موڪي
]پٽ[ وسايي جي چوڻ تي نـُـباتـہ
بن حنـَـظلـَة کي موڪلڻ
پوءِ محمد بن قاسم کي سندس قول تي پورو اعتماد
ٿيو. هن سندس چوڻ سچو سمجهي نـُـباتہ
بن حنظلـة
کي هڪ هزار پورن هٿيارن سان سينگاريل ۽ چونڊيل
گهوڙيسوارن سان موڪي
]پٽ[
وسايي جي مقرر ڪيل انجام تي موڪليو، ۽ پاڻ پڻ
انهيءَ جي ويجهو منزل ڪيائين.]هوڏانهن[
موڪو پڻ سئو سوار ساڻ ڪري روانو ٿيو ۽ اچي انهيءَ
جاءِ تي رسيو.
نـُـباتہ
بن حـَـنظـَـلـَة
جو وڃڻ ۽ موڪي
]پٽ[
وسايي کي ٺڪرن سميت گرفتار ڪرڻ
پوءِ نـُـباتـہ
بن حنظلـة
پنهنجن سوارن ۽ ترجمان سان اچي رستو روڪيو، ۽ موڪو
]پٽ[
وسايو ويهن ٺـُـڪـُـرن ۽ لشڪر سميت گرفتار ٿيو.
کيس جڏهن محمد بن قاسم جي سامهون آندائون، تڏهن
امير ساڻس عزت ۽ تعظيم سان پيش آيو، ۽ ٻيٽ وارو
ملڪ هن جي حڪم هيٺ ڏنائين، ۽ سندس عرض تي انهن
ٽڪرن جو پروانو صحيح ڪري کيس عطا ڪيائين، پڻ لکين
درهم انعام طور بخشش ڪري، سائو طائوسي ڇٽ، ڪرسي ۽
سروپا عطا ڪيائين.
]تنهن
سان گڏ[
سندس سڀني ٺڪرن کي خلعتن، سنجيل گهوڙن ۽ گهڻن
انعامن سان سرفراز ڪيائين.
تاريخ جا مصنف ۽ دنيا گهمندڙ]
135[
سيلاني هن طرح روايت ڪن ٿا ته: اميريءَ جو پهريون
ڇٽ]
محمد بن قاسم[
موڪي کي ڏنو هو، ۽ سندس عرض تي قصبه
]وجورته[
واري ايراضي پڻ ملڪيت طور کيس ۽ سندس فرزندن جي
حوالي ڪري، پروانو لکي ڏنائين. ۽ ٻيٽ جو پورو
علائقو، پسگردائي ۽ آباديءَ سميت کيس ڏيئي پڪو
عهدنامو ڪري، ٻيڙين مهيا ڪرڻ جي پارت ڪيائينس.
محمد بن قاسم جو شامي قاصد ۽ مولاي اسلام
کي موڪلڻ
پوءِ محمد بن قاسم مهراڻ جي ڪناري تي منزل ڪري،
شام جي بزرگن مان هڪ بزرگ ۽ مولاي اسلام ديبلي کي،
جو محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام جي عزت سان مشرف
ٿيو هو، موڪليو ته: جيڪي شامي چوي سو ڏاهر
]بن[
چچ کي ۽ جيڪوڏاهر جواب ڏئي سو هن کي سمجهائج.
پيغام ڏيڻ شروع ڪرين ته اهو درٻار ۾ مکيه ماڻهن جي
مجلس ۾ ادا ڪج ۽ صاف لفظن ۾ جواب جي طلب ڪج، جيئن
حجاج جي فرمان جي منڍ ۾ لکيل آهي.
شامي قاصد جو ڏاهر وٽ وڃڻ
جڏهن شامي قاصد ۽ ديبل جو مولاي اسلام ڏاهر وٽ
ويا، تڏهن مولاي اسلام ديبليءَ مٿو نوڙائي خدمت
بجا نه آندي. ڏاهر کيس سڃاڻندو هو، سو کيس چيائين
ته: ”ڇا لاءِ قانون موجب خدمت جو شرط پورو نه
ڪيئي؟ شايد توکي روڪيو اٿن؟“ مولاي اسلام جواب ڏنو
ته: ”جڏهن مان توهان جي طريقي تي هئس، تڏهن
بندگيءَ جا شرط بجا آڻڻ مون تي واجب هئا،
]136[
پر هاڻي جڏهن اسلام جي شرف سان مشرف ٿيو آهيان ۽
اسان جو تعلق اسلام جي بادشاهه سان قائم ٿي چڪو
آهي، تڏهن ڪافر اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ واجب نه آهي.“
ڏاهر جو ڊيڄارڻ
(اهو ٻڌي) ڏاهر چيو ته:
”جيڪڏهين
تون قاصد نه هجين ها ته توکي سزا طور حڪم ڪري
ڪهائي ڇڏيان ها.“ مولاي ديبلي فرمايو ته: ”جيڪڏهن
تون اسان جي ڪــهڻ تــــي تيار آهين ته انهيءَ ڪري
عربن جو نقصان ڪونه ٿيندو، ۽ خون جي]عوض[
گهرڻ لاءِ بدلو وٺندڙ موجود آهن، جيڪي توسان پڄي
پورا ٿيندا.“
شاميءَ جو پيغام ادا ڪرڻ
پوءِ شاميءَ زبان کولي ته: ”اسان امير جي پاران
توڏانهن قاصد ٿي آيا آهيون، ۽ اسان کي هيءُ پيغام
تنهنجي حاڪمن ۽ راڻن جي روبرو ادا ڪرڻ جو حڪم
آهي.“ ڏاهر وراڻيو ته: ”چئي ڏي، ڇاڪاڻ ته قاصد
پنهنجي مخدوم جو پيغام پهچائيندڙ ۽ فرمان ادا ڪندڙ
آهي.“ چيائين: ”امير محمد بن قاسم هن طرح فرمايو
آهي ته تون مختار آهين، جيڪڏهن
]درياءُ[
لنگهي اچين ته رستو کليل آهي ۽ ڪابه روڪ نه آهي.
نه ته ٻيءَ صورت ۾ رستو کليل رکو ته عرب جو لشڪر
درياءُ ٽپي توهان جي سامهون ٿئي.“
ڏاهر جي سياڪر وزير سان صلاح ڪرڻ
ڏاهر پوءِ سياڪر وزير سان صلاح ڪئي ته: هن باري ۾
تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟ سياڪر وزير چيو ته: ”مون
ڪيئي دفعا،جن جن ڳالهين ۾ صلاح ڏيڻ مناسب سمجهي
]137[
تن سڀني ڪمن ۾ راجا جي خير خواهي ۽ نصيحت ڪرڻ لازم
ٿي ڄاتم، ۽ راجا کي انهيءَ جو اثر به معلوم ٿيو.
مون جيڪا راءِ نصيحت طور پتڻ ٽپي لشڪر کي سامهون
ٿيڻ جي ڏني هئي، تنهن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڪيئي، ۽
قبول نه فرمايئي. هاڻي جڏهن حالت تنگ ٿي آهي،
۽
هن سان لڙائي ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهين، تڏهن ڇڏ ته
سندس سارو لشڪر هن طرف ٽپي اچي، ۽ ٻئي لشڪر سامهون
ٿين. هن طرف جو ملڪ تنهنجي هٿ ۾ آهي، شهر ۽ خزانا
تنهنجي ضابطي ۽ قبضي هيٺ آهن. اناج، هٿيار، سامان
۽ لڙائيءَ جو اسباب موجود آهي.
]ٻئي
طرف[
هن جي مدد ڪپجي ويندي، جنهن صورت ۾ سندن پويان
مهراڻ جو پاڻي هوندو، تنهن صورت ۾ ڪوبه واهرو کين
پهچي نه سگهندو، ۽ هو قيدين وانگر تنهنجي هٿ ۾
عاجز ٿيندا، ۽ مٿن حيلي جا سڀ دروازا بند رهندا.
انهيءَ ڪري جنگ جو سامان، گهوڙا، هاٿي، لشڪر ۽
نوڪر چاڪر سڀ تنهنجي قبضي ۾ ايندا.“
پوءِ هڪ عـِـلافي، جو
]اصل[
شام جي لشڪر مان هو ۽
]سنڌ
۾[
عرب جي لشڪر جي اچڻ کان اڳ ۾ ڪنهن گناهه سبب روپوش
ٿي اچي راجا ڏاهر جي خدمت ۾ پهتو هو ۽ ساڻس تعلق
پيدا ڪيو هئائين، تنهن کي
]راجا
ڏاهر[
سڏي هن رٿ بابت صلاح ڪئي، ۽ چيائين ته: ”اي محمد!
سياڪر وزير هيءَ تقرير ڪئي آهي، اها توکي پوري ڏسڻ
۾ اچي ٿي يا نه؟“ محمد علافيءَ چيو ته:
لاَتـُـقــــيـِـــمـَـن بـِـدَار لاَ
انـِـتـَـــــــــفـَـــــاعَ بـِــــهاَ
فـَــــــــــالاَرضُ وَاسـِــــعـَـة
وَالرزق
مـَـبسوُط.
]نفعو
جنهن نه گهر ۾، نه ٽڪ تنهن ۾ تون،
گهڻو رزق جـــــڳ ۾ زميـــــن پـــــڻ وسيع.
[
هيءَ راءِ،
ته هنن جي لشڪر کي هن طرف ٽپي اچڻ ڏجي، پوري نه
آهي، مان انهيءَ سان شامل راءِ نه آهيان. ڇاڪاڻ ته
هن جو لشڪر زبردست آهي. جنگي سوار ۽ ناليرا
]138[
مرد پنهنجي ننگ ناموس جي واسطي بيهي رهندا، ۽ خدا
تعاليٰ جي خوشيءَ لاءِ الله جي واٽ ۾ پنهنجو نفس ۽
جان قربان ڪندا. جيئن ته هو الله جي ڪرم جي پناهه
وٺي
]هيءُ
خيال ڪندا[
ته هـِـن جهاد ۽ شهادت جي سبب دائمي جهان ڏانهن
پهچنداسون، ته پوءِ هو تيستائين نه ڪـُـسندا،
جيستائين اسان مان ٻيڻا ٽيڻا نه ڪهندا، ۽ جڏهن جنگ
ڏانهن منهن ڪندا ته پوءِ تيستائين سندن موٽڻ ۽
منهن ڦيرائڻ ڏکيو آهي، جيستائين سڀئي خونخوار ترار
جو کاڄ نه ٿيندا ۽ هو جڏهن هن طرف لنگهي، ملڪ جي
دامن ۾ هٿ هڻي، بادشاهيءَ ۾ ڀائيوار ٿيا تڏهين وڏو
فتنو پيدا ٿيندو ۽ سندن طاقت ۽ دٻدٻو هر روز وڌندو
ويندو، ڇاڪاڻ ته تنهنجو گهڻو لشڪر ۽ رعيت هن جي
ڦرلٽ کان امان گهرندا ۽ پنهنجي حياتيءَ جي بچاءَ
لاءِ ساڻس همراهه ٿيندا، ۽ کيس پناهه جي جاءِ
سمجهڻ لڳندا. انهيءَ ڪري صلاح هيءَ آهي ته کين
الهندي ڪناري تي روڪي ڇڏ، ڇاڪاڻ ته هنن ۽ اسان جي
وچ ۾ مهراڻ آهي ۽ سندن ڪنهن به طرح ٽپي اچڻ ۾ اسان
لاءِ مصلحت نه سمجهڻ گهرجي. ٻيڙين جي ملاحن ۽ جهنگ
جي جتن کي انهن تي بڇج ته گاهه، اناج، ڪاٺين ۽ ڍڳن
جا، جي لشڪر لاءِ ضروري آهن، رستا روڪين ۽ بند ڪن
۽ جيڪو به لشڪر کان ڌار ٿئي تنهن کي تڪليف رسائين،
جيئن تنگ ٿي ڪي بک جي وگهي نابود ٿين، ته ڪي
اگهاڙپ ۽ اڻهوند کان (لاچار ٿي) ڀڄي وڃن، ۽ گهوڙا
بنا گاهه، ۽ سوار بنا خرچ جي لاچار ٿي ٽڙي پکڙي
وڃن، ۽ تنهنجي ملڪ ۾ ڪابه مداخلت نه ڪري سگهن.
جڏهن سندن لشڪر پريشان ۽ منتشر ٿيندو ته پوءِ هو
تنهنجي ملڪ ۾ ڪابه ڦرلٽ نه ڪري سگهندا ۽ تون آسودو
رهندين.“
]139[
علافيءَ جي ڏاهر کي نصيحت ڪرڻ
(روايت): هن ڳالهه جي راويءَ چيو ته: مان انهيءَ
مجلس ۾ بيٺلن مان هڪڙو هئس ۽ مون کي ويهڻ جو حڪم
ڏنائين. علافيءَ جيڪي صلاحون ڏنيون ۽ نصيحت طور
ڏاهر جي روبرو بيان ڪيون، سي مون ٻڌيون ۽ سمجهيون.
پوءِ ڏاهر چيو: ”تنهنجي دل مان جيڪا به صلاح پيدا
ٿيندي ساعين نصيحت ۽ خير خواهي آهي. پر منهنجي
راءِ جي تقاضا آهي ته کيس ڇـُـوٽ ڇڏيان، متان اسان
کي عاجز سمجهي خيال ڪري ته (هاڻي) هيڻو ٿيو آهي.“
راجا ڏاهر جو پيغام
پوءِ (هيئن) چئي شامي قاصد کي واپس ڪيائين: ”موٽي
وڃي پنهنجي امير کي چيو ته (درياءُ) ٽپڻ ۾ توکي
ڇـُـوٽ ڇڏيو ٿو وڃي. اسان تنهنجي جنگ لاءِ تيار
ويٺا آهيون: تون لنگهي اچ، نه ته اسين ٿا لنگهي
اچون.“
محمد بن قاسم جي قاصد جو ڏاهر وٽان واپس اچڻ
پوءِ قاصد، محمد بن قاسم جي خدمت ۾ موٽي آيا ۽
جيڪو پيغام راجا ڏاهر موڪليو هو، سو ظاهر ڪيائون.
محمد بن قاسم چيو ته: الله ذوالجلال بي زوال جي
تائيد سان آءٌ مهراڻ ٽپڻ اختيار ڪندس. پوءِ خدا
عـَـزوَجـَـل کي ياد ڪري کانئس مدد گهري منزل
پـَـٽيائين. نيٺ امير، ساري لشڪر سميت، مهراڻ جي
الهندي ڪناري تي راؤڙ جي قلعي جي مقابل لهي منزل
ڪئي، ۽ موڪي
]پٽ[
وسايي کي سڏي، اعتماد جوڳا ايماندار ماڻهو انهيءَ
سان گڏ مقرر ڪيائين،
]۽
چيائين[
ته ”ڪا درياءَ ٽپڻ جهڙي جاءِ ڳولين]140[
۽ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون پڻ موجود ڪن، جيئن اسين ٽپي
وڃون.
]پر
وري خيال ڪيائين[
ته ممڪن آهي ته هيءُ مهراڻ جو پاڻي ٽپڻ ۾ ڏکيو هجي
۽ اسان لنگهي نه سگهون.
]ٻئي
طرف کان
[
دشمن جو ڊپ
]پڻ[
آهي، جو درياءُ جي ڪناري تي سامهون بيٺو آهي. تنهن
ڪري مون فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين حـَـجاج کان خط
جو جواب نه اچي، تيستائين اتان لشڪر نٿو لنگهائي
سگهان.“ سو ٻه- ٽي ڏينهن ترسي، هڪ مفصل خط
لکيائين، جنهن جو جواب عزت ۽ تعظيم سان پهتو.
محمد بن قاسم ثقفيءَ کي حجاج بن يوسف جو
خط پهچڻ
هيءُ مڪرم و معظم خط حجاج بن يوسف جي طرفان زبردست
امير عمادالدين محمد بن قاسم ڏانهن. سلامن بعد
واضح هجي ته تو مهراڻ ٽپڻ ۽ راجا ڏاهر بن چچ سان
لڙڻ جو ذڪر لکيو هو. بيشڪ مون کي الاهي تائيد ۾
اميد آهي ته تون فتحمند ۽ سوڀارو ٿيندين، ۽ تنهنجو
دشمن ڏاهر ذليل ٿيندو. جنهن وقت هو سامهون ٿيندا
ته خدا تعاليٰ جي مدد تي ڀروسو اٿم ته آسمان جي
گردش کان ڪوبه نقصان توهان کي نه پهچندو، ڇاڪاڻ ته
نماز جي پنجن وقتن، خلوَت خواهه محفل ۾ اهڙو ڪو به
وقت نٿو گذري جنهن ۾ غائبانه دعا جي امداد نٿي ڪئي
وڃي ته خدا تعاليٰ توهان کي ڪافرن تي فتح نصيب ڪري
۽ اهي، دشمن ذليل ۽ خوار خراب ٿين. جيڪو حڪم ازل ۾
مـُـقـَـدر هوندو آهي، مراد جي پردي مان به اهوئي
ظاهر ٿيندو آهي ۽ جيئن جڳائي ۽ گهرجي، تيئن ٿيندو
آهي. آءٌ هميشه الله پاڪ جي درگاهه ۾ عاجزيءَ ۽
زاريءَ سان هن طرح چوندو رهان ٿو: ”اي خداوندا!
تون اُهو بادشاهه آهين جو توکان سواءِ ٻيو ڪو به
خدا نه آهي. اسلام جي لشڪر کي
]سندن
حال[
کان مٿي قوت بخشج، ۽ ڪاميابي عطا ڪج!“ الله تعاليٰ
جي ڪرم ۾ اميد آهي ته تون مقصد حاصل ڪري اچي اسان
سان
[141]
ملندين. هيءُ ضروري آهي ته جيئن به ممڪن ٿي سگهي
تيئن درياءُ ٽپ ۽ الاهي تائيد جي التجا ڪندو رهج،
۽ پنهنجي پناهه سندس رحمت کان ڄاڻج، ته هو پنهنجن
عقلن تي هٺ ڪندڙ صلاحڪارن کان (توکي) بچائي. هڪٻئي
کي سامهون ٿيڻ وقت الاهي رضا تي اعتماد رکي،
پنهنجي پوري بهادري ۽ همت بجا آڻجو، ڇاڪاڻ ته فتح
۽ (الاهي) تائيد، همراهي ۽ قوت توهان سان شامل ۽
مدد گار آهي، ۽ ملائڪن جي امداد ۽ مسلمانن جي ترار
توهان جــــــي طرفان هنن]مخالفن[
تي مـَـسلـَـط آهي. خدا عـَـزوَجـَـل، انهن جي
خبيث ذات کي مسلمانن ۽ ملائڪن جي ترارين ۽ تيرن جو
کاڄ بنائيندو. الاهي غضب (جو دروازو) انهن لاءِ
کليل آهي، جنهن ڪري پورو انتقام ۽ عبرتناڪ سزا
کائيندا.
جڏهين مهراڻ درياءَ اڪرڻ چاهين، تڏهن گهيڙ جي
ڪناري کي جاچي ڏسج، ۽ نديءَ جي ٽپڻ جو انتظام پڪو
رکج، ۽ انهيءَ ملڪ جا جيڪي رهاڪو ٻيڙين تي هجن،
]پهريائين[
تن کي پڪن انجامن سان پنهنجو مطيع ۽ مخلص بنائج، ۽
انهن کي چڱي طرح سڃاڻي پوءِ]
درياءُ[
ٽپجو. جيئن ته پاڻي توهان جي پويان هوندو، تنهن
ڪري انهيءَ طرف کان دشمن جو ڪوبه ڊپ نه رکجو ۽
توهان کي ڪوبه ايذاءُ نه رسندو. پوءِ جڏهن توهان
هن جي ڳوٺن، شهرن ۽ قلعن ۾ داخل ٿيندا ته ڪوبه
ماڻهو توهان سان مقابلو ۽ لڙائي نه ڪري سگهندو، ۽
هو ڪڏهن به توهان جي سامهون پنهنجو پيارو ساهه
هلاڪت ۾ نه وجهندا. هو جنهن به قلعي ۾ پناهه وٺي
پنهنجي ٽيڪ بنائيندا. تنهن تي جنهن وقت تنهنجي نظر
پوندي ته الله تعاليٰ جي تائيد ۽ فتح سان کلي
پوندو، ۽ توهان جي ترار جي هيبت جو اهڙو ڊپ ۽ رعب
هن جي دلين تي غالب ٿيندو جو کين ڪوبه هٿيار ڪم نه
ڏيندو، ۽ (اهو رعب) توهان کي ڪامياب ۽ فتحمند
ڪندو
]142[
جڏهن هو ڀڄن ته (هڪدم) سامان ۽ خزانو قبضي ۾ ڪجو
پر پاڻ کي سندن ٺڳيءَ ۽ فريب کان بچائجو، ۽ هٺ نه
ڪجو. پوءِ هر هڪ کي اسلام جي ڪلي ڏانهن سڏجو ۽
جيڪو اسلام جي عزت سان مشرف ٿئي تنهن جي تربيت
ڪجو. مطلب ته ڪوبه دين جو دشمن انهيءَ طرف ۾ نه
رهي.سندن خون توهان جي ترار لاءِ مباح آهي، هيءَ
دعا، جا منهنجو وظيفو آهي، هر وقت پڙهندا رهجو.
اها مقبول دعا هيءَ آهي:
بـِـسمِ اللهِ الرحمانِ الرحـِـيمِ اَللهـُـم
اِنانـَـسئـِّـَـلـُـکَ
ذَالـِـکِ بـِـانکَ اَنتَ
اَللهُ الحيٰ القيـُـومُ لاَتـَـاخذُه سـِـنـة
وَلاَ نـَـوم لـَـکَ- مـَـافـِـي السمـٰـوَات
وَمـَـا فـِـي الاَرضِ مـَـن ذَا اَلـِـذي
يـَـشفـَـع عـِـندَکَ- اِلا بـِـاذنـِـکَ-
تعلـَـمُ مـَـابينَ اَيدِينـَـا وَما
خـَـلفـَـنـَـا- وَلاَ يـُـحـِـيـَـطُ بـِـشـَـيءِ
مـِـن عـِـلمـِـکَ- اِلا بـِـمـَـا شـِـئتَ-
وَسـِـع کـُـرسـِـيـِـکَ الـَـسمـٰـواتِ
واَلاَرضَ- وَلاَ يـَـؤدُکُ- حـِـفظـُـما وَ اَنتُ
العـَـلـِـي العـَـظـِـيمُ وَبـَـانـَـک- اَنتَ
الاَحـَـدُ الصمـُـدُ لـُـم يـَـلـِـد وَلـَـم
يـُـولـَـد وَلـَـم يـَـکـُـن لـَـہ
کـُـفوَا اَحـَـدُ- بـِـوَجـِـهکَ الکـَـرِيم رَب
الوجـُـوه وَخـَـالـِـقَ الوجـُـوهِ وَقـَـاهـِـرُ
الوجـُـوهِ وَالقـُـادِرِ عـَـلـَـي ولوجـُـوهِ-
لـَـک الخـَـيرُ وَالکـَـرَم وَالکلـِـمـَـات
التامـَـاتُ- فـَـارُقنـَـا مـَـعَ ذالـِـکَ
شـُـڪراً
لـِـنعمتکَ وَ مـَـعرِفـَـة
لـِـحـَـقـِـک وَ عـَـمـَـلاَ بـِـرِضوَانـِـکَ-
والسلامَ عـَـلـَـيکَ رحمة
الله و برکاته و کتبه حـُـمران
في سنه ثلث وَ تسعيـِـنَ
]143[.
(اي اسان جا الله! اسان هيءُ توکان انهيءَ ڪري ٿا
گهرون جو تون سدا حيات ۽ سدا قائم الله آهين، جنهن
کي ڪابه اوجهراڻي يا ننڊ نٿي وٺي، آسمان ۽ زمين ۾
جيڪي به آهي سو تنهنجو آهي. اهڙو ڪير آهي جو
تنهنجي اجازت کان سواءِ تو وٽ سفارش ڪري؟ جيڪي به
اسان جي اڳيان يا پٺيان آهي سو تون ڄاڻين ٿو، ۽
تنهنجي مرضيءَ کان سواءِ اسان تنهنجي علم مان ڪنهن
به شيءِ کي پروڙي نٿا سگهون. تنهنجي حڪومت زمين ۽
آسمان تي پکڙيل آهي، ۽ انهن جي حفاظت توکي ڪابه
تڪليف نٿي رسائي، ۽ تون وڏو ۽ غالب آهين: ۽ هن ڪري
(گهرون ٿا) جو تون واحد بي نياز آهين، جنهن نه
ڪنهن کي ڄڻيو آهي ۽ نه ڪنهن مان ڄائو آهين، ۽ نه
ڪنهن جو ڪو مٽ آهي. (اسين توکان گهرون ٿا) تنهنجي
سڳوري ذات جي مهابي، جا سڀني ذاتين جي رب ۽ سڀني
ذاتين جي قادر آهي. ڀلائي، احسان ۽ مڪمل ڪلما
تنهنجي هٿ ۾ آهن (انهن سان گڏ)، اسان کي پنهنجي
نعمت جو شڪر، پنهنجي حق جي معرفت ۽ پنهنجي رضامندي
تي عمل عطا
ڪر. ۽ توتي سلامتي، الله پاڪ جي رحمت ۽ برڪتون
هجن. (حمران، سنه 93 هه ۾ لکيو.)
حجاج جو خط پڙهڻ ۽ محمد بن قاسم جو ساٿين کي خطاب
ڪرڻ
پوءِ محمد بن قاسم اهو خط پڙهي ساٿين کي تقرير
ڪئي، ۽ ڏاهر جي جنگ ۽]
درياءُ[
جي گهيڙ لنگهڻ لاءِ تيار ٿيو ته ايتري ۾ ٻيو خط
پهتو.
بسم الله الرحمان الرحيم- بلند درگاهه مان محمد بن
قاسم ڏانهن خط آهي ته دعا کان پوءِ،
معلوم هجي ته: تنهنجي دشمنن کي مغز ۾ غرور آهي.
تون ڊڄ نه، ڇاڪاڻ ته فتح تنهنجي ٿيندي. ۽ جيڪڏهن
صلح جي رستي تي اچي، پڪو انجام ڪري صلح ڪري ڍل
دارالخلافت جي خزاني ۾ پهچائي ته ائين به ٿي سگهي
ٿو. ۽ جيڪا ڏاهر سان مهراڻ ٽپڻ ۽ جنگ ڪرڻ بابت
اجازت طلب ڪيل آهي]
تنهن لاءِ محمد بن قاسم کي[
حڪم ٿو ڪجي ته اهڙيءَ جاءِ تان ٽپي جتي گپ چڪ نه
هجي، ۽ لشڪر کي تڪليف نه پهچي. پڻ ٻارهن ميلن
تائين مٿان کان هيٺ تائين پاڻيءَ جي ويڪر ۽ ڊيگهه
جو نقشو ڪاغذ تي ڪڍي، ۽ ڪناري ۽ گهٽ گهيڙ جو نشان
ڪري (اسان ڏانهن موڪلي)، پوءِ جيڪا جاءِ آءٌ پسند
ڪريان اتان لنگهو ته جيئن سپاهين کي ڪو نقصان نه
پهچي.
محمد بن قاسم موڪي
]پٽ[
وسايي کي سڏي چيو ته درياءُ ٽپڻ جي تدبير ڪرڻ
گهرجي.
ڏاهر جو مهراڻ جي ڪناري تي سامهون اچڻ
هند جي دانائن، جن هن داستان جي تصوير چٽي آهي، هن
طرح روايت ڪئي آهي ته: جڏهين حجاج جو حڪم محمد بن
قاسم کي پهتو، ۽]
مهراڻ[
ٽپڻ جي اجازت مليس
]ان
بابت[
هڪ برهمڻ کان روايت ڪيائون، جنهن چيو ته: مون
مـِـرداس بن هـُـدبـَـه تـَـمـِـيميءَ کان ٻڌو
]144[،
جنهن بيان ڪيو ته: آئون راوڙ ۾ ڏاهر جي لشڪر ۾ هئس
جڏهن ڏاهر کي خبر پهتي ته محمد بن قاسم جيور جي
سامهون پوري لشڪر سان اچي منزل ڪئي آهي: ڏاهر
هاٿيءَ تي پالڪيءَ ٻڌڻ جو حڪم ڪيو ۽ هاٿيءَ تي
سوار ٿي ڪناري ڏانهن روانو ٿيو، ۽ وڃي اسلامي لشڪر
جي سامهون بيٺو، ۽ مهراڻ جو پاڻي وچ ۾ هو.
]ان
وقت[
محمد بن قاسم لشڪر کي تيار ڪري رهيو هو.
|