توهان به تحريڪ خلافت ۾ آهيو؟‘ پاڻ فرمايائون ته ’خلافت ته اسان جو مذهب آهي؛ باقي اسين حڪومت سان ته پهچي نٿا سگهون، تنهنڪري اهي دانهون ته ضرور ڪنداسين: سرڪار جيڪڏهن مقاماتِ مقدسه جي پچر کڻي ڇڏي، ته اسين به ماٺ ڪري ويهون، باقي خلافت ته اسان جو مذهب آهي‘. افسوس، سندن عمر ايتري ڪانه ٿي- صرف پنجيتاليهن ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائون- انا لله و انا اليہ راجعون!

 

------------

خدا بخش تونيو

 

مولوي غلام رسول مرحوم تونيو

 

مولوي غلام رسول ولد علي بخش تونيو مرحوم، ابڙا قوم جو هڪ فرد هو. سندس ولادت تاريخ 6 ربيع الاول سن 1319هه ۾، ڳوٺ تکر تونيي ۾ ٿي- اهو ڳوٺ ديهه ڌڱاڻو مهر تعلقي ميرو خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هن وقت ويران آهي.

مولوي صاحب ابتدائي تعليم ڳوٺ فاضل خان مهيسر جي ملان مدرسي ۾ ورتي، ۽ ان کان پوءِ سورت ۽ لاهور ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مڪمل ڪيائون. مولوي عطا محمد خان عباسي سندس استادن مان هو. مولوي احمد علي مهيسر ۽ مولوي قمر الدين مهيسر وغيره سندس شاگردن مان آهن. آخرالذڪر صاحب جي ڪوششن سان شهدادڪوٽ ۾ هڪ مدرسو قائم ٿيو، جو هن وقت به موجود آهي. مولوي صاحب مرحوم جي همعصرن ۾ محمد علي خان مهيسر جهڙا نيڪ مرد شامل هئا.

مولوي غلام رسول صاحب عجيب وصفن جو صاحب هو. ننڍي هوندي، ڏينهن جو مدرسي ۾ تعليم پرائيندو هو ۽ موڪل مهل گهر اچي پنهنجي والدين جي خذمت چاڪريءَ ۾ وقت گذاريندو هو. مرحوم جي مسلسل ڪوششن سان، ڳوٺ بکر مهيسر ۽ ٻين هنڌن اسلامي مدرسا قائم ٿيا- مگر افسوس جو اهي مولوي صاحب جي وفات کان پوءِ ڦٽي ويا!

مولوي صاحب مرحوم قد جو پورو پنو، رنگ جو ڀورو، ۽ گفتگو جو پڪو هو. مرحوم جي گفتگو ۾ ايترو ته اثر هو، جو سنگدل کان سنگدل انسان جي دل به هن جي گفتگو ٻڌڻ کان پوءِ نرم ٿي ويندي هئي.

مولوي غلام رسول صاحب مرحوم و مغفور اسلام ۽ اسلامي روايات جو عاشق هو. هن ڪيترن اهڙن هنڌن مسجدون تعمير ڪرايون، جتي رڳو وحشي انسان رهندا هئا، ۽ جن کي الله ۽ رسول جي پاڪ ذات جي ڪا به خبر ڪانه هوندي هئي. اهي ماڻهو نڪي نماز روزو ۽ نه ٻين اسلامي ڳالهين کان واقف هئا. چنانچه، مولوي صاحب مرحوم ڳوٺ نئين ڦلهڙي، ڳوٺ پراڻي ڦلهڙي، ڳوٺ بکر مهيسر ۽ ڳوٺ خير محمد تونيي وغيره ۾ مسجدون قائم ڪرائي، اتي اسلامي وعظ جي ذريعي گمراهه انسانن کي خدا جي راهه تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.

مولوي صاحب مرحوم اگرچ هڪ غريب انسان هو، مگر انهيءَ حالت ۾ به وڏا خرچ برداشت ڪري دور دراز ملڪن مان عربي فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي، ۽ ”مولوي“ جي سند حاصل ڪئي. سندن وفات 1359هه ۾ ڳوٺ بکر مهيسر تعلقي ميرو خان ۾ ٿي. سندن مزار ڳوٺ، فاضل مهيسر ۾ آهي، جتي هر سال ڪئين ماڻهو فاتح خواني لاءِ ايندا آهن.

 

حڪيم حافظ نور محمد ميمڻ

 

مرحوم مولوي محمد اسماعيل ميمڻ

 

مولوي محمد اسماعيل صاحب ولد مولوي گل محمد صاحب مرحوم، گچيرو پراڻو (تعلقو مورو، ضلعو نوابشاهه) ۾ تولد ٿيا. سندن تاريخ ولادت پڪيءَ طرح سان معلوم ٿي نه سگهي آهي. مولوي صاحب مرحوم عمر جو ابتدائي حصو پنهنجي وطن ۾ تعليم ڏيندا رهيا، ۽ بعد ۾ تبليغ وغيره جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ گشت ڪندا رهيا.

حصول تعليم جي خاطر، مولوي صاحب کي سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن جو سفر اختيار ڪرڻو پيو. چنانچه اهو شوق مولوي صاحب جن کي گچيرو ۽ دولتپور (تعلقو مورو، ضلعو نوابشاهه)، ٿرڙي محبت (تعلقو ميهڙ، ضلعو دادو) بوبڪ (تعلقو سيوهڻ ضلعو دادو) ۽ ڳوٺ ملڪاڻي (تعلقو دادو، ضلعو دادو) ۾ وٺي ويو. مولوي صاحب مرحوم ان سلسلي ۾ جن جن استادن کان فيض حاص ڪيو، تن مان هيٺين صاحبن جا نالا قابل ذڪر آهن: (1) خليفو ميان عبادالله ميمڻ، ساڪن گچيرو؛ (2) مولوي ميان محمد دائود، دائود پوٽو، ساڪن دولتپور؛ (3) مولوي ميان فيض محمد، ٿرڙي محبت؛ (4) مولوي ميان عبدالرزاق صاحب، بوبڪ؛ (5) مولوي ميان غلام محمد صاحب ملڪاڻي، نقشبندي؛ وغيره.

مولوي محمد اسماعيل صاحب مرحوم جي لائق شاگردن جو تعداد پڻ ڪافي آهي: جئن ته (1) مولوي محمد حيات ٻگهيو، ساڪن ماڙي، تعلقو مورو، ضلعو نوابشاهه؛ (2) مولوي محمد افضل صاحب ڏاهري، ساڪن ڳوٺ مقيم ڏاهري، تعلقو مورو، ضلعو نوابشاهه؛ (3) مولوي محمد صادق صاحب ولد مخدوم ميان عبدالرؤف قاضي، ساڪن مورو؛ (4)مولوي محمد ايوب ڏاهري، ويٺل ڳوٺ مقيم ڏاهري؛ (5)مولوي ميان عبدالخالق پنوهر، جهلائي، تعلقو دادو؛ (6)مولوي رحيمداد بروهي، بلوچستاني؛ (7) مولوي محمد سليمان نوناري، ٿرڙي محبت؛ وغيره.

مرحوم مولوي صاحب جي همعصرن جي فهرست ۾، مولوي پير محمد شاهه ذاڪري (تعلقو سڪرنڊ، ضلعو نوابشاهه)، مولوي محمد صالح ڀاڻپوٽو (ڳوٺ دودو ٻگهيو، تعلقو مورو)، مولوي فضل محمد صابوگر (نوشهرو فيروز)، ۽ مولوي رضا محمد ڏاهريءَ (ڳوٺ گلڻ ڄام ڏاهري، تعلقو مورو) جهڙا بزرگ شامل آهن.

مولوي صاحب جو سلسلهء طريقت نقشبندي هو، جو کين کنيارين ۽ ملڪاڻيءَ جي بزرگن کان مليو. کين شعر و شاعريءَ سان بيحد دلچسپي هئي ۽ ڪنهن زماني ۾ پاڻ به شعر چوندا هئا. مولوي صاحب نهايت خوش الحان هئا، ۽ کين حاضر جوابيءَ جو خداداد ملڪو هو. سندن ڪا به تصنيف طبع جي زيور سان آراسته ٿيل نه آهي، البت وعظ ۽ فقہ تي سندن عربي، فارسي ۽ سنڌي زبان ۾ چند قلمي نسخا موجود آهن.

مولوي صاحب مرحوم تاريخ پهرين رجب المرجب 1360 هجريءَ ۾، اسي سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، ۽ پنهنجي ڳوٺ گچيري ۾ مدفون آهن.

 

مولوي غلام رسول لاڙڪاڻوي

 

علامه مير محمد مرحوم نورنگي

 

حضرت موصوف بلوچ قوم، جاگيراڻي، ويٺل ڳوٺ راضي ڳورڙ تعلقي قنبر جا هئا. سندن والد ماجد جو نالو ملان محمد هاشم هو، جو هڪ بزرگ، نيڪ سيرت ۽ مسجد شريف جو پيش امام هو. سندن والد موصوف راوي آهي ته ’مون پنهنجي هن فرزند جي ولادت کان اڳ هڪ خواب ۾ ڏٺو ته منهنجي گهر ۾ سراج (ڏيو) روشن ٿيو آهي، جنهن جي روشنيءَ کان دور دراز پنڌ تائين چانڊوڪي ٿي ويئي آهي. ٿوري ئي وقت ۾ هي فرزند ڄائو، جنهن جو تعبير اهو ڄاتم ته هي نونهال سراج آهي، جنهن مان علم ۽ سنت نبوي زنده ٿيندي. انهيءَ ڪري، سندس تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ۽ توجهه ڏنو ويو‘.

پهريائين قرآن شريف جي تعليم پنهنجي والد ماجد وٽ پڙهيا؛ تنهن کان پوءِ جناب مولوي عبدالله صاحب ۽ جناب مولوي فيض محمد صاحب (ويٺل پير جو ڳوٺ، تعلقو قنبر) کان فارسيءَ جي تعليم ورتائون؛ صرف – نحو ۾ سندن استاد جناب مولوي محمد اسماعيل صاحب خيرآباديءَ وٽ (جو هڪ بينظير عالم، فيلسوف ۽ نهايت درجي جو متوڪل ۽ متبع سنت عالم هو)، ورتائون؛ قدري تعليم جناب مولوي عبدالله صاحب بنگل ديرائيءَ کان به حاصل ڪيائون. ان کان پوءِ، مولوي قمرالدين صاحب (جو هڪ متبحر عالم، متقي، صوفي مزاج ۽ سهروردي طريقي جو هو) کان به فيض حاصل ڪيائون، ۽ ٿورو وقت جناب مولوي نظر محمد صاحب (ڀنگ، ملتان ڊويزن) جن وٽ رهي لاهور هليا ويا، ۽ جناب مولوي امام بخش صاحب محدث بهاولپوريءَ جي خدمت ۾ رهي ڪري، نصاب حديث 1314هه ۾ مڪمل ڪري، فارغ از تحصيل ٿيا، ۽ پنهنجي وطن مالوف ۾ توڪلاً علي الله ڪري تدريس شروع ڪيائون.

کين معاش لاءِ پنهنجي زمين هئي. اهل دنيا ساڻ تعلق کي پاڻ چڱو نه ڄاڻندا هئا، ۽ انهن کان بي نياز ۽ لاپرواهه رهندا هئا. پاڻ حسن ۽ خلق ۾ بينظير هئا ۽ سندن صحبت ۾ اهڙي ته جاذبيت هئي، جو هڪ دفعو ملاقات کان پوءِ هميشه سندن زيارت لاءِ دل مشتاق رهندي هئي.کين وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ جو نهايت شوق هوندو هو. سندن حق گوئي، صلهء رحم ۽ مهمان نوازي قابل رشڪ هئي. سدائين سندن چهرو مبارڪ خندان هو. سندن ساري حياتيءَ جو وقت تعليم ۽ تدريس ۾ گذريو. پاڻ شاگردن کي اولاد جيان ڀائيندا ۽ عزيز ڄاڻندا هئا، ۽ تعليم کي ٻين عبادتن کان اعليٰ ۽ افضل سمجهندا هئا. سندن مجلس ۽ ڪچهري به هڪ علمي درگاهه هوندي هئي، جنهن ۾ قرآن ۽ حديث کان سواءِ ورلي ڪو لفظ هوندو هو. سنت نبوي لاءِ نهايت محبت رکندا هئا؛ مطلب ته سندن اٿڻي ويهڻي، کاڌي پيتي ۽ ڪلام سلام ۾ سنت جو اتباع نمايان ۽ نصب العين هوندو هو. اقامت الصلوات سندن خاص صفت هئي. نماز ۾ خشوع خضوع ۽ خوف الاهي جي ڪري کين گهڻو ڪري استغراقي حالت ايتريقدر ته طاري ٿي ويندي هئي، جو ماسوا الله تعاليٰ کان بلڪل فارغ ٿي ويندا هئا. نماز جا آداب ۽ تعديل ارڪان سندن ڏسي، صلواة الصّحابه ياد اچي ويندي هئي. پاڻ تهجد جا سخت پابند ۽ عامل هئا، جنهن ۾ غالباً ٽي سيپارا قرآن مجيد جا تلاوت ڪندا هئا. هميشه باوضو رهندا هئا. اجابہ الدعا ۾ به بيمثال هئا. پاڻ ٽي ڀيرا باران نماز پڙهيائون، ته ڪڪر ظاهر ٿيا ۽ مينهن وسڻ شروع ٿي ويو. سڪرات واري وٽ پهچندا هئا، ته سندن دعا ساڻ خدا تعاليٰ جي فضل سان بيمار جي زبان کلي پوندي هئي، ۽ هو شهادت جو ڪلمو پڙهندي جان بحق تسليم ڪندو هو.

کين علم حديث ساڻ خاص محبت هوندي هئي. سندن مذهب حنفي هو، مگر عملاً ڪوشش ڪندا هئا ته اهڙي طريقي تي عمل پيرا ٿجي، جو اختلاف کان علحدو هجي. علم جي تعظيم ۽ تڪريم سندن زندگيءَ جو خاص مقصد هو. اهل ممات کي نيڪيءَ سان ياد ڪندا هئا. قبرن جي زيارت ۽ انهن کان ثواب حاصل ٿيڻ جا قائل هئا. بدعت جي سخت خلاف هوندا هئا.

سندن روحاني تعلق فقير فيض محمد لوڙهي واري سان هو. توڪل، زهد، حُب الله ۽ حب رسول اڪرم صلعم  سندن صحبت مان ظاهر ۽ آشڪار هو، پاڻ سن 1325هه ۾ حج بيت الله ۽ زيارت رسول مقبول صلعم جي کان مشرف ٿيا، ۽ ڇهه مهينا عرب ۾ رهي ڪري اتي جي بزرگن ۽ مشائخ حضرات سان ملاقات ۾ رهيا. انهيءَ نيڪ سفر ۾ به حاجين ساڻ امر بالمعروف جي رهبري ڪندا رهيا.

سندن شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي. اٽڪل 45 ورهيه درس ڏنائون. انهن شاگردن مان فارغ التحصيل متبحر عالم هيٺ ڏجن ٿا؛ (1) مولوي شفيع محمد صاحب مسجدي، تعلقو ميهڙ (هي صاحب گويا هڪ سلسلي جو مالڪ، فقيهه، اديب، شاعر، صاحب فتويٰ ۽ علم خطابت جو ماهر ۽ ڄاڻو هو)؛ (2) مولوي محمد صالح بروهي، ڪراچي (هي صاحب هڪ عمدو واعظ ۽ محدث هو)؛ (3) مولوي حبيب الله قاضي، لس ٻيلو؛ (4) مولوي حافظ محمد ڪامل، ڳوٺ سنهڙي؛ (5) مولوي عبدالڪريم صاحب، ڳوٺ گهٽهڙ؛ (6) مولوي گل محمد، ترائي؛ (7) مولوي محمد امين، تعلقو قمبرر؛ (8) مولوي پير محمد صاحب، تعلقو قمبر؛ (9) مولوي عبدالعزيز، سندن ڳوٺائي؛ (10)مولوي خوش محمد، ميرو خان؛ (11) مولوي عبدالڪريم صاحب ڪُور سليمان؛ (12) سندن برادر عزيز مولوي عطا محمد صاحب؛ ۽ (13) هيءُ راقم الحروف.

سندن ولادت جي تاريخ جو پتو نٿو پوي، مگر وفات مورخه 10 محرم سن 1361هه تي ٿي. کين رمضان مبارڪ ۾ نمونيا ٿي، جا ٻن هفتن کان پوءِ گهٽ ٿي ويئي، مگر ضعف ۽ خفيف بخار رهي ويو. راقم الحروف سان سندن خاص اُلفت هوندي هئي، تنهنڪري مون مسڪين وٽ ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي ۾ اچي رهيا. نهايت ضعف ۾ به پابنديءَ سان نماز خوانيءَ تي مستقل هئا. رحلت کان هڪ هفتو اڳ، هن مسڪين وٽ مولوي حميد الله صاحب اُنڙ کي دستاربندي ڪرايائون، ۽ علم جي فضيلت ۾ طويل تقرير ڪيائون. پوءِ ضعف زور وٺي ويو. وفات کان هڪ ڏينهن اڳ، خميس ڏينهن، مسڪين جي مشوري سان ڳوٺ ويا، ۽ آءٌ پڻ خدمت ۾ حاضر رهيس. 10 محرم جمعي رات، مغرب جي نماز ادا ڪري، تلاوت ۽ ڪلمهء شهادت جو تڪرار ڪيائون؛ بعد ازان، ضروري وصيت ڪري، پوءِ بارگاهه باري تعاليٰ ۾ دعائون گهرندي، ”اللّٰهم اغفر لي بحق محمد صلي الله عليہ وسلم“ چوندي، جان بحق تسليم ڪيائون. جنازي نماز، سندن وصيت موجب، هن مسڪين پڙهائي. سندن مرقد مسجد شريف جي اتر کان آهي. کين ٽي فرزند آهن، جي پيريءَ ۾ کين ڄاوا اهي پڻ علم جي زيور کان مزين اهن.

سندن وفات تي مولانا دين محمد صاحب ”اديب“ فيروز شاهيءَ ”قصيده ميريہ“ در مدح و تاريخ وفات چيو، جو هيٺ ڏجي ٿو.

کامل و اکمل و لبيبِ شهير،

فاضل و افضل و اديبِ کبير؛

پيشوا پارسا عديم نظير،

مقتدا رهنما حکيم خبير؛

ماهر و حاويء اصول و فروع،

بحر فقہ و حديث و هم تفسير؛

عالم ماهرِ فنونِ دقيق،

عَلَم اندر زمان محمّد مير؛

عَلمِ عِلم تا باوجِ فلک،

برسانده بهمت و تشمير؛

حاميء سنّت رسولِ خدا،

بهر خير الامم بشير و نذير؛

عمرِ او صرف گشت در تدريس،

در بلاغِ بصائر و تذکير؛

لومِ لائم ورا نتر سانيد.

بي تحاشا بگفت حق بامير؛

عمرِ او وقفِ نصرتِ اسلام،

کرد با خصمِ دين جهادِ کبير؛

حسن سيماش ساحر دل و جان،

منطقش کرد فلسفي نخچير؛

کرد محسوس حکمتِ معقول،

کرد تسهيلِ عقد هاي عسير؛

فوتِ فکر او چگويم بات،

لکت، شارده نمود اسير؛

حِجَجَشُ بود مسقط و مسکت،

نظريات او فقيد نظر؛

ربع مسکون ز فيض او مشحون،

گشتہ مرهون بلطفهاي کثير؛

چون شبيهش کسي نديد کسي،

بسکہ بردند در جهان تصوير؛

شکلِ زيباش پيکرِ اخلاص

زان پذيرفت فيض او توفير؛

از اداي اداش و آن لطيف،

عاجز و تنگ فکر و هم تعبير؛

مقصدِ عمرِ او بسي اعليٰ،

بشبستانِ شش جهت تنوير؛

صدقہء جاري است تعليمش،

تا قيامت بماندش تاثير؛

فطرتِ او شريعتِ بيضا،

دينِ حق در سرشتِ او تخمير؛

زهد و تقواش عروهء وثقيٰ،

رهبرِ اتقيا امامِ بصير؛

مستفيدان مستفيدانش،

کرد لطف لطيف جمِ غفير؛

فيض تعليم او محيط جهان،

کرد بذلِ فيوض بي تقصير؛

چون پدر مهربان شاگردان،

لطف فرماي هر صغير و کبير؛

يتو ”اُستاد کل“ لقب داده-

علما، بالوفاق غير نکير.

آفرين بر عزائمِ عالي،

همچو سدّ سکندرت تعمير!

هيچ طوفان نمي تواند کشت،

مر چراغي کہ کردهء تنوير؛

زان کہ دنيا اگر بگردد باد،

نورِ حق را نمي رسد تغيير؛

بسرت تاجِ علم شد نازان،

تو بملکِ علوم عالمگير؛

رعبِ حق در رخِ تو لامع بود،

حکمبردارِ تو امير کبير؛

بکمالات مرجع آفاق،

بر سپهرِ کمال مهرِ منير؛

شاه بودي بصورتِ درويش،

بحصيرت سرير مير حسير؛

بهرِ اِروايء مزرعِ ايمان،

اَنهُرِ علم کردهء تفحير؛

دورِ غربت رسيد بر اسلام،

از تو ترويج يافت هم توقير؛

دُرَرِ حسنِ معني و صورت،

نتواند بنظم سفت ظهير؛

آنچہ در سلک نظم سفت ”اديب“،

از کمالات، نيست عشر عشير.

کرد رحلت بيوم عاشوريٰ،

هر يکي در فراق او بنفير؛

بعد الف و سہ صد، سن شصتم،

روز آدينہ بود اين تقدير؛

گشت قلب و جگر ز مرگش چاک،

سخت بگريست نوجوان هم پير؛

کرب در کرب کر بلا افزود،

شد شفق خون فشان، زمين دلگير؛

چون نباشد، کہ موت عالِم را،

موت عالَم قرار داد قدير!

ابر رحمت بود بر او باران،

مرقد او شود چو باغ نضير!

عين حق بنگرد براي العين،

در جنانش شود مآب و مصير؛

در جوار رسول پاڪ بود،

باغ رضوان کند مقام و مَسير!

”غفر الواجِدَّ لَہَّ“- گفتم،

سالِ ترحيلِ او پيء تبشير.

زه ز قرآن شنو: ”لَهُمۡ غَرۡفَہۡ“-

سالِ وصلش ولي بغرقِ يسير.

”مَغۡفِرَلَہ“ هم ست تاريخش،

بي سخن بخشدش خداي خبير!


 

پير حاجي محمد اسحاق سرهندي

 

مرحوم حاجي محمد اسماعيل جان ”روشن“ مجددي سرهندي

 

واءِ حسرتا! اڄ قلم کي انهيءَ مجسمہء علم و ڪمال جو ماتم ڪرڻو آهي، جنهن جي وصف ۽ مدح جي فرض کان ڪڏهن به سبڪدوش ٿي نٿو سگهجي. مجددي خاندان جي خانقاهه ۾ فضل ۽ ڪمال، معرفت ۽ حقيقت، زُهد ۽ تقويٰ جي جيڪا شمع پنهنجي ضيا پاشين سان محفل کي روشن ڪري رهي هئي، اها بالاخر تاريخ 14 ماهه جمادي الثاني سن 1361هه ۾ هميشہ جي لاءِ اُجهامي ويئي.

مجددي خاندان ۾ سندن ذات نمايان حيثيت رکندي هئي، ۽ بزرگ آباء و اجداد جي گهڻين روايات جي حامل هئي. پاڻ ارشاد و هدايت، علم و عمل، زهد و تقويٰ جا پيڪر هئا. انهن ظاهري ۽ باطني ڪمالات سان گڏ، دين ۽ ملت جي راهه ۾ سندن جان فروشانه جذبو ۽ مجاهدانه ولولو، سلف صالحين جي ياد تازي ڪندو هو. سرزمين سنڌ ۾ سندن ذات علماء و مشائخ، ادباء و شعراء ۾ ممتاز هئي. انهيءَ نقطه نظر سان، سندن وفات جو حادثو نه فقط سندن عزيزن ۽ اهل خاندان، بلڪ پوري ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. اهو واقعو تاريخ سنڌ جو هڪ اندوهناڪ باب ليکيو ويندو. اگرچ هن وقت اها ’روشن‘ شمع وسامي ويئي آهي، مگر هن جي دونهين جي سياهيءَ سان جريدهء عالم تي هميشه جلي حروف ۾ هي لکيل نظر ايندو:

”رفتم و از رفتنِ من عالمي تاريڪ شد،

من مگر شمعم چو رفتم بزم برهم ساختم؛

سندن اسم گرامي حضرت حاجي محمد اسماعيل جان، ابن حضرت آغا حاجي محمد حسن جان هو. نسباً فاروقي، مجددي، اولاد حضرت امام رباني مدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي مجددي الفاروقي رضي الله تعاليٰ عنہ مان آهن. سندن شجرهء نسب حضرت مجدد (رح) تائين هن طرح آهي:

حضرت حاجي محمد اسماعيل جان رحمة الله عليہ، ابن حضرت حاجي محمد حسن جان رحمة الله عليہ، ابن حضرت خواجہ حاجي عبدالرحمان رحمة الله تعاليٰ، ابن حضرت خواجہ شاهه عبدالقيوم رحمة الله تعاليٰ عليہ، ابن حضرت خواجہ شاهه فضل الله المجددي رحمة الله عليہ، ابن حضرت شاهه غلام النبي المجددي رحمة الله تعاليٰ عليہ، ابن حضرت شاهه غلام حسن المجددي رحمة الله عليہ، ابن حضرت شاهه غلام محمد المجددي رحمة الله عليہ، ابن حضرت شاهه غلام محمد معصوم رحمة الله عليہ ابن حضرت شيخ محمد اسماعيل المجددي رحمة الله عليہ، ابن حضرت خواجہ صبغت الله المجددي رحمة الله عليہ، ابن حضرت عروه الوثقيٰ خواجہ محمد معصوم رحمة الله عليہ، ابن حضرت امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي الفاروقي رحمهم الله تعاليٰ عليهم اجمعين.

انهيءَ طرح سان سندن شجرهء نسب، ٻارهن واسطن سان، حضرت امام رباني مجدد الف ثاني رحمة الله تعاليٰ عليہ تائين پهچي ٿو، ۽ چوئيتاليهن واسطن سان خليفہ ثاني امير المومنين حضرت سيدنا عمر ابن الخطاب رضي الله تعاليٰ عنہ سان ملي ٿو.

سندن ولادت باسعادت، تاريخ 4 رمضان المبارڪ، سن 1307هه، ڳوٺ ٽکڙ تعلقي گوني ضلعي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿي. پاڻ پنهنجي تاريخ ولادت هن طرح چئي اٿن:

چو جست ”روشن“ سال ولادتش الحال،

بفکر............آمد ”هزار باغ کمال“- (1307هه)

سندن ابتدائي تعليم ۽ تربيت، سندن جد امجد حضرت خواجه عبدالرحمان رحمة الله عليہ جي نظر فيض اثر هيٺ شروع ٿي. انهيءَ کان بعد، وقت جي عالمن ۽ پنهنجي والد ماجد حضرت آغا حاجي محمد حسن جان کان مروجہ ديني علوم جي تڪميل ڪيائون. سندن استادن ۾ حافظ محمد يوسف ٽکڙائي ۽ ان جو فرزند حافظ هارون ”دلگير“ به هئا. طالب علميءَ جي زماني ۾، پاڻ علمي ۽ ادبي جستجو کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ ڳالهه سان مقصد نه رکندا هئا. پاڻ اهڙي ماحول ۾ پرورش پاتائون، جنهن ۾ علم ۽ معرفت کان سواءِ ٻي ڪا قيل و مقال نه ٿيندي هئي. اهڙن خدا رسيده بزرگن ۽ باڪمال استادن جي نظر هيٺ تربيت وٺي، جوانيءَ جي منزل ۾ قدم پاتائون. بقول شاهه صاحب

”سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،

آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،

ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو“.

سندن جد امجد حضرت خواجه حاجي عبدالرحمان رحمة الله تعاليٰ انهيءَ وقت ٽکڙ ۾ جلوه افروز هئا. اهو ننڍڙو ڳوٺ انهيءَ زماني ۾ مرجع خلائق ۽ ملجاي عالم بنيل هيو. افغانستان، هندوستان ۽ سنڌ جي گوشي گوشي مان خاص ۽ عام، امير ۽ فقير، مشائخ ۽ علماء، دور دراز منزلون ۽ سفر جا ڪشالا ڪٽي ايندا هئا، ۽ حضرت خواجه صاحب عليہ  الرحمت جي چشمہء فيض ۽ برڪت مان سيراب ٿي موٽندا هئا؛ گويا ٽکڙ انهيءَ وقت روحانيت ۽ معرفت جو مرڪز بنيل هو. اسان جي ممدوح، حضرت حاجي محمد اسماعيل جان، پنهنجي زندگيءَ جا ابتدائي سال، يعني 1307هه تائين، نوَ سال، پنهنجي جد امجد حضرت حاجي صاحب رحمة الله عليہ جي سايه عاطفت ۾ گذاريا. سندن ظاهري ۽ باطني علوم جا استاد ۽ مرشد حضرت حاجي صاحب (رحه) هئا. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته نوَن سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾ سندن جد امجد پنهنجي هن خورد سال فرزند کي پنهنجو مريد بنايو!  هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته حضرت حاجي صاحب (رحه) جن هنن تي پنهنجي فيض جي پالوٽ ڪئي، ۽ کين قلبي ذڪر جي تلقين ڪيائون. سندن هڪ ئي اشاري سان هن نوعمر مريد جي قلب جون تارون چُرڻ لڳيون، ۽ بروقت مرشد ڪامل جي فيض جي انوار ۽ تجليات مٿن اهڙو ته اثر ڪيو، جو پاڻ بيخود ٿي ويا.

سندن جد امجد ۽ مرشد حضرت خواجه حاجي عبدالرحمان رحمة الله عليہ سن 1315هه ۾ ٽکڙ شريف ۾ وفات ڪئي، ۽ هن گنجينہء علوم اسرار کي گنجي ٽڪر تي ٽکڙ جي لڳ دفن ڪيائون، جتي سندن مزار پُر انوار اڄڪالهه ”مقبره شريف“ جي نالي سان زيارتگاه عام و خاص آهي – بقول شاهه صاحب:

”ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،

ان جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڌو مان،

ڪوڙين ڪن سلام، اچي آسڻ ان جي“.

 

------------


 


*  هن سوانح عمريءَ جي اصل متن تي مصنف جو نالو ڄاڻايل ڪونه هو، ۽ ائڊريس اسان کان هيٺ مٿي ٿي ويئي آهي؛ ان ڪري افسوس آهي جو سندس نالو مضمون جي سري تي اچي نه سگهيو آهي. – مرتب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com