200/
]185 [ڏاهر
جو سر پڻ هن (عمرو بن خالد) ئي ٻه اڌ ڪيو: مؤرخ
بلاذري لکي ٿو ته المدائني جي روايت موجب ڏاهر کي
بنو ڪلاب قبيلي جي هڪ شخص قتل ڪيو (فتوح البلدان،
ص 438). فتحنامي ۾ هيٺ هن صفحي تي عمرو بن خالد جي
حجاج سان ڪيل گفتگو ڏنل آهي ۽ صفحي 200 تي اهي شعر
ڏنل آهن جي هن حجاج آڏو ڏاهر جي سر پيش ڪرڻ وقت
پڙهيا. اهي ساڳيا شعر بلاذري مٿي ڄاڻايل صفحي تي
بنو ڪلاب قبيلي جي انهيءَ شخص ڏانهن منسوب ڪيا آهن
جنهن ڏاهر کي قتل ڪيو هو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته
عمرو بن خالد، بنو ڪلاب جي قبيلي مان هو ۽ هن ئي
ڏاهر کي قتل ڪيو. البت بلاذري (فتوح البلدان، ص
438-439) ٻي هڪ روايت ابن الڪلبي جي پڻ نقل ڪئي
آهي جنهن موجب القاسم بن ثعلبه بن عبدالله بن حسن
الطائي، ڏاهر کي قتل ڪيو. مگر ابن الڪلبي جي ڀيٽ ۾
مشرقي فتحن جي سلسلي ۾ المدائني جي روايت زياده
معتبر آهي، فتحنامي جي بيان توڙي بلاذري جي
المدائني واري روايت، انهن ٻنهيءَ جي مطابقت مان
تصديق ٿئي ٿي ته عمرو بن خالد ڪلابي ئي ڏاهر کي
قتل ڪيو. (ن-ب)
201/ ]185[
محمد بن قاسم هن (ڏاهر جي زال لاڏي) کي خريد ڪري
پنهنجي زال بنايو: اهو صحيح نه آهي. تفصيل لاءِ
ڏسو مٿي ص 300، بسلسلي نوٽ ص 123/ ]94[.
(ن-ب)
202/ ]188[
زِياد بن الحـَـوارِيَ الـَـعتـِـڪي: اصل فارسي
متن ۾
”العتڪي“
جي بدران
”العبدي“
آهي، مگر انهيءَ نسبت سان اهو نالو ڪنهن به تاريخ
۾ نظر نٿو اچي. البت الحواري بن زياد بن عمرو
العتڪي، بـَـنـُـوالعـَـتـِـيڪ بن الازد قبيلي مان
هڪ مشهور شخص ٿي گذريو آهي، ۽ الحواري جو پيءُ
زياد، حجاج جي طرفان
پوليس جو چيف
هو (ابن دريد، ڪتاب الاشتاق، ص 284). غالباً زياد نه، مگر سندس پٽ الحواري، جو زياده مشهور آهي، سو محمد
بن قاسم جي لشڪر ۾ شامل هو، ۽ انهيءَ ڪري متن ۾ به
صحيح نالو
”الحواري بن زياد العتڪي“ هئڻ گهرجي. (ن-ب)
205/ ]190[
حجاج جي پنهنجي نياڻي محمد بن قاسم کي ڏيڻ جي
روايت: هي حڪايت تاريخي اعتبار سان بلڪل غير معتبر
آهي، جيئن ته مٿي ص 299 نوٽ ص 123/ ]94[
تي تفصيل سان واضح ڪيو ويو آهي. (ن-ب)
209/ ]194[
نفط ۽ زرنيخ: اصل فارسي متن ۾
”زرنيخ“
جي بدلي
”فرداخ“
آهي، جو هڪ مبهم لفظ آهي. متن ۾ هن صفحي جي حاشيه
هيٺ اسان واضح ڪيو آهي ته
”نفط
۽ زرنيخ“
هڪ قديم ڪيميائي اصطلاح آهي، ۽ ٻنهي لفظن ۾
پڇاڙيءَ واري
”خ“
ڏيکاري ٿي ته
”فرداخ“،
”زرنيخ“
جي بگڙيل صورتخطي آهي. هوڙي والا (ص 93) فرداخ يا
فرداج کي
”غرواه“
يا
”غراوه“
يا
”عراده“
جي بگڙيل صورت سمجهي ٿو جا قياس ويجهو ناهي. اول
ته ٻنهي لفظن جي آخر م
”خ“
۽
”ه“
اکرن ۾ ڪا اهڙي مناسبت ئي ڪانهي جا ڪاتب جي غلطي
جو سبب بنجي، ٻيو ته خود هوڙي والا جي بيان مطابق
غرواه، غراوه، يا عراده جي معنيٰ پٿر آهي، مگر
فتحنامي جي عبارت مان صاف ظاهر آهي ته هيءَ شيءِ
رات جي لڙائي ۾
”نفط“ (يعني پيٽرول يا
naptha
تيل) سان گڏ استعمال ڪئي وئي. پٿرن جو تيل سان گڏ
استعمال بي معنيٰ آهي، ۽ انهيءَ ڪري صحيح لفظ
زرنيخ ئي آهي يعني هڙتال، جو معدنيات مان آهي ۽
باهه جي الن ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. (ن-ب)
210/ ]195[
راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي
”حسنـہ“
نالي پڻ انهن ۾ هئي:
”حسنه“
نالو عربي آهي جو ڏاهر جي ڀاڻيجي جو ٿي نٿو سگهي.
ممڪن آهي ته سندس نالو اهڙو هجي جنهن جي، معنيٰ
عربيءَ ۾
”حسنہ“
(سهڻي) هجي. مگر فتحنامي مان، سواءِ
”مايين“
جي ڏاهر جي ٻي ڪنهن به ڀيڻ جو نالو ثابت ڪونهي، ۽
انهيءَ کي پڻ راجا ڏاهر پنهنجي زال بنايو هو.
انهيءَ حالت ۾ راجا ڏاهر جي هيءَ ڀاڻيجي ڪٿان پيدا
ٿي! موجوده صورت ۾ هيءَ روايت بلڪل غير معتبر
معلوم ٿئي ٿي. (ن-ب)
210/ ]196[
پوءِ اجازت موجب عبدالله انهيءَ (حسنہ)
کي نڪاح ۾ آندو: هيءَ ساڳي
”حسنه“
آهي جنهن جو ذڪر مٿئين نوٽ ۾ اچي چڪو آهي. هيءُ
بيان به هڪ افسانو آهي. اول ته عبدالله بن عباس
رضه، وليد جي ڏينهن کان اڳ سن 68 ۾ وفات ڪري چڪو
هو ۽ انهيءَ ڪري
”حسنه“
سان عبدالله نه پر سندس پٽ علي بن عبدالله، جو
وليد جي ڏينهن ۾ زندهه هو، تنهن شادي ڪئي هوندي.
مگر اهو گمان به فتحنامي جي هن کان اڳ آيل (ص 207)
بيان جي خلاف ٿيندو، جنهن موجب خود ڪعب بن مخارق
(جو ان وقت خليفي وليد وٽ موجود هو) جي زباني بيان
ٿيل آهي ته خليفي، ڏاهر جي ڀاڻيجي سندس حوالي ڪئي
۽ هن ساڻس شادي ڪئي مگر کيس منجهانئس اولاد ڪونه
ٿيو. (ن-ب)
211/ ]197[
نافع سن ٽيانوي ۾ لکيو: خاطريءَ سان چئي نٿو سگهجي
ته هيءُ نافع جو حجاج جو ڪاتب يا سيڪريٽري هو، سو
ڪير هو. هيٺيان نافع نالي شخص لڳ ڀڳ انهيءَ زماني
جا آهن: (1) نافع بن جبير بن مطعم، جو تابعي هو ۽
سن 99 هه ۾ وفات ڪيائين. (2) نافع مولي آل زبير،
جو تاريخ جي مشهور راوين مان هو. (3) نافع بن
الحارث بن ڪلدة،
زياد جو ڀاءُ. (4) نافع بن هرمز مولي عبدالله بن
عمر رضه، جو پڻ تابعي ۽ حديث جي معتبر راوين مان
هو، ۽ حضرت عمر بن عبدالعزيز کيس نبي
ﷺ
جي سنت سيکارڻ لاءِ مصر ڏانهن موڪليو هو، سن 117
يا 120 هه ۾ وفات ڪيائين. ممڪن آهي ته هيءُ پويون
نافع هن خط جو لکندڙ هجي. والله اعلم بالصواب.
(ن-ب)
213/ ]199
[هيءُ اهي مسلمان زالون آهن جن حجاج جو نالو وٺي ٿي دانهون ڪيون: هي ڏاهر جي
وزير سياڪر جي زباني آهي جنهن ڏاهر جي قتل بعد
محمد بن قاسم آڏو پيش پوڻ وقت اهي زالون حاضر
ڪيون. مٿي ص 120 تي ڄاڻايل آهي، ته جهازن جي ڦرجڻ
وقت، بني عزيز قبيلي جي هڪ عورت هئي، جنهن حجاج جو
نالو وٺي واهر لاءِ سڏ ڪيا. البت اڳتي وري ڄاڻايل
آهي ته ديبل اندر قيد ۾ جملي مسلمان زالن حجاج جو
نالو وٺي واهر لاءِ سڏ ڪيا. ان بعد ص 135 تي بيان
ٿيل آهي ته جڏهن محمد بن قاسم ديبل فتح ڪيو تڏهن
مسلمان زالون ۽ مرد، جيڪي سرانديپ وارين ٻيڙين مان
قيد ٿيا هئا يا جيڪي بديل جي لشڪر مان قيد ٿيا
هئا، سي سڀئي آزاد ڪيا ويا. وزير سياڪر جي مٿئين
بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته گرفتار ڪيل قيدين مان ڪي
چند زالون خود راجا ڏاهر وٽ قيد هيون جي سندس قتل
بعد وزير سياڪر جي پيش پوڻ وقت حاضر ڪيون ويون.
214/ ]201[
جلوالي: هن صفحي تي اصل فارسي متن ۾
”برشط
نهر جلوالي“
(يعني جلوالي نهر جي ڪپ تي) لفظ آيل آهن، جنهن مان
صاف ظاهر آهي ته
”جلوالي“
مهراڻ درياءَ جي ڪا هڪ ننڍي شاخ هئي. انهيءَ لحاظ
سان هن ساڳئي صفحي تي”آبگير جلوالي“ مان مراد
”جلوالي
جو ڍورو“
آهي. وري صفحي 228/
]216[ تي اصل فارسي متن
”جوئي
جلوالي“ (يعني جلوالي جو ڍورو يا نهر) جو ذڪر
آهي.
زير بحث صفحي مان پڻ ظاهر آهي ته نهر جلوالي، برهمڻ آباد جي شهر جي اڀرندي
طرفان وهندڙ هئي ۽ محمد بن قاسم برهمڻ آباد تي
چڙهائيءَ وقت هن نهر جي ڪناري تي اچي ڪئمپ ڪئي.
هي قديم نالو
”جلوالي“
(پاڻيءَ واري) غالباً
آهسته آهسته ڦري
”جرواري“
۽
”جراري“
ٿيو.
”ڄراڙي“
جو ڳوٺ ۽ ديهه (شهدادپور کان 10 ميل اوڀر طرف) اڄ
ڏينهن تائين مهراڻ جي انهيءَ قديم ڍوري يا شاخ جي
قديم نالي جي يادگار طور موجود آهي. ڄراڙي وٽ
انهيءَ قديم ڍوري جا نشان هن وقت به نمايان طور
نظر اچن ٿا ۽ هيءُ ڳوٺ انهيءَ قديم ڍوري جي بلڪل
ڪپ تي آهي.
ميجر جنرل هيگ، جنهن 1877 واري پئمائش
(Survey)
وقت مهراڻ جي مڙني ڍورن جي ماپ ڪئي، هن نهر جلوالي
جي مجرا ۽ پيٽ جو عرب جاگرافي نويسن جي بيانن ۽
پنهنجي معائني جي بنياد تي پورو پورو پتو ڏنو آهي.
سندس بيان موجب: هيءَ شاخ، سڪرنڊ کان 10 ميل اوڀر
طرف ڪلري وٽان مکيه درياءَ مان نڪري، هيٺ منصوره
جي اوڀر پاسي کان وهي، (ڏکڻ طرفان ور ڪري) منصوره
کان 10 ميل ڏکڻ- اولهه طرف اچي (مکيه درياءَ)
لوهاڻي ۾ گڏبي هئي. ان جي جملي ڊيگهه يقيني طور
50- ميل کن هوندي. اها شاخ عرب جاگرافي نويسن
(نقشي ۾) مهراڻ درياءَ جي پيٽ واري سڌي لائين جي
ڏاکڻي حصي ۾ اڌ گول جي صورت ۾ ڏيکاري آهي. 1.هه
(انڊس ڊيلٽا ڪنٽري، ص 135).
جلوالي جي انهيءَ قديم ڍوري جا نشان ڪٿي ڪٿي اڃا تائين موجود آهن ۽ تر جي ڪن
پيرسن ماڻهن کي اڃا تائين انهيءَ جي پراڻي پيٽ جو
پتو آهي. سرزمين تي تحقيق ڪري ان بابت وڌيڪ هيٺيان
حالات هٿ ڪيا ويا آهن، جي ميجر جنرل هيگ جي مٿئين
مختصر بيان تي وڌيڪ تفصيل سان روشني وجهن ٿا.
جلوالي شاخ مکيه درياءَ مان ڪلري وٽان نڪرندي هئي. ڪلري عرب جاگرافي نويسن
جي نقشن ۾ ڏيکاريل آهي ۽ هن وقت اهو نالو شهدادپور
تعلقي جي هڪ ديهه جي نالي ۾ محفوظ آهي، جا نواب
شاه کان 3 ميل اوڀر طرف آهي. ڪلري کان هيٺ هن ڍوري
جي ٻن وهڪرن جا نشان ملن ٿا: هڪ ٽه-گهاٽي ۽ مهرن
کان پوءِ ڪونهيري وارو کرڙو، جو شاهپور چاڪر جي
اتران، ٻرهون جي الهندي طرفان ۽ دڪاڪ جي ڀڙي جي
اوڀر طرفان اچي ٿو، ۽ ٻيو هيٺ ڏکڻ طرف سمير وارو
ڍورو. جيڪو پوءِ سمراهه ٿيو. ڪلري ۽ سمير بابت
ماموئي جي بيتن ۽ مثال مان هيٺيون قديم سنڌي بيت
شاهد آهي ته:
سمير ۾ نه ساريون ٿينديون، ڪلريءَ ۾ نه ڪماند،
هـــــاري ۽ هــــر ڏانـــــد، نه
ڄاڻــان
ڪـيهـيءَ ويــا.
شاهپور چاڪر کان هيٺ اهو قديم ڍورو ڏکڻ اوڀر طرف وهي اچي موجوده جمڙائو واهه
جي
”ڪنگ پٽي“
جي موري جي اتر طرفان اڀرندي ڏي ور کائيندو هو.
آڳاٽي وقت ۾ انهيءَ حصي کي
”نار“
سڏيندا هئا ۽ شاهپور کان جمڙائو تائين واري پٽ کي
اڃا تائين
”نار
وارو پوٺو“
ڪري سڏين ٿا. جمڙائو کان اهو ڍورو اوڀر طرف
(موجوده سنجهوري تعلقي ۾) سـِـرانڊ جي جـُـوءِ مان
وهندو هو، جتي انهيءَ وهڪري جي جهونين ڍنڍن جا
نشان آهن، جي مقامي طور
”جعفر
خان لغاري جا ڪنب“
سڏجن ٿا. سرانڊ بعد اهو ڍورو ور ڪري ڏکڻ طرف وهندو
هو ۽ انهيءَ وهڪري جا نشان ڳوٺ پليي لغاري ۽ ڳوٺ
ٻرڙا جي وچ ۾ واري جي صورت ۾
”صوڀي جي ڊٻ“
۽
”طالب
شاهه جي ڊٻ“
جي نالي سان موجود آهن. ان بعد ميتلن ۽ ڄراڙي وٽان
وهي قديم شهر منصوره وٽ غالباً
دوشاخو ٿيندو هو. مکيه شاخ شهر منصوره جي اوڀر
طرفان ۽ ننڍي شاخ اولهه طرفان وهي شهر کان هيٺ ڪٿي
وڃي گڏبيون هيون ۽ منصوره جي شهر کي ڄڻ هڪ ٻيٽ
بنائي ڇڏينديون هيون. قديم منصوره جي کنڊرات جي
اوڀر توڙي لڳو لڳ اولهه طرف، انهن ٻن شاخن جا نشان
موجود آهن. ان بعد هي ڍورو منصوره جي شهر کان هيٺ
ڏکڻ طرفان ور ڪري اولهه طرف وهي غالباً
شهبيگ مري جي ڳوٺ وٽ يا ان کان ذرا ڏکڻ طرف وڃي
مکيه درياءَ لوهاڻي ۾ پوندو هو. لوهاڻي جو شاهي
پيٽ اتي هينئر به بلڪل نمايان طور نظر اچي ٿو.
(ن-ب)
215/ ]202[
ذوالحج مهيني جي پڇاڙي ۽ آچر جو ڏينهن سن ٽيانوي
هو: فتحنامي ۾ ڏنل تاريخن ۾ وڏيون غلطيون آهن.
مثلاً
ص 197 تي ڄاڻايل آهي ته راجا ڏاهر، 10 رمضان سن 93 هه ۾ راوڙ جي
قلعي وٽ قتل ٿيو. ان بعد محمد بن قاسم بهرور ۽
دهليله جي قلعن ڏانهن روانو ٿيو. هر هڪ قلعي کي
فتح ڪرڻ لاءِ ٻه مهينا کن گهيرو ڪرڻو پيس. اتان
پوءِ برهمڻ آباد آيو، جتي سندس پهچڻ جي تاريخ وري
مهينو رجب سن 93 هه ڄاڻايل آهي (ص 215). برهمڻ
آباد کي ڇهه مهينا گهيري ڪندي گذرنس ٿا مگر، زير
بحث صفحي جي عبارت موجب، اڃا به هي سال سن 93 هه ۽
ذوالحج جو مهينو آهي.
جيڪڏهن ڏاهر جي قتل واري تاريخ صحيح قرار ڏجي، ته به
ٿلهي ليکي محمد بن قاسم رجب سن 94 هه ۾ برهمڻ آباد
پهتو هوندو ۽ ڇهن مهينن بعد ذوالحج جو مهينو سن 94
هه هوندو ۽ نه سن 93 هه- بتحقيق هوڙي والا (ص 94).
ڪيلينڊر موجب پڻ تاريخ
29 ذوالحج سن 94 (25 سپٽمبر 713ع) آچر جو ڏينهن
ٿئي ٿو. (ن-ب)
216/ ]202[
عطية تغلبي: هن جاءِ تي فارسي متن ۾
”عطية
ثعلبي“
آهي. هيءُ ساڳيو نالو هن کان اڳ ص 175 تي اچي چڪو
آهي جتي پڻ هڪ پڙهڻي
”عطيـہ
ثعلبي“
آهي مگر ر م نسخن جي پڙهڻي موجب
”تغلبي“
معلوم ٿئي ٿو. جيئن ته
”ثعلبي“
نسبت غير معروف آهي، تنهن ڪري اسان انهن ٻنهي جاين
تي
”تغلبي“
پڙهڻي اختيار ڪئي آهي.
مگر ٿي سگهي ٿو ته
”عطية
بن ثعلبي“
دراصل
”عطيةِ
بن ثعلبية“
هجي. عطية
بن ثعلبية
جو نالو تاريخ ۾ پڻ ملي ٿو. هو پوئين اموي دؤر جي
مشهور وائسراءِ ۽ ڪمانڊر يزيد بن عمر بن هبيرة
الفزاري جو ليفٽيننٽ هو ۽ يزيد بن عمر کيس ضحاڪ
خارجي جي خليفي عبيدة
جي مقابلي لاءِ ڪوفه ڏانهن موڪليو هو- ڏسو تاريخ
العيون والحدائق جلد 3، ص 164. (ن-ب)
216/ ]202[
خريم بن عمرو المدني: مٿي نوٽ ص 192/ ]174[
تي هن نالي جي نسبت متعلق ڄاڻايو ويو آهي ته
فتحنامي جون جملي پڙهڻيون
”المدني“
طرف رهنمائي ڪن ٿيون. مگر هڪ مستند تاريخي حوالي
جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته
”المدني“
دراصل
”المـُـري“
جي بگڙيل صورت آهي ۽ صحيح نالو غالباً ”خريم بن عمرو المري“
آهي. ابن عساڪر جي حوالي (التاريخ الڪبير 5
x128)
مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس سڄو نالو خريم بن عمرو
بن الحارث بن خارجة
بن سنان المري هو ۽
”خريم
الناعم“
جي لقب سان مشهور هو. حجاج وٽ سندس وڏي عزت هئي ۽
کيس وڏي ۾ وڏو شريف ڪري سمجهندو هو. هو شڪل جو
ڪارو هو مگر عقل ۾ اڪابر هو. کانئس پڇيائون ته،
نعمت ڪهڙي شيءِ آهي؟ چيائين ته پهريون امن،
ڇاڪاڻ ته ڊپ واري لاءِ لذت محال آهي، ٻيو هوند،
ڇاڪاڻ ته اڻهوند لاءِ فرحت مشڪل آهي، ٽيون
تندرستي، جو بيمار لاءِ خوشي محال آهي.
ابن عساڪر جو مٿيون حوالو ( ته حجاج وٽ خريم جو وڏو قدر هو ۽ هو کيس وڏي ۾
وڏو شريف ڪري سمجهندو هو ۽ خريم وڏو عقلمند ۽
داناءُ هو) فتحنامي ۾ خريم بابت آيل بيانن جي
تصديق ڪري ٿو. مثلاً
فتحنامي ۾ ص 130 تي خود حجاج جي زباني ڄاڻايل آهي
ته
”خريم.... سهڻين عادتن ۽ وڻندڙ اخلاقن سان سينگاريل آهي.“
وري ص 233 تي ڄاڻايل آهي ته
”خريم
هڪ داناءُ ۽ هوشيار شخص هو، ۽ تنهن سان گڏ ديندار
۽ امانت وارو هو.“
انهيءَ ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته فتحنامي ۾
”المدني“
دراصل
”المري“
جي تحريف آهي ۽ صحيح نالو خـُـرَيم بن عـَـمرو
المـُـري سمجهڻ گهرجي. (ن-ب)
216/ ]203[
راجئري: مٿين عبارت مان ظاهر آهي ته عـِـلافي،
طاڪيہ
مان ٿيندو رويم جي سرحد تي پهتو، جتان
”راجئري“
طرف خط لکيائين. عموماً،
طاڪيہ
”تڪاديش“
يا اتر پنجاب جو نالو آهي، مگر ٿي سگهي ٿو ته هت
مراد قديم تاڪيشر وارو علائقو هجي، جتان ڪشمير جو
تختگاهه راجئري تمام گهڻو پري ڪونه هو. بيروني
پنهنجي
”ڪتاب
الهند“
(انگريــزي ترجمي،
208x1) ۾ لکي ٿو ته
”(ڪـُـلارجـَـڪ
پهاڙ) هميشه تاڪيشر ۽ لوهاور جي ايراضين مان نظر
اچي ٿو....
”راجـَـوَري“
جو شهر (هن جبل جي) چوٽيءَ کان (فقط) ٽن فرسنگن جي
مفاصلي تي آهي.“
فتحنامي ۾ پڻ زير بحث صفحي تي ڄاڻايل آهي ته
”اهو
تختگاهه (راجئري) جبل ۾ آهي“،
جنهن مان تصديق ٿئي ٿي ته فتحنامي جو
”راجئري“
ساڳيو ڪشمير جو تختگاهه "راجـَـوَري" آهي جنهن جو
بيروني ذڪر ڪيو آهي. (ن-ب)
220/ ]207[
۽ لاڏي گرفتار ٿي: مٿان هلندڙ عبارت مان ظاهر آهي
ته ڏاهر جي زال لاڏي، راوڙ ۾ ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان
پوءِ برهمڻ آباد ۾ آئي ۽ قلعي ۾ جنگ جون تياريون
ڪري محمد بن قاسم جو مقابلو ڪيائين، مگر اوچتو
قلعي جو دروازو کلي ويو ۽ محمد بن قاسم جي فوج
وارن اچي لاڏيءَ کي گرفتار ڪيو. هيءَ بيان مٿي ص
201/ ]186[
واري بيان جي مخالف آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته
لاڏي، محمد بن قاسم ۽ ڏاهر جي وچ ۾ لڳل جنگ واري
ميدان تي پاڻ کي اُٺ تان هيٺ ڪيرايو ۽ محمد بن
قاسم جي ماڻهن هٿان گرفتار ٿي. وري ص 221/
]208[ تي ٻيو متضاد بيان ڏنل آهي ته برهمڻ آباد جي قلعي فتح ٿيڻ بعد
محمد بن قاسم ۽ برهمڻن جي وچ ۾ عهدنامو ٿيو ۽ ان
بعد انهيءَ عهدنامي جي بنياد تي ئي برهمڻن لاڏيءَ
کي بهري مان ڪڍي محمد بن قاسم جي آڏو پيش ڪيو.
فتحنامي جي انهن متضاد حوالن مان ظاهر آهي ته لاڏيءَ جي گرفتاري ۽ ان بعد
محمد بن قاسم جي ساڻس شادي وارا جملي بيان ضعيف ۽
هڪٻئي جي مخالف آهن ۽ انهيءَ ڪري تاريخي اعتبار
کان غير معتبر. (ن-ب)
220/ ]207[
ڏاهر جي زال لاڏي قلعي ۾ آهي: ڏاهر جون ٻه ڌيئون
پڻ ٻين زالن جي وچ ۾ منهن ڍڪيو بيٺيون هيون، جن کي
هڪ خادم جي حوالي ڪري جدا ويهاريائين: يعني محمد
بن قاسم کي معلوم ٿيو ته ڏاهر جي زال لاڏي قلعي ۾
آهي، باقي ڏاهر جون ڌيئون گرفتار ٿيل زالن ۾ موجود
هيون جن کي محمد بن قاسم جدا ڪري ويهاريو. فتحنامي
۾ هن قسم جون حڪايتون محض هڪ افسانو آهن. لاڏيءَ
متعلق متضاد بيانن تي مٿئين نوٽ ۾ تبصرو ڪيو ويو
آهي. هت راوي، هن حڪايت کي دلچسپ بنائڻ لاءِ
لاڏيءَ کان علاوه ڏاهر جي ٻن ڌيئن کي پڻ شامل ڪيو
آهي. ڏاهر جون ڪي ڌيئون گرفتار ٿين ها ته عرب مؤرخ
ان اهم واقعي جو ضرور ذڪر ڪن ها، مگر ڪنهن به عربي
تاريخ ۾ اهڙو ذڪر موجود ڪونهي. خود فتحنامي جي
صفحي 219 تي هنن حڪايتن جي شروعات ئي هن طرح ڪئي
وئي آهي ته
”برهمڻ
آباد جي مکيه ماڻهن کان ڏند ڪٿائن ۾ آڻين ٿا (در
اقاويل مي آرند)“-
انهيءَ ڪري اهي حڪايتون ۽ بيان محض چـَـوَڻيون ۽
ڏند ڪٿائون ئي سمجهڻ گهرجن. (ن-ب)
(وڌيڪ پڙهو) |