سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :13

لشڪر جو سيوستان وڃڻ

پوءِ] چچ[ اتان سيوستان ] ڏانهن[ رخ رکيو. جڏهن ويجهو پهتو ته انهيءَ شهر جي واليءَ نهايت دٻدٻي ۽ پوريءَ تياري سان سامهون ٿي جنگ شروع ڪئي. چچ مٿس غالب پيو ۽ مـَـتو پنهنجي لشڪر سميت شڪست کائي قلعي ۾ ڀڄي ويو  [39] چچ قلعي کي گهيرو ڪري، لڙائي لاءِ ]تيار[ ٿي بيٺو. هڪ هفتي کان پوءِ قلعي وارا عاجز ٿي پيا، ۽ امان گهري، پڪو انجام ٻڌي ٻاهر نڪتا، ۽ قلعي جون ڪنجيون چچ جي اميرن جي حوالي ڪيائون. چچ کين امان ڏيئي نوازيو، اتي جي حڪومت پڻ سندس ]متي جي[ حوالي ڪري، مٿس اعتماد جوڳو هڪ نگران مقرر ڪيو، ۽ ]تيستائين[ ڪجهه ڏينهن ٽڪي پيو، جيستائين ملڪ ۽ شهر جو ڪاروبار درست ٿيو.

 

چچ جو برهمڻ آباد طرف لوهاڻي جي]بادشاهه[ اگهم(1) ڏانهن قاصد موڪلڻ

جڏهن سيوهڻ جي مـُـهـِـم پوري ٿي، تڏهن برهمناباد واري لوهاڻي جي بادشاهه اگهم (2) يعني لاکن، سمن ۽ سهتن جي حاڪم ڏانهن فرمان موڪلي، کانئن پنهنجي تابعداريءَ جي گهر ڪيائين. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، جيڪي رستن تي جاسوس مقرر ڪيا هئائين. تن مڪران مان هڪ ماڻهوءَ کي اگهم جي خط سان پڪڙيو، جو سيوستان جي بادشاهه متي ڏانهن لکيو هئائين، جنهن ۾ لکيل هو ته: مان هميشه تنهنجو دوست ۽ خيرخواهه ٿي رهيو آهيان، ۽ ڪنهن به وقت تنهنجي مخالفت نه ڪئي اٿم، ۽ نه لڙائيءَ جو روادار ٿيو آهيان. تو جيڪو دوستاڻو خط لکيو هو، سو پهتو ، ۽ ان ڪري وڏي عزت حاصل ٿي. جيستائين اسان جي طاقت مضبوط هوندي ، تيستائين ڪوبه مخالف اسان جي ويجهو نه اچي سگهندو. مان تنهنجي التماس جو پابند آهيان، ۽ هر هڪ ]التماس[ پورو ڪندس. تون بادشاهه ۽ بادشاهزادو آهين، تنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ دوستي آهي. ههڙيون حالتون گهڻن سان ٿيون آهن، جيڪي هن مصيبت کان پناه ڳولي رهيا آهن. منهنجي ملڪ ۾ برهمناباد کان ديبل تائين، ملڪ جي جنهن جاءِ تي رهڻ مناسب سمجهين [40] ، اتي رهڻ جي توکي اجازت آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيو اٿئي ته به ڪو ماڻهو روڪ ڪرڻ وارو ڪونه آهي، ۽ جيستائين ڪنهن جاءِ تي تون دلجاءِ ڪري ويهين، تيستائين مددگار رهندس. مون وٽ ايترا گهوڙا ۽ لشڪر ٿي سگهي ٿو، جو تنهنجي مدد ڪري سگهان.

آخر متي کي هند جي ريگستان جي بادشاهه (1) ڏانهن، جنهن کي ڀـَـٽي به چوندا آهن، وڃڻ بهتر ڏسڻ ۾ آيو.

 

چچ جو لوهاڻي جي ]حاڪم[ اگهم کي گهرائڻ لاءِ فرمان موڪلڻ

پوءِ چچ راجا اگهم لوهاڻي ڏانهن حڪم موڪليو ته: توهان پاڻ کي شان، شوڪت، اصل ۽ نسل جي خيال کان وقت جو بادشاهه ٿا سمجهو. ۽ مون کي جيتوڻيڪ هيءُ ملڪ، بادشاهي، مال، دولت ۽ طاقت پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کان ورثي ۾ نه ملي آهي، ۽ اسان جي] اصلي[ ملڪيت نه آهي، ته به هيءُ منهنجا آسان ۾ آسان اسباب ۽ بهترين انتظام خداوند تعاليٰ جا بنايل آهن. منهنجي لشڪر ڪري نه بلڪ دنيا جي پيدا ڪندڙ، بيمثال ۽ يگاني خدا، سيلائج جي دعا سان هيءُ ملڪ مون کي عطا ڪيو آهي، ۽ هر حال ۾ اهو منهنجو مددگار آهي. مون کي ڪنهن ٻئي ۾ مدد جي اميد نه آهي، منهنجي سڀني مشڪلن کي پورو ڪندڙ ۽ منهنجي چرپر ۾ مدد ڪندڙ اهو آهي، ۽ اهوئي سڀني دشمنن ۽ مخالفن تي ڪاميابي ۽ فتح بخشيندڙ آهي. اسان کي ٻنهي جهانن جون نعمتون حاصل آهن. توهان کي جيڪڏهن پنهنجي مٿان شوڪت ۽ دٻدٻي، جنگي سامان ۽ وڏائيءَ تي ڀروسو آهي ته پوءِ يقين ڄاڻو توهان جي نعمت تي زوال ايندو، ۽ اوهان جي بربادي ٿيندي [41].

 

چچ جو برهمڻ آباد شهر وٽ اچڻ ۽ لوهاڻي جي ]حاڪم[ اگهم سان جنگ ڪرڻ

پوءِ راجا چچ، لوهاڻي جي ]حاڪم[ اگهم ڏانهن روانو ٿيو. اگهم برهمڻ آباد کان ٻاهر ملڪ ]جي گشت [ ڏانهن ويل هو. چچ جي اچڻ جي خبر ٻڌڻ تي برهمڻ آباد موٽي آيو، ۽ اچي لڙائيءَ جو سامان ۽ هٿيار تيار ڪيائين. راجا چچ برهمڻ آباد جي شهر ۾ پهتو ته ]هوڏانهن[ اگهم لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي سامهون ٿيو. ٻنهي طرفن کان نامي گرامي بهادرن جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، ]آخر[ اگهم جو لشڪر ڀڳو ۽ قلعي ۾ گهڙي ويو. چچ ان جو گهيرو ڪيو. هڪ سال جي عرصي تائين سندن وچ ۾ لڙائي جاري رهي. انهيءَ وقت هندستان يعني ڪنوج جو راجا ستبان بن راسل هو(1). اگهم خط موڪلي ۽ انهيءَ کان مدد گهري، پر جواب ملڻ کان اڳ اگهم مري ويو، ۽ سندس پٽ پيءُ جو جانشين ٿيو.

اگهم جو،هڪڙو ٻڌمت جو شمني(پروهت) پوڄاري(2) دوست هوندو هو، جنهن کي ٻـُـڌ رکـُـو(3) جي نالي سان سڏيندا هئا. هن کي هڪ بتخانو هو، جنهن کي ٻـُـڌنو وهـِـار"(4) چوندا هئا، ۽ ڪنوهار(5) بت جو راهب پڻ اهو هو، ۽ پنهنجي بندگيءَ ۽ ڀڳتيءَ(6) ۾ مشهور هو. انهيءَ طرف جا ماڻهو سندس تابع هوندا هئا. اگهم پڻ سندس ڌرم تي هو، ۽ کيس پنهنجو آڌار سمجهندو هو. اگهم جي قلعي ۾ بند ٿيڻ ۾ هن پروهت پڻ ساڻس موافقت ڪئي، پر جنگ ڪانه ٿي ڪيائين، بلڪ پنهنجا ڪتاب کڻي، پنهنجي مندر ۾ ويهي پڙهڻ لڳو. جڏهن راجا اگهم مري ويو ۽ سندس پٽ گادي تي ويٺو، تڏهن پروهت ڊنو ته متان منهنجي ملڪيت، اسباب ۽ زمينون هٿ کان نڪري وڃن، [42] ، تنهن ڪري پنهنجو اصطرلاب کڻي، ڏسي، حساب ڪري، قطعي فيصلو ڪيائين ته هيءُ ملڪ راجا چچ جي حوالي ٿيندو، ۽ هو مون سان موافق ٿيندو ]آخر اگهم جو[ پٽ جڏهن تنگ ٿيو، ۽ سندس لشڪر وڙهڻ کان جواب ڏنو، تڏهن قلعو چچ جي حوالي ۽ ضابطي هيٺ اچي ويو.

 

چچ جو فرمان

جڏهن  چچ کي معلوم ٿيو ته اگهم ۽ سندس پٽ جي انهيءَ پروهت سان بيعت هئي، ۽ ان جي جادو، صلاح ۽ مڪاريءَ کان ئي ]ايترو وقت[ جنگ قائم رهي ۽ هڪ سال تائين ڊگهي ٿي آهي، تڏهن چچ قسم کنيوهو ته جيڪڏهن مون هيءُ قلعو فتح ڪيو ته پروهت کي پڪڙي، سندس کل لاهي، دَئيتن کي ڏيندس ته نغارن تي لڳائي، ڪٽي ڪٽي، ذرا ذرا ڪن. هن قسم جي خبر پروهت کي پهتي ته کلي ڏنائين ۽ چيائين ته: چچ کي ايتري طاقت ڪانهي جو مون کي برباد ڪري سگهي. ]خير[ جڏهن برهمڻ آباد جي قلعي تي گهڻو وقت لڙائي ۽ مقابلو ٿيو ۽ گهڻا  ماڻهو هلاڪ ۽ برباد ٿيا، تڏهن ]قلعي وارن[لڙائي بند ڪري امان گهري ۽ صلح جي آڇ ڪيائون، ]آخر[ مکيه ماڻهن ۽ اڳواڻن جي معرفت ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿيو، ۽ قلعو چچ جي حوالي ڪيائون. چچ اندر اچي چيو ته: جيڪڏهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا ته ڀلي وڃو، ڪو به ماڻهو توهان کي روڪي نه سگهندو، ۽ جيڪڏهن توهان رهڻ جو فيصلو ڪيو هجي ته ] ڀليل[ ويٺا رهو. اگهم جي پٽ ۽ سندس تابعدارن پنهجي مٿان چچ جي مهرباني ڏٺي، سو رهي پوڻ پسند ڪيائون. چچ ڪجهه وقت ترسي سندن مزاج معلوم ڪيو[43]

 

چچ جو اگهم جي زال سان شادي ڪرڻ، ۽ پنهنجي ڀائٽـِـي سندس پٽ سربند کي ڏيڻ

پوءِ چچ سربند  جي ماءُ ڏانهن ماڻهو موڪلي ساڻس شادي ڪئي، ۽ سندس پٽ کي گهرائي پنهنجي ڀائٽي ڏَهسـِـيي(1) جي ڌيءَ کيس ڏيئي، رنگارنگي سروپا پهرايائين ۽ اتي هڪ سال رهي ڍل وصول ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪامورا مقرر ڪيائين، پڻ آسپاس جي راجائن کي پنهنجو تابع بنايائين.

پوءِ پڇيائين ته اهو جادوگر پروهت ڪٿي آهي ته کيس ڏسان. چيائون ته اهو ڀڳت آهي ۽ ڀڳتن وٽ هوندو. هو هندستان جي دانائن ۽ ڪنوهار(2) جي مجاورن مان آهي. پروهتن وٽ سندس وڏي عزت آهي، ۽ هو سندس ڪمال جا قائل آهن. سندس جادو ۽ شعبده جي هيءَ حد آهي، جو هڪ دنيا کي تابعدار ۽ زيردست بنايو اٿس. سندس هر قسم جا مقصد طلسم جي زور تي حاصل ٿين ٿا. پڻس جي دوستيءَ خاطر ٿورو وقت سربند سان شامل رهيو، ۽ سندس ٽيڪ تي برهمڻ آباد جا سپاهي لڙائيءَ ۾ ثابت قدم رهي مقابلو ڪندا رهيا.

 

چچ جو پروهت وٽ وڃڻ ۽ کانئس احوال پڇڻ

پوءِ چچ سڀني هٿيار بند ماڻهن ۽ محافظن کي سوار ڪري  ]پاڻ سان وٺي[ پروهت کي قتل ڪرڻ لاءِ ٻڌ (جي مندر) ڪنوهار(1) ڏانهن روانو ٿيو. ]رستي ۾[ هٿياربندن کي سڏي حڪم ڏنائين ته: جنهن وقت مان هن سان ملاقات ۽ ڳالهيون ڪندي چپ ڪريان ۽ توهان ڏانهن نهاريان ته ]هڪدم[ تراريون ڪڍي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏجو. پوءِ ]چچ[ ٻـُـڌ ڪنوهار(2) ۾ پهچي، هن ]پروهت[ ڏانهن هليو ته کيس ڪرسيءَ تي ويٺل ۽ پنهنجي عبادت ۾ مشغول ڏٺائين37].[ سندس هٿ ۾ سخت ] ڳوهيل[ مٽي هئي، جنهن مان بت ٺاهي مـُـهر جهڙي هڪ شيءِ انهن بتن تي هڻندو ٿي ويو، جنهن ڪري انهن تي ٻڌ جي تصوير چٽجي ٿي پيئي ۽ هو مڪمل ٿي ٿي پيا. تنهن کان پوءِ انهن کي هڪ جاءِ تي رکندو ٿي ويو. چچ سندس مٿان بيٺو رهيو: هن ڏانهنس ڪوبه توجهه نٿي ڪيو. هڪ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ بت پورا ڪري ڪنڌ مٿي کڻي، چيائين ته: سيلائج ڀڳت جو پٽ آيو آهي؟ چيائين: هائو ،اي عبادت گذار پروهت، چيائينس ته ڪهڙي ڪم سان آيو آهين؟ وراڻيائين ته: تو ۾ عقيدو هئم، تنهن ڪري توکي ڏسڻ آيو آهيان. چيائين ته: ]چڱو[ لهه. چچ هيٺ لٿو، ۽ پروهت ، گاهه جي مٺ پٿاري، چچ کي تنهن تي ويهاري، پڇيو ته: اي چچ ! ڪهڙو ڪم اٿئي؟ چچ عرض ڪيو ته: آءٌ  چاهيان ٿو ته اسان جو چوڻ وٺي برهمڻ آباد جي قلعي ۾ وري موٽي اچين ته توکان ڪم وٺي، وڏا وڏا ڪم توکي سپاريان، جيئن تون سربند سان هڪ هنڌ رهي، کيس صلاح مشورو ڏيندو رهين. پروهت چيو ته: مون کي تنهنجي حڪومت جي ڪابه ضرورت نه آهي، ديواني ڪمن جو شوق ڪونه اٿم، ۽ دنياوي ڪم نٿو چاهيان. چچ چيو ته:]ڀلا[ برهمڻ آباد جي قلعي ۾ ڇو سامهون ٿئين؟ چيائين ته: جڏهن لوهاڻي جو (حاڪم) اگهم گذاري ويو ۽ هيءُ ڇوڪرو پيءُ جي جدائي ۾ تنگ دل ٿيڻ لڳو، تڏهن ]مجبورًا[ کيس صبر جي تلقين ڪندو رهيس ۽ خدا جي درگاهه ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ صلح ۽ موافقت پيدا ٿيڻ جي دعا ڪندو رهيس. باقي منهنجي لاءِ دنياوي سرداريءَ ۽ سڀني ڪمن کان، ٻـُـڌ جي خدمت ڪرڻ ۽ آخرت جي نجات گهرڻ بهتر آهي: ۽ تون جنهن صورت ۾ هن ملڪ جو راجا آهين، تنهن ڪري تـنهنجي فرمان عالي موجب سموري قبيلي سميت قلعي جي ڀر ۾ لڏي هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر ڊپ اٿم ته قلعي وارا ٻـُـڌ ]مندر[ جي آباديءَ کي ايذاءُ [45] ۽ نقصان نه پهچائين، ]جو[ چچ اڄ وڏي حڪومت جو مالڪ آهي. چچ چيو ته: ٻڌ جي بندگي وڌيڪ سٺي، ۽ هن ڪم جي هميشه تعظيم ڪرڻ تمام چڱي آهي، پر جيڪڏهن توکي ڪو ڪم يا عرض هجي ته چئو ته انهيءَ سعادت جي پوري ڪرڻ ۽ انهيءَ عزت افزائي جي سرانجام ڪرڻ تي عمل ڪريان. پروهت چيو ته: مون کي تو ۾ دنياوي ڪوبه ڪم ۽ غرض ڪونهي. شال ڌڻي توکي آخرت جي ڪمن جي توفيق عطا ڪري. چچ چيو ته: منهنجو عرض پڻ اهو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي ئي بدلي ۾ نجات ۽ بلند درجا حاصل ٿي سگهندا. حڪم ڪر ته انهيءَ باري ۾ مدد ڪرڻ واجب سمجهي، شريڪ ٿيان. ڀڳت پروهت وراڻيو ته: "جڏهن مقصد رڳو خير جا ڪم ڪرڻ ۽ نيڪين ۾ وک وڌائڻ آهي، تڏهن ] ٻڌ ته [، نوو هار جو مندر، جو قديمي عبادتگاهه آهي ۽ گهڻي وقت کان زماني جي گردشن سبب انهيءَ کي نقصان پهتل آهي، انهيءَ جي ]نئين سر[ عمارت ٺاهي وڃي، ۽ پنهنجا مال هن جـي اڏاوت تي خرچ ڪــر. تـون اسان جـي امــداد هــن طريقي سان ڪري سگهين ٿو. ]تنهن تي[ چچ چيو ته: شڪر گذار آهيان.

 

چچ جو برهمڻ آباد ڏانهن موٽي وڃڻ

پوءِ چچ اتان سوار ٿي موٽي ويو. وزير عرض ڪيو ته: راجا! هڪ عجيب واقعو ڏٺم. چيائين: ڇا ڏٺئي؟ چيائين: ڇاڪاڻ ته راجا کي پروهت جي ڪهڻ لاءِ جلادن کي حڪم ڏيڻ جو پڪو ارادو هو، پر سندس سامهون ٿيڻ تي کيس راضي ڪرڻ ۾ لڳي ويا، ۽ سندس عرض قبول فرمايو؟. چچ وراڻيو ته: هائو! مون اهڙي شيءِ ڏٺي جنهن ۾ ڪوبه جادو [46] ۽ شعبدو ڪونه هو. ]غور سان[ ڏٺم ته مون کي ڪي ]خاص[ نشان ]پڻ[ ڏسڻ ۾ آيا. جڏهن سندس آڏو ٿيس، تڏهن هڪ ڀيانڪ ۽ خطرناڪ صورت سندس سر تي بيٺل ڏٺيم. هن جون اکيون باهه جهڙيون ۽ ڪاوڙيل، چپ ڊگها ۽ ٿلها ۽ ڏند نيزن جهڙا هئا، سندس هٿ ۾ الماس جهڙيون لٺون هيون ۽ ائين پيو ڀانئجي ته ڪنهن کي هڻندو. انهيءَ کي ڏسي ڊڄي ويس، طاقت نٿي ٿيم ته ساڻس اهڙو ڳالهايان جو توهان ٻڌو. مون کي اچي پنهنجي سر جي لڳي، ]سو[ کيس رعايتون ڏيئي اٿي کڙو ٿيس.

 

چچ جو برهمڻ آباد ۾ منزل ڪري، اتي جي رهاڪن تي ڍل مقرر ڪرڻ

پوءِ چچ برهمن آباد جي قلعي ۾ ترسي، ملڪ جي ڪاروبار ۽ آمدني ۽ رعيت جي آرام جا ذريعا درست ڪيا ۽ لوهاڻي جي جتن(1)کي ذليل ڪري، انهن جي اڳواڻ کي سزا ڏيئي کانئن ضمانـَـت وٺي، قلعي ۾ بند ڪري مٿن هيٺيان شرط پڪا ڪيائين ته: سواءِ ڪن خاص حالتن جي ترار نه کڻندا، بخمل ۽ ريشم جا ڪپڙا نه پهريندا، سندن مٿين چادر کڻي سوٽي به هجي، پر سندن هيٺين چادر ]ضرور[ اوني ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جي هوندي، گهوڙي تي هـَـنو نه رکندا،مٿو ۽ پير اگهاڙا رکندا، گهر کان ٻاهر نڪرندا ته ڪـتا پاڻ سان کڻندا، برهمڻ آباد جي گورنر جي بورچيخاني لاءِ ڪاٺيون پهچائيندا رهندا، رهبر خواه جاسوسيءَ لاءِ پڻ انهن کي موڪليو ويندو. جڏهن هو پاڻ ۾ اهي خاصيتون پيدا ڪندا، تڏهن اسان کي سندن سچائي تي ڀروسو ۽ اعتماد ٿيندو. ]ٻيو ته[ اگهم جي پٽ سربند سان موافق ۽ سچا رهندا، ۽ جيڪڏهن ڪو دشمن لڙائيءَ لاءِ [47] هن ملڪ ڏانهن رخ رکندو ته مدد ڪرڻ پاڻ تي لازمي سمجهي، اهڙو انتظام ڪندا.

پوءِ سڀ ڪم پورا ڪري، ملڪ کي ٺيڪ ڪيائين، ۽ جنهن به مخالف سرڪشي ٿي ڪئي، تنهن کان ضمانت وٺي، کيس قابو ٿي ڪيائين، ۽ ]کيس سزا ڏيئي[ سندس مثال ٿي قائم ڪيائين، جنهن ڪري سڀ ڪاروبار ٺيڪ ٿي ويو.

 

راجا چچ جو ڪرمان وڃي مڪران جي حد ظاهر ڪرڻ

ضروري ڪمن کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، چچ جي دل ۾ ڪرمان جي سرحد جو خيال غالب پيو، انهيءَ لاءِ ته هيءُ پاسو هندستان جي بادشاهن سان ڳنڍيل آهي، تنهنڪري اها ظاهر ٿيڻ گهرجي.انهيءَ وقت رسول الله جن جي هجرت کي ٻه سال گذري چڪا هئا. ايران جي بادشاهه ڪـِـسريٰ بن هـُـرمـُـز جي مرڻ کان پوءِ ملڪ دربدر ٿي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته بادشاهيءَ جو ڪاروبار هڪ عورت جي هٿ ۾ اچي ويو هو. سو چچ کي جڏهن اها خبر پهتي، تڏهن وڏي تياريءَ سان ڪرمان ڏانهن رخ ڪيائين، ۽ نجومين جيڪو وقت ڪڍي ڏنس، انهيءَ وقت اَرمابـِيـل روانو ٿيو. اهو هنڌ ٻـُـڌ جي شمني ]يعني پروهت[ جي هٿ ۾ هو، جو هندستان جي راجا راءُ سيهرس جي گورنرن جي اولاد مان هو، جنهن کي سچائيءَ ۽ خصوصيت جي مدنظر مقرر ڪيو ويو هو. اهو ]ساڳيو پروهت[ زماني جي ڦير گهير ڪري مخالف ٿي پيو هو ۽ خدمت کان سرڪشي ڪئي هئائين. ]اهو پروهت[ چچ جي استقبال لاءِ آيو، ۽ جڏهن کيس ]چچ کي[ سندس واعدي ۽ دل جي سچائيءَ تي اطمينان ٿيو ۽ ]هڪٻئي جي[ دوستيءَ ۽ محبت ٻنهيءَ جي دل ۾ قرار ورتو، تڏهن ]چچ[ اتان مڪران جي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ڏٺائين ته هر هڪ ماڻهو فرمانبرداريءَ کان پاسو ڪري رهيو هو. نيٺ [48] مڪران جي لڪ ۽ جبل(1)  کان ٻاهر نڪري، وڃي ٻين شهرن ۾ پهتو. اتي پنجپور(2) نالي هڪ پراڻو قلعو هو. سندس حڪم سان انهيءَ کي نئين سر ٺاهيو ويو، ۽ اتي شام ۽ باک ڦٽڻ جي شروعات وقت هندن جي پنجتوري يعني پنجن سازن واري نوبت جي رسم مطابق نوبت مقرر ڪيائين. ]پوءِ[ انهيءَ سڀني واهڻين کي گڏ ڪري، عمارت جي پوري ڪرڻ جو حڪم ڏيئي،اتان منزل کڻي، ڪرمان پهتو، ۽ اچي انهيءَ نهر تي لٿو، جا مڪران ۽ ڪرمان جي وچ تي آهي. ]اتي پهچي[ اڀرندي جي حد ظاهر ڪيائين، ۽ نهر جي ڪناري تي کجين جوهڪ وڏو جهڳٽو لڳائي، ]اعلان ڪيائين[ ته مڪران ۽ ڪرمان جي وچ جي حد هي کجين جا وڻ آهن، ۽ اتي نشان ڪري ڇڏيائين ته هي اها حد آهي، جا چچ بن سيلائج بن بساس سنڌ جي راجا جي وقت ۾ هئي. اها ساڳي حد اسان جي هن وقت تائين قائم آهي(3).

 

 

(1)  اصل عبارت: اگهم لوهانه جو فارسي جي زير اضافت سان اگهم- لوهانهسمجهڻ گهرجي، يعني لوهاڻي ملڪ جو (حاڪم) اگهم. هيٺ فارسي عبارت به انهيءَ دليل جي پڪي تاڪيد ڪري ٿي.(ن -ب)

(2)  اصل عبارت: لوهانہ ِّ برهمناباد

(1)  اصل عبارت : مــَــلڪ رمل.

(1) پ: سيار بن راسل. ر: شتبان بن راسل. ن ب ح : سيار بن راءُ بدل.

(2)  اصل عبارت: ناسک سمني (شمني لاءِ وڌيڪ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ُ42).

(3)  اصل عبارت: بده رکو.

(4)  ر م: نوهار.

(5)  ر: ولهار، م: دلسها، ن: وکسها، پ: وکسا، ڪ: وکها. هت صفحه 44 تي ڏنل پڙهڻي مطابق ڪنوهار لکيو ويو آهي. فارسي ڇاپي ۾ وکسها ڏنل آهي.

(6)  اصل عبارت: ناسکي وبهکي.

(1)  اصل عبارت: دَهسه.

(2) هي پڙهڻي پ م ح س ڪ مطابق آهي ۽ اها ساڳئي پڙهڻي هيٺ ٻن جاين تي قائم رکي وئي آهي. فارسي ڇاپي ۾ نووهار ڏنل آهي.(؟). ر: کنورهار،ن:کتوهار.(ن- ب)

(1)  پ ڪ م ر جي پڙهڻي کينهار آهي، جا کنبهار (يعني ڪنوهار) جي بگڙيل صورت آهي. سڄو لفظ بده کنوهار آهي، جنهن مان مراد ٻڌ ڌرم جو ڪنوهار آهي.(ن- ب)

(2)  پ ن ب ڪ جي پڙهڻي هن جاءِ تي به بنده کنوهار آهي.(ن- ب)

(1)  فارسي ڇاپي ۾ "جتان ولوهانه"  پڙهڻي اختيار ڪيل آهي. پ جي پڙهڻي "جتان لوهانه" يعني"(پرڳڻي) لوهاڻي جا جت" جا وڌيڪ قياس ويجهو آهي ۽ انهيءَ کي ئي قائم رکيو ويو آهي. صفح 214 تي به عبارت صاف طور "جتان لوهانه" آهي.(ن- ب)

(1) اصل عبارت: عـُـقبه مکران وکوه

(2) اصل عبارت سڀني نسخن ۾ ڪنزبور يا ان لفظ جي ذرا بگڙيل صورتخطي آهي. ڪيل اصلاح لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص ]49[ .(ن- ب)

(3)  اصل عبارت: وامروز همان حد بما رسيده. ظاهر آهي ته اهي لفظ مترجم جا آهن ۽ سندس اشارو مڪران ۽ ڪرمان جي انهيءَ سرحد ڏانهن آهي، جا ناصرالدين قباچه جي وقت ۾ قائم هئي.(ن- ب)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org