شاميءَ جو شهيد ٿيڻ
اتي هڪ شامي شخص، جو تيراندازيءَ ۾ ماهر ۽ هٿ جو
ملوڪ هو، چاهيو ته گهوڙو پاڻيءَ ۾ هڻي تير وسائي،
پر سندس گهوڙو پاڻيءَ کان ٽهي رهيو هو، ۽ هيٺ نٿي
لٿو. اتي راجا ڏاهر پنهنجي ڪمان گهري. سندس ڪمان
وڏي ۽ مضبوط هئي، جنهن تي َکانئس سواءِ ٻيو ڪو به
زِهه چاڙهي نه سگهندو هو. انهيءَ تي زهه چاڙهي،
تير رکي، جيترو ٿي سگهيس اوترو ڇڪي، نشانو وٺي تير
هنيائين. تير اُنهيءَ سوار جي چوٽيءَ ۾ هنيائين،
جو مٿي مان لنگهي وڃي سندس دُن ۾ ويٺو، ۽ گهوڙي
تان ڪـِـري پيو.
(ايترو ڪري) ڏاهر موٽي ويو، ۽ جاهين کي حڪم ڏنائين
ته : ٻيٽ جي قلعي جي سامهون جتي گهيڙ آهي اتي ٿي
بيهه، ۽ ڏسج ته جيئن (عرب) لنگهي نه اچن، ۽ ڏسندو
رهج ته، جيئن اهڙيءَ جاءِ وٽان لهن جتي گپ ۽ وڏو
پاڻي هجي. پڻ تون ٻيڙيون تيار رک جيئن ٽپڻ وقت کين
نقصان ۽ رنڊڪون وجهي سگهين. جاهين انهيءَ اشاري تي
(عربن) جي رٿ ناڪام ڪرڻ لاءِ مهراڻ جي ڪناري قيِ
بيهي رهيو.
ايتري ۾ اسلامي لشڪر جا ڪي سوار، جي سيوستان ۾
مقرر هئا، پهتا (۽
چيائون) ته چندرام هاله، جو ڪنهن وقت سيوستان جو
حاڪم هو، ڪن ٺـَـڪـُـرن ۽ ڪامورن]
145[
کي ڦيرائي قلعو قبضي ۾ ڪري ورتو آهي، ۽ عرب جي
سپاهين کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو اٿس. هيءَ خبر محمد بن
قاسم کي ٻڌائي ويئي.
]
محمد بن[
مـُـصعـَـب
جو سيوستان وڃڻ
پوءِ (اها خبرٻڌي،)]
محمد بن[
مـُصعـَـب (1) بن عبدالرحمان کي هڪ هزار سوار ۽ ٻه
هزار پيادا ساڻ ڏيئي، انهيءَ طرف تي مقرر ڪيائين.
هو جڏهن سيوستان پهتو، تڏهن چندرام ٻاهر نڪري
لڙائي ڪئي، پر اسلام جـــــي لشڪر جي حملي ڪرڻ تي
چندرام جو لشڪر شڪست کائي ڀڳو. چندرام قلعي ۾ وڃڻ
چاهيو، پر قلعي وارن دروازو بند ڪري کيس اندر اچڻ
نه ڏنو. آخر جهم ڏانهن هليو ويو.
]محمد
بن
[مصعب(1)
ٻئي ڏينهن شهر ۾ آيو.
]قلعي
وارن،
[شمني،
واپارين، ڪاريگرن ۽ چڱن کي وچ ۾ آڻي بهانو پيش ڪيو
ته اسان جي طرفان ڪوبه گناهه ڪونه هو، هڪ چور اچي
اوچتو پاڻ کي قلعي ۾ سٽيو. هنن جي بيگناهي معلوم
ٿيڻ تي
]محمد
بن[
مصعب(1) ساڻن ٺاهه ڪيو، ۽ هنن دروازو کولي قلعو
سندس حوالي ڪيو.هن فتح ۽ ڪاميابيءَ جي خبر ٻڌي
محمد بن قاسم تمام خوش ٿيو، ۽ (محمد بن مصعب)
سيوستان جي رهاڪن کي امان ڏيڻ بابت جيڪو اطلاع ڏنو
هو، تنهن تي محمد بن قاسم چيو ته: مصلحت ائين هئي
ته معافي نه ڏئين ها. هاڻي تو کي اعتماد جوڳا امين
ماڻهو مقرر ڪري، قلعي جي حفاظت جي رات ڏينهن ڪوشش
ڪرڻ گهرجي، ۽ شمنين ۽ واپارين
کان چڱو ضامن
وٺي، چار هزار جنگي مرد سيوستان مان پاڻ سان آڻج
پوءِ
]محمد
بن[
مصعب بن عبدالرحمان انهيءَ اشاري موجب ڪامورا ۽
امين مقرر ڪري، چار
هزار هٿيار
بند ماڻهو ساڻ ڪري، اچي امير جي خدمت ۾ حاضر ٿيو.
ساڳئي ڏينهن موڪو]
پٽ[
وسايو پڻ ٻيٽ جي قلعي جي ڀرسان اچي محمد بن قاسم
سان مليو.
]146[
جـَـيسـِـينـہ بن ڏاهر جو محمد بن قاسم جي مقابلي لاءِ
ٻيٽ جي قلعي ۾ اچڻ
پوءِ جڏهن موڪي
]پٽ[
وسايي جي، محمد بن قاسم سان بيعت ڪرڻ جي پڪي خبر
ڏاهر کي پهتي، تڏهن راجا ڏاهر پنهنجي پٽ
جـَـيسـِـينه کي تيار ڪري، اسلام جي لشڪر جي
سامهون ٿيڻ لاءِ ، ٻيٽ جي قلعي ۾ موڪليو، جيئن هو
پاڻيءَ مان لنگهي نه سگهن. جـَـيسـِـينه تيار ٿي
پوري ساز و سامان ۽ جنگي هٿيارن پنوهارن سان
ڪوتڪــہ
نديءَ جي رستي ڪناري تي پهتو. (هوڏانهن) محمد بن
قاسم (ڏاهر جي) لشڪر جي سامهون جهيم ۽ ڪرهل
جي پرڳڻن ۾ اچي لٿو، ۽ اٽڪل پنجاهه ڏينهن اتي رهڻو
پيس. نيٺ اناج ۽ گاهه گهٽجڻ لڳو، ۽ اناج جي آمدني
گهٽ ٿيڻ ڪري لشڪر فڪرمند ۽ پريشان ٿي پيو، ۽
مخالف گاهن کائڻ ڪري گهوڙن ۾ بيماري پيدا ٿي. جيڪو
به گهوڙو بيمار ٿي ٿيو، تنهن کي ڪهي کاڌائون ٿي.
(ٻئي طرف) دشمن هر قسم جون رٿون رٿي رهيا هئا.
(جڏهن) هيءَ خبر ڏاهر کي پيئي ته ڏاڍو خوش ٿيو، ۽
محمد بن قاسم ڏانهن ماڻهو موڪلي نصيحت ڪيائينس ته،
ڳالهه جي پاڇانڊي پويان نه پوي.
راءُ ڏاهر جو، محمد بن قاسم ثقفيءَ ڏانهن پيغام
”پوءِ
معلوم هجي ته ڪم جي انتها جي ڪڍ پوڻ بدبختي ۽
ڪميڻپ آهي. تو پنهنجي ۽ اسان جي لاءِ تنگي پيدا
ڪئي آهي، ۽ تنهنجي لشڪر وٽ اناج ناياب ٿي چڪو آهي.
جيڪڏهن صلح ڪري موٽي وڃين ته تو ڏانهن کاڌو
موڪليان، جيئن تنهنجا ساٿي بک ۽ اڻهوند وگهي
تباهه نه ٿين . تون (خيال ڪري) ڏس ته تو وٽ اهو
ڪهڙو مرد آهي، جو اسان جي سامهون ٿي جنگ ڪندو. نه
ته (ٻي صورت ۾) لڙائيءَ جا هٿيار تيار ڪر.“
محمد بن قاسم جواب ڏنو ته:
”
آئون انهن اميرن مان نه آهيان جيڪي هيترڙيءَ ڳالهه
تي موٽي ويندا. تو هيترا سال جيڪا سرڪشي ۽ بي
توجهي ڪئي آهي، اهو سمورو مال
]147[
دارالخلافت جي خزاني ۾ جمع ڪرائيندين ته منهنجي ۽
تنهنجي وچ ۾ صلح ٿيندو، نه ته خدا تعاليٰ جي مدد
سان تنهنجو سر عراق نيندس.“
محمد بن قاسم پوءِ حجاج ڏانهن هي احوال لکي گهوڙن
جي مرڻ، گاهه جي تنگيءَ ۽ پاڻي جي ٻيڙين نه ملڻ جي
خبر ڏني.(هوڏانهن) حجاج، طيار نالي هڪ شخص کي لشڪر
جي خبر وٺڻ لاءِ موڪليو
]۽
کيس چيو[
هو ته:
”مخفي
طور محمد بن قاسم کان خبرون پڇي مون کي ڏج.“
طيار روانو ٿي مڪران پهتو ته هڪ شخص کي ايندو ڏسي
کانئس پڇيائين ته: ڪٿان ٿو اچين؟ چيائين ته: محمد
بن قاسم جي لشڪر مان. چيائينس ته: احوال ٻڌاءِ.
جنهن تي هـُـن اناج ۽ گهوڙن جي گاهه جي گهٽتائيءَ
کان لشڪر جي تڪليف ۽ تنگ حالي، گهوڙن ۾ بيماري
پوڻ، ۽ وهٽن جي مرڻ جي سڄي خبر چڱيءَ طرح کولي
ٻڌائي، ۽ (هي به ٻڌايو) ته انهيءَ ڪري عرب جو لشڪر
پريشان ٿيو آهي.
طيار جو موٽي وڃڻ
طـَـيار انهيءَ راويءَ قاصد کي ساڻ وٺي ويو ۽ وڃي
اها خبر حجاج کي پهچايائين. (جنهن تي) حجاج بن
يوسف پريشان ۽ ڏُکائتو ٿي پنهنجي مجلس ۾ موٽي آيو،
۽ عالمن، بزرگن، صالحن، محققن، مستحقن ۽ مکيه
ماڻهن کي دعا خواهيءَ جي پارت ڪيائين. اتان موٽي
طيار کي چيائين ته انهيءَ سنڌ جي قاصد کي حاضر ڪر
ته جيڪي ڏٺو ۽ سمجهيو اٿس سو بيان ڪري. هن اهو
قاصد حجاج جي فرصت واري وقت ۾ پيش ڪيو. حجاج کانئس
پڇيو ته:
”ڪٿان
ٿو اچين؟“چيائين:
”سنڌ
کان.“
پڇيائينس ته:
”محمد
بن قاسم جي احوال جي ڇا خبر اٿيئي؟“
وراڻيائين ته:
”سڀ
سلامت ۽ چڱي حال ۾ آهن. باقي گهوڙن ۾ جـُـذام جي
بيماري پيدا ٿي هئي، ۽ انهيءَ بيماريءَ ۾ گهڻا مري
ويا. مان انهيءَ واقعي کان پوءِ نڪتو آهيان. هاڻي
ان سهانگو ٿيو آهي، باقي رهيلن گهوڙن ۾ ڪابه
بيماري ڪانه آهي]
148[
۽ انهيءَ ملڪ جا واپاري اناج وڪري لاءِ آڻين ٿا، ۽
ٻيٽ جي قلعي جو حاڪم موڪو
]پٽ[
وسايو ان باري ۾ مڙس ٿي بيٺو آهي. تنهن تي حجاج
چيو:
”مگر
منهنجي ڀروسي قاصد ته هن طرح (يعني ٻيءَ طرح) بيان
ڪيو آهي.“
قاصد وراڻيو ته:
”هيءَ
ڳالهه مون کان بيان ڪئي اٿس پر پوري نه ٻڌي
هئائين.“
حجاج چيو ته:
”اها
ڳالهه پوري ڇو نه چيئي؟“
چيائين:
”انهيءَ
ڪري ته جيئن هيءَ گهٽتائي عام جي واتن ۾ نه پوي.
هن مصيبت تي دوست ۽ دشمن واقف نه ٿئي.“
پوءِ حجاج انهيءَ ماڻهو کي لکيو ڏيئي دارالخلافت
ڏانهن موڪليو ته جيڪي ڏٺو اٿس سو پورو وڃي ٻڌائي.
حجاج جو ٻه هزار گهوڙا،خط سان گڏ محمد بن قاسم ڏانهن موڪلڻ
(ٻئي طرف) هيءَ حقيقت ٻڌڻ شرط حجاج پنهنجا خاص ٻه
هزار گهوڙا موڪليا ۽ لکيائين:
هيءُ خط حجاج بن يوسف طرفان محمد بن قاسم ڏانهن.
خط ۽ قاصد جي زبانا احوال معلوم ٿيو ته ڪي گهوڙا
مري ويا آهن ۽ باقي بچيل سلامت آهن، تنهن ڪري ٻيا
ٻه هزار گهوڙا موڪلجن ٿا، جي اعتماد جوڳن بهادرن ۽
لشڪر جي سردارن جي لائق هجن ۽ تنهنجا پشت پناهه ٿي
سگهن، ۽ اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪرڻ گهرجن، جيڪي
سواريءَ جي لائق هجن ۽ پنهنجي سواري کي، جيتوڻيڪ
کڻي اڌاري هجينَ، خاص پنهنجو ڪري سمجهن. لشڪر کي
هميشه منظم ۽ سينگاريل رکج، جيئن قوت ۽ دٻدٻي سان
دشمن جي لشڪر کي دفع ڪري سگهين. پر ڪافرن بابت
هيءَ نصيحت ڪن ڪج ته: ڪنهن به ماڻهوءَ جي تمنا
سندس مرضي موجب حاصل نه ٿيندي آهي،]
تصديق[
قوله تعاليٰ: اَم لـِـلاِنسـَـانِ مـَـا
تـَـمـَـنيٰ- فـِللہ
الاخـِـرَتُ والاُولي
(ڇا انسان جيڪي چاهي ٿو سو کيس ميسر آهي؟ بلڪ آخرت
خواهه دنيا الله جي آهي). مون ڪو هيءُ فيصلو
پنهنجي طرفان نه ڪيو آهي، پر خدا تعاليٰ]
149[
مون کي انهيءَ تي بڇيو آهي، ڇاڪاڻ ته (مان سمجهان
ٿو) ته سندن
]ڪافرن
جو[
ڪم پورو ٿي چڪو آهي ۽ دولت کانئن منهن ڦيرايو آهي:
۽ طريقت، شريعت ۽ حقيقت غلبو ڪيو آهي ۽ دين جي عزت
جو جهنڊو بلند ٿي چڪو آهي. ڪافرن کي
]هيءَ
ڳالهه[
کڻي اڻ وڻندڙ لڳي، ته به توکي ڪيئن به ڪري ٻيڙيون
هٿ ڪري ٻيڙين جي پل ٻڌڻ گهرجي، جيئن آساني سان
لنگهي وڃو ته ڀلي
]ڪافرن
کي به[
خبر پوي- والسلام.
محمد بن قاسم جو، حجاج جو خط پڙهڻ
جڏهن محمد بن قاسم خط پڙهيو ۽ گهوڙا
(به) پهتا ته هن خط جي جواب ۾ جيڪو احوال لکيائين،
تنهن ۾ کـٽاڻ
جي گهر ڪيائين.
]لکيائين[
ته: مخالف کاڌن ۽ بي وقت کائڻ ڪري بيماري، رطوبت ۽
مزاج جي مخالفت پيدا ٿي ٿئي. تنهن ڪري جيئن به ٿي
سگهي ته خاص شرابخاني مان ڪجهه سـُـرڪو عنايت ڪيو
وڃي جو لشڪر کي ان جي ڏاڍي ضرورت آهي.
حجاج بن يوسف جو سـُـرڪو موڪلڻ
پوءِ حجاج جي حڪم سان پڃيل ڪپهه آڻي، سرڪي ۾ ٻوڙي،
خشڪ ڪندا ويا.
]ڪپهه[
ڪئين دفعا سرڪو کنيو. پوءِ انهيءَ ڪپهه جون ڳٺڙيون
ٻڌي ڪئمپ ۾ کڻي آيا، ۽ خط ۾ لکيائون ته:
”محمد
بن قاسم، پيغمبر ﷺ جي حڪم نـِـعمُ الادَامُ
الخـَـل (سرڪو چڱو ڳنڌڻ آهي) جي پيروي ڪندي سرڪي
جي گهر ڪئي هئي، جو پڃيل ڪپهه ۾ تيار ڪيو ويو آهي.
ڪپهه پهچڻ تي پاڻيءَ ۾ آلي ڪئي ويندي ته انهيءَ
مان سـُـرڪو نڪري ايندو.“
]150[
مهراڻ جي الهندي ڪناري تي حجاج جو خط پهچڻ
هن داستان جي مصنف خواجه امام ابراهيم روايت ڪئي
آهي ته: جڏهن محمد بن قاسم کي گهڻو وقت مهراڻ جي
الهندي ڪناري تي ترسڻو پيو، تڏهن حجاج هڪ خط لکيو
جنهن ۾ نائبي(گورنري) جو پروانو داخل ڪري آزاديءَ
سان حڪومت ڪرڻ سندس اختيار ۾ ڏنائين.
]وڌيڪ[
لکيائين ته:
”تنهنجي
روش مون کي ناپسند آهي، ۽ تنهنجي حڪومت (جي طريقي)
کان عجب لڳو اٿم ته تون امانُ ڏيڻ جو ڏاڍو شائق ٿي
پيو آهين. امتحان ۽ آزمائش کان پوءِ جنهن به دشمن
جي عداوت ۽ مخالفت ظاهر ٿئي، تنهن کي امان ڏيڻ نه
گهرجي. ڇاڪاڻ ته شريف ۽ رَذيل جو درجو برابر نه
آهي، ۽ نه هجڻ گهرجي. ائين ڪرڻ مان ڪم عقلي ثابت
ٿيندي، ۽ دشمن انهيءَ کي ڪمزوري تصور ڪندو. مون کي
قسم آهي پنهنجي جان ۽ سر جو ته، الله تعاليٰ عزوجل
توکي نصيحت ڪئي آهي ۽ ويچار وارو عقل ڏنو آهي.
]پر
تون انهيءَ کان ڪم نٿو وٺين.[
۽ تنهنجو پورو توجهه
]رڳو[
سڀني کي امانُ ڏيڻ ۾ ئي ختم ٿئي ٿو.
]هي
ڳالهه[
انهن کي پڻ ٻڌائج جيڪي تنهنجا صلاحڪار ۽ ساٿي
توسان گڏ آهن. تون
]رڳو[
امانُ ڏيڻ ۾ پورو آهين، هوڏانهن ڪيترو وقت گذري
ويو آهي جو دشمن جــي سامهون
]بيڪار[
ويٺو آهين
.“ پڻ جيڪڏهن بيڌڙڪ امانُ ڏيندا رهندا، ۽ جنگ ۾
ڌوڪڻ جو خيال ئي]
دل مان[
ڪڍي ڇڏيندا، ته پوءِ جنگ جي اخراجات
]پوري
ڪرڻ[
لاءِ ڪو ٻيو رستو اختيار ڪيو ويندو، ۽ هيءُ طويل
ڪم عقلي ختم ڪئي ويندي
جڏهن
]ڏاهرکي[
توهان جي هيڻائي ۽ ڪم عقليءَ جي خبر پوندي ته هو
هٺيلو ٿيندو، ۽
]ٻئي
طرف[
ماڻهن کي معلوم ٿيندو ته تون صلح جي ڪوشش ڪري رهيو
آهين، جنهن کي هو تنهنجي سـُـستي ۽ قصور تصور
ڪندا، ۽ ڪوبه مطلب حاصل
]151[
نه ٿيندو. توکي حڪومت ۽ سياست جو طريقو هٿان ڇڏڻ
نه گهرجي، ۽ ترار ۽ عقل (ٻنهي) کي ڌيان ۾ ڌرڻ
گهرجي. توکي پڪو ارادو ڪري، لشڪر کي بهادري ۽
دورانديشيءَ لاءِ همٿائڻ گهرجي. سچو ۽ عقل جو قوي
رهج، غفلت نه ڪج، ۽ خدا تعاليٰ جي ذڪر ۾ دل، جان ۽
زبان حاضر رکج.
هينئر جڏهن (اسان کي) مهراڻ جي وهڪري کان واقفيت
حاصل ٿي آهي، تڏهن (اسان جي صلاح آهي)
ته ٻيٽ کان ٽپڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مهراڻ جو پاڻي اتي
سوڙهو ۽ ڪنارو پڻ ٽپڻ لاءِ وڌيڪ آسان آهي، (ٻيو
ته) جنهن صورت ۾ ٻيٽ، دوآبي ۾ آهي، تنهنڪري
آهستگيءَ سان ٽپي سگهندؤ، ۽ بچاءُ ۽ حفاظت ۾ (پڻ)
رهندؤ. پل ٻيڙين جي ٺاهجو، ۽ جنگ ۾ الله جي مدد ۽
خدا، جـَـلـَـت قـُـدرَتـُــہ،
جي فتح پاڻ سان همراه سمجهجو. تون جڏهن طاقت ۽
دٻدٻي سان ڪم ڪرڻ لڳندين ته پوءِ لشڪر خواه رعيت
پنهنجي جان جي بچاءُ ۽ ذريعي معاش خاطر تنهنجي
بيعت ڪندا، ۽ تابعدار ٿي پاڻ کي تنهنجي درٻار ساڻ
وابسته رکندا.
محمد بن قاسم جي مهراڻ جي پاڻيءَ ٽپڻ وغيره جي خبر
تواريخ جي مصنفن ۽ هن داستان کي سنواريندڙن روايت
ڪئي آهي: جڏهن حجاج جو لکيو محمد بن قاسم کي پهتو،
تڏهن فرمان جي حڪم موجب هڪدم اتان منزل پٽي جهم
جي علائقي ۾ ساڪري جي زمين ۾ پهتو، ۽ ٽپڻ لاءِ
ٻيڙيون هٿ ڪرڻ ۽ تختا تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.
(هوڏانهن) راجا ڏاهر پاڻ کي غافل رکي سارو ڏينهن
راند، خوشي ۽ سير شڪار ۾ مشغول ٿي رهيو، جيئن هو
(عرب) سمجهن
]152[
ته اسان جو ڪوبه فڪر ڪونهيس.هڪ ڏينهن ڀنڊوير شمني
ڏاهر وٽ اچي چيو ته:
”اي
بادشاهه! توکي سارو ڏينهن راند ۽ شڪار ۾ مشغول ٿو
ڏسان، ۽ شطرنج ۽ چوپڙ ۾ ڦاٿل آهين، ۽
]ٻئي
طرف[
عـَـرب جو لشڪر پهچي اچي تنهنجي در تي لٿو آهي.“
ڏاهر چيو ته:
”]پوءِ[
ڪهڙي رٿ آهي؟ تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟“
(جواب) شمني وراڻيو ته:”مون
کي ٽي تدبيرون خيال ۾ اچن ٿيون، هيٺين ڪمن مان
هڪڙي تي عمل ڪج:
]اول
ته[
جيڪڏهن تون اتفاق ڪرين ته]
پنهنجا[
فرزند ۽ تعلقدارهندستان موڪلي، پاڻ اڪيلو ساڻس
لڙائيءَ ۾ سامهون ٿيءُ، ڇاڪاڻ ته پوءِ برگستوان،
مست هاٿي، بهادر مرد ۽ جنگي جوڌا ساڻ ڪري، جيڏانهن
چاهيندين تيڏانهن اچي جنگ ڪري سگهندين. سڀيئي رستا
بند ڪري ڇڏ، جيئن هنن کي گاهه ۽ اناج نه پهچي.
]ٻي
رٿ آهي[
ته جيڪڏهن چاهين ته هن وقت جيڪو لشڪر تنهنجي
تابعداري ڪري ٿو، تن سڀنيءَ کي گڏ ڪري، پنهنجي
بچاءَ ۾ مقدمو (اڳ) ۽ ساقو (پيڇو) بنائج، جيئن
ڌارئي لشڪر کان تنهنجي واهر ٿئي
۽
]پڻ[
هتان ڪوچ ڪري قصبہ
ڏانهن وڃ ته اهو ريگستان تنهنجي لاءِ قلعو ۽ پناهه
رهي، ۽ اتي جا رهاڪو تنهنجي مدد ڪن. اتي وڃي انهن
کي چئو ته:”توهان
۽ عرب جي لشڪر جي وچ ۾ آءٌ ديوار آهيان. جيڪڏهن
مون کي ڦريائون ته پوءِ توهان به برباد ٿي ويندا:
تنهن ڪري اچي اسان جي تابعداري ڪريو، ۽ لڙائيءَ ۾
منهنجا مددگار ٿيو.
]ٽين
تدبير
[هيءُ
آهي ته اولاد ۽ تابعدار وٺي جسوم
را
ِّ
جي ملڪ ۾ وڃ. اهو بادشاهه تنهنجو قدر ڄاڻي ٿو ۽
تنهنجي هر طرح جي مدد ڪندو، ۽ هن کان مدد گهرندين
ته سندس مدد سان پنهنجي ملڪ ۾ وري موٽي دشمن کان
بدلو وٺي سگهين ٿو، ۽ عرب جولشڪر هن ملڪ مان ڪوبه
نفعو وٺي نه سگهندو. ۽ جيستائين راجا جي جان سلامت
آهي ته ڪوبه دشمن تنهنجي قوت کان آرام ۾ نه ويهي
سگهندو، ۽ جيڪڏهن خدانخواسته توکي ڪا تڪليف پهتي ۽
دشمن غالب ٿي توکي ماري وڌو]
153[
ته پوءِ هندستان جي بادشاهن مان ڪوبه بادشاهه
انهيءَ (دشمن)کي دفع نه ڪري سگهندو، ۽ هو هن حڪومت
کي مضبوط ڪري نه سگهندو، ۽ سڄي ملڪ تان تنهنجو
تصرف ڪٽجي ويندو.“
|