سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :8

ص 135[107]/: هن صفحي تي ”ڪارمتي“ ۽ ”ندمتي“ لفظن جي تشريح مترجم طرفان ڪيل آهي ۽ لکي ٿو ته: ”ڪارمتي يعني گل شور“ (کاري مٽي) ۽ ندمتي يعني گل سمين“ (چانديءَ جهڙي مٽي). سندس انهن فقرن تي ص 458 تي ڏنل حاشيي ۾ روشني وڌي وئي آهي.

ص 189/[171]: هت لفظ ”نيم نيزه“ جي تشريح ۾ لکي ٿو ته ”لوهو دستو جنهن کي سيل به چوندا آهن“ ۽ وري ص 195/ [178]: تي به ساڳي لفظ جي وضاحت ڪندي لکيو اٿس ته ”لوهه جا دستا جنهن کي هندو سيل چوندا آهن.“

ص 229/[217]: هن صفحي تي شهر برهمڻ آباد جي وضاحت ۾ چيل آهي ته  برهمڻ آباد يعني بابراه. ”يعني بابراه“ وارو فقرو مترجم طرفان آهي ۽ هن صحيح طور برهمڻ آباد جو مقامي نالو ”بابراه“ (يعني ٻانڀڻاه) ڏنو آهي جيئن ته اسان ص 336 تي ڏنل حاشيي ۾ ان جي وضاحت ڪئي آهي.

مٿيان جملي اضافا مترجم علي ڪوفي پنهنجي فارسي ترجمي ۾ رنگين بياني، عبارت آرائي، يا تشريح خاطر ڪيا آهن ۽ سندس نقطه نگاه کان هو ان ۾ حق بجانب آهي. البت انهن اضافن اصل صحيح ۽ معتبر عربي تاريخ جي ڪتاب کي افسانوي رنگ ڏنو آهي، ۽ ان جي قدر ۽ قيمت کي سطحي محققن جي نظر ۾ البت گهٽايو آهي. تنهن هوندي به گهري نظر سان مترجم جي انهن اضافن کي پرکي سگهجي ٿو ۽ ڪتاب جي اصليت کي پروڙي سگهجي ٿو.

انهن اضافن کان علاوه، مترجم علي ڪوفي کان ڪي ڪميون عمداً توڙي سهواً واقع ٿيون آهن جن جي تلافي مشڪل آهي. هيٺين ڪمين، خاص طور اصل عربي ڪتاب جي صحت تي وڏو اثر وڌو آهي:

(1) مترجم علي ڪوفي اصل ڪتاب جو نالو نه ڏنو ۽ ان جي بدلي پنهنجي فارسي ترجمي لاءِ پر تڪلف نالو تجويز ڪيو. انهيءَ اصولي اوڻاين نه صرف اصل عربي ڪتاب جي نالي کي محو ڪري ڇڏيو بلڪ آئيندي لاءِ ان جي جڙتو نالن لاءِ ميدان کولي ڇڏيو، جنهن جو بيان مٿي اچي چڪو آهي.

(2) مترجم، اصل عربي ڪتاب ۾ مختلف بيانن بابت راوين جي سـَـنـَـدن وارن سلسلن کي ڪيترن ئي جاين تي غير ضروري سمجهي ڇڏي ڏنو آهي ۽ راوين جي نالن ڏيڻ بدران محض ”راوين“ يا لکندڙن  جهڙا مبهم لفظ ترجمي ۾ رکيا آهن، مثلاً:

ص 62        ڪتاب جي شروعات ۾ ئي راوين جا نالا حذف ڪري هنن مبهم لفظن سان شروع ڪري ٿو ته:  خبرن جي راوين ۽ تاريخ جي مصنفن هن طرح بيان ڪيو آهي- الخ“.

ص 72        هن داستان جو مصنف ۽ هن بوستان جو مصنف هن طرح روايت ٿو ڪري- الخ“ (چچ جي راڻيءَ سونهن ديوي سان شادي بابت).

ص 79        ”هن فتح جي ڳالهه لکندڙ هن طرح چيو آهي- الخ“ (چچ جو ڪشمير کان اروڙ ۾ واپس اچڻ بابت).

 ص 105 ”هنن خبرن جي راوين ۽ هنن روايتن جي ڄاڻن هن طرح بيان ڪيو آهي- الخ“ (عهد اسلام ۾ فتحن جي شروعات بابت).

ص 107 ”هن روايت جي ڪن راوين ۽ هن داستان جي ڪن لکندڙن بيان ڪيو آهي- الخ“ (حضرت عثمان رضه جي ڏينهن ۾ فتحن بابت).

ص 123 ”خبرن ۾ تصرف ڪندڙ ۽ روايتن جا تفسير ڪندڙ هيئن ٿا چون-الخ“ (محمد بن قاسم جي سنڌ جي محاذ تي مقرري بابت).

ص 163 ”هن ڳالهه جي راوي چيو ته- الخ“ (علاقيءَ جي ڏاهر کي نصيحت بابت).

ص 190 هنن ڪنوارين (حڪايتن) جي سينگاريندڙن هن طرح روايت ڪئي آهي ته- الخ“ (10- رمضان تي محمد بن قاسم ۽ ڏاهر جي جنگ بابت).

انهن حذف ڪيل سـَـنـَـدن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته اسان جي فارسي مترجم کي تاريخي ســَـندَن جي اهميت جي پوري ڄاڻ نه هئي. ڀانئجي ٿو ته اصل سـَـنـَـدن ۾ ڏنل ٺيٺ عربي نالن کي ڪڍي، اجمالي طور مٿين سهڻن لفظن وارن جملن لکڻ سان مترجم ڪتاب جو زيب و زينت وڌائڻ ٿي گهريو. مٿين جاين مان ڪتاب جي شروعات،اسلامي فتحن جي شروعات وغيره اهڙا مقام آهن جن تي عربي تاريخ جي اصول موجب سندون تفصيل سان بيان ٿيل هونديون. غالباً مترجم اهي ســَـندَن جا خاص ڊگها سلسلا محض عبارت آرائي خاطر حذف ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته ٻين جاين تي جتي هڪ يا ٻن راوين جا نالا آهن  ته اهي قائم رکيا اٿس. ممڪن آهي ته انهن مان ڪن جاين تي، خصوصاً اسلام کان اڳ وارن بيانن (مثلاً چچ جي راڻي سونهن ديوي سان شادي) لاءِ، ســَـندَن جا سلسلا نه به هجن، مگر عهد اسلام وارين ســَـندَن جي حذف هئڻ سبب اها پرک به مشڪل ٿي پئي آهي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ص 105 تي ”عهد اسلام ۾ فتحون“ واري اهم باب جي شروعات ســَـندَن  جي سلسلي کان خالي نه هوندي، ڇاڪاڻ ته بلاذري به هوبهو انهيءَ طرح شروعات ڪري، اهو بيان ”علي بن محمد بن عبدالله بن ابي سيف“، يعني المدائني جو سڄو نالو آڻي سندس زباني بيان ڪيو آهي.

بهرحال ســَـندَن جا سلسلا ڇڏي ڏيڻ واري ڪمي هڪ وڏي اوڻائي آهي، جا مترجم کان واقع ٿي آهي. سندس انهن بالڪل مبهم ”روايتن“ سبب ڪتاب جي اصليت تي قدري پردو پئجي ويو آهي، ۽ محقق ۽ موضوع بيانن کي پرکڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ان کان سواءِ ڪتاب جي شروعات واري روايت ۾ اصل مصنف جي نالي هجڻ جو پڻ گمان آهي، پر مترجم جي هن خالي عبارت آرائي سبب اها حقيقت پڻ محو ٿي وئي آهي.

(3) جتي ســَـندَن جا سلسلا قائم رکيا اٿس، اتي به معلوم ٿئي ٿو ته ســَـندَن کي مڪمل طور نه ڏنو اٿس، مثلاً هيٺيون ٻه روايتون غور طلب آهن:

1- ص 108: هذلي ڳالهه ڪئي آهي (حضرت علي رضه جي خلافت ۾ حارث بن مـُـره جي مڪران ۾ جنگ بابت).

2- ص 111: هن تاريخ جي سلجهائيندڙن، هذلي ۽ عيسيٰ بن موسيٰ کان روايت ڪئي آهي ۽ پنهنجي پيءُ کان ٻڌو (سنان بن سلمه جو محاذ هند تي مقرر ٿيڻ).

پهرينءَ روايت ۾ صرف ”هذلي“ جو نالو کنيو ويو آهي مگر جنهن کان ”هذلي“ هيءَ خبر ٻڌي يا جنهن کي ”هذلي“ هيءَ خبر ٻڌائي، تن ٻنهيءَ جا نالا روايت ۾ حذف ڪيا ويا آهن: يعني ته سـَـندَ جي سلسلي جو پهريون حصو حذف ڪيو ويو آهي. خود فتحنامي ۾ ڏنل هيٺين ٻن روايتن جي سـَـندَن جا سلسلا ثابت ڪن ٿا ته سنڌ جي روايتن جي سلسلي ۾ ”هذلي“ وچ واري ڪڙي آهي ۽ انهن روايتن ۾ کانئس اڳ توڙي پوءِ جي راوين جو هئڻ ضروري آهي.

ص 109: ابوالحسن، هذلي کان روايت ڪئي آهي ۽ هن مسلمة بن محارب بن زياد کان ٻڌو (عبدالله بن سوار جو محاذ هند تي مقرر ٿيڻ).

ص 112: ابوالحسن، هذلي کان ٻڌو ۽ انهي ”اسود“ کان روايت ڪئي (راشد  جو محاذ هند تي مقرر ٿيڻ).

هنن مثالن مان ظاهر آهي ته غالباً فارسي مترجم جي بي احتياطي سبب سـَـندن جا سلسلا ناقص رهجي ويا آهن، جنهن ڪري تحقيقي نقطهِّ نظر کان هڪ وڏي ڪمي پيدا ٿي پئي آهي. اهڙا مثال ٻيا به ڪافي آهن.

(4) ترجمي ڪرڻ وقت مترجم کان سهواً به ڪي اصل عربي عبارتون ڇڏجي ويون آهن، جنهنڪري ترجمي ۾ پڻ خلل ۽ خال رهجي ويا آهن. عبارتن جي صورتخطي واريون اوڻايون پوءِ جي ڪاتبن جي بي احتياطي يا اڻ ڄاڻائي سبب واقع ٿيون آهن، مگر کٽل عبارتون مترجم جي سهوَ جوئي نتيجو آهن ڇاڪاڻ ته ڪتاب جي فارسي ترجمي وارن جملي قلمي نسخن ۾ اهي عبارتون کٽل آهن، مثلاً:

1- ص 112-111/ [81]: سنان بن سلمه ۽ احنف بن قيس وارو ذڪر

2- ص 146/ [221]: ڪاڪي ڪوتل جي خاندان جو ذڪر

3- ص 217/ [203]: علافي (يا جيسينه؟) جو ڪشمير ڏانهن وڃڻ وارو ذڪر

4- ص 229/ [217]: محمد بن قاسم، قتيبہ ۽ جهم بن زحر وارو ذڪر

5- ص 245[233]/: جيسينه جو ڪشمير ڏانهن وڃڻ وارو ذڪر

انهن ناقص عبارتن مان محض پهرئين ۽ چوٿين عبارت جي تصحيح مشڪل سان ٻين ڪتابن جي آڌار تي ٿي سگهي آهي مگر ٻين عبارتن جي تصحيح امڪان کان ٻاهر آهي. هن اهم تاريخي ڪتاب جا اهي خال ۽ خلل نهايت ئي قيمتي تاريخي معلومات تي دائمي حجاب آهن.

فارسي ترجمي جي اهميت: باوجود مترجم جي اوڻاين جي، سندس هن فارسي ترجمي جي تاريخي توڙي ادبي اهميت مسلم آهي. مترجم، اصل عربي ڪتاب جو فارسي ۾ ترجمو ڪري اوائلي اسلامي- هندي تاريخ تي عموماً ۽ سنڌ جي تاريخ تي خصوصاً هڪ جوڏو احسان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اصل عربي ڪتاب جي غيرموجودگيءَ ۾ ”فتحنامه“ ئي انهيءَ آڳاٽي تاريخ جو اڪيلو سرچشمو آهي: نه فقط ايترو مگر غالباً هيءُ پهريون ڪتاب آهي جو سنڌ جي سرزمين ۾ سنڌ ۽ هند جي تاريخ بابت تيار ڪيو ويو. ان کان سواء ”فتحنامه“ انهن چند تاريخي ڪتابن مان آهي جي آڳاٽو عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيا. ”بلغمي“ پهريون شخص هو، جنهن 350 ۽ 360هه جي وچ ڌاري تاريخ طبري جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. ”تاريخ سيستان“ ٻيو ڪتاب آهي، جنهن جو ڪافي مواد عربيءَ مان ترجمو ٿيل آهي، مگر اهو ڪتاب دراصل فارسيءَ ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو ويو: ان کان سواءِ صرف ان جو پهريون ڀاڱو ”فتحنامه“ کان اڳ سنه 445-448 هه ڌاري لکيو ويو، مگر ان جو ٻيو ڀاڱو ”فتحنامه“ بعد سنه 725 هه ڌاري تاليف ڪيو ويو.(1)  ٽيون ”ڪتاب الفتوح“ احمد بن اعثم ڪوفي خليفي هارون رشيد جي دؤر تائين فتحن بابت لکيو(2) ، جنهن جو فارسي ترجمو محمد بن احمد المستوفي“ الهروي سنه 596 هجريءَ ۾، يعني ته فتحنامي کان 17-18 سال اڳ ڪيو (3) ۽ جن حالتن ۾ هيءُ  ترجمو ڪيائين، اهي ذري گهٽ علي ڪوفي جهڙا هئا: يعني ته مترجم جو ضلع بوشنج ۾ هيءُ ڪتاب ترجمو ڪرڻ، ۽ خراسان جي وزير مؤيدالملڪ قوام الدوله والدين افتخار اڪابر خوارزم و خراسان جو سندس مربي هئڻ. علي ڪوفي به ڄڻ ساڳين حالتن ۾ سندس نقش قدم تي هليو ۽ 17 سالن بعد 613هه ۾ ”فتحنامه“ ترجمو ڪيائين. بهرحال ”فتحنامه“ انهن چند تاريخي ڪتابن مان چوٿون نمبر آهي جي آڳاٽي وقت ۾ عربي مان فارسيءَ ۾ ترجما ٿيا.

ادبي نقطه ِّ نظر سان پڻ ”فتحنامه“ فارسي نثر جي بلڪل آڳاٽن ڪتابن مان آهي ۽ هندستان جي فارسي ادب ۾ غالباً فارسي نثر جو پهريون ڪتاب آهي. ان جو اسلوب بيان سادو ۽ سلوڻو آهي. عوفي پنهنجو ”لباب الالباب“ فتحنامه جي تاليف کان فقط ٽي- چار سال کن پوءِ سن 617 هه ڌاري لکيو ۽ ان کي سلطان ناصرالدين جي ساڳئي وزير عين الملڪ فخرالدين حسين جي نالي سان منسوب ڪيائين، جنهن جي نالي علي ڪوفي ”فتحنامه“ کي منسوب ڪيو. يعني ته عوفي توڙي علي ڪوفي ساڳئي دؤر جا آهن، مگر ”فتحنامه“ جي مقدمي کي ”لباب الالباب“ جي مقدمي سان ڀيٽ ڪندي واضح ٿئي ٿو ته عوفي جي اسلوب بيان ۾ ڪافي تڪلف ۽ تصنع آهي ۽ ان جي برعڪس علي ڪوفي جو اسلوب بيان وڌيڪ صاف، سادو ۽ پـُـراثر آهي.

فارسي ترجمي بعد ان جي اشاعت

علي ڪوفي سنه 613هه (1216ع) ۾ تصنيف ۽ تاليف ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ انهيءَ سال يا ٻئي سال ستت ئي ”فتحنامه“ وارو فارسي ترجمو تيار ڪيائين. جيئن ته اهو ترجمو سلطان ناصرالدين قباچه جي وزير عين الملڪ فخرالدين حسين جي نالي منسوب ڪيائين، انهيءَ لاءِ ته سندس ”بلند درگاه ۾ ويجهڙائي حاصل ٿئي“، گمان غالب آهي ته علي ڪوفي پنهنجي ترجمي جو هڪ نسخو کڻي وڃي اُچ ۾ (جو سلطان ناصرالدين جي گاديءَ جو هنڌ هو) وزير عين الملڪ جي خدمت ۾ پيش ڪيو هوندو. ممڪن آهي ته هڪ نسخو اروڙ- بکر جي قاضين کي ڏنو هجيس، جن جي اصل عربي ڪتاب تان ”فتحنامه“ ترجمو ڪيو هئائين، ۽ اهڙو ڪو هڪ نسخو پاڻ وٽ به رکيو هجيس. مگر جيئن ته ترجمي وقت (سنه 613 هه) به سندس عمر 58 ورهيه هئي ۽ ان بعد ٻين مصنفن جي ڪتابن خواه سلطان ناصرالدين جي درٻار جي معزز درٻاري عالمن فاضلن ۾ سندس ذڪر نٿو ملي، انهيءَ ڪري ڀانئجي ٿو ته علي ڪوفي ان بعد ڪو گهڻو وقت جيئرو ڪونه رهيو ۽ انهيءَ ڪري فتحنامي جا قلمي نسخا به غالباً محدود ئي رهيا.

”فتحنامه“ جو جهوني ۾ جهونو قلمي نسخو جو هن وقت تائين دريافت ٿي چڪو آهي، سو سنه 1061 هه جو لکيل آهي ۽ پنجاب يونيورسٽي لئبرريءَ ۾ محفوظ آهي. باقي جملي نسخا 1230 هه کان پوءِ جا لکيل آهن.

تعجب آهي ته سنه 613 هه کان وٺي سنه 1061هه تائين، يعني ته تقريباً ساڍن چئن سوَن واري انهيءَ عرصي جو ڪوبه قلمي نسخو هن وقت تائين نه مليو آهي. البت سلطان فيروز شاه طرفان ملتان جي گورنر عين الملڪ ماهرو جي لکيل خطن جي مجموعي ”منشات ماهرو“(1) ۾ هڪ اهڙو حوالو موجود آهي جو غالباً ”فتحنامه“ تان ورتل آهي. ”منشات ماهرو“ ۾ عين الملڪ طرفان سنڌ جي سمن حاڪمن ڄام ٻانڀڻي (بانهبنيہ) ۽ ڄام جوڻي ڏانهن لکيل خط موجود آهن، جي اندروني شهادتن جي بنياد تي، تقريباً 761-765 هه واري عرصي ۾ لکيل آهن. ڄام ٻانڀڻي سنڌ ۾ پنهنجي خود مختار حڪمراني قائم ڪرڻ ٿي چاهي ۽ انهيءَ ڪري دهليءَ جي مرڪزي حڪومت جي مخالف ڪندو رهيو. انهيءَ ڪري عين الملڪ پنهنجي هڪ جوابي خط ۾ سندس مخالفت ۽ عهد شڪنيءَ جو ذڪر ڪندي کيس طعنو ڏنو آهي ته اها سنڌين جي قديم عادت آهي، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ راجا ڏاهر جي ٻن ڌيئرن جي محمد بن قاسم خلاف سازش ۽ دغا واري ڳالهه مثال طور آندي اٿس. جيئن ته اها ڏند ڪٿا دراصل سواءِ فتحنامي جي ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڏنل ڪانهي، انهيءَ ڪري گمان غالب آهي ته ”فتحنامه“ عين الملڪ ماهرو جي نظر مان گذريو هو ۽ شايد ڄام ٻانڀڻيـو به ان مان واقف هو، جو عين الملڪ ان حڪايت کي مشهور سمجهي ڏانهنس لکيل خط ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. بهرحال هن حوالي سان قدري تصديق ٿئي ٿي ته ڪتاب جي فارسي ترجمي (613هه) کان تقريباً ڏيڍ سؤ سال پوءِ (761-765هه) به هن ترجمي جا قلمي نسخا ملتان توڙي سنڌ ۾ موجود هئا.

ان بعد وري تقريباً اڍائي سؤ سال پوءِ، يارهين صدي هجريءَ جي اوائل ڌاري فتحنامي جي قلمي نسخن جي موجودگيءَ جو ثبوت ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته طبقات اڪبري (تصنيف سنه 1002هه)، تاريخ معصومي (تصنيف سنه 1009هه)،  تاريخ فرشته (تصنيف سنه 1015هه)، بيگلارنامه (تصنيف سنه 1017هه) ۽ زبدهِ التواريخ (تصنيف سن 1014-1025هه) جي مصنفن ان مان سنڌ جي اوائلي تاريخ بابت واقعا نقل ڪيا آهن.

ان بعد وري سؤ سال کن پوءِ، ٻارهين صديءَ جي اوائل ۾”تاريخ مفضلي“ (تصنيف سنه 1124-1131هه)(1) جي مؤلف مفضل خان، ۽ ٻارهين صديءَ جي آخر ۾ ”تحفته الڪرام“ (تصنيف 1182هه) جي مصنف مير علي شير قانع، فتحنامي مان سنڌ جي اوائلي تاريخ ۽ محمد بن قاسم جي فتحن بابت واقعا نقل ڪيا آهن.

فتحنامه جا ترجما: انهن آڳاٽن مؤرخن بعد موجوده عالمن ۽ مؤرخن گذريل صدي ۽ هن صديءَ ۾ ”فتحنامه“ جي ترجمن طرف توجهه ڏنو ۽ سڄي ڪتاب يا ان جي ڪن حصن جا انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۾ هيٺيان ترجما ڪيا:

(الف) ليفٽيننٽ ٽي.پوسٽنس (T.Postans) غالباً پهريون شخص هو، جنهن انگريزي زبان ۾ سنه 1838ع ۽ سنه 1841ع ۾ ”جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال“ ۾ هن ڪتاب جو مختصر ترجمو شايع ڪيو(2). اها شروعاتي ڪوشش هئي، انهيءَ ڪري پوسٽنس جو ترجمو ڪافي ناقص آهي(3).

(ب) ان بعد اليٽ، سڄي ڪتاب جا خاص تاريخي حصا ترجمو ڪيا(4). مگر ماڻهن ۽ ماڳن جي نالن جي تحقيق ۾ سندس ترجمي ۾ پڻ نقص رهجي ويا، جن تي محقق هوڙي والا پنهنجي ڪتاب ”هندي- مسلم تاريخ بابت مطالعات“
(ص 80-100) ۾ تنقيدي روشني وڌي آهي.

(ج) ان بعد سنڌ جي مشهور اديب مرزا قليچ بيگ پهريون دفعو سڄي ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جو ڪراچيءَ ۾ ڪمشنر جي پريس مان سنه 1900ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. مرزا صاحب پنهنجي ترجمي جي تمهيد، مؤرخ 20-نومبر 1900ع ۾ لکي ٿو ته ”ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ ۾ مون کي ڪافي تڪليفون پيش آيون. منهنجي قلمي نسخي ۾ ايتريون ته چڪون ۽ خال هئا، جو مون کي ڪتاب جا جيترا ٿي سگهيا اوترا ٻيا قلمي نسخا هٿ ڪرڻا پيا. انهيءَ لاءِ ته پنهنجي نسخي کي انهن سان ڀيٽي غلطين جون درستيون ڪريان ۽ خالن کي ڀريان. مون کي حيدرآباد، ٺٽي، سکر ۽ شڪارپور مان دوستن جي مهربانيءَ سان 7 يا 8 نسخا هٿ آيا، ۽ ان بعد ڪافي محنت ۽ ڪاوش سان، ۽ عربي عالمن جي مدد سان، مون (عبارت جون) درستيون ڪيون، ۽ جيترو ٿي سگهيو اوترو خال ڀريا (مگر بدقسمتيءَ سان سڀني قلمي نسخن ۾ چڪون ۽ خال هئا). ان بعد مون ڪتاب جو ممڪن حد تائين لفظ بلفظ ترجمو ڪيو.

مون ڪافي حاشيا ۽ حوالا پڻ ڏنا آهن، جي مفيد ثابت ٿيندا. ان کان سواءِ مشترڪ واقعن بابت مون تاريخ معصومي ۽ تحفته الڪرام جي بيانن جا اقتباس پڻ ڀيٽ خاطر ڏنا آهن. قرآن شريف جي آيتن لاءِ رڪوع ۽ سورتن جا حوالا مون سيل (Sale)  جي انگريزي ترجمي تان ڏنا آهن، ۽ رچرڊسن جي ٽيبل تان مون هجري سالن جا مسيحي سال درج ڪيا آهن.“

مرزا صاحب جي مٿئين بيان مان ظاهر آهي ته سندس ڪوشش هن ڪتاب جي مڪمل ۽ ممڪن حد تائين صحيح انگريزي ترجمي لاءِ پهرين ڪوشش هئي.ان کان علاوه مرزا صاحب پنهنجي ترجمي جي آخر ۾، ماڻهن ۽ ماڳن جي نالي جي الف-بي وار فهرست پڻ شامل ڪئي آهي، جا موجوده طرز تحقيق جي نقطه ِّ نظر کان هڪ قابل قدر اضافو موجود آهي.

انهيءَ اهتمام هوندي به مرزا صاحب جو انگريزي ترجمو ڪافي تصحيح جو محتاج آهي. مرزا صاحب جن ستن اٺن قلمي نسخن کي سامهون رکيو هو،  تن جي ڪابه وضاحت ڪانه ڪئي اٿس، جو اندازو لڳائجي ته اهي نسخا ڪيتري قدر معتبر هئا. خود سندس راءِ موجب ”سڀني قلمي نسخن ۾ چُڪون ۽ خال هئا“، ۽ انهيءَ ڪري ئي غالباً  مرزا صاحب جي ترجمي ۾ ماڻهن ۽ ماڳن جي نالن خواه عبارتن ۾ ڪافي غلطيون رهجي ويون آهن.

(د) انڊيا آفيس لنڊن واري قلمي نسخي تان، سنڌ جي مير صاحبن جي اهتمام سان فتحنامي جو هڪ سنڌي ترجمو ٿيو جو ڪافي عرصي تائين هزهائينس مير نورمحمد خان (حيدرآباد) جي ڪتبخاني جو زيب و زينت رهيو، ان بعد اهو ترجمو مرحوم خداداد خان مصنف ”لب تاريخ سنڌ“ جي ملڪيت بنيو، ۽ هن وقت محترم محمد حنيف صاحب صديقي وٽ محفوظ آهي.


 

(1)  ڏسو ”تاريخ سيستان“ طبع طهران سنه 1314 شمسي، مقدمه ص ”و“

(2)  ڏسو ياقوت، معجم الادباء (گب ميموريل) جلد 1 ص 379، ۽ لسان الميزان“، مطبوع حيدرآباد دکن، جلد 1، ص 138

(3)  ڏسو فهرست ريو (Rieu) جلد 1، ص 151، ۽ پڻ ”فتوحات اعثم ڪوفي“، مطبوع بمبئي.

(1)  مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ تاريخ جي پروفيسر محترم شيخ عبدالرشيد کان هڪ خط آڳاٽو پهتل آهي، جنهن ۾ هن صاحب لکيو آهي ته هن ”منشات ماهرو“ کي ايڊٽ ڪيو آهي ۽ ڪتاب زير طبع آهي.

(1)  ڏسو فهرست ريو (Rieu)، جلد 2، ص ص 892-893

(2)  ڏسو ”جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال“، جلد-7 (No. LXXIV) سال 1838ع، ص ص 93-96 ۽ x297-310، ۽ جلد-10 (No. CXI) سال 1841ع، ص ص 183-197 ۽ 267-271

(3) ڏسو اليٽ جي تاريخ، مقامي مؤرخن جي زباني، جلد 1، ص 137

(4)  ايضـاً جلد 1، ص ص 131-211.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org