چچ بن سيلائج جو ارمابيل وڃڻ ۽ انهيءَ تي ڍل مقرر
ڪرڻ
]چچ[
پوءِ اتان ارمابيل ڏانهن موٽي آيو، ۽ تـُـوران جي
ملڪ منجهان]ٿيندو اچي[
پـُـورالي
]ندي[
وٽان مٿي چڙهيو، ۽ ڪنهن به ساڻس لڙائي ڪانه ڪئي.
نيٺ قـَـندابـِـيل (يعني قنڌار) جي علائقي ۾ پهتو.
انهيءَ بيابان جي ماٿريءَ کان
”حصار“ طرف رخ رکيائين، جتي ماڻهو قلعي ۾ بند ٿي ويٺا. پوءِ سيبي
جي نهر جي ڪناري تي پهچي، لهي ويهي رهيو، تان جو
ماڻهو تنگ ٿيا، ۽ پاڻ تي هڪ سئو جابلو گهوڙا ۽ لک
درهم
[49]
سالياني ڍل مقرر ڪيائون. هڪ سال جو مال کانئن
اڳواٽ وصول ڪيائين ۽ مثال قائم ڪري، اروڙ جي
تختگاهه ڏانهن موٽي ويو، ۽
]تيستائين اتي رهيو[
جيستائين ساهه کان موڪلائي، جهنم ڏانهن روانو ٿيو.
سندس حڪومت جو عرصو چاليهه سال رهيو.
اروڙ جي تختگاهه ۾ چندر بن سيلائج جو ويهڻ
چچ بن سيلائج جي مرڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ چندر، اروڙ جي
تختگاهه ۾
]گاديءَ
تي[
ويٺو، ۽ ڀڳتن ۽ پروهتن جي ڌرم کي ٽيڪ ڏيئي زور
وٺايائين ۽ تبليغ
ڪيائين، ۽ پنهنجي دين ڏانهن رجوع ٿيو، ۽ هندستان
جي بادشاهن سان خط و ڪتابت جاري ڪيائين.
سيوستان جي بادشاهه متي جو وڃڻ
]اِهوحال ڏسي،[
سيوستان جو راجا مـَـتو، ڪنوج جي راجا ڏانهن ويو. انهيءَ وقت ۾
هندستان جو بادشاهه بارانسي هو، ۽ ڪنوج سيهرس بن
راسل جي حڪم هيٺ هو. متي، هن جي خدمت ۾ پهچي، ظاهر
ڪيو ته چچ بن سيلائج مري ويو ، هاڻي هن جو ڀاءُ
چندر راهب تخت تي ويٺو آهي: هو هڪ ڀڳت ماڻهو آهي،
۽ سارو ڏينهن ڀڳتن سان مندر ۾ پنهنجي علم پڙهڻ ۾
مشغول رهي ٿو، کانئس بادشاهي ڦري وٺڻ آسان آهي.
جيڪڏهن بادشاهه اهو ملڪ فتح ڪري، منهنجي حوالي
ڪندو ته مان انهيءَ طرف جي عوض پاڻ تي ڍل مقرر ڪرڻ
لاءِ تيار آهيان، جا راجا جي خزاني ۾ پهچائيندو
رهندس. [50]
سيهرس جي طرفان هن ڳالهه جو جواب
جنهن تي سيهرس، متي کي چيو ته: چچ هڪ وڏو بادشاهه ۽ ڪشادي ملڪ جو مالڪ هو.
سندس مري وڃڻ کان پوءِ جڏهن اها بادشاهي وٺي
پنهنجي حڪم هيٺ آڻيندس، تڏهن اسان جي ملڪ جي ڏاڍي
مشهوري وڌندي، ۽ توکي پڻ انهيءَ جي هڪ حصي تي مقرر
ڪندس.
]ائين چئي[
سيهرس پنهنجي ڀاءُ برهاس بن ڪسائس کي روانو ڪيو.
وڏي چچجو
ڏهٽو،
جو ڪشمير ۽ رسل جو راجا هو، تنهن سندس بيعت ڪئي، ]
جنهن کان پوءِ ٻيئي[ پنهنجو لشڪر وٺي روانا ٿيا، ۽ هاسي نديءَ وٽ پهچي منزل
ڪيائون. دِيوَ هپـُـورقلعي
۾ جيڪي چندر جا ڪامورارهندا هئا، سي لڪي ويا.
]انهن
جاين تي پنهنجا ماڻهو[ مقرر ڪري، اڳتي روانا ٿيا. نيٺ اچي بند ڪاهويه وٽ پهتا.
]اتي[
هڪ مهينو ترسي، ٻڌ جي پوڄا ڪيائون.
]هوڏانهن[ چندر بن سيلائج ڏانهن ماڻهو ۽ خط موڪليائون ته اچي
فرمانبرداريءَ جا شرط پورا ڪري ۽ امان گهري. چندر
هيءُ ٻڌي انڪار ڪيو، ۽ قلعي بند ٿي، لڙائيءَ جي
تياري ڪرڻ لڳو ۽ ڏهرسينه بن چچ کي برهمناباد
موڪليائين، اُتان جي لوهاڻي جي ماڻهن ۽ لوهاڻن اچي
خذمت ۾ مٿو ٽيڪيو، پاڻ ڏاهر بن چچ سان گڏ اروڙ جي
قلعي ۾ استقلال سان سامهون ٿيو. سيهرس جي لشڪر
گهڻو وقت گهيرو ڪرائي لڙائي ڪئي، پر هو لڙائيءَ ۾
قلعي وارن سان پڄي نه سگهيو، تڏهن صلح جو در
کڙڪايائين، ۽ ڪنهن اٽڪل سان ڏاهر کي ٻاهر آڻي، قيد
ڪرڻ چاهيائين، ۽
]ڀانيائين
ته هو[
کيس هٿ ڪندو يا قتل ڪندو ته پوءِ قلعو سندس هٿ اچي
ويندو ۽ بادشاهي
]پڻ[
ضابطي هيٺ ٿيندي.[51]
سيهرس جو ڏاهر بن چچ ڏانهن قاصد موڪلڻ
پوءِ راسل ۽ برهاس قاصد موڪليو ته: اسان کي موٽي وڃڻ جو ارادو آهي، تنهن ڪري
توهان سان مضبوط عهدنامو ڪرڻ گهرون ٿا، جيئن هيءُ
ملڪ توهان سان قائم رهي، ۽ ملاقات کان پوءِ ڏاهر
کي نهايت عزت سان واپس ڪنداسون. ڏاهر مشهور معروف
ٺڪرن مان پنج سؤ هٿيار پنوهار پهريل چونڊ بهادر
ساڻ وٺي، ڌرين جي وچ ۾ مضبوط عهدنامو ۽ صلح پڪي
ڪرڻ لاءِ نڪتو ]ٻاهر
نڪري[
پنهنجن سڀني خاص ماڻهن کي چيائين ته: اسان جو
ڀروسو توهان جي بهادريءَ ۽ هوشياريءَ تي آهي، ۽
سڀنيءَ جي دلين کي ٽيڪ ڏيئي، چڱن واعدن سان همت
ڏياريائين، ۽ هلندا وڃي راسل جي سراءِ جي در تي
بيٺا. راسل کين در تي روڪڻ جو حڪم ڏنو، ۽ پنهنجي
هڪ وزير کي سڏي چيائين ته: هيٺ لهي وڃي
]ڏاهر جي[
سپاهين کي چئو ته توهان جون تراريون جوهردار آهن،
تنهنڪري هٿيار مٿي موڪليو ته توهان جي ترارين مان
هڪ چونڊي پاڻ وٽ نشاني ڪري رکون. پوءِ جڏهن سڀ
هٿيار ڏيئي چڪن، تڏهن سڀني کي قيد ڪريو، ۽ ٻيءَ
صورت ۾ ڪهي ڇڏيو. وزير هن بهاني سان هيٺ آيو ۽ هڪ
ونگ جي هيٺان اچي بيٺو، ۽ جيئن هنن کان هٿيار وٺڻ
گهريائين، تيئن اوچتو ونگ هيٺ ڪـِـري پئي ۽ وزير
ونگ هيٺ رهجي ويو. ]
اهو حال ڏسي[
راجا راسل پاڻ هيٺ لهي آيو، ۽ سڀنيءَ کي سڏي هرهڪ
کان هٿيار وٺي، ڏسي، سندن اڳيان اڇلائيندو ويو، ۽
نيٺ اچي ڏاهر بن چچ وٽ پهتو. ڏاهر کي چيائين ته:
پنهنجي ترار مون کي ڏيکار. ڏاهر وراڻيو ته اي
بادشاهه، هيءُ خنجر پنهنجي ڀاءُ جو آهي، جو پاڻ
کان
[52]
جدا نه ڪندس،
]جيڪڏهن
ڏسڻو اٿئي ته[ منهنجي هٿ ۾ چڱيءَ طرح ڏس. جڏهن ڏاهر جي ويجهو پهتو ته
ڏاهر جي طرفان هڪ بهادر اڳتي وڌي چيو ته: اي
بادشاهه، هنن سڀني ترارين کان منهنجو خنجر سٺو
آهي. راسل جيئن هن کان ترار وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته
بهادر، مست شينهن وانگيان، ٽپو ڏيئي، راسل جي
ڏاڙهيءَ مان وٺي، کڻي کيس زمين تي دسيو، ۽ سندس
سيني تي ويهي چيائين ته: چاهين ٿو ته تو کي فنا
ڪريان؟]
ايتري ۾[
ڏاهر ۽ ٺڪر به تراريون ڪڍي چوڌاري ڦري آيا. راسل
لاچار ٿي چيو ته:
]آخر[
توهان جي ڪهڙي مرضي آهي؟ مان توهان سان پڪو
عهدنامو ڪريان ٿو جو سچو هوندو، ۽ مخالفت نه
ٿيندي. ڏاهر چيو ته: اسان کي معلوم ٿي چڪو ته توکي
اسان سان ٺڳي ڪرڻ جو خيال هو، تنهن ڪري اسان کي
تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪونهي. ٺڳيءَ ۽ بد اعتقادي
جي سزا پهريائين تنهنجي وزير کي ملي، جو ونگ هيٺان
دٻجي هلاڪ ٿيو،
]پوءِ[
وري تون اسان جي
هٿان گرفتار
ٿيو آهين. هاڻي ضمانت ڏي ته ديوهپور جو قلعو ۽
جيڪا اسان جي ضمانت تو وٽ آهي، سا واپس ڪندين،
تنهن کان پوءِ تنهنجي ضمانت واپس ڪنداسون.راسل
پنهنجا ضامن اروڙ موڪليا، جن مان پنج ڄڻا مشهور
اڳواڻ اروڙ جي قلعي ۾ جهليائون، تنهن کان
پوءِ انجام وٺي کيس ڇڏيائون. ڏاهر انهن
]راسل جي ضامنن[
کي پنج سؤ بهادرن سان برهمڻ آباد موڪليو. راسل،
ڏاهر جا اعتماد جوڳا ماڻهو پاڻ سان وٺي ويو، ۽ وڃي
قلعو سندن حوالي ڪيائين، ۽ جيڪي ماڻهو وٽس رهيل
هئا، تن کي پڻ آزاد ڪيائين. جڏهن قلعي مان معتمدن
جو خط ڏاهر کي پهتو، تڏهن راسل جي ضامن کي باعزت
واپس موڪليائين، ۽ سندن وچ ۾ صلح ۽ موافقت ٿي.
چندر جو چچ بن سيلائج جي گاديءَ تي ويهڻ
پوءِ بادشاهي چندر جي حوالي ٿي. رعيت سندس
همدردي ڪرڻ ڪري آرام سان گذارڻ لڳي، ۽ بادشاهيءَ
جو ڪاروبار ٺيڪ ٿيو. چندر جي بادشاهي ست سال هلي،
۽ اٺين سال
[53]
۾ مري ويو.
]سندس
مرڻ کان پوءِ[
ڏاهر، اروڙ جي تخت تي ويٺو، ۽ چندر جو پٽ راڄ
برهمڻ آباد ۾ جانشين ٿيو. راڄ جي بادشاهي، هڪ سال
کان وڌيڪ نه هلي. کانئس پوءِ ڏهر سينه بن چچ برهمڻ
آباد کي قبضي ۾ آندو،
۽
سندس ڀيڻ مايين پڻ ساڻس ٺهراءُ ڪري، سندس بيعت
ڪئي. پوءِ ڏهر سينه، اگهم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، ۽
پنج سال اتي رهيو، ۽ چؤطرف پروانا موڪليائين، جنهن
تي سڀني فرمانبرداري ڪئي.
]هن
کان[
پوءِ ڏهر سينه وڃي ڪجهه وقت راوڙ()
جي قلعي ۾ رهيو، جنهن جو بنياد چچ رکيو هو ۽ پوري
ٿيڻ کان اٰڳ ۾ ئي مري ويو هو. انهيءَ
]قلعي[
جي عمارت پوري ڪري، آسپاس جي واهڻين کي سڏي،
]منجهانئن[
ڏسڻا وائسڻا ماڻهو انهيءَ
]قلعي[
۾ رهايائين. آباد ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ جو نالو
راوڙ رکي،پاڻ برهمڻ آباد جي قلعي ۾ موٽي آيو، ۽
بادشاهي جا ڪم ٺيڪ هلندا رهيا.
]ڏهرسينه
جو پنهنجي[
ڀيڻ کي ڀاٽيا جي راءُ جي حوالي
ڪرڻ لاءِ اروڙ موڪلڻ
]ٿوري
وقت کان[
پوءِ ڏهرسينه کي خبر پيئي ته سندس ڀيڻ بالغ ٿي
آهي، جنهن ڪري کيس ڳڻتيءَ ورتو ته مايين وڏي ٿي
آهي. هوڏانهن نجومين سندس
]مايين
جي[
ڇٺي ڏسي ٻڌايو ته: سندس ستارو بختاور آهي ()
اڃا انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ هو ته رمل جي راجا سوڀن راءَ
ڀاٽيا، جا قاصد ان جي سڱ گهرڻ لاءِ اچي پهتا.
ڏهرسينه جيتوڻيڪ وڏو ڀاءُ هو،
]پر
تنهن هوندي به[
ڀيڻ جو ڏاجو شاهاڻو تيار ڪري، ست سؤ گهوڙا ۽ پنج
سؤ ٺڪر ماڻهو هن سان گڏ موڪلي، ڏاهر ڏانهن لکيائين
ته: مايين کي ڀاٽيا جي راجا جي حوالي ڪر، ۽ راءَ
سوڀن جو شرط هيءُ آهي ته سندس مهر ۽ ڏاج ۾ هڪ قلعو
حوالي ڪيو ويندو، جنهن جو هو مالڪ رهندو
[54]
.
قاصد اروڙ پهتو، ۽
]مايين
جي حوالي ڪرڻ ۾[
باقي هڪ مهيني جي مدت وڃي رهي ته
]اوچتو[
راجا جي ڪنهن خاص ماڻهوءَ هڪ ڏينهن هندستان جي هڪ
حڪيم کان، جنهن کي علم نجوم ۾ ڪامل مهارت هئي. ڪو
سوال پڇيو، جنهن متعلق هن جو ڪڍيل جواب پورو نڪتو.
اهو ماڻهو راجا ڏاهر وٽ آيو ته راجا کانئس پڇيو:
”ٺڪر
اڄ ڪهڙي مهم ۾ مشغول هو، جو دير سان آيو آهي. ڇا
اهو ڪم اسان جي خدمت کان به مقدم ٿي ويو؟“
ٺڪر چيو ته:
”راجا
سلامت رهي! مون کي هڪ ضروري ڪم پيش آيو هو، جنهن
ڪري منهنجي دل پريشان ۽ متفڪرٿي پيئي هئي. برهمڻن
مان هڪ نجومي آهي، جو عالم ۽ علم نجوم جو ڄاڻو
آهي. حڪمي نتيجو ٻڌائيندو آهي، ۽ سندس دليل تجربي
سان ٺهڪي اچن ٿا
]مطلب
ته حقيقت[
کولي بيان ڪيائين، ۽ جيئن صحيح هو، تيئن ٻڌايائين.
جنهن تي ڏاهر فرمايو ته:
”اسان
جي سفر، حضر، بادشاهيءَ جي رونق، ۽ حڪومت جي
انتظام متعلق انهيءَ کان وڃي پڇا ڪر.“
هن ماڻهو اٿي عرض ڪيو ته
”راجا
سلامت رهي! ڪاميابيءَ جي وقت راجائن کي حڪيمن سان
صحبت ڪرڻ، ۽ عالمن، اديبن ۽ برهمڻن سان سنگت رکڻ
کان عار نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هو اسان جا امام
آهن. سندن خدمت ۾ وڃڻ ۽ سندن تعظيم بجا آڻڻ جي
ڪوشش ڪرڻ لازمي ڄاڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو
رضامندو عزت ۽ مرتبي جو واڌارو ۽ بلندي ۽ حشمت
لاءِ دوام آهي. تنهن کان سواءِ فال اها چڱي جيڪا
واقعي جو صاحب پاڻ روبرو حاضر ٿي
]معلوم
ڪري[،
۽ نجومي جواب ڏين.“
ڏاهر جو ڀيڻ بابت حڪم پڇڻ لاءِ نجومي وٽ وڃڻ
ڏاهر کي هيءَ تقرير پسند آئي. هاٿيءَ تي پالڪيءَ
ٻڌڻ جو حڪم ڪيائين، ۽ پاڻ
]ان
۾[
ويهي نجوميءَ جي اوطاق تي پهتو. نجوميءَ راجا[55]
کي ڏسي، استقبال ڪيو ۽ چيو ته: "راجا سلامت رهي!
ڪهڙي ڪم سان اچڻ ٿيو آهي؟ ڏاهر وراڻيو ته:
”اسان
جو لشڪر جي مصلحت متعلق سوال آهي، جنهن لاءِ آيا
آهيون، پڻ ملڪ جي ڀلائيءَ، بادشاهيءَ جي قاعدي
قانون ۽ ٻين سڀني ضروري ڪمن لاءِ حساب ڪرڻ گهرجي
ته جيئن ڪمن جا نتيجا اسان تي روشن ٿي سگهن ته
نتيجو ڇا ٿيندو؟“
نجوميءَ چيو ته:
”سڀ
بختاور ستارا تنهنجي طالع ڏانهن ڏسندڙ آهن، ۽
تربيع ()
خواه مقابلي جي مدنظر ڪوبه نحس
]ستارو[ ناموافق ڪونهي. هيءُ قلعو ۽ بادشاهي گهڻن سالن تائين تو
لاءِ مقرر ۽ مضبوط آهي، ۽ جيڪڏهن راجا لاءِ سفر جو
اتفاق ٿيندو ته به مبارڪ ۽ بخت وارو ٿيندو، ۽
پنهنجي عزت ۽ بزرگيءَ واري مسند ڏانهن سلامت موٽي
ايندو.“ پوءِ چيائين ته:
”اسان
جي ڀيڻ مايين جو طالع ڪيئن آهي؟“
نجوميءَ جو ارشاد
نجوميءَ چيو ته:
”حساب جو زائچو ائين ٿو ڏيکاري ته هيءَ اروڙ جي قلعي کان ٻاهر نه
ويندي، سندس سڱ اهو راجا گهرندو، جنهن جي هٿ ۽ حڪم
هيٺ هندستان جي بادشاهي هوندي، ۽ هيءَ ڇوڪري
انهيءَ جي نڪاح ۾ ايندي.“
نجومي جڏهن کيس هيءَ حقيقت کولي ٻڌائي، تڏهن ڏاهر ويچار ۾ پئجي ويو ته اهو
ڪيئن ٿيندو. گهر موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي وزير
ٻڌيمن کي هيءَ حقيقت کولي ٻڌايائين.
ٻڌيمن وزير جي راجا ڏاهر کي صلاح ڏيڻ
وزير چيو ته:
”بادشاهيءَ جو ڪم نهايت نازڪ آهي، ۽ مختلف ملڪن، حدن، لشڪر ۽
نوڪرن چاڪرن جو شهنشاهه لاءِ پنهنجي ملڪ سان ناتا
ٽوڙڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، (مثال)
[56]
ڇاڪاڻ ته پنج شيون پنهنجي جاءِ ڇڏي سرسبز نه
رهنديون آهن: 1. بادشاهيءَ کان بادشاهه، 2. وزارت
کان وزير، 3.عمل کان عالم، 4. وار ۽ ڏند، 5.
عورت جو اُره]
هي شيون[
جڏهن پنهجي جاءِ کان هٽي وينديون ته سهڻيون نه
لڳنديون. بادشاهه، بادشاهيءَ خاطر ڀائرن ۽ عزيزن
جو ساهه وٺندا آهن، نه ته به ملڪ کان اوس ٻاهر ڪڍي
ڇڏيندا آهن، ۽ پنهنجي مقربن ۽ تعلقدارن جي پڻ ملڪ
۾ ڀائيواري يا مداخلت روا نه رکندا آهن. بادشاهه
جڏهن بادشاهي کان گوشو ڪندو ته پوءِ عام ماڻهن جي
برابر آهي.
]هاڻي[
جڏهن نجوميءَ اهو حڪم ڪيو آهي، تڏهن ڀيڻ کي نڪاح
۾ آڻي، زال بنائي، پاڻ سان گڏ تخت تي ويهارڻ
گهرجي. جيتوڻيڪ سندس صحبت کان پاسو ڪندو رهندين.
تاهم]
مٿس[
زال جو نالو هوندو ۽ تنهنجي بادشاهي تو وٽ رهندي.“
راجا ڏاهر انهن پنج سؤ ٺڪرن کي گهرايو، جيڪي سندس خاص ماڻهو ۽ معتقد هئا، ۽
چيو ته:
”هر حال ۾ منهنجو ڀروسو ۽ اعتقاد توهان جي سمجهداريءَ ۽ بهادري
تي آهي.
]توهان
جي[
صلاح ۽ نصيحت
]کان
سواءِ[
ڪو چارو نه آهي، ۽ ساري ملڪ ۾ منهنجو فرمان توهان
جي ٽيڪ تي جاري آهي. هينئر نجومين هن طرح نتيجو
ڪڍيو آهي ته مسمات مايين هن قلعي کان ٻئي پاسي نه
ويندي، ۽ سندس مڙس اهو ٿيندو، جنهن جي هٿ ۾ هن
بادشاهيءَ جو اڪثر حصو رهندو. مون کان بادشاهي وڃڻ
نه گهرجي، انهيءَ لاءِ ويچار ڪرڻ گهرجي. بادشاهيءَ
کان تعلق ڇنڻ ڏکي ڳالهه آهي. ٻڌيمن وزير هڪ صلاح
رٿي آهي،
]پر
[اها
وڏي شرم جهڙي، اڻوڻندڙ
[57] ۽ برهمڻن جي خاندان لاءِ بدنامي آهي، ۽ هيءَ خراب ڳالهه وقت جي
بادشاهن جي ڪن پوندي، ۽ عام ماڻهن جي واتن تي
ايندي، تڏهن هو اسان کي پنهنجي نيات مان ڪڍي
ڇڏيندا، جنهن ڪري اسان جي طريقي ۾ خلل پيدا ٿيندو.“
ٻڌيمن وزير جو طلسم
ٻڌيمن وزير گهر وڃي، هڪ گهيٽو آڻي، ان جي پشم ۾ واريءَ ۽ آهر ڇٽي مٿانس پاڻي
ڇٽڪائڻ شروع ڪيو ۽ اٺ پهر گهر ۾[
رکيائينس، جيستائين ٿلهو ٿيو، پوءِ ٻاهر هڪلي
ڇڏيائينس. ننڍا، وڏا، شهري خواه واهڻي، ماڻهن جا
انبوهه انهيءَ ڏانهن تعجب سان ڏسڻ لڳا، جيستائين
جو هن ڳالهه کي ٽي ڏينهن گذريا. تنهن کان پوءِ اهو
گهيٽو سڄي شهر ۾ ڦرندو رهيو، پر ڪنهن به ان ڏانهن
نٿي واجهايو، ۽ اها ڳالهه وساري ڇڏيائون. وزير چيو
ته:
”اي
بادشاهه! جيڪا به چڱي يا بڇڙي ڳالهه ٿيندي آهي ته
ٽي ڏينهن ماڻهن جي واتن ۾ رهندي آهي. تنهن کان
پوءِ ڪوبه ان جي نيڪيءَ يا بديءَ کي ياد نه ڪندو
آهي. تون ڪنهن به صورت ۾ بادشاهيءَ کان تعلق ٽوڙڻ
وارو نه آهين، ۽ پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪيو اٿيئي.
هيءَ جماعت تنهنجي حڪم کان ٻاهر وڃڻ واري نه آهي،
]تنهنڪري
اهو ڪم[ ڪرڻ گهرجي.”پوءِ
ڏاهر انهن پنج سؤ ٺڪرن کان رايو پڇيو، جن جي قول
تي هميشه اعتماد ڪندو هو، ۽ جن جي بهادري ۽ دٻدٻي
تي اعتماد رکندو هو، ۽ هو پڻ سندس حڪم جا منتظر
رهندا هئا، ۽ سندس سڀني قولن ۽ فعلن سان متفق
هوندا هئا. سڀني اتفاق ڪيو ته راجا جو حڪم اسان جي
جان تي جاري آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته
بادشاهن جي طراوت بادشاهيءَ سان آهي، جيڪڏهن هيءَ
بادشاهي هلي وڃي ته پوءِ ڀاءُ جي هٿ اچي يا ڌاريي
جي
]ڪوبه
فرق نه آهي[.
جڏهن هن ڳالهه تي سڀ متفق ٿيا، تڏهن ويو ۽ وڃي
پنهنجي ڀيڻ مٿان چادر وڌائين، ۽ کيس منڊي ۽ ٻيا
زيور پهرائي، پنهنجي ترار سندس پاسي ۾ رکيائين.
]تنهن کان پوءِ[
ترار سميت ٻاهر نڪتا ۽ هن جي چادر جو پلؤ پنهنجي
چادر سان ٻڌي، کيس بادشاهيءَ جي تخت تي
[58]
پنهنجي پاسي ۾ ڇٽ هيٺان ويهاريائين، ۽ هي ڳالهه عام خاص ماڻهن
جي واتن ۾ پئجي مشهور ٿي.
ڏاهر جو ڏهرسينه ڏانهن تعظيم سان خط لکي موڪلڻ
پوءِ ڏاهر پنهنجي ڀاءُ ڏهرسينه ڏانهن تعظيم سان خط موڪليو، جنهن ۾ مايين جي
ستاري جو احوال داخل ڪيائين ته:
”نجومين
هن طرح نتيجو ڪڍيو ته هيءَ ڇوڪري اروڙ جي راڻي
ٿيندي ۽ هن جو مڙس راجا ٿيندو، جنهن جي هٿ هيٺ
هيءُ ملڪ ايندو. تنهن ڪري
]سڀنيءَ
جي[
صلاح سان بادشاهيءَ خاطر هيءُ عار اختيار ڪيو اٿم،
جنهن ڪري معذرت ڪئي وڃي ٿي ته هيءُ مصلحت مجبوريءَ
کان، نه خوشيءَ کان منظور ڪئي ويئي آهي، معاف ڪج.“
ڏاهر جو خط ڏهرسينه کي پهچڻ
ڏهر سينه کي جڏهن هيءُ خط پهتو، تڏهن جواب لکيائين
ته ”هيءَ ڳالهه بري هئي، ۽ هيءُ ڪم اڻوڻندڙ، لاچار
هو يا اختيار، ڪنهن به حالت ۾ تون معذور نه آهين.
جيڪڏهن هيءُ ممنوع ۽ اڻوڻندڙ ڪم راجائي لاءِ جائز
سمجهيو اٿئي ته جيئن دنيوي بادشاهي تنهنجي قائم
رهي
]ته
به[
تولاءِ ڪو چارو ڪونه هو. پر جيڪڏهن، شيطاني وسوسن
کان هن باب ۾ شروع ٿيو آهين
]ته
پوءِ ته[ توکي
]هڪدم[
رجوع ڪرڻ، توبهه تائب ۽ پشيمان ٿيڻ گهرجي: ائين نه
ٿئي جو اسان جي دين کان نڪري وڃين ۽ اسان کي توسان
بيعت ڀڃڻي پوي. ۽ جيڪڏهن هنن نصيحتن سان هن
نامعقوليءَ کان باز نه ايندين ته باز پرس جو
[59]
حقدار ٿيندين، جنهن ڪري توکي تڪليف پهچندي، ۽ توکي تنهنجي
اڻوڻندڙن ڪمن جي جيڪا به سزا ملندي سا پاڻ ڏانهن
سمجهج.“
جڏهن ڏهرسينه جو خط ڏاهر کي پهتو ته دل ۾ پاڻ
پنهنجي ڀاءُ ڏهرسينه وٽ وڃڻ جو خيال ڪري، وزير کان
صلاح پڇيائين ته: برهمڻ آباد وڃان پر تنهنجي نظر ۾
چڱو ڪيئن ٿيندو؟
ٻڌيمن وزير جو ڏاهر کي روڪڻ
ٻڌيمن وزير چيو:
”راجا سلامت رهي! هن خيال ڪرڻ ۾ تو وڏي خطا ڪئي آهي، جنهن جي
ڪنهن به بهاني سان تلافي نه ٿيندي، ۽ جنهن جي
نتيجي کي جنهن به رستي سان روڪبو ته جان جي هلاڪت
جو باعث ٿيندو. جيڪڏهن تون ڀاءُ جي روبرو ٿيندين
ته پوءِ ساهه کان هٿ ڌوئڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن تون
ائين ٿو سمجهين ته تنهنجو ڀاءُ توسان مخالف نه
ڪندو، ته هيءُ هڪ وڏو محال
]خيال[
پنهنجي دل ۾ آندو اٿيئي، ڇاڪاڻ ته ملڪ، زمين ۽ زال
جهڙي ڪم ۾ ڀائيواري ۽ حصيداري نه ٿي سگهندي، بلڪ
]ان
۾[
جان جو خطرو انهيءَ حد
تائين آهي، جو پيءُ پٽ لاءِ روادار نه ٿيندو آهي،
۽ نه پٽ پيءُ تي اعتماد ڪندو آهي. ۽ جيڪڏهن
]هروڀرو[ هن ڳالهه جو توکي پڪو ارادو آهي ته پوءِ حياتيءَ تان هٿ
ڌوئي ڇڏڻ گهرجي، مون کي ڪنهن به طرح چڱو ڏسڻ ۾ نٿو
اچي.“
ڏاهر چيو ته:
”پوءِ
اسان جي ڀلائي ڇا ۾ آهي؟“
چيائين:
”تنهنجي لاءِ چڱي صلاح هيءَ آهي ته ڀاءُ جي لهه وچڙ ۽ گڏ ويهڻ
کان پاسو ڪندو رهج، ۽ سندس ملاقات جو اشتياق نه
رکج، ۽ قلعي بنديءَ کي لازمي سمجهج، ۽ جيڪي به
نجومي ۽ ڀوپا فرمائين انهيءَ تي عمل ڪندو رهج ۽
انهن جي نصيحت جو تابع رهج، نه ته هن بابت ٻيو
ڪوبه حيلو ڪارگر نه ٿيندو.“ پوءِ ڏاهر انهيءَ صلاح تي محڪم ٿي بيٺو،
[60]
۽ قلعي بندي لازمي سمجهي قلعي بنديءَ جي ضروري
سامان جهڙوڪ: اناج، گاهه ۽ ڪاٺين جو ويچار ڪرڻ لڳو
۽ ذخيرو ڪري رکيائين.
]تنهن
کان
سواءِ ٻيو به[
جنگي سامان، هٿيار وغيره مهيا ڪري تيار ۽ منتظر ٿي
ويٺو.
|