عـِـلافينِ ۽ سندن بغاوت جي خبر
قتيبه بن اَشعث کان روايت ڪن ٿا ته: هڪ ڏينهن ڪليب
بن خلف
[85]المغني،
عبدالله بن عبدالرحيم العلافي ۽ محمد بن معاويه
الـِـعلافي ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته سفهوي بن لام
اسان جي ملڪ عمان جو ماڻهو هو ۽ اسان جي طرف جو
ساڻس لاڳاپو آهي. سعيد کي اسان جي قرابت وارن کي
قتل ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ سو جيئن هو
]سعيد[
ڍل کنيو، مرج
۾ ٿي آيو ته
]هن
جي[ سامهون ٿيا.
]پهريائين[
ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيائون، پر نيٺ وڃي جنگ جي حد کي
پهتا، ۽ علافين غلبو ڪري، سعيد کي ماري پاڻ مڪران
۾ کـُـپي ويٺا، جنهن تي فرزدق هي شعر چيو:
سـَـقـَـي الله قـَـبراَ يا سـَـعـَـيـــدُ
تـَـــــــضـَـمـــنـَــــــــــــت
نـَـــــــــــواحـَـيهِ اَکفـَــــــــانا عـَـــــــلـَـيـــکَ
ثـِـيـَـابـُـهـــــا
]وَحـُــــــــــــــفــــــــرةَ
بـَـيـــــتِ اَنـــــتَ
فـِـيها مـُـوَســـد
وَقـَـــــــد
سـُـــــــد مـِـــــــــن
دُونِ العـَـوائـِـدِ
بـَــــابـُـهـَـا[
لـَـقـَـدُ ضـُـمـِـنـَــــــــــــت اَرض
قـِـّمکـَـــــران سـَــــيــداَ
کـُـــرِيمـــــــــــاَ اِذَا الانــــوَاءُ
خـَــــــــف سـَـحــــابـُـهـَـا
شـَـدَيدَ اعـَـلـَـي الاَدنـَـينِ مـِـنــکَ اُذا
احـــــــــــتـَـويٰ
عـَـلـَـيکَ مـِـنَ الـَــتــــــــربِ الـَـهيام
حـِـجـَـــــابـُـهـَـا
]لـِـتــبـَـکِ
سـَـعـِـيداَ مـُــــــــــــــرضـِـــــــع
اُم خـَـمسـَـة
يـَـتـَـاميٰ
وَمـِـن صـِـرفِ
القراح شـَـــــــــــــــرابـُـهـَــــــا[
اِذَا ذَکـَــــــــرت عـَـيـــــنـــِـي
سـَـعـِـيــــداَ تـَـــــــحـَـدرَت
عــَـــلـيٰ عـَـبـَـرَات يـَـستـَـهـِـل
انســــِـکابهـَـا
[86]
]سعيد
!تنهنجي
قبر
کي رکي
خدا
شل خوش،
جنهين
جي
پيٽ ۾ تنهنجي
ڪفن
جا ڪپڙا
ٿيا.
رهي
سا
ڪوٺي سلامت
تون
جنهن ۾ آرامي،
حلانڪ آئي
وئي
کان انهيءَ
جا
در پوريا.
رهيو
زمين
۾
مڪران جي
اهو
سيد،
ڪڪر
وسيا
ٿي جنهن
جا
جڏهن نه
مينهن وسيا.
ٿيا
الم
۾
گرفتار تنهنجا
سڀ
ويجها،
جڏهن
مٿان
تنهنجي سنهڙي
مٽيءَ جا
پردا
وريا.
رئي
سعيد
کي سا
ماءُ، پنج
ٻچا
جنهن کي،
يتيم،
ڪجهه
نه رهيو
آ
وٽس پاڻيءَ
کانسواءِ.
اکين
کي
ياد پوي
ٿو
جڏهن سعيد
تڏهن،
وهن
ٿا
لڙڪ انهن
مان،
ٿا جيئن
وهن
نارا.[
پوءِ حـَـجاج، سعيد جي ماڻهن کان ڪاوڙجي پڇيو ته: توهان جو امير
ڪٿي آهي؟ جيئن ته هنن اقرار نٿي ڪيو، تنهنڪري ڪن
کي ترار جو لقمو بنايائين، تڏهن نيٺ اقرار ڪيائون
ته عـِـلافـِـينُ بيوفائي ڪري، کيس قتل ڪري ڇڏيو.
پوءِ ته حجاج، بـَـني ڪـِـلاب مان هڪ ماڻهوءَ کي
حڪم ڏنو،
]جنهن
وڃي[ سليمان عـِـلافيءَ کي ڪــُـٺو ۽ سندس سسي سعيد جي
پونيئرن جي گهر موڪلي، کين دلداري ڏيئي، سندس
قريبن کي نوازيائين. پر تڏهن به حـَـجاج بن اَسلم،
بـِـشر بن زياد، محمد بن عبدالرحمان، اسماعيل بن
اسلم، سعيد جا آزاد ڪيل غلام ۽ سندس ٻانها نعرا
هڻندا رهيا ۽ روڄ راڙو ڪندا رهيا، صـَـعصـَـعه بن
مـَـجريـہَ
ڪـِــلابـِـي هيءَ شعر چيو:
اَعـَـاذِل ڪـَـيفَ لـِـي بهمـُـومِ نـَـفسـِـي
بـِـذِڪريٰ تـَــــــابـِـعا فـــِــــــيها سعيدا
واِخــــــوَانا لـہ
ســـــلــفــوا جـَـمـِــــيعــــا
غطارفــة
مــــن الادنــــين صــيــــدا
اِذَا مـا الدهر حــَـل فـَــلـَـم يـَـڪـُـونـُـوا
بـِـمـَـا قـَـــدحــَــل مــِـن اَمــــــر شـُـهـُـودا
بِقـَـندابـِـيل حــَــيـــــثُ تـَـري المـَـتـُـايا
و قـَـدلافت بـِـهــِــم ڪـــَــرمـَــا وَجـُـودا
وَلاَ تـُـشــمـِـت بـنا سـُـوقا
ستـُـلقيٰ
مـِـنَ الاَجـــالِ مـِـطرقة
حـَـدِيــــدا[87]
]ٻڌاءِ عاذل
ڪريــان مان
ڇا
غمن کي،
سعيد
جي
ياد ۾ جــن
ڪيو
آ بـيڪار.
۽
پڻ ڀائر سندس جــــــي ويــــا گذاري،
اقارب پڻ هئا جي جملي سردار.
زماني کان جي آئي ڪا مصيبت،
ڏسي رهيا نه سي خاموش هوشيار.
هو قندابيل ۾، جو موت جو گهر،
مليا وڃي موت سان سخين جا سردار،
کلائج ڪين ماڻهو تون جهليندين،
اجل جا مطرقا لوها خبردار![
مـَـجاَعـہ
بن سعرِ بن يزيد بن حذَيفهَ
]التـَـمـِـيـمـِـي
[
جو والي ٿيڻ
هن تاريخ جا سنواريندڙ روايت ڪن ٿا ته: بشر بن
عيسيٰ صاحب الخلاط
فـَـرقد
بن مـُـغـِـيره ۽ عـَـمرو بن محمد التميمي کان
بيان ڪيو ته: جڏهن حجاج مـُـجاعـة
بن سـِـعر کي مڪران
ڏانهن موڪليو،]
ڇاڪاڻ ته[
سن پنجاسي
]هجري[
۾ هـِـند ۽ قـَـندابيل جا ملڪ
]پڻ[
حـَـجاج جي ذمي ڪيا ويا هئا، عـِـلاَفـِـي،
مـُـجاعـة
جي پهچڻ کان اڳ ڀڄي ويا. مـُـجاعـة سندن ڳولا ڪئي، پر هو سنڌ جي راجا ڏاهر بن چچ وٽ هليا ويا.
مـُـجاعـة هڪ سال مڪران ۾ رهي، جان خدا جي حوالي ڪئي.
محمد بن هارون بن ذراع النمرِيءَ جو والي ٿيڻ
جڏهن سال ڇهاسي
]هجري[
آيو،
]۽[
خلافت وَلـِـيد بن عبدالملڪ بن مروان کي ملي، تڏهن
]هـُـند
جو[
مـُـلڪ محمد بن هارون جي حوالي ڪيائين. تاريخ جا
مصنف هن طرح روايت ڪن ٿا ته: جڏهن مـُـجاعـة
جي عمر پوري ٿي ته حجاج بن يوسف، محمد بن هارون
کي هندستان جي طرف مقرر ڪيو ۽ کيس حڪومت هلائڻ ۾
آزاد رکيائين، ۽ ديواني مال وصول ڪرڻ جو تاڪيد
ڪري، چيائينس ته: عـِـلافيـِـن کي ڳولـج ۽ ڪيئن به
ڪري کين هٿ آڻي، سعيد جو انتقام وٺج. پوءِ محمد،
سن ڇهاسي جي اوائل ۾ هڪڙي عـِـلافي کي هٿ ڪيو ۽
خليفي جي فرمان مطابق انهيءَ کي قتل ڪري،سندس سر
حجاج ڏانهن موڪليو،
۽
انهيءَ متعلق حجاج جي خدمت ۾ هڪ خط لکيائين،
[88]
انهن
۾ ذڪر ڪيائين ته هڪ علافيءَ کي ترار جو کاڄ ڪيو
ويو ۽ جيڪڏهن عمر وفا ۽ بخت ياوري ڪئي ته ٻين کي
پڻ گرفتار ڪيو ويندو. محمد بن هارون پنج سال
]رهي[،
درياءُ ۽ بيابان فتح ڪيو.
انهن تحفن ۽ سوکڙين جو ذڪر، جيڪي سرانديپ کان وقت
جي خليفي ڏانهن موڪليا ويا هئا
چون ٿا ته: سرانديپ جي راجا، جزيره يواقيت
مان حجاج لاءِ ٻيڙيءَ رستي تحفا ۽ سوکڙيون
موڪليون،
]انهن
سان گڏ[
عجيب موتي ۽ جواهر، حبشي ٻانها ۽ ٻانهيون، پڻ ٻيا
لائق تحفا ۽ بيمثال ۽ سانڍڻ لائق سوکڙيون
دارالخلافت ڏانهن به روانيون ڪيائين. ڪي مسلمان
زالون پڻ ڪعبي
]شريف[
جي زيارت ۽ خلافت جي تختگاهه جي ڏسڻ لاءِ انهن سان
گڏجي روانيون ٿيون.
جڏهن قازرون ملڪ ۾ پهتا ته مخالف واءُ اٿيو، ۽
جهازن کي توائي ڪري، وڃي ديبل جي ڪناري تي
ڪڍيائين. هڪ چورن جو ٽولو جن کي نڪامره
چوندا هئا ۽ ديبل جا رهاڪو هئا، سي اٺن ئي جهازن
کي پڪڙي، انهن ۾ پيل سامان کڻي، مردن ۽ زالن کي
گرفتار ڪري، سامان ۽ جواهر سڀ ڍوئي کڻي ويا.
سرانديپ جي بادشاهه جي ماڻهن ۽ عورتن گهڻوئي چيو
ته هو، هيءُ مال وقت جي خليفي ڏانهن نيئي رهيا
آهن، مگر انهن توجهه نه ڪيو، ۽ سڀني کي بند ڪري
چيائون ته: جيڪڏهن توهان جو ڪو دادرسي ڪندڙ آهي ته
پاڻ کي وري خريد ڪريو. ُاتي هڪڙيءَ
زال
دانهن ڪري
[89]
چيو ته:
”يا
حجاجُ! يا حجاجُ! اَغثني اَغثني“ (او حجاج! او حجاج! منهنجي واهر ڪر، منهنجي واهر ڪر!). اها
عورت بني عزيز
قبيلي مان هئي. حجاج هيءَ ڳالهه ٻڌي چيو:
”لبيڪَ لبيڪِ“
وسط اسعدي ٻڌايو ته: جڏهن ديبل فتح ٿيو. تڏهن
انهيءَ زال کي ڏٺم: سندس چمڙي سفيد ۽ قد ڊگهو هو.
ديبل جا واپاري آيا، ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ٻيڙي مان
ڀڄي نڪتا هئا، تن اچي حجاج کي هن حال جي خبر ڏني
ته: مسلمان زالون ديبل ۾ قيد آهن،
”يا
حجاج! يا حجاج! اَغثني اَغثني“
چئي فرياد ڪري رهيون آهن. حجاج هيءَ ڳالهه ٻڌي
چيو:
”لبيڪَ
لبيڪِ“
(”حاضر
آهيان، حاضر آهيان“).
پڻ روايت ۾ آهي ته: حجاج کي جڏهن مسلمان عورتن جي
خبر پهتي ته
]هو
چئي رهيون
آهن[
”اي
حجاج اسان جي واهر ڪر،“ تڏهن چيائين ته
]انهن
عورتن[ ڄڻ مون کي ننڊ مان بيدار ڪيو آهي ته ظالمن ۽ نالائقن
کان اسان جي فريادرسي ڪر، جو قيد ۾ پيون آهيون.
حجاج جو ڏاهر ڪافر ڏانهن قاصد موڪلڻ
پوءِ حجاج، ڏاهر بن چچ ڏانهن هڪ قاصد موڪليو، ۽
محمد بن هارون ڏانهن
]پڻ[
خط لکيائين ته: هن قاصد سان ڪو اعتماد جوڳو ماڻهو
ساڻ ڏيئي، ڏاهر بن چچ ڏانهن موڪل ته وڃي کيس چوي
ته مسلمان عورتن کي ڇڏي ڏئي، ۽ دارالخلافت جا تحفا
واپس ڪري، پڻ زالن جي حالت به معلوم ڪري. هڪ خط
ڏاهر ڏانهن پڻ لکيائين، جنهن تي پنهنجي هٿ مبارڪ
سان صحي ڪري قاصد کي ڏنائين، جنهن ۾[90]
نهايت
تاڪيد سان دڙڪو داٻ لکيائين. جڏهن هيءُ خط ڏاهر بن
چچ کي پهتو، ۽ ميدن جو ديبل پڻ ڏاهر بن چچ جي
بادشاهيءَ ۾ هو، تڏهن خط پڙهي ۽ جيڪي پيغام موڪليل
هئا سي ٻڌي، جواب ڏنائين ته:
”هيءُ
ماڻهو چور آهن ۽ انهن کان وڌيڪ طاقتور ڪو ڪونه
آهي: اسان جي پڻ تابعداري ڪونه ڪندا آهن.“
حجاج جي دارالخلافت کان اجازت گهرڻ
هن خبر پهچڻ تي حجاج،
]خليفي[
وليد بن عبدالملڪ جي خدمت ۾ اطلاع موڪلي، کانئس
سنڌ ۽ هند جي جهاد جي اجازت طلب ڪئي.
]خليفي[
حجاج کي موڪل نه ڏني.
]جنهن
تي
حجاج
وري[
ٻيو ڀيرو لکيو. آخر اجازت ڏني ويئي. پوءِ حجاج،
عبيدالله بن نبهان السلمي کي مڪران
]جي
جنگ[
تي مقرر ڪيو.
]هوڏانهن[
بـُـدَيل
]ابن
طهفة
البجلي[ کي حڪم ڏنائين ته: محمد بن هارون وٽ وڃ. ۽ مڪران پهچي کيس
]دارالحڪومت
مان[
لشڪر جي موڪلڻ جي خبر ٻڌائج، جيئن هو
]پڻ[ ٽي هزار ماڻهو توسان گڏي روانا ڪري، بـُـدَيل ٽيهن سون جنگي
جوانن سان روانو ٿيو. عبيدالله پڻ ان سان گڏ
عمان جو سمنڊ (عربي سمنڊ) ٽپي، اچي ديبل
جي قلعي وٽ پهتو.
]طهفـة
جي
هٿان[
جڏهن محمد بن هارون کي حجاج جو خط مليو، تڏهن هن
هڪ جماعت هن سان گڏي رواني ڪئي، ۽ هو اچي ديبل
پهتو. ديبل جي رهاڪن، ڏاهر ڏانهن اروڙ ڏي ماڻهو
موڪليو ته کيس بـُـدَيل جي ديبل اچڻ جي خبر ٻڌائي.
]اهو
ماڻهو[ جيسينه
بن ڏاهر کي، جو نيرون ۾ هو، خبر ٻڌائيندو، ڏاهر
ڏانهن ويو
[91].
جيسينه بن ڏاهر جو نيرون کان پهچڻ
ڏاهر، جيسينه(2) کي چار هزار سوار، اُٺ ۽ هاٿي ساڻ
ڏيئي جلدي روانو ڪيو، جو اچي بديل کي سامهون ٿيو.
]انهيءَ
وچ
۾[
بديل، ديبل جي بهادرن کي شڪست ڏيئي چڪو هو. جيسينه
(2) چار هاٿي ۽ ٻيو ساز سامان وارو لشڪر ساڻ ڪري
آيو، ۽ اچي لڙائي ڳنڍيائين.
صبح کان شام ٽرڻ تائين ٻنهي طرفن ۾ لڙائي چالو
رهي. عين لڙائي هلندي، سوارن جي غلبي ۽ هاٿين کان
بديل جو گهوڙو ٽهڻ لڳو. بديل دستار لاهي، گهوڙي
جون اکيون ٻڌي حملو جاري رکيو، ۽ تنهن کان پوءِ
]به[
اسي ڪافرن کي جهنم ۾ موڪلي، پاڻ شهيد ٿيو. پوءِ
جيسـِـنه هڪ ٺـَـڪر کي مقرر ڪيو، ۽ ستر هاٿي سندس
نگرانيءَ ۾ ڏيئي، ديهه بڪري کيس جاگير ڏنائين.
بـُـدَيل
جي شهيد ٿيڻ جي خبر
روايت ڪئي اٿن ته: جڏهن حـَـجاج کي بـُـدَيل جي
شهيد ٿيڻ جي خبر پهتي، تڏهن غمگين ٿي چيائين ته:
”اڙي
بانگا، جنهن وقت به نماز جي بانگ چوين ته دعا ۾
مون کي بديل جو نالو ياد ڏياريندو رهج، جيئن سندس
بدلو وٺان.“
پوءِ انهيءَ لشڪر مان هڪ ماڻهو[92]
آيو ۽ حجاج جي آڏو جنگ جو بيان ڪندي، بـُـديل جي
بهادريءَ ۽ مردانگيءَ جو بيان ڪيائين، جا هن
انهيءَ جنگ ۾ ڏيکاري هئي، جيستائين جو هو ڪسي ويو
۽ اسلامي لشڪر کي شڪست آئي]
چيائين[
ته
”مان
حاضر هوس ۽ سندس مردانگي ۽ همت ڏســـي رهيو
هــــوس.“
جڏهن ڳالهه ڪري پوري ڪيائين، تڏهن حجاج چيو ته:
”جيڪڏهن تون بهادر مرد هجين ها ته بـُـدَيل سان گڏ قتل ٿين ها.“
]ائين
چئي،[
هن کي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنائين.
(بديل جو شهيد ٿيڻ:) عبدالرحمان بن عبدربه()
کان روايتن ۾ آڻين ٿا ته: جڏهن بـُـديل قتل ٿي
ويو، تڏهن ڪوٽ نيرون()
جا ماڻهو اچي ڊنا ته عرب جو لشڪر هن ظلم جي بدلي
وٺڻ لاءِ ضرور ايندو، ۽ اسين سندن لنگهه تي آهيون،
]جنهن
ڪري[ پهرين اسان تي ڪاوڙ ڇنڊيندا، ۽ اسان برباد ۽ تباهه ٿي
وينداسون. انهيءَ وقت نيرون جو حاڪم سندر نالي هڪ
شمني هو،
]تنهن[
ڏاهر جي اطلاع کان سواءِ، پنهنجا معتبر ماڻهو حجاج جي خدمت ۾ موڪلي، امان نامو گهريو ۽
پاڻ تي ڍل مقرر ڪئي،]
جنهن جي لاءِ انجام ڪيائين ته[ وقت تي ادا ڪندو رهندو. امير حجاج انهن کي امان جو
پروانو لکي ڏنو، ۽ مضبوط انجام سان دلجاءِ ڏيئي
چيائين ته: اهڙيءَ طرح بندوبست ڪيو، جيئن اسان جا
قيدي آزاد ٿين، ۽ جيڪڏهن نه ته چين جي حد تائين
ڪافرن کي نه ڇڏيندس،
]بلڪ[
اسلام جي ترار سان
]کين[
ذليل ۽ خوار خراب ڪندس.“
اتي عامر بن عبدالله
]حجاج ڏانهن[
پيغام موڪليو ته هند جو ملڪ منهنجي حوالي فرماءِ.
حجاج چيو ته تون طمع ٿو رکين، پر نجومين حساب ڪري
فيصلو ڪيو آهي، ۽ مون پڻ ڪـُـڻو وڌو آهي، ته هند
جو ملڪ امير عمادُالدين محمد بن قاسم ثقفي جي هٿان
فتح ٿيندو[93].
|