سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سوانح نمبر

مضمون

صفحو :45

 

محمد عثمان ڏيپلائي

جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه (جي. ايم. سيد)

”سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار“ جو سچو شيدائي:

”نئينءَ سنڌ“ بنائڻ جو سودائي:

”وطن جن وڃائيو، حيف تنين کي هوءِ“، جو صحيح شارح:

پنهنجي پياريءَ ٻوليءَ سان ٽڪر هڻندڙ ٻوليءَ کي پهاڄ سمجهندڙ:

بيمارين جو آماجگاهه هوندي به حب وطن جي ميدان ۾ اڻٿڪ جهاد ڪندڙ:

”عظيم سنڌ“ جو عظيم معمار:

جناب غلام مرتضيٰ شاهه سيد، جنهن کي پڙهيل سندس انگريزي طرز جي نالي ”جي. ايم. سيد“ ۽ اڻپڙهيل محبتي نالي ”جيئيم (سدائين جيئرو رهي) سيد“ سان سڏيندا آهن، سو تاريخ 17 جنوري، 1904ع مطابق 28 شوال، سن 1321هه برابر 28 پوهه، سنبت 1960ع، وقت ساڍي يارهين بجي آچر جي رات پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”سن“ تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ تولد ٿيو. ٻن سالن اندر، 3 رمضان، 1323 هه، اسر مهل، جامع مسجد جي ڀر ۾، نماز ڏانهن ويندي، خانداني دشمنيءَ سبب، سندس والد ماجد سيد محمد شاهه کي شهيد ڪيو ويو؛ ۽ سال کان پوءِ سندس وڏي ڀاءُ احمد شاهه به وفات ڪئي؛ ان طرح گويا ٽن سالن جي عمر ۾، سڄي گهر جو بار هن اڪيلي معصوم تي پيو - ۽ اهو گويا هڪ قدرتي اشارو هو، ته، جيئن پنهنجي وطن سڌارڻ جا بار اڪثر يتيمن تي پوندا آهن، تيئن اڳتي هلي ”سنڌ سڌار به هيءُ ”درِّ يتيم“ ئي ٿيندو.

ابتدائي تعليم، سنڌي ڇهه درجا، ماستر ڌرمداس، ماستر ريواچند ۽ ماستر وشمل وٽ پڙهيائين؛ عربي ۽ پارسي تعليم مولوي محمد هاشم سنائي، مولوي محمد صالح سيال ۽ مولوي الله بخش دادوءَ واري وٽ حاصل ڪيائين؛ انگريزي تعليم مولوي ڊاڪٽر حامد علي هالاڻيءَ واري وٽ پڙهيائين.

اڃا چوڏهن ورهين جي عمر مس ٿي، ته قوم ۽ وطن جي عشق جي شروعات ٿي: 19 فيبروري، 1919ع تي، حڪيم الدين کنياريءَ واري جي دوستيءَ ۾، پاڻ لاڙڪاڻه خلافت ڪانفرنس ۾ شامل ٿيو؛ ۽ صرف هڪ ئي مهيني ۾ انهيءَ جا تاثرات انهي حد تي پهتا، جو هن نونهال پنهنجي ڳوٺ سن ۾، مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي صدارت هيٺ، هڪ وڏي خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر شيخ نور محمد، شيخ عبدالعزيز، مولوي محمد سليمان ٿرڙي محبت وارو، ۽ ٻيا سنڌ جا جليل القدر اڳواڻ شامل ٿيا، ۽ اهڙيءَ طرح هي جوشيلو نوجوان ڪافي عرصي تائين ديوانن وانگي خلافت جو پروانو بنيو رهيو.

شاهه صاحب مٽياري (متعلوي) سيدن جي ليان پوٽي خاندان مان آهي، ۽ 1921ع ۾ هن مٽياري سيدن جي ڪانفرنس سڏائي، ”انجمن سادات مٽياريءَ“ جو بنياد وڌو، جنهن جو مقصد هو مٽياري سيدن جي معاشرتي، اقتصادي ۽ تعليمي حالتن کي بهتر بنائڻ.

ڪي اترديءَ ذهنيت وارا صاحب، سيد صاحب جي باري ۾ چوندا آهن ته هن کي اڳواڻيءَ جي جاين لاءِ اول سيد، بلڪ مٽياري سيد، ياد پوندا آهن؛ ۽ انهيءَ جي ثبوت ۾ رکي رکي وري به اها ئي انجمن پيش ڪندا آهن. اگرچ انهيءَ راءِ کي هڪ بنهه ٻاراڻي بهتان کان وڌيڪ ڪا به حيثيت ڪانهي - ۽ شاهه صاحب جي دل گهرين دوستن ۽ ساٿين ۾ غير سيد بيحد گهڻا آهن – پر منهنجي نظر ۾ اها ڪا بري چيز به ڪا نه آهي: بلڪ هر شخص لاءِ ضروري پڻ آهي ته اول خود پاڻ سان محبت رکي، پوءِ گهر سان، پوءِ ڪٽنب سان، پوءِ قوم ۽ وطن سان، پوءِ ساري جهان سان. دنيا جي دانائن جا مقولا مطالع ڪرڻ بعد، منهنجي نظر ۾ اهو سلسلو صحيح ناهي ته اول جهان، پوءِ وطن، ۽ پوءِ قوم، پوءِ ڪٽنب، پوءِ گهر ۽ پوءِ پاڻ!

”منڪرِ حق نزد ملا ڪافر است،

منڪرِ خود نزد ڪافر تر است!“ – (اقبال)

سادن لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته اهو شخص، جو پنهنجي جسم، پنهنجي گهر، ۽ پنهنجي ڪٽنب جي صفائيءَ جي اون رکڻ کان اڳ، ساري جهان جي صفائيءَ جي اون رکي ٿو، ان کي صحيح انسان ته ڇا، پر هڪ رواجي سمجهه رکڻ وارو انسان به ڪيئن سڏي سگهبو؟ شاهه صاحب به ساڳيءَ طرح ”انجمن سادات مٽياريءَ“ تائين ان وقت به پنهنجيون سرگرميون محدود ڪين رکيون، بلڪ 1924ع ۾ جيڪا صوبائي تعليمي ڪانفرنس، حيدرآباد ۾، سر ابراهيم رحمت الله جي زير صدارت ٿي، ان ۾ ڪافي حصو ورتائين، ۽ عملي طرح 25 – 1926ع سن ۾ انگريزي اسڪول ۽ نائيٽ اسڪول

 

 

کولائي، بورڊنگ هائوس جو بنياد وڌائين، ۽ ساڳيءَ ريت پنهنجي جد بزرگوار، سيد حيدر عليہ الرحمة (متوفي) جي سالياني عرس کي به تعلقي ۽ متعلقين عوام جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي ترقيءَ لاءِ هڪ تنظيمي ڪانفرنس ۾ تبديل ڪري ڇڏيائين.

هاڻي عوام هن مخلص ۽ خذمتگذار نو عمر سيد جي سياسي قدرداني به شروع ڪئي: اول 1925ع ۾ تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو ميمبر، پوءِ پريزيڊنٽ، ۽ اڳتي هلي، 1929ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ پوءِ راءِ بهادر شيوارام جي جاءِ تي ان جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو.

انهيءَ ساري عرصي ۾ ان وقت جو ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ۽ پوءِ سنڌ جو ڪمشنر، مسٽر گبسن، ساڻس مخالفت ۾ رهيو: ان وقت جي ڪليڪٽرن ۽ ڪمشنرن جي طاقت کي ٿو ڏسجي، ته محسوس ٿو ٿئي ته هنن سان مقابلو ڪرڻ معنيٰ جبل سان ٽڪر هڻڻ هو، پر جن کي ”“ذوق عمل“ حاصل هوندو آهي، سي هميشہ جبلن سان ٽڪر کائيندا ئي آهن، ۽ پوءِ .... پوءِ نتيجو هميشہ اهو ئي رهندو آهي ته ”و تري الجبال تحسبها جامدة و هي تمر مرالسحاب“ (قرآن شريف) – يعني ”تون جبلن کي ڪهڙو نه مضبوط کتل پيو ڀانئين، پر هو ڪڪرن وانگر اُڏامندا ويندا!“..... اڄ گبسن جهڙن جو نالو به سنڌ ۾ ڪو نه ٿو ٻڌجي، پر جي. ايم. سيد جهڙا مجاهد قائم دائم آهن. ڇو ته هو انسان ذات کي فائدو پهچائڻ جي جدوجهد ڪن ٿا، ۽ اها به قرآن پاڪ جي پيشنگوئي آهي ته ”ما ينفع الناس فيمڪث في الارض“ – جيڪو انسانن کي فائدو پهچائي ٿو سو زمين ۾ قائم رهي ٿو“. هڪ ٿرئي، هڪ انگريز صاحب بهادر کي چيو هو ته ”صاحب! اسين آهيون ڊڀ ۽ اوهين آهيو گڏهه، اوهان جهڙا ڪئين گڏهه چري چري هليا ويا ۽ اوهين به هليا ويندا، پر اسين جتي آهيون اتي قائم رهنداسون، ڇاڪاڻ ته اسان جون پاڙون پاتال ۾ آهن!“

ڪراچي لوڪلبورڊ جي ميمبريءَ توڙي پريزيڊنٽيءَ وارو سمورو عرصو، سيد صاحب حتي المقدور غريب شاگردن ۾ انگريزي تعليم پکيڙڻ، رستا ٺهرائڻ، اسپتالون وجهائڻ ۽ ٻيا اهڙا عام ڀلي جا ڪم ڪيا. سن ۾ اسٽيشن تائين پڪو رستو، اسپتال، زنانه ۽ مردانه انگريزي سڪول، ۽ ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تائين ڪراچيءَ کان منگهي پير تائين پڪا رستا، ۽ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جي عمارت (جا بندر روڊ تي هينئر ريڊيو پاڪستان جي حوالي آهي – اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي تعميري ڪم، سيد صاحب جي انهي عرصهء خدمات جا يادگار آهن. پاڻ انهن ڏينهن ۾ سڄي ضلعي ۾ ٽيهن جاين تي عام جلسا ڪري ماڻهن ۾ تعليم لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ ۽ منجهن هندستان جي آزاديءَ لاءِ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ گشت ڪيائين: ان گشت ۾ ساڻس مرحوم ڄيٺمل پرسرام، مولوي عبدالڪريم چشتي ۽ مسٽر حاتم علوي ساڻس شريڪ رهيا.

سيد صاحب پاڻ زميندار هو، ۽ عام زميندارن وانگر ٿيڻ ته ائين گهرجي ها، ته هو هارين کي پست رکڻ ۽ دٻائڻ جي ڪوشش ۾ محو هجي ها، پر سنڌ ۾ هاري ڪميٽيءَ جي بنياد وجهندڙن مان پاڻ ئي هڪ هو، ۽ اڃا تائين سندس تعلقات هاري ڪميٽيءَ سان قائم آهن، بلڪ جئن پوءِ تئن وڌندا رهن ٿا. هاري ڪميٽيءَ جو اهو بنياد 1930ع ۾ ميرپورخاص ۾ مسٽر جمشيد مهتا، مسٽر گوڪلي، مسٽر ڄيٺمل، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ مسٽر عبدالقادر بلوچ جي معيت ۾ وڌو ويو.

1930ع ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جو نئون دور شروع ٿيو؛ ان سال ڪانگريس ملڪ جي مڪمل آزاديءَ جو ٺهراءُ پاس ڪيو، ۽ ان لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. وطن جي آزاديءَ جي جدوجهد ۽ شاه صاحب جهڙو وطن دوست انسان خاموش رهي، اهو ناممڪن هو؛ پاڻ يڪدم ان هلچل ۾ ٽپي پيو، ۽ ڪانگريس جي سموري پروگرام ۾ پرجوش حصو ورتائين:  ان زماني ۾ پاڻ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائين، ۽ سن ۾ کاڌي اُڻڻ جو ڪارخانو کولايائين؛ سنڌ ۾ شراب تي بندش پوڻ لاءِ ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سان گڏجي سرگرم عمل رهيو. 1931ع ۾ سباش چندر بوس ۽ سردار ڀڳت سنگهه جي قائم ڪيل يوٿ ليگ جو به ميمبر بنيو.

ڪانگريس پاڻ ته هندستان لاءِ مڪمل آزاديءَ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ۽ ان لاءِ هلچل به شروع ڪئي، مگر جڏهين سنڌ جي بمبئي کان آزاد ٿيڻ جو سوال اٿيو ته هوءَ ان تي ڪجهه هٻڪڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڪانگريس تي هندن جي ملازمت پيشه، تاجر ۽ سرمايدار طبقي جو اثر زياده هو، جن نٿي چاهيو ته سنڌ بمبئي کان جدا ڪئي وڃي، ڇو ته انهيءَ ڪري عملي طرح سنڌ ۾ سندن اقتدار کي ضرب ٿي رسي، بهرحال اڪثر سمجهدار هندو به انهيءَ ئي خيال جا هئا ته سنڌ جو بمبئي سان گڏيل رهڻ  بيحد تڪليفده، نقصانده ۽ سنڌ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آهي، ۽ بفرض محال جيڪڏهين سنڌ جي جدا ٿيڻ سبب سنڌ جي هندن کي ڪجهه نوڪرين وغيره ۾ نقصان به ٿيندو ته اها پورائي وري نون ڪارخانن جي کلڻ ۽ ترقي جي ٻين موقعن جي فراهم ٿيڻ مان ٿي ويندي. سيد صاحب لاءِ ته پنهنجي وطن جي آزادي هر حالت ۾ ٻين سوالن کان مقدم هئي، ان ڪري هو انهيءَ تحريڪ جو پرجوش حامي ٿي رهيو، ۽ انهيءَ ڏس ۾ پنهنجي بعض ڪانگريسي دوستن جي رنجيدگيءَ جي ڪا به پرواهه ڪا نه هيس.

آخر اهو وقت آيو، جو سنڌ جي سڄڻن جون ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ سنڌ بمبئي کان آزاد ٿي. هن موقعي تي سيد صاحب مناسب سمجهيو ته هندو مسلمان گڏجي سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڪن؛ ان ڪري سندس جدوجهد سان هندن مسلمانن جي گڏيل جماعت، ”اتحادي پارٽي“ جي نالي سان، قائم ٿي. سيد صاحب سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.

هندن جي مفاد پرست طبقي جي تنگدليءَ ۽ مسلمانن لاءِ سندن غير مناسب طرز عمل نيٺ سيد صاحب کي ڪانگريس کان نااميد ڪري، مسلم ليگ ۾ آندو، ۽ 1938 کان وٺي هو سنڌ مسلم ليگ جو پرجوش صدر ٿي رهيو. سنڌ جي اسيمبليءَ سڄي هندستان ۾ سڀ کان اول پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو، جو سيد صاحب ئي پيش ڪيو، ۽ پڻ سڄيءَ سنڌ جي عوام ۾ پاڪستان لاءِ محبت پيدا ڪيائين؛ پر جيئن پهاڪو آهي ته ”هٿڙا اهي وهه ٿيا، جن رڌي کيرڻي“- جڏهن پاڪستان بنجڻ جو وقت آيو، تڏهن وري جناح صاحب کيس ۽ سندس ترقي پسند ساٿين کي گرم ۽ کاٻيءَ ڌر وارا سمجهي مسلم ليگ مان ئي ڪڍي ڇڏيو، ۽ سيد صاحب جيڪو هندو سيٺين ۽ زميندارن کان مسلمانن جي ڦٻايل زمينن واپس وٺڻ جو بل (لئنڊ ايلينشن بل:(قانون انتقال اراضي) سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري پاس ڪرايو، ان تي گورنر جنرل ٿيڻ وقت جناح صاحب صحيح ڪرڻ کان به انڪار ڪيو. پوءِ اول سنڌ جو نڪ وڍي ڦٽو ڪيو ويو، يعني ڪراچي کانئس کسي ويئي، ۽ پوءِ اڳتي هلي مسلم ليگين جي ڪوششن سان ماڳهين سنڌ کي ئي ”ون يونٽ“ ۾ بند ڪري، پنجاب جو غلام بنايو ويو.

ڪراچيءَ جي وڃڻ تي سيد صاحب کي ايڏو صدمو رسيو، جو شاهه جي هڪ بيت کي هن ترميم سان هميشہ پيش ڪندو رهندو آهي:

”ڪراچيءَ“ جي وڃڻ جو، جن نه هينئڙي جار،

خالق رب جبار، ڪين موهيندو تن کي!

پر سنڌ جي نالي کي ئي گم ڪري پنجاب جي اڪثريت جي غلام بنائڻ وقت، سيد صاحب جي بيتابيءَ ۽ بيقراريءَ جي انتها کي پروڙي، ون يونٽ جي حامين يڪدم کيس کڻي جيل ۾ رکيو. اهو عرصو کيس لڳو لڳ لٺ ۽ چٺ پئي ڏيکاري ويئي؛ ڪڏهين وزيريءَ جون لالچون، ڪڏهين عمر قيد جا ڊپ؛ ته جئن هو به پنهنجي وطن جي غلاميءَ کي تسليم ڪري: پر هتي اها حالت هئي، جو

ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،

جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.

شاهه صاحب جو هر دڙڪي ۽ هر لالچ تي اهو ئي جواب هو ته

آءٌ ڪئن ڇڏيان سومرا! تن پنهوارن پچار،

جڙ جنين جي جان ۾، لڳي ريءَ لهار،

پکا ۽ پنهوار، رهيا آهن روح ۾!

اڃا جيل مان ٻاهر نڪتو، ته سنڌ جي عوام پنهنجي هن محبوب کي ون يونٽ اسيمبليءَ تي چونڊي موڪليو؛ اگرچه مخالفن گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون ته هو انهيءَ ”مومل جي مانڊاڻ“ ۾ داخل نه ٿئي، متان ڪاڪ جو طلسم ئي نه پرزا پرزا ڪري ڇڏي، ۽ ان ڪري ناتر گهڻيون ئي گوهيون ڏنيون، پر راڻو کيس چوٽيءَ مان پڪڙي ڪاڪ ۾ داخل ٿي ئي ويو. هن جو ون يونٽ جي ”ڪاڪ“ ۾ داخل ٿيڻ، ۽ مڪاريءَ جي مانڊاڻ ۾ زلزلو پوڻ: چنانچه ون يونٽ جي عين ٻئي بجيٽ اجلاس ۾ شيشي تي هن مينڌري اهڙي ته سوپاري ڦٽي ڪئي، جو ڪمزور شيشو پرزا پرزا ٿي پيو؛ حڪمت مآب صدر صاحب جي سهاري تي هو ٻه مهينا ته پاڻ جهلي ويو، پر مزيد اجلاس ٿيو ۽ ڀيلي ڀر نه جهليو؛ ڪچو گهڙو ڪُنن ۾ ڪڻا ڪڻا ٿي ويو، ۽ وزارت جي سهڻي لهرين ۾ لوڏا کائڻ لڳي؛ ۽ آخر پنهنجي ئي هن سان پنهنجي قتل نامي تي صحيح ڪري، يعني ون يونٽ ٽوڙڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري، هنن سيد صاحب جي ضرب حيدريءَ کان جند ڇڏائي. ون يونٽ پنهنجي ٻي سالگرهه (14 آڪٽومبر، 1957) تي جشن چراغان بدران گهور انڌيريءَ ۾ ملهائي.

اگرچه اڳتي هلي ثابت ٿيو ته اها به حڪمران پارٽيءَ جي هڪ وڌيڪ مڪاري هئي، پر سيد صاحب لاءِ سندن اها مڪاري ڪا غير متوقع ڪا نه هئي؛ دستوري طرح هو ان کي به منهن ڏيڻ لاءِ مرد ميدان ٿي بيٺو آهي ۽ سندس پرزور اعلان آهي ته ون يونٽ ٽٽندو ۽ ضرور ٽٽندو، سنڌ پنجاب جي غلاميءَ کان آزاد ٿيندي ۽ ضرور ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اهو سنڌي قوم جو حق آهي ۽ دنيا جي ڪا به طاقت کيس انهي حق حاصل ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي. پوءِ چاهي انهيءَ حق حاصل ڪرڻ ۾ ڏهه ڏينهن لڳن چاهي ڏهه سال، مگر:

سؤ لڳن طوفان ۽ ڀل سؤ دفعا وڄڙيون ڪرن،

جن گلن کي آهه کڙڻو، سي مگر کڙندا ضرور!

جيڪڏهن سڄا سارا ٻه هزار ورهيه غلام رهڻ بعد به نيٺ يهودي قوم پنهنجو وطن حاصل ڪري ٿي وڃي، ته هن قوميتن جي آزاديءَ واري زماني ۾ سنڌ ون يونٽ جي ڀڳل ٽٽل سَڪنجي ۾ بند رهي، ڪنهن جي غلام رهي سگهي ۽ سنڌي قوم ون يونٽ جي بيشمار چوڌرين اڳيان ڪاٺيون ڪندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ بنجي رهي، سو ناممڪن آهي!

اڄ سيد صاحب پنهنجي انهيءَ پرجوش عزم وسيلي سنڌي قوم کي ايترو بيدار ڪري ڇڏيو آهي، جو ساڳيا وطن وڪڻندڙ به اڄ پوريءَ طرح  محسوس ڪري چڪا آهن ته آئنده اليڪشن ۾ سنڌ مان اهڙا شخص ٿورو ئي ڪامياب ٿيندا، جي سنڌ کي ون يونٽ جي غلاميءَ ۾ دائمي طور رهڻ تي راضي هجن؛ ان ڪري اهي سنڌ جا سوداگر به اڄ سندس آزاديءَ جا اعلان فرمائي رهيا آهن!

”منهنجي آهه اها، ڪنبائي ويئي ڪوٽ کي!“

سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت سان سيد صاحب کي ڪو عشق آهي! هونئن ته هو انهيءَ لاءِ سدائين شائق رهيو، پر مارچ 1940 ۾ جيئن ئي ڪجهه عرصي لاءِ وزير تعليم ٿيو، يڪدم سنڌ يونيورسٽي برپا ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪيائين، ۽ ”سينٽرل ائڊوائزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ برپا ڪيائين. اڳتي هلي انهيءَ بورڊ کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي سان مستقل ۽ آزاد حيثيت ڏياريائين، جنهن جي طفيل اڄ هي ”مهراڻ“ جو ضخيم شخصيات نمبر پيو پيش ٿئي ۽ ڪيترائي قيمتي ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ ٿين پيا.

سنڌ جي ون يونٽ جي غلاميءَ کان اڳ، سيد صاحب ”سنڌي ثقافتي بورڊ“ لاءِ اڌ ڪروڙ رپيا منظور ڪرايا، ۽ ان عظيم تجويز کي ترت عمل ۾ آڻائڻ لاءِ سرگرم ڪار هو، ته اوچتو خود غرض، وطن فروشن پنهنجو وطن وڪڻي ڇڏيو ۽ اهو مسئلو کٽائيءَ ۾ رهجي ويو؛ مگر سيد صاحب جون ڪوششون بند نه ٿيون، هاڻي وري به اهو ڪم شروع ٿيو آهي، ۽ سنڌ جي سدا جيئري شاهه، لاکيڻي لطيف، جي آرامگاهه وٽ انهيءَ مرڪز جي تعمير جي شروعات ٿي آهي، ۽ اهي ڏينهن پري ناهن، جڏهين سيد صاحب جي هيءَ بي مثل ثقافتي اسڪيم وري سر زمين سنڌ تي جلوه گر ٿيندي.

سنڌ هڪ زنده تهذيب آهي،

سنڌ هزارن سالن کان زنده رهي آهي،

سنڌ اڄ به زنده آهي،

۽ سنڌ دائما زنده رهندي!

جناب جي. ايم. سيد هڪ طرف سياسي ماهر آهي، ته ٻئي طرف علم جو گوهر، ۽ ثقافت جو شيدائي. علمي سرگرميون ۽ سياسي شورشون هڪ شخص هٿان ٻيئي گڏو گڏ هلن، ۽ سو به ايتري شعور ۽ شان سان – هي هڪ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي:

هر هوسناڪي نه داند جام و سندان باختن!

مگر جن جي سياست آهي ئي ثقافت خاطر، اهي اها هڪ ئي وقت جام ۽ سندان کيڏڻ جي راند ڪندا ئي رهندا آهن.

”ڇا منهنجو اهو نظريو صحيح آهي؟“- انهيءَ جي ثبوت ۾، شاهه صاحب مقامي ماحول ۽ ڪتابي دنيا کان وڌي ٻاهر دنيا جو ديدار ۽ ان جي وسيع حقائق جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻ به شروع ڪيو، هن ايشيا ۽ يورپ جا ڏوراهان ڏيهه به ڏٺا، ۽ جيئن پوءِ تيئن کيس پنهنجي نظريي جي سچائيءَ جا ثبوت ملندا رهيا، علم اليقين، حق اليقين جي درجي تي پهچندو ويو، ۽ هن منصور وانگر ”اناالحق“ جو اهڙو نعرو هنيو، جو اڄ جيڪڏهين کيس سوريءَ چاڙهيو وڃي، ته به سندس رت جو قطرو ”سنڌ“ ”سنڌ“ پڪاريندو رهندو!

۽ انهيءَ سواريءَ جو هلڪو نظارو اهو چوڏهن مهينن جو جيل هو، جنهن ۾ هن بيمار ۽ نحيف کي داخل ڪري، کيس هر طرح جون تڪليفون ڏنيون وييون؛ مگر انهن تڪليفن لاءِ هن ائين ئي چيو ته

سَکَرَ سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،

وسايم وڏ ڦڙا، مٿي ماڙين مينهن،

نيئر منهنجي نينهن، اجاري اڇو ڪيو!

۽ هڪ هندي شاعر جي لفظن ۾ هر سنڌيءَ کي اهو ئي سبق ڏنائين ته

چڙها منصور سولي پر، پکارا پريم والون کو،

يه اسکي بام کا زينه هي، آئي جسکا جي چاهي!

شاهه صاحب جي ڪتابن مان ٻه سياسي آهن، هڪ ”نئينءَ سنڌ لاءِ جدوجهد“، ۽ ٻيو ”موجوده سياسي مسئلا“، ۽ سندن ٽيون ڪتاب آهي ”پيغام لطيف“، جو هڪ ئي جاءِ تي سياسي ۽ ثقافتي مرقع آهي؛ ٻيا سندن متفرق مضمون ۽ مقالا ته بيشمار آهن. اهو نهايت ضروري آهي ته سنڌ جي هن محبوب ۽ بي مثل مفڪر جون اهي سڀ چيزون، بلڪ سندس قيمتي خط به، گڏ ڪري ڇپايا وڃن يا انهن کي ائين منتشر رهڻ يا ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.

موجوده دور ۾ سيد صاحب حقيقي طرح سنڌ جو اڳواڻ آهي، ۽ سواءِ چند حاسدن ۽ ابوجهلن جي سنڌ جو ٻچو ٻچو سندس اڳواڻيءَ تي دل سان ايمان آڻي چڪو آهي ۽ کين يقين آهي ته هن سالار جي سرواڻيءَ هيٺ،

سنڌين جو ساٿ ضرور منزل تي رسندو. آمين!

 

اختر رضوي

جناب شيخ عبدالمجيد ”سنڌي“

 

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج؛

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي! – شاهه.

 

ويهين صديءَ جي شروعات کان وٺي، هونئن ته سڄوئي هندستان، پر خاص طرح سان سنڌ، جنهن طبقاتي ڪشمڪش جي دور مان گذري رهي آهي، تنهن ۾ جاگيردارن ۽ زميندارن وچولي طبقي ۽ هيٺياهين طبقي جي ماڻهن لاءِ ترقي ڪرڻ جي لوازمات جا فرق ۽ ڪمتريءَ ۽ برتريءَ جا امتياز، جيتوڻيڪ اهي ساڳيا نه رهيا آهن جيڪي گذريل صديءَ ۾ هئا، مگر ان هوندي به اڄ پڻ، اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي آهي جو ڪو شخص پورهيت طبقي ۾ پيدا ٿي، ملڪ جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ڪو مٿاهون مقام حاصل ڪري سگهي. وڏيرا شاهي، پيري ۽ مخدومي، هن ملڪ ۾ اڄ ايترو ته طاقتور آهن، جو هيٺاهين طبقي جو ڪو شخص، پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ ذهانت سان اڀري، جمهوري خيالن ۽ نظرين کي ڦهلائڻ لاءِ هٿ پير ٿو هڻي، ته اهي ٽيئي طاقتون گڏجي، ان شخص کي ڪچيءَ ئي نپوڙي نيسائي ٿيون ڇڏين؛ ۽ اهڙيءَ طرح، اڻ سنڌيءَ طرح، گويا اهو وڏي واڪي اعلان ڪنديون رهن ٿيون ته بزرگي ۽ عظمت فقط سندن ئي قبيلي جي ميراث آهن. پر، ڪيڏي نه عجيب ڳالهه چئبي، جو اِن ماحول ۾، بلڪ اِن کان به اڻانگي ماحول ۾، اڄ کان ساٺيڪو سال اڳ، سنڌ جي سر زمين هڪ اهڙي انسان کي جنم ڏنو، جو ڄائو نپنو ته غريب متوسط گهراڻي ۾، پر عزت ۽ عظمت جو اهو مقام حاصل ڪيائين، جنهن لاءِ جاگيردار ابن جاگيردار، پير ابن پير، ورهين کان سڌون ڪندا رهيا. اها عظيم المرتبت شخصيت آهي شيخ عبدالمجيد سنڌي. هيءُ هر دلعزيز شخص اڄ به اسان جي وچ ۾ ويهي، وقت ۽ حالتن جو راز پروڙي، ملڪ ۽ قوم جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.

پنهنجي طويل سياسي زندگيءَ ۾ شيخ صاحب، ملڪ جي آزادي ۽ اقتصادي خوشحاليءَ لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، تنهن جا تفصيل ته شايد هينئر کيس به معلوم نه هجن، پر ’خلافت تحريڪ‘، ’تحريڪ عدم اعتماد‘، ’خدام ڪعبه سوسائٽي‘ ’مسلم ڪانفرنس‘، ”انڊين نئشنل ڪانگريس‘ ’مسلم ليگ‘، ’سنڌ عوامي محاذ‘ ۽ نئشنل عوامي پارٽي‘ جي رڪارڊ ڏسڻ سان، يقيناً ڪو به شخص، شيخ صاحب جي همہ گير شخصيت ۽ بي لوث خذمتن جو، کليءَ دل سان اعتراف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي.

’تحريڪ آزادي هند‘ واري دور ۾ قومي اڳواڻن اڳيان هيٺيان ٻه مقصد هئا: انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ اقليتن ۾ باهمي اعتماد پيدا ڪري سندن فرقيوارانه مسئلن کي منصفانه نموني حل ڪرڻ. اقليتن جو هڪ مسئلو هو ته سنڌ بمبئيءَ کان الڳ ٿئي يا نه – هڪ پاسي ڪانگريس جا ڪي تنگ نظر ۽ ٻيا مفاد پرست عنصر زور ڏيئي رهيا هئا ته

سنڌ ڪنهن به صورت ۾ بمبئي پرڳڻي کان الڳ نه ٿئي، ٻئي طرف سنڌ جا عام مطالبو هو ته سنڌ هر حالت ۾ بمبئي کان جدا ٿئي. ٻنهي طرفين سخت ڇڪتاڻ هئي، ڪا به ڌر پنهنجي ڳالهه تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هئي. اهڙيءَ طرح، هندستان جي ٻين صوبن ۾ وري، اسيمبلين ۾ هندو مسلم جاين جو مسئلو پيچيدي صورت اختيار ڪري رهيو هو. ان نازڪ وقت ۾، آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جي صدر جي حيثيت سان ”اجمير ڪانفرنس“ ۾ شيخ صاحب جيڪي ٺاهه جون رٿون پيش ڪيون، سي ايتريون ته منصفانه هيون، ۽ اهڙيءَ ته ڪمان ڪاريگريءَ سان تيار ڪيون ويون هيون، جو ٻنهي ڌرين درميان آخرين ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ڪرڻ لاءِ فضا هموار ٿي ويئي: ستت ئي اجمير کان بمبئيءَ ويندي، گاڏيءَ ۾ شيخ صاحب جي مشهور ڪانگريسي اڳواڻ ڊاڪٽر محمود سان ملاقات ٿي. خيال جي ڏي وٺ ڪرڻ بعد، ڊاڪٽر محمود، شيخ صاحب کان بيحد متاثر ٿيو ۽ بعد ۾ ٻنهي ڄڻن جي گڏيل ڪوششن سان ”سنڌ جي جدا ٿيڻ“ ۽ ”هندو مسلم نمائندگي“ جي سوالن تي ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لاءِ مرحوم مولانا آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ پنڊت مدن موهن مالويه بمبئي ۾ گڏيا ۽ ان گڏجاڻيءَ جو نتيجو ”لکنو مسلم يونٽي ڪانفرنس“ ۽ ”الله آباد مسلم يونٽي ڪانفرنس“ جي صورت ۾ نڪتو. انهن ڪانفرنسن ۾ پهريون دفعو هندستان جي مسلمانن جي مختلف طبقن جا اڳواڻ – مسٽر جناح جي مشهور چوڏهن نڪتن مان تيرهن تي يڪراءِ متفق ٿيا ۽ چوڏهين نڪتي، جو چونڊن جي باري ۾ هو، راضي نامو ڪيائون. بعد ۾ سمورن سياستدانن ۾ اجتماعي طور پڻ انهن تيرهن نڪتن تي اتفاق ڪيو.

’الله آباد يونٽي ڪانفرنس جا جلسا پندرهن ڏينهن کان به وڌيڪ هلندا رهيا، ۽ انهن ۾ ”سنڌ جي جدا ٿيڻ واري“ سوال سخت نازڪ صورت اختيار ڪئي؛ خاص طرح سان، جڏهن ماهر اقتصاديات پروفيسر ڇٻلاڻيءَ ثابت ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ، بمبئي کان الڳ ٿيڻ ڪري، مالي مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي ويندي، تڏهن ته مسلمان نهايت مايوس ٿي ويا؛ پر ٻئي طرف جڏهن شيخ عبدالمجيد پنهنجي تقرير ڪئي ته پروفيسر ڇٻلاڻيءَ جا سمورا دليل رد ٿي ويا ۽ جيڪي به هندو مسلم حاضر هئا، تن شيخ صاحب جي ”سنڌ جي علحدگي“ جي حمايت ۾ ڏنل دليلن سان اتفاق ڪيو. انهيءَ تاريخي تقرير جي تعريف ڪندي، هندستاني مسلمانن جي جليل القدر اڳواڻ مولانا شوڪت عليءَ لکيو:

He has left his mark on the Allahabad Unity Conference. His speech on the Separation of Sind at Allahabad Unity Conference won applause and congratulations from all including Dr: Moonje, (Mehasa bhai Leader). Once when he had finished his speech on Hindu Muslim Unity. The venerable President of the Conference made a note in his diary that the best speech that he heard during his life was that of Shaikh Abdul Majid Sindhi.

”شيخ صاحب الله آباد ڪانفرنس ۾ واه جو ڌاڪو ڄمايو. سندس، ’سنڌ جي جدا ٿيڻ‘ واريءَ تقرير تي، کيس چوطرف کان مبارڪباد ملي رهي هئي: ٻيو ته ڇڏيو، پر مهاسڀائي اڳواڻ ڊاڪٽر مونجي به سندس ثنا خوان ٿي ويو! هڪ دفعي جڏهن شيخ، ”هندو مسلم ايڪتا“ تي پنهنجي تقرير ختم ڪئي، ته موقعي جي صدر پنهنجي ڊائريءَ ۾ هي اکر لکيا، ’مون ههڙي شاندار تقرير اڄ تائين ڪا نه ٻڌي آهي‘.

شيخ صاحب جي سڀ کان وڏي خوبي هيءَ آهي ته ڌرين ۾ اختلاف ڪيتريءَ به حد تائين ڇو نه هجي – هي يار پنهنجو منصفانه فيصلو، ڪمال حرفت ۽ هوشياريءَ سان، ٻنهي ڌرين کان مڃائي ويندو.

”تحريڪ آزادي هند“ واري وقت ۾ سائمن ڪميشن بابت مسلمانن جي اعليٰ اڳواڻن ۾ زبردست اختلاف پئجي ويا، ۽ ان ڳالهه جو انديشو ٿي پيو ته ڪٿي هندو مسلم ايڪتا جي تحريڪ، هميشہ لاءِ نه ختم ٿي وڃي. خود مسلم ليگ ۾ گروه بندي ٿي ويئي – هڪڙو گروهه سر محمد شفيع جي اڳواڻيءَ هيٺ سائمن ڪميشن سان سهڪار ڪرڻ جي فائدي ۾ هو، ته ٻيو گروهه مسٽر محمد علي جناح جي قيادت هيٺ بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشي بيٺو هو؛ اختلاف جي باه تيزيءَ سان وڌي رهي هئي ۽ مصلحت جي ڪا اميد نظر نٿي آئي. اهڙي نازڪ موقعي تي، صوبائي خلافت ڪاميٽيءَ پاران شيخ عبدالمجيد سکر ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ سڀني مسلم اڳواڻن شرڪت ڪئي. هڪ طرف مولانا آزاد، مولانا مظفر علي خان ۽ حبيب الرحمان، چونڊن متعلق نهرو رپورٽ جي تجويز سان متفق هئا، ٻئي طرف مولانا شوڪت علي ۽ ٻيا اڳواڻ ان جي مخالفت ۾ هئا. انهن برک اڳواڻن اڳيان شيخ صاحب، نهرو رپورٽ جي چونڊن بابت تجويز متعلق ترميمون پيش ڪيون. ٽن ڏينهن جي بحث مباحثي بعد سڀني اڳواڻن انهن ترميمن کي قبول ڪيو.

”سنڌ علحدگي“ جي تحريڪ ۾ شيخ صاحب جيڪي خذمتون سرانجام ڏنيون، تن جو ذڪر ڪندي، مرڪزي خلافت ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري لکي ٿو:

Mr: Abdul Majid Sindhi as usual was the only muslim form Sind who attended meeting at simla.(    ) The report of the Simon Commission was condemned and criticised or several defects and on many other grounds includidg Simon Commission’s lack of support to the separation of Sind. Mr: Abdul Majid Sindhi must not have missed a single All India Conference which was in any way connected with the separation of Sind. Since the inception of the movement, and at most of the conferences he used to be the only Sindhi to press forward the cause of the movement

”هميشہ جيان هن ڀيري به اڪيلو شيخ عبدالمجيد سنڌي، سنڌ مان ’سملا ميٽنگ‘ ۾ شريڪ ٿيو. ميٽنگ ۾ سائمن ڪميشن جي سخت مذمت ڪئي ويئي – خاص ڪري سندس انهيءَ رويي جي، جو ’سنڌ جي علحدگي‘ کي اهميت ئي نه ڏني ويئي هئي. ’سنڌ متعلق‘ هن تحريڪ شروع ٿيڻ کان وٺي، ڪٿي به ڪا اهڙي ميٽنگ نه ٿي آهي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد شريڪ نه ٿيو هجي“

مٿينءَ ڪانفرنس جي موقعي تي شهر جي جامع مسجد ۾ هڪ جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽي هزار ماڻهن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ گهڻو ڪري سڀ نمائندا حاضر هئا. مولانا شوڪت علي صدارت ڪري رهيو هو، ۽ شيخ صاحب کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ان وقت مسلم نيشنلسٽ پارٽيءَ جا ڪيترائي همدرد ۽ معاون حاضر هئا. اهڙي ماحول ۾، خلافت ڪميٽيءَ جي پاليسي ظاهر ڪرڻ گويا هڪ جرئتمندانه قدم کڻڻو هو. شيخ صاحب تقرير ڪئي ۽ خلافت ڪاميٽي جي پاليسيءَ جي وضاحت ڪئي. سڄو مجمع ٻه ڪلاڪ تقرير ٻڌندو رهيو. مولانا شوڪت علي تقرير کان متاثر ٿي چيو:

I can never forget his most argumentative speech at Simla in Unidication of Muslim policy, where he kept the whole audience spell bound for more than an hour. The next day morning when I passed through the Bazaar I was accosted with salutations and forced every where to arrange another lecture of Mr: Abdul Majid Sindhi.

”آءٌ شيخ عبدالمجيد جي سملي واري مدلل تقرير ڪڏهن به وساري نٿو سگهان: هن مسلم پاليسيءَ جي وضاحت ڪئي، ۽ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ عرصي لاءِ حاضرينن کي همہ تن گوش رکيو. ٻئي ڏينهن سملي جي بزارين ۾ مون کي جٿي ڪٿي ائين ٿي چيو ويو ته شيخ صاحب جي ٻيءَ تقرير جو انتظام ڪرايو.“

خلافت ۾ عدم تعاون تحريڪن جي ناڪاميءَ تي، اسيمبليءَ “ داخلا جي سوال تي سڄي هندستان جي مسلمانن ۾ اختلاف پيدا ٿي ويو. هڪ طرف مولانا آزاد ۽ سندس ساٿين اسيمبلين ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، ٻئي طرف مولانا محمد علي، شوڪت علي ۽ ٻين داخلا جي خلاف فيصلو ڪن. ان سلسلي ۾ آخرين ڪوشش هيءَ هئي ته مولانا محمد علي مرحوم جي جاءِ تي خلافت ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ رکي ويئي. ٽن ڏينهن تائين بحث ٿيندو رهيو، پر کڙتيل ڪجهه ئي ڪين نڪتو. سڀ ڪنهن ائين ٿي سمجهيو ته ميٽنگ ناڪام رهي. ان وقت شيخ صاحب بيمار هو. هو آيو ۽ هڪ ترميم پيش ڪيائين. شيخ صاحب جي ترميم مڙني کي پسند پيئي، ۽ هنن پنهنجون ترميمون واپس وٺي ٺاهه ڪيو.

اهي ئي آهن زرين ڪارناما، جن جي ڪري شيخ صاحب جي عظمت جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي، ۽ جن کي ڏسي خلافت ڪاميٽيءَ جي ليڊر مولانا محمد عرفان چيو: ”اڪبر اعظم، سر آغا خان، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي، ۽ مسٽر جناح اعظم کان علاوه، جيڪڏهن ڪو عظيم انسان، سنڌ جي سرزمين پيدا ڪيو آهي، ته اهو آهي شيخ عبدالمجيد سنڌي.“ شيخ صاحب جون اهي ئي صلاحيتون هيون، جن مولانا شوڪت عليءَ جهڙي بزرگ کي سندس گرويده ڪري ڇڏيو. مولانا شوڪت علي هڪ هنڌ لکي ٿو:

When I was released from prison in 1923 and had visited Sind in 1924, he was again in Sukkur Jail, and I well remember that after the Public meeting at night I decided to make a TAWAF of the Sukkur Jail, and we all shouted ALLAH-O-AKBAR, and that was our greeting to our dear Brother and Co-worker, and he had heared it and understood inside the prison.

”1923ع ۾ جڏهن مون کي جيل مان آزاد ڪيو ويو ۽ 1924ع ۾ مان سنڌ جي دوري تي نڪتس ۽ سکر ۾ ويس، ته معلوم ٿيو ته شيخ عبدالمجيد جيل ۾ آهي. رات جو پبلڪ جلسو ختم ٿيڻ بعد، اسان فيصلو ڪيو ته جيل جو طواف ڪجي. اسان جيل جو طواف ڪيو ۽ الله اڪبر جا نعرا بلند ڪري، پنهنجي ساٿيءَ کي پنهنجو آواز پهچايو. هن ٻڌو ۽ سمجهو.“

اڄ به ڪانگريس، مسلم ليگ، خلافت ڪاميٽي ۽ برصغير هندوپاڪ جي ٻين مکيه جهونن سياسي جماعتن جا جيڪي اڳواڻ آهن، سي سڀ شيخ صاحب جا جهونا دوست ۽ مداح آهن.

مولانا حسرت موهاني، شيخ صاحب جو ويجهڙو دوست هو. گذريل سال خالقڏني هال ڪراچيءَ ۾ ”حسرت سوسائٽي“ پاران، مرحوم ”حسرت“ موهانيءَ جي ورسي پئي ملهائي پئي ويئي. جلسي ۾ بلند پايه اڳواڻ شريڪ هئا، جن ۾ راجمڪار محمود آباد، عبدالرب نشتر، چوڌري خليق زمان، ۽ جسٽس لاريءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. جلسي جي ڪارروائي هلي رهي هئي، اوچتو شيخ صاحب به اچي ويو – شيخ صاحب تي نظر پوڻ شرط، راجمڪار محمود آباد صدارتي ڪرسي ڇڏي، اچي شيخ صاحب کي ڀاڪر پاتو؛ سڀني ليڊرن ساڻس گرمجوشيءَ سان مصاحفو ڪيو. هلندي جلسي ۾ هيءَ گڙ ٻڙ ڏسي، هڪڙي مسلم ليگي رنگروٽ کان رهيو نه ٿيو ۽ خليق زمان کي ٽوڪ هنيائين ته ”اوهان نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ شريڪ ڇو نٿا وڃي ٿيو.“ هن ويچاري کي ڀلا ڪهڙي خبر ته مسلم ليگ جا اهي اڳواڻ – خليق زمان ۽ سردار نشتر – شيخ صاحب جي ئي ڪوشش سان ان جماعت ۾ آيا هئا!

پيري زهيري آهي. شيخ صاحب اڄ ڪافي پيرسن ٿي چڪو آهي. هي مرد مجاهد سڄي عمر ڪنڊن جي سيج تي ستو آهي. آرام اکئين ڪو نه ڏٺواٿس. پر، هن عمر ۾ به هو ملڪ ۽ قوم جي بهبوديءَ لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙي رهيو آهي. سڄي پاڪستان جي ترقي پسند عناصرن ۽ اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري، نئشنل عواميءَ پارٽي جو پايو وجهڻ ۾، هن درويش صفت پير مرد جو وڏو هٿ آهي. هو سڄي عمر حق ۽ انصاف لاءِ لڙندو رهيو آهي ۽ هينئر به اهي ئي آدرش ۽ اصول سندس پيش نظر آهن.

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي زندگي، سنڌ ۽ هند جي عوام جي سياسي شعور جي ارتقائي تاريخ آهي. ”آل انڊيا خلافت تحريڪ“ کان وٺي ”آل پاڪستان نئشنل عوامي پارٽيءَ“ تائين، صحتمند سياسي جدوجهد جو جيڪو به دور گذريو آهي، تنهن ۾ شيخ صاحب شروع کان آخر تائين شريڪ رهيو آهي. انهيءَ سڄي دور ۾، جڏهن به ڪن پيچيده مسئلن تي ممتاز سياسي اڳواڻن جو اختلاف ٿيو آهي، ته اهو شيخ صاحب جي حڪمت عمليءَ سان فوراً دور ٿيو آهي، ۽ ائين ئي آزاديءَ جي علمبردارن جو قافلو اڳتي وڌندو پئي رهيو آهي.

عظمت ۽ اعليٰ وقار جو بلند ترين مقام حاصل ڪرڻ جي باوجود، شيخ صاحب جي سڄي زندگي، اقتصادي ۽ مالي نقطہء نگاه کان هڪ فاقه ڪش قلندر جي زندگي آهي، ۽ اها ڳالهه بذاتِ خود شيخ صاحب جي عظمت جو هڪ روشن دليل آهي.

شال هيءَ جليل القدر هستي وڏي عمر ماڻي! ۽ وڌ ۾ وڌ عرصي تائين اسان جي رهنمائي ڪري – آمين.

 

----------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com