انهيءَ قديم ڍوري جي رخ
۽
رستي جي لحاظ سان،
”بهراور“
مان
”ڀريا“
جو گمان نڪري ٿو. بهلاڻي ڪافي پراڻي بستي آهي، ۽
جيئن هالاڻي (=هالا
قوم جي بستي) تي هالا قوم جو پويان نالو پيل آهي
تيئن ممڪن آهي ته بهلاڻي (ڀلائي=
ڀراڻي=
ڀرياڻي) تي ڀريا قوم جي پويان اهو نالو پيل هجي.
انهيءَ گمان موجب بهلاڻي توڙي ڀريا، اهي ٻئي نالا
ڀريا قوم جي بستين پويان پيل ٿا ڀانئجن، ۽ ڀريا
قوم به سهتن ۽ لاکن وانگر غالباً
سنڌ جي هڪ آڳاٽي قوم هئي. ٿي سگهي ٿو ته
”بهراور“
(ڀراور= ڀريا) ڀريا قوم جي ڏاکڻي بستي هجي، جا موجوده ڀريا شهر
جي آسپاس هئي. سر زمين تي تلاش ۽ تحقيق ڪرڻ مان
معلوم ٿيو ته اهو قديم ڍورو جنهن جا نشان شهر ڀريا
جي اوڀر طرفان موجود آهن، انهيءَ جي ڪناري تي قديم
کنڊرات موجود آهن. انهن کنڊرات مان ڪافي عربي سڪا
توڙي ٻيا قديم سڪا لڌا آهن جي محترم سيد امام علي
شاهه، ڀريا جي رئيس وٽ موجود آهن، ۽ انهن سڪن مان
پڪي ثابتي ملي ٿي ته اهي قديم بستيون عرب دؤر کان
اڳ توڙي عرب دؤر ۾ موجود هيون. ساڳيءَ طرح موجود
بهلاڻي به قديم کنڊرات تي ٻڌل آهي، ۽ انهيءَ ڪري
فتحنامي جو
”بهراور“
غالباً
ڀريا جي لڳ هو، يا بهلاڻي وٽ هو. والله اعلم
بالصواب.(ن-ب)
234/
]221[
هو (گوپي) چوندو ٿي رهيو ته راجا ڏاهر اڃا جيئرو
آهي-الخ: مٿي ص 212-211/
]197-198[
تي بيان ٿي آيو آهي ته گوپي کي ڏاهر جي موت جو
اطلاع خود سندس ڀاءُ جيسينه گهڻو اڳ ڏيئي ڇڏيو هو.
ظاهر آهي ته گوپي هيءَ خبر ڄاڻي ٻجهي لڪائي رهيو
هو، ۽ پنهنجي فوج توڙي عوام کي ڏاهر جي زندهه هئڻ
۾ مدد وٺي اچڻ جي اميد ڏياري، سندن دل مضبوط ڪري
رهيو هو ته من مقابلي لاءِ تيار ٿي بيهن. (ن-ب)
238/
]226[
کيس ٻه ڪنگڻ هئا: يعني ته اروڙ جي بتخاني نوبهار ۾
رکيل مورتي کي ٻه سونا ڪنگڻ پيل هئا. انهن آڳاٽن
مندرن جي مورتين جي ٻانهن ۾ ڪنگڻ يا ڪنن ۾ واليون
انهن مورتين جي قدامت جو نشان هيون، ۽ هڪ هزار
ورهيه گذرڻ بعد مورتيءَ کي هڪ ڪنگڻ يا والي پارائي
ويندي هئي. ابن خلڪان لکي ٿو ته:
”انهن
والين جي مقصد، يعني ته هڪ هزار ورهين بعدي هڪ
والي پهرائڻ، بابت اڪثر حوالا ملن ٿا، جي مورتين
جي والين متعلق آهن. چون ٿا ته محمود (غزنوي)
سومناٿ جي بت تي ٽيهه واليون پاتل ڏٺيون ۽ کيس
ٻڌايو ويو ته هر هڪ والي هڪ هزار ورهيه جي پوڄا جي
نشاني آهي (وفيات الاعيان، 2x85).
ابن خلڪان جي هن بيان مان گمان نڪري ٿو ته محمد بن
قاسم جي فتح وقت اروڙ جي بتخاني واري مورتيءَ کي
به ٻن هزارن کان مٿي ورهيه گذري چڪا هئا. (ن-ب)
4-243/
]232[
ڪبير ڀدر ۽ پهئو: هوڙي والا جي گمان ۾ شايد اهي
نالا دراصل
”ڪالـِـڀدر“
يا
”ڪالـَـڀدر“
(Kalibhadra or Kalabhadra)
۽
”ڀـَـيرَوَ“
(Bhairav)
هجن. (هوڙي والا، ص 97)
245/
]233[
(جيسينه) هلندو وڃي جالنڌر جي حد کان ڪشمير ۾
پهتو. انهيءَ بادشاهه جو نالو بلهرا هو،(۽)
شاهه جي آستان (گاديءَ جو هنڌ؟) کي اسـہ
ڪسـہ
چوندا هئا، جتي هو وڃي رهيو، تان جو عمر بن
عبدالعزيز رضه جي خلافت ٿي: جملي نسخن ۾ اصل فارسي
عبارت مبهم ۽ منجهيل آهي ۽ غالباً ان ۾ ڪي لفظ کٽل آهن ۽ ڪن لفظن جون اصل پڙهڻيون بگڙيل آهن.
بهرحال، زير مطالع نسخن جي پڙهڻين موجب معنيٰ هتي
اهائي ٿيندي جا مٿي ڏني وئي آهي. البت هيٺيان نقطا
غور طلب آهن:
(1) ر ۽ م جي پڙهڻي
”ڪشمير“
جي بدلي
”ڪسـہ“
آهي:
”ڪسـہ“
مان مراد
”ڪشمير“
ئي آهي، جا ٻين باقي نسخن جي پڙهڻي آهي. هوڙي والا
(ص 98) لکي ٿو ته:
”ڪسـہ
جو ملڪ“
مان مراد غالباً
ڪشمير آهي، يعني ته
”کسا“
(Khasa)
يا
”کشا“ (Khasha)
ماڻهن جو ملڪ، جن جو ذڪر
”راجترنجني“
۽ ٻين سنسڪرت ڪتابن ۾ ملي ٿو. انهن ماڻهن جي باري
۾ چيل آهي ته
”اهي
پير پنتسال“
جبلن جي ڏکڻ- اولهه طرف جهلم، لوهر ۽ ڪشتوار
(Kishtwar)
جي وچ وارين ماٿرين ۾ رهندا هئا. انهن کي موجوده
”ککا“
(Khakha)قوم
سان مسـَـحض ڪري سگهي ٿو جنهن مان، ڪشمير جي هيٺان
”وِتستا“
(Vitasta)
ماٿري ۾ رهندڙ جملي ننڍا سردار ۽ مکي ماڻهو آهن“
(بحواله سر آرل سٽين، حاشيه راجترنجني، انگريزي
ترجمو، ڪتاب- ا، بيت 317). بقول سر جارج گريئرسن،
کسا (قوم جا ماڻهو) نه صرف ڪشمير ۾ آهن مگر
”ڪـُـمائون“
۽ گهاروال ۾ پڻ موجود آهن.
”آريائي
زبان ڳالهائيندڙ جملي ماڻهو، جي هماليه جي هيٺين
ڀاڱي ۾، ڪشمير کان وٺي دارجيلنگ تائين، رهن ٿا سي
”کسا“ نسل مان آهن.“
(Indian Antiguary, 1914, p 151)
(2) ڪشمير جي بادشاهه جو نالو
”بلهرا“
به ڪافي منجهائيندڙ آهي. ضروري آهي ته
”بلهرا“
ڪشمير جي ڪنهن راجا جو ذاتي نالو تسليم ڪجي ۽ نه
لقب، ڇو ته
”بلهرا“
دکن جي راجائن جو لقب هو، جن جي گادي جو هنڌ
”مانکيڙ“
هو، جنهن جي مسعودي وغيره عرب عالمن جي بيانن مان
پوري تصديق ٿئي ٿي.
مگر موجوده تحقيق مطابق ان وقت ۾ ڪشمير جي ڪنهن به
”بلهرا“
نالي راجا جو پتو نٿو پوي. سنڌ ۾ محمد بن قاسم جي
فتحن جو سلسلو سن 712ع کان شروع ٿئي ٿو. جيسينه
تقريباً
14/713ع
ڌاري وڃي ڪشمير ۾ پناهه ورتي هوندي. مگر ان وقت
ڪشمير ۾
”ڪارڪوته“
(Karkota)
گهراڻي جي حڪومت هئي. انهيءَ گهراڻي جو راجا، جو
ان وقت حڪمران هو، تنهن جو نالو
”لـَـلـِـتادِتيه مـُـڪتاپيد“
هو، جنهن جي حڪومت جو عرصو اندازاً 713ع کان 750ع تائين چيو وڃي ٿو. (ڏسو
”ري“
جي
”گهراڻي
وار تاريخ“،ص
72، بحوالي راجترنجني). ان راجا کان اڳ جي راجا جو
نالو
”جـَـياپـِـيد“
چيو وڃي ٿو (بارنيٽ، ص 61). مگر جيئن ته ڪشمير جي
انهن آڳاٽن راجائن جي سلسلي توڙي سندن متن جي
تحقيق اڃا تڪميل تي نه پهتي آهي، انهيءَ ڪري ٿي
سگهي ٿو ته فتحنامي جو هي قديم حوالو نسبتاً
صحيح هجي.
(3) شاهه جي آستان کي
”اسـہ
ڪسـہ“
چوندا هئا. فارسي متن ۾ اصل عبارت هن طرح آهي:
”اسـہ کسہ آستان شاه گفتندي.“
هن عبارت ۾ پڻ خلل آهي، ۽ معنيٰ صرف ظاهري الفاظ
موجب ڪئي وئي آهي.
”اسـہ
ڪسہ“
نالي ڪشمير جي گادي جو ڪنهن به ٻئي ماخذ مان پتو
نٿو پوي. يارهين صديءَ جي شروع ۾ ڪشمير جي گادي
”رَاجوَرِي“
هو، جيئن بيروني لکيو آهي (ڏسو مٿي نوٽ ص 331). پڻ
بيروني چوي ٿو ته
”بلور
شاهه، شڪنان شاهه ۽ وخان شاهه ڪشمير جي اولهه طرف
آهن“ (ڪتاب الهند، عربي متن ص 101، انگريزي ترجمو 2x206).
ممڪن آهي ته
”آستان شاه“
به اهڙي طرح ملڪ جي ڪنهن ڀاڱي جو نالو هجي. هوڙي
والا (ص 98) جي خيال ۾،
”آستان
شاه“
شايد
”آدشتان
شاه“
جي بگڙيل صورت آهي، ڪشمير جي گاديءَ جو هنڌ
”آدشتان“
جي نالي سان سڏبو هو (بحواله ايليٽ- ڊائوسن 1x64)
مگر پروفيسر سخاؤ جي وضاحت موجب
”آدشتان“
دراصل سنسڪرت لفظ
”آڌشٿان“
(Adhishthan)
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
”گاديءَ
جو هنڌ يا مکيه شهر“
(ڏسو ترجمو ڪتاب الهند، 2x181).
اسان ترجمي ۾ پڻ انهيءَ لحاظ سان معنيٰ ڪئي آهي:
آستان شاه=
شاه جو آستان، يعني شاهه جي گاديءَ جو هنڌ.
(4) هت ڏنل بيان مان ظاهر آهي ته جيسينه سنڌ ڇڏي وڃي ڪشمير جي راجا وٽ پناهه
ورتي ۽ ويندي حضرت عمر بن عبدالعزيز جي دؤر خلافت
تائين اتي ئي رهيو. مٿي ص 17-216/
]203[
تي جيسينه جو علافي سان گڏجي سنڌ ڇڏڻ واري بيان
مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته ڄڻ جيسينه چتور ۾ ترسي
پيو ۽ علافي کانئس جدا ٿي ڪشمير ڏانهن روانو ٿيو.
مگر هيٺ انهيءَ عبارت ۾ هڪ فقرو آهي ته
”پوءِ
اتان راجئري طرف خط لکيائون.“
فعل
”لکيائون“
جي جمع واري صيغي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪشمير ۾
علافي سان گڏ شايد جيسينه به شامل هو. پڻ ص 216 تي
جملي قلمي نسخن مطابق عنوان هن ريت آهي "جيسينه جو
ڪشمير جي راجا ڏانهن وڃڻ" حالانڪ انهيءَ عنوان هيٺ
ڏنل بيان ۾ جيسينه نالو ڏنل ڪونهي. اسان انهيءَ
متعلق متن ص 216 جي حاشيه- 1 ۾ ڄاڻايو آهي ته شايد
هيٺ ڏنل بيان ۾ جيسينه نالو حذف ٿي ويو آهي. جيئن
ته هن زير بحث صفحي جي عبارت مان جيسينه جو ڪشمير
وڃڻ صاف ظاهر آهي، انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته ص
216 واري عنوان هيٺ ڄاڻايل بيان ۾ ڪا غلطي آهي،
جنهن سبب جيسينه جو نالو رهجي ويو آهي. مجموعي طرح
سان فتحنامي جي هنن حوالن مان جيسينه جي ڪشمير وڃڻ
جي تائيد ٿئي ٿي. (ن-ب)
245/
]233[
عمرو بن مسلم الباهلي: فتحنامي جي هن عبارت موجب
عمرو بن مسلم الباهلي، حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه
جي خلافت ۾ سنڌ جو گورنر هو ۽ ڪشمير طرف ملڪ فتح
ڪيائين. مؤرخ بلاذري جي بيان مان پڻ هن حقيقت جي
تائيد ٿئي ٿي. بلاذري (فتوح البلدان، ص 442-441)
لکي ٿو ته:
”عمر
بن مسلم الباهلي، عمر(بن عبدالعزيز رضه) طرفان
انهيءَ (سنڌ ۽ هند) محاذ جو گورنر هو ۽ هندوستان
جي ڪن ڀاڱن تي حملا ڪري فتحون حاصل ڪيائين." (ن-ب)
246/
]235[
تختگاه اروڙ- بغرور: يعني سنڌ جو تختگاهه، جنهن کي
محمد بن قاسم فتح ڪري پنهنجي تصرف ۽ تابعداري هيٺ
آندو. جيئن ته ان وقت اروڙ سان گڏ ٻيو مشهور ويجهو
شهر
”بغرور“
هو جنهن جو نظام، حڪومت جي گادي اروڙ سان وابسته
هو (فتحنامو ص 150)، انهيءَ ڪري ٻنهي شهرن کي
مجازاً
تختگاهه ڄاڻايو ويو آهي. هونءَ به سنڌ م۾ شهرن جي
ٻٽن نالن استعمال ڪرڻ جو رواج آهي مثلاً،
هالاڻي، بهلاڻي، گمبٽ- کهڙا وغيره.
”بغرور“
مان مراد بکر آهي، جنهن جي وضاحت لاءِ مٿي نوٽ ص
150/
]125[
ڏسڻ گهرجي. (ن-ب)
247/
]235[
ڪڪسو پٽ چندر پٽ سيلائج: نالو
”ڪڪسو“
شايد اصل ۾
”ڪاڪـُـتسٿَ“
(Kakutstha)
هجي، جو اهو نالو تقريباً
740-755ع ڌاري، قنوج جي پرَتـِـهارَ گهراڻي جي
راجائن ۾ ملي ٿو. راجا ڪاڪتسٿ، هن گهراڻي جي باني
راجا ناگـَـڀـَـٽَ بعد گادي تي ويٺو. (هوڙي والا ص
98، بحواله سمٿ ۽ ويديا)
248/
]236[
شعر: لاَ تـَـستـَـشـِـر غـَـير نـَـذبِ -الخ: هي
شعر ابو الفتح البـُـستي جي نونيـہ قصيدي جو آهي جنهن جي شروعات آهي: زيادِهِ المر
ِّ في دنياه نقصان.“
الدَمـِـيرِي پنهنجي ڪتاب
”حياة
الحيوان“
۾ (ثعبان) جي ماتحت هي قصيدو نقل ڪيو آهي ۽ ان کي
ابوالفتح بستي جو ئي ڪري ڄاڻايو اٿس. وڌيڪ لکيو
اٿس ته
”ڪي
چون ٿا ته هيءُ قصيدو اميرالمومنين راضي بالله
(عباسي خليفي) جو آهي“
مگر اها روايت ضعيف آهي.
”حياة
الحيوان“
۾ ڏنل قصيدي جي هيءَ پندرهين مصرع آهي ۽ ان جي
پڙهڻي
”حازِم
يـَـقـُـظ“
جي بدران
”حازم
فـَـطن“
آهي.
شاعر ابوالحسن علي بن محمد البستي، جو ابوالفتح البستي جي نالي سان مشهور
آهي، تنهن سن 400-401 هجري ۾ بخارا ۾ وفات ڪئي
(ابن خلڪان 1x357).
فتحنامو ان کان اڳ جي تصنيف آهي. انهيءَ ڪري هي
شعر فارسي مترجم پنهنجي طرفان مثال طور ڏنو آهي.
فتحنامي جي عبارت مان پڻ صاف ظاهر آهي ته نفس
مضمون سان هن شعر جو ڪوبه تعلق ڪونهي.(ن-ب)
49-248/
]37-336[سڪـہ
۽ ملتان: مٿين ٻنهي صفحن تي
”سڪہ
۽ ملتان“
جي ترجمي جي اصل فارسي عبارت
”سکـہ ملتان“
آهي، جا جملي نسخن جي متفق پڙهڻي آهي. ترڪيب اضافي
جي لحاظ سان
”سکـہ
ملتان“
جو ترجمو ٿيندو
”ملتان
جو سـِـڪـہ“،
جنهن جون ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون: (1)
”ملتان پرڳڻي جو شهر سـِـڪـہ“:
انهيءَ معنيٰ جو مثال موجوده وقت ۾ حيدرآباد سنڌ ۽
حيدرآباد دکن جي نالن ۾ موجود آهي. مگر اهڙو مثال
عرب جاگرافي نويسن جي اصطلاحن ۾ ورلي نظر اچي ٿو.
(2) ٻي معنيٰ ٿيندي
”شهر
ملتان جو سـِـڪـہ“
يعني ملتان جي وڏي شهر جو هڪ جدا ڀاڱو، جو بذات
خود هڪ ننڍو شهر هجي، جنهن کي انگريزي ۾
(Suburb)
چئجي. عربي جاگرافيائي اصطلاح ۾ انهيءَ معنيٰ جا
مثال همداني جي
”ڪتاب
البلدان“
۾ ملن ٿا- مثلاً
”سکه
اصطفانوس بالبصرة“
(شهر بصره ۾ اصطفانوس جو سڪـہ)،
”سکة
البخاريہ
بالبصره“
(شهر بصره ۾ البخاريـہ
جو سڪـہ)،
”سڪـہ
ساسان بالري“
(شهر ري ۾ ساسان جو سڪـہ).
غالباً
ملتان ۽ سڪـہ
ٻه لاڳيتا شهر هئا ۽ ٻنهيءَ جي وچان صرف راوي ندي
وهندڙ هئي، سڪہ،
راوي ندي جي ڏاکڻي ڪناري (غالباً
ڏکڻ - اولهه) تي هو، ۽ ملتان سامهون ٻئي طرف.
مٿين وضاحت مان معلوم ٿيندو ته
”سکـہ
ملتان“
جو ترجمو جيڪڏهن
”ملتان
جو سڪہ“
ڪجي ته به معنيٰ ۾ مونجهارو باقي رهندو. اسان
آسانيءَ خاطر، ترجمي ۾
”سڪہش
۽ ملتان“
رکيو آهي، جو حقيقت جي برعڪس ناهي، ڇاڪاڻ ته سڪه ۽
ملتان بهرحال ٻه الڳ شهر هئا. اهو به ممڪن آهي ته
شايد اصل فارسي عبارت ۾
”سڪـہ و ملتان“
هجي ۽ وچ وارو
”واو-
عطف“
ڪاتبن جي سهو سبب خذف ٿي ويو هجي. مؤرخ بلاذري جي
وقت م (سن 256 هه) سڪہ
جو شهر ويران ٿي ويو هو (ڏسو فتوح البلدان ص 449).
(ن-ب)
250/
]239[
سٺ هزار درهم تور چاندي تقسيم ڪئي. هرهڪ سوار کي
خاص طرح چار سوَ درهم تور چاندي ملي: غالباً
مراد آهي ته ڪن خاص سوارن جن وڏي همت ۽ بهادري
ڏيکاري هئي تن ۾ اها چاندي تقسيم ڪئي وئي، ورنه
سمجهبو ته محمد بن قاسم جي فوج ۾ جملي 150- سوار
هئا، ۽ اهو تعداد تمام گهٽ هئڻ سبب قياس ويجهو نظر
نٿو اچي.(ن-ب)
251/
]239[ راجا جوبن: هوڙي والا جي خيال ۾
هيءُ نالو
”جنبديو“ (يعني
سمديو
(Samdadeva
هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هيٺين بيانن موجب هن ئي سوني
بت وارو مندر ٺهرايو هو:
”سامبَ“،
جو جامـُـبوت جي ڌيءَ جامـَـبوَتي مان ڪرشن جو پٽ
هو، تنهن کي، اَسـُـور گهراڻي جي راجا
”باڻ“
جي شڪست بعد، ملتان جو راجا مقرر ڪيو ويو.
جامبـَـوَت، ڪرشن کي پنهنجي ڌيءَ سان گڏ
”سيـَـمـَـنتـَـڪَ
مـَـڻ“
(هڪ هيرو يا طلسمي پٿر) ڀيٽا طور ڏنو هو
”جو روزانو اٺ بهارون
(Bhars)
سون جون پيدا ڪندو هو“
(وشنو پراڻ، حال جي ايڊٽ ڪيل ولسن جو انگريزي
ترجمو، 6 x76-79).
سامب کي دُرواسـَـس نالي فقير جي بد دعا سبب ڪوڙهه
جي بيماري ٿي پئي، جنهن تي”نارَدَ“
جي صلاح موجب هو وڃي مـِـتر- وَنَ جي وڻن ۾ ويٺو،
۽ مـِـترَ (سورج ديوتا) جي مسلسل پوڄا سبب هن کي
ڪوڙهه کان نجات ملي. پوءِ هن مـِـترَ يعني سورج
ديوتا جي پوڄا لاءِ هڪ مندر ۾ سونو بت کڙو ڪيو، ۽
اهڙيءَ طرح مناسب، سج جي پوڄا جي شروعات ڪئي
(ڀاوَشـِـيهَ پـُـراڻ، بحواله حاشيه ولسن- ايضاً، 5x381، عمل 10: 381: پڻ ڪينگهام، هندستان جي قديم جاگرافي، ص
33-232). بيروني پڻ لکيو آهي ته ملتان جو هڪ قديم
نـــالــو
”سامبـَـپـُـرَ“
يعــني
”سامب
جو شهر“
هـــو (انڊيــا، ترجمو ســخــاؤ، 1 x296).
وري ٻئي هنڌ (ايضاً
2
x184)
لکي ٿو ته
”ملتان جي هندن جي هڪ وڏي ڏينهن جو نالو
”سامبـَـپـُـرَ
ياترا“
آهي، جو هو سج جي نمشڪار ۽ پوڄا پاٺ طور ملهائيندا
آهن.“
(هوڙي والا ص 98-99).
251/
]239[ مـَـنـَـرَوِي
]بتخانو[:
فارسي ڇاپي ۾ هيءُ لفظ
”مستروي“ ڪري لکيل آهي مگر فتحنامي جي قلمي نسخن
جي پڙهڻين جي آڌار تي اسان
”منروي“ پڙهڻي اختيار ڪئي آهي، جنهن لاءِ متن ص
251 ڏسڻ گهرجي.
هيٺين دليلن مطابق صحيح لفظ به يقيني طور
”منروي“
آهي، جو ملتان جي مندر جو نالو هو: (1) هن کان اڳ
واري نوٽ موجب قديم هندو پراڻن جي بيانن مان تصديق
ٿئي ٿي ته ملتان وارو مندر
”سورج ديوتا“
جو مندر هو ۽ سورج ديوتا جي پوڄا لاءِ قائم ڪيو
ويو هو.(2) محقق بيروني پنهنجي وڌيڪ ڪيل تحقيق جي
بنياد تي لکيو آهي ته
”هندستان
جي مشهور بتن مان هڪ ملتان وارو بت آهي، جنهن جو
نالو سج جي نالي پويان آهي ۽ انهيءَ ڪري ان کي
”آدت“ سڏجي ٿو“
(ڪتاب الهند، عربي متن، ص 56 ۽ ڪتاب الجماهر ص
49). (3) هاڻي،
”منروي“
جو خود سنسڪرت نالو ئي انهيءَ حقيقت جي تصديق ڪري
ٿو: من=
دل، روح، ڄاڻ، ٻوجهه، ويچار، ڄاڻ ۽ ٻوجهه جو مرڪز.
(”من“
مان نڪتل اصطلاح: دل لڳائڻ، برگزيدو سمجهڻ: عبادت
۾ ياد ڪرڻ). رَوِي
=
سج يا سورج ديوتا- سج جو قديم نالو- سج جي ٻارهن
”آدِتين“
مان هڪ آدتيه (سنسڪرت ڊڪشنري
Sir Monier- William.
انهيءَ ڪري منروي (من + روي) جي معنيٰ ٿي سج جي
(ٻارهن عادقـِين مان) هڪ آدتيه جي پاٺ پوڄا جو
مرڪز، يا مجموعي طرح سان
”سورج
ديوتا جي عبادتگاهه.“
ابن
رسته (ص 136) لکي ٿو ته: (مقامي ماڻهو)
”چون
ٿا ته هيءُ بت ٻه هزار ورهيه اڳ جو آهي.“
محقق بيروني (ڪتاب الهند ص 56) لکي ٿو ته:
”سندن
(مقامي ماڻهن) خيال ۾ هيءُ بت
”ڪرتا
جڳ“ ۾ بنايو ويو ۽ انهيءَ حساب سان هن وقت
(پنجين صدي هجريءَ جي اوائل) تائين ان کي 216432
سال گذري چڪا آهن.“ (ن-ب)
252/
]239[ سون جو ٺهيل بت ڏٺائين، جنهن جون اکيون ڳاڙهي ياقوت مان
ٺاهي سندس منهن ۾ رکيل هيون: هن صفحي تي توڙي هن
کان اڳ واري صفحي تي ڄاڻايل آهي ته هيءُ بت سون جو
هو. مگر محمد جي فتح وقت غالباً
اهو سونو بت موجود نه هو. محمد بن قاسم، پنهنجي
فراخدليءَ واري پاليسي موجب انهيءَ بت کي انهيءَ
اصلوڪي سالم حالت ۾ ڇڏيو (ڏسو هيٺ، نوٽ ص 357) ۽
بعد ۾ اصطخري، ابن حوقل ۽ مقدسي، جن چوٿين صديءَ
جي وچ ڌاري هن بت کي ڏٺو تن جو بيان آهي ته
”سڄو
بت هڪ قسم جي چمڙيءَ سان ڍڪيل آهي جا ڄڻ ٻڪريءَ جي
ڳاڙهي ڳاڙهي رڱيل کل يا ڳاڙهي سجنابي ڪپڙي مثل
معلوم پئي ٿي. سواءِ اکين جي جسم جو ڪو به حصو نظر
نٿو اچي. ڪي چون ٿا ته ڪاٺ جو ٺهيل آهي ۽ ڪي ان
راءِ جي مخالف آهن“
(اصطخري ص 174، ابن حوقل ص 229 ۽ مقدسي ص 283).
بيروني کي پنجين صديءَ جي شروع ۾ تحقيق ڪندي معلوم
ٿيو ته هيءُ بت ڪاٺ جو ٺهيل هو ۽ سڄو ٻڪري جي
ڳاڙهي رڱيل چمڙيءَ سان ڍڪيل هو ۽ سندس اکين ۾
ڳاڙها ياقوت لڳل هئا (ڪتاب الهند، عربي متن ص 56).
هيءُ بت بيرونيءَ کان اڳ تباهه ٿي چڪو هو، مگر
اکين ۾ ڳاڙهن ياقوتن بابت سندس تحقيق بالڪل
فتحنامي ۾ ڏنل حقيقت مطابق آهي، جنهن جي تصديق پڻ
اصطخري (ص 174 ابن حوقل (ص 229) ۽ مقدسي (ص 283)
جي اکين ڏٺل بيان مان ٿئي ٿي ته مورتيءَ جي اکين
جي جاءِ تي ٻه جوهر لڳل هئا. غالباً
فتحنامي جي فارسي مترجم ئي وڌاءُ خاطر هن بت کي
سون جو بت ڪري ڄاڻايو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو بيان جملي
اکين ڏٺل بيانن جي خلاف آهي. (ن- ب)
(وڌيڪ پڙهو) |