سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :9

(هه) سنه 1923ع ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب وري هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو شروع ڪيو. سندس ان ترجمي جو پهريون ڀاڱو، جملي 60 صفحا، جو سنڌ جي اسلام کان اڳ واري تاريخ تي مشتمل آهي، ڪرشنا پرنٽنگ پريس (پهريان 40 صفحا) ۽ بلئوٽڪسي پريس (41 کان 60 صفحا) حيدرآباد مان شايع ٿيو. مرزا صاحب ان پهرئين ڀاڱي جي مهاڳ، مؤرخه 30-جولاءِ 1923ع ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”هاڻي ڪن دوستن جي فرمائش موجب مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.“ آخر ۾ ”اشاري“ طور لکيو اٿس ته: ”ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ڇپڻو آهي. پهريون ننڍو ڀاڱو فقط چچ جي راڄ تائين آهي، باقي ٻئي ڀاڱي ۾ اچڻو آهي.“ مرزا صاحب جو هيءُ ترجمو به محض ترجمو ئي آهي، ۽ تصحيح ۽ تحقيق کان خالي آهي.

(و) مرزا قليچ بيگ صاحب جي انگريزي ترجمي تان، محترم محمد حفيظ الرحمان ”حفيظ“ بهاولپوري، ڪتاب جو اردو ۾ ترجمو ڪيو، جو ”عزيز المطابع اليڪٽرڪ پريس بهاولپور“ ۾ ڇپيو. مترجم جي ديباچي جي تاريخ 10- رمضان 1357هه/4- نومبر 1938ع ڄاڻايل آهي. هيءُ ترجمي جو به ترجمو آهي ۽ انهيءَ ڪري صحت کان ناقص آهي.

فتحنامي جي فارسي متن جي اشاعت: خود فارسي متن جي تصحيح ۽ تحقيق طرف سڀ کان پهريون توجهه سنڌ جي عالم، فاضل، محقق ۽ اديب، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ڪيو ۽ سندس تصحيح ڪيل ”فتحنامه سند“، مجلس مخطوطات فارسيه حيدرآباد دکن جي ڪوشش ۽ اهتمام سان سنه 1358هه/1939ع ۾ مطبعه لطيفي دهلي مان ڇپجي شايع ٿيو.

موجوده تحقيق ۽ تجسس جي اصولن ۽ معيار مطابق هيءَ پهرين ڪوشش هئي، جنهن موجب فاضل مصحح، ڪتاب جا مختلف قلمي نسخا سامهون رکي، متن جي تصحيح ڪئي، ڪتاب جو مقدمو لکيو، متن جي وضاحت لاءِ حواشي ۽ تعليقات لکيا، ۽ آخر ۾ ماڻهن ۽ ماڳن جي فهرست شامل ڪئي.

متن جي تصحيح لاءِ فاضل محقق هيٺيان قلمي نسخا استعمال ڪيا:

نسخه: م  برٽش ميوزم وارو نسخو، 9-محرم 1248هه جو لکيل.

نسخه پ  ڪتبخانه پنجاب يونيورسٽي وارو نسخو، 4- شوال 1061هه جو لکيل.

نسخه ب ڪتبخانه بانڪيپور وارو نسخو، 10- ذيقعد 1272هه جو لکيل.

نسخه ڪ ڪتبخانه رايل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال، ڪلڪته، وارو نسخو 9- آڪٽوبر

            1887ع جو لکيل.

نسخه س   علاؤالدين صاحب سمه جو ذاتي نسخو، ڪـــافــــــي پوءِ جــــــو لکيل، تاريخ

             نامعلوم.

نسخه ج     ميرنور محمد خان جي ڪتبخاني وارو سنڌي ترجمو، محمد حنيف صاحب صديقيءَ وٽ موجود، تاريخ ترجمه نامعلوم.

انهن نسخن جي علاوه مصحح، مرزا قليچ بيگ واري انگريزي ترجمي توڙي اليٽ واري انگريزي ترجمي کي پڻ استعمال ڪيو.

انهيءَ اهتمام سان فتحنامي جو فارسي متن پهريون دفعو ڪافي صحيح نموني ۾ ڇاپي جي صورت ۾ علمي دنيا جي آڏو پيش ٿيو. متن جي وس آهر صحت کان علاوه، فاضل محقق پهريون دفعو ڪتاب جي اصل نالي تي مقدمه ۾ بحث ڪيو ۽ ڪتاب جي عام مشهور مصنوعي نالي ”چچنامه“ جي بدلي اندروني شهادتن جي بنياد تي، ان جو زياده صحيح نالو ”فتحنامه سند“ تجويز ڪيو. پنهنجي حواشي ۾ پڻ فاضل محقق ڪن تاريخي ۽ جغرافيائي حقيقتن تي روشني وڌي.

مطلب ته محترم ڊاڪٽر دائودپوٽي جي انهيءَ مخلصاڻي ڪوشش پهريون دفعو هن تاريخي ڪتاب جي متن کي روشن ڪيو ۽ ”الفضل للمتقدم“. مگر صاحب موصوف سان روبرو خيالن جي ڏي وٺ مان معلوم ٿيو ته هيءُ ڪم ڪافي عجلت ۾ پورو ڪيو ويو، ۽ غالباً انهيءَ ڪري ئي ڪن خاص نالن جي اصليت، متن جي ڪن منجهيل عبارتن جي صحت، وڌيڪ قلمي نسخن جي ڀيٽ، ڪتاب جي تاريخي پس منظر جي گهري جاچ، تاريخي واقعن ۽ جاگرافيائي پس منظر ّتي ڪي ضروري مباحث ۽ ٻيا ڪي پهلو تشنه ِّ تحقيق رهجي ويا.

موجوده سنڌي ترجمو ۽ ان ۾ ڪيل تحقيق

موجود سنڌي ترجمي ۽ تاليف ۾ انهن تحقيق طلب مسئلن کي ممڪن حد تائين سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي سڄي متن جي ذري پرزي تصحيح، ۽ آخر ۾ هر انوکي ۽ مشڪل مقام ۽ مسئلي جي عملي تنقيد ۽ تشريح، هن ترجمي ۽ تاليف جا ٻه امتيازي پهلو آهن. انهيءَ سلسلي ۾ خاص ڪوشش ڪئي وئي آهي، تنهن جو مختصر طور هيٺ ذڪر ڪجي ٿو. انهيءَ لاءِ ته آئيندي محقق کي باقي رهيل مسئلن ڏانهن متوجهه ٿيڻ ۾ آساني ٿئي:

(1) ڪتاب جي قلمي نسخن جي ڀيٽ: مٿي ص 86-85 تي فتحنامي جي انهن قلمي نسخن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جن کي فارسي متن جي ايڊيٽر شمس العلما ِّ ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب استعمال ڪيو آهي. صاحب موصوف نسخي م کي بنيادي نسخو تسليم ڪيو آهي ۽ نسخي پ جي پڙهڻين کي اڪثر جاين تي ترجيح ڏني آهي(1).

نسخه پ: بنده نسخي پ جو پنجاب يونيورسٽي لئبرري ۾ مطالعو ڪري، ان کي بنيادي نسخو تسليم ڪري فارسي متن جي ڪافي پڙهڻين کي درست ڪيو آهي: مثلاً ص 102، حاشيه-2 (ڏهرسينه جي عمر ٽيهه سال هئي ۽ نه حڪمراني)، ص 112، حاشيه-1 (عبدربه ۽ نه عبدالله) ص 112، حاشيه-2 (ڪوه منذر ۽ نه ڪوه مندر) ص 151 تي (1)-(1) انگن اندر سڄي عبارت جي تصحيح، ص 165، حاشيه-1 (حمران ۽ نه حمزان)، ص 179، حاشيه-1 (جيور ۽ نه جيپور)، ص 193، حاشيه-1 (”اي عزيزو“ ۽ نه ”اي بني عزيز“) ص 197، تي (1)-(1) انگن اندر ڏاهر جا سندس پنهنجي ٻوليءَ وارا اصل لفظ، وغيره.

نسخه ن: فارسي ايڊيشن ۾ ٻيو مکيه نسخو ب استعمال ڪيو ويو آهي، جو بانڪيپور لئبرري ۾ محفوظ آهي(1) . هيءُ نسخو  راجي محمد نالي ڪاتب 3-ذي القعده 1272هه ۾ شهر پونه ۾ ٻئي هڪ نسخي تان اتاريو، جو مير مراد علي خان جي ارشاد موجب محمد خليل نالي ڪاتب 3-ذي القعده سنه 1232هه ۾ لکيو هو. هي مير مرادعلي خان وارو اصل نسخه جو ب کان 40 ورهيه اڳ جو لکيل آهي، سو هزهائينس مير نورمحمد خان مرحوم جي لئبرريءَ ۾ محفوظ آهي. دوست محترم مير نورمحمد خان (ننڍي) جي مهربانيءَ سان هي نسخو مطالعي لاءِ مليو ۽ اسان ان کي ن جي نشاني سان نروار ڪيو آهي. هيءُ نسخو، فتحنامي جي جملي موجوده نسخن ۾ قدامت جي لحاظ سان ٻيو نمبر آهي ۽ صرف نسخه پ ئي هن کان آڳاٽو لکيل آهي. اسان نسخه ن جي آڌار تي پڻ متن جي ڪافي پڙهڻين کي درست ڪيو آهي. مثلاً: ص 79/ سٽ 1 ۾ ”تاکيـہ“ ۽ نه ”کنبہ“، ص 79/سٽ 5 ۾ ”شاکلهار“ ۽ نه ”شاکلها“، ص 139/سٽ 15 ۾ ”فيکيدوا“ ۽ نه ”فکيدوا“، ص 197/سٽ 15-14 ۾ ڏاهر جا سندس پنهنجي ٻوليءَ ۾ لفظ جي صرف پ ۽ ن ۾ ڏنل آهن، وغيره. ڪي خاص درستيون ن ۽ ر جي متفق پڙهڻين موجب ڪيون ويون آهن. مثلاً ص 134/ سٽ 10 ۾ ”ذڪوان بن علوان بڪري“ ۽ نه ”ذڪوان بن حلوان بڪري“، ص 157/سٽ 15 ۾ ”قصه وجورته“  ۽ نه ”قصه وسورته“ وغيره.

نسخه ر: فارسي متن جي فاضل ايڊيٽر برٽش ميوزم واري  (or 1787)  نسخه م کي بنيادي قرار ڏنو آهي. اهو نسخو دراصل جناب حضرت پير صاحب پاڳاري جن جي لئبرريءَ جو هو ۽ ان جي صفحي 205 تي پير صاحب علي گوهر شاهه (اصغر) رضه (1331-1263هه) جي مهر لڳل آهي، جنهن تي هيءُ طغرا ڏنل آهي ته:

ز درج صبغت الله شـہ علي گوهر بود
چو خورشيد حقيقت شد محمد راشد (     ) لامع
                                
                       1250

هن نسخي جو ڪاتب ”نور محمد چپ نويس“ آهي، جنهن اهو نسخو 9- محرم سنه 1248هه ۾ لکيو.(1) شاهي لئبرري رامپور ۾ هڪ ”مجموعه تاريخ فارسي“ (رقم 500) ٽن ڪتابن، هر هڪ تاريخ معصومي، چچنامه ۽ تاريخ طاهريءَ تي مشتمل آهي. اهي ٽيئي ڪتاب ساڳئي خط ۾ ساڳئي ڪاتب جا لکيل آهن، جنهن تاريخ طاهريءَ جي آخر ۾ پنهنجو نالو ۽ تاريخ ڪتابت هن طرح ڄاڻايا آهن: ”حاجي ّمحمد مجاور درگاه بتاريخ غره ماه جمادي الثاني سنه 1245.“ هن نسخي ۽ مٿئين نسخي م کي ڀيٽڻ مان صاف طور معلوم ٿئي ٿو ته نسخه م هن رامپور واري نسخي جو نقل آهي. حاجي محمد روهڙيءَ ۾ ”وار مبارڪ“ جي درگاه جو مجاور هو ۽ بنده سندس ٻيا هٿ لکيل ڪي رسالا به ساڳئي خط ۾لکيل ڏٺا آهن. هن روهڙي واري نسخي تان پير صاحب پاڳاره واري نسخي جو نقل ٿيڻ بلڪل قياس جي ويجهو آهي. هن رامپور نسخي کي اسان ر جي نشان سان نروار ڪيو آهي ۽ ان جي پرهڻين جي آڌار تي متن ۾ ڪيترين ئي جاين تي ڪي اهم درستيون ڪيون آهن: مثلاً ص 157/سٽ 10-9 ۾ (1)-(1) واري عبارت جي تصحيح، ص 177/سٽ 22 ۾ (1)-(1) اندر فقري جو اضافو ته محمد بن قاسم جا سپاهي ”ڇلنگيون ڇلنگيون ٿي“ ٽپيا، ص 224/سٽ 2 ۾ ”قيان بن طاهر“ (يعني گيان بن ٿاهر) ۽ نه ”قبايض بن طاهر“، ص 190/سٽ 12 ۾ ”دهول“ (يعني ڍول) ۽ نه هول، ص 231/سٽ 12 تي ”دنده وکر بهار“ (يعني ڍنڍ وڪر بهار) ۽ نه دنده وڪربها ِّ وغيره.

مطلب ته پ، ن ۽ ر فتحنامه جي جملي قلمي نسخن ۾ نمبر وار قديم نسخا آهن، جن مان پ جو دوباره مطالعو ڪيو ويو آهي ۽ ن ۽ ر کي پهريون دفعو هن سنڌي ايڊيشن جي تصحيح لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. باقي صرف ٽي يا چار ٻيا قلمي نسخا معلوم آهن،(1) جن جو مطالعو فائدي کان خالي نه ٿيندو، مگر اهي نسخا هڪ ته پوءِ جا لکيل آهن ۽ ٻيو ته وري ناقص آهن ۽ انهيءَ ڪري ايڏي اهميت نٿا رکن.

(2) اصل عربي ڪتاب جي ڪاتبن جي سهو سببان يا مترجم علي ڪوفي جي ڀل کان متن جي ڪن عبارتن جا حصا حذف ٿي ويا آهن ۽ انهيءَ ڪري جملي قلمي نسخن ۾ پڻ اهي خال ۽ خلل رهجي ويا آهن، جن جو ذڪر مٿي (ص 80-79) اچي چڪو آهي. اسان ٻين عربي ڪتابن مان انهن کٽل عبارتن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ناقص عبارتن کي درست ڪيو آهي. پهريون: صفحي 111/[81] تي سنان بن سلمه ۽ احنف بن قيس واري بيان جي تصحيح ابن قتيبة جي ڪتاب عيون الاخبار (1x227) تان ڪئي وئي آهي، ٻيو: صفحي 228/[217] تي محمد بن قاسم ۽ قتيبـہ کي حجاج طرفان چين جي فتح ۽ امارت جي حڪم، ۽ محمد بن قاسم  جو جهم بن زحر کي عراق جي لشڪر سان قتيـبـہ ڏانهن موڪلڻ واري بيان جي درستي يعقوبي (2x246) ۽ طبري (1x90-889) جي حوالن ذريعي ڪئي وئي آهي(1).

(3) هن سڄي ترجمي ۾ ماڻهن ۽ ماڳن جي، نالن جي متن جي مختلف پڙهڻين ۽ ٻين ماخذن جي بنياد تي، درستي ڪئي وئي آهي: عربي نالن جي صحيح صورتخطي قائم ڪئي وئي آهي، ۽ مقامي نالن جي ممڪن حد تائين اصلوڪي صورت نروار ڪئي وئي آهي. مثلاً ص 80 تي ”سرڪونڌ پٽ ڀنڊرکو“ (فارسي متن ۾: پسرڪول بن بهندرکو)، ص 80 تي ”وڪيو پٽ ڪاڪو“ (فارسي متن ۾: کيـہ بن کاکـہ). ص 147 تي چنان (فارسي متن ۾: جتان) وغيره درستيون، قابل توجهه آهن.

(4) جيتري قدر ٿي سگهيو آهي اوترو، جن ماڻهن يا ماڳن جوذڪر فتحنامي ۾ آيو آهي، انهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان مثال خاص اهميت رکن ٿا:

محمد بن قاسم سان سنڌ جي فتح وقت جيڪي ساٿي ۽ سپهه سالار گڏ هئا تن مان گهڻن جي سوانح تي روشني وڌي وئي آهي. مثلاً جهم بن زحر الجعفي (ص 304-303)، عطية بن سعد العوفي (ص 305)، سفيان بن الابرد الڪلبي (ص 306)، قطن بن برڪ الڪلابي (ص 306)، نباتة بن حنظلة الڪلابي (ص 307)، تميم بن زيد قيني (ص 326-325)، خريم بن عمرو المدني (ص 499- 331)، حڪم بن عيوانة ڪلبي (ص 333) ۽ وداع بن حميد البحري (ص 337-336). پڻ حجاج جي ڪاتب، حمران (ص 319-318) ۽ ص 171/[151] تي ڏنل داستان جي مصنف خواجه امام ابراهيم جي حالات کي روشن ڪيو ويو آهي.

ماڳن ۽ شهرن، ڍنڍن ۽ ڍورن جي سڃاڻپ تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هيٺين شهرن ۽ ماڳن متعلق ڪيل جغرافيائي ۽ تاريخي تحقيق في الحال هڪ خاص اضافو آهي: اروڙ (ص 262-261)،ديبل (ص 273-264)، ڪيڪانان (ص 274-273)، برهمڻ آباد (ص 276-274)، نيرون ڪوٽ (ص 277-276)، ڪنوهار مندر (ص 282-281)، راوڙ (ص 290-286)،موج (ص 313-312)، بغرور يعني بکر (ص 315، 263)،اگهم (ص 421)، جلوالي ڍورو (ص 330-328)، ڪيرج يعني ڪيرا يا کيڙا (ص 337)، ساوندي ۽ ڍنڍ وڪر بهار (ص 338-337)، ملتان جو منروي بتخانو (ص 347-346)، وغيره.

(5) هن ڇاپي ۾ نه فقط تاريخي ۽ جغرافيائي تحقيق کي مدنظر رکيو ويو آهي، پر ضرورت آهر ادبي تحقيق ڏانهن به پورو ڌيان ڏنو ويو آهي. فتحنامه ۾ مذڪور شاعرن جي سوانح  تي ممڪن حد تائين روشني وڌي وئي آهي ۽ سندن ديوانن يا عربي ادب جي ٻين ڪتابن جي مدد سان سندن شعرن جون گهربل درستيون ڪيون ويون آهن. شاعرن مان هر هڪ اعورشني (ص 295)، عبدالله بن الاعور الحرمازي (297-296)، حمزهِ بن بيض الحنفي (ص 303-202)، ۽ عديل بن فرخ العجلي (ص 307)، بابت مختصر مگر جامع حوالا قلمبند ڪيا ويا آهن، ص 107-106/[72] تي حڪيم بن جبلـہ ڏانهن منسوب شعرن بابت حاشيه ص 293-292 ۾ روشني وڌي وئي آهي، ۽ ص 117-116 [86]/ تي شاعر فرزدق جي ڏنل شعرن جي سندس ديوان جي مختلف ڇاپن تان تصحيح ۽ تڪميل ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ نامعلوم شاعرن جي شعرن کي متعين ڪرڻ جي پڻ حتي المقدور ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو نامعلوم بيت، جو ص  248/[236] تي ڏنل آهي، ان بابت پتو لڳايو ويو آهي ته اهو مشهور شاعر ابوالفتح بستي جي هڪ قصيده جو بيت آهي (ڏسو ص 344).

(6) محمد بن قاسم متعلق هر نقطه ِّ نظر کان ضروري تحقيق جي تڪميل ڪئي وئي آهي. ص 261 تي فتحنامه ۾ سندس ڄاڻايل لقب عماد الدين جي مصنوعيت تي تبصرو ڪيو ويو آهي ۽ محمد بن قاسم جي حقيقي ڪنيـت ابوالبهار کي نروار ڪيو ويو آهي، ص 300-298 تي محمد بن قاسم جي خاندان ۽ شاديءَ بابت فتحنامه جي جملي متضاد ۽ مشڪوڪ بيانن کي مستند تاريخي حوالن سان ڀيٽي صحيح حالتن ۽ نتيجن کي پيش ڪيو ويو آهي، ۽ آخر ۾ ص 362-351 تي تاريخي واقعن جي روشنيءَ ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ مان واپسي، نظربندي ۽ وفات تي تحقيقي بحث ڪري، فتحنامه ۾ ڏنل ڏاهر جي ڌيئرن واري جڙتو افساني جي ترديد ڪئي وئي آهي.

علمي نقطه ِّ نظر کان هن سنڌي ڇاپي جا مٿيان ڇهه پهلو خصوصي حيثيت رکن ٿا، ورنه مجموعي طور متن جي حاشين توڙي متن جي آخر ۾ ”اشارن ۽ واڌارن“ جي عنوان هيٺ هر مشڪوڪ ۽ تحقيق طلب مسئلي تي روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ماڻهن ۽ ماڳن جي نالن جي فهرست شامل ڪئي ويئي آهي، جيئن حوالن ڳولڻ ۾ آساني ٿئي. باقي ڪتاب جي اصليت، فارسي ترجمي جي اوڻاين توڙي اهميت، ۽ بعد جي ترجمن توڙي فارسي ڇاپي جي حقيقت بابت اميد ته هيءُ مقدمو هر مؤرخ ۽ محقق لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.

                (ن.ب)


 

(1)  ڏسو فارسي ايڊيشن، مقدمه ص (يط).

(1)  ڏسو فهرست بانڪيپور لئبرري، مرتبه ”ڊينيسن راس“، جلد 7، ص 177، رقم (597).

(1)  ڏسو فارسي ايڊيشن، مقدمه ص (يط-ڪ)

(1)  ”ببليوٿيڪ امپيريل“ ۾ شايد ٻه نسخا موجود آهن، جن ڏانهن اليٽ پنهنجي تاريخ (1x137) ۾ اشارو ڪيو آهي، اي- بلاشيٽ (E.Blochet) جي فهرست (ببليوٿيڪ نيشنل، پئرس، جلد 1 ص 363) ۾ هڪ نسخي جو حوالو اسان جي نظر مان پڻ گذريو آهي، مگر ان جو تفصيل اسان وٽ قلمنڊ ٿيل ناهي، انهيءَ ڪري ان بابت وڌيڪ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. نسخه م کان سواءِ، متحف برطانيه ۾ هڪ ٻيو نسخو به موجود آهي (فهرست ريو 1x290-291-158 OR No.) مگر هڪ ته اهو ناقص آهي ۽ ٻيو ته وري ڪافي پوءِ جو يعني ته 19- صدي عيسوي جو لکيل آهي، ان کان سواءِ ڪي ٽڪرا فتحنامي جا هڪ ”مجموعه اقتباسات تاريخي“ No. or 1838) ۾ پڻ شامل آهن. انڊيا آفيس لئبرري، لنڊن ۾ پڻ هڪ قلمي نسخو موجود آهي (فهرست، ايٿي (No. 435 جنهن جي ڪن عربي عبارتن کي فارسي متن جي فاضل ايڊيٽر ڀيٽيو آهي، مگر سندس راءِ ۾ هيءُ نسخو به ناقص ۽ گهڻو غلط آهي (ڏسو فارسي ايڊيشن، مقدمه-کد). 

(1)  ڏسو آخر ۾ حاشيه 228/ ]217[ ص 335-334

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org