سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب؛ --

صفحو :33

 

پڪو انجام وٺي، اروڙ جو قلعو حوالي ڪرڻ

هن خبر معلوم ٿيڻ تي شهر جي عام خاص ماڻهن چيو ته: ”اسان محمد بن قاسم جي دينداري ۽ پرهيزگاري، انصاف ڏيڻ ۽ انصاف وٺڻ، عدل ۽ فضل، انجام جي پورائي، ۽ قول جي سچائي ]223[ ٻڌي چڪا آهيون، ۽ هاڻي ]خود اکين سان[ ڏٺوسون. اسان کي گهرجي ته ڪنهن اعتماد جوڳي ماڻهوءَ جي معرفت پيغام موڪلي، امانَ گهري، قلعو سندس حوالي ڪريون.“ (هوڏانهن) گوپيءَ(1) کي جڏهن ڏاهر جي ڪسڻ ۽ رعيت جي پريشان ٿيڻ جي خبر پيئي، تڏهن جيئن ستارن جو بادشاهه (سج) ڪاريءَ رات جي پردي ۾ گهڙي ويو(1) ته پنهنجو ڪٽنب ۽ پوئلڳ وٺي، قلعي کان نڪري چترور(2) هليو ويو. سندس ڀائر(3) جـَـيسـِـينه ۽ وڪيو(3) ڏاهر جا پٽ، ]پڻ[ اتي هئا، جي نزواله صندل(4)  نالي هڪ جڳهه تي رهيل هئا. پوءِ علافين مان هڪ ماڻهو جو گوپي(5) جي موافقت ۾ اروڙ ۾ رهيل هو، تنهن گوپي(5) جي ڀڄڻ ۽ لڪي وڃڻ جي خبر لکي تير سان ٻڌي اڇلائي ته: گوپي ] پٽ[ ڏاهر اروڙ جي حڪومت ڇڏي ڪنهن پاسي لڪي ويو.

(روايت): محمد بن قاسم لشڪر کي جنگ تي موڪليو: جنگي جوڌا ۽ دلير بهادر قلعي جي ڀت تي چڙهي ويا ۽ وڃي جنگ جوٽيائون.

رعيت ۽ ڪاسبين جي امانَ گهرڻ

پوءِ واپارين، ڪاريگرن، ۽ ڪاسبين ماڻهن پيغام موڪليو ته: ”(اسان) برهمڻن جي بيعت کان باز آياسون، جو راجا ڏاهر اسان کان ويو ۽ سندس پٽ (گوپي) به منهن موڙيو. اسان ته هيءُ ڏينهن نٿي گهريو، پر جڏهن هن سڄي ڳالهه لاءِ حڪم الاهي ٿي چڪو آهي، تڏهن ڪنهن مخلوق کي انهيءَ تقدير سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه آهي، ۽ (اها) جنگ يا حيلي سان ٽري ڪين سگهندي. دنيا جون بادشاهيون ڪنهن ماڻهوءَ جي ملڪيت نه آهن. جيئن ته قضا جي لشڪر غيب جي پردي مان حملو ڪري، ڪن راجائن کان ڪنهن بهاني ]224[ سان تخت ۽ تاج کسيو، ۽ ڪن کي زماني جي گذرڻ، حادثن ۽ مصيبتن سان شڪست خورده ۽ زير بار ڪيو، تنهن ڪري نه قديم بادشاهيءَ تي ڀروسو رهيو، نه نئينءَ حڪومت تي. ]بلڪ حڪومت[ جنهن جي هٿ ۾ اچي انهيءَ جي ئي قبضي ۾ رهڻ گهرجي، تنهن ڪري اسان تنهنجي خدمت ڏانهن رخ ڪريون ٿا ۽ تنهنجي عدل ۽ انصاف جي وسيلي تنهنجي تابعداريءَ جو هار پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهندي، قلعو امير عادل جي امينن جي حوالي ڪريون ٿا. اسان کي امان ڏيئي لشڪر جي خوف کان بيخوف فرماءِ. هيءَ قديم بادشاهت ۽ وڏي امانت راجا ڏاهر اسان جي حوالي ڪئي هئي، جيستائين حيات هو، تيستائين سندس نمڪ جو حق بجا آڻيندا رهياسون، پر جڏهن ڏاهر ڪسي ويو، ۽ سندس پٽ گوپي پڻ هليو ويو، تڏهن تنهنجي خدمت ڪرڻ اسان لاءِ وڌيڪ مناسب آهي.“

(جواب): محمد بن قاسم جواب ڏنو ته: ”مون اوهان ڏانهن پيغام ڪونه موڪليو هو، ۽ نه ڪو قاصد روانو ڪيو هو. توهان پاڻ ۾ اتفاق ڪري امانَ گهرو ٿا ۽ پڪو انجام ڪريو ٿا. جيڪڏهن توهان جو اسان جي خدمت ڏانهن لاڙو ۽ رضامندو سچو آهي، ته جنگ کان هٿ جهليو ۽ پڪي انجام ۽ پوري اعتماد سان لهي اچو، جيڪڏهن نه، ته پوءِ توهان ۽ اسان جي وچ ۾ دشمني آهي. هن کان پوءِ توهان جو ڪوبه عذر نه ٻڌنداسون، ۽ نڪي قبول ڪنداسون، نڪي معاف ڪنداسون. توهان کي اسان جي لشڪر جي خوف کان بيخوف نه رهڻ گهرجي.“

قلعي وارن جو انجام

]انهيءَ تي قلعي وارا[ ڀتين تان لهي آيا ۽ هڪٻئي سان عهد اقرار ڪري چيائون ته: ”هن قول تي در کولي تيستائين بيهون ٿا، جيستائين محمد بن قاسم اچي، ]پوءِ[ جيڪڏهن پنهنجي انجام تي هليو ته فرمانبرداري ڪنداسون ۽ خدمت جي طريقي تي هلنداسون، جيئن مهرباني ڪري ]225[ اسان کي قبول ڪري ۽ امانَ ڏئي. ٻيءَ صورت ۾ ٺڳيءَ جو خيال ڪجو.“ پوءِ قلعي جون ڪنجيون هٿن ۾ کڻي دروازي وٽ آيا. حجاج جا جيڪي امين وچ ۾ هئا، سي ذريعو بنيا، ۽ قلعي وارا در کولي سنڀري بيٺا.

محمد بن قاسم جو قلعي ۾ اچڻ

پوءِ محمد بن قاسم دروازي کان اندر آيو. ]سندس اچڻ جو ٻڌي[ سڀ شهري نوبهار بتخاني وٽ گڏ ٿي، بت کي سجدو ڪرڻ ۽ پوڄڻ لڳا.

(روايت): محمد بن قاسم پڇيو ته: ”هيءُ ڪنهن جو گهر آهي، جو سڀ ننڍا وڏا ماڻهو گوڏا کوڙي خدمت ۾ حاضر ٿي سجدو ڪري رهيا آهن؟“ چيائون ته: ”بتخانو آهي جنهن کي نوبهار چوندا آهن.“ محمد بن قاسم جي چوڻ تي بتخانو کوليائون ۽ هو پنهنجي امينن سان گڏ اندر ويو. هڪ سنگمرمر جي ٺهيل مورتي گهوڙي تي چڙهيل ڏٺائين، جنهن جي ٻانهن ۾ جواهرن ۽ ياقوتن جي جڙاءُ سان سونا ڪنگڻ پيل هئا. محمد بن قاسم هٿ ڊگهو ڪري، بت جي هٿ مان ڪنگڻ لاهي ورتو، پوءِ نوبهار بت جي مجاور کي سڏي چيائين ته: ”توهان جو بت هيءُ آهي؟“ چيائين: ”هائو! پر کيس ٻه ڪنگڻ هئا جن مان هڪ نٿو ڏيکارجي.“ محمد بن قاسم چيو ته: آخر توهان جي معبود کي ايتري خبر به نٿي پوي ته سندس ڪنگڻ ڪنهن وٽ آهي؟“ مجاور ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. محمد بن قاسم مرڪي ڪنگڻ کيس واپس ڏنو، جو وري بت جي ٻانهن ۾ وڌائون.

محمد بن قاسم جو لڙائي ڪندڙن کي قتل ڪرڻ

پوءِ محمد بن قاسم حڪم ڪيو ته: لڙائي ڪندڙ ماڻهو جيتوڻيڪ فرمانبرداري لاءِ ڪنڌ جهڪائين ته به کين نه ڇڏيو وڃي.“ جنهن تي لاڏيءَ چيو ته: ”هن ملڪ جا ماڻهو رازا آهن، ۽ ڪي واپاري آهن. هيءُ شهر انهن جي ڪري ئي آباد ۽ سرسبز آهي. سندن ئي ڪمائي ۽ کيتيءَ ]226[ ڪري خزاني ۾ مال موجود ٿو رهي. جيڪڏهن (انهن کي) قتل ڪندين ته تنهنجو مال هليو ويندو.“ محمد بن قاسم چيو: ”راڻي لاڏيءَ هيءُ فيصلو ڪيو، ته انهن سڀني کي (ڄڻ) امانَ ڏنائين.“

هڪ شخص جو ٻاهر نڪري امانَ گهرڻ

هن ڳالهه جا راوي ۽ هن تاريخ جا بيان ڪندڙ هن طرح ٻڌائين ٿا ته: جيڪي ماڻهو قتل لاءِ جلادن جي حوالي ڪيا ويا هئا، تن مان هڪ شخص ٻاهر نڪري چيو ته:  ”مون وٽ هڪ عجيب (شـَـرڪـَـت)(1) آهي.“ جلاد چيو ته”مون کي ڏيکار.“ هن چيو ته: ”امير کان سواءِ توکي نه ڏيکاريندس.“  پوءِ محمد بن قاسم کي خبر ٻڌايائون، جنهن چيو ته: ”هن کي وٺي اچو.“ اچڻ تي چيائينس ته: ”تو وٽ ڪهڙي عجيب شرڪت آهي؟“ هن چيو ته: ”اهڙي شيءِ جا ڪنهن به نه ڏٺي آهي.“  محمد بن قاسم چيو ته: ”ڏيکار.“ برهمڻ چيو ته: ”انهيءَ شرط سان، ته مون کي منهنجن  تابعدارن، عيال ۽ ٻارن، سڀنيءَ کي امانَ ڏيندين؟“ محمد بن قاسم چيو ته: ”امانَ ڏنم.“ (برهمڻ) چيو ته: ”پنهنجي نشان مبارڪ سان صحي ٿيل پروانو عطا ڪر. محمد بن قاسم سمجهيو ته شايد قيمتي جواهر يا قيمتي زيور وٽس آهن. سي پيش ڪندو ]۽ انهيءَ ڪري پڪو پروانو صحي ڪيائين[. جڏهن پڪو انجام ٿي چڪو ۽ دستاويز لکيو، تڏهن ڏاڙهيءَ جون ڳنڍيون کولي کنڊيريائين، ۽ سندس (ڏاڙهي جي) چوٽي پير جي آڱوٺي سان ويڙهي اٿي بيهي نچڻ لڳو. ۽ هن طرح چوڻ لڳو:

کس نديدست اين عجب که مـــــــــراسـت

موئــي ريشـــــــم همـي کشان تا پاست

]هي عجب منهنجي جهڙو ڪنهن نه ڏٺو

ڏاڙهـــي مــنهــنجي رسـي ٿــي پيرن تي[

محمد بن قاسم کي تعجب ٿيو. جيڪي ماڻهو حاضر هئا تن چيو ته: ”هيءُ ڪهڙو عجائب آهي، جنهن جي وسيلي امانَ گهري اٿس؟ هن اسان کي ٺڳيو آهي.“] پر[ محمد بن قاسم ]227[ چيو ته: ”قول، قول آهي ۽ انجام، انجام، پنهنجي انجام کان ڦرڻ بزرگن جو ڪم نه آهي“.

منگر تو بدان که ذوفنون آيد مــــــرد
در عهد وفا نگر، که چون آيد مــــرد
در عهدهِّ عهد اگر
برون آيد مــــــــرد
از هرچه گمان بري، فزون آيد مــــرد.
]هر گز نه ڏسج ته با ڪمال آهي مرد
پر ڏس ته وفا سان با جمال آهي مرد
انجـــــام جو اگپابنــــد هـــــــو ٿو رهـــي
وڌوَهم و گمان کان خـوش خصال آهي مرد
[.

]آخر[ امير محمد بن قاسم چيو ته: ”هن کي قتل نٿو ڪريان پر قيد ۾ ٿو رکان، ۽ هيءَ حقيقت حجاج بن يوسف جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان ته ڇاٿو فرمائي.“ پوءِ کيس سندس ٻه سؤ قريبن ۽ لاڳاپيدارن ماڻهن سميت بند ڪري، سندس ذڪر حجاج ڏانهن خط ۾ لکيائين. حجاج هيءُ معاملو بصري ۽ ڪوفي جي عالمن کان پڇيو، ۽ وقت جي خليفي وليد بن عبدالملڪ کي (پڻ) خبر ڏني. خليفي ۽ علمائن جو جواب پهتو ته: (هن کان اڳ) رسول ڪريم عليه الصلواة والسلام جي اصحابن جي درميان پڻ اهڙيون دعوائون (فيصل) ٿي چڪيون آهن. (ڏسو) الله جو قول (1) رَجال صـَـدَقـُـوا مـَـاعـَـاهـُـدَ وا الما عـَـلـَـيهِ (اهي مرد، جن اهو واعدو سچو ڪيو جو الله سان ڪيو هئائون).

اهو جواب جڏهن حجاج جي خط ۾ پهتو، تڏهن انهيءَ کي سڀنيءَ تابعدارن ۽ لاڳاپيدارن سميت آزاد ڪيائين.

جـَـيسـِـينـُـه جو ڪيرج ڏانهن وڃڻ

وڏن ۽ مکيه ماڻهن کان (ٻڌل) ڳالهيون ڪن ٿا ته: جـَـيسـِـينـُـه ست سؤ پيادا ۽ سوار ساڻ ڪري ڪيرج جي قلعي ۾ پهتو، تڏهن ڪيرج جي راجا (سندس) استقبال ڪيو ۽ ڏاڍي مهرباني ڪري، خوب واعدن سان دلداري ڏيئي چيائين ته: ”توکي اسلامي لشڪر جي (خلاف) جنگ ۾ مدد ڪندس.“ دروهر راءَ ]228[ جي رسم هئي ته: سڀڪنهن ڇهين مهيني هڪ ڏينهن واندو ٿي، زالن سان شراب پيئندو ۽ راڳ ناچ ڪندو هو، ۽ ڪنهن به اجنبيءَ کي سندس خلوت واريءَ مجلس ۾ اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا. قضا الاهي جو، جڏهن جـَـيسـِـينه ]بن[ ڏاهر اتي پهتو، تڏهن راجا دروهرا راءَ جي جشن جو ڏينهن هو. جـَـيسـِـينه ڏانهن ماڻهو موڪلي چيائين ته: ”اڄ اسان جي خلوت آهي، ۽ جيتوڻيڪ ڪوبه نامحرم اسان جي خلوتسراءِ ۾ اچي نٿو سگهي، پر تون اسان جو پيارو مهمان ۽ فرزند جي بجاءِ آهين، تنهن ڪري قدم رنج ڪري هليو اچ.“  ]انهيءَ اَڇ تي[ جـَـيسـِـينه اچي راجا جي زالن جي وچ ۾ مجلس ۾ ويٺو. جـَـيسـِـينه ڪنڌ هيٺ ڪري زمين تي ليڪا پئي ڪڍيا، ۽ انهن زالن ڏانهن نٿي نهاريائين. اتي دروهر چيو ته: ”هيءُ ٽولو تنهنجون مائرون ڀينرون آهن، بيشڪ ڪنڌ مٿي کڻي نظارو ڏس.“

(جـَيـسـِـينه جو انڪار ڪرڻ): جـَـيسـِـينه چيو ته: ”اسان بنيادي راهب آهيون، تنهن ڪري نا محرم عورتن ڏانهن نه ڏسندا آهيون.“ پوءِ راجا دورهر هن کي (زالن ڏانهن) ڏسڻ کان معافي ڏيئي، سندس پرهيزگاري ۽ حياءُ جي تعريف ڪئي.

ڳالهه ٿا ڪن ته: جڏهن زالون اچي گڏ ٿيون ته (انهن ۾) درُوهر جي ڀيڻ، چڱي، يعني حسين ۽ جميلـہ، (پڻ) هئي. جيـَـسـِـينه پڻ بادشاهاڻو ٻار هو، جنهن جو حسن ڪامل هو: قد صنوبر جهڙو، صورت نازڪ، سيرت سهڻي، سندس لفظ موتين جهڙا، آواز مٺو، اکيون نظاريدار، ۽ ڳل لعلن ۽ موتين جي مٽ هئا. دروهر جي ڀيڻ هن کي ڏٺو، ۽ (ڏسڻ سان) جـَـيسـِـينه جي محبت سندس دل ۾ گهر ڪري ويئي. ]229[ هر گهڙي ]کيس[ ڏسندي ۽ ناز و ادا سان چاپلوسي ڪندي رهي.

جـَـيسـِـينه جڏهن اوطاق ۾ موٽي آيو، تڏهن دروهر جي ڀيڻ اٿي پنهنجي گهر ويئي، ۽ ]وڃڻ سان[ هڪ مـُـحـَـفو (مافو) تيار ڪرائي انهيءَ ۾ ٿي ويٺي، جو ٻانـِـهينُ کان کڻائي، جـَـيسـِـينه جي رهڻ واري جاءِ تي آئي. پوءِ محفي مان لهي اندر ويئي. جـَـيسـِـينه کي ننڊ اچي ويئي هئي، چڱيءَ مان شراب جي بوءِ سندس دماغ ۾ پهتي ته سجاڳ ٿيو، ۽ چڱيءَ کي پنهنجي پاسي ۾ ويٺل ڏسي ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ چيائين: ”شهزاديءَ جو ڪهڙي ڪم سان اچڻ ٿيو آهي؟ هن طرح ڪيئن آيا آهيو؟“ عورت چيو ته: ”اي بيوقوف! هن حقيقت پڇڻ جو ڪهڙو ضرور آهي. هڪ سهڻي ۽ جوان عورت عين انڌيري رات ۾ تو جهڙي شهزادي جي ديدار لاءِ اچي مٺيءَ ننڊ مان جاڳائي، تو سان همبستر ٿيڻ چاهي، خصوصاً مون جهڙي محبوب، جنهن جي ناز ۽ نخري تي ساري دنيا مفتون آهي، ۽ سندس وصال لاءِ سارو جهان ديوانو، شهزادي کان هيءَ ڳالهه مخفي رهڻ نه گهربي هئي، ۽ حقيقت کي چڱيءَ طرح سمجهي وڃڻ گهربو هو، ۽ هن ڪاميابيءَ کي صبح تائين غنيمت سمجهڻ گهربو هو.“ جـَـيسـِـينه وراڻيو ته: ”اي راجا جي نياڻي! اسان کي پنهنجي نڪاح ٻـَـڌي حلال عورت کان سواءِ ڪنهن به نامحرم عورت سان ميل ميلاپ رکڻ جي مجال نه آهي. هيءَ ڪم اسان کان نه ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته اسين برهمڻ راهب ۽ پرهيزگار آهيون. بزرگن، پرهيزگارن ۽ آزاد عالمن کي اهڙا ڪم ڪرڻ نه جڳائين. خبردار! متان اسان کي هن وڏي گناهه ۾ ڦاسايو اٿيئي.“ هن (چڱي) گهڻيون ئي نيزاريون ڪيون، پر (جيسينه) به توجهه ڪونه ڪيو، ۽ کيس ٽي تريون هڻي ڇڏيائين.

چڱيءَ جو جـَـيسـِـينه کان نااميد ٿيڻ

نا اميد ٿيڻ تي چڱيءَ چيو: ”اي جـَـيسـِـينه! مون کي هن دلي ارادي، ]230[ نفساني لذت ۽ روحاني خواهش کان محروم سو ڪيو اٿيئي، باقي مان به پاڻ تي واجب ٿي سمجهان تي پهريائين توکي برباد ڪنديس، تنهن کان پوءِ پاڻ کي باهه جي خوراڪ بنائينديس.“ پوءِ پنهنجي جاءِ تي موٽي آئي، ۽ ننڊ جا ڪپڙا پهري بستري تي ليٽي پيئي. هوءَ شام کان صبح تائين (برهه) جي باهه ۾ پچي ۽ پڄري رهي هئي، ۽ هيءُ بيت (1) ٿي پڙهيائين:

رباعي

”تا عشق و جمال تو شده دل سوزم،

وين شمع جمال تـُـست جان افروزم.

انصافم ده، و گـرنه فرياد کنــــم،

خود را و ترا و شهر درهم سوزم.“

]دلدار تنهنجي عشق منهنجي دل کي آ ســاڙيـــو،
آ، سونهن تنهنجي شمع مثــل
جان کي ڳــاريـــــو.
آءٌ دانهن ڪنديس جلندو جنهن ۾ شهر ۽ تون مان،
نه  تــه مـنـهنجـا سـڄڻ مون کي اچي جــلـد جيــاريـــو.[

ٻئي ڏينهن جڏهن ستارن جو بادشاهه (سج) آسمانن جي برجن مان نڪتو ۽ سـُـرمائي پردو ڦاڙي ڦٽو ڪيائين(1) تڏهن به چڱي سـُـتي رهي. شراب جو نشو، جدائيءَ جي نشي سان شامل ٿيل هو ۽ منجهند تائين ڪپڙو پايو پيئي هئي. هوڏانهن راجا دروهر جي هيءَ حالت هوندي هئي جو جيستائين سندس ڀيڻ چڱي نه ايندي هئي ۽ سندس منهن نه ڏسندو هو، تيستائين کاڌو پيتو نه کائيندو هو. سندس ڏاڍي عزت ۽ تعظيم ڪندو هو. سو اٿي ڀيڻ جي جاءِ تي ويو. هن کي غمگين ۽ پريشان ڏسي چيائين ته: ”اي ڀيڻ! راجا جي ڌيءَ! توکي ڇا ٿيو آهي جو تنهنجو لالي جهڙو منهن ميرو ۽ هيڊو ٿي  پيو آهي؟“ (جواب): چڱيءَ چيو ته: ”اي راءَ زادا! هن کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿيندو جو هن بيوقوف سنڌيءَ جيئن ته مون کي عيش عشرت جي محفل ۾ ڏٺو آهي، سو ڪالهه رات حرمسراءِ ۾ لنگهي اچي مون کي پاڻ ڏانهن ڪوٺڻ لڳو، ۽ منهنجي نيڪ بختي ۽ پاڪ دامنيءَ جي دامن کي جو ڪڏهن به پليديءَ جي غبار سان ميرو نه ٿيو هو، ۽ منهنجي پرهيزگار نفس ۽ صاف عزت کي، پنهنجي گناهه جي گندگيءَ سان گندو ڪرڻ ۽ منهنجي پاڪائي جي پردي کي چاڪ ڪرڻ چاهيائين. راجا کي هن کان منهنجو بدلو وٺڻ گهرجي، جيئن هن کان پوءِ ڪوبه نالائق هن قسم جي خيانت ۽ دست درازي جي جرات نه ڪري سگهي.“ دروهر جي غضب جي باهه ڀڙڪي ۽ ڀيڻ کي چيائين: ”هو اسان جو مهمان آهي، ۽ ]پڻ[ راهب ۽ ]231[  برهمڻ، پڻ اسان کي وسيلو ورتو اٿس، ۽ اسان کان مدد گهري رهيو آهي. اٽڪل هڪ هزار جنگي جوان ساڻ اٿس، تنهن ڪري کيس ڪـُـهي نه سگهبو، جو اسان جي طرف جا ٻيڻا ٽيڻا ماڻهو ڪسي ويندا. پر سندس ڪهڻ لاءِ رٿ ڪريان ٿو. تون اٿي کاڌو کاءُ. جنهن صورت ۾ ڪابه حرڪت ڪانه ٿي آهي، تنهنڪري ڪوبه دڙڪو داٻ ڪري نٿو سگهجي.

دروهر جي جـَـيسـِـينه سان بيوفائي رٿڻ، ۽ سندس ڀيڻ چڱيءَ جو جـَـيسـِـينه سان مڪر

پوءِ دروهر گهر ۾ اچي ٻن هٿيار بند جلادن، هر هڪ ڪبير ڀدر(1) ۽ پهئو(2) نالي، کي گهرائي چيو ته: ”مان اڄ منجهند کان بعد جـَـيسـِـينه کي گهرائي مهماني ڪندس کاڌي کائڻ کان  پوءِ شراب جي مجلس ۾ خلوت ڪري جـَـيسـِـينه سان شطرنج کيڏندس. توهان ٻيئي ڄڻا هٿيارن سميت تيار رهجؤ، جڏهن آءٌ چوان، شاه مات شد، (بادشاهه مات ٿي ويو)، تڏهن توهان تراريون ڪڍي جـَـيسـِـينه کي قتل ڪري ڇڏجو.“

هن حال جي هڪ سنڌيءَ کي خبر پئجي ويئي، جو ڏاهر جو خدمتگار هو ۽ دروهر جي خاص ماڻهن سان دوستي هئس. هن هيءَ حقيقت جـيسـِـينه کي ٻڌائي، راجا دروهر جي ٺڳيءَ کان (کيس) واقف ڪيو. کاڌي وقت جڏهن دروهر جو معتمد جـَـيسـِـينه کي سڏڻ آيو، تنهن وقت پنهنجن جانبازن جي سردارن مان (ٻن) ٺڪـُـرن کي گهرائي چيائين ته: ”اي تـُـورسـِـينـہ ۽ سـُـور سينـہ!(1) مان راجا دروهر جي مهمانيءَ تي وڃان ٿو. توهان هٿيارن سميت تيار ٿي مون سان گڏ هلو. آءٌ دروهر سان شطرنج کيڏندس، ۽ توهان هوشيار ٿـِـي دروهر جي مٿان بيهي رهجو، جيئن هو نه ڪا لچائي يا ٺڳي ڪري سگهي، ۽ نه رٿي سگهي. ]232[

جـَـيسـِـينه جو ٻن هٿيار بندن سان اچڻ

اهڙي نموني سان بادشاهه جي درٻار ۾ ويا. هوڏانهن دروهر ڪنهن کي به اهڙو حڪم نه ڏنو هو ته جيسينه سان گڏ ٻئي ڪنهن کي اندر نه ڇڏجو. تنهن ڪري ٻيئي بهادر اندر هليا آيا، ۽ اوچتو ئي اوچتو اچي دروهر جي مٿان بيٺا. شطرنج پوري ٿيڻ تي دروهر هنن ]پنهنجن ماڻهن[ کي اشاري ڪرڻ لاءِ ڪنڌ مٿي کنيو پر ٻه ماڻهو هٿيارن سان تيار ۽ هوشيار بيٺل ڏسي پشيمان ٿيو، ۽ چيائين ”شـہ مات نشد، اَن گوسفند را نمي بايد کـُـشت“ (شاهه مات نه ٿيو، تنهن ڪري انهيءَ گهيٽي کي ڪهڻ نه گهرجي). جـَـيسـِـينه سمجهيو ته اهو اشارو آهي. پوءِ هو اتان اٿي پنهنجي اوطاق ۾ آيو، ۽ گهوڙن سنجڻ جو حڪم ڪيائين. ايتري ۾ جـَـيسـِـينه غسل ڪري هٿيار پهري پنهنجي لشڪر کي تيار ڪري ]گهوڙن[ مٿي ويهڻ جو حڪم ڪيو. ]هوڏانهن[ دروهر هڪ اعتماد جوڳو ماڻهو انهيءَ جاچ لاءِ موڪليو هو ته جـَـيسـِـينه ڇا ٿو ڪري. انهيءَ ماڻهو موٽي اچي چيو ته: ”خدا جي رحمت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي، جنهن جي ذات پرهيزگاريءَ جي زيور سان سينگاريل هئي. سندس بنياد سڳورو هو. سندس ڪم برا نه هئا. هميشه خوف ۽ اميد ۾ رهي طهارت ۽ پاڪيز گي جي ڪوشش ڪندو رهيو.“

(خبر): چون ٿا ته جـَـيسـِـينه غسل کان فارغ ٿي، کاڌو کائي، هٿيار پهري، (گهوڙي) مٿي ويهي، وهٽن تي سامان لڏارائي، راجا دروهر جي سراءِ جي آڏو آيو، ۽ ملاقات کان سواءِ کيس الوداع چئي، پنهنجي وڃڻ جو ڄاڻ ڪري، دوستن ۽ تابعدارن سميت روانو ٿي ويو، سڌو وڃي جالنڌر جي حد کان ڪشمير ۾ پهتو. انهيءَ بادشاهه جو نالو بلهرا (1) هو، (۽) (2) شاهه جي آستان (گادي جو هنڌ؟) کي اسـہ ڪسـہ چوندا هئا،(2) جتي هو (جيسينه) وڃي رهيو، تان جو عمر بن عبدالعزيز رضه جي خلافت ٿي، ۽ دارالخلافت جي حڪم موجب عـَـمرَو بن مـُـسلم الباهلي (1) وڃي اهو ملڪ فتح ڪيو. ]233[

 


 

(1)  هن ۽ ايندڙ صفحي تي پ، ن، ب، ڪ جي متفق پڙهڻي فوفي آهي، ر جي قوفي يا قوني، م: قوفي، جا پڙهڻي فارسي ڇاپي جي متن ۾ رکيل آهي، ڪيل ترميم لاءِ ڏسو مٿي حاشيه -1 ص 175. (ن-ب) 

(1)  يعني راتو واهه

(2)  هي پڙهڻي پ مطابق آهي. ن، ر، جتور، ب، س، چتور.

(3)  فارسي ڇاپي جي عبارت، جيسيـہ ودکيہ“ جا شايد پ مطابق آهي. ر، م، جيسہ دوکيہ، ن، ب، ح، جيسيہ ووکيہ. اسان هن آخري پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته وکيہ“ يعني وڪيو قديم سنڌي نالو آهي. (ن-ب)

(4)  هن نالي جي پڙهڻي ن، ب، ح مطابق ڏني وئي آهي ۽ فارسي ڇاپي ۾ پڻ اها پڙهڻي قائم رکيل آهي، ر، م، نزول صندل، پ، ڪ، نزوانـہ هدل، س، بزوالہ صدل (ن-ب)

(5)  هن ۽ ايندڙ صفحي تي پ، ن، ب، ڪ جي متفق پڙهڻي فوفي آهي، ر جي قوفي يا قوني، م: قوفي، جا پڙهڻي فارسي ڇاپي جي متن ۾ رکيل آهي، ڪيل ترميم لاءِ ڏسو مٿي حاشيه -1 ص 175. (ن-ب)

(1)  هت لفظ ”عجبي“ آهي ۽ هيٺ ”عجب“ يعني عجيب شيءِ. ٻهراڙيءَ جي زبان ۾ ”عجيب شيءِ کي ”شرڪت“ چوندا آهن، ۽ اسان به اهو لفظ ترجمي ۾ رکيو آهي (مترجم)

(1)  سورهِ الاَحزاب: رڪوع-3. (ن-ب)

(1)  چڱي فارسي دان ڪانه هئي، غالبا=، مراد ته هن رباعي واري معنيٰ ۾ ڪو بيت پئي پڙهيائين. حقيقت ۾ هيءُ افسانوي رنگ، فارسي مترجم جي ايجاد آهي. (ن-ب)

(1)  يعني سج ڪني ڪڍي ۽ صبح ٿيو، (مترجم)

(1)  اصل ۾ ”ڪبير بهدر“ جا پڙهڻي ر، م مطابق آهي، ن، ب، ح، ڪ ۾ فقط ”سهل“، پ: بهل روز س: سهيل

(2)  ”پهئو“ پڙهڻي ر، م مطابق آهي، پ: لهؤ، ن، ب، ح، ڪ: بهو، س: مسهو.

(1)  اصل متن توڙي نسخن ۾ هنن نالن جي پڙهڻي ”تورسيہ و سورسيہ“ آهي. ”سيہ“ در اصل ”سينہ“ (يعني شينهن) آهي ۽ انهيءَ ڪري اسان ٻنهي نالن ۾ ”ن“ وڌايو آهي. ر م، جي پڙهڻي ”تورسيہ“ جي بدران ”کورسيہ“ آهي، مگر ”توريسنہ“ وڌيڪ صحيح آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ بعضي بهادري جو داد ڏيندي چوندا: ”واه تورسنگ“. چوندا آهن مڙس ته ”مڙس تورسنگ آهي“ يعني بهادر ۽ پهلوان آهي. ”سنگ ساڳيو سينه يا شينهن جي معنيٰ ۾ آهي. (ن-ب)

(1)  فارسي ڇاپي مطابق ”بلهرا“، جا غالباً پ جي پڙهڻي آهي، ن، م: بلهر، ر: بمهر. (ن-ب)

(2)-(2)  اصل فارسي عبارت: اسہ کسہ اَستان شاه گفتندي جنهن جو مدار غالباً پ تي آهي. اسہ کسہ“ جي بدران ر، م: انسہ کسہ، ن، ب، ح: سہ کسہ، س: اسر کسر، (ن-ب)

(1)  فارسي متن ۾ ”عمرو بن سلم اعليٰ،“ ن جي پڻ اهائي پڙهڻي آهي، ر: عمرو بن مسلم، جو صحيح آهي، اعليٰ، در اصل ”الباهلي“ جي تصحيف آهي، سڄو صحيح نالو عمرو بن مسلم الباهلي آهي، ڇاڪاڻ ته عمر بن عبدالعزيز رضه جي خلافت ۾ اهوئي سنڌ جو گورنر هو. ڏسو آخر ۾ حاشيه ]233[. (ن-ب)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org